شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

رات جي سانت ۾

رات جي سانت ۾
ڪو خوف وري آيو هو
دَردَ دروازي کي
زور سان کڙڪايو هو
دل جا بيچين هئي
دلاسن جا پهري لباس
هر گهڙيءَ پاڻ ئي هُنَ
پاڻ کي ريجهايو هو!
ڇو رات اڄ...؟
روڄ کڻي آئي هئي!
هٿ جهلي کيس مون
ڪيترو سمجهايو هو!!
تيز طوفان هليو
دل جو دروازو ڀڳو..
رات جو رنگ..
ڪيڏو نه اڄ هو ڪارو
دل پڇيو ٿي مون کان
ڇا ماتم لاءِ ڪوئي آيو هو
پاڇا ٿي اڀريا جي..
سڀ سي سڃاتل ٿي لڳا
پڪ اٿم ايتري..
پنهنجن مان ئي ڪو
رنگ مَٽي آيو هو.

In The Silence Of Night
In the silence of night
Any fear ingulfed me
Sorrows knocked hard the doors of heart
The discontent heart
Wore many attires of consolations
Every moment it tried to comfort it self
Why the night was full of crying today
I consoled her
By holding her hands
A forceful storm blew
Door of heart broke..
The night was unusually more dark
The heart was asking
Whether anyone had come to mourn
All the rising shadows
Were looking known
I am sure
One of my own has come disguised