سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ريڊيو ڪمپيئر ۽ شاعر امين ارباب جي شاعريءَ ۽ ريڊيو اسڪرپٽ تي مشتمل ڪتاب ”ڌرتي منھنجي سَرتي“ اوهان اڳيان حاضر آهي. حليم باغي لکي ٿو:
”امين ارباب جي شاعري ۽ ڪمپيئرنگ نئين نسل جي جاکوڙ جو ھڪ ننڍڙو تفصيل آھي. امين جي شاعريءَ ۾ موجودہ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھوءَ جو درد ليئا پائيندو نظر اچي ٿو. ھن جي محبوب سنڌ ڌرتي آھي، جنھن کي ھو پيار، امن ۽ خوشحال سنڌ ڏسڻ جي تمنا رکي ٿو جيڪا سندس شاعريءَ ۾ موجود آھي.
ھي ڪتاب 2004ع ۾ ماروئڙا ويلفيئر ايسوسيئيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي