ناول

ٻہ ننڍا ناول

ٻن ناوليٽن ”روشنيءَ جي تلاش“ ۽ ”اڻپورو انسان“ تي ٻڌل ڪتاب ”ٻہ ننڍا ناول“ اوهان اڳيان حاضر آهي. آغا سليم جو پھريون ناوليٽ 1960ع ۾ ”روشنيءَ جي تلاش“ جي نالي سان ڇپيو، تنھن کانپوءِ ”اڻ پورو انسان“ 1977ع ۾ ڇپيو. بقول نصير مرزا ”انھن ناولن جا ڪردار مھان چهرا آهن، جيڪي اتھاس جي اوٽ ۾ ڪٿي گم هئا. انهن کي آغا صاحب ماضي جي اونداهين گفائن مان ڪڍي، اسان جي حال جي سرواڻي ڪرائڻ، اسان جي ستل ذهنن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ مثال طور ڪري پيش ڪرڻ لاءِ انھن کي ڏينھن جي روشني ۾ کڻي آيو آهي“. بقول آغا سليم ”مان پنھنجي ناولن ۾ سنڌ جي اتھاس کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“

  • 4.5/5.0
  • 10
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آغا سليم
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ٻہ ننڍا ناول

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب، افسانا نگار ۽ ناول نگار آغا سليم جي ٻن ناوليٽن ”روشنيءَ جي تلاش“ ۽ ”اڻپورو انسان“ تي ٻڌل ڪتاب ”ٻہ ننڍا ناول“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
آغا سليم جو پھريون ناوليٽ 1960ع ۾ ”روشنيءَ جي تلاش“ جي نالي سان ڇپيو، تنھن کانپوءِ ”اڻ پورو انسان“ 1977ع ۾ ڇپيو. 
بقول نصير مرزا ”انھن ناولن جا ڪردار مھان چهرا آهن، جيڪي اتھاس جي اوٽ ۾ ڪٿي گم هئا. انهن کي آغا صاحب ماضي جي اونداهين گفائن مان ڪڍي، اسان جي حال جي سرواڻي ڪرائڻ، اسان جي ستل ذهنن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ مثال طور ڪري پيش ڪرڻ لاءِ انھن کي ڏينھن جي روشني ۾ کڻي آيو آهي“. بقول آغا سليم ”مان پنھنجي ناولن ۾ سنڌ جي اتھاس کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
انهن ناولن جو جائزو وٺندي شمس الدين عرساڻي لکي ٿو ”آغا سليم جي ناولن ۾ فن جي ارتقا، دراصل سندس ذهن جي ارتقا جي عڪاسي ڪري ٿي. هن انساني زندگي، تاريخ ۽ تھذيب جي شعور کي تخليقي فن ۾ اظھار ڪيو آهي. هن زندگي جي مقصديت، ان مان پيدا ٿيندڙ بيزاري، فرد جي تنھائي جي محروميءَ جي شديد احساس کي افسانوي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.“ 
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1985ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1998ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي پيش ڪجي ٿي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي