آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ھو ڏوٿي ھو ڏينھن

هي ڪتاب سنڌي سوانحي ادب ۾ هڪ بھترين ڪتاب آهي، جنھن جو سٽاءَ، توڙي ترتيب محترم محمد ابراهيم جويي جي رکيل آهي. هي ڪتاب راشدي صاحب 1960ع ڌاري فلپائين ۾ رهائش دوران لکيو ھو، جتي پاڻ پنھنجي وڏي ڀاءُ علي محمد راشديءَ وٽ، جيڪو فلپائين ۾ سفير هو، وڃي رهيا هئا. هن ڪتاب بابت راشدي صاحب لکي ٿو: ”هي تاريخ نہ آهي، سنڌ جي معاشرتي تاريخ جو هن کي مقدمو سمجهي سگهجي ٿو. هن ۾ گهڻي حد تائين، انھن سڀني ناسورن جو مذڪور ڪيو ويو آهي، جيڪي سنڌ جي تنزل ۽ سنڌين جي شڪست دلي جو سبب بڻيا آهن، جنھن جي نتيجي ۾ جيڪو گهر کان رُسي ٿو، سو سنڌين تي سُستي، ڪاهلي، بيڪاري ۽ نااهليت جا طرحين طرحين طعنا رکي، کين جيئڻ ۽ جيئندان ڏيڻ جو مستحق نٿو سمجهي.“

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ھو ڏوٿي ھو ڏينھن

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ  جي يادگيرين تي مشتمل آتم ڪٿا ”ھو ڏوٿي ھو ڏينھن“ اوھان اڳيان پيش آھي.
هي ڪتاب سنڌي سوانحي ادب ۾ هڪ بھترين ڪتاب آهي، جنھن جو سٽاءَ، توڙي ترتيب محترم محمد ابراهيم جويي جي رکيل آهي. هي ڪتاب راشدي صاحب 1960ع ڌاري فلپائين ۾ رهائش دوران لکيو ھو، جتي پاڻ پنھنجي وڏي ڀاءُ علي محمد راشديءَ وٽ، جيڪو فلپائين ۾ سفير هو، وڃي رهيا هئا. هن ڪتاب بابت راشدي صاحب لکي ٿو: ”هي تاريخ نہ آهي، سنڌ جي معاشرتي تاريخ جو هن کي مقدمو سمجهي سگهجي ٿو. هن ۾ گهڻي حد تائين، انھن سڀني ناسورن جو مذڪور ڪيو ويو آهي، جيڪي سنڌ جي تنزل ۽ سنڌين جي شڪست دلي جو سبب بڻيا آهن، جنھن جي نتيجي ۾ جيڪو گهر کان رُسي ٿو، سو سنڌين تي سُستي، ڪاهلي، بيڪاري ۽ نااهليت جا طرحين طرحين طعنا رکي، کين جيئڻ ۽ جيئندان ڏيڻ جو مستحق نٿو سمجهي.“.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1977ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران، جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 2002ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جيڪو وتايي جي گهر جي سھڪار سان ھتي شيئر ڪجي ٿو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مهاڳ

ساقي! قدحمي، ڪه دور گلزار گذشت
مطرب! غزلي، ڪه وقت گفتار گذشت
اي هم نفس! از بهرِ دلِ زار بگو
افسانہء آن شبي، ڪه با يار گذشت

1958 جي آخر ۾ مون کي دل جو عارضو ٿيو. ٽي مهينا لاڳيتو کٽ تي پئي رهڻ بعد جيئڻ جي اميد ته ٿي، پر اعصاب صفا جواب ڏئي بيٺا ۽ آءٌ شديد ”نروس بريڪ ڊائون“ جو شڪار ٿي پيس. انهيءَ زماني ۾ منهنجو برادر بزرگوار پير علي محمد راشدي منيلا ۾ پاڪستان جي ملازمت ڪري رهيو هو. ڊاڪٽرن صلاح ڏني ته آءٌ ڪجهه وقت لاءِ ملڪي ماحول مان نڪري اوڏانهن هليو وڃان. ڊسمبر جي آخر ۾ مون پنهنجي وطن کي خيرباد چيو.
تقريباً ٻه سال مون اتنهن ڏاڍو سخت گذاريا. منهنجي ڀاءُ هڙان ۽ وڙان ڪسر ڪانه ڇڏي. ڪوبه اهڙو علاج، ڪابه اهڙي دوا ۽ ڏس پتو ڪونه هو، جيڪو مون تي نه آزمايو ويو. يڪن جيسين اوڏانهون فضل جو ڦيرو نه ٿئي، تيسين ڪٿي ٿيون سُتيون ۽ سبب فرق ڪن.
خوف، هراس، خواه مخواه جي ذهني خلجان ۽ خلفشار، غرض نيم ديوانگيءَ جي ڪيفيت چوويهه ڪلاڪ طاري هئي. حالت اها اچي ٿي، جو علي محمد کي خطرو ٿيو ته آءٌ ممڪن آهي خودڪشي ڪري ويهان، سو اڳ وٺي هٿيار لڪائي ڇڏيائين. سال ڏيڍ جي جدوجهد بعد هڪ شام اهڙي به آئي، جو ڊاڪٽر وٽان موٽندي نااميدي محسوس ٿي، اسان ٻنهي ڀائرن هڪٻئي ڏانهن ڏٺو، ٻنهي جي اکين مان بيوسيءَ مان لڙڪ وهي نڪتا.
وڏن جو چوڻ آهي ته انسان جڏهن سڀ وسيلا وڃائي ويهي ٿو، سمورو ٿر ٿيلي بيهي ٿو، ۽ سڀيئي واهون ۽ واٽون بند ٿي وڃن ٿيون، انهيءَ وقت شافي مطلق ڏانهن رجوع ٿئي ٿو. دعا ۽ دوا جي اجابت جو اهو ئي وقت آهي. انهيءَ سمي ڦڪيون به فرق ڪن ٿيون ته دوا به اثر ڪري ٿي.
انهيءَ مايوسيءَ جي حالت ۾ رات جو اوچتو مون کي ٺٽي جي هڪ قديم بزرگ جو قول دل تي تري آيو، درود شريف هر مرض جو علاج آهي ۽ انهيءَ ورد وظيفي لاءِ ڪنهن به اهتمام ۽ احتياط جو احتياج ڪونه آهي! انهيءَ خيال ايندي منهنجي دل تان سمورو بار لهي ويو، ۽ طبيعت ۾ ائين ماٺائي اچي وئي، جيئن سمونڊ خوفناڪ ڇولين بعد ماٺيڻو ٿي ويندو آهي. پوين ٻن سالن ۾ اها پهرين رات هئي جو مون کي ننڊ آئي ۽ اطمينان سان سمهي رهيس.
ٻئي ڏينهن کان مون درود شريف پڙهڻ شروع ڪيو، خاص طرح شام جي وقت جڏهن آءٌ ڊاڪٽرن جي حڪم موجب پنڌ ڪرڻ ويندو هيس.
ٻن ڏينهن بعد هڪ ٻئي متخصص ڊاڪٽر جو اوچتو ڏس مليو. جيڪا ڳالهه پوين ٻن سالن جي هڻ هڻان ۾ معلوم ڪانه ٿي سگهي هئي، سان هاڻي ٻن ڏينهن بعد معلوم ٿي وئي، اوڏانهن جو سولائيءَ ۽ سڻائيءَ جو مقرر ٿيل وقت اچي ويو هو.
ڊاڪٽر سيسان (Seson .M.B.A) جي صورت شڪل اها هئي جيڪا ديون جي ڪهاڻيءَ ۾ ”ماماڙي! ماما!“ واري ديو جي بيان ڪئي ويندي آهي. پوڙهو، ٿلهو، قداور، بت ڪاٺ وارو، اڇا ڀُور اڇيون ڀروان، اکيون ڀروَن ۽ پنبڻين جي هيٺان لڪل، جيڪڏهن چئجي ته ٻِياني سان ڇَپَر جڏهن کڻجن تڏهن ڏسي سگهي ته بيجا نه ٿيندو. خود سندس دل تي ٻٽي دفعا ”هارٽ اٽئڪ“ جا حملا ٿيل، 70 - 75 کان مٿي ٽپيل، انهيءَ هوندي به منيلا جي گرميءَ ۾ ٽاڪ منجهند جو روزانو ٽينس کيڏندو هو. سول اسپتال جو انچارج، وڏي دٻدٻي ۽ ڌاڪي وارو مڙس محسوس ٿيو ٿي.
احوال ٻڌي گورِن جي شيشي هٿ ۾ ڏئي، پٺتي موٽائي ڇڏيائين. اهو پنجن منٽن جو کيل وڏي اعتماد ۽ حتمي فيصلي سان عمل ۾ آيو، گويا منهنجي صحتمنديءَ جي پرواني جو اِجرا هو، جيڪو ٿي چڪو.
دوا شروع ٿي. چئن - پنجن ڏينهن بعد منهنجي دماغ، ذهن، مزاج ۽ طبيعت جي فضا تان ڪارا ڪڪر ڇڄڻ شروع ٿيا، انڌيرا آهستي آهستي روشنائيءَ ۾ بدلجڻ لڳا، محسوس ڪيم ته آءٌ وري پنهنجي دنيا ڏانهن موٽي رهيو آهيان. يا ته سنڌي عبارت به سمجهه ۾ ڪانه ٿي آئي يا هاڻي پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ روح سٽان ڏيڻ لڳو. اِهو 1959ع جو اختتام هو.
اهو هو منهنجو حال منيلا ۾. پنهنجي وطن ۾ رهندڙن دوستن يارن کي ڪابه سڌ ڪانه هئي، اخباري دوستن ۽ رسالن جي مالڪن جا خطن مٿان خط، ٿي گهريو، ڏوراپن ۽ اوڙاپن جا پيغام ۽ پيام ايندا ٿي رهيا. ڪنهن سالياني پرچي لاءِ مضمون ڪنهن کي خاص نمبر لاءِ مقالو درڪار هو، ڪنهن يار کي شڪايت هئي ته منيلا ۾ مزا ڪري رهيو آهيان، سال گذري ويا آهن. جو سندس پرچي لاءِ ڪجهه ڪونه لکيو اٿم. حقيقت حال جي ڪنهن کي خبر ڪانه هئي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڏانهن لکان به ها ته باوَر ڪونه ڪري ها. منيلا ۾ سال سوا رهڻ بعد به فائدو نه ٿئي؟ اهو ڀلا ڪيئن ٿي سگهيو ٿي؟ راتيون ۽ ڏينهن ڪهڙيءَ ريت ٿي گذريا؟ مون تي ڇا وهيو ۽ واڻيو؟ اها خبر ته مون کي يا منهنجي خدا کي هئي. چوندا آهن: ”هنڌ اهو سڙي، جتي باهه ٻري“. هزارن ميلن جي مفاصلي تان لکڻ ۽ ٻڌائڻ سان ڪنهن جي سمجهه ۾ ٿورو ئي اچي ها؟
آءٌ ڪراچيءَ ۾ اڃا بستري داخل هيس، جو ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم هي جهان ڇڏيو، منهنجي لاءِ اهڙِن خبرن ٻڌڻ جي سخت منع هئي، ليڪن ڪن کُڻڪ پئجي ويئي، جنهن اوسان خطا ڪري ڇڏيا، مون کي اڃا ڪالهه ڪالهوڻي بستري ۾ ڏسي دعائون ڪري دلجاءِ ڏئي ويو هو. اندر جو سور اندر ۾ پي ويس. اعصابن کي انهيءَ صدمي ويتر نهوڙي وڌو.
متبلا ۾ وطن کان دوريءَ، دوستن يارن کان پري، پنهنجي ماحول کان جدا، اها سڌ خبر ڪانه ته صحت جو انجام ڪهڙو ٿيندو؟ وطن جا وڻ ڏسڻ نصيب ٿيندا يا مرڳوئي منيلا ۾ مڙهه رُلَندو؟ انهيءَ ڪشمڪش جي حالت ۾ هڪ ڏينهن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو خط آيو، جنهن ۾ اطلاع هو ته نوازعلي ”نياز“ به هن دنيا مان موڪلائي هليو ويو.
هيءَ سڄي رام ڪهاڻي ۽ سموري ڪٿا اِن ڪري لکان ٿو، جيئن پڙهندڙن جي ڪن تي هجي ته ايندڙ صفحن ۾ جيڪي ڪجهه پڙهندا، اُهو ڪهڙي عالم ۽ ڪهڙي صورتحال ۾ لکيو اٿم. دل تي ڪينءَ چوٽون لڳيون، ڪينءَ زخم کائي قلم هٿ ۾ کنيم.
ڊاڪٽر بلوچ ته قرب ڪري ٻئي حال احوال سان گڏ اها خبر به لکي ڇڏي، اها کيس ڪهڙي سڌ هئي ته مان ڪهڙي عالم ۾ آهيان، منهنجو نياز سان ڪهڙو تعلق هو، ۽ انهيءَ اطلاع جو مون تي ڪهڙو اثر ٿيندو.
ڊاڪٽر صاحب اهو خط 30 جنوري 1960ع جو ڍاڪا مان لکيو هو، جيڪو 5 فيبروريءَ جو مون کي منيلا ۾ مليو.
مٿي ذڪر ڪيل دوا جو اثر مون تي تمام سٺو ٿيو هو، هاڻي آءٌ گهڻيءَ حد تائين بهتر ٿي چڪو هيس. مٺن پيارن کان دوري ۽ دوستن جون هميشہ لاءِ جدايون اڃا اندر ۾ ڇيهه ڏئي رهيو هيون. پر هاڻي سورن سهي وڃڻ جو ست ڪي قدر پيدا ٿي چڪو هو. نياز جو سور به سهسائي ويس. يارن جون فرمائشون ته سر تي هيون، پر دل به گهريو ٿي ته لکڻ پڙهڻ شروع ڪيان، سو ٻه ڏينهن سوچڻ بعد ارادو ڪيم ته نياز تي هڪ مضمون لکجي. ڪونه ڪو يار به سرچائي وجهندس، فرض به پورو ٿيندو ۽ ان کان ته اندر ۾ لڳل آڳ تي ٿورو ڪي گهڻو ڇنڊو به پئجي ويندو.
پنهنجين تاريخ خط مليو هو، ڇهين ۽ ستين سوچيندو رهيس، اٺين تاريخ صبح جو ٻن اڍائي ورهين جي وٿيءَ کان پوءِ قلم هٿ ۾ کڻي الاتهار ڪيم.
ارادو ته هو مضمون لکڻ جو، ليڪن ٻن اڍائي سالن ۾ مهميزان سخت لڳي چڪيون هيون، ازان سواءِ فراغت، ۽ اڪيلائيءَ جو اهو سمورو وقت سوچڻ ۽ ”پاڻ سان ملاقات“ ڪرڻ جو وقت مليو هو، تنهن زندگيءَ ۾ پهريون دفعو، حياتيءَ ۾ جيڪي وهي واپري چڪو هو، تنهن تي تنقيد ڪرڻ ۽ جائزي وٺڻ جو موقعو ڏنو هو. انسان لاءِ اڪيلائي هميشہ اڪسير آهي، تڏهن ته صوفين سڳورن تنهائي ۽ گوشه نشينيءَ کي زندگيءَ جي هَل هَلان مٿان ترجيح ڏني آهي ۽ اڪيلائيءَ کي افضل سمجهيو اٿن. انسان اڪيلو ٿي پاڻ سان ملي ٿو، پاڻ سان رهاڻ ڪري ٿو، پنهنجي اندر واري سان اوري ٿو، پنهنجن ۽ پراون جي عملن جا دفتر سامهون اچن ٿا، جن جي چڱائيءَ مٺائيءَ تي سوچڻ ۽ غور ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. دنيا جي هنگامن ۾ رهي پاڻ کان بيگانو ٿي وڃڻ، انسانيت لاءِ خواهه پنهنجو پاڻ لاءِ هاڃيڪار آهي.
آءٌ به سالن پڄاڻان مهميز لڳڻ سبب پاڻ سان ملاقي ٿيو هيس. ارادو ته هو مضمون لکڻ جو، ليڪن قلم بي اختيار، سواءِ ڪنهن ارادي ۽ فيصلي جي، ڪنهن اڻ ڄاتل قوت جي زور تي، هلندو رهيو! هلندو رهيو!
صبح جو ويهي لکندو هيس، شام جو ڊاڪٽرن جي هدايت مطابق پنڌ ڪندو هيس، هٿ ۾ تسبيح، زبان تي درود شريف ۽ ذهن ۾ صبح جي لکيل جي بقايا. يعني: دل پيار دست بڪار! انهيءَ دوران ۾ نوان نوان داستان، وسري ويل واقعا، ڳالهيون ۽ عنوان ياد ٿي، ٿي ويا. جن کي ٻئي صبح تي قلمبند ڪندو رهيس. منجهند تايئن جيڪي لکيم ٿي، تنهن کي رات جو منهنجو فرزند حسين (خدا کيس صالح ڪري ۽ حياتي ڏئي) صاف ڪندو هو.
مضمون کان مسئلو مٿي ٽپي هليو. منهنجو عقيدو آهي ته صحت، شفا ۽ جيڪي ڪجهه ٿيو يا ٿي رهيو، سو سڀ انهيءَ مالڪ جي مرضيءَ ۽ منشا مطابق هو.
تسبيح هٿ ۾، درود شريف زبان تي، اڄ تائين انهيءَ دور جو يادگار هليو اچي ٿو. ظاهربين دوست کلندا آهن، ٺٺوليون ڪندا آهن. ”عربن جي تسبيح“ سان تشبيهه ڏئي خبر نه آهي دل ۾ ”بديءَ“ جا ڪهڙا ڪهڙا بهتان ۽ ڪهڙا ڪهڙا عنوان سوچيندا آهن، ليڪن کين ڪهڙي سڌ ته انهيءَ مالڪ جا مون تي ڪيترا ڪرم، احسان ۽ عنايتون ٿيون ۽ اڃان پيون ٿين.
لکڻ جو اهو سلسلو برابر ڇهه مهينا هليو. 8 فيبروريءَ کان شروع ٿيو هو ۽ 28 آگسٽ 1960 جو ڏيڍ بجي منجهند جو ختم ٿيو. جنهن کان پوءِ آءٌ ستت ڪراچيءَ هليو آيس.
ڪن ڳالهين متعلق هتي ملڪ ۾ رهي لکڻو هو، ڇاڪاڻ ته اُتنهن معلومات فراهم ٿي ڪانه ٿي سگهي، پر ارمان آهي جو سترهن ارڙهن ورهين ۾ نه وقت مليو ۽ نه وري اها ڪيفيت ۽ واردات ئي طبيعت تي طاري ٿي. جيڪي ڪجهه رهجي ويو، سو رهجي ويو.
هن لکت کي هڪ شخص جي ذاتي احساس ۽ تاثر جو آئينو سمجهڻ گهرجي. منيءَ صديءَ ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺم يا ٻڌم، جيڪي منهنجي آسپاس وهيو واپريو، انهيءَ ذهن تي، ماحول تي، ماڻهن تي نتيجي طور ڇا تاثر ڇڏيو، انهيءَ کي هوبهو قلمبند ڪيو ويو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ساڳين مسئلن تي ڪن معاصر دوستن جو تاثر مختلف هجي جنهن جو امڪان هر معاملي ۾ ٿي سگهي ٿو. ليڪن پنهنجي طرفان پڙهندڙڻ کي آءٌ يقين ڏيان ٿو ته هنن ورقن ۾ ڪوبه واقعو تصوراتي يا فرضي آندو نه ويو آهي. شخصي تعصب يا عقيدي کي ڪوبه دخل نه ڏنو ويو آهي. ماحول جي تاثر ۽ عمل جي در عمل ۽ احساس کي شخصي راءِ مٿان بهرنوع بالادستي ڏني وئي آهي.
هيءَ تاريخ نه آهي، ليڪن سنڌ جي هڪ دور جي معاشرتي تاريخ جو هن کي مقدمو سمجهي سگهجي ٿو. هن ۾ گهڻيءَ حد تائين انهن سڀني ناسورن جو مذڪور ڪيو ويو آهي، جيڪي سنڌ جي تنزل ۽ سنڌين جي شڪسته دليءَ جو سبب بڻيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ جيڪو ”گهر کان رُسي ٿو“ سو سِنڌين تي سستيءَ، ڪاهليءَ، بيڪاريءَ ۽ نااهليت جا طرحين طرحين طعنا رکي، کين جيئڻ ۽ جيئدان ڏيڻ جو مستحق نٿو سمجهي.
هنن صفحن ۾ ڄاڻي واڻي ڪنهن شخص يا طبقي جي دل آزاري منهنجو مقصد يا منهنجي پيش نظر نه رهي آهي. مثالن ڏيندي يا واقعن چٽيندي، جيڪڏهن ڪا ڳالهه اچي وئي آهي، جنهن مان ڪنهن فرد جي دل کي ڏک پهچي ٿو ته آءٌ شخصي طرح معافي ٿو وٺان، ليڪن اهو ڌيان ۾ ضرور رکڻ گهرجي ته سڄي ملڪ جي دل آزاريءَ جي مقابلي ۾ ڪنهن فرد واحد جو ڏک يا ڏوراپو ڪابه حقيقت، حيثيت يا اهميت نٿو رکي. منهنجي پيش نظر ملڪ ۽ ملڪ جا ماڻهو ۽ انهن جو ڏک سک رهيو آهي، ڪو طبقو يا ڪو فرد جيڪڏهن قومي ضرر جو سبب پئي رهيو آهي ته انهيءَ تي چشم پوشي ڪرڻ مون قومي جرم سمجهيو آهي.
اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هن ڪتاب ۾ معاشري جي پوري تاريخ يا ان جي سڀني پهلوئن کي بحث هيٺ آندو نه ويو آهي. سرسري طرح جيڪي ذهن ۾ آيو، جيڪا ڳالهه دل تي تري آئي، تنهن کي قلم برداشته لکيوويو آهي، انهيءَ ڪري پڙهندڙن کي شايد ڪن جاين تي تشنگي محسوس ٿئي. ميدان وسيع آهي، خدا گهريو ته ڪيترا دل وارا ۽ اهل نظر اهڙا اڳتي ايندا، جيڪي انهن ڪوتاهين جي تڪميل ڪري جَسُ کٽندا.
ٻن علمي مسئلن جي وضاحت ڪرڻ هتي ضروري ٿو سمجهان. ڪتاب ۾ صفحي 389 تي حسين فقير ديدڙ ”شهر آشوب“ ڏنو ويو آهي، جيڪو 1923 ۾ منهنجي ڪَنين پيو.
حسين فقير ديدڙ ميرن جو ڪاردار هو، سندس وفات ستر ورهين جي ڄمار ۾ 1873ع (1290هه) ۾ ٿي. ظاهر آهي ته حسين فقير اهو ”شهر آشوب“ انگريزن جي اچڻ وقت چيو، جنهن جو اشارو هُن،

”حاڪم سخت فرنگي آيا“

جي ذريعي ڏنو آهي. ”شهر آشوب“ مشهور ۽ زبان زد عام ته اڳ ئي هوندو، پهرين مهاڀاري لڙائيءَ بعد جيڪو بحران هندستان اندر پيدا ٿيو، حڪومت پيرن سيدن، آفيسرن ۽ وڏيرن جي ذريعي ”امن سڀائون“ ٺاهي، قومي جا ڳرتا کي ختم ڪرڻ گهريو، انهيءَ وقت هي ”شهر آشوب“ هڪ دفعو وري غصي جي اظهار طور سنڌ اندر 1923ع کان اڳ مشهور ٿيو ۽ 1923ع ڌاري منهنجي ڪن پيو.
صفحي 302 تي ”قدسيءَ“ جي فارسي نعت ڏني وئي آهي، جيڪا قدسي مشهديءَ جي نه آهي: انهيءَ جو مصنف، بقول عارف بقائي صاحبِ ”مجمع الفضلا“، سال 1993هه ۾ فوت ٿيو، جڏهن ته قدسي مشهدي 1056هه ۾ وفات ڪئي.
هي ڪتاب تقريباً ارڙهن سال پيو رهيو، انهيءَ انتظار ۾ ته آءٌ رهيل خال ڀريان، ليڪن انهيءَ جي في الحال اميد نه ڏسي منهنجي دوست محمد ابراهيم جويي ۽ غلام ربانيءَ ڇپائيءَ لاءِ زور ڀريو. بلڪ محمد ابراهيم جويي ته پڇاڙيءَ تائين هڪ هڪ اکر نظر مان ڪڍيو، ڪتاب جو نالو به پاڻ رکيائين، پروف ڏٺائين، سنوارڻ ۽ سينگارڻ جو سڄو بار به پاڻ کنيائين. جيڪڏهن ڀاءُ محمد ابراهيم همت نه ڪري ها ته ڪتاب مرڻ بعد منهنجي اثاثي مان نڪري ها ۽ مئي جي مال وانگر هن جو به اهوئي حشر ٿئي ها، جيڪو هزارن مسودن جو ٿيندو آهي.
آءٌ حسين راشدي صاحب جو شڪر گذار آهيان، جنهن مسودي کي صاف ڪيو الف کان ي تائين سليقي سان ترتيب ڏني.
گهربو هو ته باب ٺاهجن ها، هر باب تي عنوان قائم ڪجي ها، ۽ ڪيترين تصويرن جي به ضرورت هئي، ليڪن آءٌ اهي ڪو تاهيون پوريون ڪري ڪونه سگهيس. فهرست البت اهڙيءَ ريت ٺاهي وئي آهي، جيڪا عنوانن سان گڏ هڪ نموني انڊڪس جو ڪم به ڏئي ويندي.
پريس جي لائق مئنيجر ميان الهه بچائي يوسف زئي صاحب جو آءٌ بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن شخصي دلچسپي وٺي، هي ڪتاب ڇپيو ۽ هر شيءِ تي پورو پورو ڌيان ڏنو- انهيءَ حد تائين ڌيان ۽ توجهه ڏنو، جو آءٌ سمجهان ٿو شايد ئي هن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ڪنهن ٻئي ڪتاب لاءِ ايڏي جاکوڙ ڪئي هجي.
خدا پاڪ سڀني مدد گارن ۽ دوستن کي خوش رکي. سنڌي ادبي بورڊ پنهجو منصبي فرض پورو ڪيو آهي، جنهن پڻ جس لهڻو.
هي ڪتاب 18 ورهيه اڳ لکيو هيم، جڏهن اڃا وارن ۾ اڇا ڪونه پيا هئا. اڄ 67 ورهين ۾ پير آهي. عمر جي ايامڪاريءَ جو سِجُ لڙي چڪو آهي، نازڪ ۽ خطرناڪ دور ٽپي، خدا جي فضل سان پار پيو آهيان. حياتيءَ جا باقي ڏينهن به پنهنجي پروردگار ۾ اميد اٿم ته عزت ۽ بنان ڪنهن جي محتاجي جي گذاري ويندس- انشاءَ الله!

يا رب! درِ خلق تڪيہ گاهم نڪني
محتاج گدا و پادشاهم نڪني
موي سيهم سفيد ڪردي بڪرم
با موي سفيد، روسياهم نڪني!

حسام الدين

6- سپٽمبر، 1977ع
60- الحمرا سوسائٽي،
ڪراچي 0816

1

هُو ڏوٿي هُو ڏينَهن، هو ڏونگر هو لَڪيون،
ڪنهن جنهن لڌا نينهن، جيئن پيا لهسن لُڪ ۾.
- شاهه

ڪانارئا ڪُڻڪن، جِنين لوڇَ لِڱن ۾،
پاڻهي ٻڌن پَٽيون، پاڻهي چِڪيا ڪَن.
- شاهه

اڄ هت منيلا ۾، پياريءَ سنڌ کان ٽي هزار ميل ڏور، برادرم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو خط پهتو. شروع ۾ ته سڀ خير سَلَهه جي خبر هئي، پر پڇاڙيءَ ۾ ڄڻ تِير وهائي ڪڍيائين. لکيل هو: ”نواز علي ’نياز‘ لاڙڪاڻي وارو گذاري ويو“. نبي بخش کي شايد اهو پتو ڪونه پيو ته ’نياز‘ لاڙڪاڻي وارو نه، بلڪ سڄيءَ سنڌ وارو. اديب، اهل علم ۽ فنڪار ڪنهن هڪ شهر يا هڪ خطي جي ملڪيت ٿيندا آهن ڇا؟ اهي اگرچ سڏائين لاڙڪاڻوي يا شڪارپوري، پر هوندا مِلڪ سڄي مُلڪ جي آهن، ۽ اهي ٿيندا ورثو سڄيءَ قوم جو آهن، جيتوڻيڪ ڀائر ڪنهن جا به هجن، ۽ مٽي ڪنهن سان به لڳين، ڄاوا ڪٿي به هجن، ۽ رهن ڪٿي به. بهرحال خط اها خبر آندي، جنهن هن دوريءَ تي دل کي ڏاڍو ڏک ڏنو ۽ رنج رسايو.

* * *

’نياز‘ انسان هو، فاني ۽ بي بقا، نيٺ هتئون هلڻو هئس، آخر رهي به ڪيترو رهي ها، موت سندس مرڪ هو، هن فاني جسم جو معاملو آخر ته مٽيءَ سندو مامرو آهي. ’نياز‘ جي موت ڪري سنڌي ادب کي نقصان پهتو، ’نياز‘ جي وڃڻ سبب شاعريءَ جو ايوان ويران ٿي ويو، زبان کي نقصان پهتو جو ’نياز‘ هي جهان ڇڏيو، اهي سڀئي ڳالهيون برابر، صحيح ۽ سچ، پر منهنجي ته دل اِنڪري به ڏڪي ويئي، جڏهن ڏٺم ته ’نياز‘ هڪ دور جو نمائندو هو، جيڪو دؤر سندس موت تي ختم ٿيو، ’نياز‘ هڪ عهد جي نشاني هو ۽ اهو عهد اڄ پورو ٿيو، ’نياز‘ هڪ خاص زماني جو عڪس ۽ آئينه دار هو، جيڪو زمانو هاڻي اچي پڄاڻيءَ کي پهتو. سندس تعلق انهيءَ وڻندڙ ماضيءَ سان هو، جيڪو باغ ۽ بهار هو، جيڪو امن ۽ آسائش هو، جيڪو سـُـڪون ۽ راحت هو. سڄي سنڌ جوان هئي، سندس نڪ مان نٿ ڪانه لٿي هئي، بولو ۽ بئنسر اڃا سندس نڪ ۾ هئي، ڪنن جي والـِـنِ ۽ نَسِبِن تائين اڃا ڪنهن ظالم جو هٿ اُت ڪونه پهتو هو، نه سندس وارئي ڇـُـڙيا هئا ۽ نه اڇو جوڙوئي ڍڪيو هئائين. نه ڇڙو ’نياز‘ جي لاڙڪاڻي تي جوڀن ۽ جواني هئي، پر سنڌ جو هر شهر، دِههِ خواهه دهقان، سکيو ۽ ستابو هو، ٻهڪيو ۽ چهڪيو ٿي.
خيال ڪيم، ’نياز‘ جي دور، زماني ۽ عهد جي هڪ هڪ شيءِ اکين اڳيان اچي ويئي. لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻي جا مشاعرا، اُتنهن جا مشاهير، وڏا وڏا زميندار، نواب ۽ سردار، انهن جو اوج ۽ اقبال، وضع ۽ قطع، ڪچهريون ۽ ڪارناما، سکرُ، سکر جون ادبي محفلون، اُتنهن جا مشاعرا، اُتنهن جا دلبر دوست ۽ موچارا ماڻهو، نه فقط جن جن واقعن سان ’نياز‘ جو واسطو هو، اهي ياد آيا، بلڪ انهيءَ سڄي ماضيءَ جون اهي سڀئي ڳالهيون ۽ ڪهاڻيون، جيڪي هنن گنهگار اکين ڏٺيون، هڪ هڪ ٿي ذهن ۾ اينديون ويون، دل تي ترنديون ويون، ۽ يادن جا نقش اُڀرندا ويا.
وسعتي پيدا کن اي صحرا که امشب در غمش،
لشکرِ آهِ من از دل، خيمہ بيرون ميکشد.

* * *

جنهن عهد جو ’نياز‘ نمائندو هو، انهيءَ دور ۾ لاڙڪاڻو سڄيءَ سنڌ ۾ برک هو، اهوئي زمانو هو جڏهن لاڙڪاڻي کي ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ چيو ويو، ۽ اهو به مشهور هو ته ”هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو!“ زميندارن جي جنهن تمدن جو هن مهل اچي موت ٿيو، وڏيرن جي جنهن معاشري جو ڏيو هاڻي اچي اُجهاڻو، نوابن، خانبهادرن، اميرن ۽ سردارن جي جنهن ٽولي جي اڄ اچي پڄاڻي ٿي، ان جو عروج ۽ اقبال ڏسڻ وٽان هو. ڪهڙي مجال، جو عامي ماڻهو اک کڻي ڏانهن ڏسي سگهي! ڪاراون ڪمدارن، ڪامـِـن ۽ ڪاردارن جي ذريعي پيغام موڪلي ووٽ ورتا ويندا هئا، ڪنهن کي طاقت هئي، جو انڪار ڪري پنهنجو پٽڪو لهرائي! گويا اهو وقت انهيءَ مخلوق جي ڦوهه جوانيءَ جو هو، جنهن کان پوءِ هِنن اکين آهستي آهستي اُنهيءَ بلنديءَ ۾ پستي ايندي ڏٺي، اُنهيءَ اقبال جي انتها ٿيندي ڏٺي، ۽ اُنهيءَ شمع جي لاٽ مان دونهون اُڀرندو ڏٺو.
سر شاهنواز خان ڀُٽو... خانبهادر نواب حاجي امير علي خان لاهوري... خانبهادر علي حسن خان هـَـڪـڙو... خانبهادر حاجي غلام محمد خان اِسراڻ... نواب سر غيبي خان چانڊيو... خانبهادر محمد ايوب خان کهڙو... قمبر وارا شيخ... باقراڻن وارا اُنڙ... ڏوڪريءَ وارا ٻـُـگهيا... ۽ ميهڙ وارا جتوئي، مطلب ته جاڏي کڻي نگاهه ڪر، ته زميندارن جي آلو آلان هوندي هئي! بنگلا، محل، ماڙيون ۽ ايوان، انهن ۾ رنگ ۽ رونقون، هـُـل ۽ هنگاما، کاڌا ۽ پيتا، مطلب ته ڏينهن عيدن جا ٿيندا هئا ۽ راتيون ڄڻ شب برات جون راتيون هيون.
ڪمرن ۽ ڪوٺِنِ ۾ پاڻ تشريف فرما، ٻاهر ايوانن ۽ اڱڻن ۾، رستن تي ۽ ڀـِـتين جي پاڇن هيٺان، نٽهڻ اُس ۾ يا ڪنهن وڻ جي ڇانـَـو ۾، ويهڪ هيٺان سـِـر رکيون يا پوتڙا وڇايون، فيصلن وارا، ڪمن ڪارين وارا، محتاج ۽ سوالي، مجبور ۽ محڪوم، هاري ۽ ناري، غرض اميرن جي ايوانن اڳيان غريبن جا انبوهن جي انداز ۾ ڪٽڪ هوندا هئا، نه فقط صبح کان سانجهيءَ تائين، پر ٻٽي ٻٽي ڏينهن انتظار ۾...جڏهن وڏيرن کي واندڪائي ٿئي، جڏهن اميرن کي فرصت ملي ۽ جڏهن سردارن کي غريبن لاءِ غور ڪرڻ جو وقت بچي!
انسانن ۾ ايترو شعور پيدا ڪونه ٿيو هو. حيدربخش نئون نئون مختيارڪار ٿيو هو، پٽيوالي کان سواءِ خود سندس والد يعني چاچو الهداد به کيس ”خان صاحب“ سڏيندو هو. ڪامريڊ عبدالقادر به ان وقت تائين ڌامراهن کان ٻاهر ڪونه نڪتو هو. غريبن کي اميرن جي بلنديءَ جو ته احساس هو، ليڪن پنهنجي پستيءَ جي کين خبر ڪانه هئي. اميرن جي عزت جو ته مٿن رعب هو، پر پنهنجي ذلت جو سڌسماءُ ڪونه هين. الغرض انسان اڳيان انسان جي خواريءَ، محتاجيءَ ۽ بيوّسيءَ جو هڪ اندوهناڪ نظارو ڏسندڙ اکيون پيون پسنديون هيون. غريب جڏهن اميرن جي ايوانن اڳيان پنهنجي هم جنسن جا ڪٽڪ ڏسندا هئا، تڏهن چوندا هئا: ”بَلي يَر! فلاڻي جي در تي اڄ ميلا لڳا پيا هئا!“ گويا اها محتاجي، اها مظلوميت، اها دربدري، صبح کان شام تائينءَ جي خواري خرابي ۽ خستگي، هڪ ماڻهو اڳيان ايڏي خلق خدا ِّ جي ذلت ۽ رذالت اڃا غور جي قابل ڪانه هئي، بلڪ اهو گويا شانُ ليکيو ويندو هو، مانُ سمجهيو ويندو هو، ۽ غريب ان کي ميلي سان تشبيهه ڏيندا هئا! ٿڪن ۽ ماندن ماڻهن کي، وڏيرن وٽ وڃڻ ۽ ميلن تي گڏ ٿيڻ ۾ جيڪو فرق آهي، ان جو اطلاع اڃا ڪنهن ڪونه ڏنو هو، اڃا اِها سمجهه منجهن ڪانه آئي هئي ته اميرن وٽ غريبن جي وڃڻ جو مسئلو آسمان جي بلنديءَ ۽ زمين جي پستيءَ جو معاملو آهي.

* * *

لاڙڪاڻو ضلعو ان وقت گويا وڏن زميندارن، سردارن ۽ اميرن جو مکيو مرڪز هوندو هو. چڱا مَٺا هر طبقي ۾ ٿين ٿا، بـُـرا ڀلا هر طبقي ۾ آهن، ڪَنڊن جي ڪُنڊ ۾ گلابن جا گل به هوندا آهن. سڀئي امير يا مڙئي زميندار هروڀرو ڪو ماڻهپي کان نڪتل يا انسانيت کان عاري به ڪونه هئا. ڪي ته سچ پچ ڏسڻا وائسڻا ۽ خوبين خصوصيتن وارا به هئا. انهن مان ڪن جو قصو، جي هت ڪبو، ته هروڀرو هرج نه ٿيندو- آخر اهي به ته ڪردار هئا، جن جو وسارڻ اسان کي ڪنهين پر ڪونه جڳائي.

شهر ۾ ٽن زميندارن جون ڪچهريون روزانو لڳنديون هيون. باقي زميندارن جا بنگلا اگرچ موجود هئا، ليڪن رهندا ٻهراڙيءَ ۾ هئا، ڪڏهن ڪڏهن ڪمن ڪارين لاءِ شهر ۾ سندن اچڻ ٿيندو هو.
هڪ هوندي هئي ڪچهري شهر جي اصلوڪي ۽ بنيادي زميندار، نواب حاجي امير علي خان لاهوريءَ جي، جيڪا سياري ۾ بنگلي جي اڱڻ ۾ تڙڪي تي، ۽ ساوڻ جو وڏيءَ نـِـم جي ٿڌيءَ ڇانوَ هيٺان ٻاهرئين دروازي جي آمـُـنهن سامـُـنهن لڳندي هئي. پاڙن جا چڱامڙس، شهر جا مـُـک ماڻهو، ميونسپل جا ميمبر، سرڪاري ڪامورا ۽ ٻهراڙيءَ جا ننڍا ننڍا وڏيرا - صبح ٿيندو اچڻ شروع ڪندا، لـَـڙيءَ ٽه- پهريءَ تائين هڪ ايندو ٻيو پيو ويندو. ميونسپل جا معاملا، اوسي پاسي جا شرا شمار، اوڀارا لهوارا قصا، ڪليڪٽر صاحب ۽ ڊپٽي صاحب جي ملاقاتن جون ڳالهيون، مطلب ته صبح کان شام تائين پيا قصا ڪٽبا. اڄ جهڙي اداسي نه، بلڪ ان زماني ۾ اتي زندگي پئي محسوس ٿيندي هئي ۽ چهچٽو لڳو پيو هوندو هو. پاڻ به مڙس اڃا جوان ٿي لڳو. روزانو صبح جو گهوڙي تي چڙهي، شهر جو سير ڪندو هو. جتان لنگهندو هو، اٿي اٿي هندو خواه مسلمان، پئنچ خواهه سر پئنچ، سندس سلامي ٿيندا هئا.
ٻي هوندي هئي ڪچهري نه بلڪ دربار يا کڻي چئجي اجلاس، مرحوم سر شاهنواز خان ڀٽي جو، جنهن ۾ نواب امير علي خان پڻ پاڻ هلي ايندو هو. ڊپٽي ڪليڪٽر يا ڪليڪٽر کان گهٽ حيثيت واري کي قسمت سان رسائي ٿيندي هئي. پاڻ لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ هو. لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ تي ان کان پوءِ به پريزيڊنٽ ٿيندا رهيا، ليڪن صدارت جو اهڙو اوج لوڪل بورڊ وري ڪونه ڏٺو. صحيح معنيٰ ۾ صدارت سر صاحب ڪئي، باقي ٻين ته پوءِ ڇڙو پاڻ کي ۽ بورڊ کي ڏٺو ڪيو. بهرحال، شوداساڻي چيف آفيسر گهڻو ايندو ويندو هو، تولاڻي ڀائرن ۽ ديوان پرتاب راءِ پنجواڻيءَ جي به اچ - وڃ هوندي هئي، ديوان ڪندن سنگ لاهوري، ڊگهو، پوڙهو، رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر، ڇـَـٽيءَ جيڏي ’سولا هئٽ‘ مٿي ۾ وجهي، وڏي لٺ هٿ ۾ کڻي ، جيئن صبح جو ساجهر سير تي نڪرندو، تيئن سر صاحب وٽان به ليئو پايون ويندو. دلچسپ ماڻهو ۽ ڳالهين جو ڳهير هو. اهو هڪ ماڻهو هو، جيڪو سر صاحب کي کلائيندو رهندو هو. سر صاحب، خدا بخشيس، هونءَ پاڻ به مجلس جو مور هو. جڏهن ڪنهن وقت موج ايندي هئس پاڻ جيڏن ۽ پاڻ جهڙن ۾ ويهندو هو، ان وقت ڳالهين مٿئون ڳالهيون، واقعن مٿان واقعا، دلچسپ لطيفا ۽ پنهنجا پراوا تجربا ۽ قصا پيا هلندا، ايڏا وندرائيندڙ ۽ وڻندڙ جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ سنگت کي اٿڻ تي روح ڪونه ٿيندو. پر اهڙا موقعا روز ڪونه ٿيندا هئا. ديوان ڪندن سنگ واري ٽوپلي جو به وري مثال ڪٿي نظر ڪونه آيو! شايد پنهنجي لاءِ خاص ٺهرائيندو هو. اهو ٽوپلو نه ڇڙو سندس بت تي پاڇو ڪيون ايندو هو، بلڪ جيستائين ڪندن سنگ جي وک يا سندس لٺ پهچندي هئي، اوستائين هئي، اوستائين ڇانوَ ڪيون هلندو هو!!
صبح جو سر صاحب جي دربار اهڙيءَ طرح لڳندي هئي، ليڪن شام جو دروازا بند. ان وقت ضلعي جو ڪليڪٽر صاحب، حد جو ڊپٽي صاحب، لاڙڪاڻي جو سيشن جج صاحب ۽ ضلعي جو ڪماني صاحب وٽس ايندا هئا. مختيارڪار ۽ صوبيدار ڪڏهن سر صاحب کي رستي ويندي ڪٿي ڏٺو هجي ته ٺهيو، باقي ويجهي اچڻ جي انهن کي ڪٿي مجال هئي! انهيءَ ايوان ۾ ڪهڙيون ڳالهيون هلنديون هيون، ڪچهريءَ جو رنگ ڇا هوندو هو، گفتا ۽ قصا ڪهڙا ٿيندا هئا، ان جي عام کي ته خبر ڪانه هوندي هئي پر ڪيترا خواص به ان اسرار کان بيخبر هوندا هئا.
ٽين مجلس لڳندي هئي کهڙي صاحب جي نئين نئين ٺهيل ٻه - ماڙ بنگلي تي. پهريون هيٺئين طبقي جي ورانڊي ۾، ۽ پوءِ جيئن اقبال بلند ٿيندو ويو تيئن هيٺين مجلس وڃي مٿينءَ ماڙ جي ورانڊي ۾ پهتي. ليڪن جڏهن مجلس هيٺ لڳندي هئي يا جنهن وقت مجلس مٿي وڃِي ٿِي، ملڻ جلڻ ۽ اچڻ وڃڻ وارن ۾ طبقاتي فرق ڪڏهن ڪونه ٿيو. جنهن همت سان وڏيرو ايندو هو، انهيءَ جرئت سان غريب به اچي پنهنجو ڪم ڪڍي ويندو هو. ان زماني ۾ کهڙو صاحب مستقل طرح لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. ڪراچي ڪانه وسائي هئائين، ديس ڇڏي پرديس ڪونه وڃي رهيو هو، پنهنجا ڇڏي پراون ۾ وڃي ڪونه وسيو هو. تنهنڪري هرڪو ڏکيو ۽ آزاريو، منجهل ۽ موڙهو وٽس وقت سر پهچي سگهندو هو. ڪليڪٽر، ڊپٽي خواه ايس. پيءَ تائين هر ڪنهن کي سفارشي خط ڏيندو هو، يا پاڻ هلي وڃي ڪم لهرائي ڏيندو هو. کهڙو نوجوان هو، مسلمانن ۾ مقبول هو، قومي ڪمن ۾ رات ڏينهن مشغول هوندو هو، تنهنڪري مسلمان ڪامورن ۾ سندس مڃتا ۽ عزت هوندي هئي. گهڻو ڪري سندس خط يا سفارش ڪو موٽائيندو ڪونه هو.
خدا جنت نصيب ڪريس، قاضي نور محمد مرحوم، پگهار ته کائيندو هو زمينداري بئنڪ مان، ليڪن هوندو سڄو ڏينهن کهڙي وٽ هو. ڪاغذ کيسي ۾ ۽ پينسل ڪن تي، عينڪ اکين کان هيٺ نڪ جي وچ تي، جي لکندو هو ته ان کي مٿي سـُـرڪائيندو ورنه هميشه انهيءَ منزل تي رکي رهندي هئي! ڪنهن ڏي ڏسندو هو ته اکيون ڪاپار ڪري، ڪنڌ کي ٿورو هيٺ جهم ڏيئي، عينڪ جي مٿان نگاهن کي ٽپائي، پوءِ نظر کي ڏسندڙ تائين پهچائيندو هو. کهڙي ”قاضي!“ ڪيو... ته ’قاضي‘ جهٽ اچي پهچندو. خطن جا نوٽ وٺندو، ٽائيپ ڪري، صحيح وٺي، هرهڪ جي هٿ ۾ ڏيندو. نهايت نيڪ، شريف النفس، رلڻو ملڻو هوندو هو. قداور، ڏاڙهي گهاٽي، ليڪن آڱر کـَـن جيتري، خضاب لڳل، مٿي تي ترڪي ٽوپي، قميص ۽ ان تي انگريزي شارٽ ڪوٽ، سٿڻ ٽه تختي، پير ۾ سليپر. پهريون خيرپور ۾ مختيارڪار هو، اتان رٽائر ڪري بئنڪ ۾ اچي ملازم ٿيو. کهڙو صاحب چيئرمين هو، تنهنڪري صبح سانجهيءَ کيس صحبت فقط کهڙي جي نصيب ۾ هئي. پهرين تاريخ وڃي البته زمينداري بئنڪ جو منهن ڏسندو هو.
کهڙي وٽ صبح جو عام ڪچهري هوندي هئي، ليڪن شام جو بنگلي جي ’پورٽيڪو‘ واريءَ ڇت تي مانيءَ جي مهل کان اڳ تائين خاص دوستن جي صحبت ٿيندي هئي. محمد عالم حڪيم، مطب ختم ڪري، اچي پهچندو؛ جي نظر علي خان سکر کان آيل هوندو، ته اهو به هوندو، محمد حنيف صبح جو ڪورٽن ۽ اصيلن جا منهن ڏسي، شام جو سٺا انگريزي لـَـٽا پائي اچي پهچندو، جي سنڌ جو ڪو قومي ورڪر آيل هوندو، ته اهو به، راشدي صاحب به هوندو، جنهن مسلمان ڪاموري کي هندن جي نظر بچائي ملڻو هوندو، ته اهو به ان وقت ايندو. اُنهيءَ قسم جي دوستن ۽ هم مشرب ماڻهن جون ڳالهيون ٻولهيون هلنديون رهنديون... ان ۾ قومي مسئلا به زير بحث ايندا، مسلمانن جي ملازمتن ۽ ٻين حقن جا معاملا به غور هيٺ ايندا، سنڌ جي سياست جا ڪيترا نقشا به اتي ئي ٺهيا، لاڙڪاڻي جا هندو مسلم فساد، سکر جا هندو مسلم دنگا، مطلب ته سنڌ جي مسلمانن جو جن معاملن ۾ واسطو هوندو، انهن جو محور کهڙي جو اهو ڳاڙهو ٻه طبقو بنگلو هوندو هو. قاضي فضل الله جڏهن لاڙڪاڻي ۾ حنيف سان گڏ اچي وڪالت شروع ڪئي، تڏهن اهو به کهڙي جي سنگت جو رڪن رڪين بڻيو. شهر جي معززن مان حاجي ڇٽل ۽ مرحوم خداداد سرهيو گهڻو ايندا هئا. سيد نور محمد شاهه بقاپوري، مرحوم امام بخش ماهوٽو ۽ شير محمد خان ابڙو ٽيئي لاڙڪاڻي کان ڪوهه ڏيڍ پنڌ ٻاهر رهندا هئا، ليڪن ايندا وٽس روز هئا.

* * *

خانبهادر علي حسن خان هَڪڙو کهڙي جو دلي سنگتي هو. بنگلي جي هيٺئين طبقي ۾ هڪ ڪمرو هميشہ سندس لاءِ مخصوص هو - جڏهن قمبر کان ايندو ته ان ۾ اچي رهندو. اهڙو رعب وارو، وضعدار، شريف، نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت، سنجيدو، متين ۽ باوقار مڙس مان پنهنجي ڄمار ۾ ڪونه ڏٺو. مُڇان ننڍيون ڪينچيءَ سان ڪَٽيل، سُنهاري خسخسي، جن اکين مان حياءُ، حجاب ۽ شرافت پيئي بکندي هئي، انهن تي چشمو چڙهيل، سٿڻ قميص ۾ آرام ڪرسيءَ تي ويٺو هوندو؛ ڪڏهن سِيل جي سگريٽ[1] ٻن آڱرين جي وچ ۾، ڪڏهن حـُـقي جو نڙ چپن تي، ڪچهريءَ ۾ سنجيدگيءَ، متانت ۽ وقار جو مجسمو بڻيو ويٺو هوندو. آهستي آهستي، مزي مزي سان، منهن مان پيو دونهين جون لاٽان ڪڍندو. ٿورو ڳالهائيندو، ليڪن جيڪو اکر ڪڍندو، سو ڄڻ سچ جو سـِـڪو ۽ سون جي مهر هوندو. اٿيءَ ويٺيءَ، عادتن اطوارن مان ته ٺهيو، پر سندس لٽي ڪپڙي، پـَـهـَـر ۽ پوشاڪ مان به هڪ شان ۽ وضعداري پيئي بکندي. هاڻي وارن ماڻهن کي سندس فرزند ارجمند کي ڏسي، مرحوم لاءِ راءِ قائم ڪرڻ نه کپي. هو ماڻهو ئي اور هو. اُهي سوکڙيون آهن، جيڪي خالق پاران مخلوق ۾ اچن ٿيون .
خانبهادر حاجي غلام محمد خان اِسراڻ، شل رب ڪريم کيس جنت ۾ جايون ڏئي، اتفاق سان امير ۽ زميندار ٿي پيو هو، ورنه هو ملائڪ يا درويش هو. رهندو پنهنجي ڳوٺ هو، ليڪن جڏهن لاڙڪاڻي ۾ ايندو هو، ته هشام ماڻهن جا ۽ ڪٽڪ انسانن جا ڪڍ لڳندا هئس. انهيءَ زماني ۾ سندس فيصلا ضرب المثل هوندا هئا، تنهنڪري هرڪو ڪـُـڏ ڪيون سندس ڪچهريءَ ۾ پيو ايندو هو، هر ڪنهن کي پڪ هئي ته حق ٿيندو ۽ انصاف پلئه پوندو.
رونق ۽ آلوآلان شهر ۾، شاهي بزار ۾، سيئو بزار ۾، ڊپٽيءَ ۽ ڪليڪٽر جي پٽيوالن ۽ خانسامن ۾، تڏهن ٿي ويندي هئي، جڏهن نواب واحد بخش خان ڀـُـٽي جي سواري اچي لاڙڪاڻي ۾ لهندي هئي. سيئو بزار جا دڪان سينگارجي ويندا، ميون وارا ڇنڊ ڦوڪ ڪري ڪوئٽي کان آيل انگور ۽ انار ٻاهر ڪڍي رکندا، دوارڪاداس ۽ نانڪرام بندوقن وارا نوان نوان ولايتي مال نمايان ڪري رکندا، ۽ شاهي بازار واري چانڊومل جو مڪو مچي پوندو، مطلب ته سيئو بازار کان وٺي جيلس بزار جي پڇاڙيءَ تائين هڪ هنگامو ۽ هـُـل پئجي ويندو هو، ڄڻ سڀني جون عيدان ٿي ويون، گويا سمورن جو لايو سجايو ٿي ويو!
مرحوم جاڏي هلندو، دوستن يارن جو، سنگتين ساٿـِـين جو، نوڪرن ۽ چاڪرن جو هڪ وڏو ڪٽڪ ساڻ کڻندو. پهچڻ سان طرحين طرحين طعام چڙهي ويندا. چاشنِنِ ۽ زردن، ڪوفتن ۽ قورمن، دمپختن ۽ شبينن، پلاون ۽ ڀونن جي بـُـوءِ ۽ هـُـڳاوَ درن دروازن کان ٻاهر نڪري، سڙڪ تائين ايندي ويندي جي اشتها کي پيا اُٿاريندا. مڙس سخي هو بي انتها. جڏهن ايندو ته يتيم ٻارن، رنن زالن، مفلسن، محتاجن، اکين جي حافظن ۽ قرآن پاڪ جي محافظن، يعني سرمائيدارن جي اصطلاح مطابق ’پينن‘، جي لسٽ ۾ جيڪي انساني جنسون اچي وڃن ٿيون، انهن جا ڪٽڪ اچي ڪـَـٺا ٿيندا هئا. ڪن کي لـَـٽا ملندا، ڪن کي خيرات ملندي، ڪن کي اَنُ ملندو، ڪن کي ماني ملندي ۽ ڪن کي قرآن مجيد جا نسخا ملندا. مطلب ته واحد بخش جي دروازي تان خالي موٽڻ يا موٽائڻ ڏاڍو عار ۽ عيب شمار ٿيندو هو.
سخي ته برابر ججهو هو، ليڪن نوابي شان به کيس واهه جو رکڻ ايندو هو. ٺاهوڪو ڇڙڪ بت، قد سروَ جهڙو سڌو، نڪ، اکيون، منهن جي تختـِـي خواهه پيشاني ڏاڍي وڻندڙ ۽ جنسار جهڙي، مٿي تي جوڌپوري پٽڪو ٻڌي، گلي بند ڪوٽ پائي، ۽ برجيس وجهي، جڏهن شهپرن کي وٽ ڏيئي هلندو هو، تڏهن ماڻهن جو مٿس اکيون کـُـپي وينديون هيون. نظر به اهائي لڳيس، جو اڃا جواني ڦوه ڏيئي مس نڪتي هئي، جو اوچتو اجل جي سٽ کائي ويٺو.
ٺٽي ضلعي ۾ نئين زمين خريد ڪري پهريون پهريون اوڏنهن وڃڻ جي سنبت ڪيائين، وڏي لاوَ ۽ لشڪر، تنبو ۽ تولان سان. نوڪرن چاڪرن، ڪامـِـن ۽ ڪمدارن جي قطار سميت، دوستن يارن، سنگتين ۽ ساٿن جي وچ ۾، جڏهن وڃي اتي لٿو، ته ڄڻ بر ۾ بازاريون لڳي ويون. نالو ته اڳ ئي وڄڻو هئس، شهرت به سندس عام هئي، پري پري کان ڪي آڌر ڀاءُ لاءِ ته ڪي محض سندس ديدار سانگي، وڏيرا، نيڪ مرد، ۽ پاڙن جا پريا مڙس، ڪٽڪ ڪري اچي پهتا. خوش خير عافيت، ڪچهريءَ ۽ مجلس کان پوءِ، مانيون ٽڪيون ته اُهي اُهي کاڌائون جيڪي کين خواب ۾ به نصيب ڪونه هيون، ليڪن ٻي ڳالهه جا عجيب ٿي ۽ جنهن جهنگ جهر، بر ۽ بحر ۾ الوالان ڪري ڇڏي، سا اِها، جو واحد بخش خان مزمانن جي وهٽن کي به مصرين ۽ کنڊن جا شربت پياري ڇڏيا. حڪم ڪيائين ته گهوڙن کي پاڻيءَ جي بجاءِ مٺو پاڻي پياريو وڃي! بس وات مان نڪرڻ جي دير هئي، ٻاٽلن ۾ ڳوڻيون پرٽجي ويون، صبح کان سانجهيءَ تائين گهوڙن هڻڪارون ڪيو مصرين سندا پاڻي ٿي پيتا! مٺاڻ ان زماني ۾ اڄ جهڙو مهانگو ڪونه هو. شايد ڏهين رپئي مڻ ملندو هو. ٻه - ٽي سؤ رپيا خرچ ٿيا هوندا، ليڪن نالو ڪيڏو ٿيو! قصا ۽ داستان ٺهي ويا، ضرب المثل، ۽ چوڻيون جڙي ويون، ٺٽي کان وٺي ويندي لاڙ تائين سالن جا سال ”واهه ڙي ڀٽا واهه!“ پئي پـَـئي!
مانَ ۽ سومانَ رکڻ جا اجهو اهڙا نـُـڪتا ۽ نمونا مرحوم کي ايندا هئا، دلين کي دام وجهڻ جا خدا بخشيس، اهڙا سبق سکيل هو، تڏهن ته هميشه دوست ۽ احباب ڪٿان ڪٿان جا، ڏينهن سندا ڏينهن وٽس گهاري ۽ گذاري ڇڏيندا هئا! جيڪو واحد بخش جي سنگت ۾ آيو، تنهن کان گهر گهاٽ وسريو.

* * *

انهيءَ دور ۾ دوستين جا انگ ۽ ننگ به هوندا هئا؛ ماڻهو، ماڻهو پڳان مٽائي ياري رکندا هئا، هڪٻئي لاءِ سـِـڪ ۽ سواد هوندو هو؛ هاسيڪار دوستن کي ڏسڻ ۽ انهن سان حال اورڻ لاءِ ڏينهن پاند ڏينهن اچـِـي رهبو هو، غرض ۽ مطلب خاطر نه بلڪ ڇڙو منهن ڏسڻ لاءِ هڪٻئي ڏي ڪيچ ڪـَـهي اچبو هو. دوست آيو ته هيانءُ ٺري پوندو، ۽ منهن ٽـِـڙي ويندو، خوشيءَ مان پيو کلبو؛ ور ور ڪيون ڳراٽيون ڏبيون، سينن سان پيا سينا مـَـلبا، اها جاءِ نه لڀندي جتي کڻي دوست ويهارجي. دلبريءَ ۽ دلداريءَ ۾ کـُـٿو نه پڄبو؛ هرهر پيون خوش خيرافتان ٿينديون. خبر پوندي ته اڄ دوست اچي ٿو ته ڄڻ سڄيون ماندڪايون لهي پيون، ٿڪ ٽُٽي پوندا؛ زماني جا ڏک سور في الحال وسري ويندا؛ آندي نيندي جي ڳڻتي هلي ويندي؛ راتيون چرچن ڀوڳن ۾، ڏينهن ريجهه ۽ رهاڻ ۾ لنگهي ويندا، يار هڪ دفعو هٿ آيو، ته ڇڏڻ تي روح نه ٿيندو، وڃڻ جو وقت ايندو ته ٽِڪائڻ لاءِ بهانا پيا ڳولبا، رٿائون پيون رٿبيون منٿان ميڙيون ڪري پيو چئبو: ”ادا اڄوڪو ڏينهن! يَر ڇڙو اڄوڪو ڏينهن ٽِڪُ! ڀلا ڇڙي رات رَهُه، سڀاڻي ڪري وڃجانءِ! چڱو ڏُپهَرو ڪري شام جو الاتُهار ڪر!“- اڄ ٽـِـڪيو ته سڀاڻي رهائڻ لاءِ وري ٻيا کيڏ کيڏبا. دوست جڏهن رخصت ٿيندو ائين پيو لڳندو ڄڻ گهر ويران ٿي ويو، در ۽ ديواريون پيون کائينديون، ٻٽي ڏينهن کل خوشيءَ جا جو گذريا، ڪي چند گهڙيون وندر ۽ رهاڻ ۾ جو بسر ٿيون!
دوستن يارن جا ننگ ۽ حق هوندا هئا، دوست ته ٺهيو پر دوست جي دوستن جي به غلامي ڪڍبي هئي، دوست جي اولاد تي اهوئي حق هوندو هو، جيڪو پيءُ کي پنهنجي پٽن تي ٿئي ٿو. پيڙهين تائين پيا اهي سلسلا هلندا هئا. ڪهڙي مجال جو وچ ۾ ڪو قحط پوي. يار پاران پيغام پهتو، ڪنهن نياپو آندو، يا ڪا نشاني ملي ته ان تي سِر ڏبو، آڻيندڙ جا سوين آڌر ڀاءَ ڪبا، ڏينهن پوندا ته سيڙائي خبر رکڻ لاءِ خابرو موڪلبو، اکيون انهيءَ پار ڏي اٽڪيل هونديون. جڏهن سک سلامتيءَ جي سڌ پوندي، تڏهن وڃي خير جو ڪلمو پڙهبو. ايترو دوستيءَ جو حق سمجهيو ويندو هو، نسبتاً جا ايڏا ننگ هوندا هئا، دلين منجهه اهڙا دام پيل هوندا هئا! ياراڻيون ملڪين مشهور ٿي وينديون هيون. ماڻهو مثالِ پيا ڏيندا هئا: ’ير! فلاڻو فلاڻي جو دل گهريو دوست آهي!‘، ’هِنَ جي هُنَ سان واهه جو سنگت آهي!‘، ”ادا، هِنن جي پريت جو ڇا چئجي- بلي! پڳ مَٽُو يار ٿا ڏسجن!‘
دوستين جو مفهوم انهيءَ زماني ۾ تجارت ڪونه هو، يارين کي مطلب برادريءَ جو ذريعو ڪونه سمجهبو هو، ڪنهن سان ڪـُـڏُ ڏئي دوستي ان لاءِ ڪانه رکبي هئي، ته هن مان ڪو ڪم نڪرندو، يا هي ڪڏهن ڪتب ايندو. دوستي ڇڙو دوستيءَ خاطر رکبي هئي، بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالـچ جي، سواءِ ڪنهن سبب ۽ اسباب جي. ڀلا دلين اٽڪائڻ لاءِ ڪي سبب به هوندا آهن ڇا؟ ڪي جواز به ڳولبا آهن ڇا؟ دل لڳي جند ڇـُـٽي، گويا قيامت تائين جا سوٺا سر تي کڄي ويا.
اهڙين دوستين جا انگ ۽ اکر اسان وٽان تڏهن ويا، جڏهن اسان جا اخلاقي اقدار مَٽِيا ۽ مِٽِيا، جڏهن اسان ”سياست“ ۾ پير پاتو، شخصي اقتدار کي ترجيح ڏيندي، جڏهن اسان قومي عزت ۽ ناموس کي تڇ سمجهيو؛ ۽ جڏهن هر ايري، غيري جي دل ۾ ليڊر ٿيڻ، يعني ٻين لفظن ۾ سنڌي قوم کي استعمال ڪرڻ جي آرزو پيدا ٿي، جڏهن اسيمبليءَ ۾ اُٿڻ لاءِ ماڻهن زمينون نيڪال ڪيون، جڏهن چونڊون آيون ۽ هڪٻئي جا مقابلا ٿيا، منسٽريون ٺهيون ۽ پارٽيون ڊٿيون، جڏهن سنڌ جي سربراهن هڪٻئي جا کيسا ڪترڻ شروع ڪيا، جڏهن باهمي واعدا ڪري هنن هڪٻئي کي ڌوڪا ڏنا، جڏهن هنن جي وچ ۾ مصحف آيو، ۽ ان مٿان قسم کڻڻ بعد به هنن هڪٻئي جي پـَـٽڪن ۾ هٿ وڌا، غرض ۽ مطلب جڏهن اکيون انڌيون ڪري ڇڏيون ۽ نظر خواهه نگاهه مان اهو نور نڪري ويو جيڪو شرم، حياءَ ۽ حجاب جو حامل هوندو هو، جڏهن الهه بخش شهادت جو شربت پيتو؛ جڏهن غلام حسين ڀٽي جو، ۽ کهڙو غلام حسين جو مد مقابل ٿيو، ۽ قاضي دوست مان ڦري کهڙي جو رقيب ٿيو. جڏهن ماڻهو ٿوم مان ڦري جعفران ٿيا، ڍاون ڍاءُ نه جهلي سگهيو، ۽ هر ڪنهن وزارتن جي ڪرسين تي ويهڻ لاءِ پاڻ کي موزون ۽ مناسب ڄاتو، يعني جڏهن سنڌ جو هرڪو اهل ۽ نا اهل، ڪاهل ۽ جاهل قومي تورزن[2] جي ڏِک ڏيڻ لڳو. ان وقت ڏينهن جو انڌير ۽ راتين جو انڌير ننگري مچي وئي؛ سڄي ملڪ ۾ ٽڪي سير کاڄا ۽ ٽڪي سير ڀاڄي ٿي وئي، سنڌ سموري هڪٻئي جي دشمن بڻجي وئي؛ هڪ جا هٿ ٻئي جي پڳ ۾ پئجي ويا؛ ۽ اهڙيءَ طرح هرڪو هڪٻئي سان دست بگريبان ٿي ويو، ۽ هڪڙو ٻئي جو، ٻيو ٽئين جو ويري ٿي ويو، ۽ وچ ۾ ايڏا وَڍَ پئجي ويا، ڄڻ، قصابن کان پاڻ ۾ خوني دشمنيون هيون.
ان کان پوءِ جتي دوستيون ٿينديون هيون، اتي دشمنيون ٿيڻ لڳيون، جتي سنگت تي سر ڏبا هئا، اتي ساٿين جا ڪنڌ ڪپجڻ لڳا، جتي واعدا ٿيندا هئا، اتي دوکا ۽ دولاب ٿيڻ لڳا، جتي هڪٻئي جي عزت ۽ آبروءَ کي بچائڻ جون رٿان رٿبيون هيون، اتي مانَ وڃائڻ ۽ مرتبي گهٽائڻ جا پهه پچڻ لڳا- مطلب ته گفتار ۽ ڪردار، اعمال ۽ افعال اهڙيءَ طرح غرق ۽ غائب ٿيا، جو ملڪ ڄڻ ڌاڙيلن جي بستي بڻجي ويو، چورن ۽ ڪاٽڪُن جي وستي ٿي ويو، جانورن ۽ درندن جو گويا آهيرو ٿي پيو. اسان اهڙي مردود ۽ ملعون قوم ٿي وياسي، جو ڄڻ اسان کي ڪو شاندار ماضي ئي ڪونه هو، ملڪ جي تاريخ ئي ڪانه هئي، پٺيان ڪا روايت ۽ ڪو ورثوئي ڪونه هو، ڪو داستان ۽ ڪو پس منظر ئي ڪونه هو! ڏهن ويهن سالن جي ڇڇوريڻ صدين جي اخلاق ۽ ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ آيل ايامن جي ڪردار کي نهوڙي صفا ناس ڪري ڇڏيو. قومي اقدار ۽ سياسي انگ ۽ ننگ ته نسنگ ويا، پر ذاتي دوستين تي به هميشہ لاءِ حرف اچي ويو. اڄ اها سڌ ئي ڪانه ٿي پوي ته ڪو ساٿ سنگت جي آڌار ۽ آسري تي، دوستن جي دلاسي تي، ۽ ساٿين جي سهاري سان زندگيءَ جو هيءُ بامشقت قيد ڪاٽي سگهبو، هن دور ۽ دنيا جي زندگيءَ جا ڏکيا ڏينهن گذاري سگهبا، حياتيءَ جو هيءُ گانگهو، جيڪو ڳچيءَ ۾ اچي پيو آهي، تنهن جي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿبو، ۽ فقط اهڙيءَ آڌر تي ئي هي اڙانگو سفر خوش اسلوبيءَ سان طيءِ ڪري وٺبو؛ ۽ ڇڙو انهيءَ ئي صورت ۾ خير سان منزل تائين رسي سگهبو سِڪَ، ساءَ، سُکَ ۽ سَواد کان سواءِ ڀلا هن دنيا ۾ ٻيو رکيو ڇا آهي؟ اها حياتي ئي شل گهوري، جنهن جي هڪ گهڙي به ڪروڌ، ڏک، ڏوس، ڏوجهري ۽ ڏولاوي ۾ گذري!

”ماڻهو اڪيلو نه آيو چڱو، نه ويو چڱو!“
”دشمن به شل دوستن کان ڌار نه هجي!“

آخر سنڌيءَ جون اهي چوڻيون اسان جي ئي ورثي ۾ ته آيل آهن! پوءِ ڇو اسان انهن کان روگرداني ڪئي؟ ڇو پاسو ڪيو سي؟

* * *

لاڙڪاڻي جا اهي چند زميندار، جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي، ذاتي طرح نيڪ ۽ رَڄُ چڱا مڙس هئا، خلق خداءِ جي لاءِ ٻين زميندارن جيان چـَـٽـِـي يا وڏيرن وانگر هروڀرو عذاب الاهي ڪونه هئا. منجهانِ ڪيترا ڪونسلن جا ميمبر، اسيمبلين جا رڪن ۽ ميونسپالٽين ۽ لوڪل بورڊن جا صدر ۽ سربراهه به هئا، انهن مان ڪيترن کي ليڊر هجڻ جي به دعويٰ هئي. اهو سڀ ڪجهه درست ۽ صحيح! ليڪن افسوس اهو آهي ته مجموعي طرح انهيءَ طبقي اندر صحيح معنيٰ ۾ قومي رهبر ۽ رهنما هڪ به ڪونه هو، ۽ نه وري منجهن ڪو اهو شعور ئي هو ته قوم جو مفهوم ڇا آهي، يا قوم جي تعمير ڪيئن ٿيندي آهي، ۽ رهبر ۽ رهنما جون خصلتون ۽ فضيلتون ڪهڙيون ٿين ٿيون. سندن ليڊريءَ جا اجزاءِ ترڪيبي، مول متا، يا کڻي چئجي ته ساز ۽ سامان، فقط هي هئا:

(1) چند خانه ساز حقن جا مفروضا رٿي، مسلمانن جي نالي ۾ انهن جي باربار پڌرائي ڪرڻ؛
(2) جڏهن ڪمشنر صاحب بهادر ممالڪ سند [3] يا معليٰ القاب جناب گورنر صاحب بمبئي، ضلعي ۾ سير سفر ۽ شيل شڪار سانگي اچن، ته انهن جي حضور ۾ ايڊريس پڙهڻ ۽ ان ۾ مٿين مفروضن جي مڃائن لاءِ کين عرض معروض ڪرڻ؛
(3) ملازم پيشي مسلمانن ۾ مقبول ٿيڻ خاطر سرڪاري محڪمن ۾ نوڪرين جي حصي مقرر ڪرائڻ لاءِ ريزوليشن پاس ڪرڻ؛
(4) جاءِ بيجاءِ هندن جو هائـُـو بڇائي، عام مسلمانن جي همدردي حاصل ڪري، پنهنجا سياسي ڪارج سِڌِ ڪرڻ.

لاڙڪاڻي جي زميندارن ۽ جاگيردارن وٽ لکين ايڪڙ مزروعه زمين هئي، جن مان کين ڪروڙين رپيا ساليانا ايندا هئا، انهيءَ آمدنيءَ کي هنن ڪڏهن قومي امانت ڪونه سمجهيو، ان مان قوم جي تعمير تي هنن ڪڏهن هڪ ڪوڏي به خرچ ڪانه ڪئي، ڪنهن قومي تحريڪ ۾ هنن جي هڙان هڪ رپيو به ڪونه نڪتو. مسلمانن جي نوڪرين لاءِ ته ٺهراءَ ٺاهيندا رهيا، ليڪن هنن انهن جي پڙهائڻ تي هڪ پئسو خرچ ڪرڻ به هميشہ اصراف سمجهيو. البت ڪليڪٽر ۽ ڪمانيءَ کي ڪنهن چندي چـُـوريءَ جي ضرورت پوندي هئي، ته هڪ اک جي اشاري تي ۽ هڪ معمولي پيغام تي وائسرائن جا منهن کلي پوندا هئا، جنگ ٿيندي ته برٽش سرڪار جي قدمن تي هزارن جا هزار وجهي ڇڏيندا، حاڪم شڪارن لاءِ اچي منزلون ڪندا، ته ڪوٽوار کان وٺي صاحب جي بٽلر ۽ ميم صاحب جي آيائن تائين نوٽن جا نوٽ وهائي ڇڏيندا، خطابن خاطر هنن الائي ڇا جو ڇا ڪري ڇڏيو. عزت نفس جي پاس خاطر ته ڪانه ڪيائون، اُلٽو هنن پنهنجي آمدنيءَ کان به اڳتي ٽپي، هڪٻئي تي چڙهتون ڪيون، چندا ڏنا، ۽ ذاتي خوديءَ خواهه قومي خودداريءَ کي سرڪار سڳوريءَ جي راهه ۽ رند تي وڇائي ڇڏيائون.
زميندار لاڙڪاڻي جا هجن يا ميرپورخاص جا، افعالن ۽ اعمالن ۾ سڀ هڪجهڙا هئا، ۽ وڙ سڀن جا ساڳيا هئا، ڪثر ڪنهن پٺتي ڪانه ڇڏي، پنهنجي وسئون ڪنهن ڪونه گهٽايو.
اسان جي انهن سردارن ۽ جاگيردارن جي مقابلي ۾ هندو هم قوم جي سربراهن خواهه شاهوڪارن پنهنجي ڪمائيءَ کي هميشہ قومي ورثو ۽ اثاثو سمجهيو، امانت ۽ آذوقو سمجهيو. هنن پنهنجي تعليم لاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ بورڊنگ تعمير ڪيا؛ عام خلق خدا جي فائدي ۽ بهبوديءَ لاءِ اسپتالون ۽ سينيٽوريم قائم ڪيا، يتيم گهر، هنري اسڪول ۽ بيوه خانا جوڙايا، عام خلق جي آرام ۽ آسائش لاءِ پارڪ، باغ ۽ تفريح خانا تعمير ڪيا، اوستائين جو باغن ۾ بينچون به هنن ئي خريدڪري وڌيون، ته جيئن هندو، مسلمان ڀل اچي پهر پاڇو ساهي پٽي سڌير ٿين. جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ حوديون به جاءِ بجاءِ هنن جي خيراتي فنڊن مان ٺهيون، جن مان هميشہ مسلمانن جي ئي گڏهن گهوڙن پاڻي پيتو. اهڙيءَ طرح نه ڇڙو اهي قومي ۽ انساني ڪارج هنن جي هٿان سڌ ٿيا، بلڪ سچ ۽ ڪوڙ ۾ جيڪڏهن تميز ڪبي، دوڌ ۽ دانڌل کي ڇڏي ڏبو، ته معلوم اهوئي ٿيندو ته حقيقت ۾ سنڌ کي هندن اڏيو، ملڪ کي انهن سينگاريو ۽ سنواريو. اهي سکر ۽ بکر، ڪراچيون ۽ حيدرآباديون هنن ئي جوڙيون. برادران اسلام ته ڇڙو هندن جي ملڪ بدر ٿيڻ بعد، سـِـران ڪڍي وڪيون، بنيادن کي کوٽي نيڪال ڪيو، ڇتيون ۽ ڀتيون ڊاٺيون، شهتير ۽ پٽيون، در ۽ دريون بازار ۾ آنديون. شڪارپور ڪجهه سيڪ ۽ سيلاب چٽ ڪئي باقي ڀائرن جي ساڻس ڀلائي ٿي، بنگل ديرو، خيرو ديرو، اسان ئي تباهه ڪيو، ۽ طيب خواهه پنجو ديرو به اسان جي هٿن سان ڊهي اچي ڍير ٿيو. الغرض هندن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان خزانا کڻي اچي جيڪي کـُـڏن مٿان کـُـڏ اڏيا هئا، خدا جي فضل سان اسان انهن جي اڄ سر نه ڇڏي سر کي!
حسن علي آفندي، نور محمد وڪيل، مير غلام محمد ٽنڊي باگي وارو، مخدوم غلام حيدر هالن وارو، عبدالرحيم شاهه سجاول وارو ۽ حاجي سر عبدالله هارون ڪراچيءَ وارو، رب شال سڀن کي جنت ۾ جايون ڏئي، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪجهه نشانيون ڇڏي نه وڃن ها، ته هوند ايترو مثال به اسان پيش ڪري ڪونه سگهون ها.
اڄ هڪ به وڏو ماڻهو يا سنڌ جو زميندار خواه جاگيردار اِهو ڪونه ڏيکاري سگهندو ته اِجها هيءَ قومي تعمير يا اِجهو هيءُ تعليمي ادارو سندس کيسي مان کڙو ٿيو آهي، يا هي پائدار قومي يادگار سندن منجهان ڪنهن هڪ جي نشاني يا سنڌين لاءِ سوکڙي آهي. خود واحد بخش خان ڀٽي جهڙي سخي مرد انڌن جي عارضي امداد ته هميشہ ڪئي، ليڪن سڄن جي سلسلي ۾ هن کان به ڪا پائدار نشاني ڇڏي ڪانه پڳي. لاڙڪاڻي جي پراڻيءَ سول اسپتال ۾ هندن جڏهن غير مسلمانن لاءِ خلاصو وارڊ ٺهرايو، تڏهن ڪراچيءَ جي سر عبدالله هارون ته ان جي مقابلي ۾ مسلمانن لاءِ هڪ وارڊ ٺهرائي ڇڏيو، ليڪن لاڙڪاڻي جي ڪنهن به وڏ وڏيري کي توفيق ڪانه ٿي، جو کڻي اهڙو خير جو ڪم ڪري. زميندارن مسلمانن ۾ تعليم عام ڪرڻ کان ڄاڻي واڻي اجتناب ڪيو، هنن دانسته اسڪول، ڪاليج يا بورڊنگ ڪونه ٺهرايا. هنن جي دلي مراد ۽ مقصد اهو هو ته سنڌ جو مسلمان نه پڙهي، متان وچولو طبقو پيدا ٿي پوي، غريبن جا ٻار پيا مزوري ڪن، ۽ ڀل پيا ڍور چارين! پڙهندا ته سندن سامهون اچي ڪرسين تي ويهندا! تنهنڪري سنڌ اندر ڀل امير، امير رهي ۽ غريب، غريب رهي، امير بلند ۽ بالا، غريب ماتحت، محڪوم، مجبور ۽ معذور!
اڄ انهيءَ طبقي جي جان ڪـَـنيءَ جو وقت اچي پهتو آهي. سندن وسيع ۽ بيجا ملڪيتون کسجي اچي ايڪڙن جي انگن تي پهتيون آهن. قومي تعمير، بهبوديءَ ۽ ڀلائيءَ جي مقابلي ۾ هنن پنهنجي آرام ۽ آسائش، عيشن ۽ موجن لاءِ جيڪي ماڙيون ۽ محل اڏيا، ۽ جن کي هنن پنهنجو پائدار نشان سمجهيو ٿي، تن مان ڪيترا ته ماضيءَ ۾ ئي ڊهي وڃي ڍير ٿيا. جيڪي حال ۾ موجود آهن، سي به مرمت جي محتاجيءَ سبب مستقبل ۾ اچي پـَـٽ پوندا. ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ انهيءَ طبقي جو هر نشان ۽ ذاتي آثار ائين نيست ۽ نابود ٿي ويندو، جو ڄڻ هن خدا جي زمين تي ڪـُـڙمين ۽ ڪامِن جي پگهر مان پيدا ڪيل پئسي جي ذريعي پٿر جي بنيادن تي پڪين سـِـرن جون ڀـِـتيون چوني گچ سان اڏيون ئي ڪونه هئائون، ڇتين ۾ لوها گارڊر ۽ فولادي ٽـِـيـَـر وڌائي ڪين هئائون، قيمتي ڪاٺ ۽ برما جي ٽيڪل ووڊ مان در ۽ دريون وجهرايون ئي ڪين هئائون! افراسياب جي گنبد تي چٻري ته نوبت هئين ٿي، هنن همراهن جي خاڪ تي جاءِ ضرورت ٺهرائيندي به هرڪنهن کي پيو ڄڻ عار ٿيندو...!
اڄ مان سندن نالو کنيو آهي، سندن ذڪر آندو آهي، ليڪن سـَـنجهه سـُـڀان اهو ڏينهن به ايندو، جڏهن ڪو کين ياد به ڪونه ڪندو، سندن ڳالهه نڪرندي، ته هرڪو کڻي مـُـنهن پاسيرو ڪندو، ائين يادگيريءَ جي تختيءَ تان محو ٿي ميسارجي ويندا، ڄڻ هـِـن دنيا ۾ ڪڏهن هئا ئي ڪونه، ڄڻ ڪڏهن ڄاوا ئي ڪونه هئا. ڀلا خالق پاران مخلوق لاءِ مٿن جيڪي فرض هئا، اهي هنن پاليا جو نه! مادر وطن جا ۽ اُتنهن جي ماڻهن جا مٿن جيڪي حق هئا، سي هنن بجا جو ڪونه آندا! هنن سڄي زندگي پنهنجي نفس جي غلاميءَ ۾، جو گذاري ڇڏي! هنن پنهنجو ڌَن ۽ دولت ذاتي ضرورتن ۽ جسماني خواهشن تي، جو صرف ڪري ڇڏيو! پوءِ، تاريخ جي بيّن قاعدي ۽ قانون هيٺ، کين اِها سزا نه ملندي ته ٻي ڪهڙي ملندي؟

* * *

زميندارن کان سواءِ لاڙڪاڻي ۾ ٻيو زور هوندو هو وڪيلن جو. خير، ڪليڪٽر ۽ ڪماني صاحب ته پاڻ مالڪ هئا، ننڍو وڏو پيو اتي جهڪندو هو ۽ سلامي ٿيندو هو، ليڪن وڪيلن جا مانَ به گهٽ ڪونه هئا. ديوان گوبند رام، ديوان لالچند نولراءِ، ديوان پيسومل، صوڀراج، جوتومل پنجوديرائي، ٽوپڻداس، ويروسنگ، ٽي. پي. چند ناڻي بارسٽر، گوبند بخش ايسراڻي بارسٽر وغيره، ائين پيا ڪورٽن ۾ وڄندا، ڄڻ اتر کان ڪڪرن جا ڪڙڪاٽ ۽ وِڄـُـن جا واڄٽ ٿي رهيا آهن.
ديوان گوبند رام سيوهاڻي ته چئي کڻي بس ڪر. جنهن جاءِ ۾ علي گوهر کهڙو رهي ٿو، اها سندس هئي. شام جو پاپڙ ۽ پڪوڙو کائي، هڪ، ٻه ڪٽورو ٿاڌل جو پـِـي، گهٽيءَ ۾ دروازي اڳيان ڇڻڪار ڪرائي، کٽ تي طول وهاڻو رکرائي، اچي ٽيڪ ڏئي ويهندو. آئي وئي لاءِ مُوڙا هوندا. ڪو دوست آيو ته ان سان ڪچهري پئي ٿيندي، ورنه سڀاڻي جي ڪيسن جا ڪاغذ به پيو پڙهندو ۽ مسلمان اصيلن تي گارين جا ڪڙڪاٽ به پيو ڪندو. اصيل هونءَ ته صبح جو به ڪورٽ ۾ وڃڻ کان اڳ گاريون کائيندا هئا، پر شام جو بنهه مٿن برسات پئي وسندي هئي. آواز تکو ۽ بلند هوندو هئس. جي خيري ڳالهائيندو هو، ته به ڄڻ محلو مٿي تي کڻندو هو. کٽومل منشي آفيس ۾ ويٺو هوندو هو. گهٽيءَ مان رڙ ڪري چوندس: ”اڙي کٽو! نه ڇڏ ڀيڻسان کي. سڄي في وٺينس! نه ته هڻينس منهن جا ڪاغذ ڀيڻسان کي! پڇينس حراميءَ کان، شاهد ڇو نه آندو اٿئين؟“، بهرحال اصيل به گاريون ٻڌي ٻڌي ناسودي ٿي ويا هئا. واڪا ڪندو، گاريون گند ڏيندو، ليڪن هو اصيل لاءِ ڄڻ آٿت. اصيل مٿَن هيٺان ڄڻ وهاڻو ڪري وڃي سمهيو. ڪورٽ ۾ پهچڻ شرط مئجسٽريٽ جا اوسان خطا، فرياديءَ جا حواس چٽ، ۽ ڪورٽ جي ڇت مٿي تي. ٻاهر ميدان تائين آڏيءَ پڇا جا ڪڙڪا پيا ٻڌبا. اهوئي سبب هو، جو ٻهراڙيءَ جو هر مسلمان، فريادي هجي خواهه جوابدار، ”ديوان گوبند رام، ديوان گوبندرام“ ڪندو ايندو. سال گذري ويا انهن ڳالهين کي ، مرحوم هندستان پهچي فوت به ٿي ويو، پر اڄ به جڏهن ياد اچي ٿو ته ڄڻ ڪن پيا وڄن، ”نه ڇڏ ڀيڻسان کي، او کٽو!“
مسلمان وڪيل اڃا هاڻي هاڻي امتحان پاس ڪري اچي پهتا هئا. مرحوم نواز علي ’نياز‘ جي وڏي ڀاءُ مرحوم غلام عليءَ جو فرزند، فقير محمد جعفري، نئون آيو هو، حنيف پڻ نئون نئون لاڙڪاڻي ۾ آيو هو - سُڪ پل وٽ جاءِ هوندي هئس، گوبند رام وٽ وڪالت سکندو هو، نوجوان سنگت جو وٽس مرڪز هوندو هو، وليدن واري ڪامريڊ علي محمد عباسيءَ جو ننڍو ڀاءُ، غلام محمد، ٻه - ٽي سال پوءِ آيو، ليڪن ستت ئي گذاري ويو. اهڙيءَ طرح، خدا بخشيس خير محمد سولنگي، غالباً غريب کي سلهه هئي،زندگيءَ جٽاءُ ڪونه ڪيس. پير الاهي بخش سڀني کان عمر ۾ وڏو هو، پر آيو سڀني کان پوءِ. علي ڳڙهه مان امتحان پاس ڪري پهرين اچي نواب غيبي خان چانڊئي جي بنگلي جي ڀڪ ۾ رهيو، يعني حنيف جي جاءِ جي سامهون. قاضي فضل الله 1934ع ڌاري اچي پهتو. بهرحال اهي سڀ اڃا سيکڙائو هئا. دراصل زور هندو وڪيلن جو هو. انهيءَ دور کان اڳ سر ڀـُـٽي جو ڀاءُ علي گوهر خان ڀـُـٽو باريسٽري پاس ڪري آيو هو، ليڪن زميندارڪو ٻار، ڪورٽن اڳيان ۽ ماجسٽريٽن جي سامنهن بيهي نه سگهيو ۽ چپ ڪري وڃي ڳوٺ ويٺو. مرحوم جان محمد جوڻيجي باريسٽري پاس ڪئي، ليڪن پنهنجي مختصر زندگيءَ کي سياست ۽ هجرت ۾ گذاري ڇڏيائين. خانبهادر يارمحمد جوڻيجو البت انهيءَ دور مان رهيو هو، جيڪو خدا جي فضل سان اڃا هليو اچي ٿو. مسٽر رحيم بخش ابڙو شڪارپوري به حنيف جن کان اڳ آيو، پر ستت خيرپور ۾ نوڪري وٺي هليو ويو.

* * *

ٽن ڪورٽن ۾ مسلمان جوابدارن جا ڪٽڪ اچي ڪٺا ٿيندا هئا، ريزيڊنٽ جي ڪورٽ (جنهن کي عرف عام ۾ ’ريزيءَ جي ڪورٽ‘ سڏيو ويندو هو)، سيشن ڪورٽ ۽ ان جي پهلوءَ ۾ سول ڪورٽ. سـِـول ۾ هندو عام جام ايندا هئا، ليڪن مدعيءَ جي حيثيت ۾. سندن ڪڇ ۾ ڳاڙهي بندي، جنهن کي وَهِي به چيو ويندو هو، هميشہ انگوڇي ۾ ويڙهيل هوندي هئي. ان ۾ مسلمان مدعاعليہ جي ستن پيڙهين جو قرض درج هوندو هو، مُور، مورتي وياج ۽ وياج تي وياج، اهڙيءَ طرح رقمن تي رقمون چڙهندي جڏهن ڏسندا ته هاڻي مسلمان لاءِ زمين چـُـڪائي ڏيڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونه آهي، ان وقت اچي سـِـول ڪورٽ جو در وٺندا.
چڱا چڱا، ڏسڻا وائسڻا وڏيرا وڪوڙيا پيا هوندا هئا. خير، ڪو نسوروئي ناحق ڪونه هو. قرض کڻڻ جي عادت انهن کي به عام هئي. ڍل کـُـٽي، شادي آئي، غمي ٿي، ڪامورو ڪڙو آيو، ڪليڪٽر ۽ ڪمانيءَ جي منزل ٿي، يڪدم موديءَ ڏي منهن ڪندا. ڪن شوقينن جي ساهيڙين ۽ سـُـريتن جا خرچ پکا ۽ کنڌا پاڌا به پيا اُتهن هلندا هئا. زمين جي آبادي ۽ آمدني ڪيتري ٿي ۽ ڪاڏي وئي، ان جو ليکو انهن ئي مودين جي حوالي هوندو هو، تنهنڪري زميندارن کي نه ان جي سـُـڌ هئي ۽ نه ان لاءِ ڪو اونو. جيڪي گهربو، سو پيو مودي ميسر ڪندو، پوءِ ڳڻتي ڇو ۽ ڇا جي؟

* * *

حنيف سان پهرين چار چشمي ديوان گوبندرام وٽ ٿي. ڪتابن جو شوقين، پاڻ کي به اهو مرض، دوستي ٿي وئي. گهڻو ڪري گڏ هوندا هئاسي. گوبندرام کان جڏهن جدا ٿيو، تڏهن پهريون اصيل وٽس وسايو ڪنڃر آيو.
ماڻهن کي ياد هوندو، جائلس پارڪ جي آمهون سامهون سڙڪ ڏي منهن ڪيو، پنهنجي جاءِ جي در اڳيان، مائي ڇـُـٽي کٽوليءَ تي پلٿي ڪڍيو، ويٺي حُقو ڇڪيندي هئي. ٿلهي متاري، پوڙهي، ڳاڙهي مٿي سان. جوانيءَ ۾ قمبر واري وڏيري مهري خان جوڻيجي جي ويهاريل هئي. اها جاءِ به کيس انهيءَ ٺهرائي ڏني هئي.
کٽوليءَ جي ڀڪ ۾ ڪپڙي جي آرام ڪرسيءَ تي اڌيڪ عمر جو هڪ ماڻهو ويٺو مڇان وٽيندو هو. اهو هو وسايو ڪڃر- مائيءَ ڇُٽيءَ جو خداداد فرزند. ماڻس نالو الهه وسايو رکيو هئس، پر حنيف جو منشي کيس الهه وسايو خان چوندو هو. ماڻهن ۾ مشهور وسايو ڪڃر هو.
وڏو فسادي ۽ ڏڦيڙُو، هڪ اڌ ڪيس هميشہ مٿس هوندو هو. حنيف نئون وڪيل، ٿوري في، وسايو اچي سندس اصيل ٿيو. هڪ دفعي ڪنهن ماجسٽريٽ وٽ ڪيس هئس، جيڪو مخالف هو. وسايو خان ’ٽرانسفر‘ کي چوندو هو ’ٽرانس‘، حنيف جون هـُـڪيون ڪڍي ڇڏيائين. صبح جو به ايندو ۽ شام جو به. ڇڻڪار ڪري، موڙا ٻاهر ڪڍي، اسان اڃا ويهنداسين مس، ته اچي نازل ٿيندو. موڙي تي پاڻ به ويهندو ۽ ٻئي ڄنگهان به رکندو. ڪانڀ ڪڍي، مـُـڇ کي وٽ ڏئي، پهرين کنگهڪر ڪندو، پوءِ ڪندو ’آخ ٿو!‘، جيڏي وڻندس کانگهارو ڪڍي، حنيف کي چوندو: ”مسٽر حنيف خان! - آخ ٿو... ڪيس يار! جلد ٽرانس ڪراءِ!، آخ ٿو... جي ٽرانس نه ٿيو ته دوست ٽيپ اچي ويندي! - آخ ٿو...“
اسان نالو رکيو هئس: ’آخ ٿو‘. ڏاڙهي وچ مان چيريل، شهپر وڏا، جن کي هر وقت پيو وٽيندو، وار وڏا چيلهه تائين، ڪنن جي پاپڙين ۾ سونيون واليون. لٽا هميشہ رنگارنگي پائيندو هو، پٽڪو سلڪ جو يا سنهيءَ ململ جو رنگدار، ڊگهو پيراهن گهڻو ڪري اڇو، ڪانئچ[4] آسماني، ڪـَـلف لڳل، ۽ ان تي چمڪندڙ بوند، وَرَ وڏي اهتمام سان چڻيل، ڪوٽ ڪاريءَ ساٽين جو، جنهن تي سوين سپ جا بٽڻ اڳيان پويان لڳل، سيم جي جـُـتي پير ۾، جيڪا هلڻ وقت چيڪٽ ڪندي هلندي.
اها هئي هاٺي ۽ اهي هئا اهڃاڻ وسائي ڪڃر جا. هيءَ نه هيءَ مهل، پري کان ’آخ ٿو‘ ٿي، اسان جي لونءَ ڪانڊارجي ويندي. جيسين ڪيس ٽرانسفر نه ٿيو، تيسين حنيف لاءِ جنسي ڪاري قيام هئي. وسايو ڪڃر سندس لاءِ ڄڻ عزرائيل هو. زندگي زهر ۽ رت ۾ رات ڪري ڇڏيائينس. چئي به غريب ڪونه سگهندو هئس. ڀلا وڪالت جي زندگيءَ جـِـي، اهو ڪڃر پهرين بسم الله هو، گوبند رام کان جدا ٿيڻ کان پوءِ اها سندس پهرين ٻوهڻي هئي!

* * *

هندن جي نه ڇڙو وڪيلن کي زور هو، بلڪ انهن جا ليڊر به برک هئا. تولاڻي ڀائر، هڪ ميونسپل ڪونسلر، ٻيو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر، پئسو جام، واپار هڪ طرف، زمينداري ٻئي طرف. رام پنجواڻيءَ جو والد ديوان پرتاب راءِ، ميونسپل جو وائيس پريزيڊنٽ پر ڄڻ سڄي لاڙڪاڻي جو مالڪ پاڻ هو، رام بي. موٽواڻي، ريجهومل لاهوري، ڊاڪٽر پوهومل ۽ نهچلداس همتسنگاڻي. سڄي شهر جي سـَـئين اُبتـِـي انهن جي هٿ ۾ هوندي هئي. رام بي. موٽواڻي اگرچ کهڙي وٽ ايندو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته زمينداري بئنڪ جو پاڻ مئنيجر ۽ کهڙو چيئرمين هو، پر کيس کهڙي جي مسلم دوستي اصل ڪانه وڻندي هئي. علم دوست هو. ڪلڪتي وارو ’ماڊرن رويُو‘ سڀ کان پهرين مون وٽس ڏٺو. پهرين نوڪري به مون وٽس زمينداري بئنڪ ۾ سؤ روپئي ماهوار تي ڪئي - قرض وصول ڪرڻ لاءِ انسپيڪٽر هوندو هئس. انهيءَ زماني ۾ ڏٺم ته لاڙڪاڻي جو ڪوبه زميندار زمينداري بئنڪ جي قرض کان آجو ڪونه هو. سالن مٿي سال لنگهي ويندا، ليڪن مـُـور ته ٺهيو، پر وياج به ادا ڪري ڪونه سگهندا هئا. ڇڙو اجاين خرچن، اڍنگيءَ ۽ ابتيءَ چال چلت کين زير بار ڪري ڇڏيو، نه راهه رسول نه راهه خدا.

* * *

مسلمان ڪامورن جي سلسلي ۾ هڪ ته شڪارپور مشهور هئي، ٻيو کاٽ پاٽ. سنڌ ۾ مسلمان ڪامورا گهڻو ڪري اُنهن ٻن شهرن جا هئا. لاڙڪاڻي جو ڪو وڏو ڪامورو ڪونه هو. اسان جو مرحوم دوست ’نياز‘ سب جيل جو جيلر هو. سندس وڏو ڀاءُ، غلام علي خان جعفري، غالباً مختيارڪار هو. هڪ اڌ ڪامورو تعليم کاتي ۾، ۽ ڪي ٻه، چار براج آفيس ۾، جتي حضرت ’خادم‘ لاڙڪاڻوي ۽ مرحوم غلام علي ’مسرور‘ به هوندا هئا. قنبر جي ميونسپل جو چيف آفيسر محمد سومار به لاڙڪاڻي جي مشهور مسلمان ڪامورن مان هو. هڪ اڌ ڪو ٻيو ڪلارڪ ڪڙو يا منشي مڙو هوندو، ورنه ٻيو ٿيو ڀلو.

