شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

ننڍڙا ماڻهو وڏڙا ماڻهو

ننڍڙا ماڻهو وڏڙا ماڻهو،
ڪٿي صفا پتڪڙا ماڻهو.
عام جو جيڪي مفاد ڏسن،
اهڙا ٿورا وڏڙا ماڻهو.
ڌرتيءَ کي نيلام جي ڪن،
ڪيڏا نيچ ڪمينا ماڻهو.
جنهن پئسي تي هوڏ اٿن،
ٽڪن تي سي وِڪيَل ماڻهو.
سِر نوائن طاقت اڳيان،
ٽڪرن تي پلجڻ وارا ماڻهو.
قوم لاءِ جيڪي جيئن مرن،
اهڙا آهن ٿورا ماڻهو.
جن جو سودو سولو ناهي،
سي ئي اصلي سونا ماڻهو.

Towering Men, Little Men

Towering men, Little men
Some are very tiny men
Those who struggle for the rights of masses
This genre is very rare,
Who trade land for their gains
How wicked and cheap men
They are arrogant for their riches
Are sold for pennies
Bowing at the doors of power
Are living on thrown pieces
Who live and die for their people
Are very rare men
They are great and wonderful
They can't be traded for anything
Those are highly towering men