شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

ڇولي

سَمنڊ تون هئين، مان ته ڇولي هيس،
رنگ سڀ تون هئين، مان ته هولي هيس.
تون صبح ويل جو ڪو ستارو هئين،
مان ته آسن اميدن جي جهولي هيس.
تون پکي ڪو هئين پرڏيهه جو،
پڙلائن ۾ رهيل مان ته ٻولي هيس.
فلسفي جو سبق هئين تون پڙهڻ لئه،
مان سنڌيءَ وانگي آسان ۽ سولي هيس.

Wave
You were the sea and I the wave
You were colors and I the Holi
You were the morning star
I was like the cuddle of hopes
You were wandering bird of foreign lands
I was like the language of echoes
You were complicated lesson of Philosophy
I was simple language as Sindhi