* * *

ماڻهو اُهي هئا، اٿِي ويٺِي اُنهن سان ٿيندي هئي. شهر سڄو پيو ٻهڪندو هو، بازارن تي جوڀن، دڪانن تي جواني، ۽ هوٽلن ۾ جنسي بهاري لڳي پئي هوندي هئي. ڏينهن جو شاهي بازار ۾ پير رکڻ جي جاءِ نه ملندي هئي ۽ شام جو سيئو بازار ۾ لـَـئي لڳي ويندي هئي. ٻه - ٽي سوڍا لمليٽ جا سانچا هوندا هئا، هڪ هوٽل تي ڳوڻين جا پکا مشينن جي معرفت پيا هلندا هئا. هرڪو گهمي ڦري اتي اچي پگهر سڪائيندو هو. چانهه جو رواج تمام ٿورو هو، لمليٽ سوڍا جو زياده. هر ڪو ’ٻاٽلي‘ پِيو پيو فرحت ڪندو هو. ليمن، راسبري، آرينج، ڪيوڙو، موتئو، لاڙڪاڻي جي سيئو بازار جو، سکر جي ٿلهي جو، ۽ شڪارپور جي هاٿي در جو مشهور هوندو هو. ’ومٽو‘ گهڻو پوءِ ميدان ۾ آيو، ڪوڪاڪولا ته اجها ڪالهه جي ڳالهه آهي، اڃا چند سال به ڪونه ٿيا اٿس. آمريڪا جو اثر آيو، ته ڪوڪاڪولا به آيو.
مسلمانن جا ٻه چار دڪان سيئو بازار ۾ هوندا هئا. هڪڙو ڦڪڙ جو هوٽل، جتي ڪورٽن مان موٽيل فريادي ۽ جوابدار، خواهه ٻيا ڪمين ڪارين آيل مسلمان، ٻي آني ۾ ٻه ڊڳڙ[5] ۽ پليٽ ٻوڙ جي کائي ڍؤ ڪندا هئا. گوشت سٺيءَ اَئِٺَ جو، ڪڻڪ جو اٽو صاف هوندو هو، ۽ گيهه خالص ڳائو يا ماهيو. ويجيٽيبل گيهه بازار ۾ تازو تازو آيل هو. خالص گيهه ٻارهين آني يا رپئي سير ملندو هو. هرڪو چينيءَ جي ٿانون، سنڌ ۾ ٺهيل ڪاشيءَ جي پليٽن ۽ ڪُٽِ جي برتنن ۾ کائيندو هو. نه اينامل جون پليٽان نڪتيون هيون ۽ نه اينامل جي ديڳڙي جو رواج پيو هو، جنهن ٻوڙ ڀاڄيءَ جو ذائقو ئي ورهين کان وڃائي ڇڏيو آهي. ايامن کان کاڌي مان اها لذت ئي نڪري وئي آهي، جيڪا ڪنڀارڪيءَ ڪنيءَ ۾ رڌل ٻوڙ يا ٽامي جي قلعي ڪيل ديڳڙي جي چانورن مان ايندي هئي.
گهٽ گهرجون، ٿورا خرچ ۽ برڪت ڀريا زمانا هئا. انسانن جي چوڌاري تمنائن جا ايڏا ڪوٽ ڪونه نڪتا هئا. ماڻهو حرص ۽ هَوَس جو بندو ڪونه بڻيو هو، ۽ نه گهرجن ۽ ضرورتن جي اٿاهه عالم ۾ ڪو سرگردان ۽ پريشان ڦريا ٿي. اخلاق جو ڏيوالو ڪونه نڪتو هو، خدا ۽ رسول جو ماڻهن کي خوف هو، انگريزن جي خلاف برابر هئا، ليڪن حڪومت جو رعب ڪونه ويو هو، قاعدي ۽ قانون جي آبرو ريزي ڪانه ٿي هئي، ماڻهن کي وڏي ننڍي جي عزت ۽ شهري ضابطي جو وڏو پاس ۽ لحاظ هوندو هو. اٽي ۾ ڪاٺ جو ٻورو ملائڻ هاڻي ٻڌوسين، ڪارن مرچن سان پپيتي جا ٻج گڏڻ، گيهه ۾ گريس جي ملاوت، ڳاڙهن مرچن سان پڪين سرن جي پائوڊر جو ميل ڪرڻ، اڳ ڪنهن جي تصور ۾ به ڪونه هو. رزق سان اها راند هاڻي ٿيندي ڏٺيسين. مالٽن کي رنگ جا انجيڪشن هڻي، ’ريڊ بلڊ‘ مالٽا ڪري وڪڻڻ، ۽ ٻلين جا پڪل پلاءَ مسلمانن کي کارائي ڇڏڻ، غضب خدا جو، اخلاق جي ايڏي انتها ۽ ڪردار جي ايتري ڪوتاهي اُنهيءَ زماني ۾ ڪٿي هئي!
ٻيو دڪان هوندو هو مرحوم حاجي ڇٽل جو. نئون نئون لـَـٽن جو ڪڍيو هئائين. فرقائي خيالن جا مسلمان گهڻو ڪري اتان وٺندا هئا. انهيءَ سان لڳ هوندو هو دڪان حاجي محمد درزيءَ جو، جنهن وٽان هر وڏو خواهه ننڍو زميندار پنهنجا لٽا سبرائيندو هو. خانبهادر کهڙو ابتدا ۾ پنهنجا سوٽ اتان ٺهرائيندو هو. نوجوان وڪيل به ڊڪ جون پتلونون خواهه ڪوٽ يا قميصون اتان ئي ٺهرائيندا هئا. خود هندو وڪيل يا ڪامورا جيڪي شوقين هئا، سي حاجي محمد درزيءَ يا ڪَمن درزيءَ جو سبيل لٽو پائيندا هئا- ڪَمن مرهيات[6] جو دڪان شاهي بزار ۾ هوندو هو، جتان ڀٽا صاحب پنهنجا لٽا ٺهرائيندا هئا. ڪَمن کي دڪان تي گوڏو کوڙي ويهڻ ڪونه ايندو هو. ڪپڙي کي هڪ ڪٽ ڏئي، يا مشين جو هڪ ڌاڳو هڻي، سـُـئي قميص ۾ ٽُنبي، دڪان کان ٻاهر نڪرندو. جهـَـٽَ هن دڪان تي، منٽ هن ماڻهوءَ سان، ٻه چونڪ ڳالهين جا هـِـتي ٻه ٻول هـُـتي، اهڙيءَ طرح چار چڪر ڏئي وري اچي ڪم تي ويهندو. سڄو ڏينهن اها ڪار هوندي هيس.
بهرحال اهي ٻئي دڪان لاڙڪاڻي جون گيا هور ڪمپني يا آرمي اينڊ نيوي لميٽيڊ اسٽور هئا. انگريزي لٽي جو مسلمانن ۾ اڃا ايترو رواج ڪونه هو. وڏن ماڻهن ۾ سـَـر ڀٽو سوٽ پائيندو هو، خانبهادر کهڙو پائيندو هو، نواب واحدبخش يا خانبهادر احمد خان ڀٽو، بس ٻيو ٿيو ڀلو. مسلمان ڪامورا پتلون ۽ ڪوٽ ان وقت پائيندا هئا، جڏهن آفيس ۾ ويهندا هئا، ورنه گهر ۾ يا شهر ۾ سٿڻ ۽ قميص، مٿي تي ترڪي ٽوپي. ترڪي ٽوپي گويا مسلمان سرڪاري ڪاموري جو ٽريڊ مارڪ هئي. پتلون تي لاڙڪاڻي جي ڪيترن هندو وڪيلن کي ڏسندو هئس ته پراڻي ٽاءِ ٻڌندا هئا، گويا پٽو خريد ڪرڻ کين چـَـٽـِـي معلوم ٿيندو هو. سوٽ پائي کين ڪورٽ جو ڪم ڪڍڻو هوندو هو، ورنه اها ڪا شريفانه يا خانداني پوشاڪ ڪانه سمجهي ويندي هئي. لاڙڪاڻي ۾ ديوان لالچند نولراءِ کي البت ڏسبو هو ته خانگي وقت ۾ سوٽ پايو، مٿي تي فليٽ هئٽ رکيو، سيئو بازار ۾ پيو گهمندو هو. فليٽ هئٽ ته خود نه سـَـر ڀٽي وٽ هئي ۽ نه اڃا کهڙي خريد ڪئي هئي. سولا هئٽ کان اڳتي انهيءَ زماني ۾ اهي به ڪونه وڌيا هئا.
سيئو بازار ۾ ٻه مسلمان دندان ساز به هئا، ليڪن ٻئي پنجاپي. انگريزي ٽـُـٿ پيسٽ جو نه ايترو رواج هو ۽ نه انگريزي ٽٿ برش ڪو هڻندو هو. هندن جي گهرن ۾ ٻٻر ۽ نم جي ’ڏندڙن‘ جون ’ويڙهيون‘ پيل هونديون هيون. هرڪو صبح جو ساجهر لوٽي کڻڻ وقت ڏندڻ به وات ۾ وجهي ڇڏيندو هو. هوڏانهن جهنگ جو خيال پورو ٿيو، هيڏانهن ڏند به صفا ٿي ويا. مسلمان به کٻڙ، نم، يا ٻٻر جو ڏندڻ ڏيندا هئا. تنهنڪري نه مهارون پچنديون هيون ۽ نه پايوريا ٿيندي هئي. ڪو اُڙيو ٿُڙيو ماڻهو گل محمد جي دڪان يا محمد اسلم وٽ ڏند ڪڍائڻ ايندو هو، ورنه ويچارا سڄو ڏينهن دروازن وٽ ڪرسي رکيو پيا بازار ۾ ايندي ويندي کي تڪيندا هئا. ٻـَـئي نيڪ، ٻـَـئي شريف هئا. ٻنهي پنهنجي ٻولي وساري ڇڏي هئي. نه منجهن سنڌيءَ ۽ پنجاپيءَ جو ڪو فرق ئي هو.
اهو نقشو هوندو هو سيئو بزار جو. نانڪرام ۽ دوارڪاداس جون شاپون گڏ هونديون هيون. بندوقان، ڪارتوس ۽ ٻيو ولايتي هر قسم جو سامان وٽن موجود رهندو هو. اسان پنجن رپين ۾ ايليءَ جي ڪارتوسن جو سيڪڙو به وٽانئس ورتو. اڄ ته سؤ رپين به سيڪڙو ڪونه ٿو ملي. خير انهن ٻنهي دڪانن تي مسلمان زميندارن جي اچ وڃ تمام گهڻي هوندي هئي، خاص طرح سياري جي موسم ۾ وٽانئن هزارن روپين جو سودو نڪرندو هو. زميندارن وٽ ڪليڪٽر، ڪمانيءَ ۽ ڪمشنر جون منزلان ٿينديون هيون. ڪڪڙ، ڇيلا، آنا گهڻو ڪري ماري[7] تي مهيا ڪندا هئا. کير ۽ گيهه به راڄ تي هوندو هو. غريبان مار انهن موقعن تي ڏاڍي ٿيندي هئي، سڄو وقت هاري ناري ڇيڙ پيا وهندا هئا، صبح جو ساجهر ڏڪائيندڙ پاري ۾ گهران نڪرندا، شام تائين جهنگ هڪلرائي، بَڇَ ڪرائي، شڪار ختم ڪرڻ کان پوءِ کين ائين ڇڏي ڏيندا هئا، جيئن هـَـرَ مان ڍڳو ڇوڙي ڇڏبو آهي. سڄي ڏينهن جي بک ۽ اُڃ هرڪو وڃي گهر لاهي. لاچاريءَ سبب ڪري جيڪڏهن ڪو ڪڙمي حاضر ٿي نه سگهندو هو، ته ديري ۾ سندس سڄي ٻارِ ضبط ڪئي ويندي هئي. دانهن ڪوڪ ٻڌڻ وارو، داد ۽ فرياد وارو ڪير هو؟ مُٺي به ماٺ ته مـِـٺي به ماٺ.
پر جي سچ پڇو ته اهڙي دکي دؤر ۾ به هرڪو خوش پيو لڳندو هو، منهن سڀڪنهن جو ڄڻ سَرهو ۽ سـُـرهو پيو معلوم ٿيندو هو. اڄ جهڙي من جي مونجهه ۽ دل جي اداسي ڪانه هوندي هئي. کل، چرچي ۽ ڀوڳ واريون ڳالهيون ته ويون پر ڇڙو هاڻي مرڪ به منهن تي ڪانه ٿي اچي.

* * *

لاڙڪاڻي ۾ سنڌي زبان جي ادب ۽ شعر و سخن جو به ڏاڍو چرچو هوندو هو. گويا ان وقت، جيستائين مسلمانن جو تعلق آهي، لاڙڪاڻي کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. ’سانگي‘، ’گدا‘ ۽ ’قليچ‘ جي دؤر ۾ اهو شرف حيدرآباد کي هو، اُتي اهو چهچٽو هوندو هو. جڏهن اتي مجلسان منتشر ٿيون ۽ جڏهن اها راند ڦٽي، تڏهن لاڙڪاڻي جو وارو وريو. حيدرآباد تي جنهن وقت خزان آئي، ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ادبي بهار جي آمد ٿي. سنڌي ادب ۽ سنڌ جي ادبي تحريڪن جو سمورو معاملو ۽ مرڪز لاڙڪاڻي منتقل ٿي ويو.
’سانگيءَ‘ کي خدا جنت ۾ جايون ڏئي، هميشہ پاڻ وٽ شعر و سخن جي مجلس ڪندو هو، شاعرن کي گڏ ڪري کانئن همطرح غزل پڙهائيندو هو. انهيءَ مجلس کي ”شعر بازي“ چئبو هو. مشاعري جي نالي مان اڃا ڪوبه واقف ڪونه هو. لاڙڪاڻو ئي سنڌ ۾ پهريون شهر آهي، جتي انهيءَ طرحي شعر بازيءَ جي ميڙ يا محفل کي، هندستاني طرز تي، ”مشاعرو“ سڏيو ويو ۽ پهريون ڀيرو مشاعري جا گهڻو ڪري سڀئي آداب، سواءِ پان ۽ ٿڪدان جي، انهن مشاعرن ۾ استعمال ڪيا ويا.
لاڙڪاڻي ۾ جڏهن اهي مشاعرا شروع ٿيا تڏهن مون کي هوش به ڪونه هو. مان ته گهڻو پوءِ 28-1927ع ڌاري اچي اهو رنگ ڏٺو. حقيقت ۾ انهن جي ابتدا مرحوم ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقيءَ[8] ڪئي هئي. 1919ع ۾ جيئن لاڙڪاڻي جي وٽرنري اسپتال جو ڊاڪٽر ٿي آيو، تيئن اچي مشاعري جو بنياد وڌائين. مرحوم هو پنجاپي، ليڪن سنڌين جهڙو سٻاجهو ۽ چڱو مڙس، دوستيءَ جو پڪو ۽ پختو، نيڪدل ۽ ايماندار، خود غرض اصل نه، پنهنجي هموطنـِـن وانگر دوستيءَ کي تجارت نه سمجهندو هو، ۽ نه ان کي ڪم ڪڍڻ جو هڪ ذريعو خيال ڪندو هو. دوستي محض دوستيءَ خاطر رکندو هو. اردوءَ جو سٺو شاعر ۽ اڪبر الهه آباديءَ جو شاگرد هو. سنڌي سنڌين جهڙي ڳالهائيندو هو. لاڙڪاڻي ۾ ئي هو، جو خلافت تحريڪ جي ابتدا ٿي، ۽ مرحوم جان محمد جوڻيجي هجرت جو سلسلو شروع ڪيو. سنڌي مسلمانن جي سياسي زندگيءَ ۾ هيجان آيو. شاهه سائين تراب علي شاهه قمبر وارو ۽ مرحوم جان محمد انهن تحريڪن جا علمبردار هئا. مهاتما گانڌي، مولانا شوڪت علي، مولانا محمد علي، ڊاڪٽر ڪچلو، ابوالڪلام آزاد وغيره سڀ لاڙڪاڻي ۾ آيا. باهه ٻري ويئي، جلسا جلوس ۽ نعرا شروع ٿي ويا. انهيءَ زماني ۾ ڊاڪٽر صديقي مرحوم، قومي جوش پيدا ڪرڻ لاءِ، انگريزن جي خلاف سخت نظم لکي شاهه سائين مرحوم کي ڏنا، جن سياسي مجلسن يا جلسن ۾ سخت هيجان برپا ڪري ڇڏيو. انگريزن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته نظمن جي مصنف جو پتو لهن، پر کين آخر تائين خبر ڪانه پئي ته ڪو سندن ئي ملازم باغي آهي. اهي نظم نه ڪٿي ڇپيا ۽ نه اڄ ڪنهن کي ياد آهن. سالن پڄاڻان جڏهن اهي تحريڪون ختم ٿي ويون، ماڻهو ٿڌا ٿي ويا، هندو ۽ مسلمانن جو قومي نقطي نگاهه ئي ڦري ويو، ان وقت اهي نظم شاهه سائين مرحوم وٽ مان هڪ نوٽبڪ ۾ خوشخط لکيل ڏٺا ۽ پاڻ ئي مٿيون قصو مون کي ٻڌايائون. بهرحال ڊاڪٽر صاحب مرحوم لاڙڪاڻي جي شاعرن کي گڏ ڪري اهي مشاعرا شروع ڪرايا. فقير علي محمد قادري مرحوم و مغفور ان دور جو پخته مشق شاعر هو. ’الحقيقت‘[9] اخبار سندس ملڪيت ۽ سندس ئي جاري ڪيل هئي. انهن مشاعرن جو انتخاب انهيءَ اخبار ۾ ڇپبو هو. منهنجو استاد حضرت ’خادم‘ لاڙڪاڻوي، پيارو ۽ مٺو دوست ميان غلام سرور قادري ۽ اسان جو مرحوم نواز علي خان ’نياز‘ به انهيءَ ابتدائي دور جا قادر الڪلام شاعر هئا. قادرين جو خاندان ۽ جعفرين جو گهراڻو ان زماني ۾ گويا علمي ۽ ادبي تحريڪ جو روح ۽ جان هو. جناب حاجي محمود ’خادم‘ نوجوان ۽ ڊاڪٽر صديقيءَ جو خاص شاگرد هو. اهوئي مشاعري جي ڪاروبار جو سيڪريٽري ٿيو. جڏهن مون کي شعر شاعريءَ جو چسڪو لڳو، تڏهن سندس نالو ڏاڍو مشهور هو. شعر و شاعريءَ جي فن تي سنڌيءَ ۾ سندس لکيل هڪ ڪتاب چلڪڻي پني (آرٽ پيپر) تي نهايت سهڻو ڇپيل پڻ منهنجي هٿ لڳو، تنهنڪري فوراً خط و ڪتاب جي ذريعي شاگردي اختيار ڪري کانئس اصلاح وٺڻ لڳس، ۽ سندس ئي حڪم تي لاڙڪاڻي جي مشاعرن ۾ اچي شريڪ ٿيس. ان وقت اڃا مشاعري جو ڦوهه هو، گهڻا شاعر پاڻ اچي شريڪ ٿيندا هئا، ۽ ڪيترا ٽپال رستي پنهنجا غزل موڪلي ڏيندا هئا.

* * *

مون کي هڪ هڪ شيءِ چٽيءَ طرح ياد آهي. ڇا ڏينهن هئا! الغرضائي، بي فڪري، نه کاڌي جو غم نه روزگار جي ڳڻتي، سڀ شيءِ سستي ۽ سهانگي، ڪمي ڪنهن شيءِ جي ڪانه، ڇهه آنا مزور جي محنت ۽ هڪ رپيو ڪاريگر جي ڪمائي هوندي هئي. آمدنيون جيتوڻيڪ ٿوريون ليڪن برڪت گهڻي، تنهنڪري ڪنهن کي ڳڻتي ۽ ڳاراڻو ڪونه هو. اڄ وارا مسئلا ملڪ ۾ هئا ئي ڪونه، جن جسم، جان، ذهن ۽ صحت کي چٽ ڪري، جيءَ کي صفا جهوري رکيو آهي. انگلينڊ جو نالو ٻڌبو هو، لنڊن جو رعب دلين تي هو، باقي نه آمريڪا هئي ۽ نه روس جو نشان هو. اسلامي ملڪن مان فقط بادشاهه دستگير يعني يارهينءَ واري پير جي ڪري بغداد ۽ خليفة المسلمين سبب ترڪيءَ جو نالو مسلمان کي معلوم هوندو هو. عيد ۽ جمعي جي خطبن ۾ هميشه ترڪيءَ جي سلطان جو نالو بطور بادشاهه اسلام جي ورتو ويندو هو. توڙي خليفي کان خلافت کسجي وئي ۽ مرحوم کي جنت ۾ به جايون ملي ويون، پر اها سـُـڌ سنڌ جي مسلمان کي پئجي ڪانه سگهي. سالن تائين هر جمعي ۽ هر عيد تي سندس عمر درازيءَ لاءِ دعائون گهريون وينديون هيون.
ريڊيا ۽ هوائي جهاز ڪونه هئا، جن اڄ سڄيءَ دنيا کي هڪٻئي جي ايترو قريب ڪري ڇڏيو آهي، جو جيڪڏهن آمريڪا ۾ ڪو حادثو ٿئي ٿو ته ان جو درد هتي اسان محسوس ڪيون ٿا، اتي ڪنهن جي دل ٽُٽي ٿي ته ’ڪارونري‘ (Coronory Thrombosis) جو حملو اسان تي هتي ٿئي ٿو. ڪنهن کي ڪنهن جي ايڏي خبر ڪانه هوندي هئي ۽ ڪنهن جو ڪنهن سان واسطو ڪونه هو. ٿوريون گهرجون، ننڍا مسئلا ۽ معمولي معاملا درپيش هوندا هئا، ذهن خواهه جسم جن کان ڪڏهن متاثر ڪونه ٿيو.
سنڌ جو پهريون ماڻهو خانبهادر کهڙو هو، جيڪو سڀ کان اول سنڌ جدائيءَ جي سلسلي ۾ هندن جي مقابلي لاءِ لنڊن هوائي جهاز ۾ ويو، ورنه هوائي جهاز جي سواريءَ جو ڪنهن کي تصور به ڪونه ٿيو هو. مون کي ياد آهي، مان پنهنجي واهڻ جي مسجد ۾ ان ڏينهن گلستان جو اهو سبق ياد ڪري رهيو هئس، جنهن ۾ هيءُ شعر آهي:

پسرِ نوح بابدان بنشست
خاندان نبوتش گم شد

نيرن مهل هئي، جو اوچتو آسمان ۾ گهوگهٽ ٿي ويو. سڄو ڳوٺ گهرن مان نڪري آيو، ڄڻ صورَ اسرافيل ٿي وئي ۽ قيامت اچي وئي! ايترو خوف ۽ ايڏو هراس هو. سِرڻ وانگر آسمان ۾ ڪا شيءِ اُڏامندي نظر آئي. ڪيترا ڏينهن اچرج ۽ ويسورو هو. ڏينهن پڄاڻان معلوم ٿيو ته هوائي جهاز هو. اِهو اُهو زمانو هو، جڏهن پهرين جنگ اڃا مس ختم ٿي هئي.

* * *

مطلب اهو آهي ته هر ڪو فڪرن کان خالي ۽ ذهني اذيتن کان آجو رهيو هو. ”الوحيد“ نيون تازيون خبرون آڻيندي هئي، ورنه ٻاهراڙيءَ ۾ گهڻو ڪري هفتيوار اخبارون اينديون هيون، ۽ خبرن تي جڏهن هفتا گذري ويندا هئا، تڏهن ماڻهن کي حقيقت حال معلوم ٿيندي هئي.

لاڙڪاڻي جي ”الحقيقت“ اخبار مسلمانن جي اخبار هوندي هئي، جنهن جي پهرئين صفحي تي گهڻو ڪري نواب امير علي خان جي اُٿيءَ ويٺيءَ جون خبران يا سندس شان ۾ قصيدو ڇپيل هوندو هو. ان جي مقابلي ۾ ”لاڙڪاڻه گيٽ“ هندن ڪڍي، جنهن جو ايڊيٽر ديوان ٽهلرام تلريجا هو. انهيءَ ڀَوَ کان ته متان پيٽ تان پتلون تـِـرڪي پيرن ۾ نه وڃي پوي، سڄو وقت ابداڻي ۽ اڳٺ ۾ هٿ وجهيو پيئو سيئو بازار ۾ گهمندو هو. سندس پريس حاجي محمد درزيءَ جي ڀـِـڪ ۾ هوندي هئي. ڪمن درزيءَ وانگر ديوان ٽهلرام به هڪ ساهي آفيس ۾ ويهي ڪونه سگهندو هو. هوڏانهن شاهي بازار مان ڪينچي هٿ ۾ کڻي ڪمن مرحوم نڪرندو ۽ هيڏانهن ابداڻي ۾ هٿ وجهي ديوان ٽهلرام آفيس کان ٻاهر ايندو. چهل قدمي ڪندي ڪندي ٻيئي اچي تلاءَ تي ملندا ۽ اتان وري هرڪو پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن موٽ کائيندو. اهي ٻه اخبارون شهر ۾ مکيه هيون. ”عالمگير“ اخبار قاضي غلام نبي مرحوم گهڻو پوءِ ڪڍي، جيڪا هلي نه سگهي. ديوان قسمت راءِ ڇڳاڻيءَ جي ”ايڪتا“ اخبار به ڪالهه ڪلهوڻي ڳالهه آهي، جنهن زماني جو مان ذڪر ٿو ڪريان، ان وقت قسمت اڃا ’ترڪ شيرازي‘ هوندو هو. خير، اها اصطلاح ته ايران جي آهي، اسان جي پنهنجي ٻوليءَ موجب اڃا هو بلڪل لساٽ هو، ۽ حنيف وٽ تمام گهڻي اچ وڃ هئس. حنيف ته قدردان نه هو، پر سچ پچ جڏهن مجلس ۾ ايندو هو، ته سڀڪنهن ماڻهوءَ جي جسم ۾ ڄڻ جان اچي ويندي هئي، ۽ جڏهن ويندو هو تڏهن ائين پيو محسوس ڪبو هو گويا دل ٻڏي ٿي. خبر نه آهي اها ڪيفيت ڇو ٿيندي هئي. گهڻن سالن بعد هن ”ايڪتا“ پهريائين هفتيوار ڪڍي. جڏهن پير الاهي بخش پهريون پهريون روينيو منسٽر ٿيو، ان وقت نه ڇڙو ”ايڪتا“ اخبار ڊيلي ٿي ويئي، بلڪ خود قسمت جي قسمت به کلي پيئي. سنگت ۾ جيڪو پهرين ڇڙو قسمت سڏبو هو ۽ هفتيوار ”ايڪتا“ وقت مسٽر قسمت سڏجڻ لڳو، سو يڪدم ديوان قسمت راءِ ڇڳاڻي ٿي، سنڌ جي ٻـَـڌيءَ ڇڙيءَ جو مالڪ بڻجي ويو. تلاءَ مٿان زميندار بئنڪ جي ڀڪ ۾ جيڪو سندس حجرو هو، سو هن ڇڏي ڏنو ۽ پوسٽ آفيس جي پٺيان هڪ وڏي جاءِ وٺي ان ۾ رهڻ لڳو، جنهن جي دروازي اڳيان سنڌ جي هندو مسلم روينيو ڪامورن جا ڪٽڪ نظر ايندا هئا. اهي به ڪي ڏينهن هئا اڄ ته اِها به سڌ ڪانه اٿئون ته پنهنجو اهو سنگتي رهي ڪٿي ٿو، حال حيات به آهي يا ٿيو رب ڏي راهي. انهيءَ پهرئين زماني ۾ نياز مرحوم سان به دوستي هئس. هڪ نياز ۽ هڪ حنيف ڇا! ڇاڪاڻ ته پاڻ هندو مسلم ايڪتا جو قائل ۽ صوفي متن جو ماڻهو هو، تنهنڪري دوستن جو هڪ وسيع حلقو پيدا ڪيو هئائين.

پير الاهي بخش جي پنهنجي اخبار، جنهن جو نالو ”شمشير اسلام“ هو، سا ليٿوءَ ۾ ڇپجي، غالباً دادوءَ مان نڪرندي هئي. نالي جي ٻن پاسن کان ٻه تراريون ڏيکاريون وينديون هيون، جيڪي ڪاتبن جي ڪرامت سبب ڪڏهن لٺيون ٿي پونديون هيون ۽ ڪڏهن لڪڻ وانگر ڏيکاربيون هيون ۽ ڪڏهن ته سڄو عنوان اهڙي طرح گول مال ٿي ويندو هو، جو نه اخبار جي نالي جو پتو پوندو هو ۽ نه اسلام جي انهن تلوارن جو. اهو پير صاحب جي نوخيزيءَ جو قصو آهي. ان کان پوءِ پير صاحب عليڳڙهه تعليم حاصل ڪرڻ ويو.

* * *

قصو شاعريءَ جو ٿي ڪيم، وچ ۾ ڳالهين تان ڳالهه نڪري آئي ۽ قصوئي وچ ۾ اور اچي ويو. پر اهي ڳالهيون به ته آخر انهيءَ زماني جون آهن، جنهن زماني جو تعلق مرحوم نياز سان آهي ۽ اورڻ جهڙيون به آهن.
خير، جڏهن مان اچي ساڻن شريڪ ٿيس، ان وقت مشاعرو ”الحقيقت“ آفيس جي ڀرسان، مرحوم علي محمد قادريءَ جي اوطاق تي ٿيندو هو. مشاعري جي ‘طرح‘ ڪنهن اردو بيت جو ترجمو ڪري ڏني ويندي هئي. ”الحقيقت“ ۾ به ان جو اعلان ٿيندو هو ۽ ڪن خاص شاعرن ڏانهن ٽپال ۾ به خبر موڪلي ويندي هئي. ٻاهرين شاعرن مان، مون کي ياد آهي، ڪراچيءَ وارو مرحوم غلام محمد ”نظامي“ هر مشاعري ۾ پنهنجو غزل موڪليندو هو. اُتي ڪراچيءَ ۾ ”انجمن ترقي اردو“ نئين نئين نڪتي هئي. ڪيترا هندستاني شاعر اُتي موجود هئا. ڪراچيءَ جي خاص رهاڪن مان فقط مير ايوب خان ۽ سندس ڀاءُ مير مقبول خان اردوءَ جا حامي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪندا هئا. ”انجمن“ جي جاءِ اُهائي هئي جتي اُها اڄ آهي، يعني پاڪستان چونڪ وٽ، جنهن کي ان زماني ۾ لامبٽ مارڪيٽ ڪري سڏيندا هئا، پارسين جي پوتر آتشڪده جي پٺيان. اتي ئي اردوءَ جا مشاعرا ٿيندا هئا. نظامي مرحوم سنڌيءَ جو اڪيلو شاعر اُتي هو، تنهنڪري هـُـن پنهنجو واسطو لاڙڪاڻي جي مشاعري سان رکيو.
اهوئي دؤر هو، جڏهن سنڌي شاعريءَ جي معنيٰ فقط غزل سمجهيو ويندو هو، ڪافي ۽ ڏوهيڙو چوڻ نه ڇڙو ڪسر شان بلڪ علمي درجي ۽ ادبي عظمت جي خلاف ليکبو هو. غزل ۾ لکنوي شاعرن جي طرز اختيار ڪئي ٿي ويئي، رعايت لفظيءَ ۽ غير مانوس تشبيهن تي زور ڏبو هو، ۽ ان کي ئي فني ڪمال سمجهيو ويندو هو. جيڪڏهن هڪ مصرع ۾ اک جو ذڪر ايندو، ته ٻيءَ مصرع ۾ ’آهوءَ‘ جو لفظ ضرور ايندو. ’ابروءَ‘ جو استعمال ٿيندو ته ٻيءَ ۾ ’ڪمان‘ ايندي. معشوق جي پنبڻين جي ڳالهه نڪتي ته ’پيڪان‘ يعني ’تير‘ جو قصو لازماً ڪيو ويندو، قنڌاري ڏاڙهن جو نالو ورتو ويو، ته يڪدم ’پستانن‘ تائين وڃي خيال پهچندو، سيب سمرقند جو هوندو، پر ان جو ذڪر لاڙڪاڻي جا شاعر جڏهن ڪنهن بيت ۾ ڪندا، ته اتي معشوق جي ڳلن جو معاملو مقصود هوندو، ’چاهه‘ (کوهه) ايندو ته ”زنخدان“ (کاڏي) جو اچڻ لازمي هو، غرض اهڙيءَ طرح غزل چيو ويندو هو، جو ان مان مزو فقط انهن کي ايندو يا سمجهندا ڇڙو اُهي هئا، جن ”ناسخ“ ۽ ”آتش“ جا ديوان پڙهيا هوندا يا ايراني شاعرن جي ديوانن کي اٿلايو هوندو. سنڌ جا ماڻهو سمجهن يا نه سمجهن، سندن شاعري پنهنجي ماحول جي آئينه دار هجي يا نه هجي، انهيءَ سان اسان جي شاعرن جو واسطو وجَههُ ڪونه هو.
اردوءَ جي ڪتابن جو سنڌ مٿان ايترو مارو ڪونه هو، ڪن ڪن عالمن وٽ ڪي مذهبي ڪتاب ڏسڻ ۾ ايندا هئا يا شاعرن جي اوطاقن ۾ هندستاني شاعرن جا چند ديوان ڏسبا هئا، جيڪي نولڪشور جا ڇاپيل ۽ ٽين چئين آني ۾ گهر ويٺي گهرائيندا هئا. حقيقت ۾ اُنهن ئي ديوانن جي ذريعي سنڌ ۾ سنڌي غزل جو آغاز ٿيو، جنهن جي ابتدا ٽالپرن ڪئي.
اسان جا ٽالپر حڪمران جڏهن قيدي ٿي ڪلڪتي ويا، ان وقت ”مٽيا بُرج“ ۾ واجد علي شاهه به باندي هو. اَوڌ جي انهيءَ بدنام ٿيل بادشاهه جو اُتي به مشغلو اهوئي ساڳيو هو، يعني اردوءَ ۾ نهايت پست شعر چوڻ، يا پـُـٺـتي ڇڏي آيل پنهنجي لاتعداد سريتن ڏانهن هجر ۽ فراق جا قصا نهايت فحش ۽ بازاري زبان ۾ لکڻ[10]. مٽيا برج ۾ اردوءَ جا ڪيترا شاعر رهندا هئا، خود اردوءَ جي مشهور ناول نويس عبدالحليم ”شرر“ به مٽيا برج ۾ پرورش حاصل ڪئي. مٽيا برج جا اهي شاعر ٽالپرن وٽ به ايندا هئا، ۽ انهيءَ آمدورفت ٽالپرن ۾ اردو شاعريءَ جو چسڪو پيدا ڪيو. ابتدا ۾ هنن اردو غزل ٺاهيا ۽ رفتي رفتي انهيءَ اردو غزل سنڌ ۾ اچي سنڌي غزل جو روپ اختيار ڪيو.
عبدالحسين ”سانگيءَ“ ۽ گدا شاهه وٽ اردوءَ جا ڪيئي ديوان هئا، گدا شاهه جو ته اُنهن سا ايترو شغف هو، جو سفر ۾ پڻ پاڻ کان ڌار نه ڪندو هين. چنانچه جڏهن ٺٽي ويو، ته پاڻ سان ”آباد“، ”آتش“ ۽ ”ناسخ“ جا ديوان به کنيو ويو، جن جي مطالعي کان پوءِ ’تڪملي‘ جي مؤلف، مخدوم خليل، نمونتاً اردوءَ جا چند غزل جوڙيا.
اهڙيءَ طرح سنڌ جي غزل گو شاعرن وٽ اردو ديوانن جو مڙيو ئي ٿورو گهڻو ذخيرو هوندو هو. لاڙڪاڻي جي مشاعري جي طرح به اردوءَ جي ڪنهن بيت جو سنڌي ترجمو ڪري، تجويز ڪئي ويندي هئي. گويا ”غزل گو“ شاعرن جي دماغي افلاس ۽ تخيل جي فقدان جي انهيءَ حد تائين افسوسناڪ حالت هئي، جو هو هڪ مصرعو به پنهنجو تخليق ڪري ڪونه سگهندا هئا. انهن ئي ديوانن مان خيال، ترڪيبون، اشارا، ڪنايا، تشبيهون ۽ رعايت لفظيءَ جا نمونا هٿ ڪندا هئا. مون کي يقين آهي ته قافيا ۽ رديف به انهن منجهان ئي مهيا ڪيائون ٿي. ڀلا ’نخچير‘، ’تحرير‘ ۽ ’تزوير‘ جو قافيو سنڌيءَ ۾ ڪٿان آيو! خود مان پاڻ به جڏهن شاعريءَ جو شوق ڪيو، ته سنڌي شاعرن جو اهوئي صدري نسخو استعمال ڪندو هيس.
سنڌيءَ جي اِنهيءَ قسم جي شاعريءَ جو سمورو سرمايو ديوانن ۽ بياضن جي اندر دفن ٿي ويو، قبول عام جي خلعت سنڌ اندر ڪڏهن حاصل ڪري نه سگهيو. ڀلا تشبيهان ۽ محاورا، خيال ۽ استعارا، سڀئي هوندا لکنو جي طوائف خانن جا، يا ايران جي ميخانن جا، سي ٿر ۾ رهندڙ ۽ ڦوڳ تي گذارو ڪندڙ ويچارا سنڌي ڪٿان سمجهي سگهندا؟
بمبئي سرڪار جو ڇپايل شاهه جو رسالو نه ڪنهن سنڌي شاعر پڙهيو هو، ۽ نه ڪنهن شاعر کي اها شاعري پسند هئي. ان کي ’ڳوٺاڻي شاعري‘ سمجهيو ويندو هو. ڪافي ۽ بيت جوڙيندڙ کي شاعر ڪونه سمجهندا هئا، بلڪ چوندا هئا ته فلاڻو تُڪبند آهي، انهيءَ شاعريءَ کي ’دهقاني شاعري‘ سڏيندا هئا، گويا شهرن يا شهر ۾ رهندڙ اُنهن اعليٰ دماغن سان سنڌيءَ جي پنهنجي شاعريءَ جي ڪابه مناسبت ڪانه هئي!

* * *

سنڌ جو ڪافي ۽ ڏوهيڙو سڄيءَ سنڌ ۽ ان جي عوام تي حاوي هو. شاهه جا بيت ۽ ڪافيون ٻاهراڙيءَ جي ڪچهرين ۾، دهقانن جي اوطاقن ۾، ۽ چانڊوڪيءَ جي نوراني راتين جو، ڏکڻ جي ٿڌيءَ تنوار کـُـلڻ بعد ڳوٺڙن جي ڪشادن ايوانن ۽ اڱڻن ۾ چيون وينديون هيون، سمجهيون وينديون هيون، ۽ ڳايون وينديون هيون. خدا بخشي گربخشاڻي مرهيات کي، جنهن حقيقت ۾ شاهه جو رسالو، جديد طرز تي انگريزي نموني جي تحقيق سان ۽ سهڻي نموني، ڇاپرائي، ڪامورن جي ذريعي زوريءَ مسلمانن تائين پهچايو. ليڪن ان کان پوءِ به بطور فيشن جي جيئن هاڻي هرڪو شاهه جو ماهر نظر پيو اچي، يا هراهل نااهل جي زبان تي شاهه جو بيت آهي، اهڙي شهرت شاهه جو ڪلام حاصل ڪري نه سگهيو. خود شاهه جي ميلي جي ڪنهن شهري مسلمان کي خبر ڪانه هوندي هئي. ويچارا غريب غربا گڏ ٿيندا هئا، سڄي سال جا ٿڪ ۽ ماندگيون ٽي چار ڏينهن ميلي ۾ رهي لاهيندا هئا، شاهه جون زيارتون ڪري، درگاهه تان دعائون گهري، وايون ۽ بيت ٻڌي، جليبيون ۽ کارڪان ۽ کرما کائي، گـُـبتُ ۽ کنڊ ڀڳڙا، پڪي مٺائي ۽ ريوڙيون پنهنجي ٻارن لاءِ وٺي، پکن وارِنِ جي پکن ۾ پيهي، پٺتي پيا موٽندا هئا. شاهه جو ميلو غريبن جي ملڪيت هو، غريب ئي اتي وڃڻ فرض سمجهندا هئا، وڏن ماڻهن يا جن کي معزز سمجهيو وڃي ٿو، يا قوم جي جنهن مخصوص طبقي جو نالو ’ليڊر‘ آهي، انهن جي انهيءَ طرف نڪو اير هو نڪو ڀير.
ليڊرن، حاڪمن ۽ وڏن ماڻهن کي ميلي منجهه آڻڻ جي بدعت ته اسان جي جي. ايم. سيد سائينءَ هاڻي پيدا ڪئي، جڏهن کيس معلوم ٿيو ته شاهه کي به سنڌ جي سياسي ضرورتن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. ميران محمد شاهه سائين به پوءِ ڪـُـڏي اچي تڏهن وچ ۾ ويٺو، جڏهن سياست ۽ ليڊريءَ مان کيس هر طرح فراغت ۽ فارغ البالي نصيب ٿي ۽ اهو کيس خيال آيو ته شاهه به متعلوي سيد هو ۽ پاڻ به مٽيارين مان آهي ۽ شاهه جي رديف ۾ ان ڪري سندس قافيو پوريءَ طرح فٽ ٿيندو:

في الجمله نسبتي بتو کافي بود مرا،
بلبل همين که قافيہ گل شود، بس است!

سڀ کان پهريون جي. ايم. سيد سائين پاڻ ميلي ۾ منزل انداز ٿيو، پوءِ پيرزادي عبدالستار کي معه بيگم صاحبه جي آندائين، ڇاڪاڻ ته هو سنڌ جو چيف منسٽر هو. چيف منسٽر جو نزول ٿيو، ته ان جي اعزاز ۾ ڪامورن به اچي ڪيمپان هنيون، ۽ پوليس جي عملدارن به اچي خيما کوڙيا. اهڙيءَ طرح رفتي رفتي غريب غربي جي انهيءَ تفريح گاهه کي به سرڪاري مال يعني ’آن هز مئجسٽيز سروس‘ بڻايو ويو. پوءِ جڏهن خود سنڌ ٻين جي ور چڙهي ويئي، تڏهن انهيءَ ساڳئي شاهه جي مزار اڳيان اُهي کيل کيليا ويا، جنهن جي سڄي زندگي ’عمر جي ڪوٽ‘ ڪيرائڻ لاءِ آهون ۽ دانهون ڪندي گذري، جنهن چيو ته:

منهنجي آهه اِها! ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي!

حاڪم اتي آيا، عملدار انهيءَ جاءِ سان آشنا ٿيا، ۽ خسيس، چاپلوس ۽ سگ دروازه صفت ڪامورن ڪڙن کي اڳيان ۽ پوئتان ڪري، انهيءَ عوامي ميلي ۾ به ڌاريائپ ۽ طبقاتي فرق جو هڪ درد انگيز نظارو پيدا ڪيو ويو. ورنه ست ڌارين حاڪمن جو ڪهڙو ڪم، جو انهيءَ قسم جي غريب نوازي فرمائين؛ ڪنهن دور دراز سرڪار سڳوريءَ کي ڪو اهو جڳائي، جو پاڻ هلي اچي ميلي ملاکڙي کي شرف بخشي؛ آمرن ۽ اميرن جو اهو شان نه، جو راهڪن ۽ رعيتين ۾ اچي، انهن جي گوشہ ڪلاه کي آسمان تائين رسائين ۽ انهن جي تڏن تونئرين ۽ رلين لِٿڙن تي اچي رونق افروز ٿين، سمي ڄام کي اهو مور نه جڳائي، جو ڪينجهر جي ڪنڌين تي اچي تنبو تولان هڻي، ۽ سوئي وري اُنهن وٽ جن جو سڄو ساٿ ئي لُٽجي ويو هجي ۽ جن جو سمورو قافلو ئي ڪيچي ڪاهي ويا هجن!
مطلب ته شاهه جي ميلي تي صاحبن جا گفتا، حاڪمن جا حڪم ۽ فرمان، ۽ آمرن جا خطاب ۽ خطبا نيٺ اچي جي. ايم. سيد سائينءَ جي ”سجاڳيءَ“ لاءِ مچيل مارڪن ۾ نافذ ٿيڻ ۽ نشر ٿيڻ شروع ٿيا.

ز گلفروش ننالم کز اهل بازار است
تپاک گرمئ رفتار باغبانم سوخت

پر ڇا ڪجي جي. ايم. سيد وري به ته اسان جو پنهنجو سائين آهي، ڏاڍو مٺو ۽ پيارو. سندس هر حرڪت ڪيڏو به زخم رسائي ۽ سندس فيصلي جي غلطي ڪيترو به نقصان پهچائي، ليڪن ان تي دانهن ڪرڻ ۽ ان تي فرياد ڪرڻ ڪو اسان کي جڳائي؟ دريا خان دولهه[11] کان پوءِ سيد ۽ جتوئي ۽ عبدالمجيد جهڙا سپاهي ڪي سنڌ کي ملندا! اهي سنڌي مائون ئي مري ويون، جيڪي مهراڻ جي ماٿريءَ کي اهڙا پٽ ڄڻي ڏينديون هيون.

* * *

ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن هليو ويس. لاڙڪاڻي جو ذڪر هو، ڀٽ ڌڻيءَ وٽ وڃي پهتس! پر اهي ڳالهيون به ته آخر ڪرڻ جهڙيون آهن، اهي سور به ته نيٺ سلڻ وٽان آهن، دل جو چاڪ چڪي چڪي جڏهن ناسور ٿي پوي، تڏهن شڪايت کڻي نه ڪجي پر ان جي حڪايت جو ته حق هجڻ گهرجي. آخر اسان به ته گوشت پوست جا ٺهيل آهيون، نه پٿر آهيون، نه اهڙا ناسودي ۽ بي غيرت. پر هاڻي ڇا ٿيندو، جڏهن مـُـهرائي مات کائي ويا!

گفتني نيست که برغالب ناکام چه رفت
ميتوان گفت که بيچاره خداوند نداشت

جنهن عهد جي ڳالهه هتي ٿي رهي آهي، اهو عهد هو جڏهن قليچ بيگ جي وصال ڪرڻ بعد مسلمانن ۾ ڪوبه مشهور نثر نويس (علمي نثر نويس) ڪونه هو. ڊاڪٽر دائود پوٽو مرحوم، ڌڻي شل جنت ۾ کيس جايون ڏئي، گهڻو پوءِ ميدان ۾ آيو. شاهه جي رسالي نڪرڻ کان پوءِ، هن شاهه ڪريم جو رسالو ۽ ٻيو هڪ ٻه سنڌي ڪتاب نئين طرز تي شايع ڪيا. فقط هڪ مولانا دين محمد وفائي پيو ٻڌبو هو، جيڪو اڪيلي سر وتندو هو سنڌ جي سر زمين ۾ سنڌ جي تاريخ کي ڳوليندو ۽ لهندو. هندن البت اعليٰ اديب ۽ نثر نويسيءَ جا استاد موجود هئا، منجهن نه فقط شاهه جو چرچو هو، بلڪ شاهه کي سچا پچا سمجهڻ وارا به انهن جي ئي پڙهيل طبقي ۾ لڀندا هئا.
هاءِ! هاءِ! مرحوم ڪاڪي ڄيٺمل پرسرام جو نالو چئي کڻي بس ڪر. سنهي سنهي سفيد سونهاري، هميشہ پيو کلندو. ڏسندو، ته ڊُڪي اچي ڀاڪر پائيندو. ويهندو، ته پيو بهار بهار ٿيندو. شاهه جا ڏوهيڙا به پيو ڏيندو، ۽ انهن جا راز ۽ رمزون به پيو سمجهائيندو. جڏهن ’شاهه جون آکاڻيون‘ سنڌي نثر ۾ لکي پيش ڪيائين، تڏهن اسان جي ادب ۾ جنسي انقلاب اچي ويو. ساڳي اُها شاهه واري زبان، مصريءَ ۽ ماکيءَ جهڙيءَ مٺي، اهڙي نازڪ جهڙيون اسان جي مسڪين مارُن جي معصوم نياڻين جون دليون، ايڏي نرم جهڙو ڪنهن ڳوٺاڻيءَ بختاور جي هٿن جو ڪڍيل مکڻ ۽ ايتري سٻاجهي جهڙيون ڀائرن لاءِ اسان جي ملڪ جون ڀينرون ۽ وڏور ڌيئرن لاءِ اسان جي ملڪ جون مائرون. پڙهندي ائين پـَـئي روح کي راحت رسندي، جيئن ڄڻ سانوڻ جي چانڊوڪين راتين ۾ ڏکڻ گهـُـلـِـي، هينئون پيو ٺاري.
پروفيسر شاهاڻي قداور مڙس، ڏاڙهي مـُـڇان ڪوڙيل، رنگ جو گورو، سوٽ بوٽ پاتي کان پوءِ جنسي صاحب لوڪ پيو لڳندو هو. هڪ دفعو مرحوم کي مان به ڏٺو: ڪنهن ڪونسل جي ميمبريءَ لاءِ اميدوار بيٺو هو، ڏاڏي ۽ والد مرحوم کان ووٽ وٺڻ اسان جي ننڍڙي ڳوٺڙي ۽ شهر جي واءُ ساءُ کان اوٽائتي واهڻ ۾ پاڻ هلي آيو. سندس ”بلو کوکر“ پوءِ ڇپيو ۽ پڙهيم.
ڊاڪٽر گربخشاڻي، خدا بخشيس، پهريون سنڌي آهي، جنهن انگريزي وضع قطع تي اسان کي ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ ۽ ان جي تصحيح ڪرڻ جو نمونو ڏيکاريو ۽ راز سمجهايو. برٽش ميوزيم جو نالو، يا ان ۾ به ڪي سنڌي ڪتاب ٿيندا آهن، اها خبر به کانئس ئي اسان کي پَئي. ”نورجهان“ ۽ ”لنواريءَ جا لال“ به سندس ئي سوکڙيون آهن. مطلب ته ڪهڙن جا نالا کڻي ڪهڙن جا کڻجن - ڀيرومل مهرچند خواهه لالچند امر ڏنو مل گهٽ هئا؟ هرهڪ زبان جو عالم ۽ نثر نويسيءَ جو استاد هو. البت شعر چوڻ سو هندن کي ڏانءِ ڪونه ايندو هو. پهريون شاعر، جيڪو مان ٻڌو، سو ڪشنچند ”عزيز“ هو، جنهن پنهنجي شعر جا ڪتاب انهيءَ دور ۾ ڇپايا، ۽ جنهن جي شاعريءَ ۾، فارسي اکرن جي ڪثرت هوندي به، اوريجنل خيال هئا ۽ پنهنجي ماحول سان تعلق رکندڙ ڳالهين کي بيان ڪيو ويو هو.

* * *

اصل ڳالهه هئي ته ان زماني ۾ اسان جي شاعرن جو غزل تي زور هو، ۽ اهو غزل به ٺيٺ سنڌيءَ ۾ نه، ۽ جيڪي خيال سي به ماحول متعلق ڪونه. فارسيءَ جا اُهي غير مانوس اکر آڻيندا هئا، جن جو صحيح استعمال فقط فارسي زبان ۾ ئي ٿي سگهيو ٿي. سنڌيءَ منجهه انهن کي آڻڻ ائين هو، جيئن ريشم جي ڪپڙي ۾ بافتي جي چـَـتي هڻڻ.
اهوئي سبب هو، جو سندن غزل ۽ گفتا عوام جي زبان تي اچي ڪونه سگهيا، ماڻهن ۾ اهي ئي پنهنجن شاعرن جون ڪافيون مشهور هيون، ۽ سندن مجلسن جو سينگار ۽ سندن روح جي ريجهه اهائي شاعري رهي، جيڪا هو سمجهي سگهيا ٿي، ۽ جنهن ۾ سندن پنهنجا جذبات ۽ ڪيفيتون بيان ٿيل هيون.
زنده شاعرن مان مولوي ثنائيءَ جو ڪلام مقبول هو، مولانا غلام رسول جتوئيءَ جا مولود ۽ ڪافيون به جهنگ جهر ۾ ماڻهو ڳائيندا وتندا هئا. اهي ٻيئي شاعر باقراڻِن جي طرف جا هئا، شڪارپور جي پاسي جا مشهور شاعر هوا: مرحوم علينواز علوي، ٻڍڙو فقير، مولانا همايوني مرحوم، ۽ ”غمدل“ تخلص جو هڪ شاعر، جنهن جي هڪ ڪافي نه ڇڙو هرهڪ جي وات تي هئي بلڪ ماڻهو ان تي وجد ڪندا هئا - نالي واري هڪ تـُـڪ ياد پوي ٿي:

غمدل گولي آهيان، بِرِهُ وِسيلو ڀانيان،
ڪيچ ڌڻِن ڏي ڪاهيان، واهرَ ويرُ وري.

خبر نه آهي ڪافي ڪنهن چئي، ليڪن هيٺين ڪافي به جڏهن ڪو سُرَ سان ڳائيندو هو، تڏهن ڄڻ دل مٺ ۾ اچي ويندي هئي:

ويا ٿم رات پنهون مون کان ڏير ڦري،
جن ريءَ ساعت منهنجي ڪانه سري،
ويا ٿم رات...

هئي ڏاه ڏنل ڪا ڏاگهن کي،
آيا آڌيءَ رات اوطاقن تي،
ويا ڌوٻڻ سان ڪيڏو ڪِيس ڪري،
ويا ٿم رات...

انهن عوامي شاعرن جون ڪافيون فوراً عوام جي زبان تي اچي وينديون هيون، هوڏنهن ڪافي ٺهي هيڏنهون سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مشهور ٿي، ماڻهن ڪـَـن تي هٿ رکيو ۽ ”الوميان“ ٿي وئي، نه ڪافيون اخبارن ۾ ڇپيون، نه مشاعرا ٿيا، ۽ نه انهن جو انتخاب ڪنهن اخبار ۾ آيو- فقط خداداد مقبوليت ۽ محض قبول عام جو شرف سندن ڪلام ۽ گفتن کي حاصل هو.
اهي عوامي شاعر عوام جي زبان مان ئي ڪافيون ٻڌي هڪٻئي جو تتبع ڪندا هئا. مثلاً، هڪڙي شاعر ٻئي جي ڪافي ڪنهن کان ٻڌي، کيس پسند آئي، فوراً هُن ان جو تتبع ڪيو، ۽ اهو به ساڳيءَ طرح مشهور ٿيو، ان تي ٽئين شاعر جواب ڏنو، ۽ اهو پڻ زبان زد عام ٿي ويو. اهڙيءَ طرح هڪٻئي پٺيان عوام جي ذريعي سان ڪيترا شاعر هڪٻئي جو تتبع ڪندا هئا. اهوئي سندن مشاعرو هو، ۽ اهائي سندن اخبار هئي. انهيءَ زماني ۾ حضرت مولانا همايوني عليہ الرحمة جي هڪ ڪافي ڏاڍي مقبول ٿي.

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا!
زندان هزارين، مان نه رڳو!

ڪافيءَ جو تخليق ٿيڻ هو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ باهه ٻري وئي، نئون خيال ۽ نئين طرز، سُر سٺو، لفظ چيدا، ۽ تڪن مٿان تڪان اهڙيءَ طرح بيٺل، ڄڻ هيرن ۽ موتين جو جڙاءُ ٿيل آهي. فوراً ميان علي نواز علويءَ جواب ڏنو:

تنهنجي حسن سڄڻ حيران ڪيا،
انسان هزارين مان نه رڳو!

سائين صالح شاهه راڻيپور وارو انهيءَ دور ۾ وڏي پيريءَ مُريديءَ وارو بزرگ، ۽ ساڳئي وقت، دستور جي خلاف، ذوق جو صاحب ۽ شعر و سخن جو به شوقين هو. هـُـن به انهيءَ جي تتبع تي ڪلام ٺاهيو. اسان جو مائٽ، قمبر جي ڀرسان گهٽهڙ ۾ رهندو هو، سائين معشوق شاهه نالو، جهڙو صورت جو معشوق، تهڙو سيرت جو معشوق، ۽ تخلص به ”معشوق“ هيس. مان کيس سٺ پنجهٺ ۾ ڏٺو. انهيءَ ڪافيءَ جي جواب ۾ هن به ڪافي ٺاهي جيڪا پڻ ساڳيءَ طرح مشهور ٿي وئي. مطلب ته سڄيءَ سنڌ ۾ هڪ عجب چهچٽو لڳي ويو. انهيءَ ڪافيءَ لاءِ نه شاعر ڪٿي پاڻ ۾ گڏيا ۽ مشاعرو ڪيائون، نه ’الحقيقت‘ اخبار ۾ سندن انتخاب شايع ٿيو، نه سامعين ڪرام موجود هئا ۽ نه ”واهه، واهه“ ٿي نه ”مڪرر، مڪر“ جي ڌماچوڪڙي متي. ڪافيون هيون عوامي زبان ۾، عوامي جذبات سان ڀريل ۽ ماحول جون آئينه دار. ماڻهن هٿئون هٿ انهن کي انهن جهٽي ورتو ۽ فوراً مشهور ٿي ويون.
پيرل فقير، حاجي خانڻ، اميد علي شاهه، خوش خير محمد ۽ مصري شاهه - هاڻي ته ڪنهن کي ياد به نه آهن، ليڪن اُنهيءَ دور ۾ سندن ڪلام کي ڏاڍو ڳايو ويندو هو. هر شوقين ۽ هر ذوق واري ماڻهوءَ کي انهن جون ڪافيون برزبان هيون، فرصت جي وقت ۾ ۽ رهاڻ جي مهل انهن جون مصراعون جهونگاري پيا روح ريجهائيندا هئا. پيرل فقير جي هيءَ ڪافي هر ڪنهن جي زبان تي هوندي هئي:

خوش ٿو گذارين منهنجا مٺا، عاشق تنهنجو آ عذاب ۾...
او خوش ٿو گذارين-
ٻن پيو جـُـدائيءَ جو جئڻ، آڄڻ زهر جو پيالو پيڻ،

پنهنجي يار کئون دم ڌار ٿيڻ، لکيو ڪهڙي آ ڪتاب ۾!
او خوش ٿو گذارين-

ليڙو پاتوءَ لڪئون لڪي، عمر گذاريم ساري سڪي،
تقصير رب ڏنهن جا لکي، بڻي بنديءَ جي ته باب ۾،
او خوش ٿو گذارين-

جن کي لڳي جيءَ ۾ جڙي، سڪ سوز ۾ ويڙا سڙي،
جئري ڪڏهن ملندين وري، نه ته منهڙو ڏيکارج خواب ۾،
او خوش ٿو گذارين-

”پيرل“ چوي پڪ ڄاڻ تون، ڏک جا گذاريم ڏينهن مون،
سرڪار رب جي روبرو، هرڪو ايندو ته حساب ۾،
او خوش ٿو گذارين-

پيرل جي هيءَ به ڪافي ڏاڍو سوز پيدا ڪندي هئي:

مٺا ماڻهو اسان کان ڇو، مٽي منهڙو رهيا ويهي،
مٺا ماڻهو-

لوئي هيءَ لال ٿيم ليڙان، جهڄي جيئڙو ٿيم جهيڙان،
سوين تان سور ڏين پيڙان، تنهن جي ڪل ٿا پڇو ڪيهي،
مٺا ماڻهو-

قضا هن قيد قسمت ڪيس، مٺن مارن کان وسري ويس،
پڇايان روز ڏوٿن ڏس، ڪڏهن ايندا پکي پيهي،
مٺا ماڻهو-

قضا جي قلم جون ڳالهيون، سڙيءَ قسمت سڀئي پاڙيون،
جدا ٿا ڏينهڙا جاليون، ايندا شل، جيءَ گهريا جيئي،
مٺا ماڻهو-

چوي ”پيرل“ اسان پرين، وسارڻ هنئين نه واجب هن،
اسان کي سڪ سدا سندين، انهن جي رمز دل ريهي،
مٺا ماڻهو-

ڏاڏي مرحوم جي وفات کان پوءِ سندس هڪ سنگتي، هميشهه جڏهن کيس ياد ڪندو هو ته گهڻي تائين ڳڻ ڳائي آخر ۾ پيرل فقير جي هيءَ ڪافي ڏاڍيءَ درد ڀريءَ لئي منجهان جهونگاريندو هو:

اَلهه آڻيندوءِ اڱڻ اسان جي، حال جا محرم سوڍل سياڻا،
اَلهه آڻيندوءِ-

جهونيون ڏٺيم تنهنجون جانب جايون، جيڪي هٿن سان تو ٿي ٺاهيون،
اچي ته ڏٺم تنهنجا پلنگ پراڻا،
حال جا محرم-

ڪانه جو ڪَيوَ مون سان الله ٻيلي، جندڙي ڇڏي ويا منهنجي اڪيلي،
انهن ڏکن مان آءٌ ڇا ڄاڻان،
حال جا محرم-

سون طبيبن ستيون سنبرايون، حال مئيءَ جو ڏسي وڃن ورايون،
دونهان درد جا ڪين اجهاڻان،
حال جا محرم-

پرين ”پيرل“ کي ويهه نه وساري، جئري جانب وَڃُ منهڙو ڏيکاري،
تولءِ روئن ٿا منهنجا نيڻ نماڻا،
حال جا محرم-

ڪافي چئي پاڻ به روئندو هو ۽ جسين پاڻ، خدا جنت نصيب ڪريس، جيئرو هو تيسين اسان کي به روئاريندو رهيو. حاجي خانڻ جون به ڪيتريون ڪافيون مشهور هيون، سال لنگهي ويا، اهي ذوق ئي ماڻهن منجهان ڇڏي ويا، هاڻي ته انهن جي ڪا مصرع به ياد ڪانه ٿي پوي، هڪ ڪافيءَ جي پڄاڻي هيءَ هئي،

حاجي خانڻ حُب جي، پيتم ڪيف ڪڙي.
ياد نٿو پوي، الائي هيءَ ڪهڙي بزرگ جي ڪافي آهي، فقط ٿلهه ياد پوي ٿو-
جن جي هٿئون ويڙا پرين، تن کئون پڇو سـُـڌِ سور جي.

هر ڪنهن جي وات ۾ انهيءَ ڪافيءَ جي به وائي هوندي هئي. يا هيءَ ڪافي،

لايون ٿو نينهن ننڊان ڪرين، سمهين ٿو ساري رات،
لايون ٿو نينهن-

يا

خواب لڌم ته اباڻي آهيان،
عمر اڄوڪڙي رات! مان وَرِهـُـه ٿي ڀايان،
خواب لڌم ته اباڻي آهيان،
عمر اڄوڪڙي رات-

ياد نه آهي ته ڪنهن جي چيل آهي، هيءَ ڪافي به ڏاڍي مشهور هئي:

مٺا مارو! اَلَهُه آڻئي، دلين جا داغ وڃ ڌوئي،
مٺا مارو-

جڏهن هن ڪافيءَ جو آلاپ ٿيندو هو، ته ٻڌندڙن جا ڳچ ڳري پوندا هئا:

پيرين پوندي سانِ چوندي سانِ،
او! رهجو رات ڀنڀور ۾!
پيرين پوندي سانِ،

مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي، جڏهن چانڊوڪيءَ ۾ اڌ رات نه ٿيندي هئي، ته ڳائيندڙ هيءَ ڪافي شروع ڪندا هئا،

ڄام عمر! مون ته ڄائي، سانگيئڙا! مون سامائي،
آيو عيب اباڻن تي،
ڄام عمر-

هيءَ نه هيءَ مهل پوري ڳوٺ ۾ ٿرٿلو پئجي ويندو هو، سڄي ڏينهن جون پورهيت مايون الهوٽ ننڊ مان اٿي کڙيون ٿينديون هيون. ڀلا مارئي درد منجهان دانهن جو ڪري چوندي- حيف آهي منهنجي ڄمڻ تي، جو اباڻن کي ٽڪو لڳو، ڦٽڪار منهنجي سامائجڻ تي، جو منهنجي مارن جي عزت تي حرف اچي ويو، جي ڄمان ئي نه ها، ته مير عمر! تون مون کي ڪٿان کڻين ها، ڇو منهنجا مارو خوار ٿين ها! هئي هئي،

آيو عيب اباڻن تي،
ڄام عمر مون ته ڄائي، سانگيئڙا مون سامائي،
آيو عيب-

اهو آلاپ ٻڌي، اکين جي ننڊ ڪيئن نه اُڏامندي! اهي ٿڪل ٽٽل مايون آخر ته مارئيءَ جون هم جنس هيون.
راڳي اها ڪافي پوري ڪندو ئي مس، مجلس مان آواز ايندو، ”واه سائين، واه! جوڙو ٿي وڃي!“ ڪن تان هٿ لٿو نه لٿي جهڙو، وري هيءَ ڪافي شروع ڪندا هئا:

مان ڏي مارن موڪليا يـَـرُ سوين سنيها چائي!
سانگين مان ڏي موڪليا ڏک ڏوراپا چائي-
اهي ڪهڙا ڏوراپا هئا!

منڙو ريڌُئي مارئي، نه ته بندُ نه ٻئي ڪنهن پائي!
الا! مان ڏي.

پنهنجو من ريڌئي، اي مارئي نه ته ٻيو ته ڪو عمر جي ڪوٽ ۾ قيد ٿي سگهي!

غريب مارئي مارن لاءِ ڪيڏي نه اذيت ۽ ڪشاڪش ۾ مبتلا هئي، ۽ هميشه ماندي، ۽ هر وقت پئي وڃڻ لاءِ واجهه وجهي. هڪ طرف اِها هوري ۽ جهوري، ٻئي طرف مارو پيا اوڙاپا ۽ ڏوراپا ڏينس:

منڙو ريڌئي مارئي نه ته بندُ نه ٻئي ڪنهن پائي! الا.
ڏسو ٿا، بعض دفعا صحيح خبر نه پوڻ ڪري حقيقت جي خلاف ڪيڏي نه غلط فهمي پيدا ٿي پوي ٿي!

سچل سائينءَ جو ڪلام، شاهه کان پوءِ ٻئي نمبر تي ماڻهن کي ياد هوندو هو. اهي ٻه وڏا عوامي شاعر هئا، جن کي هرڪو ماڻهو سيني سان لايون وتندو هو، ۽ اهي ئي ٻه شاعر هئا، جن کي زنده دل هندن به چمي اکين تي رکيو. هزارين هندو درازن جي درگاهه جا مريد هئا، تنهنڪري سچل کي شاهه وانگر ڪو گربخشاڻي نصيب ٿي ڪونه سگهيو. صوفي فقيرن جا جٿا هوندا هئا، جيڪي سچل جو ڪلام سڄيءَ سنڌ ۾ ڳائيندا وتندا هئا. گيڙو لٽا پيل هوندا هئن، پيرن تائين چولو ۽ هيٺ تي گوڏ، مٿو اگهاڙو، ٻانهن ۽ ڳچيءَ ۾ مڻين جون مالهائون- ڪشتو به هوندو هين ۽ يڪتارو به. يڪتارو کڻي، هٿ ۾ چپڙيون جهلي، پيرن ۾ ڇيڙيون وجهي، جڏهن ڪن تي هٿ رکي ”الو ميان“ ڪندا هئا، تڏهن لئي لڳي ويندي هئي. نچندا به هئا ۽ ڳائيندا به هئا، ڏاڍي ترنم ۽ طرز سان- ٻڌندڙن جي لونءَ ڪانڊارجي ويندي هئي:-

ڳليءَ ڳليءَ ٿي ڳوليان، جهاتيون پايان...
----
واٽ وندر جي ڪو ڏسي، واٽ وندر جي ڪو ڏسي...
----
پنهنجي ذات لڪائي، ڪيئن ٻي ذات سڏايان...
----

ٻيو ڪو ڄاڻڻ محض گناه، هرڪنهن صورت آپ الله...
يا هي ڪافيون:-

ڪيچيئڙن جي ڪاڻِ، جيڏيون! منهنجو جئڙو جهڄي ٿو.
پريان سندي پار ڏنهن، اَلہَ اوٺي آڻ،
ڇڏي شهر ڀنڀور کي، هاڙهي وينديس هاڻ،
سگهو ايندو سپرين، ڀينر منهنجي ڀاڻ...

----

او ڇو ٿيون مون کي جهليو، پرين ڏنهن ڙي جيڏيون!
ويهان ڪيئن ڀنڀور ۾، جو روح انهن سان رَليو.

ساڻن ٿينديس سنگتي، جو هوت هاڙي ڏي هليو.
پريان سَندي پار ڏينهن، پاڙيچيون نا پَليو.
سڄڻ سارو پانهنجو، سر ”سَچُوءَ“ کي سليو.
----

نينهن نهوڙي آهيان، هاڻي جيڏيون! ڪاڏي وڃان!
پنڌ پري ٿيو پرينءَ جو، عشق اُلارو اڃان.
ڪَتِڻُ وَٽِڻُ نا ٿئي، چرخو ڦيرائي ڀڃان.
پرين نايون پيٽ ۾، عشق سنديون سي اُڃان.
موٽڻ واري ڪڏهين، ”سَچُو“ نه مصلحت مڃان.

* * *

اهي زمانا ويا، اهي ڏينهن لنگهي ويا، اهي ڳائيندڙ، ۽ سچ پڇو ته اهي ٻڌندڙ به وٿاڻ ويران ڪري ويا. ڳوٺڙن جي اوطاقي مڙسن وٽ رات ڏينهن لئي هوندي هئي. ساوڻ جون نور ڀريون ٿڌيون ۽ چٽيون چانڊوڪيون، هئي! هئي!! ڏکڻ گهلي پوندا، وڻ ٽڻ ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو، سـِـرنهن ۽ ٽارن جون ٽاميون مستن وانگر پيون نچنديون، ائين پيو معلوم ٿيندو ڄڻ دهقانن جون ننڍڙيون نينگريون پينگهن ۾ پيون جهوٽا کائن، پَن هڪٻئي سان ٺهڪي، ٿالهيون ۽ طبل وڄائي، ڳوٺڙي جي سڄيءَ ڪائنات کي مٿي تي کڻي ڏيندا، انهيءَ سـَـمي ۾ نه فقط غريب غربو راڳن جون رهاڻيون پيو ڪندو، پر خود ڪيترن زميندارن الغرضن جون مئل دليون به اڌما کائي اٿنديون هيون، ۽ وٽن به ڪچهريون لڳي وينديون هيون.
شام ٿيندي، اڱڻ تي ڇڻڪار ڪبا، گلم وڇائجي ويا، آرام ڪرسيون زميندار ۽ ان جي مٽن مائٽن لاءِ، ۽ چڱن مڙسن لاءِ موڙا پوندا، باقي راڄ چوڌاري گلمن تي ويهجي ويندو. ماني ٽڪي کائي، ”الو ميان“! ٿيندي، راڳي يڪتارو کڻي وچ ۾ پوندو، پاسي ۾ گهڙي وارو، ۽ سرندائي هوندو ته ٻئي پاسي کان ڀر اچي وٺندو. اهڙيءَ طرح ڪافي شروع ٿيندي. هر مصرع پٺيان ساڳئي مطلب جو ڏوهيڙو پيو ايندو، راڳي وَرَ وَرَ ڪيو پيو مصرع ۽ ڏوهيڙي کي دهرائيندو. هيڏانهن ڪچهري پئي ڪندي، ”واهه ميان! واهه!“ ”واهه فقير، واهه!“ ”لک آفرين!“ ”جس ٿئي يار، جس!“ ”بلي سائين، بلي!“ ”واهه جو لڳي دوست! واهه جو لڳي!“ داد جا به اهڙا دل گهريا نمونا هوندا هئا- هيانءَ جي هيٺان نڪتل ملمي[12] ۽ تصنع کان بلڪل عاري ۽ خالي. مارئي، سهڻي، سارنگ، ڀيروي سـُـر ڳائبا، انهيءَ وچ ۾ جوڳ کي به جوٽبو، اڌ رات ٿيندي ۽ راڻو لڳندو... ۽ ”وه واه!“ ٿي ويندي. ڀيڄ پئي ڀڄندي ۽ سورٺ تي تارَ ايندي. اهڙيءَ طرح سڀني سـُــرن جو مزو ماڻي، ڪتيون ڪر موڙينديون ۽ ڪڪڙ پيا پويان دس هڻندا، ان وقت محفل منتشر ٿيندي. هرڪو ڪر ڀڃي، اوٻاسيون ڏئي، ائين پيو اٿڻ جي ڪندو، ڄڻ مست ميخاني ۾ سڄي رات گذاري هاڻي هوش ۾ ايندا وڃن ٿا.

* * *

انهيءَ زماني ۾ اڃا سئنيمائون ڪونه نڪتيون هيون، پارسين جون ٿئٽريڪل ڪمپنيون زندهه ايڪٽرن جي ذريعي ڊراما اسٽيج ڪرائينديون هيون، ليڪن اهي ڊراما به انهن چند ماڻهن کي نصيب ٿيندا هئا، جيڪي ڪراچيءَ يا بمبئي پهچي سگهيا ٿي. ڪراچيءَ جي ايلفنسٽن اسٽريٽ ۾ ڪئپيٽل نالي جيڪو هاڻي سئنيما هال آهي، سو ابتدا ۾ ٿئيٽريڪل هال هو. مان پهريون ڊرامو 1925ع ۾ اُتي ڏٺو. سالن بعد مووي فلمون شروع ٿيون. پهريون خاموش ۽ گهڻي گهڻي کان پوءِ ٽاڪـِـي. غالباً ٽاڪِي 30-1931ع کان پوءِ آيون، ۽ انهيءَ بعد ئي آهستي آهستي اهي گانا ريڪارڊن جي ذريعي مشهور ٿيا، جن مذاق کي مائوف ڪري ڇڏيو ۽ ذوق جي صحت کي ختم ڪري، خود ڪردار ۽ گفتار کي به پست ڪري ڇڏيو.

پهريون ٽينَ جي توتاري وارا ڪاٺ جا هز ماسٽرس وائس فونا، ڪـِـن ڪـِـن اميرن جي اوطاقن ۾ ڏسبا هئا. بنا توتاري جي گراموفون گهڻو پوءِ پهتا، جيڪي پڻ پيسي وارن ورتا. مان اُهو به ايڊيسن جو ٺاهيل فونو ڏٺو، جنهن تي ٿالهي قسم جي رڪارڊن جي بجاءِ ڪنگڻيءَ وانگر گول رڪارڊ چڙهندا هئا، ۽ انهن تان هڪ گانو لاهي ٻيو پنهنجو ڳاتل گانو چاڙهي سگهبو هو. چنانچه جڏهن اسان ننڍا هئاسين، تڏهن وڏن جي غير حاضريءَ ۾ اسان جو اهوئي مشغلو هوندو هو، يعني هڪ گانو لاهي ٻيو پاڻ ڳائي چاڙهڻ. هڪ دفعي هڪ خاص ڪافيءَ کي لاهي اسان پنهنجو گانو چاڙهيو، جڏهن والد مرحوم ان ڪافيءَ جي تلاش ڪئي ۽ رڪارڊ تي اسان جو آواز ٻڌائين تڏهن ڏاڍي تنبيهه ٿي ۽ فونو هميشه لاءِ اسان جي دسترس کان نڪري، مقفل ٿي ويو.

محمد حسين نگيني واري جا پڪا گانا ۽ گوهر جان آگري واريءَ جا غزل توتاري واري فوني جي دور ۾، ۽ گراموفون جي ابتدائي عهد ۾ ڀائي فيض امرتسري، ڀائي چيلي پٽيالي والا، ۽ ماسٽر لڀوءَ جا رڪارڊ رائج هئا، ليڪن اهي سڀئي گانا هرچند شريفانه ۽ ڪلاسيڪل سـُـر ۽ تال ۾ هئا، پر سنڌين فونا عام طرح ان وقت خريد ڪيا، جڏهن ڀائي ڪنور رام جا رڪارڊ بازار ۾ آيا، ۽ مائي جيوڻيءَ آلاپ ڪري چيو ته:

او!...
ڪنهن نه جهليا، ڪنهن نه پليا، هتئون ويم هاڻِ...
ويراڳي وطن لئي!

انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته بنيادي طرح سنڌين کي پرائو راڳ پسند ڪونه هو. وٽن پنهنجا راڳ، پنهجا سـُـرَ، پنهنجا ساز، پنهنجا خيال، پنهنجون تشبيهون ۽ استعارا، محاورا ۽ مثال، جن سان سينگاريل پنهنجون ڪافيون ۽ ڪلام، ڏوهيڙا ۽ بيت هئا. يڪتاري جي تار وڳي، گهڙي کي ڌڪ لڳو، ڪاٺ جي چپڙين هٿ ۾ واڄٽ ڪيو، ۽ پيرن جي ڇير ڇمڪو ڪيو- هوڏنهن ڪن تي هٿ ويندو، ۽ هوڏنهن ’الو الان‘ ٿي ويندي. بس پوءِ ته هر ڪو مست ۽ مدهوش، چوڌاري ”واهه ميان! واهه!“ پئي پوندي. حقيقت ۾ اسان سنڌين ۽ اسان مارن ماڻهن جي روح جي راحت اِهي ئي راڳ هئا، اسان جي زندگي پنهنجن انهن ڪچهرين ۽ مجلسن ۾ هئي، ليڪن هاڻي ڇا ڪجي! هٿئون جو هاج وئي، واءُ جو اهڙو وريو، سر مٿان جو بارَ ۽ بوجهه اهڙا اچي پيا ته انهن کي سـَـهڻو ته آهي.

* * *

”ڪَتين ڪر موڙيا“ جي ترڪيب مٿي ڪٿي اچي وئي آهي. اتفاق نڪري آيو آهي ته ڪجهه پنهنجي زبان جي خوبيءَ ۽ خصوصيت به لکي وٺان: سنڌي زبان جي اُستادن رات جي پوئين حصي کي جدا جدا ٽڪرن ۾ ورهائي هرهڪ کي علحدو نالو ڏنو آهي. مثلاً اڌ رات ٿيندي ته ان کي چئبو ”ڀيڄ ڀني“، پوءِ ”ڪڪڙن دس هنيو“، ان کان پوءِ ”ڪتين ڪر موڙيا“، ۽ هاڻي اچڻ واري ٿيندي ”پرڀات“، اخري ڏيڍ، ٻن ڪلاڪن کي به ڏسو ڪيئن ورهايو اٿن، پهريون ”ڀنڀراڪو“ ٿيندو، پوءِ ڦٽندي ”باک“، ان کان پوءِ ”پرهه“ ڦٽي، جنهن بعد ”سورج شاخون ڪڍندو“. اهي سڀ منزلان طيءِ ڪري پوءِ ٿيندو صبح ۽ اڀرندو سج. آهي ايڏي وسعت ڪنهن زبان ۾؟ آهي ڪنهن ٻوليءَ ۾ لفظن جو ايترو ذخيرو؟

* * *

جنهن زماني جو ذڪر ٿي رهيو آهي، انهيءَ زماني ۾ ’ڀيڄ ڀنيءَ‘ جي وقت کي ڏاڍي اهميت هوندي هئي. انهيءَ مهل گهوٽ، ڪنوار لانوان لهندا هئا، ان کي ’پِيَرنِ جو وقت‘ سڏبو هو، يعني برڪت ڀريو، سهاڳ لاءِ به سهڻو ته سهاڳڻ لاءِ به سٺو. ڌڻيءَ جي در به دعائون انهيءَ وقت اگهنديون هيون. اڄ ته خير، دعائن گهرڻ جي ضرورت ئي باقي نه رهي، ته انهن جي اگهڻ جو سوال ڪٿان پيدا ٿيندو. بهرحال ڀيڄ ڀنيءَ تي سهرا پڻ ڏاڍا سهڻا ٺهيل هوندا هئا. هوڏنهن پيو ٻن نين زندگين ۾ باهمي پيچ پوندو، گهوٽ، ڪنوار جي مائن جون پيون مرادان پوريون ٿينديون، ۽ هيڏنهن ڀيڄ ڀنيءَ جا سهرا شروع ٿيندا. بجليون ته هونديون ڪونه هيون، تنهنڪري شاديون گهڻو ڪري مهينن جي چوڏهينءَ تاريخ ٻَڌبيون هيون، جئن چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ جهنگ جهڙ ڀل روشن هجي. هاءِ! هاءِ! ڪيڏو رومانٽڪ سمو ٿيندو هو، به نا آشنا صورتون، ٻه اڻ ڏٺل دليون، ۽ ٻه اوج ۾ آيل ڦوهه جوانيون هزارن تمنائن، لکن آسرن ۽ امنگن جي جهوليءَ جهولنديون، هڪٻئي سان پيون سڄيءَ زندگيءَ جو سودو، عهدُ ۽ پيمان ڪنديون، اهڙو مضبوط ۽ پائدار، جو موت ايندو پر ان ۾ قـَـطُ نه پوندو. سچ پڇو ته انهيءَ ڀيڄ ڀنيءَ ۾ جيڪي نڪاح پيا، سي اسان ڪڏهن ٽٽندا ڪونه ڏٺا. رومانٽڪ وقت ۽ ”رومانس“ جو به صحيح مفهوم اهوئي وقت ۽ اهوئي واقعو هو، ۽ نه ڪه اڄ واري معنيٰ ۽ مطلب، جيئن، ايلفيءَ ۾ اکيون اٽڪيون، سينڍ وڳي، ۽ ڪيفي جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اک وٺي ڪافيءَ جو ڪوپ پيئبو، پيءُ، ماءُ کان زوريءَ بلڪ چوريءَ منهن اونداهيءَ ۾ چورن ۽ راهزنن وانگر پراڻي هوا بندر تي پهچبو، ڪجهه ايڪٽرن جون ڳالهين، ڪن ايڪٽرياڻين جا داستان، ۽ ڪن فلمن جا قصا ڪبا- چند ڏينهن انهيءَ فرضي رومانٽڪ سمي ۾ اِنهيءَ قسم جو رومانس هليو، بس وري ٻنهي نئين رومانس ۽ ٻِئي رومانٽڪ وقت جي تلاش شروع ڪئي! جي اتفاقاً نڪاح پئجي ويو، ته اهو عمر ڀر جو سوٺو نه هوندو، اهو زندگيءَ ڀر جو سودو نه ٿيندو، بلڪ اوستائين جو اهتمام جيستائين مڙس، زال لاءِ ميڪ اپ مهيا ڪري سگهندو، يا جيستائين مردُ ڪلب، فلمي رسالن، آمريڪا مان ايندڙ فيشن جي مخزنن، ڪامڪ جي ڪتابن ۽ جاسوسي ناولن جو ڀَنُ ڀري سگهيو.

* * *

ڀيڄ ڀنيءَ کان پوءِ سنڌ ۾ ٻيو سهڻو وقت ٿئي باک ۽ پرهه ڦٽيءَ جو وچ، جنهن ۾ هرڪو اٿي کڙو ٿيندو، پکي پرنڀ واهيرو ڇڏيندو، وڻن ۾ جهرڪين ۽ چيهن جي چون چرڙا پئجي ويندي، ۽ ڪانوَ به ڪانگيرا ڇڏي اچي اڱڻن جي آڳرن ڀيڙا ٿيندا، بگڙا تتر چاڙهاڪا ڇڏي هيٺ ٿيندا، ۽ ڪارڙو تتر ٻُوڙن جي گودرن مان نڪري ٻاهر ٿيندو ۽ هـَـرهـَـر پيو ڪندو ”پير پير کِدر“، ”پير پير کِدر[1].“ اهو وقت عبادت جو هو، جهنگ جهر ۾ ”هُو الله“ جي هوڪار هوندي، ملان به ملياڻيءَ کي گهر جي ڪم ڪار ۾ لائي، پاڻ اچي مسجد جو پاسو وٺندو، ڌنار مال ڇوڙيندا، ڪڙمي هر ڪـُـلهي ڪندا، گهر ڌياڻيون ڏڌن جون چاڏيون اڳيان ڪنديون، ڪن کي جنڊ جو هٿيو هٿ ۾ هوندو، وڏيءَ عمر جون مايون وٺنديون تسبيح کي، ۽ ڪي پڙهنديون ڏاڍيءَ لئي ۽ سوز واري سر سان هن مداح کي:

اغثني يا سيدا، رس يا رسول الله تون!

* * *

جن پکين جو مٿي ذڪر ڪيو ويو، انهن سڀني مان دهقاني دنيا ۾ ڪانوَ کي وڏي اهميت آهي. هو نه فقط سنڌي ادب جو هڪ مکيو ڪردار آهي بلڪ اسان جو فيملي ميمبر به آهي. سڄو ڏينهن گهر ۾ هوندو، پيو لچايون ڪندو، ڪڏهن ڪـُـڏ ڏئي ٻارن کان ٽڪر کسيندو، ڪڏهن مائيءَ جي اک وٺي آٽي جي پاٽ ۾ چهنب هڻي ڪڍندو، جي وس پڄندس ته چاڏيءَ مان ڍُڪ به پي وٺندو. نيرن پاڻي انهيءَ نموني ڪري، پوءِ ٺهي ٺڪي ويهندو سانگين جا سنيها سڻائڻ، ۽ نينهن جا نياپا ڏيڻ. هو پيو ”ڪان ڪان“ ڪندو ۽ مايون پيون ڪنديون:

جيءُ جيءُ ڪيانءِ کيانتا! منهنجو ادل اچي ٿو؟
----
کنڊن سندا کير پياريندي سانءِ! منهنجو اَبَلُ اچي ٿو؟
----

سچ ٻڌاءِ ڪير اچي ٿو! منهنجي جيجل امڙ اچي ٿي!
آيل ماءُ اچي ٿي؟
جي ورسهاڳڻ جو سهاڳ ڪنهن سير سفر تي ويل هوندو، ۽ ڪي ڏينهن وڃي لائيندو، ته مائي پئي چوندي:
ادا کيانتل! مٺيون لاتون لنوين ٿو، فلاڻي جو پيءُ[2] اچي ٿو؟
----

اُڏر ڪانگل! مصرين سندا مٺا لولا پچائي ڏينديسانءِ!
وڃي نياپا ڏين، شل خير هجين، ايڏا ڏينهن ڇو لاتئون؟
----

شل تون وڌين ۽ وسين، ڪا خير جي خبر آڻي ڏي!
منهنجا مٺا ڪانگا، منهنجا سڄڻ کيانتا!

انهيءَ کي سنڌيءَ م چئبو آهي ڪانگ اُڏائڻ - جيئن هيٺئين بيت ۾ آهي:-

آءُ راڻا رنگ لاءِ، موٽي ڪاڪ ڪنڌِن تي،
ناميا نانءِ خداءِ جي، پير وري هت پاءِ،
سوڍا سنديئه ساءِ، آءٌ ويٺي ڪانگ اڏائيان.

عمر جي ڪوٽ ۾ به ته مارئيءَ سان اهوئي ويچارو پيو وَڙَ ڪندو هو، ماروئڙن جا نياپا سنيها، انهن جا حال ۽ احوال اهوئي ته کيس آڻي ڏيندو هو، تڏهن ته ڀائي ڪنور رام درد منجهان دانهن ڪري ٿي چيو:

آءُ ڪانگا! ڪر ڳالهه، مٺن ماروئڙن جي،
ماروئڙن جي، سانگيئڙن جي،
سانگيئڙن جي، ماروئڙن جي،

آءُ ڪانگا! ڪر ڳالهه، مٺن ماروئڙن جي،
آءُ ڪانگا!...

مٽن مائٽن، مارن ۽ سانگيڙين، پيڪن ۽ ساهرن ۾ اچ وڃ کان سواءِ انهيءَ قربائتي ڪانگل جي، عاشق ۽ معشوق جي گهرن ۾ به وڏيءَ حجت سان اچ وڃ هوندي آهي، ڄڻ هو پنهنجن ۾ وڃي پهتو. راز ۽ نياز جا سڀئي سنيها هرڪو سندس ذريعي هڪٻئي وٽ پهچائيندو. ايڏو معتمد ۽ ايترو اونهو آهي، جو ڪنهن کي مجال ڪانه ٿيندي، جو سندس مـَـنجهـُـه ڪڍي سگهي. عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ جيڪا به وهي واپري ٿيندي، ان جو اڪيلو رازدان فقط اهوئي سنڌ جو سانورو ۽ ڪارڙو ڪانءُ هوندو. سـَـوَن جا راز ۽ ڪيترن جا داستان دل ۾ هوندس، سال گذري ويندا، ايام ٿي ويندا، ساه سان لايو سيني ۾ سانڍيو وتندو، ليڪن ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍندو. ڪيترو وضعدار ۽ ڪيڏو نه رازن جو رکپال آهي، جي هڪ اکر ڪڏهن ڪڍي وجهي، ته هوند ڪيترا خون ٿي پون، ۽ ڪيئي ڪاري ۽ ڪاريءَ[3] جا معاملا ٿي وڃن، ڪيترن جا ڪنڌ لهن ۽ ڪيترا ويٺل وياوَ ۽ گهريتيون مايون مارجي وڃن.
شهر جي شاعرن اها سموري خذمت فارسيءَ کان اوڌار تي آندل قاصد يا نامہ بر کان ورتي آهي. غزل گو شعرا جي ”ظالم“، ”جفاڪار“ ۽ ”خوانخوار“ معشوقن جا مڪان ۽ ڪوٺا ڀل ته اهوئي ايراني قاصد[4] ۽ نامہ بر ٽپي. هن نحيف ۽ شريف پکيءَ جو ڪهڙو ڪم، جو اهڙي عشق جي وچ ۾ ڪاهي پوي، جنهن جو نڪو آهي منهه نه سر، ۽ نه وري اڳ نه پٺ، اڄ عشق هڪ سان، سڀاڻي ٻئي سان، پرينءَ ٽئين سان، تنهن پرينءَ چوٿين سان، ۽ سو وري معشوق به ظالم ۽ جفاڪار، ستم ڪيش ۽ خونخوار. يعني نهايت خطرناڪ ۽ ازحد خوفناڪ. هـِـن جو واهپو واهڻن سان ۽ ٿر وارين ٿريچاڻين ۽ ٿاريلين سان، جن وٽ هڪ دفعو جيءَ ۾ جڙي پـَـئـِـي، ته مرندي تائين جو سوٺو سر تي آيو ۽ قيامت تائين جو پيچ پئجي ويو. اهو پکي حقيقت ۾ ٺهي به انهن جي وچ ۾ ٿو، جيڪي نياپن آڻڻ شرط مٿس عطر اوتـِـن، ماڻڪن سنديون گهورون گهورِن، موتـِـن جون ڳانيون ڳچيءَ ۾ وجهن، ۽ جن کنڀن هو پرينءَ جي پار ڏنهن ٿربر لتاڙي، جهنگ ۽ جبل جهاڳي آيو، انهن تي جواهرن جو جڙاءُ ڪن ۽ کٿورين سندا واس ڏئي، پوءِ ويهي کيس پنهنجي جهوليءَ ۾ جهولِن، يعني:

پکيڙا پويانءِ، لَڙهان موتين سنديون،
آءُ اڏامي اوڏڙو، تان جهوليءَ ۾ جهوليانءِ،

سڀئي کنڀ کٿوريءَ ۾، لاکيڻان لويانءِ،
پوءِ سارو سمُهويانءِ، هڪ هڪ ڪري هٿن سان.

----

سگهو اڏامي آءُ، تون پکيڙا پرينءَ جا،
سڀ کنڀ ڪريان تانهنجا، ساڻ جواهر جڙاءُ،

عطر کٿوري اوتيان، ٻيا ماڻڪ تو مٿاءُ،
ساري سنيهاءُ، ڪي آڻي ڏيج عجيب جا.

جتي اهڙا قُرب لهي، جن وٽ سندس ايڏو مان ۽ مرتبو هجي، انهن جي وچ ۾ ڇو نه ويهي، انهن وٽ ڇو نه رهي، ۽ انهن سان ڇو نه پنهنجا ڏينهن گذاري ۽ گهاري.
الغرض اهو مسڪين باک ۽ پره ڦٽيءَ جي وچ ۾ ڪانگيري کان نڪرندو، ڪنهن تي بار ڪونه، پنهنجي چهنب سان چـُـڳي، سو به ڪنهن هڪ گهر مان ڪونه بلڪ سڄي ويڙهي وٽان جيئن ڪوبه بوجهه ۽ بار محسوس نه ڪري، ڇاڪاڻ ته سندس اصول ئي آهي ته:

يار شاطر بايد نه ڪه بار خاطر!

سڄو ڏينهن رهاڻيون ڪري، ٻارن سان کيڏي، مائين کي ريجهائي، انهن کي نياپا سنيها ڏئي، منجهند جو هرڪو وڃي گهرن سمهندو، ته به هي ٻاهران ويٺو نگهباني ڪندو، پري کان ڪو اوپرو ڏسندو ته ”ڪان! ڪان“ ڪري مالڪن کي خبردار ڪندو، جڏهن سج لڙڻ تي هوندو، ان وقت سلاماليڪي ڪري، وڃي پنهنجن وٿاڻن منجهه واهيرو ڪندو.
اصل ۾ ته سندس قومي نالو آهي يا هو ”ڪانءُ“ پر عاشق معشوقن، وريتين مائين، پيڪن جي پياسـِـن جي ۽ ساڻيهه جي سڪايلن، کيس سڪ ۽ قرب منجهان ڪي ئي نالا ڏئي ڇڏيا. هاڻي جڏهن ويڙهن جي وچ ۾ چڱو مڙس بڻجي اچي ويهي ٿو، ته ڪوبه کيس سندس اصل واري قومي نالي سان سڏي ئي ڪونه. سڀئي پيا قرب منجهارئون کيس سڏ ڪيون نِتُ نوان نالا ڏين: او! ڏاها! او، ادا ڪانگا! او، مٺا کيانتا! اي، ٻاٻيهل ادا! اي، ادا ڪانگل! اهڙيءَ طرح جيئن جيئن پيو نينهن سندا نياپا ۽ خير سنديون خبرون آڻيندو، تيئن مٿس ور ور ڪيو پيا نوان نالا رکبا، ۽ گهڙيءَ گهڙيءَ پيون گهورون گهوربيون. هان البت جڏهن کيچل ڪندو، جڏهن سري اچي گجرين پيهندو[5]، يا ڪا شرارت ڪندو، يا مرڳوئي لچايون ڪري مائين کي ڪاوڙائي وجهندو، تڏهن لاچار هو به ڪجهه ڪاوڙ مان ۽ ڪجهه حـُـجت پارئون، ڪاٺيءَ جو سنهون ڇانڀُرُ اولاري، کيس سندس اصلوڪي نالي سان سڏي چونديون: ”اُڏِرُ ماريا ڪارا ڪانـَـو، کڻي ڪـِـنُ ڪيو اٿئي!“ کيس ڇانڀر هڻديون ڪونه، ڇڙو ڊيڄارڻ لاءِ پري کان پيون اولارينديون، جيئن پنهنجن ٻارڙن تي به ڪڏهن ڪڏهن اولارينديون آهن.
اڳتي هلي جڏهن ڪافيون ۽ ڪلام، بيت ۽ ڏوهيڙا چيا ويا ۽ انهن ۾ ڪانگل پنهنجو پارٽ پلي ڪيو، تڏهن کيس اِهي ۽ ٻيا ڪيترا نوان نالا ڏنا ويا، مثلاً: ’لاکيڻان‘ ’ڏاها‘ وغيره، وغيره. اهڙيءَ طرح سنڌي ادب، کيانتل جي پر خلوص خدمتن جو قدر ڪندي، نه فقط سندس سڀني خطابن ۽ القابن کي تسليم ڪيو، بلڪ سندس پنهنجي ذاتي ڪردار کي به تاقيام قائم ڪري ڇڏيو. شاعرن سندس عادتن، خصلتن ۽ خوبين جو اهڙيءَ طرح اجار ڪيو ۽ سندس ڪردار جي هر پهلوءَ کي ايترن مختلف نمونن سان ۽ جدا جدا طريقي ۽ طرز سان نمايان ڪيو، جو اهو سادو سودو سانورو، ۽ شڪل صورت جو اهو موچارو[6] پکي اسان کي ڏسڻن وائسڻن ۽ بظاهر سهڻن ۽ سٺن انسانن کان اخلاق ۽ عادتن، وفاداريءَ ۽ نيبهه جي نقطي نظر سان هر طرح ارفع ۽ اعليٰ نظر پيو اچي، بلڪ سندس مقام ايترو بالا ۽ بلند پيو معلوم ٿي جتي اڄوڪي انسان جي رسائي ناممڪن آهي.
اسان جي سنڌي شعر و سخن جو وڏو ذخيرو سندس وصف ۽ واکاڻ سان ڀريل آهي ۽ ڪوبه اهڙو شاعر ڪونه آهي جنهن اِنهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي فرض ادائيءَ ۾ڪوتاهي ڪئي هجي. هڪ سچل کي ئي ڏسو ته ڇا پيو فرمائي:

گهڻا ڏينهن لڳاءِ، ڇاهون ڪانگ قريب جا؟
ڪي دم آڏو دوست جي، ڀلي ڪري ڀڳاءِ،
هاڻ ڪِي تاتَنُ تڳاءِ، متان جهوريءَ منجهه جهڄي مران.
----
واتِ ڪري وائي، اَڄُ پڻ ڪانگ قريب جو،
ڪي جو چيائين چهنب سان، تنهن لُڇ ڏاڍي لائي،
اندر کي آئي، ڄڻ ڄـَـرَ ڄيري سندڙي.
----
رويو رويو رت، ٿي پکيءَ پارانڀا ڏئي،
ته ’پيرين وجهانءِ گهنگهرو، سي ڇمڪائيندو وَتُ،‘
’کيئنِ وٺي خط، سگهڙو ساٿيئڙا ورين!‘
----
تـِـرُ نه هڪ توڙي، اڄ لامين لاکيڻو لئي،
ويٺو آهه وڳوڙجـِـي، کنڀن کي کوڙي،

ڳالهه ڪرڻ کان ڪاڪيون، منهن گهڻو موڙي،
پَر پنهنجا ٽوڙي، چـَـڪيون ڏَئي ٿو چهنب سان.

سڻيجو سوئي، جيڪي چوي ڪانگڙو،
هئين سان هنڊائجو، سرتيون سڀوئي،

ڪنڍيون ڪـُـندن سان وجهان، پکيءَ کي پوئي،
جانب ڏنهن جوئي، آڻي نياپا نينهن جا.
----

آءُ ڪانگل ڪائين، تا توتي عطر اوتيان،
اَچڻ ٻاجهون تانهنجي، آهيان اٻاڻڪ آئـِـين،

ڏاهيا گهڻا ڏينهڙا، متان تون لائين،
پير اڱڻ پائين، ته منهنجو ساهه سڌير ٿئي.
----

ڪانگل آيم ڪالهه، وٺي سنيها سـَـڄـَـڻان،
محبت ريءَ مقالَ، ڪانه ڪيائين ڪڏهين.
----
ڪي جو ڪانگ ڏسي، ڪالهه اوڏانهون آئيو،
پـُـيس هنياءُ ڦـِـسي، ڳالهيون ڪندي سڄڻين.

