شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

جيئڻو آ

نئون ڪو ساز ٿو هوا ۾ وڄي،
صبح جي ڇير ۾ ڪو ڇَمڪو آ.
ڪُوڪ ڪوئل جي اڄ نئين ٿي لڳي،
ٿو لڳي سج نئون ڪو چَمڪيو آ.
ماضيءَ جي جاءِ ناهي هتي
زمان نئين ۾ مون کي جيئڻو آ.
در تي دستڪ ٿو ڏئي ڪوئي،
ڪنهن طوفان جو انديشو آ.
بَند ٻَڌل پڪا هئا پر،
شهر سيلاب پوءِ به ٻوڙيو آ.
خوف ۽ آس ٻئي گڏ ٿا هلن،
ڌار ڪيئن ٿا ٿين
اهو ئي ڏسڻو آ.

Live In
New music is in air,
In morning feet new bells are tingling
Cuckoo’s unheard songs are there
Seems a new sun has shined today
Past has no place now here
I want to live in new eras
Someone is knocking at the door
Apprehension of storms is there
Embankments were strong enough
Even then flood has drowned the city
Fear and hope coexist within
When they cease to live together?
Let’s see how they get apart