شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

مون جڏهن وجود چاهيو

مون جڏهن وجود چاهيو،
ته ٻن وجودن جي گڏجڻ جو انتظار ڪيم...
اک کلندي ئي،
بک جي باهه وڪوڙي وئي...
پيار ڪندڙ ماءُ جو احسان کنيم...
هر قدم تي مون کي،
سهارو ٿي گهرجو...
سهارو ڏيندڙ...
مون کي پنهنجي،
سوچ به ڏيندا ويا...
منهنجي آزاد سوچن کي،
سماج جي فرسوده،
صليبن تي چاڙهيو ۽ ماريو ويو...!
۽ ايئن مون عقيده جوڙيا...
رشتن جا ريشمي ڄار،
مون کي جڪڙي ويا...
پوءِ به مان خوش هيس،
فطرت هٿڪڙيون هيون...
سماج ٻيڙيون پارايون...
مسڪرائيندي طوق پاتم...
خود کي پوءِ به آزاد ڄاتم...!
تون آزاد آهين،
چوڻ وارن کي
سچ ڄاتم!
آزاديءَ جي فريب ۾،
زندگيءَ جو قيد ڪاٽيم...!
منهنجو روح،
جسم جو قيدي رهيو...
سچ ڪوڙ جو قيدي رهيو...!
ذهن سافٽ ويئر بڻجي ويو...
پروگرامنگ ٻاهران ٿيندي رهي...!
منهنجو وجود منهنجو نه رهيو!
مان غلامن جي غلام رهيس...
پوءِ به مان خوش آهيان...!
ته مان آزاد انسان آهيان...!

When I Wanted Existence

When I wanted existence
Waited to unite two beings
As eyes opened
Hunger ingulfed me
I received gratitudes by loving mother
Those supported me forwarded their thoughts too
My free thoughts
Were killed & crucified
By obsolete society
This way I formed faiths
Silken mesh of relations
Captured me
Still was happy
Nature cuffed me
Society shackled my feet
Smiling wore yokes
Still felt myself free
Those who said you are free
Believed them
In the deception of freedom
Was imprisoned by life
My soul remained imprisoned by my body
Truth remained prisoner of lie
Mind became a software
Programming was being done externally
My own being was not mine
I was the slave of slaves
Still I am happy
That I am a free human