----
مالهان موتين جون وجهان، پکيءَ کي پوئي،
پيرين سونا گهنگهرو، تا ٿئي سوايو سوئي،
سـَـينڌو سڀڪو ئي، مَرُ تنهين جو نه ٿئي.
----
پکيءَ سندا پر، ڪريان مُرصع موتيين،
جو آڻي عجيبن ڏنهن، ڏئي خوب خبر،
ڀينر ڙِي مون ڀـَـر، شال ويٺو ڪري وائـِـيون.
----

ڏار چڙهي ڏاهي، ڪي جو چيو چهنب سان،
اِهو مون آهي، آڌر ڙِي ارواح کي.
----
چهنب ساڻ چوي، ڪي پيو ڪانگل ڪاڪيون،
پورن منجهه پوي، ٿو سـُـڻي ساهـُـه سنيهڙو.
----
ڪهيو هيئن ڪانگي، آئُون چيائين چهنب سان،
ته ’سڄڻ ڪنهن سانگي، وري اِيندءِ اُتهين‘.
----
چهنب ساڻ چئي، ڪا جا ڪانگل ڳالهڙي،
ساري آتڻ سان اُنهيءَ، ڪهڙي ڏِسُ ڪئي!
پورن منجهه پئي، سڀڪنهن ائٽ ڦٽو ڪيو.
----
سڻو سنيها سرتيون، ٿو چڙهيو ڏارَ ڏئي،
سارو ساهه نئي، ٿو نازڪ نياپن سان.
----
ڏاهو ڏار مٿي چڙهيو، ٿو ڪري بره بيان،
آتڻ تي احسان، ڪري ڪلامن ساڻ ٿو.
----
آڻي ڪانگ ڏنياس، ڪتابت قريب جي،
پـَـهو ڪتيندي پـَـٽِ پيس، ڇوهون تند ڇٽياس،
ڀيڄون ڀيڄ ٿياس، روئندي چولي چـڪَ ۾.
----
هلي ڪانگي هـِـڪَ، ڪا جا ڪيــَـس ڳالهڙي،
تنهن مام ٻڌڻ سان روئندي، چولي ڪيائين ڇِڪَ.
سنيهي مـَـون سڪ، پاڻهي ڪيائين پڌري.
----
ڪارون ڪيئن نه ڪريانس، جو ٿو ڏئي سنيها سڄڻان،
پـُـئي پـَـرَ پکيءَ جا، ساڻ جواهـِـر جڙيانس،
موتين ۽ لعلن سان، ڀينر کنڀ ڀريانس،
پيرين دست ڌريانس، جو آه نياپا ڏيندڙ نينهن جا.
----

پکي سوئي پـَـرَ، ٿو اڏري پار پرينءَ جي،
خوشيءَ جي به خبر، مانَ وٺي اچي ڪا اوڏنهون!
----
چڙهيو لنئي لاَم، ٿو ٻوليون ٻاجهاريون ڪري،
ڏئي سنيها سڄڻان، ٽـُـريو مٽي ٽام،
ماريون ماري مام، جا ٿو ڏئي لِڪائي لوڪ کَون.
----
پريان جا پيغامَ، ٿو ڏئي مـِـڙيئي مام ۾،
سوين مـُـنجـَـن سلام، جو ڏاهو ڏاهپ سان ڏئي.
----
آڻي ڪانگ ڏنوس، ڪو عريضو عجيب جو،
ڀينـَـر سـَـڀ ڀنوس، ڳاريندي ڳوڙهن سان.
----
ڪانگا ڪتابـَـت، ساري سارج ساهه سان،
اِها اَمانـَـت، ٻئي ڪنهن عامَ نه آڇئين.
----
زاغَ نه ٿيءُ زبون، ونءُ اُڏامي اوڏنهين،
نه ته خاصو منهنجو خون، پوندو ڳچيءَ تانهنجي.
----
لـِـڪو ۾ لامين، ٿو لاکيڻو لاتيون ڪري،
ٽـَـهڪندو ٽامين، ڏئي سنيهو سڄـَـڻان.
----
اَڄ ڪانگا چئه ڪيئن، سـَـرها ڏٺئي سـُـپرين؟
حال اسان هت هِهڙا، ڪِي هُت ڀي هُئا هيئن!
جهامَ ڏئي جهڙُ جيئن، تيئن ٿي اوت اکين جي.
----
ڏاها ٿيءُ نه ڏور، ويهه مون کي ٿي ويجهڙو،
ڪر ڪالهوڪي ڳالهڙي، جان هُئين رات حضور،
دوست اڳين دستور، ڪي تعظيمان توکي ڏنيون.
----
زاغ زبانـَـون ڪڍي، اها ئي وائي،
پريان سندي پار جي، آ توکي وڌائي،
پڇي حقيقت حال جي، هـُـت ساجن سـَـڀائي،
’ته ڪِي عاشق خوش اسان جو، ڪَل ڏئين ڪائي!‘
مون سان بيحد ڀلائي، ڪَئي پرينءَ پارؤن تانهنجي.
----
ڏار چڙهيو ڏاهو، ٿو ڏئيم دلاسا دل کي،
ته صـُـبح سانباهو، هو اچڻ جو عجيب کي.
----
الله لڳ اُڏام، تون موٽي محبوبن ڏي،
وڃي ڏيج پرينءَ کي، اِهو پاڄيءَ جو پيغام،
ڪِري قدمن تي پئي، سـَـوَ لـَـک ڏيج سلام،
’اَهي اوهان ريءَ سپرين، هت مڙيو ئي ماتام،
اچڻ جو انجام، ڪَر سِگهو طرف ”سچوءَ“ جي.‘
----
ناته مري ويندو هيءُ، الله لڳ اچيج تون،
تو تـَـون آهي هـِـن جو، جاني صدقي جيءُ،
لاهِ فراق فقير کون، والي ويجهو ٿـِـيءُ،
تون پڻ ان جو ٿيءُ، جو نوڪر تنهنجي نانوَ جو.

----

پـَـکي سوئي پـَـرَ، اڄ اُڏاڻو اوڏنهين،
رسيو وڃي اتهين، سو پانڌي منجهه پـَـهرَ،
آڏو عجيبن جي، ڪيائين، سڀ خبر،
’هت عاشق کي اوهان بنان، هينئڙي منجهه حَشرَ،
ٿو اوتي اکڙين مون، باراني بَحرَ،
’هاڻي ڏيو دلاسو دلبر، متان عاشق اُت مري وڃي.‘

* * *

ڀيڄ ڀنيءَ جو مذڪور ۽ ڪانگل جو قصو ته وچ ۾ اچي ويو، دراصل ته ڳالهه هئي ٻاهراڙيءَ جي ادب پرور محفلن ۽ مجلسن جي. بهرحال حاصل مطلب اهو آهي ته غريب دهقانن کي پنهنجي سادي سودي زندگيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ ڏاڍي جدوجهد ڪرڻي پوندي هئي، جنهن بعد کين آرام، آسائش، تفريح ۽ ڪنهن شغل جي سخت ضرورت محسوس ٿيندي هئي. آخر ته هو به انسان هئا، اگرچه مسڪين ۽ غريب هئا، محل ماڙيون ڪونه هـُـيـُـن، ليڪن ڪکاوان جهوپا ۽ ڪنڊاين پيهرن جي پناه ۾، ڪنڌِن ڏنل وٿاڻ ته هين، انهن ۾ به ته آخر زندگيون هيون، ۽ ڪي اڀرندڙ جوانيون رهيون ٿي. جيتوڻيڪ ناز ۽ نخري ۾ پليل نه، تڏهن به خدا جون ته ڏنل هيون. ساهه جهڙو امير کي آهي، اهڙوئي غريب کي به ته آهي.
دهقانِن وٽ ريسٽارنٽ ۽ ڪيفي ڪونه هئا، ڪافي هائوس ۽ ڪلب، ٽينس ڪورٽ ۽ اسٽيڊيم ڪونه هئا، جتي وڃي دل وندرائن، ٿڪ ۽ ماندگيون لاهن، روحُ ٻيءَ وجهن، غمن ۽ اندوهن کي پلڪ ڀاڇي لاءِ پري ڪن، وٽن ڇڙو وڻن جون ٿڌيون ڇانوان هيون، فقط راتن جون چانڊوڪيون هيون، ۽ سندس قبضي ۾ محض پنهنجي اوطاقن جا وڏا اڱڻ ۽ ڳوٺ جا ڪشادا ميدان هئا. تنهنڪري هنن پنهنجيءَ انهيءَ ننڍڙيءَ ۽ محدود دنيا ۾ ئي پنهنجي وندر ۽ روح جي پرچاءَ لاءِ ڪيئي طريقا ايجاد ڪيا هئا، مثلاً:
جوڌا جوان انهن اڱڻڻ ۾ يا ڪشادن ميدانن ۾ اچي پهچندا، سڄو شهر مڙي اچي بيهندو، بدن تان پيراهن پري ڪري، سندرا چيلهه سان ڪشي، سٿڻ جا ور کـُـنجي، هڪٻئي سان جنبي ويندا. گهريتيون مايون، ويٺل وياوَ، ۽ نيون نويليون ونيون گهرن جي ڪـَـنڌِن کي اوٽ ڪيون لياڪا پائينديون. مائٽ ميدان ماريو ته ٻـَـهه ٻـَـهه ڪنديون ۽ ٽهڪڙا پيون ڏينديون، سندن معصوم چهرا ائين کـُـلي پوندا، ڄڻ گلاب جا گل هاڻي ٽڙيا آهن. جي ڪو عزيز خويش ميدان ۾ مارجي پيو، ته ويچارن جا منهن ئي لهي ويندا، اهڙيءَ طرح نوراني پيشانين تي پگهر جا قطرا نمودار ٿيندن، ڄڻ گلن جي نون شگوفن مٿان ماڪ جا موتي پيا جرڪن. ٻار ۽ ننڍڙا جوانڙا، جدا جدا، ڪي پيا ونجهوٽي ڪندا، ڪي اِٽي ڏڪر، اک ٻوٽ ۽ گورين راند پيا کيڏندا، ڪن جي هٿن ۾ ڪوڏيون هونديون ته ڪي وري پيا چدا چـُـٽيندا. ڪي پيا ڪوڏي ڪوڏي ڪندا، ۽ ڪي وري وڏن جون ملهان ڏسي پاڻ به پيا هڪٻئي کي ٻک وجهو جانٺا هڻندا ۽ اندرين هڻڻ جا پيا وجهه وٺندا. هاءِ ويچارا معصوم!حال ۾ مشغول، آئيندي کان بيخبر، کين خبر به ڪهڙي ته مستقبل جون واڳون سندن هٿن ۾ رهنديون به يا نه!
اهي سندن شغل ٻن پهرن کان وٺي سانجهيءَ تائين جا آهن. صبح جو جي ڪم ڪار نه هوندو، گهر ۾ ڏاندن لاءِ گاهه به هوندو، کائڻ لاءِ مانيءَ اٽو ۽ لسيءَ وٽو به هوندو، ته پوءِ اونو ڇو؟ ۽ ڳڻتي ڇاجي؟ نيرن تي مکيل ماني مکڻ ڦٽيءَ سان کائي، مٿان ڏڌن جا وٽا چاڙهي، ڪو اچي لوهر جي دُکَڻ[7] تي ويهندو، ڪو وڃي ڪنڀارڪي آئيءَ جي ڀر وٺندو، ۽ ڪو وري ڊکڻ جي وڃي ڀيڙو ٿيندو. انهن ٽنهي مرڪزن تي وزم لاءِ چلم هوندي، پاڻيءَ جو مَٽُ ٺـِـڪـَـر جي ڪـُـپيءَ يا آبخوري سميت رکيو هوندو، هيٺ تڏو به پيل هوندو، ۽ ڪاٺ جون ننڍيون صندليون، کٽوليون، منجيون ۽ پلال جا پيڙها به پيا هوندا. هر ڪو ”سلاماليڪي“ ڪري اهڙي حجت ۽ پنهنجائيءَ سان ڪانڀ ڪڍي اچي ويهندو، ڄڻ پنهنجي وٿاڻ ۾ وڃي ويٺو. وزم به پيو هلندو ۽ زماني جون ڳالهيون، ڏاندن جي گوءِ جا قصا، مڙسن جي مردانگيءَ جا داستان، مال، رزق، ۽ پوک پـَـلاهه خواهه گاهه پٺي، يا بـَـٽـَـئـِـن بـَـڙنِ جا گفتا به پيا هلندا. وچ ۾ مناسب موقعن تي ڏوهيڙا به پيا ايندا ۽ ڪافـِـن جا ٿلهه به پيا هڪٻئي کي ٻڌائبا. ڪو واٽهڙو يا مسافر مڙو لڙي آيو، ته ”جي آئين! ڀلي آئين!“ پئجي ويندي، هرڪو پيو کيڪاريندو، ۽ سندس آجيان ڪندو، چڱيءَ جاءِ تي ويهاريندس، پاڻي پياريندس، ۽ حقو سيري اڳيان رکندس، پوءِ ڪندس ”جيءُ ادا!“ يعني پڇندس حال احوال. جي ويلو ڀڃڻ گهرندو ته ڪونه ڪو پنهنجي گهر وٺي وڃي اوطاقي ڪندس، هٿ ڌوئاريندس، ۽ جائي جواري جيڪا هوندي سا آڻي اڳيان رکندس. جي تڪڙو هوندو ۽ ويلو وڃي اڳتي ڪندو، ته جهٽ کن ساهه پٽي، ٿڪ ڀڃي، سڀ کي ”سلاماليڪي“ ڪري، پوءِ پوڙو ڪلهي تي رکي، رستو ڏئي، راهي ٿيندو.
شال سندن ويڙها وڌن، سندن اوطاقون آباد هجن، سندن وستيون وسن، ۽ شل منجهانئن ڪيچ ٿين! اڄ به وٽن اهي ئي ساڳا دستور ۽ مذڪور هوندا. پر ڪراچيءَ ۾ رهندي سال ٿي ويا، اهي محفلون ۽ مجلسون ڏٺي ورهيه وهاڻا، سچ پڇو ته انهن انسانن کي ڏسڻ لاءِ اڄ اکيون پيون سڪن، دل پئي اُڌما کائي. خير، سائين! اهي محفلون ۽ شغل ته ها صبح ۽ شام جا، ليڪن راتيون انهيءَ کان به اور گذاريندا هئا.
سارين جا رونبا ڪڍي واندا ٿيندا، ساوڻ موٽ کائيندو، چاليهو به ٽٽندو، ٻيريون ٻور ڦلارينديون ۽ انهن تي ماکيءَ جي مکين جا ڀـُـڻـِـڪاٽ ٿيندا، اهوئي وقت هوندو جڏهن ڪـِـرڙُ به رنگارنگي گـُـلَ ڪڍي پـُــسيون ڪندو ۽ ڏيلها ڏيندو، ڳوٺ جي سـِـرِينهن ۾ ڦـِـڪا، وار وار، ريشم جهڙا گل پڻ نڪرندا ۽ سڄا سـِـرينهه جهڄي پوندا، راتيون ٺري پونديون، ۽ مٿان پوندي ماڪ. انهيءَ کي چئبو هو ته هاڻي ’مِٺي مـُـند‘ اچي وئي. سومهياڻي ٿيندي، ڏکڻ جي هير سـِـرينهه جي گلن جا واس جهوليءَ منجهه جهليون اچي هيڏنهن اوطاقن جي اڱڻن مٿان گهوران گهوريندي، ۽ هوڏنهن هرڪو ماني کائي، کيرن جا ٿڌا وٽا پي، اچي اوطاقن ۾ پهچندو. اهڙيءَ طرح جهٽ کن ۾ محفل مچي ويندي، ۽ ٿڌڪار تي هرڪنهن جا روح اٿي کڙا ٿيندا. جي ڪو راڳي آيل هوندو ته واهه، ورنه پنهنجا پاڻ ۾ پيا ڳالهيون ڪندا ۽ هڪٻئي کي پيا ٽوٽڪا ۽ ٽونڻان ڏيندا، ڏوهيڙا چوندا ۽ ڪافيون پيا جهونگاريندا، ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجي رات گذاري صبح جو وري نوبنا ۽ نوان سوان ٿي ڪم ڪار کي لڳندا.
ڪانهن ۽ سـَـرُ نـِـسريو، ته اُتـَـرَ به وائيندا. هاڻي مٺيون مندان ويون ۽ سرءُ به ختم ٿي. گويا سياري اچي منهن ڪڍيو. لابارا لٿا ۽ ديرن ۾ ڦيڙا ٻڌي، گاهه تي جوٽ ڪندا. پنهنجو ڏينهن اِئين گذاري، رات جو اوکا پوکا لاهي، هرڪو کائي پي، اچي اوطاق ڀيڙو ٿيندو، وچ ۾ مچ ٻرندو، چوڌاري ڪـَـرُ کيون ۽ ڪانڀان[8] ڪڍيون مڙس ائين ويٺا هوندا، ڄڻ ببر شينهن ويٺا آهن. اکين مان پيا اُلا نڪرندن. انهن اکين کي ڏسي ته ٻاهراڙيءَ جي ماين سهرو ٺاهيو ته:

اکيون ادل جون ٻرن مشالا[9]،
او! ڳاني جوڙ بنايو!!

ان وقت ٿيندا ڏور جا بيت شروع، يا ڏيندا هڪٻئي کي ڳجهارتون. ”اچي، اچي“ ٻئي پوندي، سڄي ڪچهري چڪر ۾ هوندي، هرڪو پيو ڀڃڻ جي ڪندو. ”ڪاٺ جِي“، ”جهنگ جي“، ”گهر جي“، ”ڪنڌيءَ جي“، ”ڪانهه جي“، اهي پيا پاها ڏيندا، ڳجهارت ڏيندڙ ور ور ڪيون پيو چوندو، ”هل ادا! هل!“ ”ڪاههِ ڀائو! ڪاهه!“ جي ڪٿنهن ڪنهن جو پاهو لڳي ويو، ته واڪو ڪري چوندو، ”اِجها آئي! اِجها آئي!“، ”وئي يار! وئي!“، ”وئي ڙي دوست! وئي!“، يعني ڳجهارت ڀڄي پئي. سڄي ڪچهريءَ ۾ ٽهڪڙو پئجي ويندو ۽ ”واهه جا لڳي ميان! واهه جا لڳي!“ پئجي ويندي. پوءِ ڪندو ڳجهارت ڏيندڙ ڳجهارت جي تشريح. مطلب ته اهڙو رنگ رچي ويندو، جو ڪچهري کـُـٽڻ کي ئي نه ايندي، ڪنهن جوانڙي کي ننڊ جي اوجهراڪي آئي، ته اتي ئي باهه جي وٽ ۾ ڪرونڊڙو ٿي، پوتڙو مٿان پائي، پاسيرو ٿي پوندو. اوجهراڪيءَ مان اک کلندس، ته اتان ئي پيو ڪندو ”واهه يار! واهه!“
ڪڏهن ڪو ڳالهر هٿ اچي ويندن ته مهينا ٽڪائي ڇڏيندس، سڀئي پيا خدمتون ڪندس، جيئن ڪڪ ٿي وڃڻ جي وائي نه ڪري. ڳالهه کڻندو ته بيت به ڏيندو ويندو ۽ انهن جي معنيٰ ۽ مطلب به هٿن جي چالـِـن سان، اکين ۽ منهن جي اشارن سان، سهڻن ۽ سلوڻن لفظن ۾ پهاڪن، ٽوٽڪن ۽ مثالن سان عبارت کي سينگاريندو، سنواريندو، ڳالهه جي تصوير چٽيندو، ويندو اڳتي هلائيندو. جي وري ڪو اهڙو ڳالهر هٿ چڙهي وين، جنهن کي امير حمزي جو داستان برزبان هوندو ته بس واهه جو مزو ٿي ويو، ڄڻ ته سندن لاءِ عيدان اچي ويون. اوڙو پاڙو اچي گڏ ٿيندو. ڳالهه شروع ڪرڻ کان اڳ امير عليہ السلام جي نيت تاهريءَ جي ديڳ لاهيندا. ايڏي ادب ۽ انهماڪ، خوض ۽ خيال سان ڳالهه کي ٻڌندا، ڄڻ مذهبي واعظ يا شرعي مسئلا ٿا ٻڌن. جيسين ڳالهه وڃي پوري ٿئي، تيسين مهينن پاند راتيون اکين ۾ ڪاٽي ڇڏيندا. جڏهن داستان پورو ٿيو،ته وري هڪ وڏي خيرات ڪندا، جنهن تي پاڙي پنبي کي به سڏ ڏئي کارائيندا. انهيءَ موقعي تي ڳالهر کي آنن جون ڳوڻيون ۽ لـُـنگيون پوتيون به ڏيندا. جي ڳوٺ جو وڏيرو ڪو سـُـريلو مڙس هوندو ته اهو به کيس پهراڻي پارائي پنهنجي ڳوٺ مان وڌائيندو. انهيءَ داستان کان سواءِ جان عالم ۽ انجمن آرا جو قصو، الف ليليٰ جي ڳالهه، حاتم طائيءَ جو داستان، ۽ رستم سهراب جو بيان پڻ سندن مجلسن ۾ ڏاڍو مقبول هو.
انهن ڌارين قصن کان علاوه وٽن پنهنجـِـن ڪهاڻـِـين ۽ داستانن جو پڻ گهڻون ئي ذخيرو هو، مثلاً: مورڙي مانگر جي ڳالهه، عمر مارئيءَ جو قصو، سهڻي ميهار جي ڪهاڻي، مومل مينڌرو، سسئي پنهون، نوري ۽ ڄام تماچي، منگتو ۽ راءِ ڏياچ، ابڙي ۽ دودي جو داستان، چنيسر ۽ دودو، چنيسر ۽ ليلا، دودي ۽ علاديءَ[10] جو قصو. الغرض ڪهڙن قصن جا نالا وٺجن، سوين قصا ۽ ڪهاڻيون آهن. قومي جنگين جا بيان، قومن جا نسب ناما، قبيلن جي بهادرين جون ڪهاڻيون، بهادر سنڌين جي جوانمرديءَ جا داستان مٿين قصن کان سواءِ هئا، جيڪي خاص خيال ۽ وڏي غور سان ٻڌا ويندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن بيانن تي ئي سندن پنهنجي تاريخ جو انحصار هو. انهن سڀني قصن مان ڪيترن کي سنڌي شاعرن ڏوهيڙن ۾ به آندو آهي ۽ ڪي نثر ۾ ئي کنيا ويندا هئا- ليڪن بيتن جي چاٽ، قصه گو وچ وچ ۾ ڏيندا ويندا هئا، جيئن ٻڌندڙ ٿڪجي نه پون.
ڪافين، ڪلامن، ڳجهارتن، ڏوهيڙن، ڏور جي بيتن، آکاڻين، داستانن، قصن، ڳالهين، ٽوٽڪن ۽ ٽوڻن کان سواءِ سنڌي ادب جي مذاقيه ذخيري به انهن ئي مجلسن ۽ محفلن ۾ جنم لڌو ۽ پرورش پاتي. جڏهن سندن طبيعتون کل چرچي ۽ ڀوڳ ٺڪاءَ ڏي مائل ٿينديون هيون، تڏهن پيراڻي ڀنڀري جا لطيفا، ملا لٽر جا چرچا ۽ وتائي فقير جا چهچٽا[11] هڪٻئي کي ٻڌائي، پنهنجي طبيعتن تان اهي سڀئي ڪسايون ۽ زردايون، اوٽار ۽ غبار لاهي ڇڏيندا هئا، جيڪي زندگيءَ جي ڪساڪش ۾ ڏينهن جو سندن دلين ۽ دماغن تي چڙهندا هئا.

* * *

اِهي ته مذڪور ٿيا مردن جا. اسان جون مائون ۽ ڀينرون- خدا شال سندن پردو رکي، شال اوکو واءُ کين نه لڳي - انهن جون قالان مقالان ئي اور هيون. صبح کان ويندي لڙيءَ منجهند تائين تِرَ جي واندڪائي ڪانه ملندي هين، گهر ڌياڻيون جو ٿيون، پنهنجن وٿاڻن جون راڻيون ۽ وارثاڻيون جو هيون، بيگمون ته هيون ڪونه، جو صبح سان گهر ٻين جي حوالي ڪري، ٻار آيائن جي هـَـنج ۾ هڻي، پاڻ وتن روا ڳچيءَ ۾ وجهيون شهر چاکوڙينديون ۽ شاپنگ جي ذريعي ايلفيءَ ۾ وتن دام وجهنديون، هـُـنـَـن جو گهـَـرُ هو ۽ هـِـنـَـن جو گهر محض مسافرخانو، جنهن کي رات گذاريءَ کان سواءِ ٻي ڪابه اهميت ڪانه هئي.
اسان جـِـن مائن کي ته اسر ڏئي اٿڻو پوندو هو، ڪلمون پڙهي، خدا رسول جو نالو ڳنهي، کڻنديون هٿ ۾ ٻهاري، يا ويهي هلائينديون جنڊ. ڏڌ جي چاڏي ولوڙي، مينهـِـنِ ڀٽارين جو کير ڏهي، ان ۾ سـَـباڻُ وجهنديون. اهي اوکا پوکا لاهي چلهه تي ويهنديون، نيرن پچائينديون، ٻارن کي کارائينديون، ان کان پوءِ کڻنديون مکڻ سان مکيل ٿلهيون مانيون مٿي تي، ۽ ڏڌ جو ڪينگرُ، جنهن ۾ مکڻ ڦُٽي[12] به پيل هوندي، ۽ لٽي جي پـَـلـَـو ۾ مٺائي ذرو به ٻڌل هوندو، ميل، سوا پنڌ هڻي، وڃي پوکن ۾ مڙسن کي کارائينديون، جيسين مڙس ماني کائي وٺي، تيسين پـَـلـَـو سان مکيون به پيون هڪلينديون، ۽ مڙس سان گهَرو معاملن متعلق، اَندي نـِـئي جي سلسلي ۾، ۽ سودي سود لاءِ پيون صلاحان ۽ مشورا به ڪنديون. نيرن پاڻي ڪرائي وري ويچاريون گهر اينديون، ته منجهند جي مانيءَ تائين مٿي کنهڻ جي واند ڪانه ملندين. مرد موٽندا، ماني کائي گهڙي کن آجهاپ ڪندا، ٻارن جا اوکا پوکا لاهي، ٿانوَ ٿپا ڌوئي، لاڙوين منجهند کان پوءِ وڃي انهيءَ قمام ۽ ڪاروبار مان وانديون ٿينديون. اهو ئي وقت ويندي لاڙوين ٽپهريءَ تائين ملندو هونِ، جڏهن هو پاڙي پنبي يا ساهيڙين ۽ سهيلين جي گهرن جو چڪر هڻنديون هيون، ۽ گهڙي ساعت ويهي ساهه به پٽينديون، پاڻ ۾ چار چونڪ ڳالهين جا ڪنديون ۽ هڪٻئي جي وارن کي ويريون به ڏينديون. اِنهيءَ ئي وقت هڪ طرف جيڪڏهن اهو شغل هوندو ته ٻئي طرف ڪي مايون رات لاءِ چانور پيون سوئينديون، ڪن جي اڳيان اُکريءَ ۾ ڪڻڪ يا ساريون پيل هونديون جن کي پيون مـُـهريءَ سان چڙينديون، يا ڇڄن ۾ وجهيو پيون ڇنڊينديون. ڪن جا اوکا پوکا لٿل هوندا، ته اهي پيون برٿ ڀرينديون يا ويٺيون رليون ٽوپينديون. سنڌ ۾ سئيءَ يا ڪنڊيءَ جو برٿ يا قالين نما رِلين جو فن انهيءَ ٻه، پهريءَ کان وٺي لاڙوين ٽپهريءَ تائين جي وقت جو ايجاد آهي. سج لهڻ ۾ اڃا ڪلاڪ، ڏيڍ جي دير هوندي، جو هرڪا سهيلين ۽ ساهيڙين کي ساڻ ڪري، دلا مٿن تي کڻي، اچي کوهه جي پڳ تي پهچندي. انهيءَ وقت پاڻ ۾ سندن چڱي ساعت مجلس ٿيندي. رازن جون ڳالهيون، ۽ دلين جا معاملا ان وقت هڪٻئي سان رمز ۽ اوڙاپي ۾ نه، بلڪ برملا ويهي ڪنديون ۽ پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترا اهم مسئلا کوهه جي نيسر وٽ يا پڳ جي پاسي ۾ ويهي طيءِ ڪنديون. انهيءَ کوهه جي ميڙاڪي ته سنڌ ۾ عمر مارئيءَ جي قصي کي جنم ڏنو، ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترين محبتي آکاڻين جا آغاز اتاهون ئي ته ٿيا! نه فقط اهو بلڪ عشق ۽ محبت جا مخصوص الفاظ، اوڙاپن ۽ سهاپن جا اکر، فطري جذباتن کي اظهار ڪندڙ نازڪ ۽ نرم محاورا ۽ تلميحان، ڏکن سورن، هجر ۽ فراق، يا محبت ۽ عشق جي سڄي ڪاروبار جي لغت جو ذخيرو اتهين جڙيو، ۽ سـَـون قصن ۽ ڪهاڻين جا پلاٽ انهيءَ جاءِ تي ئي ٺهيا.

* * *

سنڌ جي ڪافين خواهه بيتن ۾ مرد هميشه معشوق ٿئي ٿو ۽ عورت کي عاشق ڪيو ويو آهي. ان جو مکيه سبب اهو آهي، جو هتان جو عشق اخلاقي اقدارن کان ٻاهر ڪونه ٿو نڪري. مايون پنهنجي ئي مڙسن سان محبت ڪن ٿيون، ڀينرون پنهنجن ئي ڀائرن لاءِ سڪن ٿيون، مائون پنهنجي ئي اولاد تي آرو رکن ٿيون، ۽ ڌيئر اباڻن ۽ پيڪن لاءِ پيون ڪانگ اڏائن ٿيون، مثلاً:

شال نه رهن ڏور، هُئـَـن، اباڻا اوڏڙا،
ميان تن ريءَ مور، مون هت جالڻ نه ٿئي.
----
پردي منجهه پناه، موکي رب رکيج،
اُڪنڊ هـِـن ارواح، آهي اباڻن جي.
----

پاڙو پاڙي ساڻ، شل هئان اباڻن جي،
پکن تـَـن جي پاڻ، آءٌ تا سـُـکيو ڀائيان.

اهڙيءَ طرح عشق ۽ محبت جو مرڪز جيئن ته مڙس ٿئي ٿو، ڀاءُ ٿئي ٿو، اولاد ٿئي ٿو، يا پيڪا ۽ اباڻا ٿين ٿا، تنهنڪري عورت کي محبت ڪندڙ، پيار ڪندڙ ۽ عشق ڪندڙ ڏيکاريو ويو آهي. اسان وٽ جيڪي عشقيه آکاڻيون آهن، تن ۾ پڻ نتيجي طور آخر ۾ زال ۽ مڙس ڏيکاريا ويا آهن. زال جي مڙس سان محبت ٿئي ٿي، عشق ٿئي ٿو، ۽ هڪ قسم جي عقيدت ٿئي ٿي. اسان جي عورت وٽ وَرُ وڏي اهميت رکي ٿو، عورت جي سموري زندگيءَ جو مرڪز محض مڙس ٿئي ٿو، زال جي سموري حياتيءَ جو محور سندس سهاڳ ٿئي ٿو، ان جي ئي گرد سندس فڪر ۽ خيال گهمي ٿو. سنڌ جي تصور جو عشق بدڪرداريءَ ۽ نفساني خواهشات جو مظهر ڪونه ٿو ٿئي، گهرن جي تخريب ڪانه ٿو ڪري، پر تعمير ڪري ٿو، رسوائيءَ ۽ بداخلاقيءَ جو سبق ڪونه ٿو سيکاري بلڪ ٻن زندگين جي باهمي ربط ۽ ضبط جي مضبوطيءَ ۽ پائداريءَ ۽ پڪائيءَ کي پيش ڪري ٿو. انهن سڀني اسبابن سبب سنڌ جي شاعرن عاشق جو ڪردار زناني زبان جي ذريعي پيش ڪرايو آهي[13]. تنهنڪري عشق ۽ محبت جي مختلف ڪيفيتن ۽ سموري روئداد جي سلسلي ۾ تخيل، محاورن، تلميحن، ۽ الفاظن جو سمورو ذخيرو گويا عورت جو پيدا ڪيل آهي. ۽ اهوئي سبب آهي، جو سنڌي عورت جي صبح کان سانجهيءَ تائين جي زندگيءَ، سنڌي شعر ۽ سخن کي سچن خيالن، ماحول جي محاورن، ۽ گردوپيش جي تلميحن ۽ تشبيهن سان مالا مال ڪري ڇڏيو- مينهن ڏُهڻ مان ”کنڊون وجهي کير پيارڻ“ جو استعمال عمل ۾ آيو، ڏندن کي ”اڇو جهڙو کير“ چوڻ به اتهون هنن سکيو، ڏڌ ولوڙڻ مان محبوبن کي ”مکڻ، ماکي ۽ مصريءَ کان وڌ مٺو“ بيان ڪرڻ جا تصور پيدا ٿين- جهڙيءَ طرح هڪ ڪافيءَ جي هن مصرع ۾ چيو ويو آهي:-

مکڻ ماکي مصري، تنهن کئون محب مٺو!
الا! آرياڻي اوهان نه ڏٺو!

مکڻ ڏُڌ مان ڪڍن ٿيون، مصري ۽ کنڊون گهر ۾ رکن ٿيون، ۽ جهنگن جهرن مان مرد ماکيون لاهي، اهي به آڻي کين ڏينِ ٿا. جڏهن عاشق کي پنهنجي محبوب لاءِ راءِ ڏيڻ جي ضرورت پيش آئي، ته هـُـنَ پنهنجي ئي ماحول مان تشبيهون وٺي، پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو. اهڙيءَ طرح جڏهن پنهنجي پرينءَ کان پري رهيون، تڏهن سندن مـَـنَ ۾ جيڪا پيڙا ٿي، ان لاءِ هنن جنڊ جي ٻن پـُـڙن ۾ جنهن نموني ڪڻڪ پيڙجي پاههُ ٿي ويندي آهي، ان جو مثال پيش ڪيو. اهڙيءَ طرح مرد ته منهن اوندهائيءَ پوکن پلاهن تي هليا ويندا هئا، پٺيان فقط عورتون رهنديون هيون. ڪانگل جڏهن اڱڻن ۽ آڳرن ۾ پرهه ڦٽيءَ اچي لٿا، تڏهن هنن ئي ته ”ڪانگ اڏائڻ“ جو سمورو تصور ۽ ان جا هزارين متعلقات اسان جي ادب ۾ پيدا ڪيا. غرض ڪهڙا مثال ڏئي ڪهڙا ڏجن! شل سندن وَرَ ۽ گهر، پيڪا ۽ اباڻا، ابل ۽ ادل وسن ۽ جيئن! سندن صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين جي زندگيءَ، سندن هڪ هڪ پـَـهـَـر ۽ پلڪ، سندن هرهڪ وک ۽ قدم، اسان جي ادب کي لازوال خزانا بخش ڪيا، ڏينهن ته ٺهيو، پر رات جي مانيءَ ٽڪيءَ کاڌي ۽ کارائي کان پوءِ ويندي جيسين ٻارن کي سمهارينديون، يا کير ۾ سباڻ وجهي، مينهن جي ڦرن جا ڪـِـلا ڏسي، اچي آهلڻ لاءِ کٽ تي ويهنديون، تا جيسين وڃي هائو مائو ٽرئي سندن اک لڳندي، انهيءَ وچ ۾ پڻ هنن جي طفيل سنڌي ادب کي ڪيترا انعام عطا ٿيا. مثلاً، وڏي جـُـڳ جون مايون ويهي مداحون، هرڻيءَ جو معجزو، يا حضرت صه جن جا ٻيا معجزا پڙهنديون، ٻارن واريون ٻارڙن کي ريجهائي سمهارڻ لاءِ ننڍڙيون آکاڻيون کڻنديون- جيسين وڃي سهماڻيون ٿين، جيسين وڃي ننڍڙن جي اک لڳي. سوين مداحون ۽ معجزا انهيءَ وقت لاءِ ٺهيا، انهيءَ ديو جا قصا، جيڪو ڇهه مهينا ننڊ ڪندو هو ۽ ڇهه مهينا جاڳندو هو، انهيءَ ديوَ جي ڪهاڻي، جنهن جا هزارن سالن جي عمر هجڻ سبب اکين جا ڇـَـپـَـر لهي اچي هيٺ پيا هئا ۽ تيسين ڪونه ڏسي سگهندو هو جيسين ڪو سندس ڇپر ڏانداريءَ سان مٿي نه کڻندو هو، يا انهيءَ پريءَ جون ڳالهيون، جنهن جو ساهه هڪ طوطي ۾ پيل هو ۽ اهو طوطو ستن سمنڊن جي وچ ۾ پڃري اندر بند هو، يا انهيءَ شهر جو مذڪور، جيڪو سينگاريل ته هو، ۽ هر قسم جو وکر به دڪانن تي رکيو هو، پر منجهس ماڻهن جو نالو نشان ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته ’آدم بوءِ‘ ’آدم بوءِ‘ ڪرڻ واري ديوَ سڄو شهر کائي چٽ ڪري ڇڏيو هو- مطلب ته اهي ۽ اهڙي قسم جا هزارين قصا ۽ ڪهاڻيون، ڳالهيون ۽ آکاڻيون انهيءَ وقت ۾ تراشيون ويون، جن کي اڳتي هلي سنڌي ادب ۾ لوڪ ڪهاڻين داستانن جي عنوانن هيٺ جاءِ ڏني وئي.

* * *

حقيقت اها آهي ته نئين تمدن، نئين تهذيب، ۽ هن نئين دور، جنهن کي اسان تمام ترقي يافتو پيا سمجهون، سنڌ جي سڄي ڪائنات کي تهه وبالا ڪري ڇڏيو: اُها اُٿـِـي ويـِـٺي وئـِـي، اها رهڻي ڪهڻي وئي، اهي رسمون ۽ رواج ويا، اهي ڪردار ۽ اهي اخلاقي اقدار ويا، ۽ سڄيءَ سنڌ جا هنر به ويا ۽ اهي هنر وارا به ويا، يعني نه فن رهيو نه فنڪارئي رهيا.
مردن جي دنيا بدلي ته عورتن جي به رُتِ ڦري وئي. مان پاڻ پنهنجي هنن گنهگار اکين سان مائن قناويزن ۽ گربين ۽ سوسين جون سٿڻان هيٺ تي ڏٺيون، ڀرت ڀريل گج بـُـت تي، ۽ مٿي تي سنهيءَ ململ، ۽ بوند يا ڏورئي جا ڪنڊيءَ ڀريل ڪنارن سان روا ڏٺا، ۽ پيرن منجهه ٽهِ گـُـليون جـُـتيون پيل ڏٺم، تري ۾ سيم لڳل ۽ گلن مٿان سچا يا حسب حيثيت ڪوڙا موتي جڙيل.
نئين فيشن سڀ کان پهريون سٿڻن لاءِ ڇـِـيٽان پيش ڪيون، قناويز، گربين ۽ سوسين جو مانُ ويو، انهن سان گڏ آتڻ به ويا، ۽ جيڪي آتڻن ۾ ويهي اوران اورينديون هيون، ٻول ٻـَـڌنديون هيون، ۽ قول قرار ڪنديون هيون، سي ڳالهيون به ويون، ۽ جڏهن اهي رخصت ٿيون ته چندن جي چرخي به چُرڻ کان نابري واري، انهن آئٽن جڏهن ڪتڻ ڇڏيو، ته ڪورين به پنهنجا تِير ۽ تُڪلا بند ڪيا. جڏهن اهو سڀڪجهه درهم ٿي ويو، تڏهن نه فقط پهر ۽ پوشاڪ ۾ ڦيرو آيو، بلڪ سنڌي ادب کي پڻ وڏو نقصان پهتو. انهن ئي آتڻ وارين سنڌي ادب کي سَهسين ماڻڪ ۽ موتي ڏنا، چرخن جي سُرَ ۽ ساز اسان جي شعر وسخن کي ڪيترن نون خيالن جا ڏيب ۽ ڏاجا ڏنا، انهيءَ آتڻ تي ۽ انهن چرخن کي چوريندي ته ليلا کي چنيسر جو چِتُ لڳو، کيس اتي ئي سهاپو مليو، ۽ اتان ئي ته سندس عشق جي آکاڻي نسري ۽ اُسري هلي! ازين قسم ڪورين ڪـَـتڻ ڇڏيو ته سندن سياڻپ ۽ ڏاهپ متعلق جيڪي هزارين لطيفا ٺهيا ۽ جن جي ڪري سنڌيءَ ۾ ظرافت ۽ طنز جو ادب پيدا ٿيو، انهن جو نه فقط ٺهڻ ۽ وڌڻ ويو، بلڪ اسان جي لوڪ گُن مان لطيفن ۽ مزيدار ٽوٽڪن جي سموري اوسر ئي بند ٿي وئي.
سڀ کان پهريون ولايت کان آڳا[14] آيا، جنهنڪري نه ڇڙو گج ويا بلڪ برٿ جي فن ۾ به زوال اچي ويو، ۽ جڏهن چـِـڪنا[15] گهورڙيـَـن کڻي گهمايا، تڏهن رَوَن ۽ چولن جو برٿ به بند ٿيو، ڪـُـنڊن جا منهن رکئي رکئي ماٺا ٿي ويا، ۽ ڇُر ۽ پور[16] پڻ الائي ڪاڏينهن جو ڪاڏي ويا! اهو ته خير نقصان ٿيوئي، پر خود رَئو به مٿي تان لهي اچي ڳچيءَ ۾ پيو. اڳ ڪنهن عورت جو لـَـٽو لهندو هو، ته گويا سندس سڄو ننگ ۽ ناموس ويو، سندس ساک پت وئي، ۽ سندس عزت آبرو ختم ٿي. عورتون ڪنهن زائفان جي چال چلت کي پسند نه ڪنديون هيون ته ان کي ”لٽي لٿل“ سڏينديون هيون. اشهد آڱر نڪ تي رکي، هڪٻئي کي چونديون هيون، ”هَئي هَئي، اڙي ادي! هيءَ پهاچ ته لٽي لٿل ڪا لانگڙِ لاهِ ٿي ڏسجي، نه جيجل، نه! هن جي ويجهو ڪير ويندو، هٿ لاءِ ته هٿ ڪارو پير لاءِ ته پير ڪارو. توبهه ڪر توبهه!“ پوءِ اها زائفان ڄڻ هميشه لاءِ زناني سماج مان خارج ٿي وئي. هرڪا شريف زال پئي ان کان موڙو ۽ موشو ڪندي. جنهن زال کي لوڪ لـڄا ڪانه هوندي هئي ۽ شهر جي چوءَ پچوءَ جي پرواهه نه هوندي هئي، ان لاءِ چونديون هيون، ”مائي هيءَ ته بي پِتي آهي، لـڄ ۽ حياءُ ئي اکين ۾ ڪونه اٿس!“ لٽو گويا عورت جي عفت، عزت ۽ ستر جي نشاني هو، تنهنڪري ان جو ايڏو مانُ ۽ مرتبو هو، جو رَئي جو پلؤ پيو ۽ لٽي جي ميڙِ آئي، ته گهراڻن جا اختلاف، باهمي دشمنيون ۽ سالن جا قط لحظي ۾ لهي ويندا، خون ٿيندا، ته ڏوهي، سادات ۽ نياڻيون ميڙ ڪري، در پيهي ويندا هئا ۽ نينگريون پلوَ ۽ پاند[17] ڳچيءَ ۾ وجهي چونديون هيون، ”ادا هيءَ ميڙ اٿي! اسان کي ڏوهه بخشّ!“ نه ڇڙو ڏوهه معاف ٿيندا، دلين مان ڪدورت نڪرندي ۽ مٽيون مائٽيون ڳنڍ جي وينديون، بلڪ جڏهن نياڻيون پٺتي ورنديون، ته سندن مٿن تي روا پوتيون وجهي، پوءِ کين واپس ڪندا هئا. گويا مراد اها هئي ته شل نياڻين جو سر سدائين سلامت رهي. انهيءَ ئي لـَـٽي جا پاند ڳچيءَ ڳل پائي مايون پنهنجا پنهل پرچائينديون هيون. جهڙيءَ طرح ڪنهن شاعر چيو آهي:

اٿم اميدون اڃا اڃا،

مان ته پاند پائيندَس پنهل پرچائيندَس-
اٿم اميدون اڃان.

الغرض سپاٽا ۽ سينڊل جڏهن آيا، ته ٽه، گـُـليءَ جاءِ ڇڏي، موچـِـن به ويچارن هٿن مان کڻي آر ۽ ڌاڳو رکيو. لـِـپ اِسٽڪ لڳي، ته سـُـرخيءَ رنگ ڇڏيو، ۽ مساڳ جو مانُ پڻ ويو. بهرحال لبن تي لالي ضرور رهي، ليڪن مساڳ لڳل چپن ۾ جيڪو ميٺاج هو، ان جي شيريني لپ اِسٽڪ ۾ ڪٿي! مساڳ ته چپن کان وٺي مهارن تائين رنگ رکي بيهندو هو ۽ لپ اسٽڪ ڇڙو چپن کي چٽي بيهي ٿي، جنهنڪري مشڪڻ جي مهل مهارن جو مختلف رنگ چپن کان جدا ٿي، ڏاڍو بدزيبو پيو لڳي. اکين مان حجاب موڪلايو، ته سرمي ۽ ڪجل جي ريک به رخصت ٿي، سرمون نيڻن مان نڪري وڃي نچڪڻي سان نوچيل ڀـِـروَنِ تي پهتو. اهڙيءَ طرح آهو چشم به ويا ته ابرو به چٽُ ٿيا، نه چشمن جا چالا ۽ پنبڻن جا تير رهيا، نه ابرن جون ئي ڪمانان قائم رهيون، گويا روايتي معشوق جي سموري اسلحه خاني ۾ Disarmament جو دؤر اچي ويو. پيرن ۽ هٿن جي ننهن تي آمريڪا مان آيل رنگ غالب پئجي ويو. مينديءَ ۾ اگرچه رنگ اڃا به اهوئي آهي، جنهن لاءِ سنڌي سـَـهـِـرن ۾ مائن چيو آهي:-

هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا!
او!
ڳاني جوڙ بنايو.. .منهنجو ادل آيو!

پر واهپوئي جڏهن ويو، ته رنگ رکڻ مان ڇا ورندو؟ خود مردن جون ڏاڙهيون ۽ مڇان به تـَـري ٿي ويون، تنهنڪري حنا سفيد سـُـنهارين تي رنگ رکي بيهڻ واريءَ سنت کان به سبڪدوش ٿي وئي، ۽ نيٺ هلي هلي، ميهڙ جي مينديءَ جا کيت به هڪ ڏينهن غيرآباد ٿي ويا.

* * *

مينديءَ جي ڳالهه نڪتي آهي ته هڪ لطيفو ٻڌي وٺو: اوهان کي معلوم آهي ته غزل گو شاعرن جو محبوب ڪافي گو شاعرن جي پرينءَ وانگر نيڪ، حجاب ۽ حياءَ وارو يا پنهنجي عاشق جو سچو وفادار نٿو ٿئي، بلڪ نهايت ظالم، ستم ڪش، جفاڪار، بدخو ۽ خوني ٿئي ٿو، سندس زندگيءَ جو مقصد اهوئي رهي ٿو ته ڪيئن به ڪري مڙيوئي غريب عاشق کي سک سمهڻ نه ڏجي، کيس هميشه ڏک ۽ ڏجها ڏيو پيو پيڙجي ۽ ستائجي. جي گهڻو گهڻو ڪري ته کيس هجر ۽ فراق جا صدما سهائي سهائي يا ته نهوڙي ناس ڪري، ايترو ضعيف ۽ ناتوان ڪري ڇڏجي، جو جڏهن حضرت عزرائيل سندس ساهه ڪڍڻ اچي، ته کيس عاشق جي بجاءِ کٽ تي ان جا ڪنڊا ۽ هڏا به نظر نه اچن، جهڙيءَ طرح هن فارسي عاشق بيان ڪيو آهي:

تنم از ضـُـعف چنان شدم کہ، اجل جست نيافت،
نالہ، هر چند نشان داد کـہ در پيرهن است.

ٻيو شعر آهي:

از ضعف چنا شدم که بر بالينم
صدبار اجل آمد و نشناخت مرا

ٻيا بيت:

طبيبا بر سرِ بالينِ من آهسته تر بنشين
که ترسم بارِ دامانت ز بستر دورم اندازد
----

چنان ضعيف شدم از غمت، منِ درويش
که سايه را نتوانم کشيد از پي خويش

يا وري عاشق جي خون مان پنهنجا هٿ ۽ ننهن هر وقت رنڱيندي رنڱيندي، کيس ابنيمڪ (خون جي ڪمي) ڪري، آخر ماري ڇڏجي. اهوئي سبب آهي، جو غزل گوين چيو آهي ته معشوق جي هٿن کي مينديءَ جي رنگ جي ضرورت ڪانه ٿي رهي، سندس لاءِ عاشق جي خون جي لالاڻ ئي ڪافي ٿئي ٿي. جهڙيءَ طرح غالب چيو آهي:

خون هي دل خاک مين، احوالِ بتان پر، يعني
ان کــي ناخن هوئي محتاجِ حنا ميري بعد.

يعني جيسين غالب جيئرو هو، تيسين ته معشوق جا ننهن هميشه سندس خون مان رڱبا رهيا، ليڪن جڏهن خير سان وفات ڪيائين، ان وقت سندس روح پر فتوح دانهن ڪري چيو ته ڪيڏو نه افسوس ۽ ارمان آهي، مون کان پوءِ ڪيئن نه منهنجي محبوب جا ننهن مينديءَ جا محتاج ٿي پيا!
نظر علي خان مرحوم کي جڏهن عبدالرحيم کرل اهو شعر ٻڌايو، تڏهن فوراً هن چئي ڏنو ته ”يار غالب جي معشوق جا ننهن به ڄڻ خونخوار جانور جي ننهن وانگر نوڪدار هئا، جن سان غالب جي جسم کي نـُـهنڊان ڏئي، سندس رت ڪڍي، پنهنجا ننهن رڱيندو هو!“ گهڙيءَ کن انهيءَ معنيٰ تي ٽهڪڙو هليو. ان وقت ته سمجهي نٿي سگهياسي ته گولائيءَ تي ڪٽيل ننهن ڪيئن نهنڊان ڏئي سگهن ٿا، ليڪن اڄ سالن پڄاڻا وڃي ظاهر ٿيو ته غالب جو چٽيل نقشو بلڪل صحيح هو، ۽ نظر علي خان جي معنيٰ ۽ مفهوم به ٺيڪ هو. اڄوڪين عورتن جاننهن ڏسو، صورت خواه سيرت ۾ ڪيڏا نه مڪروه آهن! ائين پيو معلوم ٿئي ڄڻ انساني هٿ نه بلڪ ڪنهن جانور جا چنبا آهن! نوڪدار ۽ ڊگها ننهن ڄڻ ڏڦا پيا ڏسڻ ۾ اچن، جن جي اندران غفونت آميز غلاظت پڻ ڀرجي وڃي ٿي، ديني طرح به ناجائز ۽ دنيوي طرح به ڏسڻ جهڙا ڪين.

* * *

عورتن جو جڏهن اُهو گهريلو تمدن ويو، ته انهيءَ تمدن جي پٽ راڻين جا ڳهه ڳٺا به ويا. ڪنن مان واليون، نسبيون، پنڙا، جهومڪ ۽ ڏانوڻيون ويون، نڪ مان بول، بينسر، ڦُلِي، ڪِلِي، ڪوڪو ۽ لونگ لٿو، انهيءَ بولي يا بينسر تي جيڪي سچا موتي جڙيل هوندا هئا، انهن مان عورتن محبوب جي سهڻن ڏندن لاءِ تشبيهه ورتي، چونديون هيون. ”ڏند لاڏي جا اهڙا ته جرڪن ٿا جهڙا ماڻڪ موتي، اهڙا سهڻا جهڙا موتي!“ سهرن ۾ به چونديون هيون:-

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي،
ڪجل جوڙ بڻايو، ادل جو ٿيو لايو سجايو!

اها نٿ به وئي، جيڪا سهاڳ جي نشاني سمجهي ويندي هئي، پـَـرڻي رات پوندي ته وري تڏهن لهندي، جڏهن سهاڳڻ جو ساٿ لٽجي ويندو. نامزدگي ٿي ته نٿ لاءِ نڪ ٽوپبو. پهريون مٺائي ورهائبي، سهرا چئبا، هٿن ۽ پيرن کي ميندي لائبي، مڱڻي جو جوڙو ڍڪائي پوءِ انهيءَ عورت هٿان نڪ ٽوپائبو، جيڪا پاڻ ورَ سهاڳ واري هوندي. جڏهن نڪ ڇـُـٽندو، تڏهن ڪارو ڌاڳو ڪڍي، في الحال لونگ، ڪوڪو، يا ڪـِـلي وجهي ڇڏبي. نڪ ٽوپجڻ شرط مڱينديءَ جي منهن تي حجاب ۽ حياءَ مان سـُـرخي اچي ويندي، جيڪا حقيقت ۾ انهيءَ خوشيءَ جو مظهر پڻ هوندي هئي، جيڪا گهوٽ جي تصور سبب ڪنوار جي تحت الشعور ۾ پيدا ٿئي ٿي.
اهڙيءَ طرح سهڻيءَ ڪونج جهڙيءَ ڳچيءَ مان هـَـسُ، هـَـسي، ڳاني لٿي، ۽ اُهو چندن هار به ويو، جنهن جي تشبيهه ڏيئي محبوب لاءِ چئبو هو ته ’ائين پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهانس جيئن چندن هار وجهبو آهي، اهڙي طرح ست لـَـڙهي دُري (دُهِري) خواهه دعائون به لهي ويون. ٻانهون خالي جهڙيون ڳڀرو ڇوڪرن جون. ٻانهين ڪـُـلهي ڪن پئي هئي اها وئي، ته ڪنگڻ، بازوبند، چوڙا، چوڙيون، پوَنچيون ۽ تعويذ به غائب ٿيا. عاج جي ٻانهين ٻانهه مان ان وقت ڀڃي لاهيندا هئا، جنهن وقت وريتيءَ جو ور هي جهان ڇڏيندو هو. آڱرين مان ڳاڙهن ساون ننگن سان منڊيون لٿيون، چيچ مان ڇلو ويو. ۽ اڄ ته ويڙهه ۽ کير منڊيءَ جو تصور به ڪونه ٿو اچي، ورنه اها شيءِ ڪيڏي نه رومانٽڪ هوندي هئي! گهوٽيتن، ڪنواريتن ۾ پهچي، ويڙهه ۽ کير منڊي چانديءَ يا سون جي وٽيءَ ۾ پيل کير مان ڪڍي ڪنوار جي چيچ ۾ پارائي، ته مڱڻي جو اعلان ٿيو، نه ڇڙو اهو اعلان ٿيندو بلڪ گهوٽ ۽ ڪنوار جي مابين پڻ هڪ تصوراتي دنيا خوشگوار، روح کي تراوت پهچائيندڙ، ڏاڍي سهڻي ۽ رنگين قائم ٿي وئي. جيسين وڃي تـِـٿِ ٻڌجي، ۽ ونواه پورو ٿي، وهانوَ رات ايندي، تيستائين دماغ ۽ دلين ۾ نئين زندگيءَ لاءِ محبت جا، پريت جا ۽ پيار جا پروگرام پيا رٿبا. هڪڙيون رٿائون پيون جڙنديون ۽ ٻيون پيون ڊهنديون، نه راتين جو اهو راحت بخش تصور غائب ٿيندو، ۽ نه ڏينهن جو ان جي سلسلي جون تارون ٽٽنديون. گهوٽ کي پنهنجو پاڻُ پيو وڻندو ۽ ڪنوار پنهنجي من ۾ جدا مگن هوندي. توڙي شڪل صورت ۾ ٻـَـئي سادا هوندا، ته به ڄڻ پنهنجو پاڻ کي موچارا مور پيا لڳندا. نه ڇڙو پنهنجا وجود کين انهيءَ عالم ۾ سهڻا لڳن ٿا، بلڪ هيءَ سڄي ڪائنات سندن اکين ۾ حسين ٿي پوي ٿي. جڏهن اهو مقام حاصل ٿئي ٿو، ان وقت گويا عشق ۽ تصور جو معراج ٿئي ٿو. اهوئي ڇلو، جيڪو چيچ ۾ پوي ٿو، سو عاشق ۽ معشوق جي مابين هڪٻئي جي نشانيءَ طور به ڪتب ايندو هو، ۽ هڪٻئي سان عهدو پيمان جو سبب به بڻبو هو. ٻـَـئي ڌريون ان جي ڏاڍي حفاظت ڪنديون هيون ۽ ان کي ساه کان به وڌ سوگهو رکنديون هيون. ابتدا ۾ چوٽيون ٿينديون هيون، ۽ چوٽين ڪرڻ وقت عورتن ۾ هڪٻئي سان ڏاڍي رهاڻ ٿيندي هئي، دنيا جهان جا قصا پيون ڪـُـٽينديون، وِريون ڏئـِـي جـُـوان به ڪڍنديون، ليکان به مارينديون، لاس يا ميندي وجهي ڪاٺ جي ٻه مـُـهين ڦڻيءَ سان (جنهن تي رنگدار ٽـِـڪـِـڙَن ۽ آئينن جي گلڪاري هوندي) وار پيون ڳـُـڌينديون. اهو وقت عورتن جي زندگيءَ ۾ نهايت اهم هو. ان ۾ هڪٻئي سان دل جا سڀئي ڏک سور اورينديون هيون، ڪي بلڪل راز ۽ ڳجهه جون ڳالهيون به ڪنديون هيون، اوڙي پاڙي جي اٿي ويٺي ۽ ڳوٺ جي چار پچار به پيون ڪنديون هيون. هاڻي اهو وقت به ويو ۽ اها ڪچهري به وئي، پهريون ٻه چوٽيون ويون، پوءِ هڪ چوٽي ٿي، ۽ هاڻي ته نه هڪ نه ٻه، وچئون ئي وارن کي اچي اهڙو وارچرو لڳو، جو ڪپجي، ڪترجي، چيلهه ڇڏي ڪياڙيءَ کان به مٿي ٽپي ويا. زالون حوران نه بلڪ ڄڻ غلمان پيون لڳن.
جنهن دؤر جو قصو ٿو ڪيان انهيءَ دؤر ۾ عورت جي چوٽيءَ جو ڏاڍو احترام هوندو هو. عورت جي چوٽيءَ جو ننگ وڌو ويو ته سڀئي دليون اهڙيون صاف ٿي وينديون جهڙو آئينو. اها سينڌ به وئـِـي، جنهن ڏي عورتون اشارو ڪري چونديون هيون ته ”هيءَ سينڌ ٿي ڏيانءِ!...“ گويا اهو قسم کڄي ويو. هاڻي جان هلي ويندي پر سينڌ جو قسم ۽ سينڌ تي ڏنل واعدو ڪونه ٽٽندو. عورت کي پنهنجن وارن جو ايترو خيال هوندو هو، جو جڏهن پوليس کي ڪنهن جو مانُ لاهڻو هوندو هو ته کيس چوٽيءَ ڪپڻ جو دڙڪو ڏيندا هئا، ۽ مائي پنهنجي عزت ۽ ناموس بچائڻ لاءِ خونن جهڙيون ڳالهيون به ٻڌائي ويهندي هئي. وارن جي ٿوري چـَـڳ ڪپي ڪنهن ماڻهوءَ ڏي موڪلينديون، ته اهو گويا اعلان هوندو ته اڄ کان پوءِ جان ويندي پر آن نه ويندي، ۽ عشق جو اظهار به چوٽيءَ مان چڳ موڪلي ڪيو ويندو هو. ڪنواريتا پنهنجي نياڻي ڏئـِـي، پوءِ هميشہ گهوٽيتن جا ڪاڻيارا رهندا هئا، ڇاڪاڻ ته سندن نياڻيءَ جا وار گهوٽ جي کٽ تي وڇايل هوندا هئا. الغرض جڏهن چوٽيون ويون، ته انهن جو مانُ به ويو، سينڌ نه رهي ته عورت جو قول ۽ قرار به ڪونه رهيو. جڏهن اهي سڀئي ڳـُـڻَ ۽ ڳالهيون ويون، ته سينڌ جي سـَـري وئي، چوٽين جون سڳيون ويون، ۽ سونَ چانديءَ جا ميناڪاري چوٽيءَ ڦل به ويا، ۽ چوٽين ۾ پيل چانديءَ يا سون جا جهوڙا پڻ ويا.
اهو ته ٿيو تمدن جو نقصان، ليڪن وارَن وڃڻ ڪري ادبي دنيا کي ڪيترو گهاٽو لڳو. اهي زلف ۽ گيسو ويا، جن کي پريشان ڏسي عاشقن جي دلين جي دنيا درهم برهم ٿي ويندي هئي. انهن ڪاريهر نانگن جا، جيڪي واسينگن جان ور وجهندا هئا، بند ۽ ڪمند ويا. نه انهن ۾ حلقا رهيا، نه انهن جا دام ۽ پيچ رهيا. ارمان ۽ افسوس اهو آهي ته غزل گو شاعرن کي ڦاسائڻ لاءِ معشوق وٽ جيڪي زنجير هئا، جن ۾ عاشق ويچارا اچي نخچير ٿيندا هئا، سي سڀ جڏهن ’تن بتقدير‘ ٿي ويا، ته هاڻي شهر جي شاعرن جو اهو گروه، جيڪو معشوقن جي بنديخاني ۾ بند ٿيڻ لاءِ هر وقت پيو واجهه وجهندو هو، سو ڪاڏي ويندو؟
بي پردگيءَ سبب عورت جي عصمت ۽ عفت مان جڏهن ڪشش نڪري وئـِـي، ته اڳٺ جي عزت ۽ حرمت يا ان ۾ جيڪا تندي ۽ مضبوطي هئي، اها به وئـِـي، ۽ اها وئـِـي ته اڳٺ ۾ جيڪي سون ۽ رپي جا جهاٻا پوندا هئا، تن جو به رواج نڪري ويو. پيرن جي تـِـرين ۽ آڱرين مٿان مينديءَ جو رنگ، جيڪو رنگ رچائي بيهندو هو، سو جڏهن لالاڻ لاهي پيو، ته پيرن جي آڱرين مان ميناڪاري بـَـنڊڙا به لٿا، ۽ پيرن منجهان نورا، ڪڙيون، پٺيون، پايل، ۽ پازيب به موڪلائي ويا.
ڪيڏي نه ارمان ۽ افسوس جي ڳالهه آهي! اهي سمورا ڳهه ڳٺا ۽ سينگارسنوار جا اهي سڀئي انگ اسباب رواج ڇڏي ويا. عورتون هاڻي سهرن ۾ ڇا چونديون؟ ”سونو بازوبند مان ڏي آدل موڪليو... نسبين جوڙ بڻايو... ۽ دُهري گهڙائج نِهري!“ ڪٿان ڳائي وڄائي سگهنديون! اهي سونارا به ته هليا ويا، جن وٽ سون جي پرکا ٿيندي هئي، سچ ۽ مٺ جو تفاوت ڪڍي ٻاهر ڪندا هئا، ۽ فني مهارت ۽ هٿ جي صفائيءَ جا ڪمال ڪري ڇڏيندا هئا.

* * *

سنڌ ۾ عورت لاءِ عيب هو ته هوءَ ڪافي يا ڏوهيڙو چوي، تاهم لڪ چوريءَ ڪيترن ڪلام جوڙيا، جن مان انهيءَ زماني ۾ چند مشهور به ٿيا. اهو ته اتفاق هو، جو ڪجهه ٻاڦ نڪري پـَـئي، ورنه ويچاريون سڀڪجهه سيني ۾ سانڍيون، زمانو ٿيو، جو هتان هليون ويون. عورت لاءِ البت سهرا چوڻ ۽ سهرا ٺاهڻ مباح هئا، جنهن ميدان ۾ هـُـنن واه جي رنگ لائي ڇڏيا. اسان جي ڳوٺ ۾ ٻه مايون سهرن جون ڪاريگر هيون: مائي حليمان بونڀٽ واري، ۽ ايمڻان مرهيات[18] بهمڻ واري. سهرا ٺاهينديون به هيون ۽ چوڻ چوائڻ جون به ڏاڍيون سيبائتيون ۽ سريليون هيون. مڱڻو ٿيو، ونواه ۾ ڪنوار ويٺي، پرڻي رات آئي، خواه ستاواڙي تان ڪنوار موٽي - ڏينهن جا ڏينهن کين اڳ اطلاع ڏبو. موقعي ۽ مهل، خواه ڌُرين جي درجي ۽ مرتبي آهر سهرا جوڙينديون، انهن جا سُرَ ٺاهينديون، سُرَ جهلڻ واريون مقرر ڪنديون، ۽ آخر جڏهن ونواه ٿيو ته ان کان پوءِ هر روز سومهياڻيءَ جي ماني ٽڪي کائي، سڄي شهر جي سيبتين کي ساڻ ڪري اچي گهوٽيتن جي گهر پهچنديون. هر موقعي جا جدا جدا سهرا هوندا: مڱڻي جا، مينديءَ جا، نٿ ٽوپجڻ جا، ونواه جا، لانون جا، نڪاح جا، ڪنوار جي رخصتيءَ جا، ۽ ستاواڙي جا. سهرن هلندي، ٿالهي به پـَـئي وڄندي، ۽ جهمر به پـَـئي لڳندي. ناچ اسان وٽ سخت معيوب هو. گهريلو عورتن جو اهو مرڪ نه هو ته کين نچڻين وانگر نچائجي. نياڻين سياڻين، يا ويٺا وياون کي ناچ سيکارڻ اسان وٽ تهذيب ۽ شائستگيءَ جي سند ڪونه سمجهيو ويندو هو، جيئن بنگالين وٽ آهي، يا انهيءَ آڌار تي اسان وٽ سڱابندي ڪانه ٿيندي هئي ته ڇوڪرِ نچڻ ڄاڻي ٿي يا نه، ڳائي وڄائي سگهي ٿي يا نه؟ اسان وٽ ته نجابت ۽ شرافت لاءِ ثبوت اهو هو ته هنن جي اکين ۾ حياءُ ۽ حجاب هجي، سندن لـڄ لٿل نه هجي، ڌارئي ماڻهوءَ تي اوچتو اک پوي ته نيڻ نيچا ٿي وڃن، گردن جهڪي پوي، ۽ شرم وچان پيشانيءَ تي پگهر نڪري اچي. جيڪا زائفان بدخوءِ ۽ جهيڙاڪر هوندي هئي، ان لاءِ عورتون چونديون هيون، ’ڏسو مائي! هيءَ ته ڪا نچڻي آهي، هڪ نـَـهن تي پئي ناچ ڪري!‘، گويا نچڻ وٽن وڏو طعنو ۽ تنڪو هو. اسان وٽ فقط جهمر رائج هئي، جيڪا پڻ پرڻلان عورتون ڇڙو شادين مرادين جي موقعي تي، سو به عام نه بلڪ عورتن جي ڪنهن خاص مجلس ۾ هلنديون هيون. بهرحال، سهرن هلندي هلندي، وچ وچ ۾، هڪٻئي تي، پرائي پنهنجي تي، گهوٽيتن ڪنواريتن تي ٽوڪ ٽهول به پئي هلندي، لاهڻيون به پيون لهنديون، ۽ چرچا ڀوڳ ڪري ٽهڪڙا به پيون ڏينديون، جيئن ڪنهن جي اکين ۾ جي ڪا اوجهراڪي اچي، ته اها لاهي تازي تواني ٿئي.
جيسين سڄا قصا ختم نه ٿيندا تيسين سهـِـرَن واريون سڄو پاڙو مٿي تي کنيون بيٺيون هونديون. اهي شور شغل يڪا ٻه ٻه مهينا پيا هلندا. سهرن وارين کي ڪابه لالچ ڪانه هوندي هئي. گهوٽيتن طرفان پـُـنيءَ مراد جي کين ڪو جورو پوتو ملي ويو، ته گويا لک ٿي ويا، ڄڻ سندن لاءِ سڀڪجهه ٿي ويو.
هاڻي ته شاديون شاديون ئي نه رهيون، غمين کان به وڌ، بي رنگ ۽ خاموش، گويا شادي نه پر ڪنهن عزيز جو ڄڻ پٿر[19] آهي. شاديءَ کان اڳ ئي گهوٽ ڪنوار پيا گڏ گهمن، پوءِ اڻ ڏٺي ۾ جيڪا ڪشش ۽ هڪ تصوراتي رنگيني هئي، اها ڪٿي قائم رهندي؟ چاه پارٽي ڪري، ٽپهريءَ جو نڪاح، جو پڙهائبا، ته انهن ۾ ڀيڄ ڀنيءَ وقت لانون لهڻ واري ڪيفيت ڇو پيدا ٿيندي؟ سهرن ۽ شرنائن جي، دهلن ۽ دمامن جي، ساٺن ۽ سوڻن جي، سنگتين ۽ ساٿين، جيڏين ۽ سهيلين جي گڏ ٿيڻ ۽ خوشين ڪرڻ جي.
مهينن پاند شاديون شادمانا پيا هلندا هئا- جيسين وڃي لايو سجايو ٿئي تيسين پـَـئي هماهمي هلندي، ڏاج ڏيوڻ پيا ٺهندا، نياڻين لاءِ جورا پوتا پيا ايندا، ڇلومنڊي پيو گڏ ٿيندو، مٽن مائٽن ۽ اوري پري جي ساٿ سنگت کي پيا سڏ ڏبا، رٺل پيا پرچندا، ۽ پرتلن تائين پيا پيغام پهچندا. مطلب ته ڪا ڳالهه هئي ڇا؟ هرڪو کـُـٿو نه پيو پڄندو هو. ائين پيو معلوم ٿيندو ته ڄڻ هڪ جو وهانءُ ۽ ونواه نه آهي، بلڪ سڄي شهر جا شادمان آهن. هر ڪنهن جي منهن تي مشڪ هوندي، ۽ هرڪو پيو هڪٻئي کي هٿ جهلائيندو.
اڄ اهي سڀ ڳالهيون رفت گذشت ٿي ويون. نه لانوان لهڻ، نه آئيني ۾ هڪٻئي جو منهن ڏسڻ، نه ڪنوار جي چوڌاري ڦيرا ڏيڻ، ۽ نه انهيءَ ڪڙهيل کير مان ڍڪ ڀرائڻ جو رواج رهيو جيڪو شـُـنهارن[20] ۾ ڪڙهيل هوندو هو ۽ منجهس ڦوٽن جي ڪڻ ۽ سـَـنگ جي مصري وڌي ويندي هئي. ڍڪ ڀر ته ڄڻ زبان تي ٿري[21] ٻَجهي وئي. ڪنوار جي ڪمري ۾ پهچي، گهوٽ هاڻي ونيءَ جي لٽي ڪنڊ تي ٻه رڪعتان نفل به ڪونه ٿو پڙهي، ۽ نه ازدواجي زندگيءَ جي ڪاميابيءَ لاءِ ٻـَـئي هٿ مٿي کڻي دعائون گهري ٿو، اهو جذبو ۽ اها ڪشش به ڪانه رهي، جيڪا خلاصي ٿيڻ وقت گهوٽ ڪنوار کي هڪٻئي لاءِ ٿيندي هئي... اڳ ۾ ئي جو هڪٻئي کي ڏسي وائسي ڇڏيائون، پهريون ئي پاڻ ۾ جو بي تڪلف ٿي وڃن ٿا!
جڏهن ته هاڻي اهي سڀئي رسم ۽ رواج، جيڪي اڳ حقائق هوندا هئا، داستان بڻجي ويا، ۽ محض يادگيريون وڃي رهيون، تڏهن سهـِـرَنِ جي جاءِ به اچي ناٽڪي رڪارڊن ورتي، پوءِ اهي سهرن واريون سـُـريليون مايون، يا سـُـرَ جهلائڻ واريون اهي سبيتيون ڪٿان رهنديون. سمجهان ٿو ته سهرن جي اها صنف، جيڪا سنڌ جي زناني ادب ۽ فن جو اهم حصو هئي، سنڌ منجهان گهڻي ڀاڱي ختم ٿي وئي هوندي - افسوس.

* * *

انهن مذڪورن مان منهنجو مطلب هي آهي ته آءٌ اوهان کي ڏيکاريان ته جنهن دؤر ۾ نواز علي ”نياز“ رهيو، ان دؤر جي هلي چلي، اُٿي ويٺي، رهڻي ڪهڻي، چال چلت، ۽ قيل قال[22] جو ڪهڙو حال هو، ۽ ٻيو هي ڏيکاريان ته اسان جي ادب شهرن جي محدود فضا ۾ نه بلڪ ٻاهراڙيءَ جي وسيع علائقن ۾ پرورش حاصل ڪئي آهي. شهر ۾ يا ته بلڪل وڏن ماڻهن جي رهائش هئي، جن جو ادب ۽ شعر و سخن سان ڪو واسطو ڪونه هو، يا ته واپاري ۽ ملازم پيشي ماڻهو رهندا هئا، جيڪي پڻ انهيءَ ذوق شوق کان عاري هئا. شهرن کي انهيءَ دؤر ۾ ثقافتي خواه تمدني لحاظ سان ڪابه اهميت ڪانه ڏني ويندي هئي، بلڪ ٻاهراڙيءَ جا ماڻهو شهرن کي گنهگاريءَ جو مرڪز ۽ اوباشيءَ جو اڏو سمجهندا هئا، ۽ شهرن کي تمام حقارت سان ڏسندا هئا، چوندا هئا ته ”ميان، هي ته ڪو شهري پڪوڙي خور آهي!“ شهر جي نوجوانن وانگر سينڌ ڪڍي، مٿو اگهاڙو ڪري هلڻ، شـُـهدپڻ سمجهيو ويندو هو، شهر جي بود وباش، رهائش ۽ اُٿي ويٺي کين اصل ڪانه وڻندي هئي، ٻاهراڙيءَ وارا هميشہ پاڻ کي هر لحاظ سان ڪردار خواه گفتار ۾ سچو ۽ سورهيه سمجهندا هئا، شهرن وارن کي ٻٽاڪي، سفله مزاج، ۽ بزدل ڀائيندا هئا. شهرن ۾ رهي، جن ادبي خدمتون ڪيون، يا جن غزل گويون ڪيون، سي به اصل ته پنجهتر فيصد ٻاهراڙيءَ جا هئا. ۽ ڪنهن سهنج سانگي سان اچي شهر جا رهواسي ٿيا هئا. پر جيئن دير پـَـئي، تيئن مٿن شهري فضا جو اثر پختو ٿيندو ويو، تان جو هو پنهنجون اصلوڪيون عادتون ۽ خصلتون وڃائي ويهي رهيا، سندن زبان صاف نه رهي، بلڪ ان تي ڌاريـُـن ٻولين جو رَءُ چڙهي ويو، سندن خيالن ۾ اها فطري رنگيني ڪانه رهي، نه انهن ۾ پرواز رهيو، ۽ نه پرواز ۾ بلندي رهي، مصنوعي خيال، غير فطري تشبيهون، ۽ عاريتاً ورتل الفاظ سندن ذهن ۽ عقل تي غالب پئجي ويا. هنن جڏهن شهري رنگ ۾ رنگجي غزل گوئي شروع ڪئي، تڏهن سندن حال به اهوئي ٿيو، جيڪو انهيءَ ڪانوَ جو ٿيو هو، جنهن هنس جي چال هلي، پنهنجي رفتار به وڃائي ڇڏي هئي.
در حقيقت سنڌ جي حقيقي شاعريءَ يا اسان جي مادري ٻوليءَ دهقانين جي وستين خواه وَسـَـنوَن ۾، ڳوٺن خواه ڳوٺاڻـِـن اوطاقن ۾، انهن جي ڪشادن اڱڻن ۽ وسيع ميدانن ۾، ڳوٺ جي وڻن هيٺ، انهن جي ٿڌين ڇانون منجهه راتين جي اونداهين خواه چانڊوڪين ۾، سانوڻ جي لـُـوهـُـنِ خواه لُڪن ۽ سياري جي ڄـَـرُن ۽ ڄائُون پارن ۾، چيٽ جي موسم خواه سرءُ جي مِٺين مندن ۾، ٻاهراڙيءَ جي ٻيلن خواه بيابانن ۾، ٿرن خواه برن ۾، جنڊ جي پاسي ۾، ڏڌ جي چاڏيءَ وٽ، کوهه جي نيسر وٽ، جوئر جي پوکن ۾ پيهي تي چڙهي کانڀاڻيءَ سان جهار هڪلڻ وقت، نؤ ورنين جي سينڌ سرمي ڪرڻ وقت، يا اورُن اورڻ مهل، شادين ۽ سکائن[23] ۾، سهرن ۽ لاڏن ڳائڻ وقت جَنم ورتو ۽ پرورش پاتي.
شهرن جون مجلسون ۽ محفلون، ادبي هجن خواه غير ادبي، مشاعرا هجن يا مناظرا، انهن سنڌ جي سچي پچي، مستحڪم ۽ پائيدار ادب کي پيدا ڪونه ڪيو. شهر وارن جون سڀئي ڳالهيون راند هيون، سندن مشاعرا ۽ مجلسون محض بازيگري هئي، گويا غير سنڌي شاعريءَ ۾ فقط غير سنڌي لفظن، محاورن، تشبيهن ۽ استعارن جي ڀرمار! ادب ۾ انهن جيڪا ڪوڏر هئين، سا اجها اها جو اسان جي زبان جو حسب نسب وڃائي، ان ۾ ڪيئي قط وجهي ڇڏيائون. پر ان ۾ جيڪڏهن ڏسبو ته هنن جو به قصور ڪونه نظر ايندو. خدا جون سڀئي نازل ڪيل نعمتون ۽ عطا ڪيل عنايتون ڳوٺاڻن کي نصيب هيون، خدا جي قدرت ۽ ڪائنات تي دهقانين جو قبضو هو، چٽين چانڊوڪين تي، چوڏهينءَ جي چنڊ تي، آسمان تي، ستارن جي باغ ۽ بستان تي، ڪتين ۽ ٽيڙن جي محفل تي، باک ڦٽيءَ جي مٺيءَ تنوار تي، ۽ ڏکڻ جي ٿڌيءَ هير تي، اتر جي تند ۽ تيز هوا تي، اوڀر جي وائوندي ۽ اولهه جي واءُ تي، چاليهي جي لـُـڪن تي، ۽ برسات جي بهاريءَ ۽ بارش جي بوندن تي، ڪڪرن جي ڪارونڀار تي ۽ وڄن جي وڄڪار تي، سرنهن جي ڦڪي ڦولار تي، ۽ ان جي گلزاريءَ تي، ٺينگ ٽپا ڏيندڙ سهڻن نادر ۽ نفيس پوپٽن تي، ڀنڀورين ۽ ڀونئرن تي، رس چوسيندڙ ماکيءَ جي مکين ۽ مکـَـن تي، جهنگ جهر، جبل ۽ ٿر تي،قدرتي بهاريءَ ۽ گلزاريءَ تي، صحتمند غذائن تي، ۽ صاف شفاف درياهن مان ڌوتل هوا تي- الغرض سموريءَ ڪائنات تي، ۽ ڪائنات جي هر لطيف ۽ حقيقي حـُـسن تي، حڪومت هر ڪاهيندڙ ڪڙمين ۽ ڪامـِـن جي هئي. تنهنڪري شهر جي محدود حلقي ۾ رهي غفونت آميز ۽ غلاظت ۾ ڀريل آب و هوا ۾ جيئندڙ ۽ ساه کڻندڙ اديبن ۽ شاعرن کي ڇا خبر ته سنڌ تي سنڌ جي پروردگار جون ڪهڙيون ڪهڙيون نعمتون نازل آهن، جن مان هو به پنهنجي نثر لاءِ ۽ پنهنجي شاعريءَ لاءِ هر قسم جو مواد ڪٺو ڪري سگهن ٿا. هير تنوار ۽ هوا، ڏکڻ ۽ اُتر، اولهه ۽ اوڀر اسان وٽ به آهي- پوءِ ٻين جي ديوانن مان بادصبا جو نالو ڇو پيا چورائـِـن؟ ايراني ذهن جي خلقيل بادصبا کي سنڌ ۾ ڪير سمجهي سگهندو! ڪانوَ غريب تي شهرن جي هماهميءَ ۾ رهندڙ غزل گوين جي ڪٿي نظر پوندي، جو هو کيس نياپا ڏيڻ ۽ پيغام پهچائڻ ۾ کانئس مدد وٺن! هنن ته فارسيءَ ۾ يا اردوءَ ۾ قاصد کي محبوب ڏي ويندي ڏٺو، جهٽ کڻي ان جي دامن پڪڙيائون. ڪتين ۽ ٽيڙن تائين سندن تخيل ڇو وڃي، جڏهن ته بجلين جي روشنيءَ ۾ هنن جي نور وڃايل نيڻن انهن جي ڪڏهن زيارت ئي ڪانه ڪئي. ڊالڊا گيهه کائيندڙن کي مکڻ ڪٿي ملي، جو هو معشوق کي ان سان تشبيهه ڏئي سگهن. کير هنن کاڌو ئي ڪونه، ته هو ڏندن جي سفيديءَ جو ان سان مقابلو ڪيئن ڪندا!
اهو ئي سبب آهي، جو جڏهن شهر جي شاعرن شعر چوڻ شروع ڪيو، ته هنن ڪافيءَ ۽ ڪافيءَ جي زبان تي قدرت ۽ قبضو ڪونه ڏٺو- تنهنڪري يڪدم کڻي غزل جي دامن جهليائون، ۽ شاعري ڪندي اردو ديوانن منجهان فارسيءَ جون غير معروف ۽ عجيب و غريب ترڪيبون ۽ تشبيهون کڻي، پنهنجي ريشم ۾ بافتي جي چتي ٽنبي ويٺا. جن ڪافيون ۽ ڏوهيڙا ٺاهيا، انهن جي اڳيان قدرت جي وسيع ڪائنات حد نظر کان به اڳتي تائين کلي پئي هئي، جنهن جي ذري پرزي مان هنن نتيجا ڪڍيا، ۽ انهن مان فائدو ورتائون، پنهنجي ڪلام کي هنن انهن تشبيهن سان سنواريو، جيڪي هرهڪ جون ڏٺل وائٺل هيون ۽ انهن جي نزاڪت ۽ سهڻائيءَ جو سڀڪو ڄاڻو هو. تنهنڪري هرڪنهن کي ڪلام ٻڌندي لذت پئي آئي، روح جي ريجهه پئي ٿي، ۽ دل کي راحت ٿي رسي، سڀ شيءِ سندن ڏٺل جو هئي، پاڻ هر تلميح، استعاري ۽ لفظ مان واقفڪار جو هئا! جيڪو ڏٺل ڳالهه مزو ڏيندي، اها چـَـسَ ان شيءِ مان ڪٿي ايندي، جيڪا هـِـنن اکين ڪڏهن ڏٺي ئي ڪانه هوندي؟

* * *

قاصد آيو ڪونڪو، ڪونه لکيائون خط،
جيڪس هيس ڪينڪي، ريگستانـِـن رت،
پنهوارن پاهـَـتُ، تيلهان مون سان نه رکيو.
----
قاصد آيو ڪونه، ريگستاني راڄ ڏَهـُـون-
جو تو مون کي تارِ ڪيو، سومرا ۾ سون!
مارن منهنجي روح جو، هُت هَي هَي پتو هون-
ڇيهون هتي ڇو نه، ٿيان اهڙن عتابن سان!

ليڪن سنڌي ادب جو اهو قاصد اور نموني جو آهي، ايراني يا سنڌ جي غزل گو شاعرن وارو قاصد نهايت عامي ۽ سطحي ٿئي ٿو؛ هتي قاصد اهو ٿئي ٿو، جنهن ساٿ ۽ سنگت ۾ سڄي عمر گذاري هجي، ۽ ڪانگل جهڙو وفادار ۽ رازن جو رکپال هجي. انهيءَ ڪري ئي کيس ’ساٿيءَ‘ جي لقب سان ياد ڪيو ويو آهي:

آڳيئون مـُـحب مـَـٺـِـي، متان ڪا منهنجي ڪـَـرين،
وِهندو وَرُ وٺي، ساٿي خبر کـِـيئن جي.

----
سوز ڀري سـِـٽ جا هـُـئـِـي، ساٿـِـي ڪين سـِـکيو؛
ته متان ڏئـِـي لـَـهس لـِـکيو، جو پڻ مـُـڪو سڄڻين.

۽ کيس ’پانڌي‘ به سڏيو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو اهوئي ساٿي جڏهن پبڪن وٽان خطي پيغام يا پرين سندي پار کان نينهن سندا ناما کڻي ايندو هو، تڏهن ان کي ”پانڌي“ (پنڌ ايندڙ) چوندا هئا. جيئن سچل چوي ٿو:

پانڌي پهچائي، ورُ عريضو عجيب ڏي؛
قاصد ڪونچائي، متان سورَ وجهين ساهه کي.
----
ليلائيندو آئيو، پانڌي اڄ پَراءِ،
ورتس درد ڌُراءِ، جو مت وڃائي آئِيو.
----
وڃي ڏيهه ڏٺو، ڪي تو سندو سڄڻين!
چڱيءَ طرح چـِـٺو، پانڌي ڏنئه پرينءَ کي؟
----
اهو ٻانڌي عاشق جو ايترو همدرد ۽ قربائتو ٿيندو هو، جو خط ۾ لکيل مذڪور تي خود پاڻ به روئي ويهندو هو، جهڙيءَ طرح هن بيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي:
وٺي هليو خط، پانڌي پار پرينءَ جي؛
روئي روئي رتُ، تنهن هلندي حال وڃائيو.
----
ڪانگل جتوڻيڪ نياپن سنيهن، ڳجهه اندر جي ڳالـِـهن، راز ۽ رمز وارن پيغامن لاءِ مخصوص هو، تاهم ڪڏهن کانئس نامہ بريءَ جو به ڪم ورتو ويو آهي:

لوڏيندي لامون، ڏاهو ڏار چڙهيو چوي،
’آندو اٿم پاڻ سان، نينهن ڀريو نامو،
تـُـوڏي ساريو سڄڻان، ڪـَـيم راتيان روانو،
پـُـڙهي پروانو، مون کي جلد جواب ڏي!‘
----
اِتي کيس ’ڏاهو‘ سڏيو ويو آهي، يعني ايڏو عقلمند ۽ سياڻو، جو جيڪو نامو آڻي ٿو، ان کي به نياپن ۽ زباني سنيهن وانگر لڪائي ۽ ڇـُـپائي ٿو.
مير عبدالحسين سانگيءَ ۽ گدا شاهه اردو ديوانن کي پڙهي، سنڌ ۾ غزل گوئيءَ جي جيڪا بدعت وڌي، ان ۾ مير صاحب ته وري به گهڻيءَ حد تائين نباهي وڃي مٿي چڙهيو، ليڪن گداشاهه وچ ۾ گپي بيهي رهيو. مير صاحب هڪ ته شڪار جو شوقين هو. گهڻو وقت ٻاهراڙيءَ، جهنگ جبل، ٿر ۽ بر ۾ گذاريندو هو. ٿر جي گاهن جون گلزاريون، ملير تي، مينهن پوڻ جا نطارا، ماروئڙن جا ڏُٿَ ۽ ڏئونرا، پيرون ۽ پـُـسيون، جهوپا ۽ پکا، سڀ سندس نظر مان گذريا هئا. ٻاهراڙيءَ جي خالص زبان، ان جا محاورا ۽ مثال، چوڻيون ۽ تشبيهون کيس معلوم هيون. شاهه لطيف جو، هو مرحوم سخت معتقد هو، سندس سوانح نگار به هو ۽ سندس رسالي جو گهرو مطالعو به ڪيو هئائين، تنهنڪري شاهه جي زبان ۽ شاهه جي ترڪيبن، لفظن ۽ خيالن مان واقف هو- اهوئي سبب آهي، جو هن نه ڇڙو ڪافيون چيون بلڪه خود غزل کي به سنڌ جي زندگيءَ سان هم آهنگ ڪري، هن ان کي خالص سنڌي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو. سندس غزل ۾ اهي سڀئي نزاڪتون، نفاستون، خوبيون ۽ خصوصيتون موجود آهن، جيڪي ڪافيءَ يا ڏوهيڙي ۾ ٿي سگهن ٿيون. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ۽ ڪاڪي مرحوم ڄيٺمل پرسرام تي به شاهه جو ئي ته اثر پيل هو! هنن شاهه جي ئي ته زبان ۾ ويهي سڀ ڪجهه لکيو. انهيءَ ڪري سندن نثر ۾ هڪ آهنگ ۽ نغمو موجود آهي، ڄڻ هنن نثر ۾ ويهي شاعري ڪئي آهي، اسان کي تڏهن ته سندن هرڪا شيءِ پئي ماکيءَ جهڙي مٺي لڳي!

* * *

مير ”سانگيءَ“ جي مقابلي ۾ غلام محمد شاهه ”گدا“ جو گذر فقط شهر سان هو. ڪڏهن هن جي اکين سنڌ جي وسيع مملڪت جي سونهن ۽ سوڀيا ڪانه ڏٺي هئي، سنڌ جون نه هن مارئيون ڏٺيون، نه انهن جو ملير ڏٺو هئائين، تنهنڪري جڏهن هو معشوق جي سراپا بيان ڪرڻ ويٺو، تڏهن سندس اکين ۾ ايراني معشوق يا اردو لونڊي جو تصور تري آيو، ۽ هن سڀئي وصفان ان جون ويهي بيان ڪيون. ڇاڪاڻ ته پنهنجي زبان تي قدرت نه هجڻ سبب وٽس لفظن، تشبيهن ۽ استعارن جو ايترو ذخيرو ڪونه هو، تنهنڪري انهن اوصافن بيان ڪندي هن فارسيءَ جي غير مانوس ۽ اَڻسونهن لفظن کي وچ ۾ آڻي، اسان جي سٻاجهيءَ سنڌيءَ جو ڪچومر ڪري ڇڏيو آهي. چوي ٿو:

عشوو ۽ ڪرشمو ۽ تبسم ۽ تختر،
هي حسن جي سرڪار جو سامان نه چوان ڇو!

عشوو، ڪرشمو، تبسم ته خير اسان کي شايد هضم به ٿي وڃي، ليڪن اهو ”تختر“ ڪهڙي بلا آهي، جنهن کي خود فارسيءَ وارن به غزل ۾ استعمال ڪرڻ کان هميشہ پرهيز ڪئي هوندي؟ انهيءَ ئي غزل ۾ قد کي سروخرامان، وارن کي ڪاڪل ۽ سنبل پيچان، زلف ۽ شام غريبان، ڳلن کي عارض ۽ صبح درخشان، رخسار ۽ خط ريحان، غمزي کي رهزنِ ايمان، اکين کي چشم آهو ۽ نرگس، ڳوڙهن کي قاطرهِّ اشڪ، لؤلوءِ لالا ۽ غيرت نيسان چيو ويو آهي. هڪ بيت ۾ فرمائي ٿو:

خط خضريش عيسيِّ دوران نه چوان ڇو!
دلبر جو دهن چشمئه حيوان نه چوان ڇو!

انهيءَ ’خط خضريش‘ جي معنيٰ ممڪن آهي بورڊ وارا سمجهندا هجن، جن سندس ديوان ڇپايو آهي، باقي اسان پارن عامن جي سمجهه کان ته بلڪل بالا آهي. انهيءَ ساڳئي غزل ۾ رعايت لفظيءَ جو ههڙو اگرو مثال به موجود آهي:

هڪ پرده نشين يار، لٽي منهنجي ويو دل،
هن راز نهاني کي آءٌ پنهان نه چوان ڇو؟

سـَـڪتي سان گڏ ان شعر ۾ ڇاڪاڻ ته پرده نشين جو ذڪر آيل آهي، تنهنڪري محض رعايت لفظيءَ جي استادي ڏيکارڻ لاءِ گدا شاهه ”راز نهاني“ ۽ ”پنهان“ جا لفظ ٽنبيا. اهو ته شڪر ڪرڻ گهرجي، جو ”اندام“ طرف سندس توجه نه ويو، ورنه رعايت لفظيءَ جي شوق ۾ خدا ڄاڻي ڇا جو ڇا چئي ويهي ها. سواءِ لفظي بازيگريءَ جي ان بيت جي ٻي ڪهڙي معنيٰ ٿي سگهي ٿي؟ هيٺئين بيت ۾ به رعايت لفظيءَ جو نهايت اگرو نمونو آيل آهي:

راز مخفيءَ کي ٿو ڪريان، پڌرو،
يار اغيار کان نهان آيو.

”نهان“ ۽ ”مخفيءَ“ جي رعايت سبب کيس ”پڌرو“ جو، غير مناسب قبيلي ۾ سنڌي اکر آڻڻو پيو.

هڪ ٻئي غزل جي سنڌي ڏسڻ وٽان آهي:

آتشين رخسار جنهن دم دوست دلبر ٿو ڏسان،
مرغ دل کي رشڪ افزاي سمندر ٿيو ڏسان.

آتشين رخسار، مرغ دل، رشڪ افزاي سمندر- قسم کڻايو سنڌين کان، جي اِنهن اکرن جو مفهوم سمجهي سگهن! انهيءَ غزل ۾ هي ترڪيبون ۽ لفظ به آهن: لعل لب، ياقوت احمر، شرمگين، هماي دل، سرو قمري، قصرو ڪاخ،اجلاف، شاهبازِ اوج عرفان، بوترابي، ازگوگرد احمر، آفتاب عالم آرا.

انهيءَ ئي غزل جو هڪ شعر آهي:

هڪڙي هنڌ باهم ڏسان تڏ ڪئن نه آءٌ شام و سحر،
عارضِ جانان تي جڏ زلف معنبر ٿو ڏسان.

”تَڏِ“ کي تـَـڏَ ڏئي، جنهن نموني ”جَڏِ“ کي آندو ويو آهي، ان تي کڻي چشم پوشي به ڪجي، تاهم شعر ۽ بيان ڪيل خيال يا نقشو ڪٿي وساري سگهجي ٿو! فارسيءَ وارن جي اها دور از قياس تشبيهه، جيڪا پوءِ اردوءَ وارن ورتي، سا سنڌي غريب ڪٿان سمجهي سگهندا؟ زلف معنبر جڏهن عارض جانان تي پيا، تڏهن ڄڻ شام ۽ سحر باهم ٿي ويا! مختلف زبانن ۾ ساڳيو اِهو خيال آندو ويو آهي ۽ پائمال مضمون ٿي چڪو آهي[1].

ٻيو شعر آهي:

سر خروئي رنج ڌاران ڪين ٿي حاصل ٿئي،
درميانِ خارها آءٌ ورد احمر ٿو ڏسان.

انهيءَ زير اضافت واري ”درميانِ خارها“ ۾ ”ورد احمر“ جو هجڻ ايندو سنڌين جي سمجهه ۾؟ جيڪڏهن سچ پچ هيءَ شاعري سنڌين جي سمجهه ۽ سڀاءَ کان اوپري ۽ اُکڙيل شاعري آهي، ته پوءِ گدا شاهه اها تڪليف ڪنهن کي ٻڌائڻ لاءِ ڪئي آهي؟ هن شعر جي چوڻ جي کيس ڪهڙي ضرورت هئي!

جڏ شڪم ٿو پـُـر ٿئي، ڀانيان ٿو جنت ٿي نصيب،
جي لڳي اڃ بک، ته ان دم روز محشر ٿو ڏسان.

ڪربلا ۾ ڪُسندڙ بکئي ۽ پياسي حسين رضه جي هن چشم وچراغ مريدن جي مانين تي اهڙو ته پاڻ کي البيلو ڪيو هو، جو ”جي پيٽ ۾ لُلُ ته ڳوٺ ۾ هـُـل“ ۽ جي گهڙي کن ماني نه ملي ته واءِ ويلا، جنسي محشر مچي ويو، ڄڻ گدا شاهه لاءِ ڪاري قيام اچي ويئي! اهو سنڌ جي ڪنهن پينو سيد جو ئي شان آهي، جنهن جي سڄيءَ زندگيءَ جو گذربسر مفت جي مانيءَ ۽ حرام جي ٽڪرن تي ٿيندو رهيو هجي. هي بيت به انهيءَ سلسلي جو آهي:

اي مهوس پاڻ کي ڪُشته ڪري اڪسير ڪر،
شڪل گل صد چاڪ ٿيندو، طالب زر ٿو ڏسان.

سواءِ هن جي ته ان ۾ چند فارسي اکر آندل آهن، نه ته هونءَ شعر ۾ ڪهڙي شعريت يا معنيٰ مطلب آهي؟

رعايت لفظيءَ جو هي هڪ ٻيو به فضول نمونو ڏسو:

ٻيون ڇا ڪندس هزار هجن جي، ڪي چاشنيون،
شيرين لبن جي لب جون گهران هر گهڙيءَ چميون.

ڀانيان ٿو شاعر ڪنهن مريد جي گهر ۾ چاشني کائي ۽ مريدياڻيءَ جي تصور ۾ چيو آهي، ورنه جن اسان جي شاعرن ڪڏهن چاشني ڪانه ڏٺي آهي، تن جي اخلاق ۽ اطوارن جي قاعدن هيٺ معشوق جي چميءَ جو برملا ذڪر ڪرڻ ”ڪاري ڪاريءَ“ جي خطا ڪاريءَ جيترو ڏوهه سمجهه ۾ اچي ٿو. انهيءَ تي غزل ۾ هي لفظ ۽ تشبيهون پڻ آهن- ماهِ لقا هم ڪنار پستان انار ۽ نارنگيون، روي يار ۽ حلب کان ايندڙ آرسيون، خبط الحواس، آئينه رو، وغيره وغيره. سنڌي شاعرن نه پنهنجي معشوق جي پستانن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ نه محبوبن جي چپن تي چمين ڏيڻ جو وٽن مذڪور آيو آهي. سنڌ جا عاشق ته فقط عشق کي چـُـمي سر تي چائيندا آهن. ازان سواءِ ڪهڙي سنڌيءَ آئينن جو واپار حلب سان ڪيو، جو کيس مٿئين مثال جي پروڙ پوندي.

هڪ ٻيو بيت آهي:

گوشِ گل، چشم نرگسِ شهلا،
رنگِ رخسار، رشڪ برگِ سمن.

اهو فارسي غزل جو شعر نه آهي، بلڪ گدا شاهه جي سنڌي ڪلام ۾ هڪ بيت آهي! هي ٻه بيت به ڏسندا:

قلب شت اقبال جو ڄاڻن نٿا،
فخر ڪن فخار ٿا املاڪ تي.
----
زال دنيا مرد ممسڪ جي مطيع،
قرب قحبه ٿي ڪري امساڪ تي.

اها به گدا شاهه جي نازڪ خيالي ۽ تخيل جي بلند پروازي آهي. خير، گدا شاهه سائين ته پاڻ سموري مامري جو مالڪ هو، پر سنڌي ادبي بورڊ، جيڪو سندس ديوان کي مـُـرتب ڏنو آهي، سو به اهڙو افلاطون آهي، جو خود مالڪ کان به ٻه وکان وڌيڪ پيو وجهي- ڏاچي ڏهه ته توڏي پئي تيرنهه هڻي. ”ممسڪ“ جي معنيٰ ”امساڪ“ ۽ ”امساڪ“ جو مطلب لکي ٿو: ”مڙساڻي طاقت جون گوليون[2] استعمال ڪندڙ“. ساڳئي ئي هنڌ ”امساڪ“ جي ٻي معنيٰ ڪري ٿو: ”مڙساڻي طاقت جون گوليون.“ خبر نه آهي کيس انهن گورين جي خبر ڪٿان پَئي؟
گدا شاهه نه فقط لفظ اُڌارا ورتا آهن، بلڪ پنهنجي شاعري لاءِ سمورا تصورات به ڌُريان ئي ڌارين وٽان آندا آهن، مورؤن ئي اغيارن منجهان گڏ ڪيا آهن. چوي ٿو:

خواه مخواه مون سان ٿا کريل کونسن،
ڪينءَ ڪريان آءٌ رُلين رقيبن کي.

