مذهب

حجة الوداع جو خطبو

حضور نبي ڪريم ﷺ ھجرت جي ڏھين سال ذولحج مھيني ۾ اٽڪل ھڪ لک چاليھ ھزار مسلمانن جي جماعت سان آخري حج ادا ڪيو. پاڻ ﷺ  عرفات جي ميدان ۾ پنھنجي ڏاچي قصويٰ تي سوار ٿي ھڪ تاريخي خطبو ڏنو ھو. حجة الوداع جو ھي خطبو انساني حقن جو جامع منشور آھي. ھي خطبو يتيمن، مسڪينن، عورتن ۽ ٻانھن جي حقن جو کليل پڌرنامو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 32
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سنڌ سلامت
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حجة الوداع جو خطبو

حجة الوداع جو خطبو

حج واري ڏينهن رسول الله ﷺ عرفات ۾ تشريف فرما ٿيا، پاڻ ﷺ اتي ئي ترسيا. جڏهن سج لڙڻ لڳو ته پاڻ ﷺ (پنهنجي ڏاچي) قصوا کي آڻڻ جو حڪم ڏنائون. جڏهن ڏاچي تيار ڪري آندي وئي ته پاڻ ﷺ (سوار ٿي) واديءَ جي وچ تي پهتا. پوءِ ماڻهن کي خطبو ڏنائون، جنهن ۾ (دين جا) مکيه احڪام واضح ڪيائون.

پاڻ سڳورن ﷺ الله تعالى جو حمد ۽ ثنا بيان ڪندي خطبي جي شروعات هن ريت فرمائي: ”الله کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي، هو اڪيلو آهي، سندس ڪوبه ڀاڱي ڀائيوار نه آهي. الله پنهنجو وعدو پورو ڪيو ۽ پنهنجي ٻانهي (رسول ﷺ ) جي مدد ڪيائين ۽ پاڻ اڪيلي سمورين باطل قوتن کي شڪست ڏنائين.“

اي انسانو! منهنجي ڳالهه ٻڌو، آئون نه ٿو سمجهان ته آئندي اسين هيئن وري ڪنهن گڏجاڻي ۾ گڏ ٿي سگهنداسين (شايد هن سال کان پوءِ آئون حج ڪري نه سگهندس).
اي انسانو! الله تعالى جو فرمان آهي ته، ”اي انسانو! اسان اوهان کي هڪ ئي مرد ۽ هڪ ئي عورت مان پيدا ڪيو آهي ۽ اوهان کي ٽولن ۽ قبيلن ۾ ان لاءِ ورهايو آهي ته جيئن اوهان هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهو. اوهان مان وڌيڪ عزت وارو الله وٽ اهو آهي، جيڪو سڀ کان وڌيڪ کانئس ڊڄندڙ آهي.“ (هن آيت جي ڏس ۾) ڪنهن عربيءَ کي ڪنهن عجميءَ تي ڪا به فضيلت نه آهي ۽ نه ڪنهن عجميءَ کي ڪنهن عربيءَ تي، نه ڪاري کي اڇي تي ۽ نه اڇي کي ڪاري تي. فضيلت جو معيار ته رڳو تقوى سان آهي.

سڀ انسان آدم جو اولاد آهن ۽ آدم مٽيءَ مان بڻايو ويو، خبردار! هاڻي فضيلت ۽ برتريءَ جون سڀ دعوائون، خون ۽ مال جا سڀ مطالبا ۽ انتقام منهنجي پيرن هيٺان چيڀاٽيا ويا آهن. باقي بيت الله جي سارسنڀال ۽ حاجين کي پاڻي پيارڻ جون خدمتون ساڳي ريت برقرار رهنديون.

پوءِ پاڻ ﷺ ارشاد فرمايائون: اي اهلِ قريش! ائين نه ٿئي جو الله جي آڏو اوهان اهڙي طرح حاضر ٿيو جو اوهان جي گردنن تي دنيا جو بار پيل هجي، جڏهن ته ٻيا ماڻهون آخرت جي سامان سان پهچي وڃن، جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ آئون الله جي آڏو اوهان کي ڪجهه به ڪم اچي نه سگهندس.

