ڪهاڻي
پنهنجي ڪهاڻي ٻڌايان
تو مون سان ڪيو..
ڪهڙو وهنوار آهي!
وري پوءِ به رَلجي
هلي آهيان تو سان..
نه باغي هيس..
نه ئي قاتل هيس..
پوءِ به زنجيرن ۾،
جڪڙي رکيو تو ڇو آهي؟
ڏسي پنهنجا زيور
روئي دل ٿي منهنجي
هيءَ پازيب اڄ جي
ڪلهوڪي ٻيڙي آهي
نٿ جيڪا اڄ مان،
تولئه ٿي پايان...
سا ڪلهوڪي ناڪيل آهي
ڳلي ۾ ٿي پايان،
ڪيئي اڄ مان زيور...
صدين جا سي سوين
ڏنل تنهنجا ڳَٽَ آهن..
وڏي چاهه سان،
ٿي چوڙيان هي چوڙيون،
غلاميءَ جا تنهنجي
سي زَنجيرَ آهن...
ڏنئي ڏنڀ جيڪي،
پيشانيءَ تي منهنجي،
ٽڪو تنهن کي
نالو ڏئي اڄ ٿي پايان...
ڪهاڻيءَ جو انجام
ٿي لکڻ چاهيان...
ڏنل تحفا تنهنجا
ورائڻ ٿي چاهيان...
پاڻ کي اڄ سينگارڻ
علم سان ٿي چاهيان...
Story
Come hither
I want to tell you my story
What treatment you have given to me
Nevertheless I came along with you
Neither was rebel
Nor was Killer,
Then why have chained me
To see my ornaments
My heart cries
The anklet I wear today
Is fetter of yesterday?
Nose-ring I wear in your name
That is same bridle
Necklaces of many kinds I wear today are chains wearing since centuries
The bangles I wear with love
Are actually the chains
You enslaved me
The burns you gave on my forehead
Today I wear by giving names
Forehead ornament,
I want to pen climax of story
I want to return your all gifts
I want to beautify myself with knowledge.