----

دلربا مون سا هم بغل آهي،
اڄ ته اغيار جو اجل آهي.

رقيب ۽ اغيار فارسي ۽ اردو شاعريءَ جا قبيح ڪردار آهن. ٻنهي زبانن جي شاعرن وٽ معشوق جو جيڪو تصور آهي، سو پيشه ور طوائفن جو، يا انهيءَ بازاري محبوب جو، جيڪو چـَـگهـَـن جا ولر ڪڍ لايون، وتندو آهي گهٽ ۽ گهير گهمندو. فارسيءَ جي انهيءَ روايتي معشوق جي تصور کان خود امير خسرو جهڙو بر گزيدو ۽ باخدا شاعر به ڇٽي ڪونه سگهيو آهي. پنهنجي هرجائي معشوق تي طنز ڪندي چوي ٿو:

تو شبينہ مي نمائي، به بري که بودي اِمشب؟
که هنوز چشم مستت اثري خمار دارد!

’ڪهڙي رقيب جي ڀاڪر ۾ ويهي سڄي رات شراب پيتو اٿئي؟ هن وقت تائين پيو اوجاڳيلُ نظر اچين ۽ اکيون اڃا تائين خمار ۾ ڳاڙهيون جنسي رت پيون لڳنئي؟‘

سنڌي شاعرن وٽ معشوق جو تصور نهايت ارفع ۽ اعليٰ هو، رقيب، اغيار، خواهه ڌارئي ماڻهوءَ جو خالي گمان رکڻ به ڪردار ۽ سيرت تي ايڏو داغ هو، جو سنڌ ۾ ان جي سزا فقط موت هئي. سنڌ جو محبوب يا ته مڙس هو، يا زال يا مڱيندي، يا اها عورت اهو مرد جن جي مابين شادي ٿيڻ لازمي هئي. سنڌ جي عاشق جا ڪي رقيب هئا ته فقط اهي ڏير، جن پنهونءَ کي کڻي وڃي ڪيچ پهچايو، يا اهي کارو کبڙ، جيڪي ڇڙو نسهائپ ڪري فطري تنگدليءَ سبب ٻن جو گڏجڻ پسند نه ڪندا هئا، پيا سوسڙيون دکائيندا هئا، ۽ ڪـَـنَ ڳالهيون ڪري پيا عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ ڪوڙن جا ڪوٽ ڪڍندا هئا. اِنهيءَ کان سواءِ هنن جو ٻيو ڪوبه غرض ۽ غايت ڪونه هو ته ٻـَـئي ڌريون جيئن هڪٻئي کان ڌار ٿي وڃن، ۽ انهيءَ کي چئبو هو ”ڏيهه جي ڏنگائي“. جيئن هڪ ڪافيءَ جي مصرعي ۾ عاشق نهايت لطيف پهلو ڪڍي، ان کي بيان ڪيو آهي:

پرين هجن پاڻ سنوان، سچ ٿي چوان،
ڇا ڪنديون ڏيهه جون ته ڏنگايون
پرين هجن...

ڏنگاين ڪندڙ ڏيهه جو تفصيل ”سچوءَ“ هن ريت ڏنو آهي:

ريجهي روح رانجهي سان، کيڙو کپڙتالُ،
وَڍيون وجهي وچ ۾، چوچڪ ڏس چنڊالُ،
مادر مهڻا ڏئي جهجها، جهيڙي جهنگ سيالُ،
مٺو مون مهوال، مون کان مور نه وسري.

اغيار جو تصور جنهن صورت ۾ اسان وٽ ڪونه هو، تنهنڪري جڏهن محبوب اچڻ لاءِ انجامي هوندو هو، ته عاشق کي ان تي پورو يقين ٿيندو هو، ۽ غالب وانگر:

تيري واعدي په جئــي هم، ميري جان جوٺ جانا،
ڪه خوشي ســي مر نه جاتــي، اگر اعتبار هوتا!

سنڌ جي عاشق وٽ محبوب جي واعدي تي بي اعتباري ڪرڻ جو ڪو سوال ئي پيدا ڪونه ٿيندو هو، ۽ نه اچڻ جي يقين ٿيڻ تي عاشق کي مرڻ جو ئي خطرو هوندو هو. سنڌ جي سهڻيءَ جو مثال اسان جي سامهون آهي، نه ڪڪرن جي ڪارونڀار کيس روڪيو، نه بادلن جي برسڻ ۽ کنوڻن جي کـِـجـَـڻ سندس دڳ جهليو، نه ڪاريءَ رات جي دهشت ۽ اوندهه انڌوڪار کيس پليو، نه نـَـدين ۽ نالن جي واهو ندي ۽ وهڪري سندس راهه روڪي، ۽ نه درياهه جا ڌڌڪا ۽ لهرن جا لـُـڙَ هن جي عزم، ارادي، پيمان ۽ واعدي جي آڏو اچي سگهيا. اوستائين هوءَ برابر ميهار سان ملندي ۽ ملاقات ڪندي رهي، جيسين وڃي ڏيهه ساڻس ڏنگائي ڪئي، ۽ سـَـچُ ڪڍي ڪـَـچُ رکيائون، جنهن بعد به پٺتي موٽڻ ۽ واعدي تان هٽڻ هن مانائتيءَ پنهنجو مـَـرَڪ نه سمجهيو. دوست تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندي نيٺ هن پاڻ لهرن ۾ لوڙهي، عشق ۽ محبت جي دنيا ۾ واعدي کي، عهد ۽ پيمان کي ازسرنو معنيٰ ۽ مفهوم عطا ڪيو، ۽ انهن کي پاڪيزگي ۽ بلندي ڏئي ڇڏي- حالانڪ اردو ۽ فارسيءَ جي معشوق اغيارن جي آڌار تي صدين کان انهن لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم کي غارت ڪري ڇڏيو آهي.
مٿيون مثال ته اسان نموني لاءِ فقط هڪ غزل گو جو ڏنو آهي، جنهن تي سنڌيءَ ۾ شاعري ڪرڻ جي شايد تهمت ۽ الزام لڳل آهي. ليڪن سنڌ جي ٻين گونزل گوين[3] (غزل گوين) جي بياضن ۽ ديوانن کي جيڪڏهن اٿلائبو، ته گهڻن جا حال هڪجهڙا نظر ايندا- سواءِ انهن چند استادن جي، جن سنڌي زبان ۾ ان جي مزاج ۽ متعلقات جو چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو آهي، ۽ جن کي سنڌي اکرن جي مفهوم ۽ محل استعمال جي پوري پروڙ آهي، ۽ کين پنهنجي زبان تي هر طرح قدرت ۽ قبضو حاصل آهي. مثلاً موجودهه دؤر ۾ مسافر، ملاح، گدائي، طالب موليٰ اياز ۽ نياز جهڙا شاعر، يا خود اسان جو مرحوم ”نياز“ لاڙڪاڻوي، جنهن سنڌي ادب جي سموري اثاثي ۽ ورثي جو چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو هو، ۽ ڪافيءَ مٿان قدرت هجڻ سان گڏ، هن جو غزل به گهڻو ڪري انهن خيالن، اشارن ۽ ڪنابن جو آئينه دار آهي، جيڪي هو ڪافين ۾ آڻيندو هو.

* * *

مٿئين بيان مان هروڀرو ائين سمجهڻ نه کپي ته ڪو آءٌ ذاتي طرح غزل خواهه نظر جي صنف جو منڪر آهيان. منهنجو اعتراض ته محض انهن ”گونزل گو“ شاعرن تي آهي، جيڪي پنهنجي ماحول، پنهنجي ڪائنات ۽ پنهنجي زبان جي سموري وسعت ۽ گيرائيءَ کان بي خبر ۽ بي بهرو ٿي، فقط فارسي ۽ اردو شاعرن جا ويٺا ويچارا ڪڍن، جيڪڏهن هو غزل کي به سنڌي پوشاڪون پهرائن، ۽ سنڌي ماحول منجهان ان کي ڏيب ۽ ڏيوڻ ڏين، ته نه ڇڙو سندن اِهي ادبي خدمتون مستحڪم ۽ پائيدار ٿي پون، بلڪ هو پنهنجن ۾ به سرخرو ٿين ۽ سندن سمورن محنتن ۽ مشقتن جو به هوند لايو سجايو ٿي وڃي.
غزل گو شاعرن کي ڌاريا لفظ اهي ڪتب آڻڻ کپن، جيڪي يا ته سنڌي زبان ۾ پيهي ويا آهن، يا اهي جيڪي غير معروف ۽ غريب نه هجن. سنڌي مثال، سنڌي استعارا، ۽ سنڌي تشبيهون سندن غزل ۽ نظم جو سينگار هجڻ گهرجن. پنهنجن قصن ۽ ڪهاڻين، پنهنجن باغن ۽ بهارن، پنهنجن گلن ۽ ٻوٽن، پنهنجن وائوندن ۽ وائن، پنهنجن ڀٽن ۽ ڀونگن، ٿرن ۽ مليرن مان کين مواد ۽ مثال ڪٺا ڪرڻ جڳائن. پرائي ڀـَـتَ تي سڏ ڏيڻ مان ڪهڙو فائدو، ٻين جي ٻوڙ تي اٽي ٻڌڻ ۾ ڪهڙي عزت، ڪهڙو شان يا مانُ آهي؟ جيڪڏهن هروڀرو فارسي ۽ اردوءَ جي تتبع تي اک ۽ مک مارڻي آهي، ته پوءِ ماڻهو نقل ڇڏي اصل ڇونه پڙهن، جسم ڇڏي پاڇي ڏي ڇو ڀڄن؟ جڏهن عاج ملي ٿو، ته ڪافور کي ڇو ڪتب آڻـِـن؟ جڏهن اسان کي ساڳئي ئي دؤر ۾ ٺٽي جي ميان غلام علي[4] سبز پوش جهڙا شاعر ملن ته پوءِ ”گدا“ اڳيان گداگري ڇو ڪيون؟ آخر هي به ته انهيءَ ئي زماني جي غزلن ۽ نظمن جا اشعار آهن:-

وري اڄ دوست دلـبر يـاد آيم،
وري اڄ روز محشر يـاد آيم.

وري اڄ سڀ وسـاريم دين و ايمان،
وري اڄ شـوخ ڪـافر ياد آيم.

ڏسي چشمن سان هن چشمن جو اسباب،
تـرار ۽ تير و خنجـر يـاد آيم.

----

هلي اي دل! ويل دلدار کي ڏس،
هيئن سين هن هيئين جي هار کي ڏس.

ڪري پنڌ پلڪ سين، اکڙيون اداسي،
کڻي ان نور نيڻن ٺار کي ڏس.

ســـــدائين مثــل بلبـــــــــل جي اڏامي،
مٺي محبوب گلرخسـار کي ڏس.

عرب تابع، عجم محڪوم جنهن جو،
انهيءَ سـرور مٺي سردار کي ڏس.

فارسيءَ جا اهي اکر ڪتب آندا ويا آهن، جيڪي يا ته سنڌيءَ ۾ مشهور ۽ معروف آهن، يا ته خود اسان جي زبان جو جزو بڻجي چڪا آهن.
هيٺيون غزل به جيتوڻيڪ فارسيءَ جي زمين ۾ چيو ويو آهي، تڏهن به اُن ۾ سنڌي چوڻيءَ ۽ زبان پنهنجو نه ميٺاج وڃايو آهي ۽ نه اثر زائل ڪيو آهي:

تنهنجي مـُـنهن کان گلستان يـاد آيم،
تنهنجي لب کان بد خشان ياد آيم.

تنهنجي هن نوڪ نيڻن جي ڏسڻ کان،
بَدَل چشمِ غزالان يـاد آيم.

ڏٺم چمڪاٽ سج جهڙن ڳلن جــــــــــو،
تجلي مــــــــاه تابان يـــــاد آيـــــــــم.

شرابِ شوق مان پيتم جڏهن جـــــــام،
ته مــــجنون ۽ بيابــــــان يــاد آيم.

برهـــــه جــــو بحر بيــحــــد بيــــڪنـاري
ڏٺــــــم ۽ نـــــوح طــــــوفان ياد آيم.

جـــــــدائيءَ ۾ تڏهن نت رت رنو مون،
جــــــو وقت وصــــلِ يــــاران ياد آيم.

”نيڻن جي نوڪ“ ۽ ”جدائيءَ ۾ نت رت روئڻ“ نج سنڌي تصورات آهن.
هيٺين غزلن جو، ڪجهه لفظن ۽ ڪن قافين کان سواءِ، باقي سڄو ساز سامان سنڌي آهي:-

بهار آيو، ويو سڀ وقت دي[5] جـــو،
اچي ساقي ڀري ڏي جــــام مئي جو.
جگر جيرا جليا، ۽ جيءَ ڪيا جـــوش،
سڻين آواز اڄ جـان ســـوز نئي جو.
گدا تنهنجــو نه آڻـي تــــــــا قيــــامــت،
نظـر ۾ تخت هـُـنَ ڪـائوس وڪئي جو.
غرض، ڪهڙو ڪرڻ احوال دل عــرض،
تون واقف سڀ ۽ مالڪ ڪل شيءِ جو.
سگهو مون ڏانهن موڪل ”مرتضائي“،
جواب هـِـنَ غزل تون، فــرخنده پئي جو.
عليءَ کي باغ ۾، منجهه فصل گل جي،
اچي ســــــاقي ڀري ڏي جـــام مئي جو.

----
درد ڪئي منزل مٿم، بيداد پڻ اَندو هجـــوم،
داد رس داريــــــن جـا، ڪر غور هن فرياد جــو.
غم سندم غمخوار ٿيو، ۽ درد ٿيو همدم سندم،
شــــــــاد ڪر سينو اچي، شاديءَ منجهان ناشاد جو.

----
جيئن جاسين، سدا هُل عشق جي راهه،
ڪـنـان واريءَ ونـدر جي، ٿءُ مَ گمراهه.
نه زاريءَ جي، نه زوريءَ جي، نه زرجـــي،
مـنهنجي مـحبوب کي پـرواهه! پرواهه![6]
الاهــي! شل اڱڻ اڄ يار ايندوم،
ٻــــڌم اغيـــار کان مــون رات افواهه.

----
سٺو سيد، سچو سرور ســــــــــونهارو،
سڳورو، ڀـَـرَ جهلو، بهتر، ڀلارو،
سڀن ۾ سگهڀريو، ڪـُـل کان ڪرارو،
ڏٺم هڪ هوت همدم حسن وارو،
سڪي جنهن جي ڏسڻ لئه ڏيهه سارو.

نٿي ڄـــــــــــــاتم پرين پرڏيهه ويندو،
هتي مون کي عذابن ۾ ڇڏيندو،
وري، يارب! ڪڏهن سو ڏينهن ٿيندو،
اڱڻ آســــــــاوتيءَ جي شال ايندو،
سدا سهڻو پرين پارس پيارو.

ڇڏي مـــــون کي پرين پرڏيهه ۾ ويو،
اهڙي تن ريءَ گذارڻ ســان مون ٿيو،
ملڻ جو شل، مـُـنجي مون ڏي دلاسو،

اچي من ٺار مون وٽ شل، ته ان جو،
اسان جا نيڻ ڪن، نـِـتُ تن نظارو.

”عليءَ“ اهو محمد قاسم هالائيءَ جي غزل تي مخمس ٺاهيو آهي. زبان جي صفائيءَ ۽ اکرن جي ذريعي آندل جذبي کي محسوس ڪيو.

----

مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“ ٺٽي جو، فارسي گو شاعر گداشاهه جو دوست ۽ معاصر هئو. سندس وفات سنه 1317 هه ۾ ٿي. سنڌيءَ ۾ ”اداسي“ تخلص هـُـيس. هڪ سنڌي غزل کي عليءَ تضمين ڪندي چيو آهي:

اکيون گل، زلف سنبل، ڳل گلابي،
صنوبر قد سندن، منهه مــــــاهتابي،
مٿي پوشاڪ مخمــــل ڪيمخوابي،
سڄي صورت سپـِـرين خوب خاصي،
انهن جي خلق ۾ آيت خلاصي.

سدا حيران آهيان اِنَ عــــــــــجب ۾،
تنهنجا مشتاق هرجا مــــلڪ سڀ ۾!
نڪو همسر سندءِ عجم و عرب ۾،
عرب عاشق، عجم تنهنجي طلب ۾!
تنهنجو ثاني نه مڪراني نه لاسي!

اصل کان آهيان ڪوجهو ڪـُـماڻون،
ســـدائين درد سورن ۾ سماڻون،
گنهگار ۽ سراپـــــــا عيب هــــــــاڻون،
تو هيڻن جي حمايت، آءٌ نماڻون،
تون شافع شاهه محشر آءٌ ته عاصي.



جدائيءَ ۾ گهڻو سر تي سٺم بــار،
وري اي يــــــــار وارو وصل جو وار،
اچي گڏ ساڻ هن گوليءَ گهڙي گهار،

تون پيرل پاتشہ، آءٌ تنهنجو پينار،
تون مورت مير مرسل، آءٌ سنياسي.

----

ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي جو هڪ مسلسل فارسي غزل آهي:

تو اي مرغ چمن دل شاد مـــــــيڪن
بمرغان قفس هم ياد ميڪن

تو چون با گل نشيني، هم نگاهي
بـــــــدام افتادهِّ صياد ميڪن

تو چون بر شــاخ گل باشي نواسنج
بيادِ مــــــا دمي فرياد ميڪن

تـــــــو چون پرواز گيري در گلستان
زبـــــالِ بستہ من، ياد ميڪن

تغــــافــل چند، ســـروِ ســـرفــــراز
زبندم پـــــا بلطف آزاد ميڪن

انهيءَ کان متاثر ٿي، عليءَ هيٺيون نطم فارسي طرز تي چيو آهي، جنهن ۾ سڄو ٺاٺ سنڌي آهي:

پکيئڙا باغ جا وت دل ڪندو شاد،
پکي پڃرن سندا پڻ ڪر ڪڏهن ياد!

تون اِت خوش شاخ گل جيءَ تي تنوارين،
آهون زاري ڪري رويو پڪارين!

تون اِت طوطيءَ مثل کائين شڪرقند،
آءٌ هت صياد هٿ، پڃري ۾ پابند.

تون اِت شربت پيو، ٿئين مست مدهوش،
پيالو زهر جو هردم ڪريان نوش.

ڪريان هن حال جي ڇا شرح تحرير!
ڳچيءَ ۾ طوق، ۽ پيرن ۾ زنجير.

اڳي گڏ هوس گلشن ۾ اوان [7] ساڻ،
اوان جي نام تان، ٿي ٿيس فدا پاڻ.

اوان سين [8] هوس هم پرواز و هم راز،
او انسين هوس هم آغاز و انجام.

اوانسين گشت گلشن جا ڪيم ٿي،
به همجنسي، اوان سين دَمَ هـِـيم ٿي.

سراسر بند غم کان هوس آزاد،
چمن ۾ جيئن صنوبر و سرو آزاد.

* * *

قضا ڏس! همصفيرن کان ڪيم ڏور،
وڌس پڃري ٿيم سورن مٿي سور.

پيس پڃري، ٿيس گلزار کان ڌار،
ڀڳم ٻائون، [9] پٽيم پر ۽ ڇنم وار.

اڳي هوم آشيانون لامڪان تي،
اڏاڻس ٿي سدائين آسمان تي،

مٿانهون هوس، هر مـُـلڪ ۽ مـَـلڪ جي،
چڙهيس ٿي ڪـُـنگري تي، نہ فلڪ جي،

اڏامي لامڪان تي ٿي ڪيم رنگ،
جهليم ٿي نُہ فلڪ هڪ ٻانهه ۾ تنگ،

فرازِ آسمان جو، عرش هفتم،
هيم ٻاهن اڳيان ڪـَـر فرش هفتم،

اڏاڻس ٿي سڌو ”المنتهيٰ“ ٿي،
ڪيم ٿي فخر عنقا ۽ هما تي،

هيس جبريل سان گڏ گاهه بيگاهه
هئم روح الامين هر ويل همراه...

* * *

وڃان ڪاڏي، ڪريان ڪينءَ، ناه تدبير،
هڻي طعنان مٿي تدبير، تقدير.
مون کي تقدير ڪيو، ٻائون ڀڃي لنگ،
مگر هو لا مڪان جو عرصـہ تنگ.
بلنديءَ کان پنهنجي قسمت ڪيم پست،
جهلي صياد ڪيم پڃري ۾ پابست.
قضا ڏس همصفيرن کان ڪيو ڏور،
پيس پڃري، ٿيم سورن مٿي سور.
پيس پڃري، ٿيس گلشن ڪنان ڌار،
ڀڳم ٻائون، پـَـٽيم پر، ۽ ڇنم وار.
گلن تي نغمہ خوان هت هوس، هـُـن وير،
قفس ۾ آه زاري ٿو ڪريان هير [10].
اوان ڌاران ڳران پئو، نت پڪاريان،
هنجون هاريان، اندر جا ڳچ ڳاريان.
گهڙي مهنون ٿيم، مهنون ٿيم سال،
ڪريان ڪنهن ساڻ هيءُ حسرت ڀريو حال!
نڪو مونس، نڪو همدم، نه غمخوار،
نڪو ساٿي، نڪو پانڌي، نڪو يار.
مگر، باد صبا قاصد ٿئيم شال،
ڀلن جيئن ڀال، ايءَ مون سين ڪري ڀال!

* * *

صبا آ، اي رفيقِ دردمندان!
صبا آ، اي انيسِ مستمندان!
صبا، اڄ بيوطن جي وڃ وطن ۾،
سنيهڙو ڏي پکيڙن کي چمن ۾!
اکين سين پنڌ ڪري، پـَـلـِـڪـَـئون اُڏامي،
پکيئڙن چئو، چمن ۾ ٿي سلامي،
ڪري زاري، اکين مان آب واهي،
ادب ۽ عاجزيءَ سان سر نماهي،
نمائي سر، چـُـمج گلشن سندي خاڪ!
اندر ڪج، قلب پيشاني گـَـهي پاڪ!
سڻائج هي سندم حسرت ڀريو حال،
ڪري زاري سندم سب عرض احوال،
اوهين گلشن اندر کائو، کنڊون کير،
هو هُت پڃري اندر، پيرن ۾ زنجير،
وڻن ۾ ڏيهه جي پيا هـِـت وٺو واس،
هو هـُـت پرڏيهه ۾، پنهنجو ڪپي ماس،
وفا ۽ دوست داريءَ جو نه اي شرط،
غمن ۾ غمگساريءَ جو نه اي شرط،
اوان، هو بند ۾ هت، ڪيئن وساريو؟
وساريوَ ڇا، مگر خيرن سين ماريو!
اوان کي هو سدا ساري، نهاري،
اوان ريءَ جـَـرَ اکين مان جال هاري،
نه تن ۾ تاب، نيڻن ننڊ نه آهي،
سڄيون راتيون اکين مان آب واهي،
نه اڄ ۽ ڪالهه کان ابتر ٿيس حال،
اوان جي مـُـونهه کي سڪندي ٿيس سال،
”الهه لڳ بند غم جي کان ڇڏايوسين!
مبارڪ مـُـونهه جو جلوو پسايوس!
نٿس طاقت جدائيءَ جي سـَـهڻ جي،
رکي ٿو حـُـب اوان جي منهن پسڻ جي.“

* * *

الاهي ڪر اها پوري، سندم آس،
چمن جو، همصفيرن سان وٺان واس!
اکين مان جن کي ساري، رت رنم سال،
انن اکين سين، سي سانگي پسان شال!
پکيئڙن جو ٿيان هردم سلامي،
چمن جي چوطرف ڪريان غلامي!
”عليءَ“ جي آس ڪر پوري الاهي!
انن جي وچ ۾... [11]

* * *

ڪيترائي قصا ڪُٽي ورتاسون، ڪي ئي سور سلي وڌاسون، هاڻي هلو ته هلي مشاعري ڀيڙا ٿيون. قصو جتي ڇڏيو هوسين، اتان کڻون...! در حقيقت لاڙڪاڻي جا شاعر به ڇڙهي غزل گوئي ڪندا هئا، ڪافي ۽ ڏوهيڙو چوڻ يا ته کين ايندو ئي ڪونه هو يا وري ان کي فيشن جي خلاف سمجهندا هئا. تنهنڪري لاڙڪاڻي جو مشاعرو گويا غزل گوئيءَ جو اڏو هو [12].
شام ٿيندي، مرحوم علي محمد قادريءَ واريءَ اوطاق جي اڱڻ ۾ ڇڻڪار ڪري، موڙا ۽ ڪرسيون رکيون وينديون، هڪ ڪنڊ ۾ پاڻيءَ جا ٿڌا گهڙا ورانڊي مان ڪڍي، ٻاهر گهڙامجيءَ تي رکبا، ڀـِـڪَ ۾ ٻه ٽي گلاس به هوندا. جنهن کي گهربو سو پاڻ اٿي پاڻي اوتي پيئندو. نڪا چانهه، نڪو شربت ۽ نه پان، نه پيڪ نه پيڪدان. پان جو رواج سنڌ جي شهرن ۾ ڪونه هو، ڪراچيءَ ۾ البت مڪرانِن کي پوڻيان ڪوپ چانهه [13] مٿان پان چٻاڙيندي [14] ڏسبو هو. لاڙڪاڻي جي مشاعري ۾ تنهنڪري ڪنهن جي به وات مان پان جي گـِـگَ ڪانه ڳڙندي هئي. هرڪو صاف ۽ پاڪ، نهايت شستگيءَ ۽ شائستگيءَ سان اچي ويهندو هو.
اڄ جنهن کي صوفا سيٽ چيو وڃي ٿو، ان جي ابتدائي شڪل کي ’ڪونچ‘ سڏيو ويندو هو. اهڙو هڪ ڪونچ سامهون مرڪزي جاءِ تي رکندا هئا، جنهن تي مرحوم علي محمد قادري بطور صدر جي اچي ويهندو هو. مون کي چٽيءَ طرح سندس شباهت ياد آهي. وچ ٿرو مڙس، نهايت مان ۽ شان وارو، سفيد گول سونهاري، نوراني شڪل، مٿي جا وار اڇا جهڙا کير، پڳ يا برٿ ڀريل ٽوپي پائيندو هو، پيراهن ۽ ڪڏهن قميص، هيٺ تي ٻه تختي سٿڻ، شرافت ۽ متانت جو مجسم، وقار ۽ سنجيدگيءَ جو پيڪر.
سانجهيءَ جي نماز بعد هرڪو ماني کائي اوطاق جو رخ ڪندو. شاعر، لاڙڪاڻي جا شرفا ۽ ٻيا خوش ذوق سامعين ڪرام، اهو ”سامعين ڪرام“ جو لفظ يا مشاعري جا ٻيا خاص اصطلاح، يعني ”مڪرر! مڪرر!“ ”ارشاد! ارشاد!“ مان پهريون دفعو اتي ٻڌا. غالباً مرحوم ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقيءَ جا رائج ڪيل هئا. مطلب ته ٿوري وقت ۾ سڄو اڱڻ ڀرجي ويندو ۽ مشاعري جو آغاز ٿيندو.
سامعين ڪرام ۾ هونئن ته گهڻا ماڻهو دلچسپ هئا، ليڪن ميان پير بخش ”واه! واه!“ جو جواب نه هو. لاڙڪاڻي جي فاريسٽ آفيس جو هيڊڪلارڪ، اصل روهڙيءَ جو ويٺل، ٻيٽ جي چهي جهڙو سنهو ۽ سهڻو بت، قد جو بندرو، ڏاڙهي صاف، مڇون ننڍيون، يا شايد بلڪل نه هيون، ۽ خدا نه ڀلائي ته، خضاب به ڪندو هو، هميشہ وتندو هو کلندو ۽ کلائيندو، ترڪي ٽوپي، آفيس ۾ ڪوٽ ۽ ڊڪ جي اڇي پتلون، باقي وقت ۾ سٿڻ، دوستن جو دوست، مجلس جو مور ۽ سڄي لاڙڪاڻي جي سوسائٽيءَ جو جنسار ۽ سينگار هوندو هو. عام دوست ته خير، پر سرڀٽي جهڙا وڏا ماڻهو به، ڪنهن ڏينهن اچڻ ۾ ناغو پوندس ته ماڻهو موڪلي گهرائي وٺندا هيس. اهڙيءَ طرح مشاعري جي جان به اهوئي بزرِگ هو. پاڻ شعر ڪونه چوندو هو، پر شعر کي سمجهندو اهڙو، جو خود شاعرَ پاڻ به پنهنجو گفتو ايترو نه سمهجهيو هوندو. گويا ”سخن سنج“ نه هو بلڪ ”سخن فهم“ اعليٰ درجي جو هو. هر سٺي شعر تي نه فقط ويٺي ”واه! واه!“ ڪندو، سڄي مشاعري ۾ جان اچي ويندي، سامعين ۾ چرپر پئجي ويندي، ۽ خود شاعر جو به منهن مٿي ٿي ويندو. آخر سندس ”واه واه“ ايڏي مشهور ٿي، جو سندس نالو ئي ”ميان پير بخش واه واه“ پئجي ويو. هرڪو ماڻهو کيس انهيءَ ئي نالي سان سڃاڻندو هو. فقط ميان پير بخش چئو ته ڪنهن کي خبر ڪانه پوندي. خدا جنت نصيب ڪريس، سال ٿيا، جو وصال ڪري ويو. دلبر دوست ۽ سٺو سنگتي هو. سالن پڄاڻان اڄ به جڏهن سندس خيال اچي ٿو، ته ڄڻ دل جا ڳچ ڳريو پون ٿا.

* * *

انهيءَ ئي مشاعري ۾، مان پهريون دفعو نواز علي ”نياز“ کي شاعر جي حيثيت ۾ ڏٺو، ورنه هونءَ ته هرروز حنيف جي جاءِ اڳيان کيس ايندي ويندي ڏسندو هيس، ترڪي ٽوپي، ڪوٽ پتلون، ڪڏهن ڪڏهن سٿڻ قميص. پاڻ اڳ ۾، ڳاڙهي پٽڪي سان پٽيوالو پٺيان، ان وقت مرحوم لاڙڪاڻي سب جيل جو جيلر هو، جتي حنيف جا پڻ ڪيترا اصيل واڙيل هوندا هئا. اهوئي ته سبب هو، جو حنيف جڏهن کيس کلي کيڪاريندو هو، ته ان ۾ جوش جذبو ۽ ڪي قدر نياز ۽ نوڙت هوندي هئي. اها سڌ ڪانه هئي ته سب جيل جو اهو جيلر، جيڪو پٽيوالو پٺيان لايون، لڪڻ لوڏيندو، ڪنڌ هيٺ ڪيون، ڪجهه سوچيندو، قدم کڻندو، وڃي ٿو اڳتي وڌندو، سو نه فقط لاڙڪاڻي بلڪ سڄيءَ سنڌ جي شاعري ۾ چوٽيءَ جو شاعر آهي.
”خادم“ لاڙڪاڻوي ته منهنجو استاد هو، مرحوم غلام علي ”مسرور“ پهريون پهريون اتي ڏٺم. ٿلهو متارو مڙس، خال خال اڇا، انگريزي ڪٽ تي وار، ڏاڙهي مشين تي ورتل، ۽ شهپر وڏا. براج آفيس ۾ حضرت ”خادم“ سان گڏ ڪلارڪ هو. مجاز جي لغار انهن ڏينهن ۾ ئي لڳل هيس، ليڪن رٽائر ڪري جڏهن وڃي شڪارپور رهيو، تڏهن ته مٿس ايڏو غلبو ٿيو، جو سنڌ سَنڌ وٺجي ۽ وڪوڙجي ويس، عامي لٽا لاهي کڻي گيڙوءَ رتو جامون ڍڪيائين، يڪتارو ۽ راڳ، رات ڏينهن تن ۾ اهائي تنوار هيس. موت سان ملاقي گهڻو پوءِ ٿيو، پر ان کان ڪيترو اڳ ئي هو هن دو رنگي دنيا کان ڌار ٿي، ڪنهن خاص مقام ۾ داخل ٿي چڪو هو. شاعري ڪندي، لؤڻين منجهه لپاٽ اسان انهيءَ شخص کي لڳندي ڏٺي. گهڻو ڪري ته ٻنهي جهانن جي بازي کٽي ويو.
هئي هئي! ميان غلام سرور قادري مرحوم لکي مڙس ۽ لـُـڏڻ انسان هو. هميشہ پيو کلندو، اهڙو معصوم جهڙو ننڍڙو ٻار، دنيا جي تيريءَ ميريءَ مان اصل نه ڄاڻندو، خالص شاعر، هر وقت يا ته شعر ٺاهڻ ۾ مصروف ملندو يا شعر ٻڌائڻ ۾ مشغول. دوست، واقف، سنگتي ۽ ساٿي- پوءِ اهو شعر سمجهي يا نه سمجهي، ليڪن جتي ۽ جنهن حالت ۾ هٿ اچي ويندس، ان کي اتي ئي بيٺي کڙي، تازو غزل ٻڌائي ڇڏيندو. خوش خير عافيت ۽ زماني جا حال احوال- جي ٻڌندڙ تڪڙو نه هوندو، ته، ان کان پوءِ ساڻس اوريندو. مرحوم کي انهيءَ عمل تي ڏاڍو دسترس هو. کهڙي جهڙي سخت مزاج شخص کي به ميان صاحب پنهنجا غزل ٻڌائي ڇڏيا. شايد معاصرن کي معلوم هوندو ته کهڙي صاحب ۾ شعر سمجهڻ جو ذوق خير ڪو آهي.
مرحوم اسڪولن جو انسپيڪٽر هو، ليڪن نوڪري نوڪريءَ خاطر نه بلڪ واندڪائيءَ جي ورونهن لاءِ ڪئي هئائين، ورنه هو ڇا ڄاڻي انهن بکيڙن مان. سڄو ڏينهن وتندو هو دوستن جي ڪڍ هلندو. انهيءَ زماني ۾ اسان ٽي ڄڻا خاص سنگتي هوندا هياسي. لاڙڪاڻي لوڪلبورڊ جو هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر حاجي [15]، ميان صاحب مرحوم، ۽ راقم الحروف. ڊاڪٽرُ سر ڀٽي جي انهيءَ بنگلي ۾ رهندو هو، جيڪو لاهورين واريءَ سڙڪ جي سامهون ڊپٽي ڪليڪٽر جي بنگلي وٽ آهي. اتي گهڻيون ئي يادگار صحبتون ٿيون، مرحوم ميان صاحب پنهنجا ڏاڍا شعر ٻڌايا، ڊاڪٽر ڪيترن عربي، فارسي ۽ انگريزي ڪتابن جا مون کي ڏس ڏنا، بلڪ انهنجي خريد ڪرڻ جو شوق جاڳايو. نواز علي ”نياز“ کان سواءِ لاڙڪاڻي جي مشاعري جو ٻيو مکيه شاعر ميان صاحب مرحوم هو، جنهن کي گهڻي ۾ گهڻو داد ملندو هو، ۽ جيڪو سچ پچ ته غزل به سهڻو ۽ سٺو چوندو هو. واءِ ناڪامي! اڃا سنگت رکئي سال ئي ٻه مس ٿيا هئا، جو مرحوم هي جهان ڇڏي ويو. ڊاڪٽر ۽ مان جڏهن هڪٻئي کي ان کان پوءِ ڏٺو، تڏهن ٻنهي جي اکين مان ڳوڙها ڪـِـري پيا. زبان مان اکر نه نڪتو. سال لنگهي ويا، اڄ به تصور ڪيان ٿو ته ڄڻ مرحوم سامنهن بيٺو آهي - کلي ٿو، سٻاجهي صورت، پورو پنو قد، بت جي بيهڪ سهڻي ۽ سٺي، سنهاري صاف ۽ شهپر وڏا، منهن جي تختي ۽ اکيون اهڙيون جهڙيون سندس فرزند اياز قادريءَ جون آهن، ترڪي ٽوپي يا ڪڏهن ڪڏهن ڪاريءَ پشم جو انور ڪئپ استعمال ڪندو هو، گهڻو ڪري سـُـٿڻ قميص ۽ ڪارو الپاڪي جو ڪوٽ پائيندو هو. اِها پوشاڪ سندس جسم تي جوڙ ۽ جنسار به ڏاڍو رکي بيهندي هئي.
ميان امام الدين ٽپاليءَ جو تخلص ”ضامن“ هو، لکيڻون ماڻهو هو. رب کي خبر ته هاڻي ڪٿي آهي، جيئرو به آهي يا نه، سالن کان وٺي سندس سـُـڌ ڪانه آهي. پڙهيل ٿورو، ليڪن مذاقي شعر ۾ ايڏو ملڪو هيس، جو جڏهن اُٿي بيهي پنهنجو غزل پڙهندو هو، ان وقت سڄي مشاعري ۾ ٽهڪڙو پئجي ويندو هو، ڪيترو به ڪو ڇو نه سنجيدو هجي، ليڪن ان وقت پاڻ کي جهلڻ ڏاڍو مشڪل هو. خود مرحوم علي محمد قادريءَ جهڙو باوقار بزرگ به رومال منهن کي ڏئي پيو مشڪندو هو. امام الدين جي ظريفاڻي غزل ۾ انهيءَ دور جي نئين چال چلت ۽ رنگ ڍنگ تي چوٽان ٿيل هونديون هيون، ۽ معاشري ۾ جيڪا تبديلي اچي رهي هئي، ان مٿان چٿرون هونديون هيون. سندس شعر پختو ۽ نهايت بامعنيٰ هو، سڀن کي پيو وڻندو هو. مڙس قد جو لمبو ۽ ڇڙڪ هو، ڏاڙهي مشين تي ورتل ۽ مڇان جيتوڻيڪ مڇاڙ نه هيس، تاهم ڪي قدر وڏيون. پٽڪو ڏاڍي انوکي انداز ۾ ٻڌندو هو، ۽ سڄي ڪـَـن وٽان ڊگهو تـُـرو ڇڏيندو هو. پينسل سدائين ڪن تي رکيل هوندي هيس جيئن ٽپالين يا عريضي نويسن جو دستور آهي. جڏهن کلندو هو، ته ڀانئبو ڏيکاوَ لاءِ نه بلڪ سچ پچ ته دل سان کلي ٿو.

* * *

طنز ۽ مزاح ۾، نثر خواهه نظم لکندڙ اسان وٽ ٻيا به ان وقت چوٽيءَ جا ماڻهو هئا. سڀني ۾ وڏو غالباً ميهڙ وارو رئيس شمس الدين بلبل هو، جنهن جو ”نيچرل ڪريما“ ۽ ٻيا طنزيه اشعار مشهور آهن. انگريزي تمدن تي جيڪي ٽهولون هن ڪيون، سي ٻئي ڪنهن ڪونه ڪيون.
انهيءَ کان پوءِ سندس ئي هم عصر ۽ شايد هم عمر، سنڌ جو بي پناهه طنز نويس ۽ غضب جو هجو گو هو اسان جو مرحوم محمد هاشم ”مخلص“، جنهن ”مسلمان“ اخبار جي ذريعي پنهنجي دؤر جي غلط ماڻهن ۽ غلط تحريڪن جا ڇوڏا لاهي، ۽ کنڌا کڻي ڇڏيا[16]. ”مسلمان“ اخبار در حقيقت بم گولو هئي، جنهن تي ڪري ان کي ساڙي ٻاري رکيائين. وڏا وڏا مٿير مڙس دست بدعا هوندا هئا ته شل مخلص کانئن پاسو ڪري لنگهي. خلافت تحريڪ جي ابتدا ٿي، سائين محبوب شاهه جهنڊائي سنڌ ۾ پيش پيش هو، کيس اها سڌ ڪانه هئي ته هي قومي عشق آهي- مجازي عشق کان بلڪل نرالو، اوکو ۽ اڻانگو- چند ڏينهن بعد جڏهن جيل ۾ پيو، تڏهن سندس اک کلي، ”ولي افتاد مشڪلها“ وارو معاملو اچي بڻيو. پير ماڻهو، ٿلهو متارو، اچي غريب کي حويلي ياد پئي، ۽ مريدن جو پـُـور پيس. لڪ چوري معافي وٺي، اچي درگاهه تي دم پٽيائين. مخلص مرحوم جو وارو وري آيو. هڪ طويل هجويه غزل سندس شان ۾ چيائين. هيٺين سٽ ياد اچي ٿي. غالباً انهيءَ مان ئي مرحوم معافيءَ جي تاريخ ڪڍي هئي:

محبوب شاهه ڪانئچ ۾ ٽورو ڪري رکيو-

محبوب شاهه لاءِ ڪٿي منهن لڪائڻ جي جاءِ نه بچي. ٻيو بزرگ هو مولوي نظاماڻي ”طيرابابيل“ جو ايڊيٽر، ذرا زود رنج ۽ مولويانه طبيعت جو ماڻهو، قداور، ڇڙڪ بت ۽ دم ڪشيءَ جو ٽونڪارو. شمس الدين بلبل، مخلص ۽ مولوي نظاماڻي هجو نويسيءَ جا سنڌ ۾ موجد ۽ بنيادي پٿر هئا. اخبار اندر مزاح نويسيءَ جي ابتدا انهن ئي ڪئي. مطلب ته نظم خواهه نثر ۾ هنن جي طفيل سنڌي ادب جي اها صنف آسمان تي پهتي. مخلص ۽ نظاماڻيءَ جي لکڻ ۾ڪڏهن تلخي به اچي ويندي هئي، ليڪن بلبل مرحوم جي نظم ۾ نج طنز ۽ مزاح ٿيندو هو. هن جي قلم ڪنهن جي دل ڪانه دکائي. شخصيتن جي چڱائيءَ ۽ مـَـٺائيءَ کي درگذر ڪري، هن عام قومي مسئلن ڏانهن توجهه ڪيو هو.

* * *

ڳالهه نڪتي آهي ته هڪ ٻئي ايڊيٽر جو قصو به ٻڌي وٺو، نوشهري فيروز وارو اسان جو رئيس نجم الدين، هفته وار ”النجم“ جو مدير شهير. مرحوم اگرچه طبعاً مزاح نويس نه هو، ليڪن سندس نثر ازخود مذاق بڻجي پوندو هو، سندس ايڊيٽوريل جيڪو پڙهندو هو، سو پيو کلندو هو. پهريون پوليس جو انسپيڪٽر هو، اتان ڇڏي اچي ’النجم‘ اخبار ڪڍيائين، تنهنڪري سندس نثر تي زياده تر پوليسي رنگ غالب هو. ”اسان“[17] جي بجاءِ ”فدويءَ“ جو لفظ ڪتب آڻيندو هو، ۽ ’ڌيان طلب‘ جي ڌم جيڪا سندس اخبار ۾ هئي، سا جيڪب آباد واريءَ چاچي ’نالي مٺي‘ جي ’اتحاد‘ اخبار ۾ به ڪانه ڏٺيسي. هر معاملي تي، ’ڌيان طلب حضور ڊسٽرڪٽ سپريڊنٽ صاحب بهادر ضلعو نواب شاهه‘، ’ڌيان طلب حضور ضلع جناب ڪليڪٽر صاحب هادر دام اقبالہ‘- اهي هئا عام عنوان مرحوم جي اخبار جا، ايڊيٽوريل ائين لکندو هو، ڄڻ پوليس ٿاڻي جي ڊائري آهي يا ڪنهن ڪانسٽيبل فرسٽ رپورٽ لکي آهي. خدا بخشيس، ڏاڍو سٻاجهو، نيڪ سيرت ۽ نيڪ صورت هو، ڊگهو، سنهو، مٿي تي ’ڊبل شير گولو‘ ترڪي ٽوپي، گل پٺيان جي بجاءِ اڳيان پيو لڙڪندو، وار سفيد، اکين تي سوني فريم سان عينڪ ۽ نڪ هيٺان مـُـڇن جو ٻيڙو. هٿ مان جڏهن پوليس جو ڏنڊو ڇڏيائين، تڏهن رئيس وانگر نيٽ جو لڪڻ کنيائين، جنهن جي ٽيڪ تي پڇاڙيءَ تائين پيو هلندو هو. جڏهن ”سنڌ زميندار“ سٽي ڪورٽ جي سامهون آئي، تڏهن هڪ دفعو اچي اسان وٽ ڏينهن ڀڳائين ۽ ڏپهرو ڪيائين. سٻاجهو ۽ سادو، اهڙو ايڊيٽر مون ڪونه ڏٺو- ڪـچ اصل ڪونه، نج سچو سون هو.

* * *

لاڙڪاڻي جي سڀني طبقن جا ماڻهو جڏهن اچي مڙندا هئا، ان وقت مشاعري ۾ لئي لڳي ويندي هئي. وڪيل، شهر جا پريا مڙس، پڙهيل طبقي جا نوجوان، سرڪاري ڪامورا، ڪورٽن جا ڪلارڪ ۽ هر نموني جا ماڻهو. هڪ دفعي ته وسايو ڪڃر به حنيف جو ڏس پڇائيندو، اتي اچي نڪتو هو. موهن جي دڙي جو سپرنٽينڊنٽ بٽ صاحب، غالباً نثار احمد نالو هيس، ڪسوليءَ (شملي) جو ويٺل، زنده دل ۽ بامذاق، بلاناغي مشاعري ۾ ايندو هو. زبان جي اگرچه پروڙ ڪانه پوندي هيس، ليڪن شعر جو رنگ سمجهي، کڙڪائي ۽ وڄائي سڀن کان سرس داد ڏيندو هو. وليدن وارو غلام محمد وڪيل، پير الاهي بخش، ڪامريڊ علي محمد عباسي، حاجي محمد ٽيلر ماسٽر، محمد ڇٽل، حڪيم محمد عالم- الغرض ڪهڙن جا نالا کڻجن، چرندڙ پرندڙ ماڻهو پٺتي ڪونه رهندو هو. مريد احمد خان مرحوم، شل جنت ۾ جايون هجنس، هو ته سي. آءِ. ڊي. ليڪن جيڪا سي. آءِ. ڊي ڪيائين، سا سڀن کي خبر آهي. سڄي زندگي پردي پوشي ڪندو رهيو، ڪنهن جي اوگهڙ ڪانه ڪيائين. حقيقت ۾ ماڻهن کان زياده دلين تي جاسوسي ڪندو هو، ڪا دل اهڙي هٿ اچي وينديس، جنهن ۾ دوستيءَ جي دونهين دکي سگهندي، ته ويرم ڪانه ڪندو، جهٽ پنهنجي پهلوءَ مان چڻنگ هڻي ڇڏيندو. مريد احمد هڪ دفعو جنهن کي دوستيءَ جي دام ۾ ڦاسايو، سو وري نڪري ڪونه سگهندو. تـَـتـِـيءَ ٿـَـڌِيءَ وتندو گهلبو. هيو مڙس دوالي بند، ليڪن دل ايڏي ڪشادي، جو ان جي گهيري ۾ هوند سڄو ملڪ ماپي وڃي. اوطاق هر وقت دوستن سان ڀريل، ٻوڙ پلاءُ سدائين گهر ۾ تيار، دوستن کي پاڻ گرهه ٺاهيون پيو وات ۾ وجهندو هو، هڪ هڪ پليٽ سوريون پيو اڳيان رکندن، دوستن جا پيٽ ڀرجي ويندا، ليڪن سندس دل ڪانه ڀربي. ريل مان لهندي ڪو واقف، ڪو دوست يا ڪنهن سنگتيءَ جو سنگتي هٿ لڳي ويندس، ته زوريءَ گهر گهلي ايندو، ويلو کارائي پوءِ ڇڏيندس. اسان ته اهوئي ڏٺو، اسٽيشن تان موٽندي هميشه مهمانن جي هڪ قطار ڪڍ لايون ايندو هو. پگهار اها سؤسوا، ليڪن ڪيترن وڏ وڏيرن کي به سندس در تي نمڪخوري ڪندي ڏٺوسي. سچ پچ ته سرتاپا محبت ۽ خلوص هو. سڄي جهان جي حصي ۾ جيڪا وفا، خلوص، دوستي، مهر ۽ محبت اچڻي هئي، سا خدا هڪ مريد احمد خان جي خمير ٺاهڻ ۾ ئي خرچ ڪري ڇڏي هئي- اهوئي ته سبب هو، جڏهن نئين ڳوٺ [18] مان مرحوم جو جنازو اٿيو، ته اهو گويا مريد احمد جو ڪونه هو، بلڪ اخلاص ۽ عشق جو جنازو هو- دوستيءَ ۽ دلبريءَ جو جنازو هو، محبت ۽ وفا جو جنازو هو، پيار ۽ پريت جو سڀن ريتن ۽ رسمن جو اهو لاش هو، جنهن کي دوستن اوڇگارون ڏئي ڪلهن تي کنيو. انهيءَ کان پوءِ مهر و وفا جي دوستي ئي ويران ٿي وئي، نئين ڳوٺ جو اهو رنگ روپ ئي نه رهيو، دوستن جون قطار ان اوڏنهن وينديون وري ڪنهن نه ڏٺيون- ڄڻ دوستيءَ جا اهي دستور ۽ مهمانداريءَ جا اهي طور ۽ طريقا ئي هليا ويا، جن جون سرخيون مريد احمد خان دل جي رت ڦڙن سان ويهي رتيون هيون. بـُـلي شاهه ۽ فرزند جو عاشق هو، دل ۾ سوز هيس، تنهنڪري مشاعري جي ساز کان ڪونه مڙندو هو، متان ڪا تـُـڪَ دل کي آئڙي اچيس، وس پڄندس ته مهڙ کان ئي اچي ويهندو، ورنه وچ ڌاري ته سڀڪجهه ڇڏي به اچي شريڪ ٿيندو هو. بهاولپور جي رهاڪو هو، پر سڄي زندگي لاڙڪاڻي ۾ گذاري هئائين. سنڌي صاف ڳالهائيندو هو، ليڪن مشاعريءَ ۾ ڪا سٽ وڻي وينديس، ته جوش ۾ سنڌي صفا وسري ويندي هيس، بي اختيار ٿي سرائڪيءَ ۾ داد ڏيڻ شروع ڪندو هو، ”واهه ميڏي سائين، واهه!“ ”واهه جو آکيائي“ ”ميڏي سرڪار! ڪي ارشاد ڪيتوئي!“ ”سبحان الله! ايئن خيال دا ڪوئي ثاني نهين!“، ”وهه واهه وهه! واه!“

* * *
مشاعري ۾ ٻيا ته سڀئي اچي شريڪ ٿيندا هئا، ليڪن شهر جي وڏن ماڻهن مان ڪو ايندو ڪڏهن ڪونه ڏٺوسي. شايد ان ڪري جو مشاعري ۾ سندن شاني شريڪ ڪونه هو. سڀ کانئن هيٺئين ڪلاس جا هئا. انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي ويهڻ کين ڪٿي جڳائيندو هو؟ اهو به هڪ ڪارڻ هو، ليڪن دراصل هي به ته هڪ وڏو سبب هو، جو هو هئائي مورئون مجهول! کين ڪهڙي سڌ هئي ته شعر وسخن ڇا ٿيندو آهي يا مشاعرو ڪهڙي جانور جو نالو آهي! هڪ احساس بالاتري ٻيو مٿانهن مور کپڻون! ويچارن جو پوءِ ڪهڙو قصور؟ هنن جو مشاعرو ته ڪلٽر ۽ ڪماني هو، هنن جو شعر و سخن هو ڪمشنر جي وصف ۽ گورنر جي واکاڻ، هنن جو ادب هو جارج پنجم لاءِ درازيء عمر جي دعا ۽ ملڪه معظمه جي سلسلي ۾ قيامت تائين قائم رهڻ جي تمنا.
اهو هو شهر جي وڏن ماڻهن جو حال. ٻاهراڙيءَ جي وڏيرا شاهيءَ جا مشغلا ۽ مسئلا ته هئا ئي اور: سريتان رکڻ، سينڌيون ويهارڻ، ڪنهن هٿ نه ڏنو ته ان جي عزيزن کي پوليس کي چـُـرچِ ڏئي ڦاسائڻ، ڪاٽڪن کي پالي انهن جي ذريعي جنهن تي ڪاوڙ ايندي انهيءَ جون چوريون ڪرائڻ، خون ٿيو ۽ ڌاڙو لڳو ته مشير ٿي پوليس سان هلڻ، پيسا جيڪي ملن تن مان ڪجهه پاڻ کائڻ ڪجهه پوليس کي چوڳو ڪرائڻ. پوليس وڏيرن کي استعمال ڪندي هئي ۽ وڏيرا پوليس کي هٿ جو هٿيو بڻائيندا هئا. گهڻو ڪري ان زماني ۾ ننڍن ننڍن وڏيرن جو، لٽي ڪپڙي ۾، فيشن به پوليس جهڙو هوندو هو. ان ۾ ئي هو پنهنجو رعب ۽ مانُ سمجهندا هئا، ڏاڙهي ڪوڙيل يا سنهيءَ مشين تي ورتل، مڇان وڏيون ۽ وٽيل، مٿي تي صوبيدار يا هيڊ ڪنسٽيبل وانگر پشوري پٽڪو يا بـِـلو ۽ اڇن پٽن سان لونگي، قميص ۾ ٻه کيسا ۽ ان مٿان چئن کيسن وارو خاڪي ڪوٽ، نيٽ جو سيم لڳل ”لهڪڻ“[1] هٿ ۾- انهيءَ ساز ۽ سنجٽ سان پري کان ڏِکَ اهڙي پيا ڏيندا ڄڻ حد جو صوبيدار صاحب پنهنجي سر پيو اچي، يا هيڊ ڪنسٽيبل صاحب پاڻ ڪاڏهن چڙهي پيو آهي. صوبيدار کي خان صاحب ڪوٺيندا هئا ۽ هيڊڪنسٽيبل کي رئيس سڏيندا هئا، نالو وٺڻ بي ادبي سمجهيو ويندو هو. بندوقن جا پروانا انهيءَ زماني ۾ عام ڪونه هئا. پهريون ڪليڪٽر جي ڪرسي ملندي هئي، پوءِ ڪمشنر صاحب جو درباري ٿبو هو. جڏهن اقبال صفا بلند ٿي ويندو، تڏهن وڃي گورنر جي دربار ۾ جاءِ نصيب ٿيندي هئي. اتي به وري نمبر هئا: پهريون، ٻيو، ٽيون. رت پونءِ ڏيڻ بعد عمر جي آخري حصي ۾ ڪو خوش بخت وڃي پهرئين نمبر تي پهچندو هو، ورنه گهڻو ڪري اها تمنا دل ۾ ئي کنيون ويندا هئا. هٿيارن جا پروانا [2] به اهڙن ئي ڪرسي نشينن کي ملندا هئا [3] جنهن زماني جو ذڪر آهي، ان وقت جيڪڏهن ڪنهن جو ليسن ضبط ٿيندو هو ته سڄيءَ سنڌ ۾ سـُـس پـُـس پئجي ويندي هئي، هٿياربندن جا ڪن کڙا ٿي ويندا هئا، اهو غريب منهن کڻڻ جهڙو نه ٿيندو هو. پرواني جو دوبارو حاصل ڪرڻ به ڪاري قيام کان ڪم ڪونه هو، ميڙين منٿن، آزين ۽ نيزارين بعد جڏهن خواريءَ ۽ ذلالت جي حد ٿي ويندي هئي، تڏهن مسين وڃي پهريون چڱيءَ چال چلت لاءِ حد جو صوبيدار رپوٽ ڪڍندو، پوءِ انسپيڪٽر صاحب لکپڙهه لحاظ سان نيڪال ڪندو، ان کان پوءِ اها ويندي ڊپٽي سپريڊنٽ وٽ، ۽ اهو جڏهن مهربان ٿيندو ته ڪاغذ ايندا حضور ڪماني صاحب بهادر وٽ. ڪيئي مهينا ڪاغذ پيا اتي سڙندا. ڪي وڏيرا ته انهن وچن جهاڪن ۾ ئي هي جهان ڇڏي ويندا هئا، جيڪي سخت جان هوندا هئا، انهن کي هٿيار ان وقت واپس ملندا هئا جڏهن حضور ڪمانيءَ جي سفارش سان حضور ضلعو، يعني جناب ڪليڪٽر صاحب بهادر، راضي ٿيندو هو. ليسن مليو ته مبارڪون پئجي وينديون ۽ مٺايون ورهائجي وينديون، پاڻ جهڙن ۾ منهن کڻي هلڻ جهڙو وڏيرو صاحب گويا ان کان پوءِ ٿيندو. ليسنن جا مانَ ته هاڻي لٿا، جڏهن سنڌ جي ”محب وطن“ وزيرن پنهنجي پنهنجي پوئلڳن جي ڳچين ۾ پستولن جا پٽا وجهي ڇڏيا. پوءِ وڏيرا نه ڇڙو ٻاهراڙيءَ ۾ پستول لوڏڻ لڳا، بلڪ ڪراچيءَ جي ايلفنسٽن اسٽريٽ ۾ به پـَـٽـَـن منجهه پتل جا ڪارتوس جرڪائيندا ٿي وتيا، گويا اتي به سندن راڄ رهندو هو جنهن تي هنن رعب ٿي وڌو- ويچارا مجهول! وڏيرن جو پنهنجي اوطاق کان پوءِ ٻيو آستانو پوليس جو ٿاڻو هوندو هو. ٿاڻي ۾ پهچ، هيڊ ڪانسٽيبل سان سنگت ۽ صوبيدار وٽ رسائي، گويا هن دنيا ۾ سندن عزت ۽ آبروءَ جو معراج هو. ان کان وڌيڪ پرواز، ڪن ڪن جي نصيب ۾ هو، ورنه عام طرح اها آخري منزل هئي. اهي سڀ رنگ ۽ اهي سڀ ڍنگ حقيقت ۾ غريبان مار لاءِ هئا. وڏيري جي ڪاوڙ ٿي، ته غريب لاءِ لـِـڪڻ جي واهه نه لڀندي، هاءِ به وئي ته هوءِ به وئي، نه گهر سلامت نه در سلامت، نه وني بچندي نه ٻني بچندي، يا ته جيل هوندو يا پيو رات ڏينهن موچڙا کائيندو، جيسين وڃي وڏيري جو جـِـنُ لهي تيسين نه ڪوڪ آسمان وارا ڪنائيندا ۽ نه زمين تي ڪو ٻڌڻ وارو هوندو. وڏيرن جي وچ ۾ اها به ٻڌي هوندي هئي، ته ڪو غريب هڪ وٽان لڏيو ته ٻيو ڪوبه کيس پاڻ وٽ ويهڻ نه ڏيندو. خدا جي هيءَ وسيع دنيا جڏهن وڏيرن جي وس ۾ هئي، تڏهن غريبن لاءِ ڪيڏي نه تنگ هئي؟

* * *

جڏهن پو کان پـَـچي لهنديون، اَن مڙي اچي مودن وٽ پهچندو، اڳيان ليکا لهي نوان سنوان ٿيندا، ۽ بندين جي اتارن مان وياج لهي وڃي مور بچندو، تڏهن وڏيرن کي چار ڏوڪڙ هڙ ۾ ٿيندا هئا، جنهن کان پوءِ هلندا لاڙڪاڻي جي لال بازار ۾، يا قمبر وڃي ٻڌندا هاج[4] جو گانو. اهو گانو. اهو گويا سندن ’ادبي ذوق‘ هو. سنڌ جو غريب راهڪ ٻارهن مهينا رت پونءِ هڪ ڪري جيڪو ان وڏيري وٽ پهچائيندو هو، ان جي آمدنيءَ جو مصرف اجهو اهو هو. ڪراچيون گهمڻ 1937ع کان پوءِ شروع ڪيائون، موٽرن تي چڙهڻ اڃا ڪالهه سکيا، ورنه سنڌ جو سڄو پيسو سکر، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد جي ماڙيچي طوائفن وٽ خرچ ٿيندو هو، جتان مڙي سڙي سڌو وڃي سنڌ کان ٻاهر رسندو هو. لاڙڪاڻي جي وڏيراشاهيءَ جو گهڻو مارو هاج تي هوندو هو. هرڪو پيو سندس گهٽيءَ ۾ مڇان وٽيندو هو. هاج هئي به ته جنسي مورت! چئي کڻي بس ڪيو! لاڙڪاڻي جا غزل گوشاعر جنهن محبوب جي تصوير چٽيندا هئا، ان جو هوبهو نمونو ۽ ان جو جنسي مجسمو!
مثلاً، سندس رخِ رخشان ائين پيو لڳندو هو، ڄڻ درخشان آهي، يا وري آفتاب آهي يا ماهتاب. ڪن جو قول هو ته هوءَ انهن کان به اور پـَـئي لڳي. سندس پرتوِ حسن اڳيان شمع بي حقيقت، ماه چوتيو ۽ مهر عالمتاب سراسر احمق ٿو ڀانئجي[5]. رخِ روشن کي جڏهن زلفن جي وچ ۾ نهان ڪندي هئي، ته ويچارن عشاقن اڳيان سڄو جهان سياه[6] ٿي ويندو هو، گويا پنهنجي ئي قسمت جو عالم سندن اکين اڳيان اچي ويندو هو. جن کي هجر جي مهجوريءَ سبب يا جور ۽ جفا ڪري ناتوانيءَ ۽ ضعف قلب جي شڪايت هوندي هئي، انهن غريبن کي اکين اڳيان اوندهه وري ويندي هئي! اهي عاشق جن جي اڳيان اوندهه ايندي هئي، اهي ائين ڀائيندا هئا ته رخ رنگين ۽ زلف پيچان باهم ٿي، ٻيئي اهڙيءَ ريت لڳجي ويا آهن، جو معلوم پيو ٿئي ڄڻ گل ۽ سنبل جي پاڻ ۾ لام [7] لڳل آهي. درحقيقت سندس صورت جي سونهن ۽ سوڀيا کي هرڪو پيو پنهنجي پنهنجي مذاق ۽ ميزان آهر پسندو هو. مثال طور: انهيءَ سلسلي ۾ شيخن ۽ مشائخن جو نقطي نگاهه بلڪل ئي مذهبي هو. اهي سندس منهن مبارڪ کي خط ۽ خال جي زير زبر سان تاج ڪمپنيءَ جو هفت رنگو مصحف شريف سمجهي، ان تي سورهِّ اخلاص [8] جي قرات پيا ڪندا هئا. سندس ڪارا ڪاڪل ائين هئا، ڄڻ مارَ سياهه وانگر پيا ور وڪڙ کائين، عاشق کي ڏنگڻ لاءِ پيا لامارا ڏين ۽ واجهه وجهن. اهي ئي ڪاڪل جڏهن پر پيچ ٿي پوندا هئا، تڏهن نه ڇڙو سنبل پيچان خجالت کان پزمرده[9] ٿي پوندو هو، بلڪ انهن جا پيچ ائين پيا معلوم ٿيندا هئا، ڄڻ دام آهن، ۽ عاشق جي دل جو ڪُڪڙ عارضن جي اڱڻ ۾ جيئن خال جو داڻو چڳڻ ايندو، تيئن ور ڏئي، کيس وڪڙ وجهي ڇڏيندا[10] ۽ پوءِ گيسوءَ خمدار ۾ عاشق جو طائرِ دل قابو ٿي ائين ڪڙجي ويندو جيئن رشتہِ زنار م برهمڻ[11]. جيڪي عاشق غريب هوندا هئا ۽ زر بسيار نه هجڻ سبب سندن عشق جي ٺهه پهه[12] ٿيڻ جو امڪان ڪونه هو، انهن جي رسائي انهن زلف دراز تائين ٿيڻ ناممڪن هئي- انهن کي زلفن جي سياهي سراسر پنهنجي سيہ بختي پئي معلوم ٿيندي هئي. جڏهن انهن ئي زلفن جون ٻٽي ڳـُـتان ٻاهر نڪري، رخسارن تي اچي پونديون هيون، ان وقت ائين پيو ڀانئبو هو، ڄڻ وڏيرن جي صبح صادق سان ’هاري حقدارن‘ جي شام غريبان دست بگريبان ٿي پئي آهي [13]. يا وري ائين پيو معلوم ٿيندو هو گويا ڪفر ۽ اسلام جي لڙائي، يعني هندوءَ ۽ مسلمان جو دنگو شروع ٿي ويو. سينڌ ۽ سرمي ڪرڻ کان اڳ هن جي زلفن تي پريشانيءَ [14] جو عجيب عالم طاري هوندو هو، انهن جون ڳتان ڪي پيشانيءَ تي ۽ ڪي عارضن تي اچي، اهڙيءَ ريت پکڙجي پونديون هيون، جو ويچارن عاشقن جو مجموعه خاطر سڄو درهم برهم ٿي ويندو هو. جيسين هٿ منهن ڌوئي، هار سينگار نه ڪندي هئي، اوستائين برابر هڪ طرف سندن سر ۾ سوداءُ رهندو هو ۽ ٻئي طرف کين پنهنجي طبيعت جو وايو منڊل ڊانوان ڊول پيو معلوم ٿيندو هو- درحقيقت غور سان ڏسبو ته اهو فقط سنبل سان لالہء احمر جو بهم ٿيڻ [15] هو. جڏهن شام جو پاڻ گهوڙي گاڏيءَ تي سوار ٿي، ڪاڏنهن سير ۽ تفريح لاءِ هلندي هئي، ۽ سندس زلف هوا تي هيڏي هوڏي پکڙجي پوندا هئا، ان وقت عاشق، جيڪي صادق هئا، سي سندس پنهنجيءَ آوارگيءَ جو الزام انهن زلفن تي هڻي ڇڏيندا هئا. انهيءَ وقت سندس زلف عنبربار مان اها نگهت نڪرندي هئي، جيڪا تاتار تائين پهچي، انهن جي مشڪ کي وڃي خجل [16] ڪندي هئي- قمبر ۾ ته اها نڪهت لخلخي جو ڪم ڏيندي هئي، هر مريض عشق انهيءَ جي ئي چاٽ چکي پيو پنهنجا هوش ۽ حواس جاءِ تي آڻيندو هو! زلفن جي وچ ۾ سينڌ ائين پئي لڳندي هئي ڄڻ سڌي سنئين عدم جي راهه آهي، جيڪا انهن عاشقن کي اجهو ڪي اجهو وڃي ٻئي جهان پهچائيندي، جن کي سندس جور و جفا ۽ ناز و انداز نيم جان ڪري رکيو آهي، ائين به سمجهڻ ۾ ايندو هو، گويا آب حيوان تائين پهچڻ لاءِ دراصل اهائي واٽ هئي، جنهن کي سمنڊ منجهه رهڻ سبب ذوالقرنين جي زماني ۾ حضرت خضر عليہ السلام لهي ڪونه سگهيو هو[17].
اکيون نرگس شهلا جهڙيون، يا آهوءِ تتار جي طرح تي چشم سيہ، جن کي سنڌيءَ ۾ ’ڪجليون‘ ڪوٺبو آهي. نه ڪجل جي ريک سان رس ۽ ريجهه، نه سرمي سرائيءَ جي ڪا ڪاڻ[18]. انهن جو غمزو رهزن ايمان ۽ انهن جو انداز ۽ ناز خطرهِّ جان! جڏهن عشق ۽ محبت جي مملڪت خداد جون واڳون انهن جي هٿ ۾ اچي وينديون هيون، جن مان ڪن کي ”علت المشائخ“ جي لت ته ڪن جي ڪڍ ”بواءِ فرينڊ“ هوندا هئا، ۽ ڪي اهڙا اجهل جو ”ڪِچنِ“ ۽ ”چِڪِنِ“ جي فرق کي به سمجهي ۽ سڃاڻي ڪونه ٿي سگهيا- هرڪو تيس مار خان بڻجي پوندو هو، تڏهن پارٽين مٿان پارٽيون پيون ٺهنديون ۽ ڊهنديون هيون، ۽ جيئن مصر جي بازار ۾ حسن جي قيمت وڃي سٽ جي ڍيري ٿي، تيئن هتي عشق جي قيمت وڃي رشوت جي روڪڙ رهي، هر ايرو غيرو ۽ نٿو خيرو پاڻ کي ملڪ جو والي سمجهڻ ٿي لڳو، ۽ جڏهن ملڪ جو حال اهڙو ٿي ويندو هو، جهڙو ’ڪٻر پئي کان پوءِ ڀَت‘[19] جو، ان وقت پاڻ فيلڊ مارشل جنرل محمد ايوب خان ايڇ- پي- ايڇ- جي[20] ٿي پوندي هئي، ۽ هڪ طرف ناز، انداز، ادا، ڪرشمي، عشوي ۽ تبسم خواهه ’تبختر‘[21] جون فوجون فالم ٿي وينديون هيون، ٻئي طرف اکين جي اسٽاف لائين مان صف مزگان جي پلٽڻ، ابرن جي ڪمان[22] هيٺ اچي پهچندي هئي، سڄيءَ ملڪت ۾ ’اِمرجنسي‘ جو اعلان ڪري، ملڪ سان مارشل لا هڻي، حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿن ۾ وٺي ويهي رهندي هئي. جي. ايم. سيد، پاشا خان ۽ ڀاشانيءَ جهڙن خطرناڪ عاشقن کي ته فوراً زلفن جي زنجيرن ۾ ڦاسائي ڇڏيندي هئي، ۽ جن جان بچائي وڃي ڪنڊ پاسو ڪيو، اهي ته خير ڇٽي ويا، البت انهن عاشقن لاءِ ڪاري قيام ٿي ويندي هئي، جيڪي ’سيلف ڊفينس‘ ۾ پنهنجو سينو سپر ڪري بيهندا هئا. نيم باز نگاهن جي آرڊيننس هيٺ ابرن جي ڪمان مان پيڪانن جي ناوڪ [23] جون نوڪان انهن جي جان وجگر ۾ پيوست ڪيون وينديون هيون، جنهن تي انهن جا اهي ٻئي شاهه عضوا غربال ٿي پوندا هئا، جنهن بعد ان ۾ هو گهڻو ئي پنهنجي مقدر جي ڇنڊڇاڻ ڪندا هئا، ليڪن قسمت جو ليکيو ڪٿي صاف ٿي سگهيو ٿيّ! خير، اهي ڳالهيون ته هيون خاص وقتن جون، ليڪن هونءَ عام حالتن هيٺ به جڏهن شوخ و شنگ نگاهن جا خدنگ دلين جي هدف مٿان هڻندي هئي، تڏهن عاشقن جي هڪ هٿ ۾ جان ۽ جگر اچي پوندو هو ۽ ٻئي هٿ ۾ دل کي جهلي اهڙي اندر مان آهه ڪڍندا هئا، جو اها گهڻو ڪري ته وڃي عرش عظيم تائين رسندي هئي، ليڪن جڏهن قسمت جي ڪوتاهيءَ سبب اها آهه نارسا ٿي، پٺتي موٽ کائيندي هئي، ته ڪم از ڪم گنبد گردان جي هيٺان ابر بڻجي بادو باران ضرور ڪندي هئي. انهيءَ آهه سان جڏهن ناله و فرياد به شامل ۽ شريڪ ٿي پيو ٿي، ان وقت عاشقن کي ضرورت ٿيندي هئي ته پاڻ سان گڏ ڪو پگهاردار نوحه گر به رکن، ليڪن مقدور[24] نه هجڻ سبب اهو ڪم به پنهنجيءَ ئي نڙيءَ مان وٺڻو پوندو هين. اهي ئي آهو چشم جڏهن ’خطا‘ ۽ ’خطن‘ تائين پهچندا هئا، تڏهن اتنهن جو آهو نه ڇڙو رام ٿي پوندو هو، بلڪ رمِ آهو به هميشه لاءِ وسري ويندو هيس. خير وڏيرن جي وحشت جو ته حال ئي نرالو هوندو هو: ويچارن کان سندن سايو به گريزان رهيو ٿي[25]. جڏهن وائٽ هارس وسڪيءَ جو پيمانو پيئندي هئي، تڏهن اهي ئي اکيون چشم ميگون بڻجي پونديون هيون. ان وقت معلوم ٿيندو هو ته بيني صراحي آهي ۽ ان جي ٻنهي پاسن کان دخت رز جا پيمانا رکيا آهن، جن ۾ بنت العنب پيل آهي، جنهن سان هوند ڪنهن جي آشنائي ٿي ويندي ته اهو فوراً پڪاري اٿندو ته ’اي برادران اسلام! بلڪ اي برادرم! مان شادي هرگز ڪونه ڪندس!‘[26] جڏهن ڀنگ چڪو چاڙهيندي هئي، ان وقت سندس اهي ئي چشم ميگون ڦري چشم بيمار ٿي پوندا هئا. انهن تي جڏهن عاشقن جي نگاهه پوندي هئي ته سندن لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويندي هئي، ڄڻ ويچارن کي اوچتو فلوءَ جي سٽ اچي وئي! اهڙن عاشقن کي ’مريض عشق‘ سڏيو ويندو هو، ۽ سندن چهري جو رنگ اهڙو زرد ٿي پوندو هو، جو جڏهن سنڌي شاعر ان جو بيان پنهنجي غزل ۾ ڪندا هئا ته ’آزاد ڪشمير جي‘ وادين ۾ زعفران رنگ پنهنجو وڃائي ويهندي هئي[27]. انهن ٻنهي حالتن ۾ سندس چشم خماري جڏهن صبح جو ڏسبا هئا، ته ائين معلوم ٿيندو هو ڄڻ رات جي پهلوءَ مان صبح انگڙايون ڏئي اٿيو آهي.
سندس اکين مٿان ابرن کي اهڙي گولائي هوندي هئي، جو ڄڻ ڪمان پيون معلوم ٿينديون هيون. جيڪڏهن صف مزگان جي پلٽڻ ڪاڏهن لام تي ويل نه هوندي هئي ته انهن جي اسلحه خاني مان ناوڪان وٺي، انهن ئي ڪمانن کي ڪشي، عاشقن جي دل و جگر جي نشاني تي چاند ماري ڪندي هئي، ۽ جڏهن ابرن جي ڪمان مان خدنگ[28] سڌو وڃي انهن جي مرغ دل تي ٺهڪو ڪندا هئا، تڏهن دل کي جيڪو ڌڙڪو وٺندو هو، سو حقيقت ۾ ’پلپيٽيشن‘ نه هو، بلڪه اهو دل جو ڪُڪُڙ هوندو هو، جيڪو برنگ نيم بسمل پيو تڙپندو هو[29]. ناز جا ناوڪ ۽ انداز جا خدنگ جڏهن ختم ٿي ويندا هئا، ان وقت ابرن جي ڪمان کي تيغِ بـُـران ڪيو ٿي ويو، ۽ پوءِ ترار هوندي هئي سندس هٿ ۾ ۽ ڪنڌ ۽ ڪياڙيون هونديون هيون لاڙڪاڻي جي سجادن ۽ وڏيرن جون! الامان والحفيظ! خير، سندس ابرن جا اهي معاملا هئا امتين سان، ليڪن اوڙي پاڙي جا مرشد سڳورا جڏهن مريدن جي گهرن مان بيعت بازيءَ جو ڪم ڪار لاهي ٻاهر نڪرندا هئا، تڏهن حوض دهن جي آب ڪوثر مان ’سر بُزون‘[30]ساري، سڌو اچي ابرن جي انهيءَ محراب ۾ بيهندا هئا، ۽ قيام بعد رڪوع ۽ سجدو شروع ڪري ڏيندا هئا. جي وقت بچندو هئن، ته مصحف رخ جو هڪ پارو به پڙهي ڇڏيندا هئا. عشق حقيقيءَ ۾ جيڪي خدا جا بندا انهيءَ حد تائين وفور هئا، جو کين حور کان به نفور [31] هو، اهي هر جاءِ ’همه اوست‘ سمجهي، رڪوع سجود ته گهر ۾ ئي ڪندا هئا، البته سندس ابرن کان ماهه رمضان جي روزن بعد شوال جي رويت هلال جو ڪم وٺندا هئا. اڄ جيڪڏهن هاج هجي ها، ته هوند ڪراچيءَ واري ”رويت هلال ڪميٽي“ آسمان تي اڏامڻ جي اذيت کان ڇٽي پوي ها! متقي ۽ پرهيزگار جيڪي نينهن ۽ نيش لاءِ نا اهل سمجهيا ويندا هئا، نگاهن جون ناوڪان انهن لاءِ ته ڪونه استعمال ڪندي هئي، البته سندن ويسٽ اينڊ واچ ڪمپنيءَ جي انجڻ ڇاپ گهڙيءَ سان جيڪو قطب نما لڙڪندو هو، ان جي قبلہ نما کي آشياني اندر تڙپائينديون رهنديون هيون[32]. ڪڏهن ڪڏهن اهڙو حادثو به ٻڌبو هو، جو پنبڻ جو پيڪان قطب نما تان ٿڙڪي، سڌو ڪن جي دل ۾ وڃي پيوست ٿيندو هو، جنهن جو نتيجو عام طرح اهو نڪرندو هو، جو اهي مجاز جي رستي تان ٿڙڪي وڃي ’حقيقت‘ جي راهه تي پوندا هئا. ليڪن اهڙا واقعا تمام شاذو نادر ٻڌڻ ۾ ايندا هئا.
سندس بينيءَ جي تعريف ته اڳ ۾ ئي ڪري آيا آهيون ته ڄڻ دخت رز جي پيمانن جي مابين صراحي يا گويا مينا هئي، جنهن مان سياري جي سرد راتين ۾ زڪام قلقل ڪيون ٻاهر پيو نڪرندو هو، ليڪن ڪي ان کي غنچہ زنبق سان به تشبيهه ڏيندا هئا[33]. سندس عجيب عارضن جو ڇا چئجي، جنسي سيب سمر قندي! ٿوري ٿوري لالاڻ ۽ لالي، باقي انهيءَ خط جو سر سبزو، جنهن کي سنڌي شاعر ”خط ’خضربشي‘ عيسيِّ دوران“ چوندا آهن. متنازع فيهه ڪشمير جي صوف کي ته قيل مقال يا مقابلي جي مجال ئي ڪانه ٿيندي هئي. ڪن جو قول هو ته سندس رخ روشن تي رخسار ائين هئا، جو انهن کي ڏسي گلِ صدبرگ به پنهنجو پيراهن پشيمانيءَ کان صد چاڪ ڪري ڇڏيندو هو[34]. نه ڇڙو گل جي ڪائنات جو صورتحال اهو ٿي ويندو هو، بلڪ سچ پڇو ته سياري جي صبح جو جڏهن تڙڦليل ۽ سينڌيون سرما ڪري تڙڪي تي ويهندي هئي، تڏهن خود خورشيد درخشان به شرم کان بيتاب ٿي، منهن کڻي سايہ ابر ۾ لڪائيندو هو[35]. لاڙڪاڻي جي جن غير تجربيڪار سنڌي شاعرن کي انهيءَ واقعي جي پروڙ ڪانه هئي، انهن جڏهن سندس رخسار کي خورشيد تابان سان تشبيهه ڏني، تڏهن سڀ کي خبر آهي ته انهن جي ديوان جو هرهڪ فرد سندس جهالت سبب شرم وچان زرد ٿي ويو[36]، ۽ نتيجو اهو نڪتو جو ڪيترا شاعر پنهنجا ديوان وڃائي ويهي رهيا. جڏهن تڙ کان پوءِ وار اچي ٻاهر اُس تي سڪائيندي هئي، ان وقت سندس رخسار زلفن جي وچ ۾ اچي اهڙو ظهور ڪندا هئا، جو ڏينهن ڏٺو ڦري ڄڻ شبِ ديجور ٿي پوندو هو ۽ ائين ڏسبو هو، جو ڄڻ ماهه منور اڀريو بيٺو آهي[37]. ڪتيءَ لٿي جي پارن ۾ سندس آتشين رخسار هميشه تابش ڪري بيهندا هئا، ۽ عاشق جيڪي صادق سڏائيندا هئا، سي انهن رخسارن جي ئي آتش تي اچي سيءُ - واءُ لاهيندا هئا. اهڙين حالتن هيٺ جيڪڏهن ڪي اغيار اچي پاسو وٺندا هئا، ته اهي ان رشڪ کان سڙي ’سر تابه پا اخگر‘ [38] ٿي پوندا هئا. انهن جا ئي ٽانڊا هئا، جيڪي شيخن واريءَ ڍنڍ تي ”حضور ممالڪ سنڌ“ [39] جي ڪيمپ ۾ ڪتب ايندا هئا. شيخن جا ڪڙمي ڪاري ۽ هاري ناري هميشه الله کي پيا الاهان ڪندا هئا، ته شال ڪو اغيار رهڙجي پوي، جيئن سندن جند ڪانڊن بنڊن گڏ ڪرڻ واريءَ ڇيڙ ۽ وڏيرن جي ڇتڪتائيءَ کان ڇٽي پوي! انهيءَ ئي ڪيفيت ۾ عاشق صادق پاڻ کي هم بغل سمجهي، اغيارن لاءِ سمجهندا هئا ته ڄڻ اجل آيو[40]. انهن ئي آتشين رخسارن کي ڏسي، ڪيترن وڏيرن جي دل ۾ جڏهن عشق اُلا ڏئي اٿندو هو، تڏهن انهن ئي اُلَهن جي آتش منجهان هو ’سمندر‘[41] پيدا ٿي پوندو هو، جنهن لاءِ ”ديوان گدا“ جي شارح جو چوڻ آهي ته وڏي ڪُئي جهڙو ٿئي ٿو[42]!
انهن سندس عارضن يا رخسارن مٿان خال هميشه ائين پيو لڳندو هو، ڄڻ خانبهادر حاجي علي حسن خان هـَـڪڙي جي حياتيءَ ۾ قمبر جي اسلامي شهر اندر ديوان شامداس[43] جهڙي مهاسڀائيءَ هندوءَ اچي ڪيمپ ڪئي آهي- يا وري ائين پيو معلوم ٿيندو هو ته ڄڻ حسن جي سرڪار ۾ ڪم ڪار لاءِ لوور سنڌ جي ڪنهن بزرگ پنهنجون سڀئي ضرورتون پسِ پست وجهي، خاص حاضريءَ وارن شيدين مان ڪنهن مضبوط حبشيءَ کي قمبر ڏياري موڪليو آهي. ليڪن جيڪي عاشق انهيءَ حبشيءَ جي اعمالن ۽ افعالن کان آشنا هوندا هئا، اهي ان کي زنجبار جو زنگي سمجهندا هئا يا وري چوندا هئا ته حسن جي حڪمران وٽ درباني ڪرڻ لاءِ اديس ابابا مان هيلاسيلاسيءَ غلام موڪلي ڏنو آهي. ڪن جو اهو به قول هو ته اهو انهيءَ آهوي مشڪين جو نافہ تتار آهي، جيڪو ملڪ ختن جي بيابانن ۾ چوڪڙيون ڀريندو وتي ٿو. اهوئي سندس خال، جڏهن معنبر ٿي، رخسار تان هٽي، اچي ابروءَ مٿان بيهندو هو، تڏهن اهو ائين پيو معلوم ٿيندو هو گويا تيغ ابروءَ تي جوهر کلي بيٺو آهي[44]، يا ائين پيو ڀانئبو هو ته خالِ سياهه ڄڻ زاغ آهي، جنهن ڪمان تي اچي پنهنجو نشيمن ڪيو آهي[45]. جيڪڏهن ڪو پيڪان عاشقن کان بچي پوندس ته اهو ڪمان ۾ وجهي ان کي به هڻي ڪڍندي! اهوئي خال ابروءَ تان لهي، جڏهن اچي چپ مٿان بيهندو هو، تڏهن اوڙي پاڙي جا پير سڳورا ڀانئيندا هئا ته گويا خليفه چهارم جو زنگي غلام حضرت قمبر پنهنجي سر ڪوزو کڻي حوض ڪوثر تان پاڻي ڀرڻ آيو آهي[46]! اهي ئي سائين سڳورا انهيءَ خال کي جڏهن خط سان ملائيندا هئا، ته مصحف رخ جي سورهء اخلاص تي گويا زير ۽ زبر اچي ويندي هئي.
لب لعلين، سندس اهڙا هئا، جو جڏهن بدخشان جي ملڪ ۾ انهن جا لالاڻ جو مذڪور پهچندو هو، ته اتنهن جو ياقوت به شرم وچان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪندو هو ۽ سندس پيشاني عرق آلود ٿي پوندي هئي، يعني صاف سنڌيءَ ۾ کڻي چئجي ته ڄڻ پگهر اچي ڇٽندو هيس. لبن جي لاليءَ کي ڪي ياقوت سان به تشبيهه ڏيندا هئا، جنهن مان اهو فائدو هو ته انهن ياقوت لبن جو جنهن کي بوسو هٿ اچي ويندو هو، ان لاءِ حسن جي سرڪار مان بدخشان جي گورنريءَ جو پروانو [47] فوراً اِشو ڪيو ويندو هو. لبن جي انهيءَ لاليءَ متعلق ڪيترن کي اختلاف راءِ به هو، يعني انهن جو چوڻ هو ته دراصل ڪن عاشقن جو خون ناحق ڪيو ويو آهي، جن جي رت کي شيشيءَ ۾ بند ڪري ڊريسنگ ٽيبل تي رکي ڇڏيو اٿائين، ۽ جڏهن هارسينگار ڪري ٿي ان وقت ان مان ذرو ڪڍي چپن کي لائي ڇڏيندي آهي! ڪن جو وري قول هو ته سندس لبن جي لالي خون نا حق جي سرخي نه آهي، بلڪ اهي ته پاڻ ئي اهڙا جان بخش آهن، جو نيم بسمل عاشق انهن کي ئي چوسي، ڪلمون ڀري اٿي ويهي رهندا آهن! انهيءَ ئي قدرت ۽ ڪرامت سبب ته آب حيوان [48] کي به هميشه خجالت پئي رهي آهي، جنهنڪري هو خضر کي هٿ اچڻ کان به نٽائي ويو. نه فقط منجهن جان بخشيءَ جي اها قوت هئي، ليڪن چوسڻ وقت اهڙا لبِ شيرين لڳندا هئا، جو جيڪڏهن انهيءَ دور ۾ قافله در قافله قطار اندر قطار الغاران ڪندا سنڌ تي مهاجر يلغار ڪن ها، ته هوند اهي انهن لبن کي يوپيءَ جو ’چوسني ڪا آم‘ تصور ڪن ها، ليڪن اها شامت چونڪه ان وقت سنڌ مٿان ڪڙڪيل ڪانه هئي، تنهنڪري ڇڙو سنڌي انهن جي شيرين تيءَ ۽ شڪر مٿان نيشڪر، انگبين، شهد، ۽ حلوي کي تصدق پيا ڪندا هئا [49]، انهيءَ ئي مٺاڻ تي ته شيفتہ ٿي، ڪيترن وڏيرن زمينن جا قطعي[50] وڪرا ڪري، پاڻ وڃي ڪار قنادي شروع ڪئي هئائون[51]!
انهن لبن جي وچ ۾ ”غنچهء دهن“ ائين هوندو هو، ڄڻ هڪ نقطو آهي، ليڪن اهو به موهوم[52]. انهيءَ ئي موهوميءَ سبب عاشق جئڙا هن عرصهِّ عالم ۾ هميشه تنگ گذاريندا هئا. مگر ڪن لاءِ تنگ هو ته ڪن لاءِ وري اهوئي دهن چشمـہ حيوان [53] بڻجي پوندو هو، جنهن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندي ڪنهن وقت خضر به گم ڪردهء راهه ٿي پيو هو!
دندان مبارڪ سندس اهڙا روشن ۽ تجلي دار هئا، جو جڏهن ڪنهن تي راضي ٿي تبسم فرمائيندي هئي، ان وقت هڪ طرف تبسم سبب قمبر شهر ۾ گل ڦل ٽڙي، باغ ۽ بستان لڳي ويندا هئا، ۽ ٻئي طرف ڏندن جو تاب عدن جي شهر ۾ پهچي، اُتنهن جي دُرَ جو آب پاڻي ڪري ڇڏيندو هو، جنهن بعد ويچارو در، عدن حياءَ ۽ حجاب کان صدف منجهان ٿورو منهن ڪڍي، وري اندر ڪري ڇڏيندو هو. ليڪن تبسم جو اهو تجلو خواه دندان جو اهو تاب تڏهن ظاهر ٿيندو هو، جڏهن اهڙو ڪو نوخيز وڏيرو وٽس اچي نڪرندو هو، جنهن جي پيءُ جو اڃا ستون جماڻون ٿيل ڪونه هوندو هو- ورنه عام طرح ته اهڙو زهرخند ڪندي وتندي هئي، جو هڪ طرف ان جي برق عاشقن جي مرغ دل جو آشيانو ساڙي ٻاري ڇڏيندي هئي ۽ ٻئي طرف ان جي بجلي سندن صبر و قرار جي خرمن مٿان ڪري، ان کي خاڪ سياهه ڪندي رهندي هئي.
انهن دندانن جي وچ ۾ زبان ائين هوندي هئي، ڄڻ دهن جي غنچي ۾ ڪو گلبرگ آهي[54]. غالباً لاهور واري گلبرگ ڪالوني به اهڙي ئي ڪنهن حسين جي زبان جو ذائقو وٺي، ٺاهي وئي آهي. سندس سخن اهڙو شيرين هوندو هو، جو جڏهن پاڻ ڪنهن خوش قسمت سان تڪلم ڪندي هئي، ته فوراً ان تي قند مڪرر نثار ڪندو هو[55]. اهوئي ڪارڻ هو، جو گهڻ وڏيرن جي گهرن ۾ انهيءَ زماني ۾ ”قَند مڪرر“ هوندا هئا.
ذقن يا زنخدان جو چاهه اهڙو اونهو هيس، جو جيڪڏهن ڪنهن شاعر کي ٿاٻي جي ٽؤنڪر هجي، ۽ اهو لاڙڪاڻي جي مشاعري ۾ سندس سراپا بيان ڪندي ڪندي انهيءَ جاءِ تي اچي ٿاٻڙجي ڪري پوي، ته هوند اوستائين ان مان نڪري ڪونه سگهي ها، جيسين بابل جي چاهه مان هاروت ۽ ماروت جو موک نه ٿئي ها. ذقن جي هيٺان جو نظارو ڪولاچيءَ واري ڪُن جي ڏِکَ ڏيندو هو، يعني اتي گرد آب ڏسڻ ۾ ايندو هو، جنهن ڏانهن مولانا جاميءَ بيبي زليخان جي سراپا بيان ڪندي اشارو فرمايو آهي:

قرارِ دل بود ناياب آنجا،
که هم چاهست و هم گرداب آنجا.

نه فقط ان جي ڏسڻ سان دل جو قرار ڪافور ٿي ويندو هو، بلڪ گهڻن عاشقن کي ته اهڙي اچي بيقراري کڻندي هئي، جو جيسين ڦٿڪندي ڦٿڪندي وڃي ڪـُـنن ۾ نه ڪرندا هئا، تيسين کين قرار ڪونه ايندو هو.
گردن بلور جهڙو صاف صراحي دار، يعني شراب جي صراحي، يا ڄڻ مئي جي مينا. جڏهن مـُـل پيئندي هئي، ته اها پئي ڪندي هئي ’قل قل‘. ڪونج جهڙي سنهي ڳچي، ڪانه چئبي، ڇاڪاڻ ته اها غزل جي تشبيهه ڪانه آهي.
سندس سينو اهڙو صاف، جهڙو سنڌ جي سيدن ۽ سجادن، وڏيرن ۽ ليڊرن جو نامہ اعمال- ۽ ان تي ٻه پستان ائين اڀريل گويا ٻه وڏيءَ سائيز جا قنڌاري انار، ڪن بيدار بخت عاشقن کي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ رکيو ٿي وتي، يا وري بقول شخصي[56]:

دو دستنبوي خوش، پُر مغز و رنگين،
ڪزو خون شد دلِ صد نار ياسين.

مولانا جاميءَ جا هيٺيان بيت ته مثال طور ڪتب آڻي ڪونه سگهبا، ڇاڪاڻ ته اهي محض پيغمبر جي بيبيءَ لاءِ مخصوص آهن:

دو پستان، هر يڪي چون قبہ نور،
حبابي خانهِّء ازعين ڪافور.
دو نارِ تازه، بر رسته زيڪ شاخ،
ڪفِ اميد، شان ناسوده گستاخ.

يعني، ٻَئي پستان اهڙا، ڄڻ منجهائن هر هڪ نور مان ٺهيل قبو آهي، يا گويا ڪافور مٿان ٻه حباب آهن، يا وري ٻه نوان ڏاڙهون آهن، جيڪي هڪ ئي ٽاميءَ مان ڦٽي نڪتا آهن- مهٽڻ سهٽڻ ۽ مساس ڪرڻ لاءِ جن تائين اڃا ڪنهن جو گستاخ هٿ پهتل ڪونه هو! بلڪل تازا، تر ۽ شگفتہء! انهيءَ مثال کي ڪتب نه آڻڻ لاءِ هڪ ٻيو به سبب آهي: هاج جا قبہ نور يا ڪافوري حباب، انار تازه ڪونه هئا، بلڪه سودن جو صيغو پڙهي، ڪيترا گستاخ هٿ مالش ۽ مهٽ لاءِ انهن تائين پهچي چڪا هئا. ايٽم بم انهيءَ دؤر ۾ ڪونه هو، ورنه ڪي ڪميونسٽي خيالن جا عاشق، ائين چوڻ کان ڪونه ڪيٻائين ها ته انهن کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جي خيال سان، سيني جي بيس (Base) آمريڪا کي عيوض ۾ ڏئي، ان کان پنهنجي اسلحه خاني ۾ اهي ايٽم بطور ايڊ جي مهيا ڪري رکيا ويا آهن.
ميان البت موءِ جهڙي سنهي يا اهڙي موهم ڪانه هئي، جنهن کي تار نظر کان به باريڪ تر[57] چئي سگهجي، حالانڪ جي ائين هجي ها ته عاشق لاءِ هوند ڏاڍو سک ۽ سهنج ٿي پوي ها، نه اڳٺ ٻڌڻ جي جاءِ هجي ها ۽ نه سٿڻ جي ئي ’دخل در معقولات‘ موجود هجي ها[58].
بقول جامي ”ززيرِ ناف تا بالائي زانو“ يعني ناف کان هيٺ، جنهنکي ڪن شاعرن ’ڪان جواهر‘[59]ڪوٺيو آهي، ان جي وصف ۽ واکاڻ ته خير اهي ئي ڪري سگهندا، جن جي اڳيان بند قبا کليو هوندو، يا جن انهيءَ مرحلي جي عقده ڪشائي ڪئي هوندي. اسان ته فقط ٻڌسڌ تي هيترو چئي سگهون ٿا:-

که گندم رهزنِ آدم درينجا ست

- يعني ڪڻڪ جو اهو داڻو، جنهن جي لست ۽ لذت ڏاڏي آدم جهڙي شريف انسان ۽ ملا ماڻهوءَ کي به بهشت منجهان ڌڪا ڏياري ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيو هو. مٿينءَ سٽ جي رعنائيءَ ۽ معنيٰ آفرينيءَ جي پروڙ فقط انهن پڙهندڙن کي پئجي سگهندي، جيڪي مرشدن جي تشبيهه مبارڪ جو تصور ڪڍي، ڪڻڪ جي داڻي جي شڪل صورت جو خيال دل سان هنڊائيندا.
طلائي سرين کان وٺي ساق سيمين تائين جو مذڪور پڻ اسان ڪونه ڪري سگهنداسي. انهيءَ سلسلي کي سمجهڻ لاءِ يا ته ناظرين ڪرام کي پنهنجي حسن نظر تي ڀاڙڻو پوندو، يا وري ان جو صورتحال اهي ئي سمجهائي سگهن ٿا، جن انهيءَ وچ جي جلون ۽ جمال يا جوڙ ۽ جنسار کي يغما ڪيو هوندو- سرين جي سلسلي ۾ البت هيترو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته:-

بدان نرمي که گر افشرديش مشت
برون رفتي خمير آسا، ز انگشت،[60]

- اهڙا نرم، جو جيڪڏهن انهن ۾ مـُـٺ پئجي وڃي ته هوند آڱرين جي وچ مان انهن جو نرم گوشت ائين ٻاهر نڪري اچي، جيئن اٽي ڳوهڻ وقت خمير نڪري پوندو آهي. ’ساق سيمين‘ لاءِ مولانا جاميءَ فرمايو آهي ته:-

بناي حسن را سيمين ستونست،

اسان به کڻي ان تي اڪتفا ڪيون ٿا، گويا حسن جي عمارت جا ٿنڀا يا پيل پاوا هيون. سرين ۽ ساق جي وچ ۾ سندس زانوءَ جو ذڪر ڪندي، بلامبالغي چئي سگهجي ٿو ته جنهن کي همزانو ٿيڻ نصيب ٿيندو هو، ان جي اڳيان گويا دنيا جي دولت جا دروازا واشگاف ٿي ويندا هئا- خانقاهه نشين البت همزانو ٿيڻ جي انهيءَ ڪري ڪوشش ڪندا هئا، جو هميشه کين دين سان گڏ دنيا جي دولت لٽڻ جي تانگهه من ۾ هوندي هئي.
هٿن ۽ پيرن کي لائيندي ته ميندي هئي، ليڪن ڪن زخم خوردهه عشاقن جو اهو قول هو ته هن پنهنجا هٿ پير انهن عاشقن جي خون ناحق مان رڱيا آهن، جن کي هن يا ته خنجر ابروءَ سان قتل ڪيو آهي، يا جيڪي ناوڪن جا نيش کائي زخمي ٿي پيا آهن. جن عاشقن کي اها بدگماني ڪانه هئي، انهن کي فوراً سندس پنجهء حنائيءَ جي زيارت مان حسن جي دربار تائين سرخروئي [61] جو پروانو ملي ويندو هو. جڏهن اهي اتي رسندا ها، تڏهن کين مرڳو يقين ٿي ويندو هو ته پاءِ يار کي پنجهء حنائيءَ وانگر ميهڙ جي ميندي لڳل آهي.
سندس قد سرو جهڙو سڌو يا شمشاد جهڙو سنئون ڪونه هو، جنهن کي قامتِ رعنا يا قد دلجوي جانان چئي سگهجي، ۽ پوءِ خواهه مخواهه قمري صفت طوق بندگي اچي گردن ۾ پوي[62]. صنوبر سان به ان جي مشابهت ڪري ڪانه ٿي سگهجي، جنهن تي عاشقن جي دل جي قمري گهڙي ساعت ويهي فراق منجهان ڪو! ڪو! ڪري سگهي، يا جنهن تي صلصل [63] ويهي، بلبل صفت فرياد ڪري سگهي. اهڙو به قد ڪونه هيس، جو جيڪڏهن ڪاڏنهن گهمڻ گهتڻ نڪري ته ائين پيو معلوم ٿئي گويا هاج جي بجاءِ قمبر شهر ۾ قيامت جو ڪال اچي کتو آهي[64]. درحقيقت قد ۽ قامت جي هوءَ پوري پني هئي، بلڪ ڪي قدر منڌري چئجي ته بيجا نه ٿيندو.
بدن هروڀرو گلاب جي ٽاميءَ جهڙو نازڪ ڪونه هيس- در حقيقت بت جي ڀريل هئي ليڪن نهايت سهڻو ۽ سريلو.
هلندي چلندي هميشه ماڻهن وانگر هئي سندس خرام ۾ ناز ضرور هو، ليڪن محشر پنهان ڪونه هو، جو هلڻ سان پيو معلوم ٿئي ڄڻ فتنئه محشر سان اچي پالو پيو آهي، اجهو ڪي اجهو ٿو نامہ اعمال پيش ٿي ۽ بهشت ۽ دوزخ جا دڙڪا ڄاڻ ٿا ثابت ٿين. توڙي جو خلخال پائي هلندي هئي، تڏهن به داور محشر جي دربار لڳڻ جو امڪان ڪونه هوندو هو.
سيم تن ڪانه هئي، جنهن کي ڏسي عاشقن جي دل نقرهِّ خالص ٿي پوي [65] رنگ کليل ڪڻڪ ونو، ڏاڍو وڻندڙ ۽ دل کي ڇڪيندڙ- ائين روشن ڄڻ سچو سون پيو جرڪي.