اي قريشيو! بي شڪ الله تعالى اوهان کان جاهليت واري فخر ۽ ابن ڏاڏن جي ڪارنامن تي وڏائي ڪرڻ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
اي انسانو! بي شڪ اوهان جا خون، اوهان جا مال ۽ اوهان جون عزتون پنهنجي رب سان (قيامت ۾) ملڻ تائين اهڙيءَ طرح احترام جوڳا آهن، جهڙي طرح اوهان جو هيءُ اڄ جو ڏينهن احترام وارو آهي ۽ جهڙيءَ ريت اوهان جو هيءُ (حج جو) مهينو احترام وارو آهي ۽ جهڙي طرح هيءُ اوهان جو شهر (مڪو) احترام وارو آهي ۽ بي شڪ جڏهن اوهان پنهنجي رب سان ملندؤ ته هو اوهان کان اوهان جي عملن بابت پڇاڻو ڪندو.
خبردار! مون کان پوءِ گمراه نه ٿجو، متان پاڻ ۾ خونريزي ڪريو.

جيڪڏهن ڪنهن وٽ امانت رکائي وڃي ته ان تي لازمي آهي ته هو امانت رکائيندڙ کي سندس امانت پهچائي ڇڏي.
اي انسانو! هر مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاءُ آهي ۽ سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن، پنهنجي غلامن جو خيال رکجو (ها) پنهنجي غلامن ڏانهن ڌيان ڏجو، انهن کي اهڙوئي کارائجو، جيڪي پاڻ کائيندا هجو ۽ کين اهڙوئي ڍڪائجو، جهڙو پاڻ ڍڪيندا هجو.

ياد رکو! جاھليت جي زماني جو سڀ ڪجهه مون پنهنجي پيرن هيٺان چيڀاٽي ڇڏيو آهي، پڻ جاهليت وارا خون هاڻي معاف آهن. پهريون انتقام جنهن کي آئون پنهنجي انتقامن منجهان معاف ڪريان ٿو، اهو ربيعه بن الحارث جو انتقام آهي، جنهن سعد قبيلي ۾ کير پيتو ۽ کيس هُذيل ماري ڇڏيو هو ۽ هاڻي آئون جاهليت جي زماني جي وياجن کي به ختم ڪريان ٿو، پهريون وياج جنهن کي مان ڇڏيان ٿو اهو عباس بن عبدالمطلب جي خاندان جو وياج آهي، جيڪو هاڻي سڀ جو سڀ ختم آهي.
اي انسانو! بي شڪ الله عزوجل هر حقدار کي سندس حق ڏنو آهي، سو هاڻي ڪوبه ڪنهن وارث جي حق لاءِ وصيت نه ڪري.
ٻار انهيءَ ڏانهن منسوب ٿيندو، جنهن مان پيدا ٿيو هوندو ۽ جنهن تي حرام ڪاري ثابت ٿئي ته ان جي سزا پٿر (رجم) آهي باقي وڌيڪ سندن حساب الله جي حوالي آهي.
جيڪو پنهنجو نسب بدلائي يا جيڪو غلام پنهنجي مالڪ کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي پنهنجو مالڪ ظاهر ڪري ته مٿس الله جي لعنت آهي.
قرض لاهڻ ضروري آهي، اُڌاري ورتل شيءِ موٽائڻ گهرجي، تحفي جو بدلو ڏيڻ گهرجي ۽ جيڪو ڪنهن جو ضامن پوي ته اهو ضمانت ادا ڪري.
۽ ڪنهن شخص لاءِ اهو جائز نه آهي ته هو پنهنجي ڀاءُ کان ڪا شيءِ وٺي، سواءِ ان جي ته سندس ڀاءُ پنهنجي خوشيءَ سان ڏئي، سو پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي ظلم نه ڪريو.
خبردار! ڪنهن عورت کي جائز نه آهي ته هوءَ پنهنجي مڙس جي مال مان ڪجهه به سندس اجازت کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي ڏي.

