شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

ٿوري جاءِ ٿي گُهرجي

خيالن ۾ تنهنجي ٿوري جاءِ ٿي گُهرجي ،
ٿڪل آهيان آرام لئه ڪا جاءِ ٿي گهرجي.
اڻاگو رهيو سفر زندگيءَ جو،
ساهه پٽڻ لاءِ جاءِ ٿي گهرجي.
رڳو پير زخمي ناهن ٿيا،
زخمي روح ريجهائڻ لاءِ جاءِ ٿي گهرجي.
سيلاب سوچن جا روز ٿا ٻوڙين،
تن کان بچڻ لاءِ جاءِ ٿي گهرجي.
ڪاغذ جي ٻيڙيءَ جيان ڪمزور لڳان ٿي،
پاڻ سُڪائڻ لاءِ جاءِ ٿي گهرجي.
پاڻ سنوارڻ شايد وسري ويو هو،
اڄ پاڻ سينگارڻ لاءِ جاءِ ٿي گهرجي.
سالن کان خود کي ڏٺو ئي ناهي،
تنهنجي اندر آئيني ۾ جاءِ ٿي گهرجي.

Need Little Respite…
Need little respite in your thoughts
Being tired need space for tranquality Journey of life, full of agonies
Need shelter for some rest
Not only feet are injured
Need some space to entertain my injured soul
Drowning in the flood of worries daily
Need embankment to secure myself
Feeble as paper boat
For rescuing need shore
Forgot to beautify myself
Need reason to decorate today
For ages not seen myself
Need space in your mirror soul
To reflect myself