شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

درد بڻجي جي دل ۾ رهن ٿا

درد بڻجي جي دل ۾ رهن ٿا،
سي ئي دل جي دنيا کي آباد ڪن ٿا.
اندر ۾ چڻڪ بنجي هو سدا،
ڪڏهن دُکن ٿا ڪڏهن ٻرن ٿا.
ساٿ تِن جو رهي سلامت،
پيرا جي دل تي پنهنجا ڇڏن ٿا.
مهربان اهڙا سي دوست آهن،
نه مارن مڪمل نه جيئرو ڇڏن ٿا.
وسارڻ نه آسان آهي تنين کي،
اندر ۾ جي خيما کوڙي ويهن ٿا.

Those Who Reside
In Heart Like Sorrows
Those who reside in heart like sorrows
They nurture world of heart
Forever as a spark
Either they smolder or burn
May their companionship remain secure
Who leave footprints on heart
Such sympathetic friends
Neither allow to live nor die
It's not easy to forget them
Who dwell permanent in heart