ڪھاڻيون

امرت منجهہ ڪڙاڻ

تنوير جوڻيجو وٽ ڪھاڻيءَ جو فن آھي، سندس ڪھاڻين ۾ نہ رڳو نواڻ آھي پر ھن صديون جهوني سنڌي سماج ۾ عورت سان ٿيندڙ سلوڪ جي حقيقي، خارجي، داخلي ۽ نفسياتي پھلوئن جي عڪاسي ڪئي آھي. 

Title Cover of book امرت منجهہ ڪڙاڻ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ناليواري ڪھاڻيڪاره، شاعره، سنڌيڪار ۽ محقق تنوير جوڻيجو جي ٻارنھن ڪھاڻين تي ٻڌل مجموعو ”امرت منجهہ ڪڙاڻ“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
تنوير جوڻيجو وٽ ڪھاڻيءَ جو فن آھي، سندس ڪھاڻين ۾ نہ رڳو نواڻ آھي پر ھن صديون جهوني سنڌي سماج ۾ عورت سان ٿيندڙ سلوڪ جي حقيقي، خارجي، داخلي ۽ نفسياتي پھلوئن جي عڪاسي ڪئي آھي. 
ھي ڪتاب آگم پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد پاران 1974ع  ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي