شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

سندرتا جي متلاشي شاعره

اٽليءَ جي هڪ خوبصورت ڳوٺڙي فراسڪاتي ۾ وڃي ٽي مهينا رهيس. خوبصورت، سائي وڻن ۾ ڍڪيل وادي فراسڪاتي. روز صبح جو آفيس ويندو هئس، هر صبح نئون صبح لڳندو هو ۽ ساڳيا روڊ رستا، ساڳي موسم نئين لڳندي هئي. ڪجهه به نه بدلبو هو پر پوءِ به نواڻ هوندي هئي.
محترمه زاهده ابڙو جي شاعري ۾ به فراسڪاتي واري خوبصورتي آهي. ساڳي شاعري، ساڳيو خيال پر جڏهن به پڙهو ته هڪ نئين جمالياتي جهلڪ، هڪ نئين خوبصورتي، هڪ نئون احساس ملندو. سندس شاعري ۾ نوان رخ ۽ نوان گس موجود آهن. مان جڏهن شاعري ترجمو ڪرڻ شروع ڪئي ته زاهده ابڙو جي مشاهداتي قوت مان زبردست متاثر ٿيس احساسن کي پوپٽ جي رنگن وانگر اڻڻ، خيالن جي رواني، لفظن جي جڙاوت ذهن تي گهرو اثر ڇڏي ٿي.
محترمه زاهده ابڙو جي شاعري ۾ خيالن جي نڪورتا آهي مان سمجهان ٿو ته شاعري ۾ اها وڏي خوبي آهي.
لفظ پوپٽ دل مٿان لهندا رهيا،
ڪيتريون ئي ڳالهڙيون پڇندا رهيا.
لفظن جو پوپٽن وانگر لهڻ ڪيڏي نه خوبصورت تشبيح آهي. پوپٽ رنگ برنگي، خوبصورت ۽ دل کي ڇهندڙ لفظ پوپٽن جي پرن جهڙي سندرتا ڳولهي دل جي گلشن تي لهن ٿا. تصور جي اک سان اهو منظر ڏسجي ته ڪيڏو نه خوبصورت منظر آهي. زاهده صاحبه جي شاعريءَ ۾ اها حسناڪي موجود آهي جيڪا خوبصورت منظر پيدا ٿي ڪري ان سان گڏ سندس مشاهدي جي طاقت به تمام وڏي آهي. معاشري جي ڏکن ۽ سورن کي پنهنجن لفظن ۾ قيد ڪري ٿي، پر خوبصورتي سان.
ڪهڙي بازار ۾ هوءَ وڪامي ٿي،
روز وڪجي وري وڪامي ٿي.
سندس اندر جي اپٽار جڏهن لفظن جو روپ وٺي ٿي ته لفظ ساهه کڻندا نظر اچن ٿا.
پاڻ رولي پئي ڪنهن کي ڳولي پئي،
روح جي رڃ ۾ هوءَ آ هيڪلي.
ورڊس ورٿ چيو، “مضبوط احساسن جو اوچتو بند ڀڃي وهڻ شاعري آهي.” زاهده ابڙو جي شاعري پڙهڻ دوران اهو محسوس ٿئي ٿو. احساسن جون ڇوليون لفظن جي دريائن ۾ تارو تار وهن ٿيون. لفظ احساسن کي امرتا بخشين ٿا. هومر جي “اوڊيسي” ڪولرج جي “قبلائي خان” اياز جي گيت “جهوپڙي ٻاهران رات جهانجهر وڳي” اهي سڀ جو سڀ جذبن جا وهڪرا آهن جيڪي اڄ تائين وهن ٿا، زاهده ابڙو جي شاعري جا وهڪرا به تکا، تيز ۽ جل ٿل ڪندڙ آهن.
اياز ڪٿي لکيو آهي ته لفظ اهي جيڪي تير وانگر هلن، محترمه جي شاعري جا لفظ تير وانگر هلن ٿا. اها سندس مشاهدي جي بيپناهه قوت آهي، جيڪا پڙهندڙ کي پنهنجي اندر جذب ڪري ڇڏي ٿي.
ريت بڻجي رهيو آهين،
مٺ مان وهي رهيو آهين
هڪ انسان جڏهن ريت وانگر ذرا ذرا ٿئي ٿو هن جو پهاڙ جيڏو ڪردار واري ٿئي ٿو ته وقت جي مُٺ مان آهستي آهستي وهڻ شروع ڪري ٿو ۽ دز سان ملي دز ٿي وڃي ٿو. شاعري گهڻ پاسائي، گهڻ ڪنڊائتي، پروقار عمارت جيان آهي نوان رخ، نوان پاسا ڏيکاري ٿي.
ترجمو هڪ فن آهي، ترجمو ڪرڻ خاص طور تي شاعري جو هڪ ڏانءُ آهي. مان ترجمي ڪرڻ کان پهرين شاعري کي ڪافي دفعا پڙهندو آهيان ان کانپوءِ جڏهن اهو يقين ٿي وڃي ٿو ته شاعري جي روح کي سمجهي سگهان ٿو ان کانپوءِ ترجمو ڪندو آهيان. ترجمي نگار ۽ شاعر جو هڪ ئي سوچ جي لڙي ۾ پرويل هئڻ انتهائي ضروري آهي نه ته ترجمو اصل سوچ جي عڪاسي نه ڪري سگهندو. منهنجي اها ڀرپور ڪوشش رهي آهي ته شاعري جو اصل خيال متاثر نه ٿئي ان لاءِ مان انگريزي لفظن جي چونڊ ۾ انتهائي احتياط کان ڪم ورتو آهي. آڪسفورڊ، ميريم ويبسٽر، ڪولنز ۽ ڪيمبرج منهنجي استعمال ۾ رهيون. ان کان علاوه آڪسفورڊ جي انگريزي ۽ سنڌي لغت کي مسلسل ڏسندو رهيس. ڪنهن به لفظ جي استعمال کان پهرين Etymology ضرور ڏسندو آهيان ته جيئن لفظ جي