شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

هوءَ جا سراپا محبت هئي

هوءَ جا سراپا محبت هئي،
مٽي پيار سان سندس ڳوٺل هئي.
محبتن کي سدا پئي لٽائيندي هئي،
ڏاڍ سان سينو سهائيندي هئي.
هوءَ جا سراپا محبت هئي،
خواب اُجرا اکين ۾ رکي ويٺي هئي.
تعبيرون گيتن ۾ ڳائيندي هئي،
درد ڌرتيءَ جو زندگي هن جي هئي.
مٽيءَ جي مهڪ سان مٽي هن جي هئي،
هوءَ جا سراپا محبت هئي.
جهول تنهنجا سدا ڀريندي هئي.
مرڪ توکي ڏئي جيئاريندي هئي.
هوءَ جا سراپا محبت هئي،
مٽائي خود کي توکي جيئاريندي هئي.
نظر کان سدا تنهنجي اوجهل جا هئي،
هوءَ جا سراپا محبت هئي.

She Was All Love

She was all love
Her existence was kneaded with love
She was showering her affection
She was standing against the oppressor
She was all love
She had bright dreams in her eyes
She used to sing their interpretations
Sorrows of land were her life
Has strong relation with the fragrance of soil
She was all love
She used to fill your bags of needs
She used to give life with her smiles
She was all love
Forgetting herself, she was infusing soul in you
She used to be invisible to your eyes
But she was all love
2016-08-30