شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زندگي هڪ رستو

زندگي آهي هڪ رستو ،
ڪڏهن ڏنگو، ڪڏهن سڌو
ڪيئي مسافر هن راهه تي نڪتل آهن...
ڪي هيڻا ته ڪير زوردار...
ڪي هٿين خالي ته ڪي زردار...
ڪن جا پير قيمتي گاڏين ۾ محفوظ...
ته ڪن جي پيرن ۾ سفر جون لڦون آهن،
هن رستي مان ڪيتريون ئي راهون ڦٽن ٿيون...
ڪي راهگيرن کي ڳڙڪايو وڃن...!
ته ڪي منزلن تائين وڃي رسائين ٿيون،
ڪيڏو نه ظالم آهي هي رستو...!
ڏاڍي کي وڌي واٽ ڏئي ٿو...
۽ ڪڏهن هن جي پيرن هيٺان،
ريشم بڻجي وڇائجي وڃي ٿو...
پيرين اگهاڙن کي رڳو زخم ڏئي ٿو،
آزمائي وري آزمائي ٿو...
پٺتي ڌڪي ٿو...
اندر جي لوچ کي ڏسي ٿو...
جيڪڏهن مسافر جي اندر آڳ ڀڙڪي ٿي!
ته رستو به ان کي راهه ڏئي ٿو...
نه ته هيڻن لاءِ غريبن لاءِ...
هن رستي تي ڌڪن ۽ ٿاٻن کانسواءِ...
ٻيو ڪجهه نه آهي!
۽ اهڙن زخمين کي،
رستو پنهنجي وجود کان الڳ ڪري،
ڏور ڦٽو ڪري ٿو...

Life Is A Path

Life is a path
Crooked and straight
Many travelers embark journey on it
Some weak some stronger
Some empty handed, some wealthier
In costly vehicles feet are pampered
Some developed blisters in journeys
Many branches commence from this path
Some swallow the pedestrians
Some help to reach at destinations
How cruel this path is!
Paves way for the mighty
Some times like silk it spreads beneath his feet
Barefooted receives injuries
Tests them again and again
Pushes them back
Checks traveler’s fire that burns inside
Path paves way for him
Otherwise creates hurdles for weak and feeble
where they falter
and path throws away such weak and injured