شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

منهنجي عمر...

منهنجي عمر جي ڪَٿَ نه ڪائي،
اُڀَ آڪاش ۾ تارن جيڏي.
ٿڌڙي جيڪا هير لڳي ٿي،
اُنجي پيار ڇُهائن جيڏي.
ڌرتيءَ تي ساوڪ آ جڏهن کان،
ان جي سُڳنڌ، هڳائن جيڏي.
گرم هوائون برف پِگهارن،
وهندڙ جهرڻن، چشمن جيڏي.
ڌرتيءَ تي ساهه کنيو جنهن پهريون،
تن ساهن، پساهن جيڏي.
منهنجي عمر کي ڇا تون ڄاڻين،
خالق جي تخليق خيالن جيڏي.

My Age…

My age is unknown
Its equal to stars in sky,
The cold air that blows,
It’s equal to its touch,
The day greenery is on the earth,
Is equal to its fragrance and aroma,
Hot weather melts glaciers,
My age is equal to waterfalls & streams,
Who breathed first time on the earth,
Is equal to its breaths,
How you can know about my age,
Its equal to the ideas of creator.