شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

ڊايانا جي ياد ۾

هوءَ جا ڌرتيءَ تي لٿي،
پَرين جي ڪنهن ڏيهه مان...
ديوتائن جي ديس مان...
هوءَ ڌار هئي هوءَ هئي جدا!
دل سندس معصوم هئي،
ننڍڙي ٻار جهڙي ٿي لڳي...
اکين ۾ چمڪ اهڙي هيس،
تارن ڪَتين جهڙي هيس!
هوءَ جا جِهرڻن مان ڦٽي...
ڪنهن جي خوابن مان ٽٽي...
ڪاتب سندس قسمت لکي!
دل سندس اهڙي ٽٽي...
جيڪا پوءِ ٽٽندي رهي...
ٽُڪر هوءَ جوڙيندي رهي...
هوءَ نه شاهي شان سان،
زندگي گهاري سگهي...
پر دلين ۾ لوڪ جي،
گهر ڪري ويهي رهي...
ڪنهن کي ڪائي ڪَلَ نه هئي،
اَجل هيس پويان لڳل...!
هوءَ هلي ويندي اٿي!
لوڪ کان ويندي رُسي...
لڙڪ هر اک ۾ ڏيئي،
ديوتائن ڏي وري...
پاڻ آ موٽي ويئي...

In The Memories Of Diana

She was descended
On the Earth
From the land of fairies
From the land of gods
She was different
She was unique
Her heart was filled with innocence
As of the child
Such shine she had in her eyes
Like glittering stars
She sprouted from the springs
She separated from someone’s dreams
The destiny wrote her fate
Her heart was broken badly
That kept breaking
Was trying to collect the pieces of heart
She failed to lead a royal life
But resided in the hearts of common people
No body knew that
Death was after her
She will leave away
She will be grieved
Left every eye wet behind
Has returned to gods
Back