شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

انمول

ڪجهه انمول ڏيڻ ٿي چاهيم،
جيڪو ساهن ۾ سدائين.
سانڍي رکين...
خوشبوءَ کي ڏٺم،
گُلَ مسڪرائڻ لڳا...
چيائون،
هي اسان جي درد
جو نچوڙ آ هي...
چنڊ کان چانڊوڪي گهريم،
چيائين،
هيءَ روشني،
سج جي ڏنل،
اُڌاري آ...
هوائن کان تو لاءِ
نرمي گهريم...
جواب ۾
هوا چيو...
هي ته
وهڪرو آ پيار جو...
ڪٿي بيهي نٿو سگهي...
آخر مان پنهنجي،
اندر جي سڀني.
احساسن ۽ جذبن،
کي گَڏي...
تن مان هڪ،
گلدستو جوڙيو...
ان کي دعائن جي،
ريشمي ڏور ٻڌي.
تنهنجي قدمن ۾،
رکان ٿي...

Precious

Wanted to give something precious
Which you could preserve in your breaths
Looked at the fragrance
Flowers were smiling
They answered
Its essence of our sorrows
Asked for moonlight to moon
He replied
This light is borrowed from Sun
Asked to air
Softness for you
It replied
Its flow of love
Which never stops
In the end
I collected
All colorful feelings of my being
And made a bunch of flowers
Tying it with ribbon of prayers
I am putting it in your feet.