* * *

الغرض اهڙي آب تاب، جوڙ ۽ جنسار سان هاج جي هٿان وڏيرن جي پئي هاج لهندي هئي. قنبر جو اهو ڪوچہ جانان، جنهن ۾ پاڻ رهندي هئي، نه ڇڙو عاشقن لاءِ رشڪ باغ وبهار هو، بلڪ عاشقن کان ان جي بهاريءَ جون ڳالهيون ٻڌي، لاڙڪاڻي جي ديوان گيانچند کي به پنهنجو باغ پيو بي حقيقت معلوم ٿيندو هو. انهيءَ ڪوچي ۾ ڪيترا اٻهرا عاشق وڏيرا بيٺل فصل گروي رکي اچي رسندا هئا. ڪي ديري تائين ترسي، پوءِ سهي سنبري اچي ڪـُـوءِ يار ۾ قيام فرمائيندا هئا. بهر حال هر صورت ۾ ضلعي جي هارين نارين جي رت پونءِ اتي ئي اچي پاڻيءَ وانگر وهندي هئي. نه ڇڙو اهو، بلڪ ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته ڪيترا سجادهه نشين خواهه سيد سڳورا به سياري جي موسم ۾، گهنڊن ۽ گهڙيالن سان يا ڪلمي شريف جي نعرن هيٺ، خليفن کڙن جي حلقي اندر [66]، اٺن گهوڙن جون قطار ان ڪاهي، مريدن جي گهرن ۾ ’خفي‘ ۽ جلي ذڪر ڏئي، جيڪو نذرانو اڳاڙي ايندا هئا، اهو پڻ اتي اچي صرف ڪندا هئا. بهرحال انهيءَ جاءِ تي زاغ و زغن جو ڪم ڪونه هو. فقط وڏ وڏيرن ۽ پڳدار پيرن جي گهرج هوندي هئي، جيڪي انهن جي گرد و غبار کي اڪسير [67] سمجهي، نه ڇڙو پنهنجي منهن مٿي تي پيا وسائيندا هئا، بلڪ پنهنجي ملڪ ۽ ملت جي قسمت مٿان به اُها ڇائي ڇاڻيندا رهندا هئا.
هاج جڏهن پنهنجو بروج مشده [68] ڇڏي، خوش خرام ٿي، ڪاڏنهن هلندي هئي، ته في الحال قمبر وارو ڪوچو شهر خموشان ٿي ويندو هو. باوجود هن جي جو چپ وراست، يمين ۽ يسار، جرانغار خواه برانغار کان، حضرت عزرائيل پاڻ اجل جا وارنٽ هٿ ۾ کنيون پوش! پوش! ڪندو هلندو هو، ليڪن ان هوندي به نظربازن کان وڌيڪ وڏيرن جون قطارون ڪڍ هونديون هيس. ريل جتي اچي بيٺي، اتي زناني گاڏي اڳيان ڳاهٽ لڳي ويندا. غريب غربو ته ”اڙي يار هيءَ قمبر واري هاج ويٺي ٿي!“- چئي، اڳتي راهي ٿيندو هو، ليڪن وڏيرا انهيءَ جاءِ تي پهچي، گل محمد [69] بڻجي ويندا هئا. جيسين ريل هلندي، تيسين پيا گاڏي اڳيان مڇان مروٽيندا ۽ سٿڻ جا ور ٺاهيندا. هرڪو پيو پاڻ کي ڏسندو متان مٿس ئي ڪا نگاهه دلنواز پئجي وڃي. خدا نه ڀلائي ته راقم الحروف به زناني گاڏي جي اڳيان ئي هڪ لڱان جهٽ سوا لاءِ سندس جلوا جهٽيا هئا. بهرحال عين انهيءَ وقت وڏيرن کي کارس به اچي کڻندي هئي. هڪ هٿ مڇن ۾ ۽ ٻيو سٿڻ ۾. توبہ نعوذ با الله اها بد عادت به کين ڏاڍي هوندي هئي. شايد زمينن کسجڻ بعد هاڻي ڇڏي هجئون!

* * *

زناني گاڏي اڳيان بيهڻ جي ڳالهه وچ ۾ آئي ته هڪ لطيفو اچي ياد پيو آهي. ڀانيان ٿو ڏاڍو برمحل ٿيندو، جي اوهان به ٻڌي ڇڏيو. مرحوم ماستر محمد بخش [70] ڳالهه ڪندو هو ته هڪ دفعي ڪراچيءَ کان سکر آيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ گاڏين اندر گپا گيهه ڪانه هوندي هئي، اڄ وانگر ماڻهوءَ مٿان ماڻهو سوار ڪونه هوندو هو، سڄو گاڏو خلاصو، فقط هڪ نئون شادي شده پارسي جوڙو اچي ساڻس گڏ چڙهيو شايد ڪاڏنهن هني مون ملهائڻ ويو ٿي. سهڻي ۽ سوڀيائتي ڪنوار، گهوٽ به ڏاڍو ڏيل ۽ ڏيک وارو، ٻئي سج چنڊ هئا. ايترو نوان پرڻيل ٿي ڏٺا سوڀيائتي ٿي ڏٺا، جو اڃا دل ڀري هڪٻئي کي ڏٺو به ڪونه هئائون. ٻئي ايترا لڄارا هئا، جو هڪٻئي ڏانهن اک کڻي چتائي به نٿي سگهيا، فارسي محاوري مطابق رڳو دزيده نگاهن سان ڪڏهن ڪڏهن ڏسي ٿي ورتائون. اکيون اکين ۾ ڪڏهن اوچتو اٽڪي ٿي وين، ته ٻنهي جا ڪنڌ جهڪي ٿي ويا. گويا آشنائيءَ جو اڃا ابتدائي عالم هو، يعني حجاب به حائل ته حياءُ به مانع. ڪراچيءَ مان چڙهندي ڪنوار ڪنهن وڏيري جي نظر چڙِهي وئي، هر اسٽيشن تي گاڏي اڳيان حاضر! مٿو اگهاڙو، سينڌ نڪتل، پـَـٽَ جو هڪ رومال کيسي ۾ ٻيو هٿ ۾، ريشم جو رنگين اڳٺ وائل جي قميص مان پيو ڏيکارجي ۽ ڪجهه ساوا نوٽ قميص جي کيسي مان پيا ظاهر ٿين. دستور مطابق هڪ هٿ شهپرن ۾ ته ٻيو کارس [71] ۾ مشغول. اکيون ڪنوار جي چهري تي کتل. نگاهه ترڪي وڃي، ته هيڏي هوڏي وارو مٽائي، وري سڌو مائيءَ جي منهن تي. هڪ اسٽيشن، ٻي اسٽيشن، ٽين اسٽيشن، آخر ڪنوار به اچي ڪڪ ٿي ۽ مائيءَ جو مڙس به تنگ ٿي پيو. ڪوٽڙيءَ کان اورتي جڏهن گاڏي ڪنهن اسٽيشن تي اچي بيٺي، تڏهن پارسي نوجوان اشاري سان وڏيري کي پاڻ ڏي سڏيو. پهريون کيس چتائي ڏٺائين، سندس مڇن ۽ ٻن رومالن جو جائزو ورتائين، اڳٺ کي به ڏٺائين، ۽ کيسي ۾ پيل چند نوٽن جو به اندازو ڪيائين. ان کان پوءِ کـِـلي پنهنجي ڪنوار ڏي اشارو ڪندي وڏيري کي چيائين، ”وڏيرا صاحب! مان اڃا ڪالهه شادي ڪئي آهي. هي صندوقان ڏس، اها پنجاهين پتي به ڪنوار جي ڏاجي جي ڪانه آهي. مان به ملڪيت وارو آهيان ۽ پاڻ به شاهوڪار جي ڌيءُ آهي. هاڻي تون کانئس پڇي ڏس! جي اهو سڀڪجهه ڇڏي فقط تنهنجي مڇن، ٻن رومالن، ۽ هڪ اڳٺ جي آسري تي توسان هـَـلـِـي هـَـلي ته منهنجون اکيون ٿڌيون“. وڏيري ويچاري جون وايون بتال ٿي ويون، شرمندو ٿي ائين گم ٿيو، جيئن لاحول کان پوءِ شيطان. ماستر چيو ته ڪوٽڙيءَ کان وٺي سکر تائين انهيءَ لطيفي تي اسان ٽـَـئي ٽهڪ ڏيندا وياسين. انهيءَ کل چرچي ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جو حجاب به هڪ حد تائين دور ٿي ويو، ۽ روهڙي اسٽيشن تي صبح جو اٿي جڏهن ماستر ٻنهي کي ڏٺو ته ٻئي پاڻ ۾ راهل مائل ٿي ڏٺا، ڄڻ سالن جا ساٿي آهن.
بهرحال! جيسين هاج جي ضلعي لاڙڪاڻي مٿان حڪومت هئي، تيسين گهڻو ڪري سڀئي چڱا مڙس عاشقن واري ”شش نشانيءَ“ ۾ مبتلا هوندا هئا. سمجهان ٿو 1934ع کان پوءِ دلين تي داغ ڏئي هتان هالاڻو ڪري هلي وئي.

* * *

وڏيرن جو مذڪور ته سندن جهالت سبب وچ ۾ اچي ويو، انهن جي ڳالهه نڪتي ته هاج جي حڪايت به پنهنجو پاڻ نب جي نوڪ تي نروار ٿي آئي. دراصل قصو ڪري رهيا هئاسين غزل گو شاعرن جي مشاعري جو، ۽ ان ۾ ذڪر هو ميان امام الدين ٽپاليءَ جو، جنهن جو تخلص ”ضامن“ هو. تنهنڪري انهيءَ مشاعري واريءَ سنبت سبب، هاج جي حسن بيان ڪندي، تشبيهون ۽ محاورا، اکر ۽ استعارا اسان کي اهي ئي ڪتب آڻڻا پيا، جيڪي سنڌ جا شاعر پنهنجن غزلن ۾ ڪتب آڻي، ائين سمجهندا رهن ٿا ته هو سنڌي ادب جي نه ڇڙو زبردست خدمت ڪري رهيا آهن بلڪ ان کي لاتعداد خزانا ڏئي مالامال ڪري رهيا آهن.
بهرحال اهي قصا ۽ ڪهاڻيون ته ائين اچي ويون جيئن ڪافيءَ جي مصرع پٺيان ڏوهيڙو ڏبو آهي، تنهنڪري ”ڳالهه ٿي ڪيم“ چئي، موٽي اچون ٿا مطلب جي ڳالهه تي.
مرحوم ”نياز“ جڏهن اٿندو هو، ته هڪ وڏي ڌيرج ۽ شان سان. علامه اقبال واري خودي ته بلند ڪانه هيس، البت خود اعتمادي منجهس ضروري هئي. پهريون کيسي مان عينڪ ڪڍندو، رومال سان ان جي شيشن کي صفا ڪري اکين تي رکندو، ان کان پوءِ سامعين ڪرام مٿان هڪ نگاهه غلط انداز اڇلائي، هٿ وجهندو کيسي ۾. هڪ کيسو، ٻيو، ٽيون، آخر اندرئين کيسي مان هڪ نهايت ئي خسيس ڪاغذ جو پرزو ڪڍندو. اهو به حقيقت ۾ سندس هڪ انداز هو، جنهن کي مشاعري وارن جي زبان ۾ ’تجاهل عارفانه‘ چئبو آهي. بهرحال اهڙي استادانه طور ۽ طريقي سان پرزي تي نظر وجهندو، جو معلوم پيو ٿيندو، ڄڻ سندس فني ڪمال جو اهو ته هڪ ادنيٰ مظهر آهي- در حقيقت منجهانس اميد ڪنهن تمام عظيم تخليق جي رکڻ گهرجي. آخر ۾ جناب صدر اڳيان جهڪي، کائنس اجازت وٺي، پوءِ ڪندو هو منهن مجمعي ڏي- جيسين نياز مشاعري جا اهي ابتدائي آداب پورا ڪندو هو، تيسين سامعين، ”باتمڪين“ بڻيا ويٺا هوندا هئا، يعني دم بخود، نه چرپر، نه سس پس. جو جاتي سو تاتي. هنن ڄاتو ٿي ته هاڻي نياز پڙهڻ وارو آهي. عقل ۽ دماغ جا داستان هرڪو ڪري چڪو، هاڻي دل جون حڪايتون هلنديون، محبت جي سوز ۽ ساز جا اونها اسرار، راز ۽ رمزان، سندن علم ۾ ايندا. ڇڙو رعايت لفظيءَ جي ڌم ۽ دور ازڪار تشبيهن جي ڌماچوڪڙي ڪانه هوندي، بلڪ ڪجهه حقيقت حال به ان سنئين سڌيءَ زبان ۾ هوندو، جنهن کي هو آسانيءَ سان سمجهي سگهندا. وڇوڙي ۽ ورهه جو جيڪڏهن واءُ گهلندو ته وصال جا ورق به ضرور ورندا. هروڀرو هجر ۽ فراق ۾ منهن مٿو پٽيل ڪونه هوندو. فرقت جي دقت انهيءَ حد تائين بيان ٿيل ڪانه هوندي، جو عاشق ان جي ڪري نه ڇڙو ’برنگِ برق بيتاب‘ ٿي وڃن[72]، بلڪ ان جي آتش کان سندن ’دل پـُـر داغ‘ به ’سروِ چراغان‘ تي سبقت ڪري وڃي[73]، جنهن بعد سامعين جي ’تمڪين‘ ته رهجي وڃي مشاعري ۾ ۽ منجهانِ ڪي ڀڄن گهرن ڏانهن ”غياث اللغات“ کولڻ، ۽ ڪي ڊوڙي وڃن اطلاع ڏيڻ فائر برگيڊ کي. بجاءِ شعر گوئيءَ جي پوءِ باهه وسائڻ واري انجڻ گهنڊ گهڙيال وڄائيندي، اچي نڪري ميان علي محمد جي اوطاق تي يا فقط انهيءَ ’آه پرسوز‘ جي ڪهاڻي ڪيل ڪانه هوندي، جيڪا صرصر کان به وڌيڪ سوسٽ ڪندي[74]، وچ ۾ برق کي بيتاب [75] بڻائيندي، فلڪ ڪج رفتار جي سيني ۾ سوراخ ڪري، هفت آسمان جو هفت خوان طي ڪندي سڌو وڃي عرش عظيم جي پيل پاون کي ساڙي، ۽ جنهن کان پوءِ نه فقط مشاعري ۾ هراس کان تڏا ويڙهه جو عالم اچي وڃي بلڪ خود خدا کي به خبر پئجي وڃي ته زمين تي به ڪي جوان رهن ٿا. ”نياز“ انهن ٿڌن شوڪارن جو ذڪر ضرور ڪندو، جيڪي راتين جي اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن جي اچڻ جو آسرو پلي، نا اميديءَ جي نجهري پـَـئي، اندر مان ڪڍبا آهن. ”نياز“ جي سامعين کي اها به سڌ هئي ته ڪلام پڙهندي ڪا هڪ اڌ تڪ اهڙي به ضرور اچي ويندي، جنهن جي ٻڌڻ سان اکيون آبجي پونديون، ۽ دل ۾ ائين پيو معلوم ٿيندو، ڄڻ ڪنهن چهنڊي پائي ورتي. ٺلو ’دانهاِّ اشڪ‘ جو داستان ڪيل ڪونه هوندو، جنهن تي ڪي شاعر ’گوهرِ شاهوار‘ کي به نثار ڪري ڇڏيندا آهن [76]، يا انهن کي ’لولوئي لالا‘ سان مشابهت ڏئي خواهه مخواهه اکين کي ’غيرت نيسان‘[77] بڻائي ڇڏي، ۽ ڪجهه وقت بعد اکين مان اچي موتيا پاڻي لهي، ۽ ماڻهو وتي ڊاڪٽر هالينڊ جا پتا پار، ڏس ۽ پنڌ پڇائيندو، يا وري اکين جي ’يم‘[78] جو بيان ڪري اهڙا واٽر ڪورس وهائجن، جو انهن جي ’آب روان‘ ۾ جڏهن لڙهي [79] هلجي، ته واٽهڙو ان کي لاوارث لاش پيا سمجهن. اهي ڪم ايراني ۽ اردو اکين جا- اسان جون اکيون حجاب ۽ حياءَ جون ماريل، پنهنجو مرم هڪ طرف پيو مارين ته محبوب تي مامري مچڻ جو ٻئي طرف اونو ۽ الڪو. ڪنڊ پاسي وڃي، عام کان گوشو ڪري، لڪ چوريءَ کڻي ٻـُـڪ پاڻين جو وهائين، ليڪن عام جي اڳيان لـُـڙڪن وهائڻ کان پيو لـڄ مرنديون، قطرو ڪيرڻ کين پيو عيب لڳندو، متان ڪو دل جو ڀيد نه پرکي وٺي، متان اندر جي اورا جهورا پڌري نه ٿي پوي، متان کرن ۽ کاهوڙَن کي کـُـڙڪو نه پئجي وڃي، ۽ مبادا ڪو طعنو ۽ تنڪو نه هڻي رکي، ڪو ويڻ نه ڏئي وٺي- انهن کي مُـهڙيان ئي ”نِهائين کان نينهن“ جي سُتي جا پيل هئي! انهن جو عام اڳيان ڇڙو آبجي پوڻ به وڏي ڳالهه هئي ليڪن ڇا ڪن، ”نياز“ جي تڪ، جو لاچار ڪري رکندي هين.
درحقيقت ”نياز“ ايڏو باڪمال شاعر هو، ۽ کيس زبان ۽ خيال تي قادر ايتري قدرت ڏني هئي، جو ڪافيءَ ۽ سنڌي ڪلام جي ٻين نمونن ۾ ته خير، پر خود غزل ۽ نظم جهڙي ڌاريءَ سرزمين ۾ جڏهن ايندو هو، ته اتي به زبان، ديسي استعارن ۽ مقامي تشبيهن جا باغ ۽ بستان پکيڙي هڪ عجيب لئي ۽ لقاءُ لائي ڇڏيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن سان ڪڏهن هوڏ تي ايندو هو، ته غزل ۽ نظم ۾، قطعي ۽ رباعيءَ ۾ نه فقط فارسيءَ جا اڻ ٻڌل ۽ اڻ ڏٺل اکر آڻي گڏ ڪندو هو، بلڪ عربيءَ جا غير معروف الفاظ ملائي، شعر کي بلڪل ’بهار دانش‘ بڻائي ڇڏيندو هو. الغرض هر نموني تي کيس قدرت هئي ۽ هر طرح ۽ طريقي تي هو قادر ۽ ڪامل هو.
”نياز“ مرحوم جي آواز ۾ خاص قسم جي سنهي، ليڪن نهايت نرم ۽ بازڪ تنوار هوندي هئي. پڙهندو ته معلوم ٿيندو ڄڻ سندس گلي ۾ تار آهي، جنهن کي لفظ ڇـُـهندا ۽ ان تي وڄت ڪندا پوءِ ٿا ٻاهر نڪرن. شعر تحت اللفظ پڙهندو هو. شعر کي ميراثين وانگر ڳائي پڙهڻ جو رواج ان وقت تائين شروع ڪونه ٿيو هو. اهو طريقو گهڻو پوءِ سڀ کان پهريون هڪ طرف حفيظ جالنڌريءَ ڪڍيو، جڏهن کيس ”شاهنامہء اسلام“ وڪڻڻ جي ضرورت پيش آئي، ۽ هن شهر شهر ڦري، در در اسٽيج تي چڙهي، ڳائي وڄائي، ان کي خوب وڪيو، ۽ ٻئي طرف جگر مراد آباديءَ پنهنجي مخصوص لئي ۾ غزل پڙهي، ماڻهن جو توجهه فن جي خوبين ۽ خرابين کان هٽائي، سر ۽ تال طرف ڪري ڇڏيو. انهن ٻنهي شاعرن جي بدعت بعد هرڪو نوجوان ڳائي پڙهڻ ۾ ست پشتن ميراثين کي شهه ڏئي ويو. تحت اللفظ سان گڏ لئي اِنهيءَ کان پوءِ مشاعرن جي روايت بڻجي پئي. لاڙڪاڻي ۾ شعر تحت اللفظ پڙهيو ويندو هو، يعني بنان سر جي، سنجيدگيءَ ۽ متانت سان، شريفانه طور ۽ طريقي تي. ”نياز“ جي تحت اللفظ پڙهڻ ۾ به هڪ سوز ۽ ساز هو، سر ۽ ميٺاج هو. هڪ هڪ اکر چٻي چٿي بيان ڪندو هو. جتي لفظ تي زور ڏيڻو هوندو، اتي زور ڏيندو، ۽ جتي هلڪي انداز ۾ چوڻو پوندو هو، اتي نهايت نرميءَ سان اکر اکر ۾ ساهه وجهي، اهڙيءَ ريت سڄو غزل پڙهي ويندو هو، جو سامعين جي اکين اڳيان شعر جي مطلب ۽ معنيٰ جو نقشو چٽجي ويندو هو. سامعين خواهه خود شاعر سڄو وقت ساڪت ويٺا هوندا هئا، گويا سندن روح سڄي بدن مان نپوڙجي اچي ڪنن ۽ اکين ۾ پيو آهي. اکيون ”نياز“ ۾ کتل ۽ ڪن بيتن تي. جڏهن غزل ختم ٿيندو، تڏهن سڀئي ڪرسين ۽ موڙن تي هلڪا ٿي، پاڻ ڇڏي ڏيندا هئا. اها ڇڪ (Tension) جيڪا غزل ٻڌڻ مهل طاري ٿيندي هئي، سا لهي پوندي هئي.

* * *

”نياز“ کان پوءِ، ڪاغذن جو هڪ چڱو دستو کڻي، اٿندو حضرت ”خادم“ لاڙڪاڻوي- رنگ جو ٿورو سانورو، سنهاري صاف، مڇن جا ٻئي سرا ڪپيل، چپن تي هلڪي مُرڪَ، جنهن مان سندس طبيعت جي شگفتگي پئي بکندي. اهائي ترڪي ٽوپي، هيٺ تي سٿڻ، ۽ قميص مٿان شارٽ ڪوٽ. انگريزي لٽا ڪڏهن ڪونه پاتائين. لڪڻ هميشه هٿ ۾، ”خادم“ کي لڪڻ کان سواءِ ڪنهن ڪونه گهمندو ڏٺو. قدم ۾ هڪ پختگي ۽ ڄمت، آهستي آهستي نهايت سنجيدگيءَ سان پيو لکن جي لوڏ هلندو. طبيعت جو نهايت سادو ۽ نيڪ، دوستيءَ لاءِ آتو ۽ محبت ۾ ثابت قدم. نيبهه ۾ نهايت پڪو ۽ پختو. هڪ دفعو دوستي ٿي ته وري ان ۾ وچور نه پوندو. ڀلا غرض ۽ مطلب تي دوستي رکندو ئي ڪونه هو، پوءِ قط ڇو پوي، وچور ڇاجي ڪري ٿئي ۽ راه و رسم ڇو ڇڄي؟ شعر جي چوڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ، مشڪل ڪو سندس ثاني سنڌ ۾ لڀندو. عروض جي علم تي سنڌي زبان ۾ پهريون ڪتاب پاڻ لکيائين، ڏاڍو سهنجو ۽ سليس. غزل نهايت سنجيدو، پختو ۽ استادانه هوندو هيس. ڪنهن کي مجال، جو سندس ڪلام تي حرف هڻي سگهي. عشق ۽ حسن جا معاملا به آڻيندو هو، ليڪن زياده تر اخلاقي اقدارن ۽ اصلاحي نڪتن تي نظر هوندي هيس. سندس شعر تي سندس پنهنجي استاد، ڊاڪٽر صديقي مرحوم، جو رنگ زياده غالب هو.
”خادم“ پهريون پڙهندو ٻاهران آيل غزل، جيڪي ٽپال جي ذريعي وٽس ايندا هئا. ان بعد پنهنجو غزل، نظم، مخمس يا مسدس، بهرحال جيڪي چيل هوندس سو پڙهي ٻڌائيندو- تحت اللفظ ليڪن نهايت مٺي لهجي ۾، ڄڻ ماڻهو لولي ٿو ٻڌي. پنهنجي شعر ۾ هو ڌارين لفظن جي تلفظ، لهجي ۽ وزن کي سندس اصلي صورت ۾ قائم رکندو هو. ٻين شاعرن وانگر نه انهن جي صورت بگاڙيندو هو، ۽ نه انهن جي اوزانن کي درهم برهم ڪري شعر ۾ سڪتو يا تعقيد پيدا ڪندو هو- سنڌيءَ جي چند لفظن کان جيڪڏهن درگذر ڪبو ته ائين معلوم ٿيندو ڄڻ ڪنهن ايراني استاد فارسي لفظ شعر ۾ وهاريا آهن.
استاد ”خادم“ کان پوءِ، سڀن جو توجهه ٿيندو صدر صاحب ڏانهن- ”سبحان الله! حضرت هاڻي ارشاد ٿئي! بسم الله! ارشاد!“ مرحوم علي محمد قادريءَ جو نه ڇڙو تخلص ”فقير“ هو، بلڪ سيرت ۽ صورت جو به پاڻ فقير هو. نماڻو، نهٺو، نيڪ، سٻاجهو، مٺو ۽ مهربان. ڪنهن جي تيريءَ ميريءَ مان نه ڄاڻندڙ، بزرگن جهڙا روشَ ۽ رَوَش، اٿيءَ ويٺيءَ ۾ ڏاڍي وضع داري، ائين پيو معلوم ٿيندو، ڄڻ سڀني جو سرپرست ۽ سڄي محفل جو مربي آهي- سڀئي ڄڻ سندس اولاد برابر پيا سونهن. بياض پاسي ۾ هوندو هيس، عينڪ پائي انهيءَ جا ورق اٿلائيندو، شاعرن مٿان نگاهه ڦيرائيندو، سامعين تائين پهچائيندو، ٻي کنگهڪر ڪري پوءِ چوندو، ”جناب اعليٰ! عرض ٿو ڪريان!“ سڄو مشاعرو يڪ آواز ٿي چوندو، ”ارشاد! حضرت، ارشاد!“ اهي سڀئي آداب ۽ اکر حقيقت ۾ ڌاريا هئا، ليڪن لاڙڪاڻي جي مشاعري ۾ شروع کان وٺي رائج هئا. تنهنڪري ڪنهن کي اوکا ڪونه لڳا ٿي. سڀئي انهن تي ڄڻ هريل هئا. ميان صاحب مرحوم جو سڄو غزل نهايت ادب ۽ خاموشيءَ سان ٻڌو ويندو هو. هڪ اڌ بيت توحيد ۽ نعت ۾، چند سٽان پنجتن پاڪ جي تعريف ۾، ڪجهه نڪتا اخلاق جا ۽ ڪي سبق تصوف جا. ڪڏهن ڪڏهن عشق جي چاٽ به اچي ويندي هئي، ليڪن اها حقيقي! مجاز جو مزو غالباً خود ميان صاحب ئي ڪونه ماڻيو هو، تنهنڪري انهيءَ جو اسرار بيان ڪرڻ سندس وضعداريءَ جي بلنديءَ کان گهڻو پست هو.
لاڙڪاڻي جا ماڻهو گهڻو ڪري سج لٿي جي نماز پڙهي، رات جي ماني کائي ڇڏيندا هئا. چانور، انبن جي موسم هوندي ته انب، ورنه ڪا ڀاڄي، ۽ مٿان ٿڌي کير جو وڏو وٽو، جي مانيءَ مٿان نه پيئندا ته گهمي ڦري سمهڻ کان اڳ پـِـي ڇڏيندا هئا. مانيءَ کاڌي بعد، تقريباً 8 بجي ڌاري مشاعرو شروع ٿيندو هو، هڪ ڏيڍ بجي رات جو وڃي مس ختم ٿيندو، هر ماهه پوئين آچر جي رات جو، جي ڏکڻ گهلي پوندو ۽ مشاعرو رنگ لائي بيهندو، ته رات جا ٻه اڍائي به وڄي ويندا هئا. صبح جو اونو ته هرڪنهن جو لٿل هوندو هو. آچر ڏينهن نه آفيس، نه ڊيوٽي، ڪم نه ڪار، نه ڪورٽ نه ڪاردار. هرڪو پاڻ کي پيو واندومل ڀائيندو.

* * *

مشاعرو منتشر ٿيو، ته هرڪو اُٿي گهرن ڏانهن پيرين پنڌ راهي ٿيندو. گرمي هوندي ته هرڪنهن جي هٿ ۾ پکو، ڳالهائيندا به ويندا ۽ پاڻ کي جهلو به هڻندا ويندا. جي هير هوندي ته ”هاءِ! هاءِ!“ ڪندا، هيانءُ ٺاريندا، کلندا خوش ٿيندا، شاعرن ۽ شعرن تي راءِ زني ڪندا، وڃي گهرين ڀيڙا ٿيندا. بٽ صاحب، حنيف ۽ مان گڏ موٽندا هئاسين. بٽ کي گيان باغ ۾ ڇڏي، پوءِ سـُـڪ پل موٽبو هو.
گيان باغ انهيءَ زماني ۾ ديوان گيانچند اڃا نئون نئون ٺهرايو هو. ڇٻر جا وڏا وڏا لان، پاسي سان گلن جون ناليون، چهٻچا ۽ ٻارا، ڪشادا چمن ۽ موڪرا سنتر، گول چڪرن ۽ چؤٻارن تي سوين بينچان رکيل. پاڻ بمبئيءَ ۾ رهندو هو، تنهنڪري پوني مان هرقسم جا گل آڻي ڪڍيا هئائين. بخمل، گينڊو، زنبق، زعفران، دائودي، سورج مکي، رابيل، ٽانگر، رات جي راڻي، بادشاهه پسند، تڪمو، ميخڪ (Carnation)، رتن جوت، شبو، هار سنگار، گلاب جا ته ڪيئي قسم- اڇو، خوني، سدا گلاب، شير چاهي، ڦڪو، ميرانجهو- ڪي ٻوٽا ته ڪي وليون. مطلب ته در کان جو اندر گهـِـربو، ته چوڌاري چانڊاڻ نظر ايندي، روح کي تراوت ۽ اکين ۾ اوجر اچي ويندو هو. خدا نه ڀلائي! ڀايان، ڏيڍ سؤ کن ايڪڙ ۾ باغ هو، چئني ڪنڊن تي عمارتون اڏيل. دروازي کان لنگهندي، سڄي هٿ تي ديوان جي پنهنجي رهڻ جي جاءِ هئي. خيال هيس ته بمبئي ڇڏي عمر جا پويان پساهه اچي اتي پورا ڪندو. نهايت معمولي منشيءَ مان ترقي ڪري وڃي ڪروڙپتي بڻيو. ريلوي اسٽيشن تي مال گدام جو منشي هو، جتان اٿي وڃي بمبئيءَ جي G.E. ڪمپنيءَ جو مالڪ ٿيو. اورچ، ايماندار ۽ نهايت محنتي هو. بندرو مڙس، نڪ ٿلهو، بت ڀريل، چپ موٽا. جڏهن مان ڏٺو، تڏهن پنجونجاهه کي پهچي چڪو هو- اڇا گهڻا، ڪارا ڳاڻوان. سندس باغ جڏهن ٺهي راس ٿيو، تڏهن لاڙڪاڻي ۾ رنگ لڳي ويو. هرڪو شام جو اتي، چانڊوڪين ۾ ته لاڙوين سومهياڻيءَ کان پوءِ پـَـئي موٽ ٿيندي هئي.

* * *

گهاڙ جو به تن ڏينهين اوج هو. ٻنهي ڪنارن تي وڻڪار. شهر ۾ ٻـُـٽَ هوندي ته به گهاڙ ڀڪ تي پئي هير هلندي وهڪري ۾ سهنجو ۽ سانتيڪو، ڏاڍيءَ سنجيدگيءَ ۽ متانت سان اوڀر کان پيو ايندو ۽ اولهه ڏانهن پيو ويندو. صبح سانجهيءَ، اڌ رات منجهه رات، هر اوڀاريون هرلهواريون، ٻيڙين ۽ ڊونڊين جي اچ وڃ هوندي، ننڍن بتيلن کان وٺي اٺ خرارين ٻيڙين تائين. سکر کان مال هلندو، قمبر کان به هيٺ پيو پهچندو. کارڪن جي موسم هوندي ته انهن جو وڻج واپار هلندو، انبن جي موسم ۾ انب، گدرن ۽ هنداڻن جي موسم هوندي ته اُهي. ورنه اَنَ ۽ ٻئي مال جي آمدرفت ته هميشه رهندي هئي. اڄ لاريون ڍوئن ٿيون، انهيءَ زماني ۾ گهاڙ اها چاڪري ڏيندو هو. پوکان به ٻنهي ڪنارن سان پچائيندو هو.
هاءِ! هاءِ! جوارن جون پوکان ۽ انهن جا نار، هر ۽ هـُـرلا، جنسي بهشت هوندو هو. قدم قدم تي آيٽ: ڪي جـُـنگَ ته ڪي نار، ڏاند پيا وهندا، ڳاڌيءَ تي ويٺي ڪڏهن گهر ڌياڻيون ڪڏهن ڪڙمي ۽ ڪڏهن انهن جي اولاد پئي ڏاندن کي هڪليندي. آيٽن جو آواز جڏهن ٻنهي ڀرن کان اَسر مهل اٿي کڙو ٿيندو هو، ان وقت ائين پيو ڀانئبو ڄڻ دنيا جهان جا ساز ۽ سرندا اچي ڪٺا ٿيا آهن! آيٽن جي مٿان مَنَهن ايڏا ٿڌا، جو ويٺي اک لڳي وڃي. جواريون پچنديون ته پيها پئجي ويندا، کانڀاڻيون هٿن ۾، چوڌاري پيا گليلا اڇلبا ۽ جهار پئي هڪلبي. زياده تر ڪاه چـَـتونءَ، ڪٻر، ڪانءَ ۽ ڳيري تي هوندي هئي [80]. اهي ئي پکي پوک جا دشمن هئا. وڏي آواز سان هر ڪنهن پيهي تان پيو ٻڌبو، هور ڙي! ڳيرا، هور! هور ڙي! ڳيرا، هور!- اچئي ٿو ڪاري ڪٻر! اچئي ٿو!، ٺا!، ڪٻر کي ته ڪونه لڳندو، ليڪن گليلو سوساٽ ڪندو مٿان ضرور لنگهي ويندو. ڪٻر اُڏامي ويندي، وري اچي ڪانءُ وهندو. اهو تڙبو، ته چتونءَ جو وارو ايندو. جهار جو زور هڪ صبح جو ٿيندو هو ٻيو شام جو، پکي صبح جو بکيا ايندا هئا ۽ شام جو گهرندا هئا ته واهيري تي وڃڻ کان اڳي پيٽ ڀريو وڃن.
غرض اهڙيءَ طرح لکين لقاوَ ۽ سوين مزا هوندا هئا. گهاڙ جي ٻنهي ڀرن سان ايڏي وسنوَ هوندي هئي، جو ڀانئبو هو ته شـَـهـَـرَ آباد آهن. جوارن جي ڇٽ کان وٺي ويندي لاباري لٿي تائين ڪڙميءَ جو سڄو ارڪو ترڪو اچي آيٽ تي ڪٺو ٿيندو هو. سانوڻ ۾ ڪم شروع ٿيندو، سـَـر ۾ نيسارو ٿيندو ته پوک ۾ ڏاٽو پوندو. اهو سڄو وقت اُٿي ويٺي، رهڻي ڪهڻي، کاڌو پيتو آيٽ تي ٿيندو. زال ٽـَـئي وقت ماني اتي پهچائيندي. گاهه پٺو، ڪـُـتر ڪـَـڙي، ڏاند ڍڳو سڀ اتي. البت جمعي رات جو ڪڙمي گهر وڃي ٽڪندو هو، آخر شرا شريعت جا به ته ڪي حق مٿس هئا! جوئر جو ڪانون پڪو ٿيندو هو، ان وقت سڄي پوک ۾ ڄڻ چنگ پيا وڄندا. هلڪي هواءِ هجي خواهه هير، ڪانا هڪٻئي سان ٺهڪي اهڙا آواز ڪڍندا هئا سريلا ۽ مٺا، جو ڄڻ چوڌاريءَ پيا چنگ وڄن، گويا موسيقيءَ جا ميخانا متا پيا آهن.

* * *

شڪارپور جو سنڌ واهه ۽ لاڙڪاڻي جو گهاڙ ڪئنال، ٻنهي جي اوج جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! جن اهي عروج اکين سان ڏٺا هوندا، اڄ به ڳالهيون ياد پوندين، ته ڄڻ گهاوَ اچي ويندن. اها بهاري اکرن منجهه ڪا آڻي سگهبي؟
گرمين ۾ سنڌ واهه تي ميلا لڳي ويندا هئا. هرڪو پيو ترندو، هندو هجي خواهه مسلمان، مذهب ۽ ملت شهر ۾، جڏهن سنڌ واهه تي ايندا، ته هندو خواهه مسلمان سڀئي ڀائر هوندا. سڀئي گڏ کيڏندا، گهـُـتان هڻي، پاڻيءَ منجهه پيهي، يڪ ساهيءَ فرلانگن پٺيان فرلانگ وڃي کڻندا. شرطان رکبيون هيون، هوڏان ٿينديون هيون. انبن جي موسم ٿيندي، ته ٽوڪرا اچي ڪنڌيءَ تي لهندا. پاڻيءَ ۾ ويٺي ويٺي، کائيندا به پيا ۽ هڪٻئي کي کوکڙن سان نشانا به پيا ڪندا. کـِـل چرچو، مسخري، مطلب ته ڀوڳ ٺڪاءَ جا هوڪرا، سڄو ڏينهن هوندا هئا. هرڪو رِيان کـِـيان. خدا ڄاڻي ٿو! ڪنهن کي خبر ڪانه هئي ته غم به ڪو ٿيندو آهي، من تي به ڪا مونجهه ايندي آهي. ڪنارن جي وڏن وڻن جي ڇانوهرن ۾ ڇڻڪار ٿي ويندا هئا، گلم غاليچا وڇائجي ويندا هئا، کٽان، کٽن مٿان کيس ۽ وهاڻا، دعوتون ٿينديون، دوست احباب اچي ڪٺا ٿيندا. پهريون راڳ ٿيندو پوءِ کاڄ کائبا- سون قسمن جا ته شڪارپور جا ٺهيل آچار ۽ کٽاڻيون هونديون هيون. انبن جو آچار، متيرن جي کٽ، ڏيلهن جي کٽاڻ، ڦارُوَنِ جو سانداڻو، بصر جو آچار، ليمون لوڻ ۾ پيل، ليمون سرڪي ۾ رسيل، گل گوبيءَ جا ڳتر سرڪي ۾ وڌل، گوگڙون ۽ گـَـجران ٻين سان به گڏ ۽ جدا به انهن جي کٽاڻ هوندي هئي. ڪي آچار مٺا، ڪي وچ ٿرا، ۽ ڪي صفا ترش. ڪي مسالي سان، ڪن ۾ مسالو گهٽ ۽ ڪن ۾ اصل ڪونه. چٽڻيون انهن کان علاوه، انبڙيءَ جي چٽڻي جنهن ۾ سائي ڦودني جي لغار هوندي، سا زياده پسند ڪئي ويندي هئي. ساون مرچن کي ڦودني ۽ ڌاڻن جي پنن سان گهوٽي جدا چٽڻي ڪبو هو. بصرن جي سنهيءَ ڪاتر تي ساون مرچن جي ريکا ڏئي مٿان ليمي جو رس وجهندا هئا. اهو به چٽڻيءَ جو هڪ اور قسم هو. کاڄ به سـَـون قسمن جا اچي گڏ ڪندا هئا. ترڪاري جدا ته ڀاڄيون جدا. ڪيئي قسم ڀونن جا، ڪيئي نمونا ڀاڄين جا، ڪي تريل ڪي پڪل ته ڪي رڌل. پلاءُ به ضرور ته زردو به پڪ سان هوندو هو. موسمي ڀاڄين کان سواءِ بي مندائتـِـن ڀاڄين جون ڪچريون ڪندا هئا. متيرن جون ڪچريون، ڪريلن جون ڪچريون، ڀينڊين جون ڪچريون، گجرن جون ڪچريون. مطلب ته ڦردار ڀاڄيءَ جون سڪل ڪچريون ۽ پنن واريءَ ڀاڄيءَ جا پن سڪل، سال جي هر مهيني ۽ موسم ۾ موجود رهندا هئا.
مانيءَ مان هٿ ڪڍي، ڪي ويهي چوپڙ ڪندا ته ڪي تاس. جيڪي وڏيءَ ڄمار جا هوندا سي حـُـقو پاڻي به پيا ڪندا ۽ کٽن تي چيلهه سڌي ڪيون هلڪا هلڪا کونگهرا به پيا هڻندا. پکي جي هواءِ جي سڄو ڏينهن حاجت ڪانه ٿيندي هئي.
چار وڄندا، لکيدر تان طرحين ٻاٽليون اچي وينديون. پڪوڙا، سڱر، پاپڙ، نختي، جليبيون، پستن جي مشهور مٺائي- ڪا رنگ جي سائي، ڪا ڳاڙهي، ڪا گلابي. رنگ برنگي مال اکين اڳيان ڏسي، هر ڪنهن جو هاضمو درست ٿي ويندو. ڦارُوَن جي موسم هوندي ته انهن جو شربت، ورنه خسخس ۽ بادام جي ٿاڌل جدا، بادامن ۽ ست مغزيءَ سان گهوٽيل سکو الڳ. نيرڙيءَ ٽپهريءَ جو هرڪو اتان پيو اٿندو.

* * *

انهيءَ ئي زماني ۾ (1931ع) سکر بيراج مڪمل ٿي، ۽ واهه اُڙها. لاڙڪاڻي مان گهاڙ بـُـٺُ بڻجي ويو ۽ شڪارپور مان سنڌ سڪو، ڀـَـرِنِ ۽ ڀڪـُـنِ تي جيڪي سون سالن جا وڏا وڻ وڻڪار لايون بيٺا هئا، سي ڪجهه سڪي ۽ سڙي ويا، ڪن کي سرڪار نيلام ڪري ڇڏيو. انهن ئي وڻن جون ڇانوان بي مثل ۽ انهن جي پاڇن جون تنوارون تن کي تازگي ڏئي ڇڏينديون هيون. انهن هيٺان ساز ۽ سرود وڄندا هئا، الو ميان ٿيندي هئي، دائـِـرَن ۽ مڪانن ۾ دونهيون پيون دُکنديون هنيون، پاڻي جا مٽ جن تي سينور جي ساوڪ، تڏا ۽ تنؤريون آئي وئي لاءِ موجود. ڪنٺا ڳچين ۾ وجهيون، وار ڇوڙيون، اکيون ڳاڙهيون ڪيون، گيڙوءَ رتن جامن ۾، فقير ۽ فقرا، ملنگ ۽ قلندر، هوت هينئين لايون ويٺا رهندا هئا. نماڻيءَ ٻوٽيءَ کي ڏنڊو ڪونڊو هيون، آبي چـُـڪا پاڻ به پيئندا هئا ۽ آئي وئي جي به پيا چاڪري ڏيندا هئا. پيالن پيڻ وقت وڏي واڪ پيا ٻول ڪڍندا- ”پيءُ! مولائي پيءُ! جيڪو پئي، سو جئي، ٻين جو جيئڻ ڪيتن تي!“ ”مست قلندر“ جا صبح سانجهيءَ دنبها هيون پيا چوندا: ”قلندر مست!، هـُـهـَـو!، قلندر مست!، يا اِلي مدد!، مولا اَلي مشڪل ڪشا مدد!“
انهن ئي دائرن ۾ سچل جي ڪلام ۽ شاهه جي ڏوهيڙن ڏاج ڏيوڻ لڌا، انهن ئي مڪانن منجهان ڪفني پوش قلندرن ٻاهر نڪري، هٿ ۾ يڪتارا کڻي، پيرن ۾ ڇيريون وجهي ۽ گنگهرون ٻڌي، جهنگ جهر، شهر ۽ بحر ۾ اسان جي شاعرن کي مشهور ڪيو. تڏهن نه اڃا گربخشاڻي هو، نه قليچ بيگ هو، نه ڪتاب ٺهيا هئا، نه ڇپائيءَ مان ڪو واقف هو. اڃا ادبي بورڊ جو به ڪنهن کي خواب خيال ڪونه هو. مطلب ته گهاڙ سڪايوسي، سنڌ واهه کي ويران ڪيوسي، واهن منجهه وهنجڻ ۽ ترڻ ڇڏي ڏنوسي، وڻن ۽ انهن جي ڇانون کي قربان ڪيوسي، اهو سڀڪجهه وڃائي بيراج حاصل ڪئيسي، ان لاءِ ته آبادي وڌي، ملڪ سائوستابو ٿئي، پاڻي عام جام ٿين، اَنُ ايترو ٿئي، جو نه ڇڙو اسان ريان کيان هجون، پر پاڙي پلاند وارن جي به بک ڀڄي، ڀل اسان جي خوش قسمتيءَ منجهان اهي به فائدو وٺي، پنهنجو ڏک ۽ ڏڪار لاهن. ليڪن هاءِ بخت جي بازي! اهوئي ڏڪر، اهائي بک، اڃا اڳ ٿوري هئي، هاڻي ويرئون وڌ پـَـئي ٿيندي وڃي. اڳي زمينان چانديءَ وانگر پيون چمڪنديون هيون، هاڻي سڀني ۾ اهڙو اچي سيڪُ ۽ سم نڪتو آهي، جو چند سالن کان پوءِ براجون ته اسان وٽ هونديون، واهه به پيا وهندا، ۽ پاڻي به عام جام هوندو، ليڪن زمين ڪٿي، جنهن ۾ هر هلائجي![81]

* * *

وچ ۾ ڪجه جملا معترضا اچي ويا! در حقيقت مون کي پنهنجي ڳالهه ڪرڻي هئي، اجها هيءَ ته مان پاڻ به انهيءَ زماني ۾ شاعر هيس، ”ثنائي“ ۽ ”وفائي“ سان هم رديف بڻجڻ خاطر پاڻ کي ”فدائي“ ڪيو هيم. فارسيءَ ۾ اڃا ايتري مهارت ڪانه هئي، تنهنڪري اردو ديوانن منجهان قافيا ڪڍي، خيال هٿ ڪري، غزل جوڙيندو هيس. حضرت ”خادم“ منهنجو استاد هو. مشاعري ۾ پڙهڻ کان اڳ کيس اصلاح لاءِ موڪليندو هيس. ڪٽ سٽ کان پوءِ غزل ته يقيناً وزن ۾ اچي ويندو هو ۽ غلطين کان به پاڪ صاف ٿي پوندو هو، ليڪن اصلاح ايتري ٿيندي هئي، جو مان واري تصنيف حضرت ”خادم“ جي تاليف بڻجي پوندي هئي. انهيءَ هوندي به مان ان کي پنهنجو سمجهي پڙهي ويندو هيس. جڏهن پڙهڻ جو وقت ويجهو ايندو هو، ان وقت منهنجي چپن تي خشڪيءَ جو ڪلر چڙهندو هو، زبان سڪڻ شروع ڪندي هئي، ۽ تارون ڪنڊا ڪنڊا پيو ٿيندو هو، بدن ۾ سياٽو ۽ هٿ پير ٺري پوندا هئا. سڏ ٿيندو- ”جناب فدائي صاحب!، ارشاد ٿئي؟“ جناب فدائي صاحب ارشاد ڇا ڪري! دل جي ڌڙڪي کي جهلي، هٿن جي ڏڪڻيءَ کي روڪي يا ساهه جي سهڪي تي قبضو ڪري، تارونءَ ۾ زبان کي آلو ڪري يا غزل پڙهي! نيٺ سر تي آئي کان پوءِ، وڏي جدوجهد بعد، دهشت جي انهن سڀني علامتن تي قبضو ڪري، پڙهڻ شروع ڪندس. ليڪن جنهن هٿ ۾ غزل جو ڪاغذ هوندو هو، ان جو پڇاڙيءَ تائين قبضي ۾ اچڻ خير هو. استاد ۽ استاد جا ساٿي وڏي واڪ واه واه پيا ڪندا، ڪجهه حنيف ۽ بٽ صاحب جي به ڀلائي ٿيندي هئي، باقي دوستيءَ جو ننگ مرحوم غلام سرور پاڙيندو هو، ٻيو سڄو مشاعرو غير جانبدار، نه آهه! نه واهه! بهرحال مقطعو پڙهي، جڏهن وهندو هيس، دل جو ڌڙڪو ان کان پوءِ به ڪيتري وقت تائين قائم رهندو هو. ڪجهه وقت ته اهڙيءَ ريت هلندو رهيس، خاڪو مان تيار ڪندو هيس، ان کي غزل جو روپ استاد وٺرائيندو هو. ليڪن هلي هلي، آخر پاڻ ۾ بي اعتمادي پيدا ٿي پـَـئي. سمجهيم ته در اصل مون ۾ نه شعر گوئيءَ جو سليقو آهي ۽ نه طبيعت ئي موزون يا مناسب آهي، جنهن بعد مرڳوئي انهيءَ شغل کان دستبردار ٿي ويٺس. ڪن ڏينهن پڄاڻان محسوس ٿيو ته واقعي مان ڪنهن آزار ۾ ڦاٿل هيس، جنهن مان کڻي خدا جند ڇڏائي. ڀايان ڪو ڏنو آڏو اچي ويو.

* * *

اهي ڏينهن ويا، اهي زمانا گذريا، سنگتي ساٿي ڪي وڇڙي ويا، ته ڪي اهڙيءَ ريت هيڏي هوڏي ٿي ويا، جو وري ڪڏهن هڪ ٿي نه سگهيا سي. حنيف به سـُـڪَ پل واري جاءِ ڇڏي وڃي اسٽيشن وارو بنگلو وسايو، جتي قاضي صاحب امتحان پاس ڪري ساڻس اچي ڀتو. هاڻي پـُـرسڪون ادبي ڪچهريون ويون، سياسي هـُـل ۽ هنگاما شروع ٿيا. جن موڙن تي پڙهيل ڪڙهيل ويهندا هئا، انهن تي جاهل ۽ مجهول وڏيرا اچي ويٺا. جتي اڳ ڪتابن جي اوراقن جي اُٿل پٿل ٿيندي هئي، اتي ووٽرن جي لسٽن جو گردان ٿيڻ لڳو. لاڙڪاڻي مان اسان به کڻي ٽپڙ ٻڌا. مشاعري جي ارڪانن به هڪ هڪ ٿي موڪلائڻ شروع ڪيو. پهريون غالباً مرحوم علي محمد قادري انهيءَ وَلـَـر مان وڇڙيو. پوءِ آيو وارو ميان غلام سرور جو، نه وهم نه گمان، اڃا جوانيءَ به موٽ ڪانه کاڌي هيس، زندگيءَ جو سج اڃا منجهند تي مس پهتو هو، سڀن دوستن جي دلين کي داغَ ڏئي ائين هليو ويو ڄڻ اسان جي وچ ۾ هيوئي ڪونه. جڏهن وڏيءَ سرڪار جو سڏ آيس تڏهن ڪنڌ ورائي به ڪونه ڏٺائين، اسان سڀ تڪيندا رهجي وياسي:

هنڌ اهي ئي ماڳ جت نه رهيا جوءِ ۾،

سچ پچ ته ادبي محفلن کي، دوستن جي دلين کي، بلڪ حقيقت هيءَ آهي ته لاڙڪاڻي جي سڄي شهر کي صفا برباد ۽ ويران ڪري ويو. ان کان پوءِ ڏٺوسي، ڪيترن ئي ڪوششون ڪيون، ليڪن اهو رنگ رچي ڪونه سگهيو.

ماڻهو مڙئي نه سهڻا، پکي مڙئي نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهونءَ منج، اچي بوءِ بهار جي.

ميان پير بخش ”واهه واهه“ پهريون رٽائر ڪري لاڙڪاڻي مان ويو، پوءِ موت ان ملاقي ٿي روهڙيءَ منجهان رخصت ٿيو. غلام علي ”مسرور“ جي به ڪنهن ٻئي ضلعي ۾ بدلي ٿي، جنهن کان پوءِ جيسين جيئرو هو تيسين منهن ورائي ڪونه ڏٺائين. الغرض متل مجلس اهڙيءَ ريت آهستي آهستي هڪ هڪ ٿي درهم برهم ٿيڻ لڳي. هڪٻئي کان هرڪو وڇڙي، اهڙيءَ طرح هليو، جو وري وصال وارو ورق وري نه سگهيو. انهيءَ ساٿ منجهان ٻه ساٿي بچندا ٿي آيا، دل کي دلجاءِ هئي ته ٻه ٻارهن آهن، پوڙها ٿي چڪا آهن پر اڃا آهن ته سهي. انهن کي ڏسي ڪي ڏينهن ته ياد پون ٿا. ڪن زمانن جي يادگيري ته اچي ٿي، پاڻ ڪنهن مٺي ماضيءَ جا ته نشان آهن. جڏهن کين ڏسجي ٿو ته روح کي سرور پهچي ٿو، دل کي ڄڻ آٿت اچي ٿو. شل سدائين سلامت هجن! ليڪن ڇا ڪجي، انهن مان به هڪ موڪلايو! ”نياز“ زندگيءَ جو بوجهو لاهي ڇڏيو، هلڪو ٿي وڃي حورن جي هنج ۾ پيو، باقي رهيو محمود ”خادم“، جنهن کي به سَون بيمارين اچي سوڙهو ڪيو آهي، وار به ڪارن مان ڦري اڇا ٿي ويا اٿس، اهڙا جهڙا ڪپهه، جهڙو کير، يا جهڙي برف، منهن سمورو جهـُـريون جهُريون، اکين مان اها چمڪ وئي، هاڻي ماندگي پئي معلوم ٿئي، مُرڪَ جيڪا محفل کي موهي رکندي هئي، ان مان اهو ست ۽ ساءُ نڪري ويو، هاڻي کلي ٿو ڄڻ ڦڪي کل پيو کلي. نه گرمي، نه حرارت، نه دلڪشي نه ڪشش، ٿڪاوٽ، ماندائي ۽ مجبوري پئي ان مان ظاهر ٿئي. هلي ٿو پر وک ۾ اها ڄمت ڪانه، قدم ۾ اهو عزم ۽ ارادو ڪونه، ائين پيو معلوم ٿئي گويا مسافر هلي هلي کيرو ٿي پيو آهي، اڄ ڪي سڀان اهو ڏينهن ايندو جڏهن اوچتو ئي اوچتو ڪنهن ٿڌي ڇانوهري هيٺان اهو مسافر به ماندو ٿي حياتيءَ جي هڙ لاهي آجهاپ ۾ اچي ويندو.

* * *

اڃا ايستائين آيو هيس ته ڪراچيءَ مان ”مهراڻ“ جا پرچا (29- اپريل 1960ع) اچي پهتا. سانده هڪ سال (1959ع) جا. ڄاتم ته اباڻي پار جو پانڌي اچي پهتو.

ڪو جو وريو واءُ، اڄ پڻ ملڪ ملير ڏنهن،

ڄڻ آيم اباڻاءُ، ماڻهون موٽائڻ جو!

جلدي جلدي جو کڻي ورق ورايان ته جنسي ڪيـِـس ۽ ڪلور ٿيا پيا آهن، مورڳوئي ماتم لڳو پيو آهي: ڊاڪٽر دائود پوٽي جو داغ ته دل تي انهيءَ وقت پهتو، جڏهن خود منهنجي حياتيءَ جو سفينو لهرن ۽ لوڏن[82] ۾ هو، تانگهي ۽ تار جو پتو ئي ڪونه پيو، ڪڏهن واءُ سنهنجو ته ڪڏهن اوکو ٿي لڳو، ڪڏهن سڙهه چڙهيا ٿي ڪڏهن لٿا ٿي، يقين ڪونه هو ته سير جي سٽن کان نڪري ڪشتي ڪناري لڳندي.

هتي آيس (منيلا 19- ڊسمبر 1958ع) ته خبر پَئي، آغا شمس الدين خان به ساٿ ڇڏيو.

ان کان پوءِ پيغام پهتو ته 12- نومبر 1959ع جو ”نياز“ به رحلت ڪئي- هاڻي وري ’مهراڻ‘ مان معلوم ٿيو ته تون هِتي اِنهن ٽِن جا روئڻا ٿو روئين، هـُـتي سڄو ساڻيهه ئي سـُـڃ ئي ٿي ويو آهي!

(1) مرحوم ماستر الهه بچايو سمو 9- ڊسمبر 1958ع تي گذاري ويو آهي.
(2) خواجا سلطان علي، سنڌي زبان جو خاموش خدمتگار، 9- جنوريءَ 1959ع تي هن دار فانيءَ کي ڇڏي چڪو آهي.
(3) امام الدين ”ضامن“ 12- فيبروري 1959ع تي رحلت ڪري ويو.
(4) ”عاجز“ ساڪرائي، سانگيءَ مرحوم جو صحبتي، 25- جولاءِ 1959ع جو فوت ٿيو.
(5) سردار بهادر محمد بخش ”ڪوجهي“ 24- سيپٽمبر 1959ع تي هيءُ جهان ڇڏي چڪو.
(6) شيخ عبدالعزيز قنڌاري، سنڌيءَ جو اديب ۽ آزاد سنڌ جي قديم تحريڪ جو رڪن رڪين، ڇنڇر رات ساڍي ٻارهين بجي 26- سيپٽمبر 1959ع تي رب ڏانهن راهي ٿيو.
(7) آغا تاج محمد 30- سيپٽمبر 1959ع ساڍي ٽين بجي ڌاري دوستن کي داغ ڏئي ويو.
(8) پيرو محمد ”سائل“ جو قافلو 19- آڪٽوبر 1959ع تي سومر ڏينهن اسر ويل هالن مان نڪتو.
(9) خليفي محمد عمر ”اختر“ هالائيءَ 12- آڪٽوبر 1959ع تي اربع ڏينهن سفر تي سانباهو ڪيو.
(10) منهنجي استاد مرحوم مغفور حاجي محمود ”خادم“ ڇنڇر ڏينهن 9- جنوريءَ 1960ع تي لاڙڪاڻي جي وڻن کي وداع چيو [83] - مطلب ته:

آڻي ڪانگ ڏنياس، ڪتابت قريب جي،
پَهو ڪتيندي پَٽ پَيس، ڇوهئون تند ڇُٽياس،
ڀيڄئون ڀيڄ ٿياس، روئندي چولي چڪ ۾.

جيڪو خطرو ۽ خيال هو، سو صحيح نڪتو. ڪيچي آخر وڃي ڪيچ وڻين رسيو، سانگي نيٺ وڃي ساڻيهه پهتو.

مٿيان سڀئي بزرگ اسان جي اکين جو نور ۽ اسان جي دل جو سرور هئا، سنڌ جو سينگار انهن سان هو، اسان جي تهذيب ۽ تمدن جا اهي نمائيندا هئا، انهن جي وڃڻ سان سنڌي ادب جي عمارت جا گويا ڪيئي ستون اچي پٽ پيا، هاڻي دل ايترو دهلجي وئي آهي، جو ٻين لاءِ ٻئي هٿ پيا مٿي کڄن- شال جيئندن جو خير! خدا انهن کي عمر دراز ڏئي، انهن کي لهر لوڏو ڪونه اچي، شل انهن کي اوکو واءُ نه لڳي:

سدا هئن سُکِئا، ماروئڙا ته ملير ۾،
شل نه ڏينهن ڏکيا، اچن آجڙين تي!

______________

[1] ”خضر“ جو هم معنيٰ لفظ ٻهراڙيءَ جي زبان ۾.
[2] مايون پنهنجي مڙس جو نالو ڪونه وٺنديون هيون. پـُـٽَ جو نالو وٺي چونديون هيون: ’فلاڻي جا پيءُ!‘ ”فلاڻي جو پيءُ!“ مرد ڪڏهن پيار مان زال کي ان جي نالي کي ننڍو ڪري سڏ ڪندو هو، يا پٽ جي نالي تي ’فلاڻي جي ماءُ‘ ڪري سڏيندو هو، ڪڏهن هو زال کي ”ڳوري“ يا ”ڳئوري“ به چوندو هو، خاص طرح جڏهن مائي پيرين ڀاري هوندي هئي- سچل جي بيت ۾ آهي:
ڏاهو چڙهي ڏار تي، ٿو ڏئي ڏوراپا،
پڌرا ڪري نه پرينءَ جا، اهو نازڪ نياپا،
آڻيو اوراپا، ڳالهيون ’ڳوريءَ‘ کي چوي.
[3] سنڌ ۾ ڪن قبيلن ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي معلوم ٿئي ته فلاڻو فلاڻيءَ تي عاشق آهي ته مائٽ ٻنهي کي ڪارو ۽ ڪارِي ڪري ڇڏيندا، يعني مرد ڪارو ٿي ويندو ۽ سندن سماج ۾ عورت ڪاري ليکي ويندي، پوءِ ٻنهي جو مارڻ سندن لاءِ عين ثواب ۽ عين عزت آهي. پيءُ ڌيءَ کي ماري ڇڏيندو، ڀاءُ ڀيڻ جو ويري ٿي بيهندو. جيسين ٻـَـئي نه مرندا، تيسين کير پيئڻ پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيندا. خون ٿئي کان پوءِ ٻنهي ڌرين جا مائٽ خاموش ٿي ويندا، دانهن ڪوڪ ڪونه ڪندو.
[4] سنڌي شاعرن ڪڏهن قاصد کان به خط موڪلڻ يعني نامہ بريءَ جو ڪم ورتو آهي، مثلاً سچل چوي ٿو:
[5] سنڌ جو هڪ محاورو.
[6] سنڌيءَ ۾ ”موچارو“ ٻنهي معنائن ۾ ڪتب اچي ٿو، سهڻي لاءِ به ۽ ساديءَ شڪل واري لاءِ به اِهوئي هڪ لفظ ڪتب آڻي سگهجي ٿو. استع
[1] ڪئنچي ڇاپ سگريٽان انهيءَ زماني جون پهريون نمبر سگريٽان هيون. انهن کي ’سِيل‘ چئبو هو. اڍائي اَني پاڪيٽ ملندو هو. وڏا ماڻهو ڇڪيندا هئا. غريب غربو پن جي ٻيڙي ۽ حُقو ڇڪيندو هو، نه ته عيد براد يا وڏي ننڍي ڏينهن بتي ڇاپ سگريٽان وٺي ڇڪيندا هئا، هڪ پئسي ۾ پاڪيٽ ملندو هو.
[2] ’تورزن‘ سنڌ جو تمام پراڻو لفظ آهي، بهادر بلڪ رستم دستان جي ڪردار جو مفهوم رکي ٿو. آمريڪا وارو ’ٽارزن‘ به انهيءَ لفظ جو مترادف ڀانئجي ٿو.
[3] ڪمشنر صاحب کي اهڙيءَ طرح خطاب ڪيو ويندو هو.
[4] سٿڻ پنجن والن جي اندر ٿيندي هئي ۽ ڪانئچ ويهن والن تائين ٿيدي هئي. شوقين هميشہ ڪانئچ پائيندا هئا.
[5] ڊڳڙ ٿلهو وڏو ۽ اڻ مکيل، ڊڳڙي اڻ مکيل، ليڪن ڊڳڙ کان وزن ۽ سائيز ۾ ننڍي، اوڦراٽو، سنهون ۽ ٿلهو ننڍو خواهه وڏو، ليڪن گيهه يا مکڻ ۾ جهٻيل.
[6] مرهيات = خدا جي رحمت هيٺ آيل - مرحوم.
[7] ”مارو“ چئبو هو راڄ کان مفت شيءِ حاصل ڪرڻ کي.
[8] هيءُ بزرگ وڏيءَ عمر جو ٿي، آڪٽوبر 1958ع ۾ ڪراچيءَ ۾ فوت ٿيو.
[9] ’الحقيقت‘ جي جاري ٿيڻ تي ميرزا قليچ بيگ مرحوم تاريخ قطعه ۾ چئي آهي، جنهن جي لفظ ”مرغوب طبايع“ (1340 هه) مان سال نڪري ٿو.
[10] اُنهن خطن جا ڪيترا مجموعا ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪيترا اڃا خطي آهن.
[11] خان المعظم حضرت دريا خان سنڌ جو محب وطن وزيراعظم ۽ سنڌي فوجن جو جان نثار سپهه سالار سنڌ جي آزاديءَ جو ٻيو شهيد آهي. تازي دؤر ۾، سڀ کان اول ڌارين جي تسلط جو مقابلو ڪندي انهيءَ بزرگ 927 هه ۾ شهادت حاصل ڪئي.
[12] ڳوٺاڻي زبان ۾ ”ملعمع“ جو هم معنيٰ.

مال مان ان جي مطلب ۽ معنيٰ کي پروڙبو آهي.
[7] دکَڻَ بمعنيٰ دڪان
[8] ”ڪانڀ ڪڍڻ“ چئبو آهي هيٺ ويهي، ٻئي گوڏا مٿي ڪري، چيلهه ۽ ڄنگهن جي چوڌاري چادر ويڙهي ويهڻ کي.
[9] ”مشعل“ جي سنڌي صورت.
[10] يعني علاءُ الدين خلجي.
[11] هتي جن به قصن ۽ داستانن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهي سڀئي سکر واري ماستر هريسنگ، ۽ شڪار پور واري ماستر پوڪرداس ڇپايا هئا.
[12] مکڻ جو ننڍي چاڻي کي ’ڦُٽي‘ چئبو آهي ۽ خود مکڻ کي به چئبو آهي.
[13] هندي ۽ پوربي شاعريءَ ۾ پڻ عورت کي ئي عاشق بڻايو ويو آهي.
[14] ’اَڳا‘ انهن زنانن چولن جي لـَـٽن کي چئبو هو، جن جا اڳ مشِين تي ڀريل هوندا هئا.
[15] ’چـِـڪنو‘ سفيد لٽو ٿيندو هو، جنهن جو سڄو ترو مشين جي برٿ سان ڀريل هوندو هو. شايد اڃا به اهو بازار ۾ هجي.
[16] ڪاٺ جي ٽڪرن تي گل ٻوٽا اُڪيريا ويندا هئا. ڪـِـلـِـڪَ جي ڪاريءَ مش مان ٻوڙي انهن سان لٽن کي ڇُريندا هئا ۽ پوءِ انهن تي ڪنڊيءَ يا سئيءَ سان برٿ ڀربو هو. انهن لَبن کي ڇـُـر ۽ پور سڏيندا هئا.
[17] رئي جي هڪ پَلَوَ کي ڳچيءَ ۾ وجهي، ٻنهي هٿن سان جهلي، پوءِ مٿي بيان ڪيل لفظ ادا ڪبا هئا.
[18] مرحومہ ۽ مرحوم جي سنڌي شڪل- مرهياتِ ۽ مرهياتُ.
[19] مائٽ جي موت تي ٽي ڏينهن زمين تي ويهبو آهي، ۽ فرش تي سمهبو آهي، ان کي ’پٿر‘ چئبو آهي.
[20] شُنهارن (ڇُنهارن) جي ٻئي قسم جو نالو ”ڪَتيفيون“ هوندو هو.
[21] کير جي ملائيءَ کي چئبو آهي ”ٿَر“ يا ”ٿَري“.
[22] هيٺين فارسي ۽ عربي لفظن جو ترجمو هيٺين لفظن سان ڪري سگهجي ٿو:
تمدن= هلي چلي. تهذيب= اٿي ويٺي. معاشرو= رهڻي ڪهڻي، ڪردار (ڪيريڪٽر)= چال چلت. ثقافت= قيل قال.
[23] ڪو عزيز بيمار ٿيندو يا ڪو ڪم ڦاسندو، پوءِ عورتون ڪنهن پير جي نالي تي باس باسينديون هيون، جڏهن ڪم پورو ٿيندو، ته انهيءَ پير جي قبر تي وڃي سهرا ڳائينديون ۽ خيرات ڪنديون هيون، ان کي چئبو هو ”سـُـکا“- سـُـک واري، ”سک“ يعني خير خوشيءَ واري خيرات.
________________

[1] انهيءَ خيال کي فارسي، اردو ۽ هندي شاعريءَ ۾ هيٺين نمونن سان ادا ڪيو ويو آهي. امير خسرو چوي ٿو:

گوري سووي سيج پر، مـُـکهه پر ڊاري ڪيس،
”خسرو“ چل گهر اَپنـــي، سانج بهئي پرديس.

فارسيءَ ۾ ڪنهن چيو آهي:

عارض چه عارض، گيسو چه گيسو!
روئ مبينـش صبح تجـلـيٰ،
صبحي چه صبحي، شامي چه شامي!
زلـف درا زش شامي تمـامي.

مولانا جامي فرمائي ٿو:

از روي و زلفت دارم هميشہ،
صبحي همايون شامي مبارک!

ڪنهن اردوءَ واري جو چوڻ آهي:

دامن زلف مين رخ روشن،
کيسي شب هي که آفتاب بهي هي!

ميرزا شوق (لکنوي) مٽنوي ”زهر عشق“ ۾ هڪ شعر آندو آهي:

رخ به گيسو هوا ســي هلتــي هين،
چلئــي اب دونون وقت ملنــي هين.

[2] گوريون، ”گوليون“ بندوق جون چئبيون آهن.
[3] سنڌ جي ٻاهراريءَ وارا ”گؤنزل گو“ سڏيندا آهن.
[4] 1299 هه کان هڪ اڌ سال پوءِ فوت ٿيو. ”گدا“ جي وصال جو سال آهي 1322 هه (تڪمله 528). ’ڪليات گدا‘ جي فاضل مرتب کان گدا شاهه جي شاعريءَ جي خوبين کي طوالت ڏيندي، هـُـن جي وفات جي تاريخ لکڻ ئي وسري وئي آهي!
[5] ايراني مهينو.
[6] فارسيءَ جي هن شعر کي ڪهڙيءَ طرح پنهنجو ڪري ويو آهي:-

سبز پوشي بلبِ بام نظر مِي آمد
نه بزورو نه بزاري، نه به زرمي اَيد

[7] اوان ساڻ.
[8] اوان سين، ٺٽي جو تلفظ آهي.
[9] ساڳيءَ طرح ٻاهون جو ’ٻائون‘.
[10] معنيٰ هينئر.
[11] هن ۾ ٺٽي جي خاص لهجي جا لفظ آيل آهن، جن پاڻ ميٺاج وڌائي ڇڏيو آهي، ڏسو ”تڪمله مقالات الشعرا“ ص. 430 تا ص. 439
[12] ڪن مشاعرن جا مصرع طرح هي هئا، مثلاً:
جمعو 5 سيپٽمبر، 1930ع- مههِ نوبدر بڻجي نير اعظم نه ٿي سگهندو.
جمعو 19 سيپٽمبر، 1930ع- سوا خون تمنا ناه ڪجهه زخمن جي دامن ۾ (هيءَ طرح نياز مرحوم جي ڏنل هئي)
جمعو 3 آڪٽوبر، 1930ع- سڀ اهل حشر اُن جا طرفدار ٿي ويا.

(هيءَ طرح منهنجي ڏنل هئي)
ڇنڇر 18 آڪٽوبر، 1930ع - ڌوم ڌام سان مشاعرو ٿيو ليڪن طرح معلوم نه ٿي سگهي.

[13] پاڪستان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ هيٺينءَ طرح چانهه جا نمونا ۽ نالا مستعمل هئا:

فينسي چانهه - هندن لاءِ خاص.
پوڻيان چانهه - منون ڪوپ چانهه جو.
ڊبل چانهه - ڀريل ڪوپ چانهه جو.
اُڌيا چانهه - زياده کير واري چانهه.
منوڙا چانهه - جنهن ۾ ملائيءَ جو ذرو کير سان گڏ وجهندا هئا.
سفيد چانهه - عام مسلمانن لاءِ عام چانهه.

[14] پان جو رواج دراصل سنڌ ۾ اسلامي دور کان اڳ هو. راجا ڏاهر جڏهن محمد بن قاسم سان مقابلي لاءِ هاٿيءَ تي چڙهي ميدان م آيو، ان وقت هوديءَ ۾ ٻه ٻانهيون هن لاءِ ويٺل هيون ته واري سان کيس پان ٺاهي ڏينديون رهن.
[15] ڊاڪٽر حاجي غلام حسين قاسم، ڄم 9- جولاءِ 1891ع، وفات 15- نومبر 1974ع، عمر 83 ورهيه.
[16] مخلص مرحوم اربع 31- آگسٽ 1932ع جو ”سنڌ زميندار“ ۾ اچي رهيو، جتان 1- سيپٽمبر 1932ع خميس ڏينهن اسان جي اچي مهمان ٿيو، غالباً اهو آخري دفعو اسان جي ملاقات ٿي، وري ڪونه ملياسين.
[17] جڏهن پاڻ ڏانهن اشارو ڪرڻو هوندو آهي، تڏهن ايڊيٽوريل ۾ ايڊيٽر ’اسان‘ جو لفظ ڪتب آڻيندا آهن. فدويءَ جو لفظ پوليس جمعدار پنهنجي ڊائرين ۾ ۽ سب انسپيڪٽر بالا عملدارن ڏانهن ويندڙ لکپڙهه ۾ لکندا آهن. مرحوم کان اها عادت محڪمي ڇڏڻ بعد به ڪانه وئي.
[18] لاڙڪاڻي جو هڪ محلو، جيڪو مشهور ئي هن ڪري هو ته ان ۾ مريد احمد خان رهندو هو.

________

[1] جاهل وڏيرا اهو اکر ڪتب آڻيندا هئا.
[2] ”ليسن“ کي انهيءَ زماني ۾ ”پروانو“ چيو ويندو هو.
[3] دربارين جو دستور ۽ ڪرسي نشينيءَ جو قاعدو 1938ع ۾ جي. ايم. سيد جي تحريڪ تي الهه بخش شهيد ڪڍي ڇڏيو.
[4] شايد هاجران نالو هيس، جنهن جو مخفف ’هاج‘ ڪيو ويو هو. اهڙيءَ طرح ڏوڪريءَ ۾ به هڪ مشهور ڪسبياڻي هوندي هئي، جنهن جو نالو وسري ويو آهي ۽ پنهنجي دؤر ۾ هن به وڏيرن جون ڇنڇريون لاهي ڇڏيون.
[5] پر توِ حسنِ رخِ دلدار سان ڪيئن مٽ ڪريان،

شمع کي، يا ماه کي، مهر عالمتاب کي. - گدا
----
[6] عالم سڄو سياه تڏهن ٿو نظر اچي،
زلفن ۾ رخ کي يار جڏهن ٿو نهان ڪري. – گدا
[7] رخ تي دلبر جي زلف پاتا پيچ،
گل سان سنبل جي ٿي لڙائي ڏس! – گدا
[8] منهن مبارڪ جنهن جو مصحف،
خال و خط زير و زبرا – گدا
[9] ڏس دلدار جا پرپيچ ڪاڪل،
خجالت کان ٿيو پزمرده سنبل! – گدا
[10] دانهءِ خال و دام زلف دراز،
طائرِ دل جي لئي تيار ٻئي! – گدا
مرغِ دل منهنجي کي ڪيئين پابند،
يار جي زلف جي رسائي ڏس! – گدا
[11] دل ٿي قابو گيسوي خمدار ۾،
برهمڻ جيئن رشتہِ زنار ۾. – گدا
[12] زر بسيار ته عشق ٺـَـهه پـَـهه،
زر نيست ته عشق پون پون.

[13] رکيو رخسار تي دلدار اڄ زلف پريشان کي،
ڏٺو مون صبح صادق سان بهم شام غريبان کي.- گدا
----
زلفن کي سندس شام غريبان نه چوان ڇو؟ - گدا

[14] ڪيئن نه ٿئي منهنجو تڏهن حال پريشان پڌرو،
برسرِ جور جڏهن زلف پريشان آيو. – گدا

[15] يار جي زلف ۽ عارض جو تماشو هي عجيب!
آهِ سنبل مان بهم لالہِ احمر پيدا! – گدا

[16] نگهتِ زلفِ معنبر سان بلاشبهه، خجل،
مشڪ تاتار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو. – گدا

[17] سينڌ سهڻي سڄڻ جي زلفن جي،
آب حيوان جو آه سوڌو دڳ! – گدا

[18] بي نيازانه ز ارباب ڪرم ميگذرد،
چون سيہ چشم ڪه از سرمه فروشان گذره. - طالب آملي

[19] ’ڀت ۾ ڪٻر‘، سنڌي پهاڪو.
[20] هي ان وقت لکيو ويو آهي، جڏهن پاڪستان ۾ مارشل لا هو ۽ مرحوم محمد ايوب خان ان جو سربراهه هو.
[21] اي گدا ان شاهه خوبان جي ڪريان ڪهڙي صفت؟

غمزہ و ناز و ادا، هر دم سندس لشڪر ڏٺم!
----
حسن جي سرڪار کي گهرجي ضرور
لشڪر ناز و ڪرشمه يڪ قلم
عشوو ۽ ڪرشمو ۽ تبسم ۽ تبختر،
هي حسن جي سرڪار جو سامان نه چوان ڇو! – گدا

[22] صف مزگان کي سندءِ ڇو نه چوان آءٌ پلٽڻ،
تنهنجي ابروءَ جو اشارو ته ڪماني جاني! – گدا

[23] يار ناوڪ فگن، ڪمان ابرو،
قصد مان ڏس کڻي ڪمان آيو! – گدا

[24] حيران هون. دل ڪو روؤن ڪه پييون جگر ڪو مين!
مقدور هو تو ساتهه رکون نوح گر ڪو مين! – غالب

[25] آهوي چشم صنم اهڙو ڪيو وحشي مون کي،
جنهن کان ڏس مون کان گريزان ٿيو سايو منهنجو! – گدا

[26] آءٌ آهيان بنت العنب جو آشنا،
ڪانه گهرجي مون کي ٻي شادي ادا! – گدا

[27] مريضِ عشق جي ڏس زرد روئي،
نه جهڙس رنگ آهي زعفران ۾! – گدا

[28] اها اميد اٿم تو ۾ اي ڪمان ابرو!
خدنگ ناز جو سيني ۾ اَرپار اچي. – گدا

[29] برنگ نيم بسمل مرغ، منهنجي دل کي ڪيئين زخمي
ڪمان ابرو ڪشي قصداِّ هئين ناوڪ نظر جو! – گدا

[30] جاهل پير ‘وضوءَ’ لاءِ اهو اکر ڪتب آڻيندا هئا.
[31] حور کان ٿيون مون کي نفور اَي صنم!
دل ۾ اٿم شوق وفوراَي صنم! - گدا

[32] ناوڪ ني تيري صيد نه چهوڙا زماني مين!
تڙپي هي مرغ قبله نما آشياني مين!

کيسي جي واچ جو دستور هو ۽ انهيءَ سان گڏ زنجير ۾ قطب نما به لڙڪندو هو. واچ ويسٽ اينڊ واچ ڪمپنيءَ جي زيادهه مشهور هئي. ٿلهي، ڳؤري ۽ مٿس ريلوي انجڻ جي ڇاپ هوندي هئي.

[33] بينيِّ يار غنچہ زنبق، ”گدا“ جو سنڌي بيت.
[34] منهنجي دلدار جا رخسار ڏس، حسرت کان
گل صہ برگ جو صد چاڪ گريبان آيو! – گدا

[35] جلوه عارضِ جانان جو ڏسي، ٿي بيتاب،
سايـہ ابر ۾ خورشيد درخشان آيو! –گدا

[36] ڏيان تشبيہ جي خورشيد سان رخسار جانان کي،
ته حاصل زرد روئي ٿئي سندم هر فرد ديوان کي! - گدا

[37] واهه جو زلفن ۾ ڪيو يار جي رخسار ظهور،
شبِ ديجور ۾ جيئن ماهه منور پيدا! – گدا

[38] مون سان ٿيو هم بزم منهنجو آتشين رخسار يار،
رشڪ کان اغيار کي سرتابه پا اخگر ڏٺم! – گدا

[39] سنڌ جي ڪمشنر کي انهيءَ لقب سان وڏيرا ياد ڪندا هئا. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ٽي ڍنڍان آهن، جن تي ناتال جي موقعي تي انگريز بدڪن جو شڪار ڪندا هئا.

[40] دلربا مون سان هم بغل آهي،
اڄ ته اغيار جو اجل آهي! - گدا

[41] دل ۾ عاشق جي ائين عشق نمايان ٿو ٿئي،
جنهن طرح سان ٿئي آتش کان سمندر پيدا!

[42] ’سمندر‘ جي شڪل حاشيہ ۾ انهيءَ طرح بيان ڪئي وئي آهي.
[43] ڊاڪٽر چوئٿرام مرحوم جو ڀاءُ ديوان شامداس جيڪو ڪَٽر مهاسڀائي هو ۽ سنڌ ۾ انڪم ٽئڪس آفيسر ٿي رهيو. پاليسي سياسي اِها، ليڪن دوستيءَ ۾ هندو مسلمان هڪ

[44] ابروي يار تي ٿيو خال معنبر پيدا،
سڀڪهين ڄاتو ته ٿيو تيغ جو جوهر پيدا! - سانگي

[45] خالِ سياه، يار جي ابروءَ تي بس عجيب،
ڏس زاغ جو نشيمن ڪيئن ٿيو ڪمان تي! - گدا

[46] لب جانان تي ٿيو خال معنبر پيدا،
حوض ڪوثر تي ٿيو حضرت قمبر پيدا! – گدا

[47] رات ياقوت لبِ يار چميم، مون کي چيئين:
تنهنجي قبضي ۾ سڄو ملڪ بد خشان آيو! – گدا

[48] لب جان بخش جانان کان خجالت آب حيوان کي! – گدا
[49] اي مٺا! تنهنجي مٺي لب تي تصدق نه ته ڪريان،
انگبين کي، نيشڪر کي، شهد کي، حلوا کي آءٌ- گدا

[50] وڏيرا انهن فضول خرچن لاءِ هندن کي زمينان گروي ڏيئي، قرض وٺندا هئا، ليڪن گروي نامي جي دستاويز ۾ زمين جو قطعي وڪرو لکي ڏيندا هئا.
[51] شيفته آهيان يار جي لب تي،
مون کي لازم ٿي ڪار قنادي! - گدا

[52] جيئن نقطهء موهوم دهن يار جو ٿئي ٿو! – گدا
[53] دلبر جو دهن چشمہ حيوان نه چوان ڇو! - گدا
[54] عارض جي نزاڪت آهي نسرين کان دهه چند،
گلبرگ زبان ان ۾ آهي، غنچه دهن جي! – گدا

[55] شيرين سخن تان قنہ مڪرر نثار ڪن،
آڻيان مٺي جو نام ٿو، جنهن دم زبان تي! – گدا

[56] عظيم ٺٽوي.
[57] باريڪ تر از تارِ نظر موءِ ڪمر جو. – گدا
[58] سناهــي ڪه ان ڪي ڪمر هي نهين،
تو ڦر وه پجميا ڪدهر باندهتــي هين!

[59] دلا اين جا ست اُن ڪانِ جواهر،
ڪزان پيدا شود جانِ جواهر،

عجائب گوهر آرد اين صدف بار،
ڪزو حيران بماند دُرِ شهوار.

دل آنجا فاتحه خواند باخلاص،
ڪه يا رب! ڪي ڪشايد عقدهء خاص. - عظيم ٺٽوي

[60] مولانا جامي- بيبي زليخا جي وصف ۾.
[61] سرخروئيءَ جو جي آهين خواهان،
يار جو پنجہ حنائي ڏس! – گدا

[62] وڌم گردن ۾ طوقِ بندگي قمري صفت هاڻي،
ڪندس آءٌ سرو کي صدقو،قدِ دلجوي جانان تي. - گدا

[63] ڏسي جي جلوهِّ سرِوِ قدِ يار،
ڪري بلبل صفت فرياد صلصل. – گدا

[64] در چمن يار چوبا آن قدوقامت برخاست،
سرو بنشست ز دعويٰ، و قيامت برخاست.

[65] دل صاف سندم نقرہء خالص نه ٿئي ڇو!
الفت آهي مون کي ته سدا سيم تنن مان. – گدا

[66] سنڌ جا پير، سيد ۽ سجادهه نشين سياري جي موسم ۾ پـِـنَ تي نڪرندا هئا، ان کي ’سفر‘ چئبو هو. ڪن جي قافلي اڳيان گهنڊ گهڙيال وڄندا هلندا هئا، ۽ ڪي پنهنجي اڳيان بلند آواز سان ڪلمو شريف پڙهائيندا هلندا هئا. اٺ، گهوڙا ۽ گڏهه ساڻ، ڪي پگهاردار ته ڪي چڙا مانر، ڪي چاڪر ته ڪي چوڪر ۽ ڪي ڇڙو چل ڪـُـستيزن، ڪي خليفا کڙا ته ڪي ڪامي ڪڙا، مطلب ته جنهن درتي وڃي لهندا هئا، ته ڄڻ ماڪڙ اچي پئي. غريب جو ارڪو ترڪو اگهي اٿندا هئا. تقريباً ٽي مهينا کن اها گداگري هلندي هئي، ۽ انهن ٽن مهينن ۾ سنڌ اندر نه ڇڙو مذهب جي نالي ۾ پيسي جي لٽ- ڦر ٿيندي هئي، بلڪ مسلمانن جي گهرن ۾ جيڪا سياهه ڪاري ٿيندي هئي، ان جو ڇڙو تصور به انسانيت سوزيءَ لاءِ ڪافي ٿئي ٿو.

[67] غبارِ ڪوچہ جانان آئي بہ از اڪسير،
گدا جو سنڌي شعر

[68] ڇا لاءِ ٿو بنائين بروجِ مشدهه،
ويٺو ڀلا مدام ڪو دنيا ۾ گهر ڪري. - گدا

[69] زمين جنبد نه جنبد گل محمد.
[70] سکر جو هڪ زنده دل، مخلص ۽ باوفا دوست. چار سال کن ٿيا، جو هي جهان ڇڏي ويو.
[71] خارش جو سنڌي مترادف.
[72] برنگ برق بيتاب آهيان فرقت ۾ جانان جي. – گدا
[73] سڙي کامي پچي ٿي آتش فرقت ۾ جانان جي،
دلِ پـُـر داغ سبقت ٿي رکي سروِ چراغان تي. – گدا

[74] آهِ پرسوز، آه سا منهنجي،
آهِ صرصر کان وڌ منجهس سوسٽ، - گدا

[75] برق ٿئي بيتاب منهنجي آه آتش بار کان – گدا
[76] گوهرِ شاهوار ڇا آهن،
دانہء اشڪ سان ڪريان ڪيئنءَ مٽ. – گدا

[77] هر قطرہء اشڪ، آه سندم لولوئي لالا،
آءٌ پنهنجون اکيون غيرت نيسان نه چوان ڇو. – گدا

[78] منهنجي اکڙن مان سدائين يم وهيو. – گدا
[79] سندم نيڻن جون نهرون نت وهن جام.
لڙهان ٿو جنهن جي آءٌ آبِ روان ۾! –گدا

[80] هيٺيان شعر ڪنهن ٻاهراڙيءَ جي شاعر انهيءَ جهار، ان جي هڪل ۽ سنگن جي داڻي تي چيا آهن!
ڪينءَ ساماڻين ڪـُـنڊَ ۾، ٻـَـهـَـڳـُـڻَ تون ٻـُـوڙا،
ڪَڻِ ته جهَليئي ڪانه ڪا، مُرڳي جهانءِ ٻَڌئي جهُوڙا.

جواب

ڪـَـڻ ته مون ۾ ڪيتري، ڏني هئي ڏاتار،
پيهي کان پري ڪـَـيـُـئي، مون ياد نه ڪيڙئي يار،
ٻه پـَـهـَـرَن جو ٻوڙيءَ جا، مون چـُـهنڊن جا چـُـڀڪار،
وچينءَ ويل وريو وڃـَـنِ، مون تي هيڙهن جا به هزار،
ڪانوَ، ڪٻريون، ڪـِـوِليون، چـُـهٽي ويون چوڌار،
مون تي ناهه ميار،
منهنجي کونڌي ڪـَـڻ کڻي ويا!

[81] حاجي روشن شاهه هيٺيون ”شهر آشوب“ براج تي چيو آهي- (روايت ٻيڙو فقير، 17-1-1961):

(1) هاڻي ته صبر سير لڏي ويو، کڻي اخلاق مٽيا آدمن،
ويو آهي زور زمانو وٺي، جنهن کي چوڏهون سن چون،

هن دادلي درياهه کي، آهي دهڪايو دَرن،
اَيو سکر براج سنڌ ۾، جيڪو ڏٺو آهي ڏيهن،

انهيءَ واهڙ جي وهڻ سان، آهي موج به وئي ماڻهن،
اڳي ته هت چانور چـُـنا هئا، ٻي سڌ گهڻي سارين،

ڪونج، ڪنگڻي، ڪارڙا، ٻيون قطارون ڪانگڙين،
موتيا، گنجا، ملڪ ۾، ٻيون راهيون رتڙين،

سـِـپيا، سـِــگهڙيا، صابو، ٻي سونهن گهڻي سونهن،
باڙا، بدڙيا بيشمار، ٻيو هو ساءُ ڀلو سگداسين،

کائي گهڻو هئا خوش ٿيندا، ٻيو هو مَرَڪُ به ماروئڙن،
هڪڙا ويندا هئا ولايت ۾، ٻيو وڻج واپارين،

کرڙيون، رونبا، روتيون، اها ڪار به هئي ڪڙمن،
هاڻي ته اهي سڀ سـَـرَ سڃان ٿيا، وري وارو وريو ووڻن.

(2) ڦٽا واهه وهڻ کان، اچي منهن ڪڍيو موڪن،
نار گهڻا نڪري ويا، جيڪي هئا ڪڙو منجهه ڪڙن،

جوڙا سڀ جدا ٿيا، ڇڏيو مانڊاڻون مـَـنـَـهـَـن،
وڏا هئا قرب قريبن ۾، ٻيا ادا منجهه عزيزن،

وڏيون هيون محبتون ماڻهن ۾، ٻيون چوياريون چلمن،
هاڻي آسَڻَ سڀ اجهامي ويا، رڳو ڪٿي ڪٿي ڪي دونهان ٿا دکن،

هيءَ زمين آهي ذرا پرزا ٿي، اچي وڍي واٽرن، (واٽر ڪورس)
نمبر نيشان نڪري ويا، آهي رڳي ايراضي ايڪڙن،

ڍلون آهن ڊگهيون ٿيون، کڻي تاءُ ٻڌو تپـِـدارن،
آيا آفيسر ملڪ ۾، کڻي ڪاهه ٻڌي ڪامورن...

[82] 17- سيپٽمبر 1958ع جو اڍائي بجي منجهند جو مون تي دل جو حملو ٿيو، ٽي مهينا بستري داخل هيس. 22- نومبر 1958ع تي ڊاڪٽر صاحب دل جي عارضي ۾ فوت ٿيو. مون کان خبر گهڻو لڪائي ويئي، ليڪن کڙڪ پئجي ويئي، پوءِ جيڪو حال ٿيو سو هڪ الله ٿو ڄاڻي.
[83] مرحوم هيٺيون خط مون ڏانهن لکيو جنهن وقت آءٌ بيمار ٿيس، غالباً اهو آخري خط آهي، جنهن بعد آءٌ منيلا هليو ويس ۽ سندس وفات تائين اُتي هيس!

محله لاهوري لاڙڪاڻو
2-10-1958ع
فخر وطن
بجناب ڪريم النفس احسنُ الاخـَـلاقِ حضرت پير سيد حسام الدين شاهه صاحب راشدي السلام عليڪم و رحمة الله:

اڄ معلوم ٿيو آهي ته اوهان بزرگن جي طبع شريف ذرا ناساز آهي، انهيءَ ڪري سخت پريشاني آهي.

دعا جو در ته اوهان صاحبن جو آهي، مگر ڪڏهن ڪڏهن گنهگارن جي به الله ٻڌندو آهي، انهيءَ ڪري نهايت خشوع وخضوع سان خداوند ڪريم جي در تي دست بهَ دُعا آهيان ته شل اوهان بزرگ جلد تندرست ۽ ڪامل صحت وارا ٿيو.

تنت بناز طبيبان نياز مند مباد،
وجودِ نازڪت، آزردہء گزند مباد،
سلامت همه آفاق، در سلامت تست،
بهيچ عارضه، شخصِ تو در مند مباد.

آمين! دعاگو و دعا جو محتاج،

خادم لاڙڪاڻوي.

