شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

وري بک کٽي وئي

بُک ۾ پاهه نينگريون...
ڏسي روئي پئي هئي ماءُ!
وري بُک کٽِي وئي...!
هارائي وئي هئي ماءُ...!
گهوريو هو ساهه سدا جنهن،
ورتا انهيءَ پساهه...!
پٿر بڻيو سماج،
بيٺو ڏسي لڪاءُ...!
بُک در ڀڳو سندس هو...
ڪٽائجي ڪنهن تي ايف آءِ آر؟
ٿي ڪڏهن ڌوڪي ٻار درياهه ۾...
ڪڏهن زهر پيالو تيار...!
ڇا ممتا ۾ اچي وئي کوٽ آ؟
يا چَري آهي خود تي شرمسار...!
ڪنهن کي ڪڙيون هڻون؟
بک کي...؟
يا واڙي وڃي هڪ ماءُ...؟


(نوٽ: بهاولپور ۾ 2017-08-26 تي هڪ ماءُ پنهنجين ٻن ڌيئرن کي بُک کان مجبور ٿي زهر ڏنو، تي لکيل نظم)

Again Hunger Wins

Hunger-stricken young girls
Mother cries over
Again hunger wins
Mother is defeated
The one who has sacrificed her breaths ever
She killed her daughters
Stone-hearted society
Just spectator
Hunger broke her door
Whom to lodge FIR?
Sometimes she throws her children in river
Sometimes forces children to drink bowel of poison
Is there any dearth in motherhood
Or she is helpless or ashamed of herself
Who to handcuff?
To hunger?
Or a mother to be arrested?