سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھند جي نامياري ليکڪا وينا شرنگيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”اڌ کليون اکيون“ اوھان اڳيان پيش آھي.
وينا شرنگي ھند ۽ سنڌ ۾ مشھور آھي. ھوءَ معروف ليکڪا، شاعرا ۽ سُٺي براڊڪاسٽر آهي. هوءَ ڪنھن بہ تعارف جي محتاج نہ آهي. آڪاشواڻي دهليءَ جي ايڪسٽرنل سروس جي ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي. سندس ھن ڪتاب ۾ سولي ٻوليءَ ۾ احساسن جي ترجماني ڪيل آھي. ھن دل ۽ دماغ جي ڳالھ قلم ذريعي ڪھاڻين ۾ پيش ڪئي آھي.
ھي ڪتاب پروميلا پبليڪيشن، نئين دھلي پاران 1990ع ۾ ڇپايو ويو، جيڪو وتايي جي گهر جي سھڪار سان ھتي شيئر ڪجي ٿو.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي