شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

مهاڳ

آءُ ته سندرتا ڳوليون
سولي ۾ سولي ادبي لکڻي به سونهن جي احساس کي ظاهر ڪريو ڇڏي.
چهري جي تختي تي لکيل
لفظن جي ڪتابت تي نه وڃجان
ٿلهن لفظن هيٺان ليئو پائجانءِ
دونهاٽيل حرفن جا چهرا ڏسجانءِ
جيڪي عبارت جو حصو ٿيڻ جي ضد ۾
پٿر بڻجي ترسيل آهن.
زاهده مون کي ائين ئي محسوس ٿي آهي. هن جنهن ڄمار ۾ جنهن تختي تي لفظن جيان چمڪڻ پئي چاهيو ۽ ضد ڪيو بيٺي هئي، ليئاڪا به پاتائين، پر الائي ڇو دير ڪري ڇڏيائين.
هن اوکا سفر ڪيا ۽ ٽڪر به ٽاڪيا، نتيجي طور سندس مسافت ڏار ڏار ٿي آهي. هڪ جبل کان ٻي جبل تائين جو پنڌ وجود لوڏيو ڇڏي. هن کي پهاڙن جي چوٽين تي برف به وڇايل ملي ته ٻرندڙ باهه جو به نظارو ڪيائين، اتي به وئي جتي سياهه قدمن جو داستان لکيل هو.
“ٿڪ مسافر جو مقدر آهي.”
پر هوءَ نه ٿڪي آهي ۽ بضد آهي ته هوءَ لڳاتار ڏکين مسافتن جي آجيان ڪندي.
جيتري قدآور ۽ خوبصورت آهي، هن جو وجود به شايد ايترو پربت جيڏو سگهارو ۽ سونهن پرور آهي.
ڪنهن هن جي دل جي آئيني تي پٿر وهائي ڪڍيو آهي. ايترو ئي نه بلڪه هن سندس پٺيءَ ۾ خنجر به کُپائي ڇڏيو، پر زاهده مرڪي چيو:
“هر وار لکڻ ٿي چاهيان،
جي مرڪي مليا مون سان.
تن ئي ته روئاڙيو آ،
سو روڄ لکڻ ٿي چاهيان”.
اسان جي سموري شاعري ڪلاسڪس کان ويندي زاهده جي نثري نظمن تائين نا آسودگيءَ جو داستان آهي. هڪ اهڙو اتهاس جيڪو چانڊوڪي راتين جي ڇانو جو الڪو به نٿو بخشي. فنڪار ڪنهن اوٺي وڳ سان، مسلسل هڪ جابلو سفر ۾ آهي، جتي ڪانڊيري جي ڇانو به ميسر ناهي.
“تو لئه سڀ سهايون،
مون لئه ٻاٽ ڇو آهي؟”
انفارميشن ٽيڪنالاجي جي صديءَ ۾ زاهده جو سوال ڪروز ميزائيل بڻجي اڀو ٿيو بيٺو آهي. پوسٽ ماڊرن ازم جي لالچي، بي حيا ۽ شوخ منظر نامي ۾ ڪروز ميزائيل جي امڪاني تباهيءَ ڏانهن ڌيان ڇو نٿو وڃي؟
صدين جون پيڙائون کڻي،
ڀٽڪان ڪيسين صحرا ۾.
تنهنجي منهنجي رات ۽ ڏينهن ۾،
آخر ايڏو فرق ڇو آهي؟
پر هوءَ پنهنجي ڏات ذريعي، ظالم وقت جي سيني ۾ نيزي جيان کتل آهي ۽ هوءَ جواب جي منتظر آهي.
فرانس ۾ بودليئر ۽ ملارمي انقلاب وارن ڏينهن ۾ نثري نظمن ذريعي علامتي ۽ مزاحمتي شعور جي پالوٽ ڪئي. جنهن کي جديد مزاحمتي شاعري چئي سگهجي ٿو. جڏهن ته اسان جا پراڻا ديو مالائي يا لوڪ داستان جيڪي نيم نظمي انداز ۾ ڏند ڪٿائي منظر نامي کي کڻي آيا يا قديم ويدن توڙي ٻين الهامي ڪتابن کانسواءِ سنسڪرت جي ادب ۾ نثري نظمن جو اولڙو ملي ٿو. خاص طور ڪاليداس جي، “شنڪتلا” جا مڪالما نثري نظمن جو روپ لڳن ٿا.
اسان وٽ نثري نظمن جو مستند ڪتاب لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي جو “سدا گلاب” ماضيءَ جو هڪ بنيادي ۽ يادگار ڪتاب آهي، پر ان کان به اڳ مرزا قليچ بيگ وٽ اسان کي نثري نظمن جا ڪافي نمونا ملن ٿا. انگريزن جي دور ۾ انهن جي ئي چوڻ تي جڏهن ٻارڙن لاءِ نثري نظم لکجڻ جي ابتدا ٿي ته ڪاڪو ڀيرو مل، مرزا قليچ بيگ، محمد صديق مسافر، جمع خان غريب ۽ ڪشنچند بيوس سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي شاعري جي پيڙهه جو پٿر بڻيا. هنن نظم توڙي نثري نظم جي صنف کي وڌيڪ هٿي ڏني.