2

وجهيو منهن مٽن ۾، مـوکي اُڀي روءِ،
مـتارا مري ويا، اڱڻ اچي نه ڪوءِ،
متارن ئون پوءِ، مٺا مـَـٽ مـِـٽي ٿيا.
- شاهه

اُهو ئي زمانو هو، جڏهن مان ڳوٺ ڇڏي، ”سنڌ زميندار“ اخبار جو ايڊيٽر ٿي، سکر وڃي رهيس، جتي مون کي سنڌي نثر لکڻ جو گهڻي ۾ گهڻو تجربو حاصل ٿيو ۽ جتي نظر علي خان جي صحبت ۽ سنگت منهنجي آئيندي زندگيءَ لاءِ وڏي ۾ وڏي هـَـٿي ثابت ٿي. گويا انهيءَ ئي ٽه- واٽي تان دورنگي دنيا جي تجربن ۽ ابتدائي لاهن ۽ چاڙهن جو پتو پيو، ڏکن خواهه سکن سان سابقو ٿيو، ورنه واهڻ واري زندگي ته اهڙي سنئين ۽ سڌي هئي، جو ان ۾ مدو جزر لاءِ نه گوشو هو نه گنجائش.
سنڌ ۾ مسلمانن جي غالباً سڀ کان پهرين قومي اخبار شيخ محمد سليمان واري ”الحق“ هئي، جيڪا ابتدا ۾ حيدرآباد مان انگريزيءَ ۾، ۽ پوءِ سکر مان سنڌيءَ ۾ نڪرندي هئي. انهيءَ اخبار کي پنهنجي جوانيءَ واري زماني ۾ وڏن وڏن ايڊيٽرن سان واسطو پيو. سر علي محمد دهلوي انهن مان هڪ هو. رئيس شمس الدين بلبل به ڪجهه وقت لاءِ اُن جي سنڌي ايڊيشن جو ايڊيٽر رهي چڪو هو. جڏهن مان سکر پهتس، ان وقت اها اخبار عملي طرح بند ٿي چڪي هئي، فقط ڇـَـٺيءَ ڇماهيءَ جڏهن ڪو سرڪاري نوٽيس ايندو هو، ته ان کي ڇپڻ لاءِ معمولي پرچو ڪڍي ڇڏيندا هئا. البت پريس، سا اڃا قائم هئي. ٻه، ٽي مشينان ۽ ڪيئي انبار ٽائيپ جا، ٻيو سازو سامان تنهن کان سواءِ. شيخ سليمان مرحوم جو ٻيو نمبر پٽ، مرحوم ميان عبدالحڪيم، ان جو مهتمم ۽ مالڪ هو- پنجاهه جي لڳ ڀڳ، نيڪ ۽ نهايت خاموش، نه ڪنهن جي هڪ ۾ نه ٻيءَ ۾، نه ڪنهن جي سڄيءَ ۾ نه ڀڳيءَ ۾، سڄو ڏينهن گهر ۾ ويهي گذاريندو هو، انهيءَ حد تائين گوشہ نشين، جو شهر جي اٿي ويٺي به ڪانه ڪندو هو. مان ڪڏهن ڪڏهن پريس جي ڪم سان وٽس ويندو هوس. اسان جي ڏاڏي مرحوم جو شيخ صاحب جي والد سان برادرانه رستو هو، تنهنڪري مون کي ڏاڍو قرب ڏيندو هو. جاءِ جي وڏن ورانڊن ۽ ڪشادن ڪمرن ۾ سانت هوندي هئي، در ۽ ديواريون ڄڻ کائڻ ٿي آيون، چپ چپات، ماٺ ميٺ، پراسرار، ڄڻ شام ويلي ڪنهن ويران ۽ اداس قبرستان مان گذر ٿي ٿيو- چاليهن ورهين جي مسلسل جدوجهد بعد ائين پيو ڀانئبو هو، ڄڻ هر شيءِ ٿڪجي پئي آهي، هر شيءِ پوڙهي ٿي چڪي آهي، ماندي ۽ ملول، نراس ۽ نڍال. مشينن جا چڪا، انجڻن جون ڪلون، ٽائيپ جا اکر، ڪاٺ جا ڪيس، اسٽڪيون، رٻڙ جا رولر، ڪمپازيٽرن جي ويهڻ جا اسٽول، ايڊيٽرن جون ميزون ۽ ڪرسيون، لکڻ جا قلم ۽ مس ڪپڙيون، ڪاغذن جون سلپون، مطلب ته سڀڪجهه موجود هو، ليڪن هر شيءِ تي ورهين کان وٺي رءُ چڙهي وئي هئي. ڪنهن لٽي پـَـلـَـو سان انهن جي ڇنڊ ڦوڪ به ڪانه ڪئي هئي. شيخ صاحب شيوِ ڪندو هو، مڇان ٿلهيون هيس، جن کي قدري ڪينچيءَ سان ڪتري ڇڏيندو هو. وار گهڻا اڇا، ڪي ڪي ڪارا ڏسڻ ۾ ايندا هئس. چهري جي بناوٽ ڏاڍي وڻندڙ ۽ موچاري هيس[1].
”الحق“ جي انهيءَ حالت کان پوءِ، سنڌ جي قومي ڪم ڪندڙ مسلمانن، جناب شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ، ڪراچيءَ مان غالباً 1921ع ۾ روزاني ”الوحيد“ جاري ڪئي. خلافت تحريڪ جي ابتدا هئي، مسلمانن ۾ هڪ جوش ۽ جذبو هو. ترڪن سان لڙايون، علي برادران، تلڪ مهاراج ۽ مهاتما گانڌي، الغرض ”الوحيد“ ستت ئي ايڏي مقبول ٿي وئي، جو سنڌ اندر قومي سجاڳيءَ جي زبردست لهر اٿاري ڇڏيائين. سڄي نبيري نڇيڙي سندس حصي ۾ اچي وئي. ”الوحيد“ جو لکيو سنڌ جي مسلمانن لاءِ ڄڻ الهام ٿي پيو. ڪنهن کي چون چرا جي مجال ڪانه، هرڪو پيو ان جي لکڻيءَ ڏانهن تڪيندو هو. ”الوحيد“ جي احاطي ۽ دائري کان ٻاهر جيڪا شيءِ هئي، سا بلڪل باطل ۽ غير مستند، يعني قطعي مجهول ۽ صفا نامعقول. انگريز ششدر ٿي ويا، ۽ سنڌ ۾ انگريز پرستن جون ٿالهيون ابتيون ٿي ويون، ديڳڙا اونڌا ٿي پيا ۽ ڏويون ٽنگجي ويون.
سکر واري ”سنڌ زميندار“، جنهن جو مان وڃي ايڊيٽر ٿيس، سا در حقيقت ”الوحيد“ جي مقابلي لاءِ، انگريزن جي چـُـرچ تي، سرڪار پرست مسلمانن ڪڍي هئي. بظاهر ته زميندارن جي حقن جي محافظ ليڪن در پردي ”الوحيد“ جي ڦيلايل ’زهر‘ لاءِ ’ترياق‘. ان جا مالڪ، ان جا خريدار، ۽ جن جو ان سان تعلق هو، سي سڀئي انگريزي اقتدار جا پروردا ۽ پيدا ڪيل هئا، جيڪي لوڪ لڄا سبب ظاهر خاني پاڻ کي اعتدال پسند قومي رهنما سڏيندا وتندا هئا. ”سنڌ زميندار“ نُنهن چوٽيءَ جو زور ڏئي بيٺي، ليڪن ”الوحيد“ جو لکيو مسلمانن جي دل ۽ دماغ تان مٽائي ڪونه سگهي. ماستر عبدالوحيد ان جو پهريون ايڊيٽر هو. ان جي فوت ٿيڻ بعد سکر وارو ميان احمد علي خان بي. اي. (عليگ) آيو. ان کان پوءِ منهنجو برادر بزرگ پير علي محمد راشدي. جڏهن ”سنڌ جدا واريءَ تحريڪ“ ۾ هو وڃي کهڙي صاحب سان گڏيو، تڏهن اخبار جي ايڊيٽري تقريباً پنج سال (29-1933ع) منهنجي ذمي رهي.
اسان ٻنهي ڀائرن وارو دور اهو هو، جڏهن خانبهادر کهڙي ٻين زميندارن کان اخبار جي پچر ڇڏائي، ان کي پنهنجي اختيار ۽ اقتدار هيٺ آندو هو. گويا ”سنڌ زميندار“ سرڪار پرستيءَ وارو ڳٽ ڳچيءَ مان ڪڍي، قوم پرستيءَ واريءَ واٽ تي وکون وجهڻ لڳي هئي. نئين انتظام هيٺ اخبار جو مئنيجر آغا نظر علي خان ٿي آيو هو[2]، جيڪو طبعاً دل جو سست، همت جو ڍرو ۽ حڪومت کان قدري خائف رهندو هو، تنهنڪري اخبار نويسيءَ لاءِ جيڪو هن اصول مقرر ڪيو هو، سو اجهو هي هو، ڪم اهو ڪجي، جنهن مان لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي، نانگ به مري ۽ لٺ به نه ٽٽي، يعني انگريزن کان حق بيشڪ طلب ڪجن، مسلمانن جي مسئلن تي لکجي ضرور، ليڪن ”ڌيان طلب“ جي سرخيءَ هيٺ، ڏاڍيءَ نوڙت ۽ نرمائيءَ سان، مٺي زبان ۽ سهڻي لهجي ۾، وڻندڙ طريقي ۽ سهندڙ نموني ۾- ۽ آخر ۾ چوندو هو ته ”تدبر ۽ دانشمندي درحقيقت انهيءَ طور ۽ طريقي جو نالو آهي.“ اهي سڀ اکر ۽ محاورا، ترڪيبون ۽ لفظ درحقيقت هن پنهنجي فطري هيڻائيءَ جي آٿت لاءِ گهڙيا هئا، ورنه نه کهڙي صاحب جي ڪا جهل هئي ۽ نه اخبار جي نئين دور جي ڪا اها تقاضا هئي. بهرحال منهنجي ڀاءُ سان ته خبر نه آهي آغا صاحب ڪهڙو عمل ڪيو، ليڪن منهنجي ته هڪ هڪ اکر تي سندس سواري هوندي هئي. پنهنجي دور جا چند واقعا جڏهن اڄ ياد پون ٿا ته کـِـلَ به نڪريو وڃي ٿي، حيرت ۽ اچرج به پئي لڳي. ڪاڏي ويا اهي تدبر ۽ دانشمنديون، ڪاڏي ويو اهو انگريز ۽ ان جو اقتدار، ڪاڏي ويا اهي ”ڌيان طلب“ مسئلا ۽ معاملا، ڪاڏي ويا اهي ڪمشنر ۽ ڪليڪٽر، ڪاڏي ويا گورنر جنرل ۽ گورنر. نه ڪماني نه ڪپتان، نه ڊپٽي نه ڪاردار. عهدا جيتوڻيڪ سڀ موجود، پر انهن جا ملڪ ۽ مختار اهڙا لڏيا، جو ڄڻ ڪڏهن هئا ئي ڪين!
گانڌي - اِروِن پئڪٽ[3] کان اڳ هندستان اندر اوچتو انگريزن جي خلاف هڪ طوفان اٿي کڙو ٿيو. هڪ باهه هئي، جا سڄي ملڪ کي وڪوڙي وئي، هڪ زلزلو هو، جنهن سڄي ’برٽش ايمپائر آف انڊيا‘ جا پيل پاوا لوڏي ڇڏيا. ريلان ڪـِـريون، انگريز مئا، هڙتالون ۽ هٽ تاڙون ٿيون، پرڀات ڦيرين سڀني ستلن کي سجاڳ ڪري ڇڏيو، انگريزي ڪپڙا سڙيا، دڪانن تي ڌرڻا ۽ آفيسن اڳيان پڪيٽنگ ڪئي وئي. مطلب ته هڪ طرف انگريز ۽ انهن جا ڇاڙتا، ٻئي طرف سڄو هندستان. گانڌي - ارون پئڪٽ، گول ميز ڪانفرنس، وائيٽ پيپر، هندو مسلم نفاق، مسلم ليگ تحريڪ، سائمن ڪميشن [4] ڪُئِٽ انڊيا، پاڪستان، اهي سڀ انهيءَ پهرينءَ باهه جا ڀڙڪا ۽ اولانبا هئا، جن اڳتي هلي نه ڇڙو انگريزن کي ٽپڙ ٻڌايا، بلڪ ملڪ جي رنگ روپ کي به ساڙي ٻاري ڇڏيو.
انهيءَ طوفان واري زماني ۾ انگريزن به وس پڄندي ڪونه گهٽايو. ڦاسيون ٽنگيون، گوليون لڳيون، جيل ڀريا، گهر ۽ ڳوٺ سڙيا، ملڪيتون ۽ املاڪون ضبط ٿيون، مطلب ته دٻاءُ، زور ۽ زبردستيءَ جا سڀ ليڪا لتاڙي بيهي رهيا، ليڪن وريو ڪجهه ڪونه. ٿيو اهوئي جيڪو ٿيڻو هو. انهيءَ زماني ۾ صوبو سرحد انگريزن جي ڏاڍاين جو خاص طرح شڪار ٿيو. پشاور جي قصه خواني بازار ۾ لاش جا ڍير لڳي ويا. رت سيرون ڪري هليو. سرخ پوش، جو جتي سو اتي معتوب. جيل، ماران، چهبڪ، ڦٽڪا، ڏنڊا، مترڪا، سينن تي برڇيون ۽ آخر ۾ گوليون به مڙسن کاڌيون. هڪ جوان ته قصه خوانيءَ ۾ غالباً ست گوليون ٿـِـري ناٽ ٿـِـريءَ جون سيني تي جهلي، زمين تي ڪريو تڏهن، جڏهن بيٺي ساهه نڪتس! سرخ پوشن جو جهنڊو جهٽ ڏيئي کانئس ٻئي اچي ورتو، جيڪو پڻ شهيد ٿيو، ۽ اهو سلسلو هڪ ٻن کان ٽپي وڃي سـَـوَن تي پهتو. خان عبدالغفار جي سموري آڪهه کي نه ڇڙو جيل ۾ وڌو ويو ۽ سندن ملڪيت ضبط ڪئي وئي، بلڪه سندس ڳوٺ اتمان زئيءَ کي پڻ ساڙي ۽ ٻاري ڇڏيو ويو[5]. اهو واقعو پنهنجي نموني پهرئين قسم جو هو، جنهنڪري هندستان ۾ جيڪا باهه ٻري پئي، تنهن تي گويا تيل پئجي ويو. لاهور جي اخبارن [6] (زميندار، پرتاب، ميلاپ ۽ سياست) انهيءَ خبر کي ڏاڍي جوش جاڳائيندڙ نموني ۽ عبارت ۾ شايع ڪيو، وڏين وڏين سرخين ۽ ڪارن ڪارن عنوانن سان، جنهن کي پڙهي، هرڪنهن جي لونءَ ڪانڊارجي ٿي وئي. مون کي به نئون نئون جوش هو، رت ۾ حدت ۽ حرارت، تجربن واريءَ سرد مهريءَ جي هوا اڃا ڪانه لڳي هئي. خبر پڙهندي اکين مان پاڻي وهي ويو. خوش قسمتيءَ سبب نظر علي خان لاڙڪاڻي ويل هو، جنهنڪري سندس غير حاضريءَ جو پورو فائدو وٺي، مان به خبر کي جڳائيندڙ آب تاب سان شايع ڪري ڇڏيو .ڪيترن ڏينهن کان پوءِ دل گهري خبر شايع ڪئي هيم، تنهنڪري اندر ۾ هڪ سڪون ۽ راحت محسوس ٿي، ڄڻ سر تان هڪ وڏو بار هو، جو لهي پيو.
نظر علي خان جيئن لاڙڪاڻي مان موٽيو، تيئن کيس پرنٽر ۽ پبلشر جي حيثيت ۾ ڪليڪٽر جي ڪوٺ پهتي. جڏهن اتان موٽيو ته سڙان کامان ڪندو آيو، چهري تي جلال، طبيعت ۾ طوفان، اکيون لال، چپن تي خشڪي، منهن ڳاڙهو ڳٽول جهڙو قنڌاري ڏاڙهون! ٽوپي هڪ طرف اڇليائين، ڪوٽ ڪرسيءَ تي ڦٽو ڪيائين، پاڻ ڦهه ڪري کٽ تي ڪـِـري پيو. گهڻي گهڻي کان پوءِ واڪو ڪيائين، ”اي ميان صاحب!.. ميان حسام الدين شاهه خان!... او ظالم ظلم!... بندوق کنيون آءُ! اچي منهنجي سيني ۾ هڻ!“ جڏهن مرحوم ڪاوڙبو هو- خدا بخشيس تڏهن اهي خطاب ۽ القاب ڏيندو هو، ”ميان! تون ته جوان آهين، تنهنجو ته ابو امان به جئرو آهي، ماري مون پوڙهي کي رکيئي! جناب منيجنگ ڊائريڪٽر جي آبروءَ جو به لحاظ ڪون ٿيئي، ڄڻ ڪا پٺاڻن سان تنهنجي عزازت هئي، جو ايڏو هڏ ڪُرڪيئي! ايترو ڪهڪاءُ آيئي!“ مرحوم لاکيڻون لعل هو، جڏهن ڪاوڙبو ته چوندو- ”ميان!“، ”او خان!“، ”او شاهه صاحب!“ ”اي ظالم اظلم!“ جڏهن راضي ٿيندو ته وڏا ٽهڪ ڏئي سڏ ڪندو- ”او آغا منهنجا!... او آغل سائين!... هيڏي ته آءُ!“ هاڻي جڏهن لکان ٿو ته ڪَنَ ڄڻ اُهي ئي ٽهڪ ٻڌن ٿا، اُهي ئي سَڏَ سُڻن ٿا. اکين اڳيان هڪ پراڻي ڪرسي پئي آهي، ان جي اڳيان هڪ مَرُ چڙهيل جهوني ميز، جنهن تي بي ترتيب ڪاغذن جا ڍير لڳا پيا آهن. ڪرسيءَ تي نظر علي خان اوڪڙون ويٺو آهي، ٻئي ڄنگهان به پاڻ سان مٿي رکيون. مٿو ڪوڙيل، رنگ ڀورو ۽ گلابي، مڇن جي سنت ورتل، ڏاڙهي ڀورڪاري ۽ ڏاڍي سـُـهندڙ چاپئين. اکيون، نڪ، ڀروان ۽ پيشاني سڀ ٺهندڙ ۽ جڙندڙ. وڏا ٽهڪ ڏئي پيو چوي، ”آغل!... او آغل منهنجا!... ڇا حال آهي؟... اڄ ته پاڻ وٽ دعوت شيراز آهي!“ ’دعوت شيراز‘ جو مطلب اهو هوندو هو ته اڄ مٽرن يا چڻن جي ڇِڊي دال تناول ڪبي. ڪڏهن ڪڏهن ڄڻ ڪَن لَوَندي اهو به آواز پيا ٻڌن:-

آل ڪان غئي پزوڙ، ما پزڙڪي الا![7]

مطلب ته ڍولڻ مڙس هو. جڏهن جوش لٿس، تڏهن حقيقت حال ڪيائين ته ”دفتر دار صاحب[8] کان هي دفعو ته جان ڇڏائي آيو آهيان، جي ٻيو دفعو به تو اهڙو قومي جذبو ڏيکاريو ته جناب مئنيجنگ ڊائريڪٽر صاحب جي عزت کي به نقصان پهچندو، نوٽيس به بند ۽ تون ۽ اسان به ڪاٺ ۾! “
مئنيجنگ ڊائريڪٽر جو ته اوڙو هو، سندس ۽ منهنجي جيل وڃڻ وارو مسئلو به محض ڳالهه جو ڳالهوڙو. درحقيقت دڙڪو هو نوٽيس بند ٿيڻ جو ۽ اخبار جي بلئڪ لسٽ تي اچڻ جو. نوٽيس ۽ بلئڪ لسٽ، اِهي ٻه اُهي دواليون هيون، جيڪي هر اُنهيءَ اخبار جي نڪ ۾ بطور ناڪيليءَ جي پونديون هيون، جنهن کي نه ايترا خريدار هئا، جو ان جي آمدنيءَ تي هلي، ۽ نه ايتري ذاتي موڙي هوندي هئي، جو خرچ ڪڍي سگهي. بهرحال حڪومت جا اهي ٻه دڙڪا هٿين خالي اخبارن لاءِ جنسي ڪال هوندا هئا، گويا سندن پويون ڏينهن.

* * *

سالن جي ڳالهه آهي. پوري يادگيري ڪانه ٿي پوي. پر خدا نه ڀلائي ته 1928ع ڌاري جو واقعو آهي. امان الله خان تخت تان دستبردار ٿي اٽليءَ ۾ وڃي پناهه گزين ٿيو هو. افغانستان تي انگريزن جي هـُـشيءَ تي پهريون بچو سقو قابض ٿيو. ان کان پوءِ چيو ائين ٿي ويو ته هنن ئي نادر خان ۽ سندس ڀائرن کي پيرس مان آڻي افغانستان پهچايو آهي.
هندستان جي قوم پرستن جي همدردي امان الله خان سان هئي، ڇاڪاڻ ته کيس انگريزن جو وڏي ۾ وڏو دشمن سمجهيو ويو ٿي. 1919ع واري جدوجهد سڀن کي ياد هئي، جنهن ۾ امان الله انگريزن جي اثر ۽ اقتدار کي پنهنجي ملڪ مان هميشه لاءِ ختم ڪري، آزاد بادشاهت جو اعلان ڪيو هو. افغانستان جي ڪوهسارن جو اهو جوان سال ۽ جوان بخت، قبول سيرت ۽ قبول صورت مالڪ ۽ مختار، جڏهن 1925ع ۾ دنيا جي دوري تي نڪتو، تڏهن هرڪنهن ملڪ کيس هٿئون هٿ کنيو، شاهاڻي استقبال جي بلڪل نئين ۽ نرالي تاريخ تيار ٿي وئي، دنيا جي اخبارن به وسئون ڪونه گهٽايو. هـُـنن ته ان ڪري به امان الله جي خبرن کي وڏين وڏين سرخين سان اشاعت ٿي ڏني، جو کين يقين هو ته ان مان انگريزن کي مرچ لڳندا. امان الله خان جي انهيءَ مقبوليت جو فائدو وٺي، پنجاب جي موقعي شناس ٽوپي سازن جهٽ کڻي امان الاهي ٽوپي ٺاهي. دهليءَ جي ٽوپي سازن وري سندس هڪ ٻيءَ ٽوپيءَ جو نقل ڪيو. الغرض هندستان جي نقال ۽ ساده دل مسلمانن، جيئن ڪنهن زماني ۾ ترڪي خليفن جي تتبع ۾ ترڪي ٽوپي يا پوءِ انور پاشا جون ٽوپيون پاتيون هيون، تيئن امان الاهي ٽوپين کي به کڻي مٿي تي رکيو. اصل ۾ ٽوپي سازن جو مڪو مچي ويو، جن سال اڌ ۾ لک ڪمائي ورتا.
انگريزن کي ته 1919ع کان ئي امان الله خان سان دشمني هئي. ويتر جو پنهنجي دوري جي دوران هـُـن سڄي عالم ۽ خاص طرح هندستانين جون دليون هٿ ڪري ورتيون، تنهن ته مرڳوئي انگريزن جي انتقامي جذبي واريءَ دونهينءَ کي دکائي، ان جي باهه کي صفا ڀڙڪائي ڇڏيو. پاڻ اڃا دوري تي ئي هو، جو پٺيان هـُـنن افغاني ڪوهسارن اندر پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو. پئسا، ايجنٽ، غلط افواهه، فرضي تصويرون[9]، بي پاڙا بهتان ۽ ڪوڙا الزام افغانستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ويا.
امان الله جيئن دوري تان موٽيو، تيئن يورپ جي ترقيءَ کان متاثر ٿيو آيو هو. پنهنجي ملڪ کي به يورپ جي ڪڙيءَ تي پهچائڻ لاءِ، اچڻ سان، هن هڪ طويل ترقياتي پروگرام رِٿي، ان کي فوري عمل ۾ آڻڻ گهريو. انهيءَ پروگرام ۾ اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، ملٽري اڪاڊمين، لوهه جي ڪارخانن، هوائي جهازن ۽ جنگي سامان ٺاهڻ جون ڪي رٿائون هيون. جهڙوڪ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم، انگريزي وضع قطع جا ڪپڙا پائڻ، گهر ۾ فرنيچر رکڻ ۽ ميز ڪرسيءَ تي کائڻ، صفائي ۽ سٺائيءَ سان رهڻ، پردي کي گهٽائڻ، غير شرعي ڊگهن، بي ترتيب ۽ اڻ صفا ٿيندڙ سـُـنهارين تي پاڪيون ڦيرائڻ- انگريزن جيڪي افواهه ڦهلائي ڇڏيا هئا، انهن مواد ته اڳ ۾ ئي تيار ڪري ڇڏيو هو، ان ۾ فقط چواتيءَ ۽ چڻنگ جي دير هئي، جيڪا انهن ترقياتي پروگرامن لائي ڇڏي، سڀئي ملا ۽ خان اٿي کڙا ٿيا. انگريزن جا پئسا پاڻيءَ وانگر وهي رهيا هئا. ملا شور بازار جو نالو اسان انهيءَ وقت ٻڌو هو. مطلب ته ڏسندي ڏسندي اهڙو ممڻ متو، جو افغانستان جي تخت تي بچي سقي جهڙو معمولي ماڻهو قابض ٿي ويو ۽ ملڪ جو اصلي وارث سڌو وڃي اٽليءَ پهتو.
امان الله جڏهن ملڪ ڇڏيو ته قنڌار کان نڪري چمن ۾ آيو. اتان ريل ۾ سوار ٿي جيڪب آباد، رڪ، روهڙيءَ، سماسٽا کان دهليءَ ۽ اتان سڌو بمبئيءَ ويو... هِنن اکين ڪجهه ڏينهن اڳي سندس اهو جاهه ۽ جلال به ڏٺو، جڏهن سندس اسپيشل ٽرين مٿان انگريزي هوائي جهاز گل گهوريندا ٿي ويا، ۽ هاڻي واريءَ هن ڪسمپرسيءَ جو حال به پسيو، جو ٻه فرسٽ ڪلاس معمولي گاڏا، انهن ۾ پاڻ ۽ سندس آڪهه، در دريون بند، نه سازو سامان، اهي ئي لٽا جيڪي بدن تي، نه پورو جورابو نه سڄي جـُـتي! بهرحال، سابق شاهه افغانستان، هزمئجسٽي دي ڪنگ امان الله خان، جڏهن بمبئيءَ مان هندستان جو ساحل ڇڏيو، تڏهن مـَـسين وڃي انگريزن کي ساهه پيٽ ۾ پيو.
هندستان جي همدردي اصل کان امان الله سان هئي، هاڻي به هنن اهوئي ٿي سمجهيو ته افغاني قوم محض انگريزن جي اشاري تي لڳي، پنهنجي قوم پرست ۽ محب وطن بادشاهه سان ظلم ڪيو آهي. جڏهن نادر خان پشاور ۾ وارد ٿيو، تڏهن کيس هندستاني قوم جو اهو جذبو معلوم ٿيو. ازانسواءِ هن اهو به محسوس ڪيو ته خود افغانستان اندر ڪي قبيلا پڻ امان الله جي حق ۾ آهن، تنهنڪري وقت جي تقاضا ۽ مصلحت کي ڏسي، هن اعلان ڪيو ته افغانستان ۾ هو ان ڪري وڃي رهيو آهي ته بچي سقي کي ڪڍي، وري امان الله کي موٽائي تخت تي آڻي. متبرڪ صورت، سفيد سـُـنهاري، مڙس ڏسڻو وائسڻو، پنج ئي وقت نماز باجماعت- سڀن کي اعتبار اچي ويو. سڀن کي خاطري ٿي ته ڄاڻ حق حقدار کي مليو، انگريزن جي ڪک جو ڪان ڄاڻ موٽي اچي ڪمان ڀيڙو ٿيو. مولانا ظفر علي خان حسب دستور اسلامي اخوت واري جذبي جي ماتحت نه ڇڙو لاهور جي اسٽيشن تي نادرخان وارن جو شاندار استقبال ڪيو، بلڪ جوش ۾ بنان ٽڪيٽ هلنديءَ گاڏيءَ ۾ ساڻن چڙهي پشاور تائين وڃي پهتو، جتان انگريزن زبردستيءَ کيس موٽائي لاهور آڻي ڇڏيو! مولانا جي ئي تحريڪ تي هندستان جي مسلمانن نادر خان جي امداد لاءِ هڪ ”عظيم جيش اسلامي“ مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهيءَ کي زور وٺرائڻ لاءِ آگري جي مشهور شاعر حضرت ”سيماب“ اڪبر آباديءَ پنهنجي هفتيوار اخبار ”تاج“ ۾ هڪ مترنم نظم شايع ڪيو، جنهن جو آخري بند هو:

قنڌار چلو! قنڌار چلو!!

بهرحال جڏهن شاهه ولي خان ڪابل فتح ڪيو ۽ ان جو اعلان هندستان اندر ٿيو، تڏهن مسلمانن چراغان ڪيا، مٺايون ورهايون ۽ اهڙا خوش ٿيا، ڄڻ سندن پنهنجا ڪاج سِڌ ٿيا آهن. مولانا ظفر علي خان فوراً هڪ شاندار نظم ”زميندار“ ۾ کڻي شايع ڪيو، مسدس جي آخري سٽ هلندڙ هئي:

فاتح ٽَل فاتح ڪابُل هئا!

الغرض انهيءَ حد تائين اسان کي دلچسپي هئي ۽ افغانستان جي معاملي سان اسان جو تعلق هو. اکيون هاڻي نادر خان جي اعلان ڏي هيون. هر مسلمان جي دل ڌڙڪي رهي هئي. سڀن جا ڪن اوڏانهن هئا. انتظار اهو هو ته ڪڏهن ٿي نادر خان جي صدا ڪوهسارن سان ٽڪرائي بلند ٿئي ته- ”حق بحقدار رسيد!“ ليڪن جڏهن اهو وقت آيو، تڏهن حيرت جي حد نه رهي! اعلان ٿيو ته، ”لوئي جرگي، خود هز مئجيسٽي ڪنگ نادر شاهه غازي خلد الله ملڪہ کي افغانستان جي تخت ۽ تاج جو مالڪ ۽ مختار تسليم ڪيو!“ هندستان جي جوش ۽ جذبي تي ڄڻ ڪنهن پاڻيءَ جا ٿڌا گهڙا پرٽي ڇڏيا. اصل قصي جي ته رب کي ڄاڻ، ليڪن هتان جي مسلمانن جي اک کلي، ۽ هنن اهوئي سمجهيو ته افغانستان اندر انگريزن جي سياست کي نيٺ ڪاميابي حاصل ٿي.
انهيءَ واقعي کي ڇهه ست مهينا مس گذريا، ته لاهور جي ”زميندار“ اخبار ۾ امان الله خان جو هڪ طويل ۽ دردناڪ خط شايع ٿيو، جيڪو هن روم مان نادر خان ڏانهن لکيو هو ۽ جنهن ۾ نهايت دل ڀڄائيندڙ نموني ۾ هن هڪ هڪ ڪري سندس ڪيل واعدن ۽ بدعهدين جي کيس ياد ڏياري هئي[10].
جڏهن ”زميندار“ جو اهو پرچو مون وٽ پهتو، خوش قسمتيءَ سبب ان وقت نظر علي خان سکر ۾ ڪونه هو. ميدان خالي ڏسي، مون جوش ۽ جذبي وچان خط جو ترجمو اهڙيءَ ئي حاشيه آرائيءَ سان شايع ڪري ڇڏيو، جهڙيءَ ريت لاهور جي ”زميندار“ ڪيو هو. ٻن ڏينهن بعد معلوم ٿيو ته ”زميندار“ جو اهو پرچو ضبط ڪيو ويو، ۽ 50 هزار جي ضمانت ضبط ڪري، پريس ۽ اخبار کان هڪ لک جي ضمانت گهري وئي آهي! خبر نه آهي ته ظفر علي خان جي ڪهڙي حالت ٿي، ليڪن منهنجا ته تاڪ لڳي ويا، ڇاڪاڻ ته- اين گناهيست ڪه در شهر شما نيز ڪنند! نظر علي خان جيئن لاڙڪاڻي کان موٽي پريس ۾ اچي پهتو، تيئن مون ڏي ڏسي، ٿڌو ساهه کڻي، ڏاڍيان وٺي، ”الله هو!...“ ڪيائين. هن دفعي ٽوپي به ڪانه لاٿائين، ڪوٽ به ڪونه اڇليائين، ۽ نه کٽ تي ئي ڪريو. سڌو اچڻ سان ڪرسيءَ تي ويهي، سڀني ڪمپازيٽرن کي سڏي حڪم ڏنائين: آئيندي جنهن مضمون تي سندس تصديقي صحيح پيل نه هجي، اهو ڇپڻ ۾ هرگز نه اچي! اهو اعلان ڪري، مصلو وڇائي، وڃي نماز ۾ بيٺو. اڃا سلام مس ورايو هئائين، ته ڪليڪٽريءَ جو پٽيوالو حاضر ٿيڻ جو حڪم نامو کڻي اچي وارد ٿيو. سلام ورائي، دعا گهري، آڱر جي اشاري سان چوڌاري صلواة سڳوري ڇوڪاري، مون ڏي منهن ڪري ڏاڍي دردناڪ لهجي ۾ چيائين، ”ميان صاحب! آخر تون مڙئين ڪونه. انهن ڪرتوتن کان ته بهتر آهي مون کي سيني ۾ دونالي هڻ... ڊس! ڊس! هڪ ئي دفعي جند ڇٽي پوئي. هُن شريف جو به خيال ڪونه ٿو اچئي، جنهن اعتبار رکي، پنهنجي سموري موڙي اسان جي حوالي ڪري ڇڏي آهي!“ اهو ’شريف‘ جو اشارو کهڙي صاحب ڏي هو. اهڙن موقعن تي مرحوم هميشهه شرم ڏيارڻ لاءِ کهڙي صاحب جي شخصيت کي آڻي اڳيان ڪندو هو، ۽ آخر ۾ چوندو هو، ”او ظالم ظلم!... زمن گر نه ترسي، بترس از خدا!“

اهو ئي دور هو، جڏهن ميرٺ جي سازش وارو مشهور مقدمو هليو ٿي، جنهن ۾ ٻين قومي ڪارڪنن سان گڏ، ديناناٿ سهگل به ڦاٿل هو [11]. انهيءَ سازش بعد ٻيون به ڪيتريون سازشون ٿيون. هڪ دفعي وائسراءِ جي گاڏيءَ کي تباهه ڪرڻ لاءِ ريلوي لائين تي ٽائيم بم رکيو ويو (1928ع)، وائسراءِ جي حياتي هئي، جو اتفاق سان بچي ويو. بم ٻه ٽي سيڪنڊ پوءِ ڦاٽو، جڏهن وائسراءِ جو گاڏو ٽپي اڳتي ٿيو. باقي پويان گاڏا، سو پرزا پرزا ٿي ويا. هلندڙ اسيمبليءَ ۾ ڀڳت سنگهه وارن بم اڇليا [12]. بنگال ۽ ٻين جاين تي گورنرن ۽ ٻين گورن کي گوليون لڳيون. ڀڳت سنگهه، جتندرا ناٿ داس ۽ دت وغيره بمن جي سازش ۾ گرفتار ٿيا. جتندراناٿ جيل ۾ مرن برت رکيو. حيلا هلائي بيهي رهيا، 72 ڏينهن بعد هن مري ساهه ڏنو، پر برت نه ڀڳائين! جڏهن مئو، تڏهن مولانا ظفر علي خان معرڪي جو هڪ نظم ”زميندار“ ۾ شايع ڪيو:-

بن نهين سڪتا صلاح الدين ايوبي اگر،
هند ڪي حرمت په مَرمِٽ اور جتندرداس بن!

اصل ۾ انهن ڳالهين جي ابتدا انهيءَ لوڻ واريءَ تحريڪ سان ٿي هئي، جنهن کي مهاتما گانڌيءَ ”ڊانڊيءَ واري مارچ“ (1930ع) سان شروع ڪيو، ۽ ”باردولي تحريڪ“ ولڀ ڀائي پٽيل کي جنم ڏنو. باقي واقعا انهيءَ سلسلي جون جدا جدا ڪڙيون هيون. ڀڳت سنگهه وارن جون تصويرون هرهڪ گهر ۾ ٽنگجي ويون. هندو توڙي مسلمان، جوان خواهه پوڙها، عورتون خواهه مرد، گهر ڇڏي ٻاهر قومي ميدان تي نڪري آيا. ميرٺ وارن کي سزا آئي. ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين کي ڦاسي آئي[13]. ڀڳت سنگهه جو لاش انگريزن لاهور جيل مان منهن اونداهيءَ ڪڍرائي راويءَ جي ڪناري تي ساڙائي ڇڏيو. انگريزن جو اهو خيال بلڪل صحيح هو ته جيڪڏهن لاش مالڪن جي حوالي ٿيندو ته ممڻ مچي ويندو، جنهن کي ٺارڻ ۽ ٽارڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو. ليڪن انگريزن جي انهيءَ عمل به ڪا گهٽ باهه ڪانه لاتي. سڄي ملڪ ۾ ماتم پئجي ويو ۽ هندستانين جي دلين ۾ گويا انگريزن پنهنجي انهيءَ ڪرتوت سان بڙڇيون هڻي ڪڍيون.
ڪانگريس آئينده سال (1931ع) تي پنهنجو اجلاس لاهور ۾ راويءَ جي ڪناري تي عين انهيءَ جاءِ تي ڪيو، جتي ڀڳت سنگهه جي لاش کي ساڙيو ويو هو[14]. جواهرلال انهيءَ سال پنهنجي والد کان ڪانگريس جي صدارت ورتي هئي ۽ ڪانگريس جو اهوئي اجلاس هو، جنهن ۾ ”آزاديءَ جو ٺهراءُ“ پاس ڪيو ويو. ڀڳت سنگهه جي والده انهيءَ موقعي تي پنهنجي پٽ جا سڙيل هڏا کڻي، اچي اجلاس ّ۾ نڪتي. جذباتي جوانن جو خيال هو ته ڪانگريس جو جوان سال صدر ڀڳت سنگهه جي انتقام وٺڻ لاءِ ضرور ڪنهن لڙاڪو پروگرام جو اعلان ڪندو، ليڪن کين ان وقت شديد مايوسي ٿي، جڏهن انتقامي پروگرام ته بجاءِ خود، پر ڪانگريس اُنهيءَ سلسلي ۾ ٺلو ٺهراءُ به پاس ڪونه ڪيو. خير، ڪانگريس جو تجربيڪار مهندار ته عظيم مقصدن جي حاصل ڪرڻ واريءَ راهه ۾ ڀڳت سنگهه جي شهادت کي به هڪ منزل سمجهي، پاڻ اڳتي ٽپي ويو، ليڪن انتهاپسندن ۽ پرجوش جوانن جي جذبي ۽ اخلاص کي ڏاڍو صدمو پهتو.
جواهر لال لاهور مان ڪم پورو ڪري، پنهنجي عيال سميت سڌو موهن جي دڙي تي آيو. جڏهن اتان ٿي موٽيو، ان وقت سکر جي اسٽيشن تي مان وڃي ساڻس مليس. سندس گهر واري ۽ شايد سندس نياڻي (مائي اندرا گانڌي) به هئي. سڀن کي پهريون دفعو مان اتي ڏٺو. منهنجي ڪارڊ پهچڻ تي جڏهن جواهر لال گاڏي مان ٻاهر نڪري آيو، ان وقت مان کانئس ڀڳت سنگهه جي باري ۾ اهي ئي سوال پڇيا، جيڪي هر غير تجربيڪار ۽ جوشيلي جوان جتي ڪٿي کانئس پڇيا ٿي. هن به مون کي اهي ئي جواب ڏنا، جيڪي ٻين کي ڏيندو آيو ٿي. موٽي اچي اهي سمورا سوال جواب مان سنڌ زميندار ۾ شايع ڪري ڇڏيا. خير جوش ۽ جذبو ته هو، ليڪن اخبار ۾ شايع ڪرڻ مان وڏي مراد اها به هئي ته جيئن ماڻهن کي معلوم ٿئي ته آءٌ به ڪانگريس جي صدر ۽ هندستان جي جوان بخت نوجوان ليڊر سان انٽرويو ڪري چڪو آهيان!
خدا لڳ ڳالهه ڪبي، خانبهادر کهڙي کي انهن ڳالهين جي رتيءَ ڀر پرواه ڪانه ٿيندي هئي. بلڪ الٽو هو خوش پيو ٿيندو هو. اصل ۾ ساه نڪرندو هو آغا صاحب مرحوم جو، کهڙي صاحب جو ته ڪندو ڇڙو مـُـنهن اولو. بهرحال ضبط ته مان به گهڻو ڪندو هيس، ليڪن ڪڏهن ڪڏهن اهڙيءَ ريت بي اختيار ڪمان مان تير نڪري ويندو هو، جنهن جي تيزيءَ ۽ تکائيءَ جي ڪل ان وقت پوندي هئي، جڏهن نظر علي خان جون اکيون ڳاڙهيون، چپ سڪل ۽ منهن لال اڳيان نظر ايندو هو. مٿين خبر پڙهڻ بعد نظر علي خان هن دفعي ٻه ڪم ڪيا: هڪ ته ابوبڪر ڪمپازيٽر ۽ گيلارام مشين مين تي ڏهه ڏهه رپيا ڏنڊ وڌائين ۽ ٻيو ميرٺ واري ڪيس ۾ ڦاٿل قومي ڪارڪن ديناناٿ سهگل جو نالو، جنهن کي جنم ٽيپ ۽ ڪاري پاڻيءَ جي سزا اچي چڪي هئي، مستقل طرح مون تي رکي ڇڏيائين. ان کان پوءِ مرحوم هميشہ سڏيندو هو، ”او دنياناٿ سهگل! ميان هي ڪهڙو ڪلور ڪيو اٿئي...!“
انهن مسلسل واقعن منهنجي جوش ۽ جذبي کي ماري ۽ مروٽي ڇڏيو. هٿيار ٿيڪي ويهي رهيس، جنهن کان پوءِ پنهنجي قومي جذبي جي اظهار جو وري ”سنڌ زميندار“ ۾ ڪڏهن موقعو ڪونه مليو.

* * *

خير، اهي واقعا ته وچ ۾ اچي ويا. دل ۾ درد هو. ڳالهه نڪتي ته اوچتو ڄڻ آهه نڪري وئي. دراصل ڳالهه هئي سکر جي آغا صاحب جي ۽ ”سنڌ زميندار“ اخبار جي.
جنهن دؤر جو ذڪر آهي، ان ۾ ڇاڪاڻ ته آزاديءَ جي جنگ ڦوهه جوانيءَ تي هئي، تنهنڪري اخبارن کي به ڏاڍو زور هو. سنڌ جي اخبارن مان انگريزيءَ ۾ ٻه روزانيون نڪرنديون هيون، هڪ ”ڊيلي گزيٽ“، جيڪا اصل ته انگريز پرست هئي، ليڪن بعد ۾ سندس مزاج اعتدال تي آيو هو، ٻي هئي مسٽر پنيا جي ”سنڌ آبزرور“، جيڪا ظاهر ۾ ته وطن پرست هئي، ليڪن دراصل ڪٽر مهاسڀائي ذهنيت جي علمبردار هئي. ٽين شام جي انگريزي روزاني اخبار ڊاڪٽر تاراچند جي ”ڪراچي ڊيلي“ هوندي هئي، جنهن جي جاءِ پاڪستان بعد ”ايوننگ اسٽار“ ورتي. سنڌي روزانين مان مسلمانن جي فقط ”الوحيد“ هئي، جيڪا ڪڏهن خالص مذهبي ته ڪڏهن ٺيٺ وطن پرست، ڪڏهن فرقه پرست ته ڪڏهن قوم پرست. بهرحال مسلمانن جا هٿ انهيءَ هڪ اخبار تي کپندا هئا. هندو اخبارن مان ”هندو“ ڪانگريسي ۽ ”سنسار سماچار“ ٺيٺ مهاسڀائي. اِهي هيون ڪراچيءَ مان نڪرندڙ اخبارون. باقي سنڌ مان مسلمانن جون گهڻو ڪري هفتيوار اخبارون نڪرنديون هيون، جيئن ته ميرپورخاص مان مخلص جي ”مسلمان“، نوشهري مان رئيس نجم الدين جي ”النجم“، حيدرآباد مان نور محمد نظاماڻيءَ جي ”طيراً ابابيل“، سکر مان ”سنڌ زميندار“ (هفتي ۾ ٻه دفعا)، لاڙڪاڻي مان ”الحقيقت“، جيڪب آباد مان مولوي محمد حسين جي ”الحنيف“ ۽ چاچي نبي بخش (لالي مٺي) جي ”اتحاد“. ”الوحيد“ ۽ ”سنڌ زميندار“ کان سواءِ باقي ٻين اخبارن کي مقامي حيثيت حاصل هوندي هئي. هندن جون سنڌ مان گهڻيون ئي هفتيوار ۽ روزانيون اخبارون نڪرنديون هيون، جن مان مشهور هيون ميرپورخاص مان ”جوت“، سکر مان ديوان ڀوڄراج جي ”ڀارت“، آرت مل جي ”هندو ليگ گزيٽ“، لاڙڪاڻي مان ”لاڙڪاڻه گزيٽ“ ۽ جيڪب آباد مان ”تيج“ ۽ ”فرنٽيئر گزٽ“، جنهن جو ايڊيٽر هڪ هندو هو- بيحد مٺو ماڻهو ۽ دلبر دوست، يارن جو يار. ٻه روزانيون هندن جون سکر مان پڻ نڪرنديون هيون، جن مان هڪ مقامي هئي ۽ ٻيءَ کي البت سکر کان ٻاهر به اهميت حاصل هئي. پهرين ٻائي امرداس جي ”ڌرم وير“ ۽ ٻي مهاشيه ويرومل جي ”سنڌي“. اِهي هيون اُهي اخبارون، جيڪي سنڌ اندر هندن ۽ مسلمانن جي معاملن ۽ مسئلن کي پيون ڊاهينديون ۽ ٺاهينديون هيون. بلوچستان جي مسئلن تي لکڻ لاءِ مرحوم نسيم تلويءَ جون اخبارون ”عصر جديد“ ۽ ”بلوچستان جديد“ هيون.
سنڌ ۾ ٻاهران ايندڙ اخبارن مان لاهور جي اخبارن کي عوام ۾ وڏي اهميت هوندي هئي، مثلاً هندن وٽ ”پرتاب“، ”ميلاپ“ ۽ نانڪ چند ”ناز“ جي ”وير ڀارت“ کي، ۽ مسلمانن ۾ ”زميندار“، ”انقلاب“، ”سياست“، ۽ پوءِ ”شهباز“ ۽ ”احسان“ کي. ”پيسہ اخبار“ ۽ ”انتخاب لاجواب“ جو دؤر ختم ٿي چڪو هو. جهنگ واري هفتيوار ”المنير“ به پنهنجو وقت پورو ڪري وئي هئي. ايڊيٽرن مان منشي محبوب عالم فوت ٿي ويو هو، ظفر علي خان جي حيثيت اخبار نويسيءَ ۾ بابي آدم جي هئي، مولانا غلام رسول مهر، مرتضيٰ احمد خان ميڪش، سيد حبيب، مولانا عبدالمجيد سالڪ، چراغ حسن حسرت ۽ حاجي لقلق ڦوهه جوانيءَ ۾ هئا- جسم جو به جوڀن ته قلم تي به بهار. هندن مان مهاشيه ڪرشن، خوشحال چند خورسند، نانڪ چند ناز ۽ پارس واري مهاشيه ڪرم چند جي رات هئي.
لاهور مان ٽي انگريزي ڊيلي اخبارون نڪرنديون هيون: مسلمانن جي مولوي نور الحق جي ”مسلم آئوٽ لڪ“،[15] غير مسلمانن جي ”سول اينڊ ملٽري گزيٽ“ ۽ ڪالي ناٿ ري جي ”ڊيلي ٽربيون“. بجنور جي ”مدينه“ اخبار باءِ - ويڪلِي (هفتي ۾ ٻه ڀيرا نڪرندڙ) هئي، ليڪن ڏاڍي وزندار، سنجيدي ۽ بلڪل قومي خيالن جي. سنڌ ۾ گهڻا مسلمان ان کي گهرائي سان پڙهندا هئا. دهليءَ مان مولوي مظهرالدين جي روزاني ”الامان“ ۽ خواجه حسن نظاميءَ جي هفتيوار ”مُنادي“ ايندي هئي. مولانا محمد عليءَ جي ”ڪامريڊ“ بند ٿي چڪي هئي. ”همدرد“ ڪڏهن بند ته ڪڏهن جاري. ”خلافت“ اخبار بمبئيءَ مان ”الوحيد“ جي دفتر ۾ شيخ عبدالمجيد وٽ ۽ ڪن ٻين پراڻن خلافتين جي نالي تي ايندي هئي. مولانا شوڪت علي سرپرست ۽ مولانا عرفان ۽ شوڪت عليءَ جو فرزند زاهد علي ان جا ايڊيٽر هوندا هئا. انگريزي اخبارن مان ”السٽريٽيڊ ويڪلي“ خوب وڪامندي هئي. ”ٽائيمس آف انڊيا“، ”اسٽيٽسمن“، ”پايونيئر“ ۽ مهاتما جون ”ينگ انڊيا“، ۽ ”هريجن“، ۽ بمبئيءَ منجهان ”بمبئي ڪرانيڪل“، جنهن جي ايڊيٽر سيد عبدالله بريلويءَ جي ڏاڍي شهرت هوندي هئي. ولايت مان ڪن ڪن انگريزن وٽ ”لنڊن ٽائيمز“ ۽ ”مئنچيسٽر گارڊين“ به اينديون هيون ۽ اخبارن ۾ به انهن جي راين تي گاهي ماهي هنگامو مچي ويندو هو.
اهي هيون اخبارون سنڌ ۾ مشهور ۽ سڄي ملڪ اندر سياهه سفيد جون مالڪ، جڏهن مان وڃي ’سنڌ زميندار‘ جي چارج ورتي. مون کي ياد آهي، چٽيءَ طرح، مان نصرت[16] اسٽيشن تي بيٺو هئس، خانبهادر کهڙو سکر مان ٿي موٽيو، گاڏيءَ مان منهن ڪڍي، ٽپال جي استعمال ٿيل لفافي جو هڪ ٽڪرو ڦاڙي، ان تي منهنجي تقرر جو حڪم لکي، مون کي ڏيئي، تاڪيد ڪيائين ته سڀاڻي ضرور وڃي سکر پهچ. ريل ڇٽي. مان آرڊر پڙهيو: پنجاهه روپيا درماهو پگهار، ”سنڌ زميندار“ جو ايڊيٽر، يعني ”الوحيد“ کان پوءِ سنڌيءَ مسلمانن جي ٻي مکيه اخبار- ان جو ايڊيٽر، ۽ پگهار جملي پنجاهه ڪلدار- وڪٽوريا راڻيءَ جا روپيا ختم ٿي چڪا هئا، ٺوڙهي بادشاهه وارا روپيا به بند ٿي ويا هئا، هاڻي هئا جارج پنجين جا، جن ۾ چانديءَ کان وڌيڪ مٺ گڏيل هوندو هو.

* * *

نظر علي خان سان واقفيت اڳ ئي هئي، واهپو فقط هاڻي پيو، ۽ دوستي ان کان پوءِ شروع ٿي. نيت جو نيڪ، دل جو اهڙو جو اجرو جهڙو کير، مزاج جو مکڻ جهڙو نرم ۽ مصريءَ جهڙو مٺو، طبيعت جو باغ و بهار، مجلس ۾ ويٺو هوندو، هيءَ ڳالهه هوءَ ڳالهه، هندن جا ظلم، مسلمانن جا مسئلا، ”فخر قوم“ سر ڀٽو[17]، ”محترم قوم“ خانبهادر کهڙو، مطلب ته هڪ مان ٻي، ٻيءَ مان ٽين، قصو ڪوتاهه سج لهي ويندو، پر نظر علي خان جا قصا ڪونه کٽندا. صبح کان سانجهيءَ تائين هڪجهڙي بهاري ۽ ليءِ هوندي. جڏهن سندس دلپسند ڪا ڳالهه ٿيندي هئي، ته وڏا ٽهڪ ڏئي کلندو هو- اهڙا اجرا ۽ مائيدار، جو سٽي ڪورٽ ته خير، پر چانڊوڪيءَ جي ٿڌين راتين ۾ هڪ طرف ٽائون هال ۽ ٻئي طرف ليوڪس پارڪ جي هُن ڇيڙي تي پيا ٻڌبا هئا. کهڙي جو وفادار بلڪ جان نثار - مان هوند جيڪر سندس يار وفادار به لکان، پر غريب ۽ امير جي ياري ٺهندي به ڪانه آهي ۽ جڳائي به ڪانه- خدا بخشيس، خود مرحوم کي ئي اها دعويٰ ڪانه هئي. اهڙو جان نثار ۽ ايڏو وفادار ڀايان کهڙي کي وري ڪونه مليو هوندو- جيتوڻيڪ زندگيءَ جي مختلف منزلن ۽ جدا جدا مرحلن تي ڪي ئي ماڻهو ساڻس اچي گڏيا، جن دوستيءَ جون دعوائون به ڪيون هونديون، جن جان نثاريءَ ۽ وفاداريءَ جون لافان به هنيون هونديون، ليڪن يقين اٿم ته نظر علي خان جيڪا جاءِ ڇڏي ويو، سا ڪنهن ڪانه ڀري سگهي هوندي. مهرو وفا، انس ۽ الفت کي جنهن ڪڙيءَ تي هو مرحوم پڄائي ۽ پهچائي ويو، ان تي ٻئي ڪنهن جي مجال، جو آڻي سگهي! سندس مسلمانن ۽ مسلمانن جي مسئلن سان ڏاڍو شغف، بلڪ عشق چئجي ته بيجا نه ٿيندو، هوندو هو، ۽ هندن سان ازلي وير. کيس هو به چڱا هٿ ڳنڍيون آيا، لاڙڪاڻي جا فساد، جنهن ۾ هن غريب کي ڪن نه جن، هندن کڻي کيس جيل ۾ وجهرايو، ان کان پوءِ سکر جا فساد، جنهن ۾ پڻ ڪوڙيون شاهديون ڏئي، مٿس الزام آندو ويو ته سوئو هڻي هُنَ فلاڻو هندو سرڳ پهچايو. ان بعد وري ٿيو منزل گاهه وارو معاملو.[18] مطلب ته ڪوبه وجهه هندن اهڙو ڪونه ڇڏيو، جنهن ۾ نظر علي خان کي اندر اماڻڻ جي ڪوشش نه ڪيائون.
حقيقت ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ اهي نهايت ئي دردناڪ واقعا هئا- اڻ سهائيندڙ ۽ دکدائڪ. هندو هر لحاظ سان مسلمانن کان ترقي يافته هئا - پيسي ۾، تعليم ۾، ملازمتن ۾ ۽ واپار ۾. سياسي خواه سماجي طرح سياڻا به ۽ سجاڳ به. هنن ڪوبه اڳ پوءِ ڪونه ڳڻيو. الهه لڳ ڳالهه ڪبي، مسلمانن جي غير تعليم يافتگيءَ مان ۽ زميندارن جي جهالت ۽ اڍنگن خرچن مان هنن نهايت ئي اجوڳ فائدا ورتا. هنن تي ملڪي هجڻ سبب ۽ وڌيڪ سڌريل ۽ سمجهدار قوم هئڻ ڪري، ڀائپيءَ جا، برادريءَ جا، پاڙيسريءَ جا، ۽ وڏ ننڍائيءَ جا جيڪي انگ ۽ ننگ هئا، سي هنن پورا ڪونه پاڙيا، بلڪ هلندي هلندي، مسلمانن جون ڪيئي زرعي زمينون به قرضن ۾، ورتل ۽ اڻ ورتل کنڌن ۽ وياجن جي مٿان وياجن ۾، پنهنجي هٿ ڪري ويا.
شهر ته اڳ ئي سندن قبضي ۾ هئا، زمينن وٺڻ سبب ٻاهراڙيون به گهڻي قدر سندن هٿ هيٺ اچي ويون. هنن پوءِ سياسي ٻڌيون ڪري، هندوستاني هندن سان جوڙ توڙ ڪري، مها سڀا ۽ ڪانگريس جا پلوَ پڪڙي، سياسي طرح به مسلمانن کي اهڙيءَ طرح ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيئن هو پنهنجي ملڪ اندر به بيوس ۽ ويچارا ٿي رهن. مسلمانن پنهنجي زور ۽ طاقتوريءَ جي زماني ۾ پنهنجي سنڌي سلطنت جي دور ۾ ساڻن مجموعي طرح هميشه سٺا پير ڀريا هئا. سنڌ جي جڏهن پنهنجي حڪومت هئي، تڏهن ته هنن هندو مسلمانن جي تفريق ۽ ننڍ وڏائيءَ کي تقريباً ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ هڪٻئي کي برابريءَ جو ڀاءُ ڪري ڏٺائون، پر سنڌ تي جڏهن ست ڌارين عربن جو قبضو هو، تڏهن هندن جي اصلي حيثيت نه فقط سنڌ اندر قائم رهي، بلڪ بغداد ۽ دمشق تائين، سندن عالمن کي گهرائي، لک عزتون ڏنيون ويون ۽ مالي محڪمن ۾ اڪيچار هندن کي مقرر ڪيو ويو. هن پوئين زماني ۾ ڪلهوڙن جو سياهه سفيد گهڻي حد تائين سندن هٿ ۾ هو. منجهانئن ڪيترن کي سڳيءَ اولاد وانگر ”برخوردار“ سمجهيو ويندو هو، موٽو مل، مانجهو مل، گدو مل، چيلا رام، گهنشامداس، ٻالڪ رام، شيوڪ رام عطارد، گلراج وڪيل، لاله امرت راءِ، جسپت راءِ، عزت راءِ، ديوداس، مولراڄ، ڪرڻ مل، گلاب راءِ، اجومل، تاراچند، هري راءِ، سهج رام، ماڻڪ راءِ، مولچند، دولهه رام ۽ ڀائي دولهه رام- اهي انهن هندو عملدارن مان فقط چند آهن، جن جي هٿن ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جون واڳون هيون ۽ ملڪ جي اُٿي ويٺي، وهي واڻي، نبيري نڇيڙي ۽ اندرين ٻاهرين انهن جي هٿ ۾ هئي. اهڙيءَ طرح ٽالپرن جي ڪاروبار ۾ به سڀني کي ڄاڻ آهي ته، هندن جو گهڻوئي عمل دخل هوندو هو. سومرن ۽ سمن جي ديسي دؤر يا مغلن جي ڌارئي دؤر ۾ به- اهائي ساڳي حالت هئي. اڪيچار هندن جا نالا ملن ٿا، جن جو ملڪي ڪاروبار ۾ حصو، اثر ۽ رسوخ هوندو هو. اهو ته جڏهن انگريزي راڄ آيو، جنهن جي آڻڻ ۾ به اندرئون اندر، ٻين وطني غدارن سان گڏ منجهانئن به ڪيترن جوهٿ ۽ حصو هو، تڏهن کان وٺي هنن جي اک بدلي. ويهين صديءَ جي شروعات کان پوءِ ته کين الائي ڇا ٿي ويو! گويا کين مسلمانن سان گڏ ملڪ ۾ رهڻو ئي ڪونه هو، ۽ هڪٻئي سان سندن ڄڻ ڪڏهن ڪو واسطو ۽ وجهه ئي ڪونه هو! جيئن جيئن سياسي شعور وڌندي ويو ۽ هندستاني سياست سنڌ تي حاوي ٿيندي وئي، تيئن تيئن تفريق وڌندي وئي ۽ جنهن کي جڏهن موقعو مليو، تڏهن ٻئي کي تهس نهس ڪرڻ جا ويچار ٿيندا رهيا، حالانڪ اها نيت ۽ اهو طريقو نه شانائتو هو ۽ نه زيبائتو، نه مناسب نه موزون. ملڪي خواه برادرانه قاعدي ۽ قانون جي تحت، ڪنهن کي به ائين ڪرڻ لاءِ حق ڪونه هو.
خانبهادر کهڙو يا ٻيا ڪيترا مسلمان پوئين دور ۾ هندن وٽ ڇڙو انهيءَ تفريقي تاثر هيٺ غير مقبول بلڪ معتوب ٿي پيا، جو هو وقت سر سندن انهيءَ غلط رخ جي آڏو ايندا ٿي رهيا، ورنه ٻيو ڪوبه گناهه کانئن سرزد ڪونه ٿيو هو. نه انهن ڪو ڌاڙو هنيو هو نه ڪو خون ڪيو هو. هندن جي لغت ۾ اهڙن مسلمانن جا لقب ”تنگ دل“، ”فرقي پرست“ ۽ ”متعصب“ رکيا ويا. پاڻ جيڪي ڪندا ٿي رهيا، سو عين ڪشاده دلي، تعصب کان خالي ۽ بلڪل قومي ۽ وطن پرستيءَ جي شان وٽان هو، ليڪن حق تلفيءَ تي يا حقن کي دستبرد ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪنهن مسلمان گهل گهوڙا ڪئي ٿي (جنهن ۾ هنن به اڪثر انتها ڪري ٿي ڇڏي)، ته اُهو اجهو انهن لقبن لڳڻ جي لائق ٿيو ٿي! نفرت، حقارت بلڪ چئجي ته سندن جهالت ۽ ناعاقبت انديشيءَ جي حالت هيءَ وڃي ٿي هئي، جو هڪڙي ڪنهن انگريزي- سنڌي لغت لکي، ان ۾ اصطلاحاً ”مسلمان“ (Muslim) جي معنيٰ شايد ته مسلمان اڪثريت جي اڻ پڙهيلائيءَ کي خيال ۾ رکندي، ”ڄٽ“ لکي ڇڏيائين. هندن اها به ڪوشش ڪئي ته سنڌ جي تاريخ کي به مرضيءَ موجب بدلائين ۽ واقعن کي اهڙيءَ طرح پيش ڪن، جو انهن مان خود سنڌي مسلمان حاڪمن جو ظلم ۽ هندن جي مظلوميت معلوم ٿئي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪيترا ننڍا وڏا ڪتاب لکيا ويا، جنهن سلسلي جو هڪ ڪتاب ”ميرن جي صاحبي“ به آهي. سنڌي زبان جي رسم الخط کي بدلائي، ظ ۽ ض، ذ ۽ ز جي هم آواز اکرن لاءِ هڪڙي ئي اکر ز جي ڪم آڻڻ، ط جو ڪم ت مان ڪڍڻ، ۽ ص، ث ۽ س جي بجاءِ رڳو س کي ڪم آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ”سنسار سماچار“ انهيءَ تحريڪ جي علمبردار هئي! ۽ اهو سڀڪجهه ڇاجي ڪري؟ مسلمانن جي نظر ۾، اهو سڀڪجهه انهيءَ ڪري هو جو اهي زائد اکر عربيءَ ۾ ڪتب آيا ٿي! انسان جڏهن هوش ۽ عقل وڃائي ويهي ٿو، تڏهن ڪيئن نه وچٿرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ جا ليڪا لنگهي وڃي ٻئي پار پئي ٿو! ان جو مثال ان دور جي هندن ۽ مسلمانن جي انهيءَ باهمي ويڇي ۽ دوئيءَ جي رخ ۽ روش کان وڌ ٻيو ڪو ٿي ڪونه ٿو سگهي.
سنڌ ۾ اهو سڀڪجهه اڄڪلهه کان نه بلڪ ٿوريءَ يا گهڻيءَ صورت ۾مدتن کان ٿيندو آيو ٿي، ويڇا پوندا ٿي ويا، دلين جي وچ ۾ حقارت ۽ نفرت جا ڪوٽ کڄندا ٿي ويا، اکين اڳيان لوڀ لالچ ۽ غرضن جا پردا چڙهندا ٿي ويا، مهاسڀائي هندو ۽ ليگي مسلمان ته خير، ڪانگريسي هندن ۽ قوم پرست مسلمانن کي به کڻي درگذر ڪجي، ڇاڪاڻ ته انهن کي به سياسي خود غرضيون هيون، ليڪن انهن هندو ۽ مسلمان بزرگن به انهيءَ ڏس ۾ ڪجهه ڪونه ڪيو، جن جي لاءِ مشهور هو ته هو عالم آهن، صوفي آهن ۽ ڀيدڀاوَ، تعصب ۽ فرقي پرستيءَ مان اصل ڪونه ڄاڻن. سنڌ جي هندو، مسلم جي انهيءَ بنيادي ويڇي ۽ دوئيءَ ۾ افسوس آهي ته ڪاڪي ڄيٺمل مرحوم، لعل چند امرڏني مل، دادي ڀٽائيءَ، دادي واسواڻيءَ، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، مرزا قليچ بيگ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ، ۽ مولوي محمد صادق کڏي واري جهڙن وڏن وڏن درويشن، مهاپرشن، عالمن ۽ فيلسوفن، جن جي وات ۾ هر وقت شاهه جي، سچل جي، جهوڪ جي، ۽ ڪنڊڙيءَ وارن ڪلتارن جي وائي ۽ واکاڻ هوندي هئي، تن به ڪو ڦيرو يا ته آڻي نه سگهيو، يا وري مرڳوئي هنن ڪا سنڌائتي ۽ اثرائتي ڪوشش ڪانه ڪئي، حالانڪ اخلاقي طرح مٿن وڏو بار هو.
بهرحال، هلندي هلندي، ڳالهه اچي اهڙيءَ ڪڙيءَ تي پهتي، دليون ايتريقدر ڀرجي آيون، جو جي. ايم. سيد جهڙا ”سڀ ۾ پرين پسڻ“ وارا ماڻهو به بي صبر ۽ بيزار ٿي پيا. اهي جيڪي هميشہ هندو، مسلم ايڪتا جي جهوليءَ ۾ جهلندا هئا، اهي جيڪي قومي خيالن وارا ۽ سراسر وطن پرست ۽ قوم پرست شمار ٿيا ٿي، نه ڇڙو اسيمبليءَ اندر واڪو ڪري انهن چيو ته ”واڻين کي سنڌ مان ائين ڪڍنداسين جيئن جرمنيءَ مان يهودي نڪتا!“ بلڪ سنڌ مان ڪـَـهي وڃي، بمبئيءَ منجهان (1939ع ۾)، جناح صاحب کي محمد بن قاسم بڻائي، ڪلهن تي کڻي آيا. هيٺان جناح صاحب مٿان هوائي جهاز گل گهوريندا هلن. گهوڙا، گڏهه، بگيون، ٽانگا، پڇاڙيءَ ۾ کڏي جا ميربحر، مٿن تي رومال رکي، انهن مٿان رسا وجهي، اُٺن تي ائين چڙهي نڪتا، ڄڻ هاڻي عرب جا ”سوسمارخور“ [19] سنڌ فتح ڪري دارالخلافه ۾ فاتحانه داخل ٿيا آهن! اوستائين قرار ڪونه ڪيائون، جيسين سڄو جهڳو جهڻ ڪرائي نه بيٺا ۽ جيسين سمورو گهر ٻاري ڏِياري نه ڪيائون- ڇاڪاڻ ته هو انهيءَ حد تائين مجبور ڏسڻ ۾ ٿي آيا، جو هنن نه دور انديشي ڪئي نه دليل ڊوڙايا، گهر کي تيلي ڏيئي بيهي رهيا. انهيءَ ڪري ته ’گهر ڀلي سڙي ته سڙي پر ڪوئن جوضرور خاتمو ٿئي!‘ اهو سڀڪجهه ڇو ٿيو؟ محض هن ڪري جو وچ ۾ نفرت هئي، حقارت هئي، ماڻهو ٻيو سڀڪجهه سهي ويندو، پر اهو برداشت ڪري ڪونه سگهندو ته کيس انهيءَ حد تائين مليڇ ۽ پليت سمجهيو وڃي، جو ان جي ڪپڙن مان به پئي بڇان اچي ۽ ان جي ڏسڻ سان به پيون خارون لڳن. اِهي ته اُهي ڳالهيون آهن، جيڪي انسانيت لاءِ آپگهات جو سبب ٿين ٿيون- قومون ته پري رهيون - فرقا ۽ طبقا ته بجاءِ خود رهيا!
اِنهيءَ سلسلي ۾ هڪ ذاتي واقعو ياد اچي ويو آهي. ڀايان اندازي لڳائڻ لاءِ هتي بيان ڪرڻ موزون ۽ مناسب ٿيندو.
لاهور کان ڪراچيءَ ٿي آيس. انٽر ڪلاس ۾ جڏهن جاءِ ڀرجي وئي، ان وقت سکر جو هڪ هندو بسترو ۽ بدڪي [20] کڻي اچي در تي بيٺو. گهڻي ڪوشش ڪيائين، پر همراهن گاڏو کولڻ ڪونه ڏنس. آخر هيڏي هوڏي واجهائي، مون کي سنڌي، سمجهي، اچي گهت ۽ گهيتر ٻڌائين:-

مَکَڻ! تون ته پنهنجو آهين!
پاڻ ۾ ڀائر آهيون نه!
ڳَلِ ٻڌ نه ياڙ!
مان بينچ تي ڪونه ويهندس!
جيئن ڀائو مان چوان نه!
تون اصل ويچار نه ڪر!
مان بسترو رکي ان تي وقت ٽپائيندس!

ايتري ۾ گاڏيءَ جي ڇٽڻ جو اچي وقت ويجهو پيو. ڀائي صاحب تڪڙو تڪڙو چوڻ لڳو:-

ڀائو سڄي واٽ موجان ڪندا هلنداسي!
چار ٻاٽليون ساڻ اٿم!

ايتري ۾ بيري ماني آڻي مون کي ڏني. ڀائيءَ واڪو ڪري چيو:

سڄڻ ٻڌ ته! اهو خرچ ڇو ٿو ڪرين؟ مان وٽ مال گنج آهن. ڀائر آهيون ونڊي کائينداسي!

فڪر نه ڪر، ڳل ته ٻڌ، موٽائي ڏينس نه!

ايتري ۾ گاڏيءَ پهرين ڪوڪ ڪئي ۽ گارڊ جي سيٽي به ڪنن تائين پهتي. ڀائيءَ جو حال ڏسڻ وٽان هو، ٻئي ٻانهون ٻڌي چوڻ لڳو:-

ڀائي پنهنجو ٿي ائين ته نه ڪر، سنڌي ڀائڙ آهيون! قرب ڪر نه ياڙ!

اهي ڀائپيءَ جا نڪتا ۽ ملڪي ويچار ٻڌي، مون کي به رحم اچي ويو. سنگتن کان پنهنجي ذميواريءَ تي موڪل وٺي، در کولي ڀائيءَ کي مان اندر آندو. پهريون ته بسترو ڪاڪوس جي ڀڪ ۾ نهايت نوڙت سان رکي، ڏاڍيءَ نماڻائيءَ سان ٿي ان تي ويٺو. جڏهن پڪ ٿيس ته گاڏيءَ ۾ اچي چڪو آهي ۽ بستري تي ويهجي به ويو آهي، ان وقت ڌوتيءَ جي پلاند سان منهن اگهيائين، پوءِ سامت جو ساهه کڻي، صدريءَ جي کيسي مان سيل جو پاڪيٽ ڪڍي، سڀن کي سگريٽ آفر ڪيائين. مون کي به زور ڪري هڪ سگريٽ کڻايائين. ڪو ڳالهائيس نه ڳالهائيس، پر هي ڀائي هرهڪ جي ڳلي پوڻ لڳو. کلڻ، ٽهڪ ڏيڻ، سوڊا لمليٽن جون صلاحون ڪرڻ، مطلب ته جيسين گاڏي هلي ۽ کيس خاطري ٿي ته هاڻي ڪوبه لاهي ڪونه سگهندو، تيسين برابر اهي ڪرتب ڪندو رهيو. جڏهن گاڏي پليٽفارم ڇڏي، ٻاهريون سگنل به ٽپي، سڌي رستي تي رهوال ٿي هلي، ان وقت کلندي ڳالهائيندي بستري تان غير محسوس نموني ۾ اٿي اچي هڪ بينچ جي ڪنڊ تي ويهڪ جو هڪ ڪنون رکي، ائين ٿي ويٺو، ڄڻ ڪا خاص ڳالهه ويجهو ويهي ڪرڻي هيس، جنهن بعد وري وڃي بستري تي جاءِ نشين ٿيندو، مٺيون ۽ قربائتيون ڳالهيون به ڪندو وڃي، کلندو به وڃي، ۽ آهستي آهستي سرڪندو ۽ سرندو به وڃي، تان جو جڏهن گاڏي ٻيءَ اسٽيشن تي اچي بيٺي ته ڀائي پوري جاءِ وٺي چڪو هو. هڪ ٻه دفعا اٿي، درن کان هيڏي هوڏي نهاري وري اچي ويٺو. جڏهن کيس يقين ٿيو ته ڪنهن کي به اعتراض ڪونه آهي، ۽ ويهڪ جي جاءِ به سندس قبضي ۾ اچي چڪي آهي ۽ ان تي سندس حق تسليم ٿي چڪو آهي، ان وقت نه ڇڙو ٽپڙن کي سوري پوري سوليءَ جاءِ تي ڪري رکيائين، بلڪ مٿين بينچن مان هڪ کي خالي ڏسي، اُت ڀؤ ڪري في الحال انگوشو به پٿاري ڇڏيائين. ڪجهه وقت واءُ سواءُ واچي ڏٺائين، جڏهن ڏٺائين ته ان تي به ڪنهن جا ڪن کڙا ڪونه ٿيا، تڏهن هڪ دفعو ٻيهر سگريٽ جي آفر ڪري انگوشي سان گڏ بستري جي هڙ به کڻي مٿي رکيائين. مطلب ته ڪاڪوس جي در تان اٿي، بينچ تي ويهڪ رکڻ واريون منزلون طئي ڪندي، ڀائيءَ ڪلاڪ اڌ ۾ وڃي مٿينءَ بينچ تي قبضو ڄمايو.
مان ماني کائي پوري ڪئي، ليڪن ڀائيءَ پنهنجي بِدِڪيءَ ۾ پيل ’جام مال‘ مان، جن ڏانهن هـُـن انهيءَ وقت اشارو ڏنو هو جنهن وقت گاڏيءَ ۾ اندر داخل ٿيڻ جو مسئلو اڃا زيربحث هو، پوري ڪچوري ۽ مٺاڻ ذرو ته ٺهيو، پر کٽاڻ رتي به ڪڍي ڪانه ڏني.
گاڏي جڏهن راءِ وند تي آئي، ان وقت ٿانون کڻڻ لاءِ بيرو اچي دريءَ وٽان بيٺو. مان پرينءَ بينچ تي هيس. ٻين اڻ واقفن ۽ ڌارين کي تڪليف ڏيڻ مناسب نه سمجهي، ٿانوَ ٽپائي ڀائيءَ کي ڏيڻ گهريم ته هو دريءَ کان بيري کي ڏئي، ڇاڪاڻ ته ڀائي پنهنجو هو، ’ڀائو‘ ڪوٺي چڪو هو ۽ هئاسين به هڪ وطن جا ۽ مٿس تازو ٿورو به ڪيو هيم، ليڪن منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن ڀائيءَ ٿانون ۾ هٿ وجهڻ جي بجاءِ ڏند ڪڍي ڇڙو کلڻ شروع ڪيو، هِين! هِين!! هِين!!!

ميان اوهين پاڻ کڻي ڏيوس نه!

ڀائي ڇرڪ ڀري پاسي ٿي ويو ۽ مان ’ڀائوءَ‘ مان ڦري ’ميان‘ ٿي پيس.

ٿورو اُٿي باسڻ پاڻ ٽپائي ڏيوس.
هين! هينّ!! هين!!!

پاڻ کي هٿ لائڻ جو ڪينُ آهي!
هين! هين!! هين!!!

سڄي واٽ سنڌي هندن جي ڪردار جا اهي ٻه پهلو منهنجي دماغ ۾ ڦرندا رهيا- ڪم ڪڍڻ لاءِ نماڻائي ۽ نوڙت، ۽ پوءِ نه فقط اُهائي بي پرواهي ۽ الغرضائي بلڪ اُهائي ڇوت ڇات، جا هونئن ته سندن ڌرمي ضابطي جي ڳالهه هئي ۽ پاڻ ۾ به ذات پات جي خيال کان اُها ائين ئي رکندا هئا، پر منهنجي ذهن ان مان اِهو تاثر ورتو ته مون ته ڪانٽي چمچي سان کاڌو هو، ماني اسپينسر جي بورچيخاني مان پچي آئي هئي، سکڻن ٿانون کي هٿ لائڻ ڀائيءَ کي ان ڪري حرام ٿي پيو، جو هڪ مسلمان جا هٿ انهن کي لڳي چڪا هئا!
بس ائين ٻن دلين ۾ هندو - مسلم جي ويڇي ۽ دوئيءَ جي نشان تي ڄڻ هڪڙو وڌيڪ گهڪو ڪنهن ڪڍي ڇڏيو.

* * *

سنڌ ۾ هندو - مسلم ڀيد ڀاوَ جو اهو انفرادي مثال ڪونه هو، بلڪ سموريءَ قوم جو ڪرداري پس منظر اِنهيءَ دوئيءَ ۽ انهيءَ ويڇي جي پردي تي چـِـٽيل هو. جيسين هڪٻئي جو اڇو منهن ڪرڻو هوندن تيسين جنسي مکڻ، جهڙا ماکي، گويا ڀائرن کان وڌ ڀائر، جيڪي چئو سو ڪن، جيڪي ڪُڇو سو پورو، اهڙا نرم جو موئي سوئي کڻي ڪن ۾ وجهون، مذهب ۽ ڌرم جو به ڀيد ڀاءُ ڪونه. ليڪن ڪم نڪتي کان پوءِ، هڪَ جو ارڪو ترڪو ۽ اگرتگر اُگهي ۽ سڀ حق ۽ ذما ويڙهي، ٻيو پنهنجي گوڏي هيٺان ائين دٻائي ويهندو، ڄڻ منجهانئن ڪوبه واپاري واپاري ڪونهي، ڪوبه زميندار زميندار ڪونهي، ڪوبه انسان انسان ڪونهي، بلڪ جيڪڏهن ڪو آهي ته فقط هندو هندو آهي ۽ مسلمان مسلمان آهي، ائين ڦيرو کائي ويهندا ڄڻ واقف ئي ڪونه هئا، گويا ڪڏهن سندن هڪٻئي سان منهن موک ئي ڪونه هو، بلڪ الٽو ويري جهڙا واسينگ.
سنڌ جي سماجي خواه سياسي اسٽيج تي هندن ۽ مسلمانن جي سالن کان وٺي جنهن تماشي جي رچنا رچيل هئي، ان جي آخري سـِـين جي ابتدا، مسجد منزلگاهه واري خوني معرڪي سان شروع ٿي، ۽ ان جو ڊراپ سين انهيءَ ٽريجڊيءَ تي ٿيو، جنهن ۾ هندو واپارين کي اباڻو وطن ۽ ست پشتو ماڳ ۽ مڪان ڇڏڻو پيو. اهو سڄو مال ۽ ارڪوترڪو جنهن ۾ سنڌي مسلمان ڀاڳين ۽ هٿ هارين جو، جيڪي سندن ئي ڀائر هئا، نه ڇڙو رت ۽ پونءِ مليل هو، بلڪ ان ۾ سندن اکين مان نڪتل لڙڪ ۽ اندر مان اٿيل آهون ۽ پورهئي مان پيدا ٿيل پسينو به شامل هو، سو به کانئن کسجي مورڳو ئي وڃي انهن ست ڌارين جي حوالي ٿيو، جيڪي نه سندن مـِـٽ هئا ۽ نه سنڌي مسلمانن جا ئي ڀائر ٿي سگهيا! جيتوڻيڪ هن سڄي ڀونچال ۾ سنڌي مسلمانن به ڪورڪي تڪڙ ڪئي، اڳ پوءِ انهن به ڪونه جاچيو، تاهم انهيءَ مامري جي وڏي ذميواري وڌيڪ هندن جي ڪنڌ تي آهي، انهيءَ ڪري جو هو پڙهيل ڪڙهيل هئا، ڀاڳ وارا هئا، ملڪ جي سياهه سفيد تي سندن قبضو هو، سياسي سجاڳي به منجهن هئي. مسلمان جيڪڏهن تعداد ۾ وڌيڪ هئا ته ڇا ٿي پيو! هئا ته کانئن هرڪنهن ڳالهه ۾ گهٽ. کين ئي سوچڻ کپندو هو ته جڏهن ٻه ڀائر وڙهن ٿا ته ان مان نقصان هڪ کي ڪونه پهچندو آهي، بلڪ ٻنهي جو ئي جهڳو جهڻ ٿئي ٿو- سو آخر ٿيو به ائين!
اهو هو بئڪ گرائونڊ کهڙي صاحب جي متعصب مشهور ٿيڻ جو ان جي ڀلاند سان پلاند اٽڪڻ سبب آغا نظر علي خان افغان جي فرقي پرستيءَ جو ۽ جي. ايم. سيد جهڙي صوفي منش انسان جي ليگي سياست جو.

* * *

سکر انهيءَ زماني ۾ هندن جو وڏو ڳڙهه هوندو هو. هر سياسي خواهه مذهبي تحريڪ ۾ اتان جا هندو سڀن کان اڳرو حصو وٺندا هئا. سکر جي پهرين فسادن کان پوءِ ته ويتر سخت متعصب ٿي پيا. مهاشيه موتيرام، شريت ويرومل بيگراج، مسٽر پمناڻي، شريت وليڇا ۽ اسان جو عزيز بلڪ محبوب دوست آرت مل پنجابي، بس چئي کڻي بس ڪيو. مسلمانن جو مسئلو آيو ته اکين مان رت لهي ايندن.
اهو سندن سياسي ڪردار هو. ليڪن سندن شخصي سڀاءُ نهايت شريفاڻو- مسلمانن سان ذاتي دوستيون، مرڻي پرڻي جا رستا، شاديءَ مراديءَ ۾ اٿِي ويٺِي، مسلمان دوست وٽن ايندو ته پاپڙ ذري ۽ لمليٽ پيارڻ کان سواءِ اصل نه ڇڏيندس، آجيان ڪندس ته اٿي بيهي، ڀاڪر پائي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي. خود اسان جي آغا نظر علي خان سان به سندن شخصي رستو ڀائرن جهڙو هو. جيتوڻيڪ آغا صاحب جي لغت ۾ متعصب هندو ليڊرن لاءِ مخصوص لفظ هو ”دَجال“ ۾ جڏهن ڪنهن اهڙيءَ جنس کي پري کان ايندو ڏسندو ته کلي چوندو: ”آغا منهنجا! اجهو اچئي ٿو دجال!“ جڏهن اچي ڊهو ڊهه ٿيندو، ته آغا مرحوم وڏو ٽهڪ ڏيندو: ”اچو جناب ديوان پمناڻي صاحب!“ ”اچو سائين مهاشيه ويرومل صاحب!“ ”اچو سيٺ موتيرام صاحب!“ وغيره وغيره. ملندا هڪٻئي سان ڀاڪر پائي، ڄڻ وڇڙيل آهن- هئا به ته برابر وڇڙيل ڀائر، پر ٺلهن ڀاڪرن مان ڇا ورندو؟ دليون ئي ته پڇاڙيءَ تائين ملي ڪونه سگهيون! دلين جي آنڌ مانڌ ئي ته اهي طوفان کڙا ڪيا! واءِ قسمت، جي ڀاڪر پائيندي ڪڏهن دليون به ملي وڃن ها، ته هوند ههڙا هاڃا ڪيئن ٿين ها؟ ۽ نه ڀنڀور کي باهه ئي لڳي ها؟ اڄ به اهي مورتون ياد پون ٿيون، ته ڄڻ دل ۾ جهوراڻو وٺي ٿو وڃي. ڇا ته صورتون هيون، هاءِ هاءِ!

* * *

شريت ويرومل بيگراج، پراڻو قومي ڪارڪن، روزاني سنڌي اخبار جو ملڪ ۽ سمپادڪ، سکر بلڪ سنڌ جي هندن جو مهندار هوندو هو. سنهيون مڇان ڪينچيءَ سان ڪتريل، مٿو مشين تي لٿل، چوٽي البت وڏي، وار سڄا اڇا، پريو مڙس، نهايت شانائتو پيو لڳندو هو. سڄي پوشاڪ هٿ جي اڻيل کاڏيءَ جي، گانڌي ٽوپي، ڪڙتو ۽ ڌوتي، پير ۾ اڇو سليپر ۽ بت تي چادر ويڙهيل، جنسي مهاپرش پيو لڳندو هو. ڳالهائيندو ته آهستي، مٺي آواز ۽ لهجي سان، ”ادا“، ”ڀائو“، ”مَنَ“ ڪري مخاطب ڪندو. پاڪستان ٿيو، تڏهن به وطن ڪونه ڇڏيائين. پڇاڙيءَ ۾ ڏک به سٺائين، ليڪن دل کڻي نه سگهيو. مان (1948ع) ۾ کيس آخري مرتبو ”هارڊلي هائوس“ ۾ ڏٺو، جڏهن پير پاڳاري سان ملڻ آيو هو. هڪ هٿ ۾ لڪڻ، ٻيو هٿ رام جي ڪلهي تي، سڄو ڪـُـٻو، وک کڻي پيو، ته سهڪو پيو ٿئيس. سکر وارا جوش ۽ جذبا، مانَ ۽ مرتبا ياد ڪري ۽ وري اِهي ڏينهن ڏسي گهڻي گهڻي تائين مون کي ويسورو وٺي ويو!
اصل ۾ سيٺ، ليڪن قومي ڪم ڪندي مهاشيو، ٿلهو متارو موتيرام، پري کان لڏندو ۽ کلندو ايندو، ويجهو ايندو ته کڻي ڀاڪر وجهندو. جيترو وقت ويهندو ته کل چرچو ڀوڳ. مسلمانن جي ڇنڇري لاهڻ جون ڳالهيون به خود مسلمانن کي ئي کلندي کلندي اهڙيءَ طرح چئي ويندو، جو پنهنجو موت انهن کي به پيو وڻندو. آزاد ميدان وٽ اَنَ جي وڏي ڪوٺي هوندي هيس. ڪوٺيءَ جي طول وهاڻن ۽ اڇن گاديلن تان اٿي، سامهون آزاد ميدان ۾ پيل اسٽيج تي چڙهي جڏهن تقرير ڪندو هو، ته ڪيترا هندو جيل وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيهندا هئا. قومي تحريڪن ۾ ڪئي دفعا قيد به ڪاٽي چڪو هو. ٽوپي بخمل جي ڪاري پائيندو هو ۽ ڪڏهن کاڌيءَ جي گانڌي ڪئپ. لٽا اُهي ئي، هٿ جي اڻيل جوڙيءَ جا، هيٺ تي ڌوتي، بت ڪڙتو. نظر علي خان مهاشيه ويرومل کان به وڌيڪ ويري کيس سمجهندو هو. پر هو مڙس لاکيڻون، لوڏئي لک لهندي هـُـيس. پاڪستان ٿيڻ بعد لڏي ويو. خدا ڄاڻي جيئرو به آهي، الائي سرڳواسي ٿيو.
شريت وليڇا، نوجوان وڪيل، قد جو بندرو، شڪل صورت جو ٺاهوڪو، مڇان پوپٽ جي مثل هونديون هيس. شروع کان پڇاڙيءَ تائين ڪانگريس ۾ رهيو. ڪيترا دفعا جيل به ويو. شريت ويرومل ۽ ڀائي موتيرام جڏهن نظر علي خان کي ڏسندا هئا، ته سندن اکين ۾ ’لوهو‘[21] تري ايندو هو ۽ دل ”سنسار سماچار“ جي محاوري مطابق ”ڌڪو“ کائي ويندي هين. ليڪن وليڇا نيت ۾ ته هوندو کڻي الائي ڪيئن به هو، پر ظاهر ۾ هـُـنن ٻنهي کان زياده مٺ ۽ محبت سان ساڻس ملندو هو، تنهنڪري ان جي باري ۾ نظر علي خان جي راءِ هميشهه ”محفوظ“[22]رهي. اهائي حالت هئي اسان جي دوست ’هندو ليگ گزيٽ‘ جي ايڊيٽر مهاشيه آرت مل پنجاپيءَ جي. متعصب مهاسڀائي ذهنيت ۾ ۽ ڪٽر آريه سماجي مذهب ۾. مسلمانن لاءِ اخبار ۾ کڏون کوٽيندو وتندو، ليڪن شخصي دوستي هندن سان نه بلڪ مسلمانن سان هوندي هيس. کائيندو پيئندو به مسلمانن سان هو. سندس وقت ٽن حصن ۾ ورهايل هوندو هو: صبح جو اخبار ۾ مسلمانن کي گاريون ڏيندو، منجهندو جو زناني ويم گهر جي دروازي کي اکئين لايون معصوم شاهه جي مناري واريءَ ڇانوَ ۾ ڌوتيءَ جي پَلوَ کي پيو هيٺ مٿي ڪندو، ۽ شام کان پوءِ رات جي مانيءَ تائين اسان وٽ هوندو. دل جي درد جا داستان، ڪڏهن اکين ۾ ڳوڙها، ڪڏهن ٿڌا ڇوڪارا، ڪڏهن وصال جي ورق ورائڻ لاءِ رٿان ۽ اسڪيمان. بهرحال دوست منٺار هو. پريس پنهنجي هيس. اصل ’جاڳڻ‘ جو هو. سردار خالقداد خان[23] مرحوم سان دوستي هيس. پهريون اتان گڏجي هڪ هفتيوار اخبار ڪڍي هئائون، ليڪن جڏهن خالقداد رحلت ڪئي، تڏهن ڀائي آرت مل اتان لڏي اچي سکر ۾ ويٺو. قد جو ٿورو بندرو هو، ليڪن شڪل صورت ۾ جنسي مورت. اردوءَ سان خاص دلچسپي هيس. عبدالحليم شرر ۽ ٻين مسلمان اديبن جا سمورا ناول پڙهيا هئائين، تنهنڪري سندس زبان فارسي آميز ۽ نهايت شسته هئي. ”نمڪدان ظرافت“ نالي هڪ مزاحيه ڪالم لکندو هو، جنهن تي ’نمڪ‘ کي هميشه زيريون ڏئي چوندو هو ”نِمِڪِدان ظرافت“. اسان جڏهن کلندا هئاسي ته ڏاڍو شڪي به ٿيندو هو، ليڪن اُچار پڇاڙيءَ تائين سڌاري ڪونه سگهيو. جيتوڻيڪ رات ڏينهن اسان سان گڏ هوندو هو، ماني به گڏ کائيندو هو، تاهم جڏهن نظر علي خان کيس پري کان ايندو ڏسندو هو، ته وڏي واڪي چوندو: ”آغا منهنجا! اجهو اچيوَ ٿو دجال، هندو جاتيءَ جو دلال!“ آرت مل کي روبرو چوڻ ۾ به حجاب ڪونه ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته بيتڪلفي جو هئي. اهي لقب ويچاري تان تڏهن لٿا، جڏهن سکر جي هندن آغا تي سوئي سان [24] هندوءَ کي مارڻ وارو ڪيس ڪيو، جنهن ۾ هندو جاتيءَ جي مخالفت هوندي به آرت مل سچي شاهدي ڏئي، نظر علي خان جي جند آزاد ڪرائي. مسين مسين ان کان پوءِ وڃي ٿيو ”برادرم ديوان آرت مل صاحب!“
نظر علي خان مرحوم جي پـَـئـِـي ته ”ڌرم وير“ جي مالڪ ٻائي امرداس سان به ڪانه هئي پر ان لاءِ چئي ڪجهه ڪونه سگهندو هو. هڪ ته هو ماڻهو هو سانتيڪو ۽ مذهبي، قومي تحريڪن سان دلچسپي ضرور هيس، ليڪن ٻاهر نڪري حصو ڪونه وٺندو هو، ۽ ٻيو وڏو سبب ٽارو ڪري وڃڻ جو اهو هو، جو هفتي ۾ ٻه دفعا نظر علي خان اوڌر تي کانئس اخباري پنو [25] وٺندو هو. جڏهن ٽائيپ جو ڪو ڪيس وٺڻو هوندو هيس، تڏهن ته نظر علي خان ٻه گهڙيون ويهي ساڻس ڪچهري به ڪندو هو، ۽ ان وقت کيس اها به دعوت ڏيندو هو ته جيڪڏهن ٻائو صاحب پاڻ ميدان ۾ نڪري هندو - مسلم ٺاهه جي ڪوشش ڪري، ته هوند نظر علي خان سندس هٿ هيٺ انهيءَ ڪارج ۾ ساڻس ڏاڍي مدد ڪري! نظر علي خان هندو - مسلم اتحاد تي زور ڏيندي، ور ور ڪيون پيو کيس يقين ڏياريندو هو ته ٻائي صاحب جي سهڻي ۽ سانتيڪي سڀاءَ سبب مسلمان کيس ڏاڍو چاهين ٿا، هو سندس چيو هرگز نه موٽائيندا، خود کهڙو صاحب به انهيءَ ڪم ۾ اڻ پڇو سندس پوئلڳ ٿي پوندو- نه ”سنڌ زميندار“ ۾ ايترو پئسو ٿيو، جو روڪ رپيا ڏئي پنا وٺي سگهجن ۽ نه نظر علي خان ئي پڇاڙيءَ تائين انهيءَ قسم جي دعوتن ڏيڻ کان باز آيو، نه اڻ پڇو کهڙو صاحب ئي ٻائي صاحب جي ڪڍ لڳو. بهرحال جيسين مرحوم جيئرو هو، تيسين انهيءَ صورت ۾ پنن ۽ ٽائيپ وارو ڪم واه جو ٽپائيندو آيو. ڀايان پڇاڙيءَ تائين ٻائو صاحب اها رمز پروڙي ڪونه سگهيو، ورنه سکر جو هندو ۽ مسلمان کي اوڌر ڏئي، سو به انهيءَ اخبار لاءِ جيڪا هندو جاتيءَ جي مخالف هجي، اِها اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي!

* * *

افسوس آهي، جو سنڌ جي مسلمانن، باوجود مرده پرست هجڻ جي به، نظر علي خان جهڙي مخلص خدمتگار کي نه ڇڙو جلدي وساري ڇڏيو بلڪ مرڳوئي دل جي ڦـَـرهيءَ تان ڌوئي ڇڏيو. حالانڪه گهرئون پنهنجي کائي، سڄي عمر، مرحوم ڳـُـڻ سندن ڳاتا. سندس جذبو ۽ جدوجهد ڪجهه ڪري سگهيا يا نه، ليڪن هن وٽ جيڪا وٿ هئي، سا هميشہ پيش پرين جي ڪندو آيو. مڙس هو مسڪين ۽ دوالي بند، قوم کي ٻيو ڇا ٿي ڏئي سگهيو! هڪ زبان هيس، ٻه هٿ ٻه پير، سندس اهي ئي پنج عضوا هميشہ مسلمانن جي خدمت ۾ متحرڪ رهيا. ڇهون هيس جسم، جيڪو پڻ ڏجها ۽ ڏاکڙا سهي، آخر ايترو نجهري ويو، جو وقت کان اڳي کيس هتان وڃڻو پيو.
آغا نظر علي خان مرحوم جي شخصيت، خوبيون ۽ خصوصيتون، وضع قطع ۽ اُٿي ويٺي، قومي محبت خواهه ذاتي ڪردار ۽ گفتار، اهي سڀ ايتريقدر سـُـهائيندڙ ۽ دلچسپ هئا، جو هوند کيس اسان جي قومي تاريخ ۾ جاءِ ملڻ کپي. خير، ٻين تي ڪهڙو ڏوهه، خود.
جنين ڪاڻ مياس، سي ڪانڌي مئي جا ڪونه ٿيا!
جڏهن انتقال ڪيائين، تڏهن ماڻهن جو خيال هو ته خانبهادر صاحب کهڙو مٿانئس ڇپر جهـُـلائي رکندو- ڪفن دفن، پٿر پوتي، ڏنو ورتو، ملو موراڻو، جمائو چاليهو، سڀ پاڻ ڪندو. ليڪن ميت سينگارجي سنوارجي، نماز لاءِ جڏهن وڃي جنازي گاهه ڀيڙو ٿيو، تيسين ڪو اُنهيءَ طرف کان وانگي به ڪونه وريو. ماڻهن سمجهيو متان ’صاحب‘ جن کي وقت جي خبر هجي، سو ات ڀؤ ڪري، ڳاڙهي بنگلي ڏانهن ماڻهو به سيڙائي موڪليائون. ليڪن افسوس! کهڙو صاحب ان وقت جوڌ پوري برجيس پائي، جناب ڪمشنر صاحب بهادر ممالڪ سنڌ سان ڪچي ۾ شڪار تي وڃڻ لاءِ بنگلي جي ٻاهرئين دروازي تي پهچي چڪو هو. نصيب جي ڳالهه هئي موقعو اهڙو ٿي پيو. مرحوم جي قسمت ۾ لکيل ڪونه هو ته جڏهن سندس مامرو مٽيءَ سان ٿئي، ان وقت جنازي نماز ۾ اهو ماڻهو شريڪ ٿي سگهي، جنهن کي سڄي زندگي هو ’اسلام اخلاق‘ جو پيڪر ظاهر ڪندو رهيو. ماڻهن ۾ ان تي چرپر به ٿي، سرٻاٽ سس پس ۽ ڪـَـنَ - ڳالهيون هليون، مرحوم جي گهر واريءَ کي به ڪن ماڻهن تڏي تي مهڻا ڏيئي ورتا. سندس يتيم ننڍڙن نينگرن کي به ڪن صاحبن مٿي تي هٿ گهمائيندي صاف چئي ڏنو. ليڪن اهو سڀڪجهه هو ته سراسر اجايو ۽ صفا بيسود- ڀلا آسمان ۽ زمين جو ڪهڙو ميلاپ؟ عرش ۽ فرش جو ڪهڙو ميل؟ پست ۽ بلند جي ڪهڙي نسبت؟ غريب به ڪو امير جو دوست ٿئي ڇا؟ ننڍو ماڻهو وڏي ماڻهوءَ جو ڪو شاني شريڪ ٿئي ڇا؟ ڀل هزار خدمتون ڪري، ڀل رت به ڏئي، ڀلي کڻي سر جي بازي به کيڏي، پوءِ ڇا ٿي پيو! اهو ته سندس مَرَڪُ آهي، اها ته سندس ڊيوٽي آهي، اهو ته مٿس ڏاڍيءَ سرڪار طرفان فرض آهي، ان لاءِ ته غريب هن دنيا ۾ خلقيو ويو آهي، نه ته امير جي خدائي هوند ڪيئن هلي سگهي! پنج آڱريون برابر آهن ڇا؟ سياڻن انهيءَ ڪري ’فرق مراتب‘ جو لفظ لغت ۾ آندو آهي!

* * *

”سنڌ زميندار“ جي آفيس سکر جي مارواڙي محلي ۾، ٽـَـڪر تي هوندي هئي، مسٽر محمد ابراهيم سيلاٽي جي جاءِ کان ٻه، چار جايون اورتي ڏکڻ ڏي، نم جي لاهيءَ طرف، ”الحق“ پريس سان گڏ، ۽ سکر جي مدرسة الاسلام جي سامهون.
انهيءَ جاءِ ۾ ڪيئي لطيفا ٿي گذريا- پريس ۾ ايتري اپت هوندي ئي ڪانه هئي، جو وقت سر ملازمن کي پگهارون ملي سگهن، يا ڪنهن ڏکئي سکئي وقت ائڊوانس ڏئي سگهجي. ”آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ وارو قصو هوندو هو. ڪنهن مت جي موڙهي خريدار چندي جا ڏهه رپيا موڪليا يا ڪنهن سرڪاري نوٽيس جي ڇپائيءَ جو پنجاهه - پنجويهه اچي ويو، ته واهه، ورنه مهينن جا مهينا پيو ٽنگ ٽپي تي ڪم ڪڍبو هو. منهنجي پگهار پنجاهه رپيا هئي، ليڪن پنجن سالن ۾ مون کي ياد نه آهي ته ڪڏهن ڪي ڏهه رپيا به گڏ مليا هوندا، ۽ نه اهوئي ڪو چئي سگهندس ته پگهارن جو حساب پڇاڙيءَ تائين چڪتو ٿي سگهيو. جڏهن سخت ضرورت هوندي هئي، تڏهن نظر علي خان مرحوم رپيو ٻه هٿ تي رکي چوندو هو: ”آغا منهنجا! اجهو وٺ، وڃي هاڻي اڏاءِ!“ واقعي مان به سمجهندو هيس ته ڄڻ لک ملي ويا. مرحوم جو پنهنجو گذر به، خدا سان ڪم پوندو، اهڙيءَ طرح ٿڪ ٿنبڻ ۽ تير تڪلي تي هلندو رهندو هو. اسان ٻنهي جو ته خير معاملو اور هو، پيو وقت ٽپائبو هو، ليڪن معرڪا تڏهن ٿي چڪندا هئا جڏهن ڪمپازيٽرن کي وقت تي پيسو ڪونه ملندو هو. ابوبڪر ته خير عمر رسيدو ۽ سنجيدو به هو، ليلا رام مشين مين به هندو هو، پٽ سٽ ڪيون پيو وقت ڪڍندو هو، نظر علي خان جي حالت دراصل خراب ڪندو هو خانيو ڪمپازيٽر - نوجوان، گرم خون، قوم جو سيلاٽو، ڪاوڙ هيمشہ ڪن تي. مهينو- اڌ دم دلاسي تي گذاري ڇڏيندو هو، ليڪن جڏهن ٻئي مهيني کان به ڳالهه مٿي چڙهي هلندي، ان وقت گارگند کان نوبت ٽپي، لڙائيءَ جهڳڙي تائين پهچندي هئي. ڪمري ۾ اندر نظر علي خان بند ۽ ٻاهران در تي خانيو ڪمپازيٽر مع راجسي چاقوءَ جي، ڏاڍيان پيو چوندو.
”نڪر ٻاهر، ته تو اسان جي خبر پوي! ڪيستائين اندر هوندين؟ غريبن جا گهڻا ڏينهن پئسا کاڌئي. اچ ڇڙو ٻاهر، ته ڇـُـرو هڻين پيٽ ڦاڙيندو سانءِ!“
اهي ٻول ٻڌي، نظر علي خان اندر ويٺو ”يا حفيط يا حفيظ!“ پڙهندو هو. پٺئين دروازي کان ٽپي، جڏهن ڪو ماڻهو وڃي مسٽر محمد ابراهيم سيلاٽي کي وٺي ايندو هو، تڏهن وڃي نظر علي خان جي جند ڇٽندي، ڪمري جا در کلندا، ۽ ٻاهر اچي تازي هوا کائيندو. عيد براد ۽ ننڍي وڏي ڏينهن تي جنسي ڪاري قيام ٿي ويندي هئي، سڄو پاڙو پنبو ڪٺو ٿي، اچي تماشو ڏسندو هو. ان وقت ابوبڪر به متانت ۽ سنجيدگيءَ کي پٺيءَ پاڏنهن اڇلي چوندو هو، ”آغا صاحب، اها شرافت ڪانه آهي! عيد سندي ڏينهن به اسان بک مرون!“ ڪڏهن ته اهڙا موقعا به آيا، جو ليلارام، رامو ۽ گيلو جڏهن پٽ سٽ ڪري ڪجهه رپيا کڻي آيا، تڏهن وڃي آغا مرحوم جا ڇِڪ ڇـَـٻيڙ مان پلوَ آجا ٿيا. اهو نمونو سالن جا سال هليو. جڏهن حالتون سڌري نه سگهيون، تڏهن اهي مامرا ۽ مذڪور اسان جي عادت ۾ داخل ٿي ويا.