اي انسانو! بي شڪ اوهان جا پنهنجي عورتن تي ڪجهه حق آهن، پڻ انهن جا اوهان تي حق آهن. اوهان جو انهن تي حق هيءُ آهي ته هو پنهنجي بستري تي ڪنهن ٻي ماڻهوءَ کي نه گهرائين، جنهن کي اوهان ناپسند ڪندا هجو ۽ ڪوبه چٽو بي حيائيءَ جو ڪم نه ڪن، پوءِ جيڪڏهن هو ائين ڪن ته پوءِ اوهان کي الله جي طرفان اجازت آهي ته اوهان سندن بسترا عليحده ڪريو ۽ اهو به ته کين معمولي جسماني سزا ڏيو، پوءِ جيڪڏهن هو مُڙي وڃن ته اوهان کين سٺي طرح کارايو ۽ پهرايو.
۽ عورتن سان سٺو سلوڪ ڪريو، ڇاڪاڻ ته هو اوهان جون پابند آهن ۽ هو پنهنجي لاءِ ڪجهه به ڪري نه ٿيون سگهن، سو عورتن جي معاملي ۾ الله کان ڊڄو، ڇو ته اوهان کين الله جي امانت طور حاصل ڪيو آهي، پڻ سندن ستر کي الله جي نالي تي ئي حلال ڪيو آهي.
بي شڪ مون اوهان وٽ اهڙي شيءِ ڇڏي آهي، جيڪڏهن اوهان انهيءَ تي مضبوطيءَ سان قائم رهيا ته ان کان پوءِ ڪڏهن به گمراه ٿي نه سگهندا. اهو الله جو ڪتاب آهي.
۽ خاص ڪري دين جي معاملن ۾ اجايو وڌاءُ نه ڪجو، ڇو ته اوهان کان اڳ واريون قومون به انهيءَ ڪري هلاڪ ٿيون هيون جو انهن پڻ دين جي معاملن ۾ اجايو وڌاءُ ڪيو هو.
بي شڪ شيطان هاڻي مايوس ٿي چڪو آهي ته اوهان جي هن سر زمين تي، سندس ڪا عبادت ڪئي ويندي، پر متان ائين ٿي سگهي، ته اهڙن معاملن ۾ جن کي اوهان حقير سمجهندا آهيو، تن ۾ سندس اطاعت ڪئي وڃي، هو ته ان تي پڻ راضي ٿي ويندو. سو اوهان کائنس پنهنجي دين جي حفاظت ڪجو.

خبردار! پنهنجي رب جي عبادت ڪريو، پنهنجي پنج وقتي نماز ادا ڪريو، رمضان جي مهيني جا روزا رکو، پنهنجي مال مان دل جي خوشيءَ سان زڪوٰة ادا ڪندا رهو، پنهنجي رب جي گهر جو حج ڪريو ۽پنهنجي اهل امر جي اطاعت ڪريو ته اوهان پنهنجي رب جي جنت ۾ داخل ٿيندؤ.

يار رکو! ڏوهاري پاڻ ئي پنهنجي ڏوهه جو ذميوار هوندو، نه ته پيءُ جي ڏوهه جو ذميوار پٽ هوندو ۽ نه ئي پٽ جي ڏوهه جو ذميوار پيءُ هوندو.
ٻڌو! جيڪو هتي موجود آهي، ان کي گهرجي ته اهي ڳالهيون غير موجود تائين پهچائي، ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن غير موجود ٻڌندڙ کان وڌيڪ سمجهندڙ ۽ محفوظ ڪندڙ هجي.
۽ اوهان کان منهنجي باري ۾ (الله وٽ) سوال ڪيو ويندو ته پوءِ اوهان ڪهڙو جواب ڏيندؤ؟ اصحاب سڳورن عرض ڪيو ته اسان شاهدي ڏينداسون ته اوهان (دين جي) امانت ادا ڪئي ۽ رسالت پهچائي ڇڏي، پڻ امت جي خيرخواهي ڪري ڇڏي.
تنهن تي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن آسمان ڏانهن پنهنجي شهادت واري آڱر کڻندي ۽ ماڻهن ڏانهن اشاروڪندي فرمايو:

“اي الله! تون گواه رهه.
اي الله! تون گواهه رهه.
اي الله! تون گواه رهه.