شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

جهنگ

جنهن ۾ اشرف ذات رهي ٿي،
مان اهڙي جهنگ ۾ رهان ٿي.
ٻٽا هتي قانون جُڙن ٿا،
پاڻ لئه بس زندان ڏسان ٿي.
ڪمزورن کي پيڙهڻ لئه هت،
ڪيئي ساز و سامان پَسان ٿي.
جنگ رڳو طاقت جي ناهي،
هتي ڏاهپ جا ڏانوَ ڏسان ٿي.
عقل ۾ ناهيان ڪنهن کان گهٽ مان،
پوءِ به سوين سانگ سهان ٿي.
نازڪ صنف بڻايئي مون کي،
اندر تنهنجي شيطان ڏسان ٿي.
ڪڏهن ڪُتا ٿو ڇوڙين مون تي،
ڪڏهن مَچَ ۾ آئون سڙان ٿي.
حوا ڪڏهن مان تولئه ٿينديس،
ڇو اهڙا مان خواب ڏسان ٿي.

Jungle
Where supreme creature resides,
I live in that jungle
Dual standards are formulated
Find prisons for myself
To pulverize the weaker
Many tactics and tools are used
It's not just war to control
Wisdom is used for demolition
Though I am not lower in wisdom
But marginalized
Calling me fair sex
See devil in your intension
Sometimes thrown in front of dogs
Sometimes set ablaze
When I will be Eve for you?
Why do I day dream?