شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

اڃان هاڻي سُتي آهيان

ڪري غافل مان خود کي،
اڃان هاڻي سُتي آهيان.
نه ڪوئي مون کي جاڳائي،
اڃان هاڻي سُتي آهيان.
ذهن ۽ دل جو ڌاڳو،
ٽٽڻ وارو هيو ئي نه...
انهيءَ ڌاڳي کي ٽوڙي،
اڃان هاڻي سُتي آهيان.
نه هاڻي روشني گهرجي،
ڏيئا تون سڀ اُجهائي ڇڏ...
ٿڪل آهيان ٽٽل آهيان،
سمهڻ چاهيان ٿي هاڻي مان.
ڪري خود کي مان تنها،
اڃان هاڻي سُتي آهيان.
نه ڪائي آس آ باقي،
ڪڏهن تنهنجي ورڻ جي ڪا...
ڪري بند دِل دريون مان،
اڃان هاڻي سُتي آهيان.

I Have Become
Unconscious Just Now
Shutting all the door of conscious on me
I have become unconscious just now
Don’t try to make me conscious
I have become unconscious just now
The thread of heart and wisdom
was never to break
I have cut the thread
I have become unconscious just now
I don't need light
Put off all the lamps
I am tired, I am broken
Want to be unconscious
Confining myself in loneliness
I have become unconscious
No wish exists now
That you will come back
Shutting all doors and windows of heart
I have become unconscious just now