* * *

مون کي جيڪا کٽ سمهڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ کان ورثي ۾ ملي هئي، ان جو واڻ وچ مان ڇڳل هو. گهڻو ئي منجهانس ڪم ڪڍيم، ليڪن ڳالهه وس کان انهيءَ وقت نڪري وئي، جڏهن چيلهه وڃي زمين سان لڳي. نظر علي خان جي پنهنجي کٽ ته اُها هئي، جيڪا مرحوم عبدالوهاب خان گهران کڻي آيو هو. انهيءَ تي احمد علي خان به سمهيو ۽ ان کان پوءِ نظر علي خان به استراحت فرمائي، گهريلو، مضبوط ۽ پائدار، ليڪن مان واري هئي بازاري، ڪچي واڻ جي، جنهن جي جوانيءَ ۾ جملي قيمت ٻه رپيا مس هوندي. بهرحال هڪ ڏينهن نظر علي خان پنج رپيا هڙ ۾ وجهي اخباري پنا خريد ڪرڻ بازار ڏانهن هليو. مون کي چوندو ويو ته ”آغا منهنجا! کـَـٽائي يار، اڄ تنهنجي قسمت! جي دجال پنن جي اوڌر ڪئي، ته هنن پئسن مان تنهنجي کٽ آڻبي!“، يعني،

جيڪڏهن ٻائو امرداس آغا صاحب جي ڏاڪي تي چڙهي آيو،
جيڪڏهن آغا صاحب جي ڪا تقرير دلپذير[1] کيس لڳي وئي،
جيڪڏهن ان کان پوءِ هن جي منهن تي مرڪ آئي،
جيڪڏهن ان کان پوءِ هن مئنيجر کي اشارو ڏنو،
جيڪڏهن مئنيجر به في الحال اڳيون قرض نظر انداز ڪيو،
جيڪڏهن ان کان پوءِ ٻه ريم آغا صاحب کي رکت تي ڏنا ويا،

مطلب ته جيڪڏهن اهي سڀ مرحلا حسب منشا خوش اسلوبيءَ ۽ خير خوبيءَ سان طيءِ ٿي ويا ۽ آغا صاحب پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ۽ ڪامران ٿي ڌرم وير پريس مان ٻاهر نڪتو، ته پوءِ! وڃي اسان جي کٽ جو موک ٿيندو، ۽ پوءِ ان جي گويا معنيٰ اها هئي ته منهنجو ڀاڳ کلي پيو! سو گهڙيءَ کان پوءِ ڏٺم ته واقعي ڀاڳ ڀڙايو. نظر علي خان شادان ۽ خندان، ٽلندو، ٽهڪ ڏيندو، کٽ کڻائي اچي پهتو. چي، ”آغا منهنجا! اجها هيءَ تنهنجي کٽ!“ کٽ کي سـَـلائي، ٺوڪائي، واڻائي اوڏانهن ئي ٺيڪ ڪرايون آيو: ”آغا! واهه جي کٽ آهي! پائدار، مضبوط، واڻيل ڏاڍيءَ ڪاريگريءَ سان، ۽ آغا منهنجا، ملي به ڏاڍي سببائتي وئي! ڪم خرچ بالانشين!“ رات جو خبر پئي ته هئي برابر بالانشين، ليڪن منهنجي سائيز کان گهڻي ڪجهه گهٽ، يعني اڳ چيلهه پٽ تي هوندي هئي، هاڻي پير پـِـنن تائين کٽ کان ٻاهر لڙڪاڻ لڳا. جڏهن نظر علي خان اهو رنگ ڏٺو، تڏهن چيائين، ”آغا! فڪر نه آهي. اصل نازڪ جاءِ انسان جي چيلهه آهي، پير لڙڪيا ته پرواه ناهي.“
”آغا! چيلهه ته محبوبن جي نازڪ ٿيندي آهي.“
وڏو ٽهڪ ڏئي چوندو: ”آغا منهنجا! تون به ته اڃا شڪر پشم آهين! ها! ها! ها!“
”آغا! تو پٺاڻڪي ڪانه ڇڏي. ها، هاڻي ڪو پشتو غزل ٻڌاءِ.“

”وُئي، وُئي، وُئي، وُئي،
الڪا نه غي پزوڙ ما پزڙڪي الا!
الڪا نه غي!
وُئي، وُئي، وُئي، وُئي!!
الڪانه غي!“

ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويندا! اهڙا چرچا ڀوڳ ڪندي، کل خوشيءَ ۽ ٽهڪن جي گود ۾ اکيون ٻوٽجي وينديون. اک تڏهن کلندي، جڏهن پرڀات جو ڏسندس ته آغا مصلي تي سجدي ۾ پنهنجي رب جي حضور ۾ جهڪيو پيو آهي.

سوخيتم و هيچڪس بر سوز ما واقف نشد،
چون چراغانِ شبِ مهتاب بيجا سوختيم.

* * *

سکر سنهاري جي ڳالهه ڪڍڻ مان اصل مقصد ته ٻيو هو، ليڪن قصن مان قصا نڪري ويا، برسبيل تذڪره! ۽ ارتجالاً! هاڻي به حاصل مطلب تي اچان، ان کان اڳ انهن ٻن اکرن جو شان نزول ٻڌائڻ ضروري ٿي پيو- ’برسبيل تذڪره‘ ۽ ’ارتجالاً‘. اهي ٻئي اکر اخباري دنيا ۾ ڪثرت سان استعال ٿيندا پهريون دفعو مون سکر ۾ ڏٺا.
’گانڌي - اِرِون پيڪٽ‘ ٿي چڪو هو، گول ميز ڪانفرنس جي شروع ٿيڻ وارو زمانو مٿان هو [2]، هندو مسلمانن کي انگريزن اهڙو اٽڪائي ڇڏيو، جو حقن حاصل ڪرڻ جي نالي ۾ هڪٻئي جا بر ميچڻ ۽ پوتيون ڪڇڻ لڳا، پاڪستان ان وقت ڪنهن کي خيال ۾ به ڪونه هو، ۽ نه جناح صاحب ئي مسلمانن ۾ مقبول ٿيو هو، سواءِ هن جي ته گاهي ماهي سندس چوڏنهن نڪات پيا ٻڌبا هئا. اهو دور مولانا شوڪت عليءَ ۽ مولانا محمد عليءَ جو هو - جذبات ۽ هيجان جو دور، ڌوان ڌار تقريرن ۽ تحريرن جو دور، جلسن ۽ جلوسن جو دور، پُر شوڪت لفظن ۽ پُر هيبت عبارتن جو دور. پنجاب ۾ مولانا ظفرالملت والدين يعني ظفر علي خان جي ڌاڪ هئي:

نعرهِّ تڪبير!
الله اڪبر!
حضرت ظفر الملت والدين!
زنده باد!

مولانا لٺ کڻي اٿندو. عربي عبا اچڪن مٿان، اڻ پڇو اچي ميدان تي پهچندو. انگريزن جي هِتئون گهڙي وڃي هُتئون نڪرندو. هندن تي هڪ لهندي ٻي چڙهندي. جوش جذبو، گرماگرمي ۽ هماهمي ايڏي، جو ڪڏهن ڪڏهن ته تقرير اڃا ختم ئي ڪونه ڪندو هو، جو اتان ئي پوليس وارا ڪاهي وڃي ڪاٺ ۾ وجهندا هئس، ۽ ڪڏهن جي پاڻ سلامت موٽندو ته دفتر ۾ پهچي ”زميندار“ ۾ ڪجهه نه ڪجهه اهڙو لکي ڇڏيندو، جو پريس به چٽ ته اخبار جي ضمانت به ضبط.

* * *

مولانا مهر جو قول آهي ته جڏهن انگريز ڏسندا هئا ته هاڻي مولانا جو ٻاهر رهڻ مفيد نه آهي، ته هو پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن ڇاڙتي کي اشارو ڪري ڇڏيندا هئا، جيڪو گورمينٽ ڪاليج جي چند مٿي ڦريل ڇوڪرن کي گهرائي چوندو ته ’فلاڻي مسئلي متعلق ضرور مسلمانن کي جلسو ڪرڻ گهرجي ۽ مولانا کي ان ۾ تقرير ڪري انگريزن کي چتاءُ ڏيڻ کپي، ورنه مسلمان تباه ٿي ويندا!‘- بس ايتري دير هوندي، ڇورا وڃي مولانا جي در تي پهچندا.
نعرهء تڪبير!
الله اڪبر!
مولانا ٻاهر نڪري ايندو.
مولانا ظفر علي خان!
زندهه باد!
زميندار اخبار!
پائنده باد!
انگريز!
مرده باد!
مولانا يڪدم انگريزن تي هلان شروع ڪري ڏيندو. سي. آءِ. ڊي نوٽ وٺندي. ٻئي ڏينهن مولانا شاهي قلعي جي جيل خاني ۾ هوندو. ”زميندار“ ۾ سرخي ايندي:
”حضرت ظفر الملت والدين ڪو گرفتار ڪيا گيا،
مولانا ڪي فرمود سي انگريز تلملا اٺا“

واه! واه! ٿي ويندي! 5-6 مهينن بعد انگريز ڏسندا ته مولانا کي هاڻي اندر رکڻ جي ضرورت نه آهي، تڏهن ٻاهر ڪڍي ڇڏيندس. مولانا جيل جي دروازي تي نڪري، مجمعي اڳيان وري هڪ تقرير ڪندو ۽ جلوس جي وچ ۾ هار پائي، وڏي وقار ۽ دٻدٻي سان اچي ”زميندار“ جي دفتر وٽ پهچندو، اتي به هڪ ڌوان ڌار تقرير ڪندو. ”زميندار“ ۾ خبر شايع ٿيندي:
”حضرت ظفر الملت ڪي رهائي، اسلاميان لاهور ڪي طرف ســي
شاندار استقبال، انسانون ڪا ٺاٺين مارتا هوا سمندر! ’الله اڪبر‘
اور ’زنده باد‘ ڪــي فلڪ شگاف نعرون ڪــي درميان مولانا جيل
ســي دفتر تڪ تشريف لائي.“
بهرحال مولانا مرحوم جي اخبار جون سرخيون انهيءَ زماني ۾ هي هيون: جلسه او جلوس، الله اڪبر، زنده باد اور پائنده باد، ظفر الملت و الدين، نيلي پوش، ٽوڊي بچا هاءِ! هاءِ! خيبر ســي راس ڪماري تڪ زلزله، هماليه ڪي چوٽيان لرز اٺين، وغيره وغيره الغرض اسلام ۽ آزاديءَ جو پروانو سڀڪجهه سهي ويندو، ليڪن هندو ۽ انگريزن کي ڪڏهن معاف نه ڪندو. هندن کي البت ڪڏهن لٺ ڪڏهن چٺ. جي راضي ٿيندو ته چوندو:
............................ بادِ بهاري هــي،
صبا ڪــي دوش پر آج جواهر ڪي سواري هــي!
جي ڪنهن ڳالهه تي ناراض ٿيو، ته پوءِ الامان والحفيظ! چوندو:
ڪانپتــي تهــي اس ڪي هيبت ســي زمين و آسمان
جب مسلمان گهر سـي نڪلا بانده ڪر سر پر ڪفن
شيخ ڪي تهمد نــي گــانڌي ڪي لنگوٽي ســي ڪها
مين پــــرستــارِ خدا هــــون تــــو پـــرستــــارِ وطـــن.
بهرحال جي پرتل آ، ته آسمان تي پهچائي ڇڏيندو، جي رٺل ته زمين کان ست گز هيٺ نهوڙي نيندو.

گول ميز ڪانفرنس تي جڏهن هندوستاني نمائندن جو انتخاب پئي ٿيو، تڏهن مولانا به ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته پاڻ به جنهن صورت ۾ مسلمانن جو رهنما آهي، تنهنڪري ضرور نامزد ٿيڻ کپي. تارون، پيغام، جلسا، ٺهراءَ، ايڊيٽوريل، مطلب ته مولانا وس ڪري ڇڏيا. ليڪن انگريزن کيس ڇُهيو به ڪين. شايد نه مولانا جي بالغ نظريءَ تي کين اعتماد هو ۽ نه اهوئي کين يقين هو ته مولانا ڪانفرنس هلندي ڪو پنهنجي جذبات تي قبضو رکي، سنجيدگيءَ سان بحث ڪري سگهندو، ممڪن آهي ته اوچتو اٿي بيهي ڪو خُلم ڪري رکي! تنهنڪري پنجاب مان هنن سرشفيع، سر فضل حسين ۽ سر اقبال جهڙا اصحابِ فڪر و نظر کنيا. مولانا شايد اهو سور پي وڃي ها، ليڪن غضب هي ٿيو، جو هندستان مان سندس ٻين ڪيترن معاصرن سان گڏ مولانا محمد علي ۽ مولانا شفيع دائودي پارا به نمائندن ۾ شريڪ ڪيا ويا. ويتر جو وري ڪيون ”ميلاپ“ ۽ ”پرتاب“ ڇيڙون، سو ڄڻ ڀولي جي پڇ کي اچي باهه لڳي. مولانا صفا مـَـٽجي ويو، ڄڻ ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو، جنهن جا ٽانڊا هندستان کان وٺي لنڊن تائين ساڙٻار ڪرڻ لڳا. غضب، ڪاوڙ ۽ غصي سان ڀريل ايڊيٽوريل روز لکڻ لڳو. ايتري تي به اڪتفا نه ڪيائين، جوش ۽ جذبي ۾ ايڏو بي قابو، جو عام سنهو اخباري خط ڇڏي، ’جلي حروف‘ يعني ٿلهن اکرن ۾ ڊبل ڪالم اندر انهن مضمونن کي ڇپڻ شروع ڪيائين. زبان، محاورا، ترڪيبون، جملا ۽ جوڙ، عنوان ۽ سرخيون ڏسڻ وٽان هونديون هيون، نثر ۾ نظم وارو رس آڻي ڇڏيندو هو، جوش ۽ جولان ايترو جو پڙهندڙن جا ماشا ئي ڦري ويندا هئا، سکر جي گرم گوديءَ جا پنجابي ۽ شهر جا چنيوٽي چرم فروش، پنهنجا حقا ڇڏي، کٽن تان اٿي کڙا ٿيندا هئا، ٻيو وس نه پڄندن ته پڇاڙيءَ ۾ سکر جي هندن کي ئي ٻه، چار ٻول ٻڌائي ڇڏيندا هئا.
مولانا پنهنجن اهڙن خاص نوشتن کي، جن کي جلي خط ۾ شايع ڪندو هو، ’ايڊيٽوريل‘ يا ’ليڊر‘ ڪونه سڏيندو هو، بلڪ انهن تي نالو رکيو هئائين: ”مقالہ خصوصي“ يا ”مقالہ افتتاحيه“. ”مقالہ خصوصي“ اهو هوندو هو، جنهن ۾ ڪنهن خاص ڳالهه يا ڪنهن خاص شخصيت تي بحث ڪيو ويندو هو، ۽ عام مسئلن تي لکيل ايڊيٽوريل ”مقالہ افتتاحيه“ سڏبو هو. اهي ٻئي ترڪيبون درحقيقت مولانا مرحوم جي ذاتي لغت خاص جون آهن، جيڪي پوءِ اخباري دنيا ۾ عام طرح مستعمل ٿي ويون.
انهن ئي خصوصي مقالن ۾ جڏهن مولانا مسلمانن جي حقن تي قلم کڻندو هو، تڏهن انگريزن جي اسلام دشمنيءَ ۽ هندن جي مسلم آزارين جا قصا انهن ۾ ”برسبيل تذڪره“ بيان ڪندي ڪندي، گول ميز ڪانفرنس ۾ کيس نه چونڊي انگريزن جيڪا ’اسلاميان هند‘ جي جذبات سان راند کيڏي هئي، ان ڏانهن به ”برسبيل تذڪره“ اشارو ڪري ويندو هو.
خصوصي مقالن، ڊبل ڪالم ۽ جلي قلم کان سواءِ مولانا ٻيو ڪم هي ڪندو هو، جو روزانو هڪڙي معرڪي جي نظم ٺاهي، پهرئين پيج جي پوريءَ تخطيءَ تي شايع ڪندو هو. اهي ئي ٿلها اکر، اهوئي جلي قلم. ڪڏهن گانڌيءَ جي خلاف، ڪڏهن نهروءَ تي نوڪ، ڪڏهن مهاشيه ڪرشن ۽ خوشحال چند خرسند تي ٽوڪ، ڪڏهن گول ميز ڪانفرنس تي هـَـجو ته ڪڏهن انگريزن جي اقتدار تي ضرب، مطلب ته هلندڙ مسئلن تي، سچ اهو آهي، ته سندس نظمون بي پناه هونديون هيون، زبان، رديف، قافيا، زمين، عجيب و غريب ترڪيبون، مطلب ته ماڻهو جڏهن پڙهندو هو، تڏهن ائين پيو ڀانئبو ته اهي بيت ۽ مصرعه نه بلڪ شڪرقند آهن، مصريءَ جون ڳڙيون يا ماکيءَ جون لاران. انهن نظمن مٿان نوٽ هوندو هو ته ”اڄ صبح جو حضرت ظفرالملت و الدين ناشتي کان پوءِ حقو ڇڪيندي هيٺين نظم ارتجالاً چئي، جيڪا ناظرين ڪرام جي ملاحظي لاءِ هيٺ ڏجي ٿي.“ يعني، حضرت مولانا صاحب جن جو نظم چوڻ جو ارادو اصل ڪونه هو، ليڪن حقي جي وزم کان پوءِ دونهين سان گڏ شعر به پنهنجو پاڻ ئي ٺڪ ٺڪ ڪندا ٻاهر نڪرندا ويا. اهو درحقيقت وڌاءُ به ڪونه هو. مولانا نظم چوندو ئي ائين هو: هر وَزَمَ پٺيان هڪ شعر، جيترا وزم اوترا بيت. اهي نظمون، جن ۾ مسلمانن جي بهادريءَ ۽ فتوحات جو ذڪر هوندو هو، تن کي نه ڇڙو جلي حروف ۾ بلڪ خاص اهتمام سان ڳاڙهيءَ مـَـسُ ۾ شايع ڪرائيندو هو، تاڪه ڀل انهيءَ کي پڙهي، ”پرتاب“ ۽ ”ميلاپ“ جي ايڊيٽرن کي خصوصي طرح ۽ عام هندن کي عام طرح پنهنجو حشر ياد اچي وڃي، ڀل سندن جسمن ۾ سياندو ۽ دلين ۾ ڌڌڪو جاڳي، ۽ ڀل ته سندن اوسان خطا ٿين. بهرحال مطلب اهو آهي ته ”ارتجالا“ جي اکر جي ابتدا اُتنهن ٿي، جنهن کان پوءِ اردوءَ جو هر شاعر ’ارتجالا‘ ڪلام چوڻ لڳو. هاڻي ته خير ماءُ پيٽان ئي ارتجالاً اردو غزل چوندا ٻاهر نڪرن ٿا.
مولانا کي شل مولا سائين جنت ۾ جايون ڏئي، عجيب و غريب ۽ عاليشان انسان هو. جي ڇڙو شاعري ۽ نثرنگاري ڪري ها، ته هوند اردو ادب جي خزانن کي هيرن جواهرن سان پـُـر ڪري ڇڏي ها، پر ندوريءَ سياست سان پاند اٽڪايائين، ۽ وريو به ائين ڪجهه ڪونه ۽ پاڻ کي به اجايو ڏٺو ڪيائين ۽ ادب کي به نقصان پهچايائين. مولانا سياست جي ڏانءَ جو اصل ڪونه هو. محض عظيم شاعر ۽ بي مثل ليڪن جذباتي نثر نگار هو.
”رب ڪعبه ڪي قسم، راسڪماري ســي ليڪر بندهيا چل ڪي چوٽيون تڪ ڪي سر زمين روند ڊالي جائيگي، تهه و بالا ڪي جائيگي، الٽ دي جائيگي- زير و زبر هو جائيگي، خون ڪي نديان بهه چلينگي، جن ڪا ڌارا فرنٽيئر ڪـي پهاڙون سي نڪل ڪر هماليه ڪي دامن“ تڪ چلا جائيگا اسلامي شهسوارون ڪــي گهوڙون ڪي ٽاپين اڀي تڪ هند ڪــي واديون مين گونج رهي هين، ڪيا سمجهه رکا هــي هند ڪــي لنگوٽي بند نــي؟ انگريز ڪون هوتا هــي؟ ملڪ راصل همارا هــي- يه فرنگي ڪون هــي جو تصفيه ڪرنــي بيٺا هــي؟ يه جاڪــي ڦر مانچسٽر ۾ اپني ترازو سنڀالــي مين اعلان ڪرتا هون ڪه اسڪو ملڪ ســي نڪل جانا چاهئي! فرنگي استعمار ڪيڌجيان ضائــي آسمان مين بکير دونگا“
وغيره وغيره. انهيءَ نموني جا دڙڪا ۽ دهمان هندن کي ٻڌائي، سندن ڌوتي پسائڻ جي پيو ڪوشش ڪندو هو، ۽ اهڙيءَ طرح للڪار ڪندو هو، جو گورن جي هتي رهڻ جو سڄو دارومدار ڄڻ فقط مولانا جي ذات گراميءَ تي وڃي ٿيو هو! انگريزن جڏهن مولانا کي گول ميز ڪانفرنس تي نه چونڊيو، ان وقت جيڪي چونڊجي ويا انهن تي مولانا فقرو چست ڪيو: ‘ٽوڊي بچه هاءِ! هاءِ!‘ بس پوءِ ته سڄي ملڪ ۾ هوءِ هوءِ پئجي وئي: ”ٽوڊي بچه هاءِ! هاءِ!“
جڏهن قاديانن سان وڙهيو ۽ قادياني تحريڪ شروع ڪيائين ان وقت فقرو مشهور ٿيو: ’مرزا ٽيچي!‘[3] پوءِ ته قاديانن جو اُٿڻ ويهڻ بند ٿي ويو، جتان وڃن، جنهن محلي جو پاسو ڏئي لنگهن، ننڍو وڏو پڪاريندو:

”مرزا ٽيچي، هاءِ هاءِ!“
”مرزا ٽيچي هاءِ هاءِ!“

الغرض مولانا جنهن کي ڪو لقب لاتو، بس ان جو ٻيڙو غرق، ستياناس. ”زميندار“ اُن زماني ۾ گويا قوم جي زبان هئي. جيڪا ڳالهه ان ۾ شايع ٿي، سا قوم جي زبان تي چڙهي.

* * *

مولانا جيڪي تقريرون ڪندو هو، انهن ۾ هندن کي تنبيهه ڪرڻ لاءِ، انگريزن کي دٻائڻ جا، ۽ مسلمانن کي اڀارڻ جي ڪاڻ، ٺهيل ٺڪيل لفظ، فقرا، جوڙ ۽ جملا هوندا هئا، ۽ انهن تي سندس زبان اهڙو هري وئي هئي، جو جيڪڏهن ڪنهن ٻئي موضوع تي تقرير ڪندو هو، تڏهن به هلي هلي، وچ مان ٿڙڪي، وڃي ساڳين انهن فقرن تي بيهندو هو. اها عادت انهيءَ زماني ۾ هرهڪ تقرير ڪندڙ جي هئي. عطاءُ الله شاهه بخاري، احسان احمد شجاع آبادي، مولانا حبيب الرحمان لڌيانوي، مولانا ظفر علي خان جو فرزند مولانا اختر علي خان مرحوم، سڀني جون تقريرون گويا هڪ سانچي ۾ ڍليل هونديون هيون. پوئين زماني ۾ جڏهن ليگ زور ورتو، ۽ مولانا جي بقول حسن بن صباح جي پيالي مان گويا هندستان جي مسلمانن حشيش جو چـُـڪو چاڙهيو، تڏهن ته گارگند، هلان ۽ هڪلن جي حد ٿي وئي، انگريز وچ مان نڪري ويو، روءِ سخن وڃي ڇڙو ٿيو هندوءَ ڏانهن، سالن جا سال، زبانون وري انهيءَ تي هري ويون!
مون کي ياد آهي، نهرو - لياقت پيڪٽ کان پوءِ، اخبار نويسن جو هڪ خير سـَـلهي وفد برادرم علي محمد شاهه راشدي صاحب جي سرڪردگيءَ هيٺ دهليءَ ويو- اُن وفد سان اختر علي خان به شريڪ هجي. هندن سکن ڏاڍيون مرحبائون ڪيون، هڪٻئي کي ڏسي، ڀاڪر وجهي اوڇگارون ڏئي رنا، هرڪو پنهنجي ڪئي تي پشيمان ۽ نادم هو. هڪ ڏينهن دهليءَ ۾ سکن اتنهن جي وڏي گردواري ۾ سڀني ايڊيٽرن کي گهرايو. مرد عورتون، جوان پوڙها هزارن جي تعداد ۾ اچي گڏ ٿيا، تقريران شروع ٿيون، سڄي جلسي ۾ روڄ پئجي ويو. سکن التجا ڪئي ته پنجابي زبان ۾ مولانا اختر علي خان تقرير ڪري. مولانا تقرير شروع ڪئي. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جڏهن مولانا جي تقرير جوش ۽ جذبي ۾ چوٽ چڙهي وئي، ۽ مولانا جذبات جي وهڪري تي اچي پهتو، ان وقت تقرير جو اصل موضوع دماغ مان نڪري ويس. وساري ويٺو ته ڪو خير سـَـلهه تي آيل آهي، ڀلي ويو ته سکن جو جلسو آهي، اها به خبر نه رهيس ته هرڪو روئي رهيو آهي، زبان هڪ دفعو وري ڪروٽ کاڌي، پاسو بدلايو، اهي سالن جا دهرايل فقرا بي اختيار زبان مان نڪرڻ لڳا:
”ڪون هوتا هــي سکه اور هندو، گودا نڪال ڪــي باهر رکدونگا“
اوچتو خاموشي ٿي وئي. ان کان پوءِ سس پس، جنهن بعد سڄي ايوان ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. مولانا جي نرڙ تي پگهر نڪري آيو. دل جو صاف، نيڪ ۽ نيت جو کُندو ڪين هو، مجلس به اهڙي هئي، کِلي تقرير هلائيندي چيائين: مون کي معاف ڪجو، سالن جا سال هڪٻئي کي گاريون ڏيندي زبان هري وئي آهي، اڄ پهريون دفعو آهي جو مٺ محبت، پيار ۽ رس رهاڻ جي ڳالهه زبان کي ڪرڻي پئي آهي، ڪڏهن ڪڏهن پراڻي عادت تي تقرير رستي تان ٿڙڪيو وڃيو ٻاهر پوي.
اهڙيءَ طرح تحريرن ۽ تقريرن جو رڪارڊ ڀريل هوندو هو- گويا سُئي چڙهي ۽ ساڳيو آواز، ساڳيا لفظ، ساڳيا دڙڪا، ساڳيا دهمان. اها حالت ڇڙو مسلمانن جي ڪانه هئي، بلڪ انهيءَ دور جا هندو ۽ سک مقرر به پير پٺتي ڪونه هئا. فرق فقط هي هو ته مولانا کي خدا زبان ڏني هئي، ان ۾ قوت هئي، ان ۾ قدرت هئي، جملا، لفظ، فقرا ۽ بندشون، سندس ٻانهن ٻڌا ٻيلي ۽ خريد ٿيل خانه زاد هئا، تقرير ڪندو هو ته زمين آسمان جو سڄو وچ زيرو زبر ٿيڻ لڳندو هو، لکندو هو ته دماغن ۾ هلچل اچي ويندي هئي، نظم چوندو هو ته زبان ان جي حلاوت ۽ شيرينيءَ جا مزا پئي ماڻيندي هئي.
خدا بخشيس، هر چند دماغ تي دل غالب هيس، عقل تي جذبو حاوي هئس، پر هو قوم جو سچو سپاهي. سپاهين لاءِ هونءَ به عقل کان زياده ٿئي جذبي جي ضرورت ٿي. سڄي زندگي آرام نه ڪيائين، لڙندو رهيو، ڪڏهن هـِـن ميدان تي ڪڏهن هـُـن ميدان تي، اڄ هڪ فرنٽ تي سڀاڻي ٻئي فرنٽ تي، بلڪ هڪ ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه جهيڙا به جوٽي وجهندو هو. هڪ ئي وقت انگريز، هندو، قادياني، احرار، شهيد گنج، پنهنجا، پراوا، ”انقلاب“، ”ميلاپ“، ”پرتاب“، گانڌي، نهرو، شوڪت علي، محمد علي، مسئلو ڪٿان جو به هوندو، اشرق جو هجي چاهي مشرق جو، مولانا سڀ جي اڳ ۾. نظام جي پٽ کي انگريز برار ڏين يا نه ڏين، ليڪن مولانا ان کي ”هزرايل هائينس پرنس آف برار“ ضرور لکيو ويٺو هوندو. هڪ طرف جيش اسلامي تيار ڪندو، ٻئي طرف اسلامي بازار ٺاهيندو. مطلب ته ايڏي عجلت، ايترو جوش، اهڙي بيچيني ۽ بيقراري، انهيءَ حد تائين جذبو ۽ ان سان گڏ حرارت ۽ حدت، جو تحريڪ مٿان تحريڪ پئي ٺڪاءُ ڪندي، ليڪن اسلام جو هر حالت ۾ بول بالا. الله جو پڪو ٻانهون، رسول عربيءَ جو شيدائي. الله، رسول، اسلام ۽ عرب جو نالو آيو ته مولانا تاب جهلي نه سگهندو، لونءَ لونءَ ڪنڊارجي ويندس، اکيون ڳاڙهيون ٿي ايندس، مڇ پئي ڦڙڪندس. ڪا چڱي ڳالهه ٻڌندو جنهن ۾ اسلام جي سرفرازيءَ جي اميد هوندي، ته اکيون چمڪڻ لڳندس، چپن تي فاتحانه مرڪ نروار ٿي ويندس، پوءِ جهل نه ڏيندو. جهٽ اٿي يا ته قلم کڻي ڪو ”خصوصي مقالو“ لکندو يا حقو ٺاهي وزم ويهي هڻندو ۽ شان اسلاميءَ ۾ شعر ٺاهيندو. مصلحت، دورانديشيءَ ۽ تدبر جا لفظ مولانا جي اڳيان بي جان ۽ بي معنيٰ هئا. وقت جي تقاضا ڇا آهي، ان کي به نه ڏسندو. ڪندو فقط اهو هو جيڪو دل چاهيندي هيس. گردن وڏ وڏيرن اڳيان به ڪانه جهڪيس، جي جهڪيس ته فقط پنهنجي خالق اڳيان. ٻين اڳيان هميشہ لڪڻ هٿ ۾ کڻي، سينو ڪڍي هليو. اکيون نراڙ ۾ ۽ ڪياڙ آسمان تي. خدا جا سپاهي ٿيندا به ائين آهن، سواءِ پنهنجي مالڪ جي ٻين کان ڊڄن ئي ڪونه.
ڪراچيءَ ۾ ڪانگريس جو اجلاس ٿيو- انهيءَ ميدان تي جتي هاڻي مولانا عثمان ۽ سيد سليمان ندويءَ جون قبرون آهن. مولانا وڏي طمطراق ۽ بلند آهنگيءَ سان، لاهور کان سڀني پوئلڳن کي ڪڍ لائي، هلي اچي شامل ٿيو. پهرئين ڏينهن ئي کليل اجلاس ۾ تڪرار ڪري وڌائين. چي، سڄو اجلاس نماز جي وقت بند ٿيڻ گهرجي. مسلمان فقط 3-4، ٻيو سڀ هندو عالم. گانڌي جيءَ چيو ته مسلمان بيشڪ وڃي نماز پڙهن، ليڪن اجلاس بند ٿيڻ نه گهرجي، البت ان وچ ۾ معمولي مسئلن تي ڪم ٿيندو، اهم مسئلا تڏهن کڻبا، جڏهن مسلمان نماز مان فارغ ٿي ايندا. پر مولانا ڳالهه ڪري ۽ اها نه مڃي وڃي! گانڌي نه هجي کڻي ڪير به هجي، ڪانگريس جو اجلاس نه هجي ڪنهن جو به هجي، مسلمان پنج هجن يا پنج هزار، هتي سوال هو حق جو، اسلامي شان جو، ۽ مولانا ظفر علي خان جي سخن جو. مولانا اٿي بيهي ڌوان ڌار تقرير ڪئي، ان کان پوءِ مولانا جي ساٿين ڪيو:

نعرهء تڪبير!
الله اڪبر!
مولانا ظفر علي خان!
زنده باد!
اسلام!
پائنده باد!

بس، مولانا ڏنڊو کڻي اٿيو. صفان هٽائيندو، اجلاس ڇڏي، سڌو ريلوي اسٽيشن تي، اتان سڌو لاهور. پوءِ ته هڪ طرف ڪانگريس ٻئي طرف مولانا، وچ ۾ غريب اسلام. ڪيئي ڏينهن رونشو هليو. جڏهن وري ڪو ٻيو مسئلو پيدا ٿيو ۽ مولانا جو توجهه اوڏانهن ڇڪيو، تڏهن وڃي گانڌيءَ ۽ اسلام جي جند ڇٽي.
مولانا جون اهي سڀ چـِـلولايون اوستائين هليون، جيسين ليگ وجود ۾ ڪانه آئي هئي. جڏهن هندستان جي مسلمانن اهو نئون راه ۽ رند تراشيو، تڏهن مولانا ماند پئجي ويو.
1940ع ۾ جڏهن ليگ جو لاهور ۾ اجلاس ٿيو، تڏهن مان سياسي اسٽيج تي آخري مرتبو مولانا کي ڏٺو. ڪاري عبا پائي، نيلي پوشن جي ننگين تلوارن جي جلو ۾ جلسي کي چيريندو، اچي اسٽيج تي چڙهيو. نه ’الله اڪبر‘ ٿيو، نه ڪنهن ’زنده باد‘ ڪيو. اهي نعرا اڄ ڪنهن ٻيءَ شخصيت جي قبضي ۽ قدرت ۾ اچي چڪا هئا. مولانا تقرير شروع ڪئي. جناح صاحب ڪرسيءَ تي فروڪش هو. پنجن منٽن بعد جناب جي نراڙ تي گهنڊ نروار ٿيو. ڇهين منٽ بعد مسلمانن ڪيو:
”بيٺ جائو!“
”بيٺ جائو!“
”نهين سنتـي!“
”نهين سنتي!“
مولانا خاموشيءَ سان لهي هليو. نيلي پوشن ننگيون تلوارون کڻي اچي وري کيس وچ ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن مولانا خبر نه آهي ڇا سوچيندو، تڪڙي تڪڙي وک کڻندو، نيلي پوشن کان به اڳ پنڊال مان نڪتو هليو ويو. اسلاميان هند جي سياسي اسٽيج تي ”ظفر الملت والدين“ جي نمودار ٿيڻ جو اهو پويون ڏينهن هو. پاڪستان جڏهن ٿي ويو، پوءِ ته مولانا ڪومائجي ويو. پويان ڏينهن بلڪل بيهوشيءَ ۾ گذاريائين. هوش ۽ حواس- جيڪي ٿي رهيو هو يا جيڪي ٿي چڪو هو، ان کي، محسوس ڪرڻ کان جواب ڏئي بيٺا هئا.
آخري دفعو مولانا کي مان لاهور ۾ ڏٺو، جڏهن اخباري وفد هندستان ٿي ويو. لياقت، نهرو پيڪٽ کان پوءِ ”زميندار“ جي دفتر ۾ مولانا سان ملاقات ڪئي وئي. زارو نزار، جهور، اهو آواز جنهن جي گونج منيءَ صديءَ تائين هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچندي رهي، ان ۾ اهو زور ڪونه، زبان جنهن سڄي زندگي موتي ۽ لعل بخشيا، ان ۾ اها طاقت ڪانه، اهي هٿ، جن سڄي زندگي ادب ۾ رنگ ڀريا، انهن جون آڱريون نستيون. مطلب ته يقين ڪونه آيو ته اهو مولانا ظفر علي خان آهي: جادو بيان مقرر، شيرين سخن شاعر ۽ عظيم الشان نثر نگار. اکين ۾ اها چمڪ، تيک ۽ تيزي ئي ڪانه رهي هئي!

* * *

سکر ۾ ”زميندار“ به ايندي هئي ۽ ”سياست“ به ۽ ”انقلاب“ به. ”سياست“ وقت بچندو هو ته پڙهبي هئي. گرم گرم فقرا، رنگين بياني، لفظن جو شڪوه ۽ شوڪت، نظم جو لطف، دڙڪن ۽ دهمانن جو مزو ڏسڻو هوندو هو، ته ”زميندار“ اڳيان ڪبي هئي. پر جيڪڏهن ضرورت پوندي هئي ته پيدا ٿيل مسئلي تي تدبر ۽ دانشمنديءَ سان بحث ٿيل ڏسجي- سياست ۽ سياسي شعور ڇاکي چئبو آهي، فراست جي تقاضا ڇا آهي، مسلمانن جو برو ۽ ڀلو ڇا ۾ آهي؟ ته پوءِ هٿ وجهبو هو ”انقلاب“ ۾. ان جو لفظ لفظ ويهي غور ۽ فڪر سان پڙهبو هو. مولانا مهر جا سنجيدا ۽ پرمغز ايڊيٽوريل دماغ ۾ اوجر آڻي ڇڏيندا هئا، سياسي سمجهه ۽ سوچ جو شعور پيدا ڪري ڇڏيندا هئا، ۽ ملڪي مسئلن جي تهه تائين ائين پهچائي ڇڏيندا هئا، جيئن تـِـکا تارو سيکڙاٽن کي هٿ مان وٺي تار ۽ تانگهو ٽپائي وڃي توڙ رسائن. جي انهيءَ زماني ۾ ”انقلاب“ نه هجي ها، ته هوند مولانا ظفر علي خان سڄيءَ قوم جي دماغ ۽ شعور ڊانوان ڊول ڪري ڇڏي ها. ”زميندار“ جي مسهل جو ”انقلاب“ ڄڻ مصلح هئي. انهيءَ ئي اخبار ۾ مولانا سالڪ جا ’افکارو حوادث‘ پڙهي، ماڻهوءَ جي روح ۾ تازگي ۽ توانائي اچي ويندي هئي. پوءِ چراغ حسن ”حسرت“ ميدان ۾ آيو، ان سان گڏ جوڙيدار ٿيو حاجي لقلق. اهو پنجاب جي اوج جو زمانو هو ۽ اتنهن جي ايڊيٽرن ۽ اخبارن جي به اقبال جو دور هو. هاڻي ته نه اهو مولانا ظفر علي، نه سيد حبيب، نه مولانا سالڪ، نه چراغ حسن حسرت، نه مرتضيٰ خان ميڪش ۽ نه ”ميلاپ“ ۽ ”پرتاب“. باقي هڪ وڃي رهيو آهي غلام رسول مهر، جنهن جو سڄو چهرو جهـُـريون جـُـهريون ۽ ڪمر ايترو ڪـَـوَ کائي وئي اٿس، جو ڪرسيءَ تان اٿي ٿو ته ”هاءِ هاءِ“ ڪري، ڪم رکي سڌي ڪرڻ ۾ کيس ڪيئي ڪشالا ڪرڻا پون ٿا[4].
هندو به ويا، جن سان مقابلو هوندو هو، انگريزن به ملڪ ڇڏيو، جن تي جهٽ ڪاوڙ وٺندي هئي، هاڻي ته ملڪ سڄوئي ملير- خودي بلند، جي ڪجهه چئبو ته موچڙا، جي ڪڇبو ته ’کلا ۽ کوسڙا‘. تنهنڪري مِٺي به ماٺ ته مـُـٺي به ماٺ.

* * *

اجهو وري اچي ’خوديءَ‘ جي ڳالهه وچ ۾ ڪاهي پئي. اصل قصو ڪيئن ڪجي؟ اهڙا اکر ۽ اشارا جو اچي ويندا، پوءِ ڳالهه ڪرڻ ڪيئن نه ضروري ٿي پوندي!
جنهن زماني جو ذڪر پيو ڪيان، انهيءَ ۾ خودي ته خير، خود علامہ اقبال مرحوم به سنڌ ۾ مشهور ڪونه ٿيو هو. مان ”بانگ درا“ سڀ کان پهريون، مناري جي چاڙهيءَ تي، مستري محمدالدين وٽ ڏٺو هو، لوهه تپائڻ واريءَ ڌمڻ جي ڀڪ ۾، تڏي تي، حقي سان گڏ.
مستري مرحوم هو ته پنجاب جو، پر رهيو سڄي عمر سکر ۾. چاڙهيءَ واريءَ انهيءَ جاءِ ۾، بندوقن جي مرمت ڪندي، ڦوهه جوانيءَ مان اڌڙڪ، اڌڙڪ مان موٽ کائيندي اچي پوڙهو ٿيو، ۽ ان کان پوءِ جڏهن جهور ٿيو، تڏهن ڪم ڇڏي کٽ تي آهليو، ۽ پوءِ اتان ئي ٻئي جهان لاڏاڻو ڪيائين. پنهنجي فن ۾ شاهه ڪاريگر هو. بندوق جي مرمت ٿي، مستري مرحوم جو هٿ لڳو، ڄڻ بندوق ۾ نئون ساه پئجي ويو، گويا هاڻي ’هالنڊ ائنڊ هالنڊ‘، ’پرڊي‘ ۽ ’گرينر‘ کان اچي نڪتي. اهڙو هٿ، ڪاريگر اِن ڪم جو وري نه ڄائو نه ڄمندو، نه ٿيو نه ٿيندو. سنڌ جو ذات وڏيرو، جنهن کي شڪار جو شوق هوندو هو، جنهن وٽ هٿيار هوندا هئا، تنهن لاءِ مستريءَ جو در ڄڻ درگاهه هو. هرڪو اتنهن جو پانڌبئڙو. هرڪو پيو سلام ۽ ڪلام ڪندو. هرڪو پيو ڏيج ۽ ڏن ڀريندو.

* * *

زمانو هو، اُهي اُهي شاهه شڪاري، جو چئي کڻي بس ڪجي. جيڪب آباد وارو سردار عبدالرحيم خان کوسو، سوين هٿيار، سيڪڙا بندوقن جا، سڄو ڏينهن يا شڪار ۾ يا بندوقن ۽ هٿيارن جي ڳالهين ۾، خانبهادر شاهنواز خان ڊکڻ ۽ خانبهادر محمد پناهه خان ڊکڻ، ڀلئون ڀل، کٻيءَ سڄيءَ پيا هڻندا، چرندو پکي ڪونه ڇڏيندا. ڪيئي ’ويبلي‘ ۽ ’پرڊي‘ جون ريفلان ۽ بندوقان وٽن موجود. خانبهادر سردار الهه بخش خان ڪاڪيپوٽو شڪاري به واهه ته هٿيارن جو به ڄڻ مريض، سٺي بندوق دڪانن تي نه ڇڏيندو. پير پير شاهه ۽ پير حامد شاهه، پراڻا ۽ بنيائتا شوقين بندوقان ’پرڊي‘، ’هالنڊ‘ ۽ ’ويبلي‘ کان خاص مذاق ۽ پسند مطابق سڌيون سَيون ٺهرائيندا. هتان خريد ڪرڻ سندن لاءِ عيب هو. بندوق تي پير شاهه جو نالو پيو ته اها بندوق ڄڻ شوقينن لاءِ تبرڪ ٿي ويندي.

”واه! واه“
”سائين پير شاهه جي آهي؟“
”سبحان الله!“
”ها سائين.“
”واهه جو سائين ”ناز پري“ بندوق آهي؟“
”هوءَ ٻٽن نالن واري جوڙيدار بندوق ۽ ريفل ڪينءَ؟“
”سائين ڇا چئجي، پير سائين چار سال لکپڙهه هلائي، خاص ٺهرائي آهي؟“
”بندوقان اهي چئجن!“
وڏيرو رسول بخش خان ڀٽو، هاءِ! هاءِ! هاٿيءَ جيڏو ڪونڌر مڙس، شڪل صورت جو جهڙو ببر شينهن، تتر اٿيو ناهي، ٺڪ ٿي ناهي، تتر مٿان ئي رومال ٿيو اچي سندس پيرن ۾ پوندو. نه ڪڏهن تتر ويو نه ڇرو گٿو، جوڙا پيو جهٽيندو، هَرَ سڄي هَرَ کٻي، ٻنهي طرفن کان آيا ته ٺا! ٺا! ٻئي اچي ڦهه پٽيءَ تي ڪرندا. سنڌ ۾ شڪار جو شاهه ٿي گذريو. اهڙو شوق وري ڪير ڪندو.

* * *

نواب سر غيبي خان، 4 لک ايڪڙ جاگير، جهنگ ان ۾، پٽ ان ۾، ڍوريون ۽ ڍنڍان ان ۾، هيٺاهيون به ان ۾ ته جبل به ان ۾، ڪاٿنهن ساوڪ ته ڪاٿنهن سڪ، ڪٿي پاڻي ته ڪٿي واري، ڪٿي ويءُ ته ڪٿي واهڙ. چوندا آهن ته ڳيري جي وک تي زمين وَرِنُ بدلائيندي آهي، پر هتي ته ورن سان گڏ هر قسم جو ڍنگ ۽ رنگ موجود هو: تتر اتي- بگڙا خواهه ڪارا- ٻٽيرا به موجود ته پٽ تتر به جام. اسناف اڪيچار، ۽ بدڪون، نيرڳ، آڙيون، ڪارڙا ۽ ٻولاهيون به موجود. سرنهن ۽ ڪڻڪن ۾ ڪونجن جا به ولر اچي ويلا ڪن. واريءَ جي دڙن ۽ بٺن ۾ تلوريون به عام. هرڻ ڳاڙها به ته ڪاريهر به. ڦاڙها به ملندا ته پهاڙن تي سرهه ۽ گڊ به اچي سر ڏيندا. مطلب ته هر قسم جا چرند خواه پرند. دل جيڪي گهري سو موجود، جيڪي وڻي سو مار.
سيارو پوندو، ناتال جي موسم ايندي، ڪٽڪ صاحبلوڪن جا اچي ڪٺا ٿيندا، مِسيون ۽ مڊمان به ساڻ، بٽلر، بورچي، پٽيوالا ۽ اردلي به ڪڍ، تنبو ۽ تولان، شاميانا ۽ رانئتيون اچي وينديون، غيبي ديري ۾ منزلان لڳي وينديون، جهنگ جهر چانڊاڻ ٿي ويندو، اڄ ڪليڪٽر آيو، سڀان ڪمشنر آيو، پرينءَ آءِ. جي. اچي ٿو، پڇاڙيءَ بمبئيءَ مان ۽ پوءِ ڪراچيءَ مان گورنر صاحب به مهمانن جا پرا ڪاهي اچي پهچندو. مطلب ته جيسين شڪار جي سيزن هلندي، تيسين پيا گورا ڳاهٽ ڏيندا ۽ آفيسر ڪُتِر ٿيندا. ڪڪڙ، ڇيلا، آنا، کير، مکڻ، ماکيون نه ڪنهن کان کٽايا پڄن ته کاڌا پهچن- سڄو راڄ ۽ تـَـرُ گهرن کي ٻهاري ڏيو اتي پيو پهچائيندو. صاحبلوڪ قاعدي قانون جا ڏاڍا پابند هئا. ليتيءَ ڏيتيءَ کان صفا پري. نه ڪنهن کان وٺندا نه ڪنهن جو بار کڻندا. پئسا ڏئي سڀئي بل چڪتو ڪري ڇڏيندا. البته اها جدا شيءِ آهي، جو خرچ ٿيندو هو ڏهه هزار ته وٺبو هو ڪُل سَؤ سوا! گهه ملندو پنجين رپئي ته بل ۾ ڏيکاربو سوا رپئي، کَتو مڻ ته لکبو سير، آنا کپندا سؤ درجن ته ٻڌائبا هڪ درجن. ڪٿي تعداد گهٽ ته ڪٿي قيمت ڪم. اهڙيءَ طرح هزارن جي خرچ کي سوري پوري وڃي سوکن جي شرعي انگ اندر بيهاربو. خير، اهي ته ٿيون خانگي ڳالهيون، پر رڪارڊ خاطر بل چڪتو ڪيون، پَلَوَ ڇڏايون پوءِ پيا منزلان پٽيندا. ڪنهن جو احسان ڇو کڻن! اڄ ٿورا کڻن، ته سڀان اک لڄي!
هر موسم ۾ منزل جو سامان نئون ايندو، ٽِي سيٽ، ڊنر سيٽ، ڪانٽا ڇريون، ٽوال، ٽيبل پوش، چيني ۽ چاندي سڄي اچي نئين نڪرندي. پڇاڙيءَ ۾ تنبو به ”رولدوءَ“ کان نوان نڪور اچي ويندا، ۽ فرنيچر به خالص ساڳوان جو نئون گهرائبو، قالين ايراني، ۽ ڪونچن ۽ صوفن تي ڪيمخوابن ۽ بنارسين جون ٽيپسٽريون، ڳاڙهيون، سايون، پيليون، زرديون، چلڪيدار ۽ چمڪندڙ. جڏهن منزلان پوريون ٿينديون ته ان ڌوتل ٿانو، ڀريل برتن ۽ اڻ صفا ٿيل ديڳڙا، چوسيل هڏا، ڇيلن جي رانن جون سڄون نريون، ڊبل روٽن جا اڌ، نانن ۽ نانختائن جا مـُـنا ۽ چوٿاڙ، گڏي سڏي سڀ هڪ ڪوٺيءَ ۾ هڪٻئي مٿان اڇلي ڇڏبا. پڇاڙيءَ ۾ غلاظت ۾ ڀريل ڪموڊ به اتي ئي ڪنهن پاسي ۾ رکي، انهن مٿان گلم ۽ قالين وجهي ڇڏبا، جيئن بدبوءِ هروڀرو ٻاهر نه نڪري. ٻئي ڪمري ۾ ٽيبل ۽ ڪرسيون، ٽپايون ۽ ڪونچ هڪٻئي تي چاڙهي ائين رکي ڇڏبا، ڄڻ غيبي خان نواب جو مهمان خانو نه آهي، بلڪ ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪٻاڙي جو دڪان آهي. هڪ دفعو، جو در ايندو ته وري کلندو تڏهن جڏهن سيارو اچي منهن ڪڍندو ۽ منزلن جون تاريخان مقرر ٿي وينديون. انهيءَ وقت خبر پوندي ته سڀئي ڪمائتا ٽپڙ کڄي ويا آهن، باقي وڃي ڀَڳَ ڀُرَ ڪنڊ پاسي بچي آهي. نواب صاحب کي ڀلا ڪهڙو يادگيرو. وڏا ماڻهو، سوين خيال، واڻيا وڪال ته هئا ڪين، جو هڪ هڪ شيءِ جي وچون ويهي ڪن ۽ ساهه ڏين. سونو خان عرض ڪندو:

”قبلا سائين! سائينجن جي سِر بخت جو خير، ڪجهه نوان ٽپڙ ڪاراچيءَ مان گهرائبا!“
”اڳئين سال به ته ڪي ٽپڙ ڳڌا هئاسي؟“
”جيئندا سائين! انهن مان جيڪي خاص هئا، سي ميمان کڻي ويون!“
”اهڙا سٺا هئا ڇا؟“
”ڇا چئجي سائين! منڊمان ڏسي چريون ٿي پيون. مڙئي مالڪن جو اقبال آهي!“
”چڱو ڀلا، ڪو ڪاراچيءَ ماڻهو موڪليو. سيٺ ڏوسل جي ڇاپ تان به وٺي ۽ ٻين وٽ به ڏسي، پر وٺي سيبائتا ۽ سٺا!“
”جيئندا قبلا! ائين منهنجا سردار!“

اهڙيءَ طرح هر سيزن ۾ ملازمن جي به پئي سيزن ٿيندي، ۽ نواب صاحب به خوش ته جيڪي ٽپڙ اچن ٿا، سي اهڙا ته اڻ لڀ آهن جو منڊمان جنسي ڇتيون ٿي پون ٿيون. جيسين مرحوم خير سان حال حيات هو، تيسين غيبي ديري اندر اهي رنگ هر سال رسندا رهيا. پنهنجي سر به مرحوم شاهوڙ شڪاري هو، ۽ ٻين کي به شڪار ڪرائيندو هو. پر شڪار ڪرائيندو ڇڙو ڀورن کي، بگن کي، اڇن کي- ديسين کي نه پر پرديسين کي- يعني ڪارن جي ڪاڻ ڪانه هيس.

* * *

حقيقت هيءَ آهي ته ٽالپر حڪمرانن کي انگريزن اجايو بدنام ڪيو هو [5]، ورنه سنڌ ۾ انگريزن به ڪين گهٽايو. گرو گنجو انگريز، سيزن ٿيندي، زميندار وٽ اچي منزل ڪندو. خلق پاهه، خرچن ۾ زميندار قرضي، پکي پرنڀ ڪينڪال. انهيءَ زماني ۾ زميندارن وٽ به حڪمرانن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جو وڏو ذريعو شڪار هوندو هو. هر وقت ڪمرڪشيون بيٺا رهندا هئا.
اهو مرض انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ به پاڪستان اندر زور وٺي ويو. نئين سر شڪار جون مهاڙيون تيار ٿي ويون، پَرا ٺهي ويا ۽ دَنگا نڪري ويا. انهيءَ بدعت جي ابتدا خواجه ناظم الدين پنهنجي گورنر جنرليءَ جي زماني ۾ ڪئي. بندوق لڳي نه لڳي، شڪار ۾ پنڌ ڪري سگهي نه سگهي، ليڪن خواجه صاحب وڃي ضرور. ان کان پوءِ وري جناب ميجر جنرل اسڪندر مرزا، پريزيڊنٽ مملڪت اسلاميه پاڪستان. هر وڏيرو ڄڻ جمعدار حـَـسـُـو بڻجي پيو. اڄ...صاحب وٽ. اڄ خانبهادر...وٽ. مطلب ته هڪٻئي جي ريس تي وڏيرن وسئون ڪين گهٽايو. سٺيءَ بندوق جو پاڻ وٽ هجڻ ۽ شڪار جو سٺو بندوبست ڪري سگهڻ. صدر صاحب وٽ رسائيءَ جو واحد ذريعو ۽ شرافت خواه نجابت لاءِ خصوصي سند هئي. هتي آءٌ منيلا ۾ ئي هيس، جو هڪ زميندار جو خط پهتو، جنهن جو هي فقرو نه فقط منهنجي لکڻ جي تصديق ڪري ٿو، بلڪ سنڌي زميندار جي غلامانه ذهنيت جي پوري عڪاسي ڪري ٿو.
”گورنر جنرل صاحب جن مهرباني ڪري شڪار تي آيا. گوٿ گهڻي ٿي پر تتر اٿيو اڪيچار. مزمان به گڏ هيس سڀئي گودر سٽيا ويا. خدا جو شڪر جو دل گهريا پکي اٿيا. سڀئي خوش ٿي ويا. ڀاڙي وارن کي سو ڳالهه ڪانه وڻي حالي ته وهه واهه ٿي وئي پوءِ ڏٺو ويندو.“
خير، اهو ته هو جملو معترضه. وري اچون ٿا شڪار جي شوقينن تي.

* * *

هيڏنهن غيبي خان هو، ته هوڏنهن انهيءَ ڪڙيءَ تي هوندو هو سردار واحد بخش خان ڀٽو. غضب جو توپچي، هٿيارن پهنوارن جو شوقين، شڪار جو خفتي. هو گورن کي اصل ڪونه گهرائيندو هو. ديسي دوستن سميت پاڻ پيو مزا ماڻيندو هو. سيارو آيو، ڪڻڪن ڦوڙيءَ مان منهن ڪڍيو، سرنهن جي سـَـلن ڌرتيءَ مان جند ڇڏائي ڪـَـرُ مٿي کنيو، ۽ چڻن مٽرن جي پوکن ۾ پـَـلي ٿي، ته ڪچي جيِ ڪيٽين ۾، ڇَنائن اوطاقن ڀرسان آڇا آڇا خيما کـُـپي ويندا. ماڻهو درياءُ ٽپي هِن ڀر ٿيندا، ته ٻيٽ مان ئي ائين پيو معلوم ٿيندو، ڄڻ اڇن ڪونجن ڪَرَ مٿي کنيان آهن. سڀئي سمجهندا ته ٻيلي ڀـُـٽي مئزل [6] ڪئي آهي. شام جو تترن تي پئي ٺڪا ٺڪي ٿيندي. جهنگن جا گودر ۽ پوکن جا پاسا پَلَو سنوان ڪري، اچي هڪل ٿيندي پوکن ۾. شام جو سج لٿي کان اڳ پکي پوکن ۾ سٿ ٿيو پيو هوندو. بس بڇ شروع ٿي ۽ ”اَچي! اَچي!“ پئجي ويندي. بگڙا ڀڙڪا ڏيون پيا اٿندا. ڪارو تتر زمين تان ئي ذيل منجهان لاٽ ڪري آسمان ڏي اٿندو. اڃا سڌو ٿيندو ئي مس ته ٺڪ ٿي ويندي. بُجَ اتي ئي آسمان ۾، پاڻ ويڙههبو سيڙهبو ڦهه اچي پٽ تي ڪندو. ”واه واه!“ ٿي ويندي. ايتري ۾ وري ٿيندي. ”اچي! اچي! اهو! اهو!“ ولر اٿي کڙا ٿيندا. ٺا! ٺا! جاڙيون پيون ڇُٽنديون ۽ تتر ائين پيا سٽڪا ڪندا، ڄڻ ڦُلا ٿا ڀُڄن. تتر ڪري، سو توپچيءَ جي شان وٽان ڪونه هو. اتان ئي گُدَ ٿيو ايندو، ڄڻ کينهونءَ اچي سٽڪو ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن باوجود ٿَڪَ جي، ڇيڙَن کي به اهڙو مزو اچي ويندو، جو پيا ڪندا. ”واهه خان، واهه!“ ”واهه سردار، واهه! کينهون ٿي آيو“، ”ير، گد ٿي ويو!“ ”ير، رومال ٿي ويو!“ ”واهه سائين واهه!“ ”ها سائين، توبچي اهي چئجن!“
صبح جو ڪنهن ڍنڍ تي آڙين مٿان ڌوڙيو هوندو ۽ وڏي اَسـُـرَ جو وڃي کُڏِڻن ڀيڙو ٿبو. پهرين اَسـُـرَ جو جڏهن جانور گودرن ۽ پوکن مان چرڳ چري، چارئي ڪکيون سيون ڪري، اچي جهنگ ۾ پوندا. ان وقت چوڌاري ڪڙو چڙهي ويندو، گهٽ گهير وٺجي ويندا، قناتان لڳي وينديون، ۽ باهيون ٻري وينديون. جانور سڀ جهنگ ۾ مـُـوڙهه. اهو گويا اوسَرُ ٿيو. اڃا اونداهه هوندي، جو توبچي کڏڻن ۾ ويهجي ويندا ۽ ڪي ملازم بندوقان کڻي وڃي مـُـهاڙيون جهليندا. جڏهن دنگن ۾ اک سوجهرو ٿيندو، ان وقت ”الاتهار“[7] ٿيندي. جهنگ جهر ۽ ٻوڙي ڪانهن ۾ داسا هڻندا، هڪلان ڪندا، جانورن کي گاريون ڏيندا، ڇيڙا اڳتي وڌندا ايندا. پهريون ڪڙو چاڙهيندا، پوءِ ڏيندا، جهنگ کي سيران ۽ هڻندا گهوٻيون. ان کان پوءِ جهنگ سنئون ڪري، وڏيءَ هڪل کي وٺندا. رونشي لاءِ دهلاري به گڏ ته شرنائن وارا به ساڻ. سڄي جهنگ ۾ هُڙُ بگَهاڙيو ٿي ويندو. بَڇَ وارا هڪٻئي جا نالا کڻي پيا هڪٻئي کي ”ڀيڻهان“ ”ماڻهان“ ڪندا. چي:

”رُگهو هڻ ڀيڻهان!“
”سست ٿي پيو آهين!“
”زور سان!“
”لُڙُ ڪَرِ لُڙ!“
”وِ ٿي نه ڪيو وچ ۾ ڙي! وِٿي نه ڪيو!! جانور نڪري ويندا!“
شڪار جو جمعدار سڏ ڪري سڀني کي هوشيار ڪندو:
”اڙي انهيءَ ٿَمَ ۾ لڪو اَٿَو!“
”رگها هڻونِ! ڀيڻهان، رگها!“
”چڱيءَ طرح!“
”وارو ڪجانءِ!“
”اِهو! اِهو!“
”نِڪتو ٿو وَڃئي!“
”اولاهون ٿو آچئي!“
”اڙي عدلو[8] خبردار ٿجانءِ!“
”ايڏنهن ٿِي ايڏنهن!“
”بدو[9] ڀيڻهان بگهاڙهو ڪر بگهاڙهو!“
”ڇو ڍرا ٿيا آهيو!“
”ڪَن وٺجانءِ ڪَن!“
جيئن هڪل سوڙهي ٿيندي ايندي، تيئن جانور پريشان ٿي ڀڄڻ شروع ڪندا، سڌا اچي دنگن ۾ منهن ڪڍندا. جهنگ جي ويڪر مطابق کڏڻا هوندا ۽ هر کڏڻي ۾ هڪ - هڪ ٻه - ٻه توبچي، ريفلان هٿن ۾ ۽ ٻارهين بور واريون دوناليون، ايس. جي. ڪارتوسن سان ڀريل پاسي ۾. نر ڦاڙها هڪٻئي پٺيان سهڻن سڱن جا تاج مٿن تي رکيون، سڌو اچي قهري ڪانن ۾ پوندا. دنگي مان منهن ڪڍيو ناهي ۽ ڊسڪو ٿيو ناهي.
ٺا!
سڄي جهنگ ۾ پرلاءُ پئجي ويندو، ڄڻ گولي سڀني جي ڪن کان لنگهي وئي. گهڙيءَ لاءِ ماٺ ٿي ويندي. جمعدار کي جهٽ معلوم ٿي ويندو ته ڪهڙي کـُـڏ تان ڪهڙي شڪاريءَ بندوق هنئين، ٺڪاءَ جي انداز مان سَهيو ڪري ويندو ته جانور کي لڳي يا گولي گٿي.
جڏهن هڪل جو پرو سوڙهو ٿيندو ٿيندو مورڳوئي اچي ويجهو پوندو، تڏهن ته ڪٽڪو پئجي ويندو. هيڏهن ٺڪاءَ پيا ٿيندا، هوڏنهن دهلن جو ڌڌڪو ڌم ٻاريندو. شرنائن وارا پنهنجي ليکي ليءِ کي چوٽ چاڙهي ڇڏيندا. هڪل جو هوڪرو جدا وڃي آسمان کڻندو. بس پوءِ ته جهنگل ۾ منگل لڳي ويندا. الاهيِ رنگ، لکين مزا. جي ڪو ان وچ ۾ يارنهن اڱرو مرون هٿ اچي ويندو ۽ ٿَمَ مان نڪرڻ جي نه ڪندو ته ڪتائي لوڌ جون رسيون ڪڍي ڇڏيندا. ’باهو‘، ’ڳولهو‘، ’ورائو‘، ’ڪاڍو‘ ۽ ’واٺو‘[10] سڀئي اچي ٿم وٽ ڪٺا ٿيندا. جڏهن سوئر ڪڍي ميدان تي آڻيندا، تڏهن باهڙ بند ٿيندي. سوئر، جي توبچين کان ڦٽجي نڪتو، تڏهن به ڪتا ڪڍ لائبس. جڏهن وڃي باهڙجي بيهندو، تڏهن ڏڦي وارو اچي پاسو وٺندس.
مطلب ته نيرن مهل اوسر جو اهو مامرو مسين مسين وڃي پورو ٿيندو. ڪايءَ ۾ جانور کڻائي هرڪو توبچي پنهنجي کڏڻي تان اٿيو جهنگ کان ٻاهر ايندو. ڇيڙا به سيءَ ۾ ڪـُـرنڊا ٿيا، ماڪ ۾ سارا پسيا هـُـڙڪندا ۽ هـُـڙ هـُـڙ ڪندا، اچي پري کان پاسو ڏئي بيهندا، جيئن اُچيءَ ذات وارن اڳيان مليڇ بيهن، چهڙا يا چمار بيهن! هونءَ به دستور آهي، غريب ماڻهو کي وڏي ماڻهوءَ کان هٽي بيهڻ کپي. خدا پنج ئي آڱريون برابر ڪونه ڪيون آهن- چڱن جو چوڻ آهي- انهيءَ کي ادب چئبو آهي. ان کان سواءِ سندن لٽن ۽ بت ۾ به ته پگهر جي ڌپ هوندي آهي، جنهن جي ڇـَـٽَ وڏن ماڻهن جي نازڪ حس کي وڃي ڏکوئيندي آهي، توڙي هزار عطر عنبير وڏا ماڻهو ڇو نه لائي اچن! اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو پگهر سندن ئي عيش عشرت جي ساز سامان مهيا ڪرڻ ۾ انهن کان نڪتو آهي، پر آهي ته تنهن هوندي به پگهر، ڇٽ وارو ۽ بدبودار! اميرن جو پسينو ته ڪونه آهي، جنهن کي قصيده گو شاعرن عرق گلاب سان تشبيهه ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ ليوينڊر ۽ لوشن جا اجزا گڏيل هجن، خس ۽ مشڪ جي عطر جي آميزش هجي! هتي ته ڪنهن کي ڦاٽل رلي لڱن تي، ڪنهن کي پهرينءَ لام جي ڪنهن مئل فوجيءَ جو نيلامي ڪوٽ بت تي، خاڪي رنگ جو ميرو ۽ ڪـِـڻُ ڄميل، پتل جي بٽڻن سان، جن تي فوجي نشان چٽيل، جن مان ڪجهه غائب ته ڪجهه اڃا لڳل، ڪن کي ميم صاحبن جا لاٿل ولائتي ڪوٽ بدن تي، بجرا، وڏن ۽ رنگا رنگي بٽڻن وارا، هنڌان هنڌ کاڌل ۽ چتين سان چٽيل، ڪن جي ڪياڙي ۽ ڪفن تي کٿور ٻلن ۽ ولايتي لونبڙن جون کلون لڳل، نرم نرم ۽ گرم گرم، جي بٽڻ ڀڳل ته انهن جي جاءِ تي سوراخن ۾ وٽيل سٽ جا ڌاڳا وڌل، جن کي وري اهي به نصيب ۾ ڪونه هئا، تن کي نياڻين يا پنهنجن ننگن جون پوتيون ۽ روا مٿئين ڌڙ کي ويڙهيل- سيءَ اولو جو ڪرڻو ٿيو! ڪوٽ نه پڳو ته رئو پوتي ئي سهي! هيٺ تي اَلبت سڀني کي گوڏيون، ڪي نيليون گـَـهريون ته ڪي هلڪيون، ڪي سايون ته ڪي مونڱيون، ڪن جو رنگ بنيادي طرح ته اڇو هيو، ليڪن مسلسل استعمال ۾ رهڻ سبب رنگ مٽجي اهڙو ٿي ويو هيو جو انهيءَ جو نالو ٻڌائڻ ئي مشڪل آهي- اهڙي رنگ جو اڃا نالو ئي رٿيل ڪونه آهي. رنگن جا نالا به ته وڏن ماڻهن جا رکيل آهن، انهن ڀلا اهڙو رنگ ڏٺو ئي ڪونه ته نالو ڪيئن رکن؟ خير اهي گوڏيون به هڪ جهڙيون ڪونه. ڪي وڏيون ته ڪي ننڍيون، ڪي سٿر تي ته ڪي گوڏي تي، ڪن کي ويهڪ واريءَ جاءِ تي وڏي چـَـتي لڳل ته ڪن کي وچان ڇڙو ٽوپو ڏنل، ڪا ورلي انهن عيبن کان خالي، نه ته گهڻو ڪري ڪانه ڪا لنجڻ مڙئي سڀني ۾ هوندي. تازيون ته ورتيون ڪونه هوندئون، ڪن سارن جي ٻار کڻي ورتي هوندي، ڪنهن سرءُ جي ٻار کڻي ڳڌي هوندي- ڪنهن کي ته چئن مندن کان به اڳ جي هوندي- وچ ۾ ٻار جو اَنُ جو ليکي چوکي کان ڪونه بچيو ته ڪٿان وٺندو! ڪنهن ڪنهن جي پير ۾ ڪا پراڻي کٿل جتي هوندي جيڪا استعمال ٿيندي ٿيندي سڪي باٺر ٿي وئي هوندي، ورنه عام طرح سڀني جا پير اگهاڙا، جن جي کل تتيءَ ٿڌيءَ ۾ گهمي گهمي جنسي ڪاٺ ٿي ويل. اهڙن پيرن کي جـُـتيءَ جي ضرورت هئي به ڪانه. هي پير انهيءَ حد تي وڃي پهتا هيا، جتي نه سرديءَ جو گذر نه گرميءَ جو، جنهن تي نه ٻاٻرو ڪنڊو اثر ڪري نه نانگ جو ڏنگ، جنسي ڇوڏو، جهڙو هڏو، سـُـوئو کڻي ٽنب، جي سيسراٽي اُڀري! سومهياڻيءَ جو گهران ڀور وجهي هليا هئا ته وري هن مهل تائين نه اَن وات ۾ نه پاڻي پيٽ ۾.
وڏيرا صاحب ته پنهنجي معزز مهمانن سميت چانهن، آنن، حلون ۽ پڪوانن سان ٿورو گهڻو منهن اولو ڪري نڪتا هئا ۽ وري به ناشتي لاءِ ست رڇيون تيار هونديون. ڄاڻ وڃي پنهنجي الله جا احسان بجا آڻي واپرائيندا. سرديءَ جي انهن کي ڪهڙي ڪاڻ! اندر گنجيون، مٿان قميصون، انهن تي اوني سئيٽر، تنهن تي وري ڪوٽ ۽ ڪوٽن مٿان به اوور ڪوٽ. ڳچيءَ ۾ مفلر ۽ هيٺ تي گرم گبارڊين جون برجيسان. جورابا، انهن تي لانگ بوٽ ۽ بوٽن تان جون پٽيون هليون ته سڌيون وڃي گوڏن تي نڪتيون. سيءَ جي ماءُ ويائي آهي، جو اتي ايندو! مالڪ نيٺ مالڪ، ڇيڙا نيٺ ڇيڙا ڪنهن نه جهڙا! انهن لاءِ ديڳ ڀـَـت جي لڙيءَ ٻي پهريءَ تائين اچي لهندي، جنهن ۾ ڪانگڙي جو ڏارو ۽ ڏڪرو رڌل هوندو. تاهري ٿي ته عيدان ٿي وينديون، ۽ جي ڇڙو مٺائيءَ جو ٻرڪو پيو ته به لک لائق، ورنه بنان گيهه جي گانبيءَ دار گارو به اکين تي، ڄڻ سون آ. مڙئي مالڪن جون مهربانيون، نه ته هو انهيءَ جا لائق به ڪونه هئا! هنن کي پيٽ ٿورو ڀرڻو هيو! هنن کي ته مڙوئي بک جي باه مارڻي ۽ سڙئي پيٽ جي آڳ اجهائڻي- جيڪا اميرن جي ته ماهين کيرن، چاهين ۽ شربتن سان وسامندي هوندي، پر هنن جي ته گانبيءَ جو گرهه ۽ مٿان پاڻيءَ جو ڍڪ به ٺاري سگهي ٿو. هنن وٽ سوال هيو وقت ٽپائڻ ۽ ويلي ٽارڻ جو. شام جو وري جو تترن جي بڇ سامنهن هئي، اسر جو ”سوڀي جي پڙن“ وارو اوسر، پرينءَ ”ڏنوءَ جي ڦير“ وارو شڪار، تنهن پرينءَ ”پنهونءَ واري“ هڪل. اهڙيءَ طرح ساندهه ڇهه ڏينهن صبح، شام ۽ اسر کين پنهنجي زميندار جي ڇيڙ ڏيڻي پئي هئي. رعيت ۽ راڄ جو ٿيو! ديهه ۾ ويٺل ڪڙمي ڪامي جو ٿيا! سڏ صلح اهي نه ڏيندا، ته ٻيا ڪير ڏيندا! شيل شڪار، اهي ئي جڏهن هوندا تڏهن ته رنگ رکي بيهندا.

* * *

ڪوٽ مير محمد خان جا ٽالپر، سرڪار مير مير محمد خان، حضور مير سائين مير رضا محمد خان، مير سائين مير راز محمد خان، ڪوٽ ڏيجيءَ وارن مان مير سائين غلام حسن خان ۽ مير سائين غلام حسين خان، خود خيرپور جو والي هزهائنس حضور مير علي نواز خان ٽالپر، جنهن جي شڪار جو ڇڙو مهتم حسو خان جمعدار ئي چئي کڻي بس ڪجي- جهنگ جهر مٿان پاڇو، اصل چهڙو پوءِ مسلمان ٿي شيخ سڏجڻ لڳو، معمولي ماڻهو هيو، ليڪن مير سائين سرڪار جو راز جو ٿي ويو. ته ڪنڌ وڃي آسمان تي پهتو زمين تي نظر ڪٿي پوندي؟
باليءَ واري بگي خان جي خيرپور جي شهر ۾ رات هئي ته حسو خان جو ٻاهرين ملڪ مٿان ڌاڪو. شڪار لاءِ خاص چوڪڙيون ۽ مهاڙيون مخصوص. مجال آهي، جو ڪو ڍور اندر ٽپي يا ڪو ماڻهو لام مُڇي. حسو خان جي ڪـُـڇڻ جي دير، سڌو ڏيجيءَ جي ڪوٽ تي. سڌيون ڪاروايون ڪري چڪندو هو. مير صاحب کي ڪو دانهن به کڻي ڏئي، تڌهن به ٿيندو ڇا؟ حق ته هميشہ ۽ هر حالت ۾ ائين به حسو خان جو پاسو کڻي بيهندو هو. شڪار جي سڄي چانچ [11] سندس حوالي جو هئي، تنهنڪري ٻڌيءَ ڇڙيءَ جو مالڪ پاڻ هو.

* * *

ڏِنون شيخ؟
حسو خان جي جاءِ تي؟ يَرَ ڇا ٿا چئو!
حسو خان جي جتيءَ ۾ ڪو ماءُ ٻچو پير وجهي سگهندو؟
کڻي سؤ دفعا سندس سؤٽ هجي!
جهنگ جي ماڻهن جون جـَـهونَڙيون [12] هن لاٿيون. ٻئي کي مجال آهي! اها ته يَرَ برابر ڳالهه آهي. ماڻهو ته ماڻهو، پر لئي لاڻون به پيو کانئس ڪَنَو کائيندو هو.
شل مرهيات کي بشت [13] نصيب هجي! ڏسؤن مير سائين ڇا ٿو ڪري؟
مير سائينءَ جي ڪامپ[14] جي ڪامِن، باهه جي مَچَ تي سياري جو سيءَ لاهيندي اهوئي مذڪور ڪيو، جڏهن وٽن خبر پهتي ته ڪالهه سانجيءَ جو جمعدار حسو ڪَڻِسَ [15] ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

* * *

اِهي هئا اُهي زمانا، جنهن ۾ شوقين توپچين جا هٿيار مستري محمد الدين وٽ مرت لاءِ ايندا هئا. مستري مرمت ڪندو به دل سان هو ته پيسو به کڙڪائي دل تي وٺندو هو. پورهيا ڪڙمين جا، ڪمايون سڄيون زميندار جي کيسن ۾، پوءِ مـَـن گهريا پيسا مستري صاحب کي ڇو نه پيا ملندا.
ٻٽوان وار ڪياڙيءَ تائين، ٿلهيون مـُـڇان، ڏاڙهي فرينچ ڪٽ جي نموني تي چاپئين، جنهن کي کاڏيءَ وٽ چير ڏنل، اهڙو پيو لڳندو هو ڄڻ فوج جو جمعدار يا صوبيدار ميجر آهي. ڪم ڪندي ڪندي جڏهن ساهي کڻندو هو، ان وقت حقي جو نڙ جنهن جي چوڌاري واڻ ويڙهيل هو وات ۾ وجهندو، ۽ پاسي مان ’بانگ درا‘ کڻي، ان جوبه مطالعو ڪندو. ’شڪوه ۽ جواب شڪوه‘ به سڄو ياد هيس:

دشت تو دشت، دريا ڀي نه ڇوڙي هم ني،
بحر ظلمات مين دوڙا دئي گهوڙي هم ني!

جڏهن انهيءَ قسم جا بيت پڙهندو هو، تڏهن سندس خيال بندوقن جي ڪندن، ريفل جي ماشن ۾ دونالِن جي جوهردار نرين تان- بلڪ کڻي چئجي ته حال تان هٽي وڃي ماضيءَ جي ڪٻاڙخاني ۾ پهچندو هو- دمشق، بغداد، غرناطو، دهلي، اسلام جو غازي سلطان محمود غزنوي، محي الدين و الملت عالمگير غازي! جڏهن ڪتاب ٻوٽي، ڌمڻ ۾ هٿ وجهندو، تڏهن ٿڌو ساهه کڻي چوندو:

”هائي! هائي! اجي ڪيا دن ٿي!“
ڌمڻ منجهان نڪتل هوا سان گڏ مستري مرحوم جي ٿڌي ساهه جو ڇوڪارو به تتل نـَـريءَ تي وڃي ٺهڪو ڪندو هو.

”اسرارِ خودي“ ۽ ”رموز بيخودي“ ڪڏهن شايع ٿيا، انهن جي خبر ڪانه هئي. نه ’خودي‘ ئي سموسٽو ٽپي سنڌ ڏي آئي هئي. اصل ۾ ‘خوديءَ’ جي ڪل ته اسان کي تڏهن پئي، جڏهن ون يونٽ کان پوءِ پنجاب ۾ هر ’شاهين بچي‘ جي خودي ايڏو بلند ٿي وئي، جو نه فقط يزدان جي ڳچيءَ ۾ ڪمند پئجي ويو، بلڪ خود خدا کي به پنجابي بندن جي رضا جوئيءَ کان سواءِ ٻيو چارو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. ڊاڪٽر صاحب جو ”بال جبريل“ سو انهيءَ زماني ۾ تازو نڪتو هو، جنهن تي ڪڏهن ڪڏهن مرحوم محمد اسحاق [16] سٽي ماجسٽريٽ جي علمي خواه غير علمي مجلس ۾ شام جو بنگلي جي پٺئين اڱڻ ۾ بحث ٿيندو هو. علمي هن ڪري چيم، جو ڪي علم دوست به وٽس ايندا هئا ۽ غير علمي هن ڪري جو سرڪاري ڪامورن جو مڙهه مقام به شام ڌاري اتي هوندو هو. اِهو اُهو زمانو هو، جڏهن مرحوم شاعر نه اڃا ’حڪيم الامت‘ بڻيو هو ۽ نه ساڻس مراسم هجڻ واريءَ ڳالهه کي ڪنهن باعث عزت سمجهيو ٿي. اهي سڀ ڳالهيون هن جي هـِـن جهان ڇڏڻ کان پوءِ جون آهن. پاڪستان جي مملڪت خداداد جو قومي شاعر، خدا جنت نصيب ڪريس، تڏهن ٿيو، جڏهن مولوي شبير احمد عثمانيءَ کي به ”شيخ الاسلامي“ عطا ٿي.

* * *

سکر ۾ لاڙڪاڻي جي مقابلي ۾ فضا ئي اور ڏٺم. گرم گوديءَ، سکر براج ۽ ريلوي هيڊ ڪوارٽر هجڻ سبب پنجابين جو شهر ۾ چڱو تعداد هو. چنيوٽ جا چرم فروش به زماني کان رسوخ ڪري ويا هئا. پهريون دفعو مون اتي گهريتيون عورتون رنگارنگي ۽ سهڻن پوشاڪن ۾ کلئي منهن رستن تي سيل سپاٽا ڪنديون ڏٺيون - پنجابين جون بلڪ سنڌين جون به. مسلمانن جو مڊل ڪلاس به اتي ئي پهريون ڀيرو ڏٺم. ورنه لاڙڪاڻي ۾ ته اکيون هڪ وڏيري تان ٿڙي ٻئي تي پونديون هيون، ۽ ٻئي تان ٿڙڪي ٽئين زميندار يا جاگيردار تي چڙهنديون هيون[1]. هونءَ ته ضلعي اندر هتي به ڪو گهٽ زميندار ۽ جاگيردار ڪونه هئا، ليڪن انهن جو شهر تي اثر ڪونه هو. ڪمين ڪارين ايندا هئا ته ائين ڄڻ مزمان - اهڙيءَ طرح جيئن مسافر، صبح آيا سانجهيءَ ويا. نه ڀٽو ڪالونيون هيون نه وڏيرن جون محل ۽ ماڙيون هيون. فقط ٻن زميندارن جا بنگلا هئا- هڪ خانبهادر درمحمد خان ڳڙهيءَ واري جو ۽ ٻيو خانبهادر جان محمد خان ڪوٽ سلطان واري جو. جڏهن پاڻ ايندا هئا، ته انهيءَ ۾ رهي ڪم ڪار لاهي، وري هليا ويندا هئا. زميندار جيئن لاڙڪاڻي ۾ شان شوڪت ۽ لاءِ لشڪر سان ايندا ۽ رهندا هئا، تيئن هتي ڪونه هو. نه ڪٽڪ ماڻهن جا ڪڍ، نه مانين جا دستر خوان ۽ نه نوڪرن جا ولر. ڪنهن کي ڪن نه جن. ڪو آيو ته ڇا، جي ڪو ويو ته ڇا. دڳ سير ۾ ڪنهن سان چار چشمي ٿي وئي، ته ”مابخير، شمابسلامت“ ٿيندي، ورنه ٿيو ڀلو. هرڪنهن ڏي خير.

* * *

منهنجي وڃڻ کان پوءِ البته ڪن زميندارن جي آمدرفت گهڻي ٿيڻ لڳي، ليڪن شهر سان تڏهن به انهن واسطو وجهه ڪونه رکيو. مثلاً، مرحوم خانبهادر جان محمد خان پٺاڻ بمبئي ڪونسل جو ميمبر هو- نهايت نيڪ، ڏاڍو سنجيدو، پٺاڻڪي تيز ۽ تک اصل ڪانه، عقل ۽ سمجهه سان به بهرور، ائين ڀانئبو هو ڄڻ ڪوٽائي پٺاڻن مان آهي ئي ڪونه. قد جو بندرو، پٽ جي ٽوپيءَ تي پشوري لـُـنگي ڏاڍي سهڻي نموني ٻڌل، قميص ۽ شارٽ ڪوٽ، سلوار ۽ سليپر. هڪ ته ڪوٽ جي ماحول سان سندس مزاج مناسبت ڪانه ٿي کاڌي. ٻيو ٻارن کي پڙهائڻ جو سک به سکر ۾ هو، تنهنڪري پارسي ڪالونيءَ ۾، ڪليڪٽريءَ جي پٺيان، پنهنجي بنگلي ۾ اچي رهڻ لڳو. جڏهن ملندو هو، ته ڏاڍي قرب ۽ محبت سان، ليڪن گهـَـري پوڻ جي طبيعت ڪانه هيس، تنهنڪري هميشہ دورباش خوش باش تي عمل ڪندو رهيو.

* * *

خانبهادر محمد پناهه خان ڊکڻ- رب شل جنت ۾ جايون ڏئيس، وڏي اوج، اقبال ۽ طمطراق جو صاحب هوندو هو. سنڌ انهيءَ رنگ ۽ ڍنگ جو پٽ وري پيدا ڪري نه سگهندي. هيو تعلقي ڳڙهي ياسين جي آخري ڪنڊ جو وچولو زميندار، ليڪن ڌاڪو سڄيءَ سنڌ تي هيس. ٿلهو متارو قداور سهڻو مڙس، هلندو ته ڄڻ ڪنهن مملڪت جو مالڪ گلگشت ڪندو اچي ٿو. سهڻي ڪٽ تي سلوار، اعليٰ درجي جي جورابن تي ولايتي شو بوٽ، شارٽ ڪوٽ، قميص تي بو ٻڌل، ترڪي ٽوپيءَ کي پاسي تي موڙو ڏئي ڪجڪلاهيءَ جو شان پيدا ڪندو هو.

هر نازنين ڪہ بينم جلوه ڪنان براهي،
آهي ز دل برارم بر ياد ڪجڪلاهي.

خوش خوشاڪ، خوش خوراڪ، مجلس جو شوقين، يارن جو يار، ماڻهن کان سواءِ منٽ به رهي نه سگهندو. کل چرچو، ڀوڳ ٺڪاءُ، مانيون چاهيون، ڪيڪ مٺايون، مطلب ته جيڪو وٽس ويندو ته موڪلائڻ مهل ٻه ڳوڙها ڳاڙي پوءِ جدا ٿيندو. جنهن ڏينهن وٽس ڪو مهمان ڪونه هوندو، پنهنجي حياتيءَ جو اهو نڀاڳو ڏينهن ليکيندو. ماني هر ويلي تي ٻه - ٽي قسم پچندي هئي. مهمان ڪونه هوندو ته ڳوٺ مان ڪنهن کي سڏي پاڻ سان گڏ کارائيندو. ٻئي کي کارائڻ ۾ جيڪا خوشي مان ان بزرگ کي ڏٺي، سا ٻئي ڪنهن کي ڪانه ڏٺيم. ليڪن سندس ڪڙيءَ جو ٻيو ڪو درياه دل مهمان نواز ٿيو به ته ڪونه. رهڻ ڪرڻ، اُٿڻ ويهڻ، رک رکاءُ ۽ هلڻ چلڻ جو جيڪو کيس ڍنگ هو، سو لک خرچي به ڪنهن کي ڪونه نصيب ٿيو. شان، دوستي ۽ مهمان داري، اهي ٽئي وصفون محمد پناهه خان سان گڏ لحد ۾ لٿيون. جڏهن سندس قضيو ٿيو [2] ان وقت دوستن جي دلين کي ته خير ڌڌڪو پهچڻو هو سو پهتو، ليڪن دشمنن کان به دانهن نڪري وئي:

”محمد پناهه خان!“
”ڊکڻن وارو؟“
”سچ ٻڌاءِ!“
”گذاري ويو؟“
”ابوءِ!“
”مڙئي يَر ڪاريگر جا ڪم آهن!“
”الله سائين بخشيس، واه جو مڙس هو!“
”هائو ڀائو! وري ڪي اهڙا مڙس پيدا ٿيندا ڇا؟“

مرد اهي چئجن، مرن ته دشمن کان به دانهن نڪري وڃي ۽ چئي ته ٻيلي واه جو مڙس ويو.
چوندا آهن سـِـرَ سـِـرَ ڪل آهي ۽ سڄي بخت جي بازي آهي،ماڻهن ڊکڻن جو ڳوٺ سندس هوندي به ڏٺو ۽ هاڻي به ڏسندا هوندا. جڏهن خير سان پاڻ جيئرو هو، ته سڄو شهر ڄڻ جيئرو هو، ماڻهو ڇا، در ديواريون ۽ وڻ ٽڻ پيا ٻهڪندا هئا، هڪ تحرڪ ۽ هڪ چرپر هوندي هئي. انهيءَ زماني ۾ صبح ته صبح پر ڊکڻن جون سانجهيون ۽ راتيون به صبح کان وڌيڪ پيون تجلا ڏينديون هيون.

مير سد بادِ صبا، از يار يادم ميد هد،
زان خرامان سرو خوش رفتار، يادم ميدهد. (جامي)

اڄ ته ڊکن جي ٽاڪ منجهند به ڄڻ شام غريبان پئي لڳي، سڄو شهر اُداس، ڄڻ ڪنهن رَن جوءِ جو وٿاڻ آهي- ويران، گويا مڙس جو مڪان نه پر مـُـردن جو مقام آهي. هڪ ماڻهو هو ليڪن بختاور، اهو ويو ته سڄي شهر جي قسمت، خوشي ۽ خرمي پاڻ سان کنيون ويو.

در ديار خوبرويان دلربائي يافت نيست،
يا به شهر عشقبازان هيچ صاحبدل نماند. (جامي)

ڪنهن زماني ۾ مرحوم وائسراءِ جي اسيمبليءَ جو ميمبر به هو. دهليءَ ۾ اهڙي شان شوڪت سان رهيو، جو هندستاني راجائون ۽ نواب به ڪنڌ ڦيرائي ٻه دفعا پيا پڇندا ته هي ڪٿان جو مڙس آهي؟ سنڌ جو نالو حقيقت ۾ سندس انهيءَ هلت چلت دهليءَ ۾ مشهور ڪيو. لوڪلبورڊ جو ميمبر ۽ اسڪول بورڊ جو چيئرمن پڻ هو. سکر ۾ انهيءَ سلسلي ۾ گهڻو اچڻ ٿيندو هيس. ڪجهه مهمان پاڻ سان ورتيون ايندو هو ۽ باقي ميڙا چونڊي سکر ۽ سکر جي آسپاس مان ٿيندي هئي. بس جيترا ڏينهن رهندو، اوترا ڏينهن رونق لڳي ويندي. در تي بگيون، موٽران، بورچيخاني مان داغن جا هڳاءَ پيا اٿندا، محلي جي ويشنو هندن جو به هڪ لڱا ساهه گهرندو ته هوند ماس ذرو واپرائي ڏسن! مطلب ته:
خوش داشت خويش را، دوسه روزي که زنده بود!

* * *

ٽيون زميندار هوندو هو ڳڙهيءَ جو خان شمس الدين خان عليہ الرحمة، جنهن کي اسان سڀ ”خان وڏو“ سڏيندا هئاسين. سنڌ جي زميندارن ۾ اهڙو عجيب و غريب ماڻهو نه ٿيندو. اهوئي پهريون زميندار هو، جنهن آمدنيءَ ۽ خرچ جي بجيٽ ٺاهي، جنهن حساب ڪتاب رکيو، جنهن روانگيءَ جي هڪ هڪ پائيءَ تي نظر رکي، جنهن پئسا بچايا، جنهن خود هندن کي به وقت تي اوڌر پاڌر ڏني. اهو پهريون وڏو ماڻهو آهي، جنهن پنهنجي سموري زندگي يڪسان ۽ بنان عيب جي گذاري ۽ ڏاڍي اطمينان ۽ آرام سان بسر ڪئي. مجلس جو مور، ڳالهين جو ڳهير، راڳ رنگ جو شوقين، سـُـرَن ۽ سازن جو ڄاڻو، واڄي ۽ وڄت جو پارکو. جوانيءَ ۾ ته پاڻ به ساز سرود وڄائيندو هو، راڳ ڳائيندو هو، ۽ ڳائڻ وڄائڻ وارن جي هڪ سنگت ٺاهي چوڪيون ڪندو هو. مون سان پاڻ ڳالهه ڪيائين ته ڪيترا ڀيرا مرحوم مولانا عبدالغفور همايونيءَ کيس سنگت سميت گهرائي، ڏينهن جا ڏينهن پاڻ وٽ رهائي راڳ ٻڌو.
حاجي خانڻ شاعر سان ڀائپيءَ جو رستو هيس. لاڙڪاڻي مان گهوڙيءَ تي چڙهي، وٽس اچي مهينن جا مهينا رهندو هو: اڇي چاپئين سنهاري، جنهن کي ميندي لڳل، لنگي مٿي سان، نيرو وڏو پيراهن، ٻه تختي ڪائنچ ۽ سنڌي جـُـتي پير ۾، جڏهن ويهندو ته چادر ۽ گوڏن کي ويڙهي ڪانڀ ڪڍي ويندو، اهو حاجي خانڻ جو حليو خان وڏي پاڻ مون کي ٻڌايو. حاجي خانڻ جي ڳالهه ڪري خان وڏو هي ڪلام ڏاڍي مزي سان ٻڌائيندو هو:

چيٽ توڙي ڪـَـتي، اسان داوَن تنهن جي وتي!

1- ساريون، جوئر، آڀون، ڳنان، پڪيون پوکان ٻڌن ٻـَـنان،
لائيءَ لاباري هلن رَنان، انڌي ڪاڻي متي!
اسان داوَن.....

2- سرنهه، ڄانڀو، مـَـٽر، چڻان، آلہِ ڪندو سنڌ ۾ گهڻان،
پيسي کاري مڇي کـَـتي، جهڙو چيٽ تهڙي ڪـَـتي،
اسان داوَن.....

3- حاجي خانڻ هلندو هل تون، ڀلو ڪندئي ڀـَـلي،
جيڪو گري گنجي پلي، گڏه تنهن جي ڪانهين گَتي،
اسان داوَن.....

حاجيءَ جي هيءَ ڪافي پڻ وڏيءَ لئي سان خان ٻڌائي موج ۾ اچي ويندو هو:

ڏک ڏولاوا ڏاج، ڏئي ويا ڏير مئيءَ کي، الا!

1- گهوريا گهر ڀنڀور جا ڀيلا، ويهي گذاريان تهن ۾ ڪينءَ ويلا،
مولا ڪندو محبن سان ميلا، ڪوڙين ڪنديس پوءِ ڪاج،
ڏئي ويا......

2- سسئي ڀنڀور ڪندس مون بيزاري، پنهل ڪندو پاڻهي مون پوئواري،
ڳل ڳچيءَ ۾ پائيندس ڳاري، جو هٿئون پيڙم هاج،
ڏئي ويا......

3- حاجي خانڻ انهن جي آهيان، چوريءَ ويا تڀي نابر ناهيان،
آس اميد اڃان نٿي لاهيان، ملندم يار ڪنديس معراج،
ڏئي ويا......

خان وڏو اهلِ دل هو. سٺو بيت ٻڌندو، سُرَ جو آلاپ سڻندو، وڄت جو سـُـر تال ڪن تي پوندس، بس روح ۾ ڄڻ تراوت اچي ويندس، سڄي منهن تي رونق اچي ويندس ۽ چپن تي مرڪ نروار ٿي اينديس. پيو چوندو:

”واه! ميان حسام الدين شاه، واه!...

”واه! واه!...

”ڏسو ته ڇا ٿو پيو چئي!...
”سبحان الله! سبحان الله!!“

وڄت جو پنهنجي سر پاڻ به ڪاريگر هو. انهيءَ جوانيءَ واري دور ۾ ساز سرود سان گڏ دلي، مردنگ، مـِـشـِـڪ، سارنگي، ڍولڪ، يڪتاري ۽ طبلي کي به واه جو وڄايائين. ليڪن جڏهن اهي زمانا گذريا، اهي ماڻهو ۽ سنگتيون ويون، تڏهن پاڻ به صفا هٿ ڪڍي ڇڏيائين. ڪڏهن ڪڏهن موج اچي ويندي هيس، ته ٽيٻل تي ويٺي ويٺي چار آڱريون هلائي وٺندو هو. بس مزو اچي ويندو، گهڙي ساعت موج لڳي ويندي.
هڪ دفعي اسان ٻئي ڪراچيءَ واري ريواچند موٽومل جي ڇاپ ۾ وياسين (جنهن دڪان ۾ هاڻي ايڇ. غلام محمد ائنڊ برادرس جو دڪان آهي). شام جو وقت هو، کٻي هٿ تي ڊگهو شوڪيس اڄ به ائين رکيو آهي، جيئن انهيءَ وقت هو. انهيءَ زماني ۾ ڪراچيءَ جو به اوج هو، حاجي ڏوسل جي زوال کان پوءِ اهوئي هڪ دڪان هو، جتي هر شيءِ ملندي هئي. منڊمان، صاحبلوڪ، پرديسي، ديسي- مطلب ته سڄو دڪان خريدارن سان جهنجهيو پيو هو. خان جي طبيعت ۾ به ڪا اوچتو موج اچي وئي، شوڪيس جي هڪ طرف کان شيشي تي ٻنهي هٿن سان وڄت ڪندو وڃي ٻئي سري تي پهتو. اڃا پنج - ڇهه هٿ ئي مس کيان هيائين، جو دڪان ۾ بيٺل سڀني خريدارن جا ڪن کڙا ٿي ويا، خريد فروخت بند، انگريز، ميمان، ديسي، پرديسي جتي هئا، اتي ڄمي ويا. ڏهه - ٻارهن منٽ سڄو دڪان ڄڻ خان وڏي جي آڱرين تي نچيو ٿي! جڏهن وڄت کي وڃي توڙ ڪرائي، پويون هٿ هيائين، تڏهن سڀني وٺي ڏاڍيان تاڙيون وڄايون. انهيءَ شام جو خان وڏي جي طبيعت تي ڪا خاص بهاري هئي. وري اهڙو موقعو نصيب ڪونه ٿيو.
اسان ٻنهي جي پاڻ ۾ دوستي نه هئي، بلڪ عشق هو. ڏاڍو قرب ڏيندو هو، تمام گهڻو ڀائيندو هو، جيڪا شيءِ وٺندو سا ضرور ڏيکاريندو، لٽو چڱو ڏسندو صلاح ڪندو، سٺو سوٽ سڀرائيندو، پائي پهريون اچي مون کي ڏيکاريندو. زميندارن ۾ اسانجن وڏن ۽ ڀٽن کان پوءِ هي ٻيو زميندار هو، جنهن انگريزي لٽا پائڻ شروع ڪيا. لٽي ڪپڙي جو ڏاڍو شوقين هو، لٽا ديسي هجن چاهي انگريزي، بت جو سنهون ڇڙڪ ۽ سرو جهڙو سڌو هوندو هو، تنهنڪري پوشاڪ جسم تي ڏاڍو جوڙ ۽ جنسار رکي بيهندي هيس. شڪل، صورت، رنگ ۽ روپ جو به پٺاڻ هو، سهڻو، سفيد، ڳاڙهو، تنهنڪري جيڪي پهريندو هو، سوڄڻ پيو منهن تي پوندو هيس. ڏاڙهيءَ تي پاڪي گهميل، مڇان ڪينچيءَ تي ورتل. منهنجي جڏهن ساڻس واقفيت ٿي، ان وقت ئي وار اڇا جهڙا کير هيس.
پوئين زماني ۾ ڳڙهيءَ ۾ ڏاڍيون ڪچهريون ڪيونسين. منهنجو نوديري ٻڌندو ته هڪدم موٽر موڪليندو. هڪ طرف مون ڏي موٽر ايندي، ٻئي طرف مرحوم غلام صديق خان عيسانيءَ ڏانهن بگي بڊي ويندي. ٻئي وڃي ڪٺا ٿينداسين. ڏينهن تي ويٺي گذري ويندا، پر راتيون به اکين ۾ ڪاٽي ڇڏينداسين.

