شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

وڇڙيل لمحو

جيڪو وقت کان وڇڙي ويو آ،
اهو هڪ لمحو ٿي ڳوليان.
شايد وقت جي بيرحم،
ڇولين جي ور چڙهي ويو آهي.
سڀ لمحا مون کي هڪ جهڙا ٿا لڳن...
سڀني کي اُٿلائي پُٿلائي ٿي ڏسان...
من مون کي اهو لمحو ملي پوي...
پر ڪامياب نه ٿي سگهي آهيان،
اهو وڃايل لمحو ته...
هيري جهڙو هو، صاف ۽ شفاف...
سڀني کان الڳ ۽ جدا،
پوءِ به مون کي ڇو نٿو ملي اهو لمحو!؟
جيڪو وقت جي ڌارا کان وڇڙي ويو آهي!
ڇا مون کي اهو لمحو وري ملي سگهندو؟
يا مون کي الڳ ٿيڻو پوندو!
هن وهڪري کان...
جنهن ۾ مان ان کي ڳوليان پئي...
۽ هڪ نئين ڌارا ۾ وهڻو پوندو...

The Lost Moment

That is lost in the vastness of the time
I search the moment,
In the unkind waves of the time it is lost
The moments I live in today might is grasped by high waves
All seem monotonous
I turn over the leaves of time
Might I find that moment?
But I could not succeed
The lost moment
Transparent like diamond
Different and unique
But I am failed.
The moment is parted
From the streams of time
Could I find it again?
Or I need to detach myself
From current flow
And to flow in new river of time