“سدا گلاب” تي ڇاپي جو سال ته ناهي لکيل، پر ڪتاب ڪمال جو آهي. لڳ ڀڳ سوا سئو سال اڳ جي لکيل هن ڪتاب ۾ جڳتياڻي صاحب لکي ٿو، “...هي گلاب نپٽ نوان آهن پر سنڌين کي هڪ واري اها طرز ارپي ويئي ته سڳنڌ جو ساءُ ڪيئن وٺجي ته پوءِ پڪ اٿم جو پاڻهي پيا ڍڪ ڀريندا.” پوءِ گهڻن شاعرن ڍڪ ڀريا.
مدد سنڌي، ارم محبوب، سحر امداد، حميد پارس، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، سلطانه وقاصي، چندر ڪيسواڻي (روپوش محبت) رحيم داد جوڳي، رمضان نول (روح جا سپنا)، ماهين هيسباڻي، مصطفيٰ ارباب، مشتاق گبول ۽ ٻيا گھڻا ئي آهن، جن ۾ انور ڪاڪا جا ٻه ڪتاب، “وصيت نامو” ۽ “ آلي واري تي بارش” تخليقي جوهر جو ناياب عڪس آهن. مدد جو “پنر ملن” اڻلڀ آهي. نثري نظم جي شاعره امر سنڌو مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو،
“مون پنهنجي ڪک ۾ ٽانڊا پوکيا
۽ سرهاڻ
منهنجي وجود کي سنگسار ڪري
جلاوطن ٿي ويئي.”
“انقلاب جا سڀ نعرا
بلٽ پروف آهن.”
وردين جي ڳچين مان پٽو
رڳو ان ڪري ڍرو ڪيو هو ته
ٽين دنيا جي نوجوانن جون
هزارين دنيائون رڙڪي سگھن.” (امر سنڌو)
امر جو روماني ۽ سماجي شعور نثري نظم جي صنف ۾ وڏي اهميت جوڳو آهي .
زاهده کي جنهن نوخير ڏينهن ۾ شاعري ڏانهن راغب ٿيڻو هو، ان ۾ اها مڊل ايج جي عميق تجربي سان ڇرڪائيدڙ موضوعن سان نروار ٿي آهي.
خيال يا احساس جي وهڪري کي ڪنهن خاص قالب ۾ وجهڻ ايترو سولو ناهي. ڇاڪاڻ ته شين جي وچ وارو امالڪ پڻو، اداسي، تخليقي سونهن ۽ ڄاڻ جو وهڪرو متاثر ٿي سگهي ٿو.
ايزرا پائونڊ چواڻي، “تخليق گھاڙيٽو پاڻ سان گڏ کڻي ايندي آهي.”
بنيادي طور تي نثري نظم تهذيبي شعور، جند جي عرفان جو ڄاڻو، جديد گھاڙيٽن جي احساس تي هنر مندي سان گرفت. لفظن کي تراشڻ جي ڏکئي ۽ فهم جوڳي سرشتن جي ڪاريگري، لفظن کان ٻاهر ۽ لفظن جي اندرين (between the lines) آهنگ کان شناسائي لازمي آهي.
جن دوستن رلڪي، ڪافڪا، بورخيز، پئبلو نرودا، اوڪتاويوپاز جهڙن مشهور ڪلاڪارن جو نئريشن پڙهيو هوندو، سندن ڪاڪڙو ضرور چٻو ٿي ڏکيو هوندو، پر هڪ شديد ڏنگيندڙ احساس روح ۾ گهر ڪري ويو هوندن. 19 هين صدي جي عظيم ڪلاڪار والٽ وٽمين جو “Leaves of Grass” پڻ هڪ اهم فن پارو آهي، جيڪو آمريڪي ادب ۾ تجريد نئين ۽ پراڻي کان مٿي بنهه اوپري لهجي ۾ نمايان آهي ۽ زاهده والٽ وٽمين جي اوپري لهجي کي غير روايتي انداز سان پيش ڪيو آهي.
“پنهنجي درد ۽ سور کي ڏاڍا ٿو مروٽا ڏيان،
ڊڄان پيو ته ڪٿي تون به ان سان اهڙي ريت نه هلين،
سڪان پيو ته تو وٽان هليو وڃان،
پر ڇاتي ڪانه ٿي ٿيئيم،
ڊڄان پيو ته توکي منهنجي ڪائنرتا جي کڙڪ نه پئجي وڃي.
انهي ڪري ڳاٽ پيو اوچو جهليان
۽ بيپرواهه ٿي تو وٽ لنگهيو اچان. (جڳتياڻي)
“سدا گلاب” جي تخليقڪار وانگر زاهده ابڙو وٽ به نه رڳو ذات جي سڃاڻ، لفظن جي پيڪر تراشڻ جي هنر مندي ۽ موضوع تي گرفت نظر اچي ٿي، پر هن جو نئريشن سماجي سچائي ۽ انسان ذات جي اجتماعي آجپي جي ڌر بڻجي بيٺل آهي.
زاهده پنهنجي تخليقن ۾ همعصر زندگيءَ جي بنيادي مسئلن جو نه رڳو ادراڪ ڪيو آهي، پر ان جي بنيادي تضاد کي به وائکو ۽ بي نقاب ڪيو آهي.
شاعر جي ڪمري ۾
رات گذريو وڃي
پر سج نه اڀرندو آهي
صبح جو اوسيئڙو ٿڪايو ڇڏي.



تاج بلوچ
ايڊيٽر سوجهرو، ڪراچي
30 آگسٽ، 2018