شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

ايئن نه چئو

ايئن نه چئو رڳو انسان آهين،
اندر ۾ خلق جو جَهان آهين.
ڪڏهن ٿو رهئي اندر ۾ انسان،
ڪڏهن خوني بگهڙ جو مڪان آهين.
ڪڏهن پيار تنهنجي اندر هڻي ڇوليون،
ڪڏهن واريءَ سندو ريگستان آهين.
ڪٿي لومڙ بڻجي ويهي ٿو رهين،
اهڙن داءُ پيچن جو امڪان آهين.
رکي من ۾ نفرت صديون ٿو جيئين،
ڪاريهر کي نفرت ڏيندو دان آهين.
شڪاري اندر ۾ ازل کان ٿئي ويٺل،
ڪندو انهيءَ پيشي تي گذران آهين.
ڪڏهن رحم ايڏو اندر هڻئي ڇوليون،
لڳندو آ ڪوئي رحمان آهين.
حقيقت آ واضح ٿي هاڻي اها،
ته بس تون حالتن جو غلام آهين.

Don’t Claim
Don’t claim you’re only a human
Inside a complete world you are
Sometimes a human resides within
Sometimes a ferocious wolf resides within
Sometimes love arrises like waves
Sometimes you are like a desert
Somewhere sit like cunning fox
Such tactics you uses often
Keeping hatred in heart live centuries
Grant antipathy to cobras
A hunter resides in you from the beginning
It is your livelihood
Sometimes waves of tenderness are high
in your being
Feels as you are a God
Reality has exposed now
You are just slave of circumstances