شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

اچ ته هاڻي برف کي ٽوڙيون

اچ ته هاڻي برف کي ٽوڙيون،
وري نئون ڪو جهان جوڙيون.
اتر ڇڏي هل ڏکڻ هلون،
ساريون راهون ابتيون موڙيون.
وقت جي کنڊرن مان اڄ،
محبتون اچ ساڳيون ڳوليون.
گم ٿي ويا آهن وجود ٻنهي جا،
اچ ته توکي مون کي ڳوليون.
اڳتي اُڪري آيا آهيون،
اچ ته نَيٰا ابتي موڙيون.
سِڪ جا سڀئي پل وڃايل،
هِڪ هِڪ هلندي هلندي ڳوليون.
دل جي ٽٽل ديوارن کي اچ،
پيار مٽيءَ سان ٻئي جوڙيون.

Let’s Break The Ice
Let’s break the ice
Let’s build a new world
Say adieu to North Move towards South
Let’s reverse all the ways
Today from the ruins of time
Let’s find lost affection
Our existences are lost
Let’s find ourselves
We have gone beyond
Let’s pedal our canoe back
All the moments of attraction
Roaming let's find one by one
All the broken walls of heart
Let’s repair with plaster of affection