شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

آسمانن جا امتحان

آسمانن جا امتحان،
زمين وارن جون آهون.
ڪِٿي هُن کي سٽايائين،
ڪِٿي هِن کي سٽيائين.
الستي فيصلو پڻ،
سندس پٺيان بڇيائين.
رڙيون روحن ڪيون ٿي،
نه ڪنهن جي هڪ ٻڌائين.
نصيبن کي سڀن جي،
نرڙ تي خود لکيائين.
ڏسي بيوس اسان کي،
مٿان ٿي خود کليائين.
ڏئي زندان اهڙا،
عقل پوءِ سڀ کسيائين.
ترار عشق سان خود،
قلم سِرَ خود ڪيائين.
وري آهُن ۽ ڪوڪن سان،
محبت اهڙي ڪيائين.
سٽاءُ هن راند جو،
الائجي ڇو سٽيائين؟

Challenges From Heaven

Challenges from heaven
Cries of people on earth
Threw people in different directions
Decision of his sovereignty
Is imposed to mankind
Souls had been crying
Didn’t listen anyone
Everyoe’s fate he himself wrote
On the forehead
To see helpless us
Was laughing from heaven
Throwing in such dungeons
Snatched all wisdom
With the sword of affection
Beheaded human by himself
Then loved the cries of beloveds
Why he designed the game
in such a way