اصليت جي خبر پوي. اٽيمولاجي لفظ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته لفظ جو استعمال ڪيئن شروع ٿيو، اصل ڪهڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي. اٽيمولاجي (لفظ جي تاريخ) پڙهڻ سان اسان کي لفظ جي اصل استعمال ۽ معنيٰ جي خبر پوي ٿي اها ڄاڻ ڪنهن به ترجمي نگار لاءِ انتهائي ضروري آهي. انگريزي تمام گهڻي شاهوڪار ٻولي آهي ۽ هڪ لفظ جا ٻيا گهڻائي هم لفظ آهن انهن لفظن جي تاريخ پڙهڻ کانپوءِ انهن جي استعمال جي صحيح خبر پوي ٿي. ان ساڳئي لفظ جي مختلف لغتن ۾ معنيٰ ڏسڻ بعد سندس اصل مفهوم جي خبر پوي ٿي. ان لاءِ وڌيڪ لفظن جي چونڊ ۽ انهن جو استعمال انتهائي ذميداري وارو ڪم آهي.
سقراط جڏهن مرڻ جي ويجهو ٿيو ۽ زهر پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو ته هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. “ڪريٽو! ڪريٽو!” ڪريٽو سندس شاگرد ويجهو آيو، سقراط کيس چيو ته پيرن کي دٻائي، ڪريٽو پيرن کي دٻايو، سقراط چيو ته هاڻ پيرن مان ساهه نڪري ويو آهي. جڏهن هن سمجهيو ته جلد مرڻ وارو آهي ته سڀني شاگردن کي گهرائي چيائين، “زندگيءَ جو اهم سبق اوهان کي ڏيڻ چاهيان ٿو منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌو” سقراط پوءِ هي تاريخي لفظ چيا ته “لفطن جو غلط استعمال دنيا جو وڏي ۾ وڏو گناهه آهي”.
هڪ ترجمي نگار لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي ته هو ان گناهه کان بچي. اهو گناهه شعوري ۽ لاشعوري طور تي سرزد ٿي سگهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اسان زبان سان يا قلم سان ڪجهه اهڙا لفظ چئي يا لکي ڇڏيندا آهيون جن جو اثر سالن تائين رهندو آهي. توريو تڪيو ۽ پوءِ لکو ۽ ڳالهايو. رابرٽ فراسٽ آمريڪي شاعر (1874-1963)، هڪ ڀلي ڳالهه ڪئي آهي، “جڏهن جذبن کي سوچ ۽ سوچ کي لفظ ملن ٿا ته شاعري ٿئي ٿي سوچ کي لفظن جو روپ ڏيڻ هر ڪنهن جو ڪمال ناهي، دنيا جو هر انسان سوچي ٿو پر لفظن کي لباس نٿو پهرائي سگهي اهو هڪ شاعر جو ڪمال ئي آهي جيڪو اهو ڪمال ڪري ٿو ۽ غضب تڏهن ٿئي ٿو جڏهن اوهان ان تي ايتري خوبصورتي سان لکو جو ان جو اثر پڙهندڙ تي ائين ٿئي جيئن شاعر يا شاعره تي ٿئي ٿو.” زاهده ابڙو جي شاعري ۾ اها خوبصورتي آهي سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. شاعري جو ڪو دور ناهي هوندو ۽ شاعر/شاعره جي ڪا عمر ناهي هوندي شاعري زمان ۽ مڪان کان آزاد هوندي آهي. شيخ اياز، استاد تنوير، آتم ناٿن شاهي، نياز همايوني، سرڪش ۽ ٻيا ڪيترائي گهڻا شاعر موجود نه هوندي به موجود آهن. انسان ڪنهن جي خيالن ۽ سوچ کان متاثر ٿيندو آهي. خيالن کان متاثر ٿيڻ انهيءَ شخصيت جو اوهان جي دور ۾ يا اوهان سان گڏ هجڻ ضروري ناهي. اهي وڏا نالا اسان ۾ موجود ناهن، پر سندن خيالن جي خوشبو مهڪي پئي. اهو وڏو ڪمال آهي ته ڏات جي ذريعي اوهان ايندڙ نسلن ۽ دورن ۾ زنده رهو. زاهده ابڙو صاحبه جي شاعري ۾ به خيالن جي خوشبو مهڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مهڪي ٿي.
سندرتا جي متلاشي شاعره هر ڪوجهي شيءِ ۾ به سندرتا ڳولهي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الهام جيان لهن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چهري کي سجائي ٿي. محترمه جي شاعري کي ترجمو ڪندي مان خيالن جي خوبصورتي ۾ گم ٿي ويندو هئس. سندس شاعري ۾ انڊلٺ جهڙا رنگ آهن، ڪوشش ڪئي اٿم ته انهن رنگن جي خوبصورتي ترجمي ۾ به برقرار رهي.



اعجاز منگي
(انجنيئر- اسلام آباد)