شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

اڪيلائي

اڪيلائي مون سان گڏ،
وڌي وڏي ٿي آهي...
اڪثر ملاقات ان سان،
منهنجي ٿيندي آهي...
هوءَ بڻجي سايو منهنجو،
گڏ مون سان هلندي آهي...
ڏسي انبوهه ماڻهن جا،
ويندي هوءَ لڪي آهي...
ڪڏهن ويهندي ڀرسان آهي،
ڪڏهن اندر ۾ لهي ويندي آهي...
ميڙ ۾ مون کي ڏسي،
ٽِڪ ٻڌي تڪيندي آهي...
واندي ڪڏهن ٿيندس مان،
هوءَ هر گهڙي ڳڻيندي آهي...
اکين ۾ ڪو سپنو هن جي،
هٿ ۾ هٿ هوءَ منهنجي ڏيندي آهي...
تخليق لاءِ ڪي ڳڻي پل،
هوءَ سنڀالي ڏيندي آهي...
۽ رکي هٿ کاڏيءَ هيٺان،
ڏسي مون ڏي مرڪندي آهي...

Loneliness

Solitude grew along with me
We often meet with one another
Like shadow of mine
Goes along with me
To manifest crowds
Somewhere it hides
Often sits beside me every and often
Drowns in me time and again
Stares at me in crowd
When I will be free
Counts every moment
Keeping a dream in her eyes
Holds my hand in her hands
Provides me few moments
For creation that preserved for me
Resting her hand under her chin
Smiles while stares at me