شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

اي وقت هوريان هل...

اي وقت هوريان هل..
اي وقت هوريان هل..
ڏاڍو تکو وهين پيو،
بس وهڪري ۾ پنهنجي،
صدين کي تون ڳِهين پيو..
اک ٻُوٽ ۾ او سائين،
منظر سڄا مٽين پيو..
ڪنهن ريل جي سفر جو،
حصو تون ڇو لڳين پيو؟
ڪهڙي تڪڙ آ توکي؟
ڪاٿي نه تون بيهين ٿو..
چهرن جي حُسن کي تون،
ڏاهپ ۾ ٿو مٽين پيو..
ڏاڍو تکو وهين پيو!
پٺتي مون کي ڌڪين پيو،
ساٿين جي هٿن مان،
هٿ منهنجا ڇو ڪڍين پيو؟
اي وقت هوريان هل..
اي وقت هوريان هل..

Oh! Time Proceed Slow

Oh! Time proceed slow
Oh! Time proceed slow
Flowing very fast
In streams of universe
You swallow ages
In wink of an eye
You change all scenes
Why do you look
part of journey of train
Why are you in hurry?
Why don't you slow down?
Change the beauty of faces
In wrinkles of wisdom
Flowing too fast
Pushing me back
Forcing me to retreat
Hands of my friends
Oh! Time proceed slow
Oh! Time proceed slow