حجة الوداع جو خطبو
حضور نبي ڪريم ﷺ ھجرت جي ڏھين سال ذولحج مھيني ۾ اٽڪل ھڪ لک چاليھ ھزار مسلمانن جي جماعت سان آخري حج ادا ڪيو. پاڻ ﷺ عرفات جي ميدان ۾ پنھنجي ڏاچي قصويٰ تي سوار ٿي ھڪ تاريخي خطبو ڏنو ھو. حجة الوداع جو ھي خطبو انساني حقن جو جامع منشور آھي. ھي خطبو يتيمن، مسڪينن، عورتن ۽ ٻانھن جي حقن جو کليل پڌرنامو آھي.