* * *

مرحوم عيساني به پنهنجو مت پاڻ هو. اهڙو ماءُ ٻچو وري ڪونه ٿيندو. جيد عالم، ڪتابن جو ڪيڙو، وڏو مفڪر، صورت ۾ خواه سيرت ۾ فلاسوفر، طبيعت جو، دل جو، رهڻي ڪهڻيءَ ۽ اٿيءَ ويٺيءَ جو درويش ۽ ڏاڍو سيرچشم، بلڪ سچو پچو ۽ صحيح معنيٰ ۾ اهل دل هو. هميشـ* خاڪي نـِـڪر پائيندو ۽ قميص به ٽؤيل جي خاڪي، جنهن کي ٻه کيسا سيني تي ڍڪ سان ۽ ڪالر. اها هميشہ جي عادت هيس. ماپ تي نه نڪر سبرائيندو هو ۽ نه قميص. قميص جي ڳچي چار آڱر کن وڏي هوندي هئي، جنهن کي پٺيان سيفٽي پـِـن هڻي ڇڏيندو هو، ٻانهان ڊگهيون، تن کي ڪلهي وٽ ور ڏئي پاڻ ئي اڇي ڌاڳي سان ٿلهو ٽوپو ڏئي ڇڏيندو، نڪر ايڏي موڪري، جو منجهس ٻه عيساني اچي وڃن، تنهن ۾ هڪ پراڻو پٽو هوندو هيس، سو ٻڌي ڇڏيندو هو، پٽي هيٺان نڪر کي ايترا گهنج ۽ وڪڙ اچي ويندا هئا، جو نه اڳ پـُـٺ جي خبر پوندي هئي، نه شيپ ۽ شڪل صورت جي. چوندو هو:
”ڀائو! مڙئي اگهاڙي انسان جا عيب لڪائڻا آهن، ان لاءِ ڪهڙا ويهي اهتمام ڪجن. جسم ايترو لهي ئي ڪونه، جو ان تي ايترو وقت ۽ ذهن ضايع ڪجي. اصل شيءِ اٿـِـي روح! ميان روح!! جنهن جي پـَـرَ گهـُـورَ ڏاڍي ضروري آهي.“
تنهائيءَ ۾ رهڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ پسند ڪندو هو. ملندو فقط انهن ماڻهن سان هو، جن سان روح ريڌل هيس يا وري جن جي ڳالهائڻ مان کيس ڪتاب جو مزو ايندو هو، ورنه عامي ماڻهن کان- پوءِ ڪيڏو به کڻي لاٽ ڇو نه هجي- سخت پهلوتهي بلڪ هڪ معنيٰ ۾ نفرت ڪندو هو. چوندو هو:
”ڀائو! انسان خوفناڪ جانور آهي ۽ ساڳئي وقت فضول به. تنهنڪري ان سان ايترو وقت نه وڃائجي. ملجي ڇڙو انهن سان جن مان ڪا حاصلات ٿئي، جنهن جي موڙيءَ ۾ ڪجهه هجي، جنهن کان ڪجهه پرائي سگهجي، يا جنهن جي فطرت جو مطالعو ڪري ڪنهن نئين نتيجي تي پهچي سگهجي.“
بدجنس ۽ خسيس مزاج ماڻهو کان هميشه پاسو ڪندو رهيو. جڏهن رٽائر ڪري ڳوٺ آيو، تڏهن جدا ماڙي ٺهرائي، ان جي مٿئين طبقي ۾ رهڻ لڳو. چهل قدمي به انهيءَ جي اڱڻ ۾ ڪندو هو. پلويڙو ايڏو ڪڍرايو هئائين، جو نه مٿس ڪنهن جي نظر پئجي سگهي ۽ نه سندس ڪنهن تي نگاهه پوي. 5-6 سال پنهنجي ڳوٺ ۾ رهيو، ليڪن انهيءَ نوڪر کان سواءِ ڪنهن جو منهن نه ڏٺائين، جيڪو وقت تي سندس ضرورت جو ٽپڙ آڻي سندس اڳيان رکي ويندو هو - سيرب جو سامان، ماني ٽڪي، لسي ۽ کير، انهن وقتن کان سواءِ نوڪر کي مجال نه هئي ته وٽس اچي، ڪڏهن ڪڏهن پٽ کي اجازت هوندي هئي ته سخت ضرورت جي وقت ساڻس اچي پنج ڏهه منٽ ملي وڃي، يا سندس ڀاءُ غلام مرتضيٰ کي موڪل هئي ته ڪراچيءَ کان جڏهن اچي ته صبح شام ساڻس ملندو ڪري، يا راز هوندو هيس آغا شمس الدين خان سان، سو به جڏهن گهرائيندو هيس ته ويندو، ورنه ڇه ماهيون بلڪ سال به ٿي ويندو ته ڏاڪڻ تان هيٺ نه لهندو. ڪڏهن ڪڏهن روح گهرندو هيس، ته ڊکڻن ۾ وڃي محمد پناهه خان جي گهرٻار جي خبر رکي، ماني کائي، شام جو موٽي ايندو هو. ڪليڪٽر ٿي رٽائر ڪيائين. پهريون پگهار ۽ پوءِ پينشن، جڏهن ايندس ته کاڌي، ڪتابن جي خرچ ۽ پنهنجي خاص ملازم جي تنخواهه جا پيسا ڪڍي، باقي سڄي رقم مخفي طور رنن زالن ڏي، يتيم ٻارن ڏي، ۽ ڪن غريب عزيزن ڏي موڪلي ڇڏيندو. سندس پنهنجي کاڌ خوراڪ جو خرچ مشڪل سان پنجاهه کن هوندو هو. گوشت ورلي، ورنه هميشه ڀاڄيون کائيندو هو، لسي سڄو ڏينهن پيو پيئندو، سرنهه جو مٺو تيل مٿي ۽ بت کي ايترو هڻندو، جو پري کان ان جو جرڪاٽ ڏسڻ ۾ پيو ايندو، فروٽ سالٽ جا کوکا وٺي رکيا هئائين، ان جو استعمال صحت لاءِ ضروري سمجهندو هو.
ڪتاب، اخبارون جٿان ڪٿان هر مهيني پيو گهرائيندو. ڪتاب جو هر ورق ۽ هڪ هڪ حاشيو نوٽن ۽ لـيـِـڪـُـن سان ڀري ڇڏيندو. اخبار پڙهندو، ضروري خبر ڏسندو ته ڪٽنگ ڪري رکندو. انگريزن جو سخت ترين دشمن هو. ايڏيءَ شدت جي نفرت اسان ٻئي ڪنهن کي ڪانه ڏٺي. خود انگريزن جي وڏن وڏن قومي مخالفن کي به ساڻن ايڏي دشمني ڪانه هوندي. عيساني صاحب سندن قومي تاريخ جو تمام چڱيءَ پر مطالعو ڪيو هو. هرهڪ انگريز گهراڻي، بلڪ ان جي ستن پيڙهين مان، واقف هوندو هو. انهن جي قومي خصائلن جو، ڪردار ۽ فطرت جو، سندن سياست ۽ حڪمرانيءَ جي عيبن ثوابن جو، مطلب ته ايڏو واقف خود انگريز پاڻ به پنهنجو ڪونه هوندو، جيترو عيساني مرحوم هو. تنهنڪري سوچي سمجهي، وڏي تجربي، ذاتي مشاهدي ۽ گهري مطالعي بعد هن اها نفرت پيدا ڪئي هئي.
عيساني صاحب هندستان جي تاريخ جو به غور سان مطالعو ڪيو هو. سندس راءِ هئي ته مغلن جو زوال عالمگير کان پوءِ نه ٿيو، بلڪ ان جي شروعات عالمگير جي تخت نشينيءَ واري جدوجهد کان ٿي، ان جي ابتدا تڏهن ٿي، جڏهن هـُـن پيءُ کي تخت تان لاهي ڪاٺ ۾ وڌو ۽ برادرڪشيءَ جو آغاز ڪيو. کانئس پوءِ جيڪا شهزادن ۾ ڪشت و خون هلي، سا سندس انهيءَ پاليسيءَ جي صداءِ بازگشت هئي. جڏهن کيس ڪو ٻڌائيندو هو ته عالمگير ته هندي مسلمانن ۾ ’غازي‘ ٿو سڏيو وڃي، تڏهن ڏاڍيان ٽهڪ ڏيئي کلندو هو. چوندو هو:
”اسان جي قوم خواه اسان جا مورخ طبعاً شاهه پرست آهن. ڏٺو ڪونه اٿو ته هر فاسق ۽ فاجر، ظالم ۽ بدڪردار بادشاهه کي اسان جي مورخن ‘ظل الله’ سڏيو آهي!“
چئبو هئس ته: ”سائين! علامه اقبال به سندس لاءِ چئي ويو آهي:
ترڪشِ مارا خدنگِ آخرين!“
چوندو هو: ”ير ميان حسام الدين، ڇڏيو! اوهان به شاعرن جي قول کي کڻي اهميت ڏني آهي. شاعر ڪڏهن رنگ ۾ ته ڪڏهن ڀنگ ۾!“ وڏا ٽهڪ ڏيندو، انکان پوءِ سنهڙيون اکيون ڪجهه ٻوٽجي ويندَس. انهن اڌ کليل اکين سان تکي گهور وجهي چوندو:
”ڀائو، ساڳي اقبال صاحب انگلنڊ جي بادشاهه جي تعريف ڪانه ڪئي آهي!“ مون ڏي منهنجي ڪري چوندو:
”ير، ميان حسام الدين! اهو بيت ڪيئن پڙهندو آهين؟ پر، پاڻ کي ته اڙدو ڦڙدو ڪانه ايندي آهي.“
اڙدوءُ کي هميشه زوال [3] جي دور جي زبان سمجهندو هو، تنهنڪري جڏهن به ’اڙدوءَ‘ جو نالو کڻدو هو، تڏهن ’ڦڙدوءَ‘ جو اکر پٺيان ضرور لائي ڇڏيندو هئس.
”صاحب، ڪهڙوِ شعر؟“
”يار، هو!...
”ها سائين، ٻڌو خان وڏا!...
”ڀائو، هو ٻڌاءِ امان الله وارو!“
”اُهو جنهن ۾ امان الله جي تعريف ٿيل آهي!“
”ها، ها! ڀائو!“
”اي اميرِ ڪامگار! اي شهريار! نوجوان و مثل پيران، پخته ڪار؟“
”اِهو ڀائو! اِهو!“
”جڏهن امان الله ويو ته وري نادر خان جي به تعريف ڪئي اٿائين؟...
”پير! ٻڌائجانءِ ته يار!“
”نادر، آن دانائي رمزِ اتحاد با مسلمان داد پيغامِ وداد.“

----

”نادر، آن سرمايہ درانيان آن نظامِ ملت افغانيان.“
”آغا وڏا! ٻڌندو وڃ، ير! جيڪو تخت تي ويٺو، تنهن جي تعريف!...
”اڃان ٻيو ٻڌ، خان وڏا!...
”ير، معاف ڪجانءِ! هو ڀوپال واري حميد الله وارو ته چئجانءِ!“
عيساني صاحب وڏن ماڻهن، اميرن ۽ جاگيردارن يا نوابن جي سخت خلاف هوندو هو. چوندو هو ته اهي انسان ذات لاءِ ’ڪينسر‘ آهن.
”ادا ڀائو! اسان جي خان وڏي کي اهو بيت ٻڌاءِ ته سهي!“
”ها سائين، ياد ڪيان.“

* * *

عيساني صاحب جون سنهيون اکيون، جن جا ننڍڙا تارا ايترو تيزيءَ سان چمڪندا هئا، جو انهن جي تاب ۽ تيک جي سامهون ٻين جون وڏيون وڏيون اکيون پاڻ جهلي نه سگهنديون هيون، يڪدم ڦوٽارجي ويون، بلڪ پنهنجي ظرف ۽ وسعت کان به زيادهه کلي ويون. چوڻ لڳو:
”خان، ٻڌ!...
”هيڏي پير، ٻڌ! تون به پاڻ کي ڪا چيز سمجهندو آهين!“
عيساني صاحب بس جوش ۾ هوندو. عام حالتن ۾ ٽنگ ٽنگ تي چاڙهيون ويٺو هوندو، ليڪن جڏهن ڪو اهڙو موقعو ٿيندو هو، ته ٽنگ لاهي هيٺ ڪندو، نيٽ وارو لڪڻ، جنهن جي مـُـٺ تي مـَـرُ چڙهي ويل چمڙو چڙهيل هوندو، ان کي هر هر پيو زمين تي هڻندو، ۽ سڄي هٿ جي اشهد آڱر بار بار نّڪ تائين پهچي، ان کي پئي ڇهندي. جڏهن عيساني صاحب تي اها ڪيفيت طاري ٿيندي هئي، تڏهن ڪچهريءَ جا سڀئي ماڻهو هوشيار ٿي، ڏانهس متوجهه ٿي ويندا هئا. اهو گويا سندن لاءِ الارم هو. چوندو:
”خان وڏا! امان الله جيسين تخت تي تيسين اهو به چڱو مڙس، نادر خان انگريزن آندو ته اقبال صاحب لاءِ اهو به اکين جو نور، ۽ پنج سؤ رپيا ڀوپال جي نواب ماهواري مقرر ڪيا ته اهو به اسلام جو ستارو- اقبال صاحب کي اها خبر نه هئي ته حميدالله جي رياست ۾ هزارين مسلمان انگ اگهاڙا پيٽ بکيا رهن ٿا؟ انهن جي خوشحاليءَ جو مٿس اسلام جي طرفان ڪو ذمو هو يا نه؟ ڀلا پوءِ اهو ڪيئن اسلام جو نگهبان ٿيو؟ اڃا سائين ٻڌو ته سهي...“
انهيءَ وقت وري مون ڏي منهن ڪندو:
”معاف ڪجانءِ، ير! هڪ ته اسان کي شعر ياد رکڻ به ڏانوَ نٿا اچن... هو ته ٻڌاءِ جنهن ۾ خوشحال خٽڪ لاءِ چيل آهي!“
خوش سرود آن شاعر، افغان شناس، آنڪه بيند، باز گويد بي هراس،
آن حڪــــــيم مـــلتِ افغــــــانيـــــان، آن طــبيب علتِ افـــغانيــــــان
اتي صاحب کلي ويهندو - سنهڙيون اکيون، جيڪي هن وقت تائين کليل هيون، سي ٻوٽجي وينديون - ڏاڍيان ٽهه ٽهه ڪري چوندو:
”ير، الله تنهنجو ڀلو ڪري، وري ته چئجانءِ!“
راز قومي ديد و بي باڪانه گفت، حرف حق با شوخيءَ رندانه گفت،
اشتري يابد اگـــر افغان حر، يايراق و ساز و با انبار دُر،
“جهت دونش ازان انبار در، ميشود خود شنود بازنگِ شتر“.
”اهوئي خٽڪ آهي نه جنهن عالمگير تي سخت ملامت ڪئي آهي ۽ چيو اٿائين ته تعجب آهي، جنهن پيءُ جيل ۾ وڌو، جنهن ڀائر ڪُٺا، جنهن اسلام جي قانونن کي ڀڳو، تنهن کي مسلمانن ’محي الدين‘ جو لقب ڏنو آهي. مان به ير راورٽيءَ ۾ ان جو ترجمو پڙهيو آهي. پشتو ته پاڻ کي ايندي ڪانه آهي!“
آغا بدر الدين خان تائيد ڪندي چوندو:
”هائو صاحب، هائو، مان به ان جو ترجمو پڙهيو آهي.“
”يار، ائين ته چئجانءِ!...
”الله شل توکي حياتي ڏئي!“
”هائو سائين، هائو!“
”ٻـُڌئي خان وڏا؟... هي تنهنجو پٽ به ڪتابن جو ڪيڙو اٿئي...
”ٻڌين ٿو؟...
”ڪيڙو! ڪيڙو! هائو ڪتابن جو...
”رات ڏينهن منهن ڪتابن ۾ اٿس...
”ڪڏهن هِن جي لائبرريءَ ۾ويو آهين!“
”نه ير!“
”سچ ته چؤ!“
”ها! ها! ها!“
وري ٽهڪ ڏئي چوندو:
”ٻڌ سائين، هاڻي. جي عالمگير خدنگ آخرين، ته خٽڪ شهباز ڇو، ٻنهي مان هڪ ته ڪوڙو هجڻ کپي. پر ڪهڙيون ڳالهيون ٿو پڇين! شاهه پرست قوم جا جهڙا مؤرخ باشاهه تهڙا شاعر بادشاهه. سڀئي شاه پرست، مڙئي دٻو گل آهي.“
پوءِ سڀني کي کلي چوندو:
”ڀائو، شاعرن جي ڳالهين تي اعتبار نه ڪرڻ کپي. هنن جي فقط ڪاريگريءَ کي ڏسڻ کپي، ان مان لذت حاصل ڪرڻ گهرجي. هنن جي ڳالهين کي ٻڌبو آهي، انهن تي هلبو نه آهي.“
اهڙيءَ طرح صاحب ڪڏهن ڪڏهن جوش ۾ اچي ويندو هو ته ٻين سان گڏ علامه مرحوم مان به ٻــِـسـَـٽِ ٻاهر ٿي ويندو هو. انگريزي ادب جي واهه جو ڄاڻ هئس، باقي مشرقي شاعريءَ جي مزاج جي پروڙ ڪانه هُئس.
عيساني صاحب سنڌ جي هر ضلعي ۾ رهيو. جتي رهيو، اتي هن پنهنجو وقت رائگان ڪونه وڃايو. انهن جي حالتن جو مطالعو ڪيائين، تاريخ جو مطالعو ڪيائين، ماڻهن جي رسم رواج، عادتن، اخلاقن ۽ طبيعتن جو اڀياس ڪيائين. تنهنڪري هن کي هر ڪنهن لاءِ پنهنجي خاص راءِ هوندي هئي. هڪ دفعو وڏي سوچ ويچار ۽ تجربي بعد جيڪا راءِ قائم ڪيائين، ان ۾ وري هڪ زير زبر جي بدل سدل جي به کيس ضرورت ڪانه پئي. ڄڻ پٿر تي ليڪو اچي ويو. اڻويهين صديءَ جي اختتام ۽ ويهينءَ صديءَ جي هـِـن اڌ جو هُو وڏي ۾ وڏو ماهر ۽ ڄاڻو هو. سنڌ جا مشاهير ياد، انهن جي عيبن ثوابن مان واقف، انهن لاءِ مخصوص راءِ، پراڻن خاندانن جي شجرن ۽ مٽن مائٽن جي خبر، شخصن جي ذاتي ڪردارن جو ڄاڻو، سنڌ ۾ ٿيل سڀني وڏن واقعن جي تفصيل جو ياد حافظ. مطلب ته مشاهدي ۽ مطالعي جي منجهس ڏاڍي قدرت ۽ قوت هئي. چوندو هو:
”ڀائو! انسان کي سڄي عمر شاگرد ٿي رهڻ گهرجي، هميشهه پيو پرائجي، هميشهه پيو سکجي. هن ڪائنات ۾ ايڏا اونهان اسرار آهن، جو ههڙيون سوين زندگيون هجن، تڏهن به پوري پروڙ پئجي نه سگهندي. وقت ٿورو، معاملا وڏا، تنهنڪري هڪ هڪ منٽ قيمتي سمجهڻ گهرجي. خدا ڪفر معاف ڪري ڇڏيندو، ليڪن وقت جي زيان جو گناهه ڪڏهن ڪونه بخشيندو.“
سنڌ ۾ ڪن خاص شخصن ۽ خاندانن سان سندس دلبري هئي. تمام وڏي تجربي بعد هن اهي ماڻهو ۽ گهراڻا منتخب ڪيا هئا. اپر سنڌ ۾ محمد پناهه ڊکڻ جو گهر، آغا شمس الدين ۽ خانبهادر در محمد خان جو گهر، هيڏانهن اسان جو گهر. جڏهن انهن گهراڻن مان ڪنهن سان ويهندو، تڏهن خوش به ٿيندو ۽ کـُـلي به ڳالهائيندو. مجلس ۾ جو وقت ويٺو هوندو، پاڻ گهٽ ٻڌائيندو، ٻين کان گهڻو ٻڌڻ گهرندو. ڳالهه ڪبي، وڻنديس، دل کي لڳنديس، طبيعت کي آئڙجي اينديس، سندس پنهنجي راءِ سان ڀـِـچي ۽ ٺهڪي اينديس، ته ٽهڪ ڏئي کلي ويهندو. سندس سنهڙيون اکيون، جيڪي ٻن ننڍڙن ستارن وانگر هميشه پيون ٽمڪنديون هيون، ۽ جڏهن پنهنجا تمام سنها ٻئي چـَـپ ڀيڪوڙي ڪنهن ڏي غور سان گهور پچائي ڏسندو هو، تڏهن ماڻهوءَ جي روح تائين اهي وڃي رسنديون هيون، ۽ خوشيءَ مان ٻوٽجي وينديون هيون. يڪدم ڪرسيءَ تان اٿي اچي ڀاڪر پائيندو، مـِـٺيون ڏيندو، مٿي کي ٻنهي هٿن سان وٺي ڌوڻيندو، ٻئي ڪَنَ پٽيندو ۽ پڇاڙيءَ ۾ جوش ۽ جذبي منجهان جڏهن چهنڊي پائيندو، تڏهن سمجهبو ته اها ڳالهه عيساني صاحب جي دل ۾ اصل گهر ڪري ويئي. چوندو:

”جهل ڀائو! جهل!...
”وري ٻڌائجانءِ!...
”هان؟...
”سچ سچ؟...
”ير، واهه جو ٻڌايئي؟...
”واهه ڀائو، واهه!...
”شل خوش هجين!“

مون سان ڏاڍي محبت هيس. هڪ دفعي[4] خان وڏي مون ڏي موٽر موڪلي، ڏانهس به جيپ موڪلي. وٽس جيپ صبح جو انهيءَ وقت پهتي، جڏهن خضاب لائي ۽ اڌ ڏاڙهي ڪوڙي بيٺو هو. بس هر شيءِ اتي. خضاب مٿي ۽ مڇن تي موجود، اڌ سنهاري صاف، اڌ جا بـُـج ٻاهر، جن تي صابڻ لڳل، سڌو، لڪڻ هٿ ۾، ڌُو اچي ڳڙهيءَ پهتو. مان شام جو ڏينهن ٺاري پهتس، ڏٺم ته عيساني مرحوم اهڙي حال ۾ منتظر ويٺو آهي!
”اڙي صاحب، هي ڇا؟
”بس ميان حسام الدين، خان وڏي جي موٽر آئي، تنهنجي خبر پئي، چيم اهو وقت به هتي ڇو وڃايان؟“
”پر صاحب! هتي پهچي ته سيرب لاهي تڙ ڪيو ها؟“
”ڀائو تنهنجو انتظار هو. مان غسلخاني ۾ هجان ۽ تون جو اچي وڃين، پوءِ ڇا ٿئي؟“
بس پوءِ ته نه خوش، نه خير عافيت، نه حال نه احوال،
”ها ڀائو، ڀلا هيءَ ڳالهه ڪيئن؟“
ڌڪڙ تي ڄڻ اٽو لڳي ويو. ڪچهري شروع ٿي وئي- چميون، ڀاڪر، چهنڊيون، ڪن پٽڻ، مٿو ڌوڻڻ. خان وڏو کلي چوندو:
”صاحب! ٿڪ ته پَٽڻُ ڏينس!“
”خان وڏا بس ته ڪر، ههڙا موقعا ڪي روز ملندا آهن ڇا!“
اُنهيءَ رات اسان ٻين بجي رات تائين ويٺاسين. جڏهن مٿو صفا خالي ٿي ويو، تڏهن عيساني صاحب کي عرض ڪيم ته ’باقي آئينده ڪري، هاڻي سمهڻ گهرجي.‘
ڳڙهيءَ جي رات ٿڌي هئي، ليڪن مڇر غضب جا. خدا پيو پناهه ۾ رکي. آغا بدرالدين خان منهنجي کـَـٽ تي مڇرداني ٻڌرائي ڇڏي هئي. مون کي ڪهڙي خبر ته مڇرداني اڄ ئي پنهنجي صحيح معنيٰ کي سمجهي، واقعي ’مڇرداني‘ ٿي پوندي. اڃان گهِلَ اچي ته ٺڪ چڪ، وري اک لڳي ته ’ڀون، ڀون‘... چڪ، ٿورڙو ننڊ جو گهيرٽ وٺي ته ڪن ۾ ’زان زان زان...‘ ٺا ٿي ويو ڪن جي پاپڙي ۾ الغرض ٻي وڳي تائين ته عيساني صاحب سان صحبت رهي ۽ ٻين کان وٺي صبح تائين مڇرن ۽ منهنجي مابين موازنو ۽ معرڪو ٿيندو رهيو. جڏهن روشني ٿي، ته ڏٺم سوين مڇر اندر موجود. مڇرداني صحيح معنيٰ ۾ مڇرداني هئي- اهڙيءَ طرح جيئن کير داني، کنڊ داني ۽ چانهه داني. مان اڃا انهيءَ ڪبيدگيءَ ۾ ويٺو هيس، اڃا مڇردانيءَ جي ’دان‘ مان ٻاهر نڪري، هٿ منهن به ڪونه ڌوتم، ته اجهو ڏسان ته عيساني صاحب موجود.
لڪڻ، قميص، نڪر، ڄنگهان اگهاڙيون، جن تي سرنهن جي تيل جو جَرڪو، ڪالهه واري اڌ ڪوڙيل سنهاري صاف، ۽ خضاب جا چـُـٽا ۽ ليوڙا به لٿل، منهن ۽ وارن تي به تيل جي چمڪ، اڃا سچو صبح به ڪونه ٿيو هو، ڇڙو پرهه جي نور جي جاڏي ڪاڏي روشني ٿي هئي، ڪيترا ستارا به ڪونه ٻڏا هئا.
”ها ڀائو! اٿيا آهيو؟“
”ڀلا هي ته ٻڌائجانءِ!“
”ير عيساني صاحب، خدا جي نالي گهڙي کن ته ڇڏ!“
”چڱو ڀلا، پوءِ ٿا ڳالهايون.“
اهو چوندو صاحب اٿيو هليو ويو. جڏهن ونهتس، اوجاڳي جي ٿڪاوٽ بت تان لٿي، تڏهن شرمندو ٿيس. انهيءَ انفعالي ڪيفيت ۾ وڏي هال ۾ جو وڃان، ته خان وڏو ۽ عيساني صاحب هڪٻئي سان جوٽ لايون ويٺا آهن. مون ڏي ڏسي، صاحب کلي ويٺو:
”ڀائو، تڙ ٻڙ ڪيئي؟“
گهڻا اٻوجهه کيس ديوانو ليکيندا هئا، ليڪن هـُـو پاڻ- پنهنجي تجربي مطابق سڀني کي چريو سمجهندو هو ۽ سچ پڇو ته حقيقت به اها هئي. جي دنيا ديواني نه هجي ها، ته هو بيوقوف ٿورو هو جو درَ ڏئي ويهي ها؟
سنڌ جي سياست ۾ مجيد، سيد، راشدي ۽ کهڙي کان سواءِ باقي ٻين سڀني کي ڳنڍي ڪپ ۽ چاقومار سمجهندو هو. ڪن لاءِ چوندو هو ته اهي اڻ گهڙيا ڪاٺ آهن. شيخ صاحب جي سياسي فراست جو قائل هو، سيد جي سنڌ دوستيءَ تي عاشق هو، راشديءَ جي ذهن ۽ غربانوازيءَ تي راضي هو، ۽ کهڙي جي انتظامي قابليت وڻندي هيس. سنڌ کان ٻاهر بادشاه خان (خان عبدالغفار خان) سان بيحد دلچسپي هئس ۽ سندس مرتبو سڀني کان اتاهون سمجهندو هو. مسلمانن ۾ قربانيءَ ۽ انگريز دشمنيءَ جي لحاظ کان ڪنهن کي سندس ثاني شريڪ نٿي سمجهائين.
جڏهن ملڪ ٻه حصا ٿيو، تڏهن ٻه سال کن بلڪل خاموش رهيو. پڇبو هئس ته نٽائي ويندو هو. آخر جڏهن کليو، تڏهن پڇيوسين:
”صاحب، ڪيو خبر؟“
”ڀائو حيران آهيان؟“
”ڇو صاحب؟“
”پاڪستان ان لاءِ ٿيو ته انگريزن جي چند پراڻن پٺن جو مڪو مچي ۽ ڪن ڪامورن لاءِ چرڳ[5] ٿئي ايڏو نقصان ۽ هي نتيجو؟ واه ڀائو واهه!“
هڪ دفعي ڪراچيءَ کان ڳوٺ ايندي سندس ننڍو ڀاءُ غلام مصطفيٰ خان باقراڻن وٽ هلنديءَ ريل مان ڪـِـري پيو. هـَـڏُ گـُـڏُ چڪنا چور ٿي ويس. لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ آڻي وڌائونس. مان به اتفاق سان اتي هئس. شام جو عيساني صاحب به اچي پهتو. ڀاڻس کٽ تي نيم بيهوشيءَ ۾ پيو هو. کٽ جي هڪ پاسي کان مان ويٺو هئس، ٻئي کان پاڻ اچي ويٺو. نه ڀاءُ کي پورو ڏٺائين، نه سندس حالت دريافت ڪيائين. ويهندي سان چيائين:
”ڀائو، تون هتي ڪيئنءَ؟...
”ير، ڏاڍو مزو ٿي ويو!...
”پوءِ ڀلا، ٻي ڪهڙي خبر؟“
مون کي لـڄ وٺي وئي، ڀاڻس جو ههڙو حال ۽ صاحب کي اچي خبر چار جي لڳي آهي! عزيز خويش ڇا خيال ڪندا. ڇهين شام کان اٺين بجي رات تائين مريض جي کٽ وٽ ويٺي ويٺي ڪچهري ڪئيسون ۽ ان کان پوءِ وڃي رايل هوٽل ۾ ويٺاسون. مان اڳ ئي اتي رهيل هئس. منهنجي سانگي پاڻ به اتي اچي رهيو. چيائين:
”ير، واه جو رنگ لڳي ويا!“
آيو ڀاءُ کي ڏسڻ هو، ليڪن ٻه ڏينهن جيڪي رهيو، سو هوٽل کان ٻاهر نه نڪتو، نه مون کي ئي ڇڏيائين ته غلام مصطفيٰ کي ڏسي اچان. ماڻهن جي ذريعي پيو پڇا ڪرائيندو هو. چوندو هو:
”مڙئي الله خير ڪندو!...
”حياتي هونديس ته ڪاڏي ويندو؟“
کيس هڪڙو پٽ هو. ٻي ڪابه اولاد ڪانه هيس. پهرين جوانيءَ ۾ جو گهرواري وفات ڪري ويس، ته وري عورت ڏي ڪونه تڪيائين. ڪتاب، اخبارون، ڪائنات جي اسرارن جو مطالعو، ۽ ڪن خاص يارن سان ڪچهري- بس کيس ڪنهن ٻيءَ سنگت جي سڄي حياتيءَ ۾ ضرورت ڪانه پئي. چاليهن پنجيتاليهن جي ڄمار ۾ سندس اهو هڪ فرزند به اوچتو هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. مان ڏاڍي ڏک مان وٽس عذر خواهيءَ لاءِ ويس. در تي اچي ڀاڪر وڌائين. لٽا اهي ئي- ٽؤيل جي ڪشادي خاڪي قميص، نڪر، ان تي پراڻو پٽو، سرنهن جو تيل مٿي ۽ بت کي لڳل. ڪرسيءَ تي ويهي، دستور مطابق چيم:
”صاحب جيڪا مرضي...“
ڳالهه پوري ڪرڻ به نه ڏنائين، چيائين:
”ڀائو، مڙئي خير آ، اهي ڳالهيون پيون ٿين، تون ٻي ڪا خبر ٻڌاءِ!“
چار ڪلاڪ ويٺو رهيس. مجال آهي، جو هن عظيم المرتبت شخص جي انداز مان ڏک ۽ صدمي جي ڪا لکا پوي. ايڏو صبر، ايڏو طبيعت تي قبضو ۽ اختيار!، اهي سڀئي حادثا، ڳالهيون ۽ واقعا زماني جي دستور ۽ رسم کان زياده وٽس ڪا اهميت ڪانه رکندا هئا.
سال 1957ع ۾ فيصلو ڪيائين ته هاڻي مرڻو آهي. هن کان پوءِ مطالعو به اجايو ته زندگي به بيڪار. يڪدم ڪتاب صندوقن ۾ بند ڪرائي، اخبار وارن ڏانهن بندش جا ڪارڊ لکي، پاڻ کٽ تي آهلي پيو. نڪا بيماري نڪا ڪڻس. مائٽ سمجهائي بيٺا، دوست زور ڏئي ٿڪا، ڊاڪٽرن سوين يقين ڏياريا، ليڪن کٽ تان اصل ڪونه اٿيو. پوين ڏينهن ۾ ڪراچيءَ اچي پنهنجي ڀاءُ غلام مرتضيٰ وٽ رهيو. مان ٻڌو ته ماڻهن سان ملڻ بند ڪري ڇڏيو اٿائين. فقط هڪ سندس خاص ملازم ۽ ٻيو سندس ڀاءُ وٽس اچي وڃي ٿو. دوستن يارن کي به ڏسڻ نٿو پسند ڪري. ان هوندي به روح نه رهيو، دل جهلي نه سگهياسي. آغا بدر الدين خان ۽ مان هڪ شام جو وٽس وياسي. گهرائي ويهاريائين. اڄ نـِـڪر ڪانه هيس. ان جي بجاءِ هڪ معمولي گوڏ، ليڪن قميص ساڳي خاڪي ٽؤيل جي، ٻه کيسا ڍَڪ سان ۽ ڪالر جي پٺيان سيفٽي پن لڳل. کٽ تي ليٽيل هو. آڌر ڀاءُ ڏنائين. جيترو وقت ويٺاسي کلي ڳالهائيندو رهيو، ليڪن ڀانيوسي ائين پئي، ڄڻ هي ماڻهو هاڻي هن دنيا جو آهي ئي ڪونه - اوپرو، ڌاريو ۽ مسافر، ڄڻ هاڻي هن ماڳ مڪان جي سراءِ ۾ ڇڙو اچي شب باش ٿيو آهي، وڏو اَسـُـر هوندو هو پلاڻيندو. جڏهن اٿياسي، تڏهن چيائين:
”ميان حسام الدين، وري تڪليف نه ڪجو. هاڻي مون کان پورو آدرڀاءُ يار پڳو نٿو ٿئي. دل سٽ ڏيندي، ته پاڻهين اوهان ڏي ماڻهو موڪليندس.“
مان ڳوٺ هئس، جو اتي خبر پئي ته عيساني صاحب جيڪو فيصلو ڪيو اهو پورو ٿيو، جيڪو قول ڪيو هئائين ان کي نڀايائين، يعني انسانن جي هن ڪائنات مان نڪري اڳتي هليو، ڏور ڪنهن اڻ ڏٺي ڏيهه تي، اتي جتي بيوفا ۽ اجاين انسانن جي بوءِ بڻاس به ڪانه هوندي. اهڙيءَ طرح سنڌ جو اهو بلبل هزار داستان هميشهه لاءِ خاموش ٿي ويو[6].

* * *

عيسائين جي سڄي گهراڻي جو ڪردار عجيب و غريب ۽ بلڪل نرالو رهيو آهي. اصل ذات جا سومرا، وڏن ڊکاڻڪي ڪئي تنهنڪري آل ڊکڻ. ملا عثمان جا فرزند [7] جڏهن پڙهي پاس ٿيا [8] تڏهن ’سَر نيم‘ ڪيائون ’عثمان‘ مان ’عيساني‘ ڳڙهيءَ ۽ ڊکڻن جي وچ ۾ هڪ ننڍڙو واهڻ ”بڊو“ آهي، جنهن ۾ ڄاوا نپنا ۽ اتي ئي سندن زمينداري، ماءُ بسم الله ڪري سڀني ڀائرن کي ٿڃ ڏني هئي، سندن نيڪ ۽ نمازي والد الله کان الاهان ڪري پنيا هئا، اهوئي سبب هو، جو سڀئي صالح، سڀئي قابل، سڀئي فطرت جا نيڪ ۽ دل جا پاڪ ۽ سڀئي سيرت خواه صورت ۾ بي داغ، موچارا، جنسي مور.
غلام مصطفيٰ خان سڀني ڀائرن ۾ وڏو، دل جو بادشاهه، طبيعت جو شهنشاهه، ڌاڪي وارو ڪليڪٽر، يارن جو يار ۽ محتاجن جو مددگار، ڪو منجهيل سنجهيل ڪهي ايندس ته تيسين ننڊ حرام، جيسين اها مونجهه نه سلجهائي سنئين ڪندو. جيسين رهيو، تيسين احسان ڪندو رهيو. دوست دشمن جي نه وچور نه خيال، نه واقف جو حساب نه اڻ واقف جي سنڀال، در لنگي جيڪو آيو سو سر جو سائين، ان جو ڪم ڪرڻ فرض ٿي پوندو. اهو وقت سندس لاءِ ڄڻ عيد جو هوندو هو، عين راحت، ڏاڍو خوش، ڏاڍو فرحت ۾. جڏهن ڪم پورو ڪندو، تڏهن ان کان به زيادهه بهاري. جيسين وري ڪو ٻيو موڙهل هٿ نه ايندس، تيسين ڄڻ ويڳاڻو، وتندو هر هر در ڏي تڪيندو. هڪ ماڻهوءَ جوڪم ڪري گهر ڏي پيو موٽندو، واٽ تي ڪو ٻيو ملي ويس ته وري اتهين ئي انهيءَ سان الاتهار. مانيءَ جو ويلو اچي ويو يا بک لڳس ته يڪدم ڪنهن دڪان ۾ گهڙي ويندو. نه پڇا نه ڳاڇا، جيڪي سامهن ڏسندو، سو بنا پڇي جي کائڻ شروع ڪندو. آچار جو ڪولو ملي ويس ته اهو به ٺيڪ، جي ڀڳڙن ۽ لائيءَ جي ڪـُـني هٿ چڙهي ويس ته اها به الاتهار. جڏهن بس ڪندو، تڏهن قيمت جي ڪٿ ڪرائيندو. کيسي مان ٻه پيسا زيادهه ڏئي، پوءِ ٻاهر نڪرندو. ڀاڙو، خرچ، مانيون ٽڪيون سڀ پنهنجي هڙان، بلڪ ڪم واري جا سڄا خرچ به پنهنجي سر تي.
هڪ دفعي سکر جي پليٽ فارم تي اچي روح سٽ ڏنس. چانهه جي اسٽال تي بصرن جي آچار جي هڪ وڏي برني پئي هئي. ڍڪڻ لاهي بيهجي ويو. يڪيءَ ساهيءَ اڌ برني چٽ ڪري ويو. جڏهن زوريءَ مان ڇڪي پري ڪيو مانس، تڏهن مشڪي چوڻ لڳو:
”ميان، قيمت ته ڏيڻ ڏي! ڏاڍو لستي آهي. تون به ته وير ڪري ڏس.“
هڪ دفعي روهڙي تعلقي ۾ اليڪشن جي سلسلي ۾ ٻئي گڏ هياسي. عالي واهڻ ۾ جڏهن پهتاسي، تڏهن چوڌاري رڙ پئجي وئي:
”اڙي وڏو عيساني صاحب! ڀڄي اچو ڙي، صاحب اچي ويو!“
سڀني سان آدرڀاءُ ڪندو، هر ڪنهن کي کيڪر ڪندو، اچي هڪ هٽ تي ويٺو. ڀائيءَ کٽ ڪڍي، ان تي گندي ۽ وهاڻو اچي رکيو، ليڪن صاحب هٽ جي تڏي تي پلٿ ماري ويهي رهيو. هيڏي ڏٺائين، سامهون ٻه - ٽي ڪـُـنيون پيون هيون. ڀائيءَ کان پڇيائين:
”سيٺ، هنن ۾ ڇاهي؟“
”ڌڻي، ڪنهن ۾ لائيءَ ذرو پيو آهي، ڪنهن ۾ ڀڳڙن مٺ آهي. مڙئي ٿيو جو پيٽ گذر ڪرڻو، ڌڻي منهنجا!“
”ٿورو هيڏي ته کڻي وٺ!“
بس ڍڪڻ لاهي، اچي صاحب ويٺو لائي، سڱر ۽ ڀڳڙا کائڻ. ڀڳڙن جو ڦڪ به هڻندو وڃي ۽ ماڻهن سان به ڳالهائيندو وڃي:
”اڙي قادو ڪاٿي آهي؟“
”صاحب، زمين تي. تون جو مهرباني ڪري وئينس!“
”اَئُون [9] الهه ورايو؟“

”مڙ ئي صاحب تنهنجو ڀلايون. ٺيڪا ڏئي پـُـرِ ڪري وئينس، نه ته لٽي لوڻ به ڪونه هيس!“
”ڌنون؟“
”اهو به خوش آهي. اڄ ڪاڏنهن ٻاهر آهي. تو پيسا ڏنس، ٻه، ٽي ڳئون ورتائين. هاڻي ته ڇانگ جو ڌڻي آهي. کير مکڻ جام پيو وڪڻي.“
ٻئي هڪ وراڻي ڏني:
”مڙئي صاحب تنهنجي سر بخت جو خير. اسان سڀني کي لولي لائق ڪري وئين...“ ماڻهو جنسي فدا ڏٺم. صاحب ڀڳڙا ۽ لائي کائيندو رهيو، حال احوال به ڏيندو وٺندو رهيو. جڏهن روهڙي ڊويزن جو ڊپٽي هو، تڏهن انهن سان پير ڀريا هئائين. ڪنهن کي زمين، ڪنهن کي ٺيڪو، ڪنهن کي پئسا، ڪنهن کي نوڪري. ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ سڀني جي روح ۾ عيساني صاحب رچيل آهي. ڄڻ مڙني جي دل ۾ سندس ديرو آهي. مون کي چوندو هو:
”حسام الدين، هميشه غريبن تي ٿورو ڪجي.“
”صاحب ڇو؟“
”اهي ٿوري کي به گهڻو ڪري ڀائيندا ۽ هميشهه ياد رکندا.“
” ۽ وڏا ماڻهو؟“
”اهي ڪم ڪڍي، جڏهن چانئٺ ڇڏيندا، تڏهن اتي ئي وساريون ويندا. سمجهندا ته پنهنجي عقل جي آڌار تي ڪم ڪڍي آياسي.“
جڏهن لائي، ڀڳڙن ۽ سڱر کان پوءِ ٻه، ٽي داڻا ڪتل جا به وات ۾ وجهي بيٺو، تڏهن ڀائيءَ کي چيائين: ”سيٺ، پاڻي آڻ!“ مسلمانن گهڻو چيو: ”اسان ٿا گهرئون کڻي اچون.“ ليڪن انڪار ڪندي، ڀائيءَ اڳيان کڻي ٻُڪُ جهليائين. سڄو گَڏو پي، پوءِ سڀني ڏي منهن ڪري چيائين:
”اڙي ووٽ ڪنهن کي ڏيندؤ؟“
”صاحب، جنهن لاءِ تون حڪم ڏين!“
”...کي؟“
”حاضر صاحب!“
”اڙي! ياد رکجو متان وساري ڇڏيو.“
جڏهن پيتيون کليون، تڏهن معلوم ٿيو ته فقط اتنهن جا ووٽ مليا، جتان عيساني صاحب گهمي آيو هو. اها ٻي ڳالهه هئي ته عيساني صاحب گهڻو گهمي ڪونه سگهيو، تنهنڪري مقابلي ۾ سندس اميدوار هارائي ويٺو.
موڙهل جي موک کي چوندو هو ‘خير جو ڪم’. پڇاڙيءَ ۾ انهيءَ ئي هڪ خير جي ڪم ڪندي پنهنجا هٿ به ساڙائي ويٺو، يعني هڪ ماڻهوءَ جو ڪم ڪندي، احمد آباد جي ڪليڪٽريءَ تان ڊسمس ٿيو.
زميندار هو، پرواهه نه ڪيائين. پاڻ ڳوٺ پهچي، نوڪريءَ جي پابندين کان آجو ٿي، سڄو وقت ماڻهن جي ڪم سان ماڻهن جي ئي پٺيان گهمندو وتيو. انگريزي سوٽ بت تي، صاحبلوڪي ٽوپلو مٿي تي، ۽ ٿلهو نيٽ جو لڪڻ ونگوڙي سان هٿ ۾، ڪڍ ولر سوالـِـن جا. ڪڏهن ٽنگن تي، ته ڪڏهن ٽانگي تي. ڪڏهن ريل ۾ هوندو، ڪڏهن رستي تي. ڏاڍو رعبائتو مڙس هو. انگريزي پوشاڪ سـَـڄُ رکي بيهندي هيس. گهر ۾ هميشهه وڏي ڪاري يا آسماني سلوار چڻن تي پائيندو هو، ان ۾ په لـُـڏَڻُ پيو لڳندو هو. دل ايڏي مضبوط هيس، جيڏو جسم توانو، جگر ايڏو جيڏو شينهن جو. سڄي زندگي نه ڪنهن جي پرواهه ڪڍيائين نه ڪنهن جي اڳيان سر جهڪايائين، ڳاٽ هميشهه اوچو. وڏن ماڻهن سان اصل ڪانه پيل هوندي هيس. وڏن اڳيان ڪنڌ ۾ ڪلي ۽ ننڍن جي سامهون ڪنڌ نويل. غريبن جو سو يار هو، جڏهن فوت ٿيو [10] تڏهن ڪيترن مسڪينن جون واهون بند ٿي ويون. کانئس پوءِ موڙهن جي موک ڪرڻ وارو ڪو رهيوئي ڪونه.
ٻئي ڀائر نيڪ ۽ نيڪيءَ جا پتلا. احسان ڪرڻ ۽ ورک کڻڻ ۽ پـَـهر وَهڻ جو جذبو ٻنهي ۾ هڪجهڙو، بلڪ هڪٻئي کان ڪثر. فطرت ٻنهي جي پارس، جنهن سان لڳي تنهن کي سون ڪيائون. ملڪ جا بادشاهه ته خير ٻيا هئا، ليڪن پنهنجي ڪائنات جا هي پاڻ ئي شهنشاهه هئا، سندن مرضيءَ ۽ سندن ضمير ۽ راءِ تي ڪنهن جو زور هلي ڪونه سگهيو. خود سندن بالا عملدارن کي به ڪڏهن جرات ڪانه ٿي سگهي، جو کين ڪو ڪڌو ڪم چئي سگهن. ٻئي ڀائر طبيعت جا دهقان، دماغ جا خاقان، مزاج جا جاني ۽ ذهن جا لاثاني هئا.
جملي چار ڀائر هئا، انهيءَ سڄي ڇانگ مان هاڻي ڇڙو وڃي غلام مرتضيٰ [11] هڪ بچيو آهي. حقيقت ۾ سنڌ ڏاڍي سڀاڳي آهي، هن چوڏهين صديءَ ۾ به، جڏهن ماڻهن جو ايڏو ڏڪار آهي، منجهس اهڙا امل ماڻڪ موجود هئا.

* * *
_
قصو اصل خان وڏي جو ٿي ڪيوسين، جو وچ ۾ عيسانين جو مذڪور اچي ويو، اهو به هڪ ضروري داستان هو. سنڌ جو سينگار ته اصل اهڙا ڪردار هئا. سنڌ دراصل عبارت ته انهن ماڻهن سان هئي. مثلاً خان وڏي جو مثال وٺو- پٺاڻن ۾ اهڙا سٻاجها سنوان ۽ سريلا انسان وري ڪٿان لڀندا - دلنواز، دلدار، روح پرور ۽ راحت رسان. پاڻ به خوش ته جڳ جهان به خوش. الله به راضي ته بندو به راضي. زندگيءَ جي سڄي سفر کي اهڙيءَ سبڪ سيريءَ سان طيءِ ڪري وڃي پار پهتا، جو منجهانِ ڪک کي به رنج ڪونه رسيو. ماڻهو ته ماڻهو پر جيت کي به کانئنِ جو کو ڪونه پهتو. اهڙيءَ طرح دامن بچائيندا، گريبان سلامت رکندا، پاسو ڏيندا، پهلوتهي ڪندا، پير پير ۾ وجهندا، سمورو سير سهنجو ڪيو هليا ويا حقيقيت ۾ اصلي پلصراط ته خود هيءَ دنيا آهي، جيڪو ان مان خير سان ويو، تنهن جا ڄڻ سڀئي ڪارج سـِـڌ ٿيا.

مان 15-16 سيپٽمبر 1958ع جو آخري مرتبو کيس ڪراچيءَ ۾ ڏٺو. 17 تاريخ ته خود مون تي دل حملو ڪري، چئين ڪنڊين چت ڪيرائي وڌو. ڊسمبر ۾ کٽ تان اٿي سڌو منيلا هليو آيس. مون کي ڪهڙي ڪل هئي ته ڪو اهو قيامت سندو وڇوڙو ٿيندو. تازو منيلا منجهه مونکي ڪراچيءَ کان هڪ ئي ڏينهن ٻه خط پهتا. هڪ دوست لکيو ته ”اسان ڪالهه خان وڏي سان ملياسين، ڏاڍو خوش خورم هو، توڏي گهڻا گهڻا سلام ڏنائين.“ ساڳيءَ تاريخ جو لکيل ٻيو خط جو کڻي کوليان، ته ٻئي دوست جو اطلاع هو ته: ”خان وڏو مرحوم رات رحلت ڪري ويو. انالله واناعليہ راجعون!“، شام جو خوش خورم، رات جو الاتهار! دل جا دستور اجهي ٿيندائي ائين آهن. پوءِ ڇا ڪجي! پاڻ به ته دل جو ئي مريض هو!

ايڏو مهربان وڃائي ويٺس، جو وري ملڻ مشڪل، بلڪ ناممڪن آهي. مون سان ايڏو دل جوپرچو، جو ٻڌندو ته صبح جو ايندس، بس اَسـُـر ڏئي اٿندو. هٿ منهن ڌوئي، چانهه پاڻي ڪري، ٻاهر اچي رستي کي اکئين لائي ويهي رهندو. دير ٿيندي، کيسي مان واچ ڪڍي، پيو وقت ڏسندو. هـَـرهـَـر حاجيءَ کان پيو پڇندو:

”او حاجي! او حاجي صاحب!! موٽر اڃا سوڌي ڇو نه آئي؟ اسٽيشن تي ته گاڏي اچي وئي هوندي، پوءِ دير ڇو ٿين؟...

”خير، الله خير سان آڻيندن.“

موٽر مان لهندس، پري کان کلي ڪو ڏوهيڙو ڏيندو، بيت پڙهندو، بهار بهار ٿي ويندو. جڏهن ويجهو ايندس، ته ٻئي ٻانهون ڳچيءَ ۾ وجهي، سينو سيني سان لائي، چڱو وقت پيو ڪندو:

”هاءِ! هاءِ!...

”بلي آئيو! جيءُ آئيو!...

”واه صاحب واه!...

”لک ڀلايون، سوين قرب!“

هڪ دفعي موٽر مان اچي لٿس. سامهون صندل تي ويٺو هو. اٿي اتان ئي ٻئي ٻانهون کوليائين. چيائين:

اتي ئي آهين، جتي توهان ڇڏيون،

شابس انهن اکين کي، جو ماڳ نه مٽائين،

ٻئي در واجهائين، ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان.

هڪ دفعي هڪٻئي کي ڏٺي ڏينهن ٿي ويا. پاڻ ڳڙهيءَ مان ڪراچيءَ چوارائي موڪليائين:

ننگر ۽ ناڙيون، پڳهه کڻي پنڌ ٿيا،

بندر بازاريون، سُڃان سامونڊن ري!

ڪڏهن طبعيت ۾ جولان ايندس ته ڳالهه ڳالهه تي مثال طور ڏوهيڙو ڏيندو هلندو، ڪنهن ڪافيءَ جو بيت پڙهندو هلندو. ڪڏهن ڪڏهن ته پهرن تائين پيو گمنام سنڌي شاعرن جا بيت، ڏوهيڙا ۽ ڪافيون ٻڌائيندو. پڙهڻ جو انداز ڏاڍو موزون ۽ مناسب، اکر اکر ۾ ساهه وجهي ڇڏيندو. ڪامان، فل اسٽاپ ڏئي، بيت کي اهڙيءَ ريت ٽڪرا ٽڪرا ڪري پڙهندو، جو نشو چڙهي ويندو. ڪافين جا سُر ياد، ڏوهيڙن ڏيڻ جا مقام ۽ موقعا ياد. مصرعي مصرعي پٺيان ڪندو هلندو:

”هاءِ! هاءِ! ميان حسام الدين شاهه سائين!...

”اکر چونڊبا آهن، نڪتا ڳولبا آهن! منهنجا مٺا!!..

”ڏس ته سهي، ڪاريگر ڇا ته چئي ويا آهن!...

”واهه! واهه! سبحان الله!“

جڏهن جذبو جهڪو ٿيندس، ان وقت کِلي، منهن ۾ منهن وجهي، چتائي ڏسندو ۽ چوندو:

”ڪو دل سان لڳئي، ميان حسام الدين؟“

خان وڏي مون کي مختلف وقتن تي سنڌي شاعرن جو گهڻوئي ڪلام ٻڌايو، ليڪن وقت تي سرت ڪانه پوندي آهي. اڄ ته سارو دفتر ئي پاڻ سيني ۾ سانڍيون هليو ويو. جي ان وقت کانئس لکي وٺجي ها، ته هوند اڄ پاڻ وٽ ڪيترن انهن ڪاريگرن جا ڪلام محفوظ ٿي وڃن ها، جن کي زماني سان گڏ اسان به وساري ڇڏيو آهي. ڪي بيت ياد اٿم، مثلاً:

مـَـڪـَـج ڍول ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،
ڪونهين ڪميڻيءَ جو، بغر تو بـِـلو،
تنهنجو نام نـِـلو، وٺيو ويٺي وندران.
------

هڪ دفعي چيائين:

اکين ۾ ٿي ويهه ته آءٌ واري ڍڪيان،
تون کي نه ڏسي ڏيهه، آءٌ نه ڏسان ڪو ٻيو.
-----

28 جنوري 1957ع جي صبح جو ملياسين، چيائين:

چـُـپ ڪر چـَـپ نه چور، ٻوٽ اکيون ٻـَـڌ ڪـَـنَ،
صبر جي شمشير سان، مـَـردَ! مـَـري ٿيءُ رَنَ.
-----

پاڻي پيج، ٿورڙو کاءُ، اڌيڪو اَنُ،
پوءِ محب تنهنجي مـَـنَ، پيهي ايندو پاڻهي!
-----

هڪ دفعي ٻڌايائين:

لوڪان لڪي هرڪو، تون لڪڻ کئون لڪيج،
ڳالهه پريان جي ڳڻن جي، ڪنن ريءَ ٻڌيج،
پنڌ پريان جي پار ڏي، پيرين ريءَ ڪريج،
انڌو ٿي پسيج، مشاهدو محبوب جو.
-----

ڳوليانءِ ڦوليانءِ مَ لهانءِ، شل نه ملين بلوچَ،
متان هئين سنڌي لوچ، ملڻ مئون ماٺي ٿئي.
-----

حاڪم ٿيوان حڪم چلاوان، عشق اجاري سر پاوان،
جو ڪوئي عشق نه ڄاڻي، سو سڀ قتل ڪراوان!
-----

ڳڙهيءَ ۾ هئس، 11 اپريل 1957ع جو جيئن مون تي نظر پيس، کلي چيائين:

سَوَ هزار تنان تؤن صدقي، دل جني جي هـِـڪي،

لک ڪروڙ تنان تؤ صدقي، من جني جي جهـِـڪي،

پَدَم نيل تنان تؤن صدقي، جيڪي مُکَ مون ٻولن نه ڦِڪي،

ڏونهين جهان تنان تؤ صدقي، جيڪي هُوَن سونُ، سڏاون سِڪي.

خان وڏي وقت بوقت سوين ڪافيون يادگيريءَ مان ٻڌايون. هيٺيون ڪافيون مون نوٽ ڪيون. انهن مان ڪيتريون ڪافيون خود منهنجو ڏاڏو ۽ والد بزرگوار به جهونگاريندا رهندا هئا ۽ انهيءَ دور ۾ اهي ڪافيون ڏاڍيون مقبول ۽ مشهور هيون:

مِٺا مارو! اسان کئون ڇو، مـَـٽي مـُـنهڙو رهيا ويهي.

مِٺا مارو...!

1- لوئي ٿيم لال هِيءَ ليڙون، جِهڄي هِينئڙو ٿيم جيهڙون،

سوين ٿا سور ڏين ڀيڙون، تَنين جي ڪل پُڇو ڪيهي!

مِٺا مارو...!

2- قضا جي قلم جون ڳالهيون، سَڙيءَ قسمت سڀئي پاريون،

جدا ٿا ڏينهڙا جالِيؤن، پرين ايندو پکي پيهي!

مِٺا مارو...!

3- قضا هت قيد قسمت ڪيس، مِٺن مارن کئون وسري ويس،

پڇايان روز ڏوٿِن ڏَسُ، سَنڀالي دل سڙي سي هي!

مِٺا مارو...!

*

ڳڻتيون اباڻن جون ڳارن ٿيون، مون کي عمر ميارون مارن ٿيون!

1- مـَـهيون پيتم جن سان مـَـٽن ۾، چاريم گهيٽا تن سان گهـَـٽن ۾،

پنهور سدائين رهن پٽن ۾، سي ته سنگهارون سارن ٿيون،

مون کي عمر ميارون...!

2- ساڻيهه سرتن ڪيا سـِـرَ تي سيلها، مـِـلي انهن سان ڪندي هئس ميلا،

ڇَنَن ۾ ڇوڙي اچي ير ڇيلا، وڙڪي ولهارن ۾ وارن ٿيون،

مون کي عمر ميارون...!

3- ڪينءَ غلط ٿي مارن جو غـَـم، ڪوٽن سان ناهي منهنجو ڪم،

حيف انهن جي حال تي هردم، جيڪي ور ته پنهنجا وسارن ٿيون،

مون کي عمر ميارون...!

4- صاحبڏنا جڏهن وطن آءٌ ويندس، ڀيڙي ٿاريلن سان ٿر ۾ ٿيندس،

وراپا اتي انهن کي ڏيندس، پرت پکن ۾ جي پارن ٿيون،

مون کي عمر ميارون...!

*

ڏاڍا لِڪڙا ڪيتئي لِئي پاوڻ دا، ڪيها غرض پيُئي اِٿي آوڻ دا!

ڏاڍا لڪڙا...!

1- ڏاڏي آدم دا باپ نه مائي، ڏاڏي حوا ول ڪيڏون آئي؟

بهشتان وچئون ڪنهن لوڌائي، پوءِ عذر ڪيتس داڻي کاوڻ دا!

ڏاڍا لڪڙا...!

2- ڪُن فَيَڪونُ، ايوين فرمايئي، زمين آسمان جوڙ بنايئي!

هر جاءِ اپنا حڪم هلايئي، برهُ نهَ ٿيا ساڏي چاوڻ دا،

ڏاڍا لڪڙا...!

3- شاهه منصور تون سوليءَ چاڙهايـُـئي، ذڪريا سِرُ ڪَرٽ رکايـُـئي،

شمس الحق دي کَلڙي کلايئي، سرمد سيس ڪٽاوڻ دا،

ڏاڍا لڪڙا...!

4- اِهي عثمان ديان اُلٽيان بازيان، وفي انفسکم، ڳجهڙيان ڳالهيان،

نيڙي وسندا ورق وصاليان، الانسان سـِـر الاوڻ دا،

ڏاڍا لڪڙا...!

*

ڏاڍا ڏئي ويا ٿم ڏير، او اوجاڳا مون اکين کي!

1- نانءُ سڏايئين سسئي، ذات نه ڄاڻان آهِ ڪير؟

ڏئي ويا ٿم ڏير...

2- ڪُنگوءَ رتس ڪپڙا، مينديءَ رتڙس پير،

ڏئي ويا ٿم ڏير...

3- واهَ مڪي جون ماڙيون، سرها سندن سير،

ڏئي ويا ٿم ڏير...

4- هيڏيءَ ويل وڻن ۾، هيءَ چوڙيلي آهي ڪير!

ڏئي ويا ٿم ڏير...

5- اديون عبداللطيف چوي، گهٽ نهاريان گهير،

ڏئي ويا ٿم ڏير...

*

پيرين پونديسانِ چوندي سانِ، وو! رهجو رات ڀنڀور ۾!

پيرين...

1- مهارون مـَـيـَـن جون، مان واڳان وٺندي سان، چوندي سانِ،

وو! رهجو رات...!

2- پڃرو پاڪ رسول جو، مان پيهي پسندي سان، چوندي سانِ،

وو! رهجو رات...!



3- اديون عبداللطيف چئي، نئين ماڳين ملندي سان، چوندي سانِ،

وو! رهجو رات...!

*

خوش ٿو گذارين منهنجا پرين، عاشق تنهنجو آ عذاب ۾!

1- ٻَنِ پيو جدائيءَ جو جيئڻ، آهي زهر جو پيالو پيئڻ،

پنهنجي يار کان دم ڌار ٿيڻ، لکيو ڪهڙي آ ڪتاب ۾!

خوش ٿو...!

2- جن کي لڳي جـِـيءَ ۾ جـَـڙي، سڪ سوز ۾ ويڙا سڙي،

مون وٽ اچو هيڪر وري، منهنڙو ڏيکاريو خواب ۾!

خوش ٿو...!

3- ليڙو پاتئي لو ڪئون لڪي، هئي! هئي! عمر ويڙي سڪي،

قدير رب ڏهن جا لکي، هـُـئي هـِـيءَ انهن جي ته باب ۾!

خوش ٿو...!

4- پيرل چوي پڪ ڄاڻ تون، ڏکيا گذاريا ڏينهن مون،

سرڪار رب جي روبرو، هرڪو ايندو ته حساب ۾!

خوش ٿو...!

*

يـــــــاد پون ماروئڙا! وڃان جئري شـال وري،

وڃان جئري شال وري، ڏسي اکڙيــــون پون ٺري!

ياد پون ماروئڙا...!

1- ٿر واريون پٽُ نا ڪن، ٻن پيو پٽُ سونُ سري،

زيب ڪڙيون زينت جون، ظلم ڀــــايـــــان آءٌ ذري،

ياد پون ماروئڙا...

2- گلم، غاليچا، غـُـنچا، پلنگن پيا گل سڙي،

گل ڦل گولاڙن جا ويون ولڙيون واڌ وري،

ياد پون ماروئڙا...!

3- ڏٿ ڏونئرا جن ڏٺا، ڦوڳن پاسي ڦري،

سڱر جي کائن سرتيون تن آه ڳالهه ڳري،

ياد پون ماروئڙا...!

4- حاجي خانڻ چئي حب مئون، پيتمِ ڪيف ڪڙي،

پرين مون کي مانَ ملن، آهيان عيب ڀري،

ياد پون ماروئڙا...!

*

تو لئي سڪندي ٿيڙم سال، ميان،

ساريون صحبت، پئي ٿي سخت گذاريان، يار!

تو لئي...!

1- تنهنجي ڪارڻ سهڻل سائين! هـِـهـِـڙا ڪيڙم حال، ميان،

پايون آلفي ويٺي عشق اجاريان، يار!

تو لئي...!

2- ڪڏهن پرين جو قاصد ايندو، ويٺي وجهايان فال، ميان،

ويٺي واٽن تي جر وهايان، يار!

تو لئي...!

3- دَم ته حياتيءَ جي سـُـڌِ نه آهي، جيئن ڀايان جنجال ميان،

ويهي واٽن تي مان رندڙا نهاريان، يار!

تو لئي...!

*

پنهل کان پوءِ پاڙيچون، ڪـَـتي ڪهڙا ڪاجَ ڪاريندس!

پنهل کان پوءِ ...!

1- نڪو ٿم سنڱ، نڪو سياپو، آهيان گولي گگهيرن جي،

ڳچيءَ ڳل پاندڙو پائي، ميارون معاف ڪاريندس،

پنهل کان پوءِ ...!

2- ازل کئون اصل هو جيڏيون، برو ٿيو بخت ڙي ڀينر،

نه ڏيندس ڏوهه ڏيرن کي، نڪي ڪَرها ڪُهائيندس.

پنهل کان پوءِ ...!

3- اميد علي آهيان ٻانهون، ڌڻيءَ جي در ڀريان جانو،

اڱڻ جي خاڪ اکڙين سان، ٻاروچل جي ٻهاريندس.

پنهل کان پوءِ ...!

*

دل منهنجيءَ کي درد لايون، ڪـَـهه ڪندا ويا ڪيچ ڏي ڪاهيون!

1- ٿي اڻڄاڻ مون نينهڙو لاتو، چئي ڪنهن کي مون ڪين ٻڌايو،

باهه ڀنڀور کي ويندس لايون-

ڪَهه ڪندا ويا ڪيچ...

2- ڇا ڪندس تنهنجا پٽ پٽيهر، ڇا ڪندس تنهنجون محل ۽ ماڙيون،
نٿا وڻن تنهنجا کائڻ ۽ جايون-

ڪَهه ڪندا ويا ڪيچ...

3- چوي فقيرو ڏيرن ڏاڍ جو ڪيڙو، ڇا کئون ڇڏي پنهون ڪيچ جو ويڙو،
سنڱ سڙيءَ جو ناهي، ڪهڙي دعوا الايون،

ڪَهه ڪندا ويا ڪيچ...

*

ويندس آءٌ محب مري، تنهنجي ميان درد فراق ۾!

1- تنهنجي درد فراق ۾، چارئي پهر چري ڙي چري، ميان-

تنهنجي درد-

2- اچي منهنجي سور جي، کولـج دوست دري ڙي دري، ميان،

تنهنجي درد-

3- پيرون چونڊيندس پاند ۾، کٻڙن لام لڙي وو لڙي، ميان،

تنهنجي درد-

4- اديون شاهه لطيف چوي، ملندا محب وري ڙي وري، ميان-

تنهنجي درد-

*

لاڳاپا ويا لهي لهي ميان، شاهه حُسن واري شوق ۾!

1- بهشت دلاسو دوزخ دڙڪو، ڪوڙو آهي قبر جو کڙڪو،

ڊپ ڊاءُ ويا سڀ ڊهي ڊَهي، ميان،

شاهه حـُـسن واري شوق ۾...

2- عزرائيل کان اڳ هواسي، موتو قبل مري جياسي،

سير ڪيو سي سَهي سَهي، ميان-

شاهه حُسن واري شوق ۾...

3- شاهه نصير ميدان انهيءَ ۾، صوفن واري صاف صحن ۾،

خان ايندا ڪي کَهي کَهي، ميان-

شاهه حُسن واري شوق ۾

لاڳاپا ويا لهي...

*

عمر دير لائي ڇو اباڻن، ڏسي ڏوهه ڪهڙو ڏمر ڪيو ڏاڏاڻن-

عمر دير لائي...

1- جدا ٿئي جيڏين کئون سڪندي سال ٿيڙا،

وڇوڙي ويچاريءَ جا هيڻان حال ڪيڙا،

پري کئون پونهاريون ساهيڙيون سڃاڻن-

عمر دير لائي...

2- ڏکن ڪئي ڏهاڳڻ، جلي ويو آ جيرو،

مارو مائٽ مـُـئيءَ جا، ڪيئون ڪونه ڀيرو،

لُڇان روز روئي پڇان پيئي پيڪاڻن-

عمر دير لائي...

3- وساري ولهيءَ کي ڇني ڇو ڇڏيائون،

ڪري ڌار ڌاري گولي نا گڏيائون،

آهيان ننگ انهن جو سچ ڪري جي ڄاڻن-

عمر دير لائي...

4- لُلر ۽ لوڻڪ ٻيو مريڙو مٺو آه،

مکڻ ۽ ماکيءَ کئون، چکي جنهن ڏٺو آه،

کنڀيون کاڄَ خاصا مٺا کئو مٺاڻن-

عمر دير لائي...

5- الله پاڪ پرور اميدان پڄائيندو،

ميلو شير خان سانگن ساڻ ٿيندو،

امانت سلامت پڄايو نماڻن-

عمر دير لائي...

*

سانگي سانگ ويڙا! آلہُ تن کي آڻي،
ناهي ننڊ نيڻن کي نبي پاڪ ڄاڻي!



1- پکي ٿي- پرين ڏي وڃان جي اُڏامي،

سگهان ڪين اُڏري اندر بي آرامي،

سري ڪين ساعت ڳاري دل ڳاراڻي!

سانگي سانگ...

2- پڃري پائبند ٿيل قابو ڪوٽن آهيان،

ڪيس قيد قسمت پنهنجي وس آنءُ ناهيان،

دونهان درد دکن ٿا وسِ ڪين هاڻي!

سانگي سانگ...

3- شير خان دم دم آنءُ سانگين کي ساريان،

ڏکيا ڏينهن گوندر ۾ ويٺي گذاريان،

ويا سور سرتيون سيد جي ساماڻي!

سانگي سانگ...

*

جيڪي سـُـهڻو پاڻ سـَـڏايون ويا، اربيلون اکڙيون اڙايون ويا!
1- استاد اُهي جن پاڙهيو ٿي، درس محبت ڪاڙهيوءُ ٿي،
سـُـتي سورن ڀي سيکاريو ٿي، سـِـٽون سورن جون سمجهايون ويا!
جيڪي سهڻو پاڻ...

2- عاشق اُهي اڙٻنگ هئا، دوست اُهي گلرنگ هئا،
وجهي واسينگ وارا ونگ ويا، سي ته سر تي ورهُ وسايون ويا!
جيڪي سهڻو پاڻ...

3- جاتي دردن جا دڪان هئا، ڏک سورن جا سامان هئا،
وڏا عشق سندا اتي شان هئا، اُهي ماڳ هتئون ته مٽايون ويا!
جيڪي سهڻو پاڻ...

*

جنجل نينهن نباهيو مون، پاڻئون ڏاڍن سان نينهن لايو مون!
1- آءٌ ڇا ڄاڻان انهن ڏکن مئون، سورن ساٿ سمايو مون!
پاڻئون ڏاڍن...

2- آءٌ اياڻي عشق نه ڄاڻان، عشق عجب سـِـر آيو مون!
پاڻئون ڏاڍن...

3- ستي پئي هئس سيج پلنگ تي، جانب ڪين جاڳايو مون!
پاڻئون ڏاڍن...

4- بيدل سان اچي مل مٺڙا، تنهنجي طلب تپايو مون!
پاڻئون ڏاڍن...

*

اچ آرياڻي اچ ميان، پنهل ڄام پـَـهچ ميان، موٽ وڇوڙو ٿو ماري!
1- آءٌ تان ڪوڙي آهيان، سيد آهين سچ ميان، لڳس تنهنجي لاري!
پنهل ڄام...

2- پنڌ اڻانگا ڀـِـٽون ڀاڻان، کنيم ڪونه خرچ ميان، پيڙس تنهنجي پناري!
پنهل ڄام...

3- آءُ ته پرچئون پاڻ ۾، ڪيئون ڳالهن ڳچ ميان، سڀ اندر جون ساري!
پنهل ڄام...

4- ايڏو شهر ڀنڀور جو، چيم ڪنهن نه سچ ميان، اهو مرم ٿو ماري!
پنهل ڄام...

5- سرتيون شاه لطيف چئي! من مئيءَ جي تي مـَـچ ميان، ويو ٻاروچل ٻاري!
پنهل ڄام...

*

هي مولود آڌيءَ رات جو چيو ويندو هو ۽ انهيءَ وقت سموريءَ فضا تي هڪ عجيب ڪيفيت اچي ويندي هئي:

مير مديني جو ڄام، اَلهه کڻي آندو،
ضعيفن جو زمان، مولا کڻي آندو!



1- قـَـد ڪريمن جي مٽُ نه جيڏيون، سرو سنوت ۾ نه آهي،
زلف ڏسي ٿي خجل کٿوري، مشڪ خـُـتن جو ڇاهي،
بره جو بستان، آلہَ کڻي آندو!

ضعيفن جو...

2- آهوءَ کان وڌ عين عجيبن، نازڪ نڪ نوراني،
جوڙ شفيع جو گل نه گلابي، پاڪ سندن پيشاني،
صورت جو سلطان، آلہَ کڻي آندو!

ضعيفن جو...

3- دوست بنان دل درد وڇوڙي، جيڪس ڪئي آهي ماندي،
سو ته دلين جو دلبر منهنجو، جنهن لئي هيڙس گهوري،
مون وٽ سو مهمان، اَلہَ کڻي آندو!

ضعيفن جو...

4- اڄ عجيب اڱڻ مون آيا، ڀال ڀلي جا مون ٿي ڀايان،
پريل چوي تن پرين تئون، ڪهڙي مان گهور گهمايان،
سر ڪيان قربان، آلہَ کڻي آندو!

ضعيفن جو...

*

ويڙ هيچن جا وڳر، آءٌ ڙي عمر!
ويهي هِتڙي ڪينءَ وساريان.
ويڙهيچن...

1- سيج پلنگ تنهنجا ميان، الا! آڇ نه عطر عنبر-
آءٌ ڙي عمر...

2- معاف ڪرايان مِيڙن سان ميان، الا! ڏيهاين جا ڏمر-
آءٌ ڙي عمر...

3- ڏکيا سکيا ڏينهڙا ميان، الا! گذري ويندا گذر-
آءٌ ڙي عمر...

4- لاه اَلہَ لڳ لوهَ جا ميان، الا! نور الحق [1] چئي نِيَر-

آءٌ ڙي عمر...

*

مارن ڌاران موت ووءِ، مون کي ماڙن ۾ آئيو-
ووءِ! ووءِ! ووءِ! مو ن کي ماڙن ۾...

1- مٿي جنازي جڏيءَ جي، مانَ هلي اچي هوت-
مارن ڌاران.... مون کي ماڙن ۾...

2- نجو مڙهه ملير ڏي، هت ٿيان جي فوت،

مارن ڌاران.....مون کي ماڙن ۾...

3- عبدالقادر ڪيئنءَ جيان، هت بنان مون هوت،

مارن ڌاران .....مون کي ماڙن ۾...

*

هن معذور مُئيءَ مٿا الا، ڀيرڙو هوت ڀڃي ويا!
1- ويٺي آهيان واٽ تي، ايندم هوت هتا، الا-
ڀيرڙو هوت...

2- چڙهي جبل چوٽئين، پاڻ ڪندس پرزا، الا-
ڀيرڙو هوت...

3- درد منهنجي دل کي، آهن اهنج اپا، الا-
ڀيرڙو هوت...

4- ڏسي عيب عجيب ميان، ويو ويچاريءَ وٽا، الا-
ڀيرڙو هوت...

5- اشرف چئي ان لاءِ، روئي نيڻ رتا، الا-
ڀيرڙو هوت...

*

ڇپر ۾ ڇوري الا، هوت ڇڏي ويا هيڪلي!
1- اديون هوت پنهل جي، مون کي لڳي آه لوري، الا-
هوت ڇڏي ويا هيڪلي!

2- ڪارڻ هوت پنهل جي، گهـَـٽَ گهمان گهوري، الا،-
هوت ڇڏي ويا هيڪلي!

3- ٻڌي ٻاروچو ويو، ڏکن جي ڏوري، الا-
هوت ڇڏي ويا هيڪلي!

4- اديون عبداللطيف چئي، هـُـئي برهمڻ ڀوري، الا-
هوت ڇڏي ويا هيڪلي!

ڇپر ۾...

*

وئي وهامي رات، الا، جاڳينءَ ڇونه جتن لاءِ!
1- ساٿ لڏيندي سڏ ڪـَـيئي، پنهل پنهنجي وات، الا-
جاڳينءَ ڇو نه...

2- مئي ماري هليا، ڪـُـهي ويا سان ڪات، الا-
جاڳينءَ ڇو نه...

3- توکي ڳـَـهـَـر ڳرو ڪيو، سنجهي ڪياءُ سات، الا-
جاڳينءَ ڇو نه...

4- اديون عبداللطيف چئي، جت زور آور ذات، الا-
جاڳينءَ ڇو نه...

*

هوتن ڌاران هاڻ، الا، ڪينءَ جيئندس آءٌ جيڏيون!
1- ڏٺي جن کي ڏينهن ٿيا، الله سي ئي آڻ، الا-
ڪيئن جيئندس آءٌ...

2- سڪندي مون سال ٿيا، ڪا ڪيون ڪيچن ڪاڻ، الا-
ڪيئن جيئندس آءٌ...

3- صبر، سـُـک وڃائيو، رانول جي رهاڻ، الا-
ڪيئن جيئندس آءٌ...

4- اميدون اٿم احمد شاه چئي، پرين ايندم پاڻ، الا-
ڪيئن جيئندس آءٌ...

*

مئي ڪري معذور، الا! ڪيچي ڪالهه لنگهي ويا!
1- ڪوهيارو ڪانڌ ڪري، ڪيڏا پرايم سور، الا،
ڪيچي ڪالهه...

2- جانب جت ڪري ويا، مون سان ڪيس ڪلور، الا،
ڪيچي ڪالهه...

3- ساريو سپرين کي هتي، وڃين ٿي وهلور، الا،
ڪيچي ڪالهه...

4- ويا سُک سيد چوي، سنگت ٿيڙم سور، الا،
ڪيچي ڪالهه...

*

آءُ ورتيا [2] وجهه فار، وو پوٿيدار،

منهنجي پرين دير ڇو لاتي!

1- آءُ ورتيا سائين توکئون پڇان ٿي، ايندو جانب ڪي هوندو اوڏاهين،

تن ۾ اٿم ڏاڍي تار!

منهنجي پرين...

2- ڏور وڃڻ جي ڪر نه ڏاڍائي، جاڙ هڻي وئين جيءَ ۾ جائي،
نيڻين وهايان نار!

منهنجي پرين...

3- انس فقير چوي آهيان اداسي، ساهه سڄڻ وٽ بت هت باقي،
باري پيا سر بار!

منهنجي پرين...

*

ستي پرايم سور، ڙي، جاڳو! جاڳو! اَوَهي جيڏيون!
جاڳو جاڳو...

1- جاڳڻ سان مون جار نه ڪيڙو، پنهل مـُـئي جو تنهائون ويڙو،
يار ملاقي جن سان ٿيڙو، ٿيو حاصل تن کي حضور، ڙي!
جاڳو جاڳو...

2- اصل کان مان هيس اربيلي، سورن جندڙي ڪئي اٽڪيلي،
ڪل نه لڌڙيم سـُـتيس سويلي، آهي مون ڏاهن ڪل قصور، ڙي!
جاڳو جاڳو...

3- ننڊ نڀاڳيءَ وڌو نهوڙي، ڇوري ڇپر ۾ ڇڏي ويا ڇوڙي،
قلم رباني ڪير ٿو موڙي، ماريس انهيءَ مذڪور، ڙي!
جاڳو جاڳو...

4- حاجي خانڻ حق هڪوئي، مثل سيد جي ڀايان نه ڪوئي،
حال اوريندس تن سان روئي، پل پل پون پرين جا پور، ڙي!
جاڳو جاڳو...

*

جوڳي ٻيا ڀي گهڻان الا، سامي ٻيا ڀي گهڻان، الا-
منهنجو لکيو لاهوتن سان!

1- پورب کان پيدا ٿيا الا، جن کي منهن منجهه مڻيان، الا-
منهنجو لکيو...

2- سينَ هيائون سـُـڃَ ۾ الا، جاتي گهرڙا گهڻان، الا-
منهنجو لکيو...

3- اديون شاه لطيف چئي الا، اڳتئون شال وڻان، الا-
منهنجو لکيو...

*

جوڳين هـُـئي ڪَل ڪا جا!
ڪيائون رمز سهي سندي رام ريجهائڻ!



1- ويٺا پڙهن ”وفي انفسڪم“ طرف ڇڏيائون طمعا جا-
ڪيائون رمز...

2- پـَـهيون ٻنهي جهانن کئون، رهن آديسي آجا-
ڪيائون رمز...

3- پايو منهن مونن ۾، ويٺا فڪر ڪن فنا جا-
ڪيائون رمز...

4- گـُـرَ وٽان تن گودڙيـَـن، سبق پڙهيا ”لا“ جا-
ڪيائون رمز...

5- عبدالله عاشق عجيب اُهي ئي، سامي سليم سٻاجها-
ڪيائون رمز...

*

عاشق نام سڏاوَڻ سؤکا، اؤکا اُس پر رهڻان، جـِـي!
1- عشق سراسر خوني خنجر، سدا سيني وچ سهڻان، جـِـي!
عاشق...

2- طعنا تهمت ڪـُـلَ جي ملامت، عاشقان دي ڳل ڳهڻان، جـِـي!
عاشق...

3- باه بره دي ابراهيم والي، ٻلنديءَ وچ ۾ ٻهڻان، جـِـي!
عاشق...

4- عبدالله ڪسڻ قبوليا، لاشڪ هي سر لهڻان، جـِـي!
عاشق...

*

مست پيالا محبت والا، پيوين ته سر دا سانگا ڇوڙ!
مست پيالا...

1- ڪات ڪنون ڪنڌ ڪڍڻ ڪچائي، مرڻ ڪـَـنون هڻ منهن نا موڙ!
مست پيالا...

2- عاشقي چاوڻ سري لڪاوڻ، ورهَ دي وچ هئي وڏا وڳوڙ!
مست پيالا...

3- تيغ عشق دي تيز تکيري، ڏئي جند عاشق تنهن نون ڇوڙ!
مست پيالا...

4- ڏئي سر عاشق عشق بازيءَ ۾، ٽـَـڳا دنيا جا سڀ تون ٽوڙ!
مست پيالا...

5- عبدالله صلاح اهائي، لاوڻ نينهن نڀاوڻ توڙ!
مست پيالا...

*

عشق ڪيس عريان، صبر سڀوئي سڪ وڃايو!
1- حنفي حنبلي عشق نه ڄاڻي، شافعي مالڪ فرقَ ڏي تاڻي،
ڪيا ڄاڻي نعمان!

صبر سڀوئي...

2- ميم لٿي ير احمد ڇاهي، سڪ وارا ويا اوڏانهن ڪاهي،
قرب ڪيا قربان!

صبر سڀوئي...

3- عرب عين ريءَ سمجهه ته ڇاهي، عبدالله[3] ڇڏ عبد کي لاهي،
ترڪ سنت طغيان!

صبر سڀوئي...

* * *

خان وڏي کي لطيفا، مثالي ٽوٽڪا ۽ قابليت جا قول پڻ سون مـَـنهن ياد هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙو ٽوٽڪو هڻي وجهندو هو، جو ويٺلن کان ٽهڪ نڪري ويندا. ارمان آهي جو انڌو ارواح هڪ لطيفو به ياد رکي ڪونه سگهيس.
خان وڏي جي عمر جو سج نيرڙيءَ ٽپهريءَ تي اچي پهتو هو، ليڪن هن ڪڏهن اهو محسوس ڪونه ڪيو ته صبح ويو، سج مٿي آيو، منجهند ٿي، پاڇا لڙيا، ٻپهريءَ مان به ٽپي سج اچي لاڙون ٿيو آهي. هميشہ خوش، هردم جوان، هر وقت شگفته، ڀائيندو هو ته عمر جي اڃا هاڻي باک ڦٽي آهي. ڳالهه نڪرندي ته چوندو:
”بابا! جسم جهريو ته ڇا ٿيو؟ دل جوان هجڻ گهرجي. مزاج تي بهار رهڻ کپي. مايوسي بزدلي آهي. گوشہ نشيني ڀاڄِ Escape آهي. جيسين جئرو رهجي، تيسين منهن ڏبو اچجي. موت اچي ته به مرڪي منهن ڏجي. ميان حسام الدين! موت به آسان انهن جو ئي ٿيندو آهي، جيڪي مڙس هوندا آهن، جن جي حياتي مرڪندي گذرندي آهي.“
خدا جو شان، پاڻ به اها منزل ڏاڍيءَ آسانيءَ سان ٽپي وڃي پار پيو. دستور اهو آهي ته گذريل زمانن کي ياد ڪيون هر ڪو ٿڌا شوڪارا ڀري پيو ڪندو آهي.
”هاءِ هاءِ! ڪهڙا ڏينهن هئا!“
ليڪن خان وڏو چوندو هو:
”ير، ڪهڙا ويهي شوڪارا ڀرجن ۽ ٿڌا ساه کڻجن. ماضي، حال، مستقبل، سڀ هڪجهڙا آهن. انسان ويچارو ويساري جوگهر آهي، يادگيريءَ جو ڪچو آهي، نه ته ميان حسام الدين شاه سائين! حال ۽ ماضيءَ ۾ ڪو فرق ٿئي ٿو ڇا؟ حال کان ڪو ماضي چڱو هوندو آهي ڇا؟ ماڻهو اجايون حال کان بيزار ٿي ماضيءَ تي پيا شوڪارا ڀرايندا آهن! نه! نه! ڪهڙو ڪم؟ اها بلڪل اٻوجهائي آهي.“
مان چوندس:
”آغا سائين! يعني چئبو ته اهو چوتياپو آهي؟“
کلي ويهندو:
”ير، ائين ڪو چئبو؟ ڪيترا سمجهه جا صاحب به چـُـڪ ڪندا آهن!“
ڪيترن پاڻ جيڏن سان سنگت هوندي هئس، ليڪن پنهنجي سامنهنن خان وڏو انهن کي به نه ٿڌا شوڪارا ڀرڻ ڏيندو نه گذريل زماني تي آهان ڀري ياد ڪرڻ ڏيندو. ويٺو انهن کي به کلائيندو، لطيفا ٻڌائيندو، عقلمندن جا قول ۽ نڪتا سڻائيندو. ڪوشش اها هوندي ته پوڙهن جي دلين تي جيڪا مايوسي آهي، سندن طبيعت تي جيڪا ٿڪاوٽ آهي، هنن جي مزاج ۾ جيڪا بيزاري، ترشي ۽ نراسائي آهي ان جي اثر کي زائل ڪندو رهي.
سندس ننڍي فرزند صدرالدين خان جي شادي ٿي. مرحوم باغ باغ هجي. مون کي ڪراچيءَ کان خاص طرح گهرايائين. ڏٺم ته خان وڏو پنهنجي بنگلي جي وڏي ڪمري ۾ هڪ کٽ تي ڦـَـڻ ڪڍيون ويٺو آهي. سندس چوڌاري پنج - ست سفيد ريش کٽن تي آهليان پيا آهن- ڪي آسيرا، ڪي پاسيرا، ته ڪي شرط سنوان نوان. ڪن جو لٺيون پاسي ۾ رکيون آهن ته ڪن جا لڪڻ کٽن جي تانگهن ۾ اڀا ٿيا پيا آهن. خان وڏو مون کي ڏسي در تي نڪري آيو:
”اچي وَيئو!...
”لک ڀلايون! سوين قرب!...
”ڏاڍو چڱو ٿيو!“
عرض ڪيم:
”آغا سائين، ٽپهري ٿي وئي آهي، پاڇا اچي لڙيا آهن. هلو ته ٻاهر ويهون.“ کلي، منهن ڪَنَ ويجهو آڻي چيائين:
”هي ڪونه ٿو ڏسين، سڀ اڄ، سُڀهن تي آهن. مان توسان هلان ۽ پٺيان ڪو گهرڪي پوي؟ ڇا ڪجي يَرَ، آغا [4] جو چارج ۾ ڏئي ويو آهي.“
گل حسن خان[5] اندران رڙ ڪئي:
”خان! ضرور اسان جي گلا ڪندو هوندين؟“
”ها! ها! ها! ها!“
پٽ ٿي پرڻيس. دل جون مرادون ٿي پـُـنس، سو ان ڏينهن خان وڏو سچ پچ ته جوان هو. ڀلا پوڙهن تي ڪيئن ٿي اک ٻـُـڏَس؟

* * *

ڪراچيءَ جي راڻي باغ ۾ ڪيترن سالن کان ڪراچيءَ جا عمر رسيدا بزرگ شام جو اچي گڏ ٿيندا هئا. اصل ۾ ته پهريون هرڪو گهران باغ ۾ چهل قدمي ڪرڻ ايندو هو. گهمندي ڦرندي هڪٻئي سان واقفيت ٿي. پوءِ راهل مائل ٿيا. ان کان پوءِ واهپو وڌيو ۽ آخر ۾ هڪٻئي جا سنگتي ٿي ويا. هاڻي چهل قدمي ڪرڻ جي بجاءِ باغ ۾ هر روز گڏ ٿي، بينچن تي ويهي، پراڻي زماني جا قصا ڪٽيندا هئا.
”ڇا ته ڏينهن هئا!...
”هاءِ ڙي زمانا!...
”ها سائين، ويا ڏينهن گذري!...
”هاڻي ڇا ٿيندو!...
”اهي ڪي ڏينهن هئا!“
آهون...
ٿڌا شوڪارا- ۽
هاءِ! واءِ!
اهي بزرگ شام جو ويهي جيڪا مجلس ڪندا هئا، ان جو اجهو اهو ماحول هو. ايندڙ ويندڙ کي پيو ائين لڳندو هو ته سڀئي ڄڻ پنهنجي بت مان بيزار آهن. جوان مردن ۽ نوجوان زالن تي جڏهن نگاهه پوندي هـُـين، تڏهن سندن چهرن تي ڪيترا وڪڙ نمودار ٿي ويندا هئا- حسرت غصي جو روپ اختيار ڪندي هئي. بي وسي مـَـسهائپ جو ڌارڻ وٺندي هئي. کل يا ٽهڪڙو سالن جا سال لنگهي ويا، ايندڙ ويندڙ ته ٺهيو پر خود مستقل رهندڙ ماڻهن ۽ چوڪيدارن کي به ياد ڪونه هو ته ڪو هنن جي ڪن پيو. البت ڪن جي منهن تي مشڪ، اها به ڪڏهن ڪڏهن مهني ماسي لحظي کن لاءِ ظاهر ٿي پوندي هئي- سا به ائين جيئن ڄڻ ڪڪرن ڀريءَ ڪاريءَ رات ۾ چنڊ جو ڪو ڪرڻو ڪڪر جي ڪنهن سوراخ مان لياڪو پائي وري لڪي وڃي، اوچتو، ذري ساعت ۽ اک ڇنڀ لاءِ.
بِلا ناغي، هرروز، جهـُـڙ هجي چاهي مينهن، ڳڙو هجي چاهي طوفان، گرمي هجي چاهي سردي، لڪڻ يا لٺ هٿ ۾ کنيون، ڪو منڊڪائيندو، ڪو چيلهه کي موڙا ڏيندو، ڪو هڪ هٿ لڪڻ ۾ ۽ ٻيو ڪمر تي رکيون، ڪو ڪنجهندو، ڪو ڪڻنڪندو، کنگهندو ۽ کانگهارا اڇليندو اچي راڻي باغ ۾ رسندو. باغ جا مالهي به واقف ته چوڪيدار به سڃاڻو. ’چنان جور گرم‘ وارا به شناس ته سگريٽن ۽ پان ٻيڙيءَ وارا گهورڙيا به آشنا. ڀلا روز جو چار چشمي پـِـئي ٿي، بـِـلا ناغي! سامهون ڪيبن ۾ جيڪو مڪراني چانهه وارو هو، سو ته ابتدا ۾ منجهن ڏاڍي دلچسپي وٺڻ لڳو، ليڪن جڏهن ڇهن - ٻارنهن مهينن ۾ به کيس ’ٻوهڻي‘ نصيب نه ٿي، تڏهن هن جي پاليسي بدلجي ويئي، بلڪ جڏهن کين ايندو ڏسندو هو، ان وقت خارون وٺي وينديون هيس ۽ باٽليءَ جي ميري پاڻيءَ مان جيڪو ڇوڪرو ڪوپ ٻوڙي وري ڪيٽليءَ جي ڀڪ ۾ پيو رکندو هو، ان کي چوندو هو:
”اڙي! اچن ٿا!“
”هائو، روز ڀڳا بيٺا آهن.“
”ٿيا جو گهر کان واڌارا.“
”جائي ٿو چوين، گهر ۾ ڪير ليکيندو هوندن!“
جڏهن ڪارپوريشن جو ديسي ايڊمنسٽريٽر بدلجي ويو ۽ انگريز اچي راڻي باغ مان دخل پٽايا، تڏهن هن چانهه واري مڪرانيءَ جي ڪيبن به کڄي ويئي. انهيءَ وقت مڪرانيءَ کي اچي سوسو ٿيو ته شايد انهن بزرگن جي ادب نه ڪرڻ سبب کيس اهو نقصان پهتو!
پهريون اهي پريامڙس ڇُڳا ڇُڳا ٿي، پري پري پيل بينچن تي ويهندا هئا. جڏهن ماڻهن ۽ چوڪيدارن کي ڪهل آئي ۽ هنن محسوس ڪيو ته ايترو فاصلو وجهي ويهڻ به ويچارن جي هم آهنگيءَ ۾ بي ربطي پيدا ٿو ڪري، تڏهن هنن باغ جا دستور پاسيرو رکي، سڀئي بينچون سوري، کين هڪ جاءِ تي ڪري ڏنيون. پوءِ ته ڄڻ سندن لاءِ بهاريون ٿي پيون. نيٺ هو به ته راڻي باغ جو جزو ٿي ويا هئا، ائين جيئن راڻي باغ جي ”زُو“ جو حصو. ماڻهو جيڪي زُو ڏسي، اتان اچي لنگهندا هئا، سي هڪ نظر هنن تي به وجهيون پوءِ پيا اڳتي وڌندا هئا.
ڪنهن کي زريءَ جي پراڻي بنارسي پڳڙي ته ڪنهن کي رنگارنگي ٽوپي، ڪو ترڪي ٽوپيءَ ۾، ڪنهن کي ڪـُـلي تي پشوري پٽڪو، ڪنهن جو ڪوٽ چوغي نما ڪنهن جو شارٽ ته ڪنهن کي خاڪي ڊرل جو فوجي نمونو، ڪنهن جي هيٺ تي پتلون، ڪنهن کي پاجامو، ڪنهن کي شلوار ته ڪنهن کي پـُـليسي پينٽ. عينڪون گهڻو ڪري سڀن جي اکين تي چڙهيل. ڪنهن جي نور کي گهٽ نقصان ته ڪنهن جو صفا نـِـستُ، تنهنڪري ڪنهن جا شيشا ٿلها ته ڪن جا ٿورا سنها. ڪن جا ته مورڳو ٻنهي اکين جا شيشا هڪٻئي کان مختلف، هڪ اک ٻئي کان زياده ڪمزور! لٽا ڪپڙا سڀن کي، کٿل ڪونه البته پراڻي وضع قطع جا. قميصون ۽ هيٺ جو لٽو هر جمعي تي بدلائيندا هئا، ليڪن ڪوٽ ۽ مٿي جي پوشاڪ کي هٿ نه لاتائون. ڪن جا ڪوٽ تڏهن جا هئا، جڏهن هو نوان نوان صوبيدار برٿي ٿيا هئا. ڪن رٽائر ٿيڻ کان ٿورو اڳ سبايا هئا. ڪن جي ڪوٽن کي ايڏو عرصو گذري چڪو هو، جو خود مالڪن کي به ياد ڪونه هو ته هنن ڪڏهن ۽ ڪنهن کان ٺهرايا. ڪي ڪوٽ ته ايترو پراڻا ٿي لڳا، جو انهن جو اصلي رنگ - زمانا ٿيا جو ڦٽي چڪو هو، ۽ استعمال ٿي ٿي ڪپڙو به گاٺ ڪري ويو هين. ڪالر ۽ ڪفن تي گهڻو ڪري ڌاريون چتيون پيل هيون. بوٽ سڀني کي انگريزي نموني جا هئا، پر اهڙا اولڊ ماڊل، جن کي نئينءَ پوشِ ته - جڏهن کان سانڀر ۾ آئي هئي تڏهن کان، بازار ۾ وڪامندو ڪونه ڏٺو هو. ڪن جا منهن ٿلها بلٽاڪ جهڙا بدزيبا، جن کي پرين مڙسن ’گرگابي‘ سڏيو ٿي. ڪن جي ٽو سنهي، ڪي ڪـَـهـِـن سان ٻڌل ته ڪي ڪَهِن جي بجاءِ ڪلپ سان بند ٿيل. ڪن کي ڪارو پيٽنٽ پمپ، جنهن جو به بو اُڏي ويل، ته روغن جون به چتيون چتيون لٿل. ڪن کي لانگ بوٽ، ٿلهي چمڙي جا نه بلڪ گليسڪـِـڊ جا، جيڪي جڏهن خريد ٿيل هئا، تڏهن ته ڏاڍا نرم جهڙا ريشم هئا، ليڪن هاڻي ايامن پڄاڻا گهڻي قدر سخت ٿي ويا هئا ۽ ڪٿان ڪٿان موچيءَ جا موٽا ٽوپا به ڏنل هين. بهرحال نمونا مختلف ليڪن سڀئي هڪجهڙا رسيدا ۽ سرد گرم چشيدا، ۽ حال ۾ به هڪٻئي کان ڪو ٿورو ڪَسُ ڪَسر، يعني نه صفائي نه رنگ روغن! ڪن ته سڄيءَ عمر ۾ رنگ جو منهن نه ڏٺو هو ۽ ڪن کي جيڪڏهن هڪ - اڌ دفعو نصيب ٿيو ته به انهيءَ زماني ۾ جڏهن ڪوبرا پالش Cobra Polish اڃا نئين نئين ڪراچيءَ جي مارڪيٽ ۾ آئي هئي، جنهن جي چوڪنڊين شيشين تي لکيل هوندو هو ’ميڊ اِن انگلنڊ‘. خير، اهو ته ٿيو معاملو پهر پوشاڪ جو، جنهن جو اونو جوان ڪن، هي ويچارا عمر جي شام ۾، ڪهڙا ويٺا ٺٺ ٺانگر ڪن! مڙئي ٿيو کين انگ ڍڪڻو. انهن وڏجـُـڳاين بزرگن جا جسم ته جهور هئا، ليڪن سندن منهن جي تختي به اهڙو بدلجي ويل هئي، جو چتائي ڏسڻ کان پوءِ به پتو ڪونه پوندو هو ته جوانيءَ ۾ نڪ نقشو ۽ خط خال ڪهڙو هين! سڄو منهن گهنج گهنج. کل کي قدرتي روغن جيڪو نرم ۽ چمڪيدار ڪيون بيٺو هوندو آهي، سو ڪن ايامن کان ختم ٿي چڪو هو ۽ هاڻي کَلَ سڪي اُبڙٺ ٿي پئي هئي. مسام به ڪڏهن جا بند ٿي چڪا هئا، جنهن ڪري سردين ۾ منهن کي جيڪو تيل لائيندا هئا، اهو جذب ٿي ڪونه سگهندو هو ۽ هميشہ پيو سندن منهن تي جرڪندو هو. اکيون عينڪن جي اندران ائين ٿي لڳيون ڄڻ ڪڏهن انهن ۾ نه اوجر هو، نه نور ۽ نه نظر، جهڙيون مـُـرديون، ڄڻ ڪنهن ساهه نڪتل ماڻهوءَ جون آهن، ويران، اڇيون ۽ ڀوائتيون. سندن سُنهارين ۽ مٿي جي وارن کي به ڪو شيپ ڪونه هو. جن کي ڏاڙهيون هيون، انهن جي به سـُـڌ ڪانه ٿي پئي ته اصل ۾ هنن جي طبيعت ڪهڙيءَ ڪَٽَ تي هريل آهي، ۽ جن تي صافي گهميل هئي، تن جا وار به هميشہ کل کان ٻاهر پيا ڏسبا هئا ته ڪـَـرَ ڪڍيون بيٺا آهن. عمر ۾ به انهن بزرگن جي ڪو زياده فرق ڪونه هو. ڪو سال اڌ هيڏي يا هوڏي، ورنه گهڻو ڪري سڀئي يڪ سـَـنان. جڏهن مولو مسافرخانو ٺهيو پئي، ان وقت ڪنهن کي شايد ريخ ٿي لٿي. جڏهن پورٽ ٽرسٽ واري جاءِ جڙي بيٺي هئي، تڏهن ڪنهن اسڪول ۾ ستون درجو پاس ڪيو هو. جڏهن بندر روڊ وارو ٽرام پٽو نڪتو ۽ ٽرامون گهوڙن تي هلڻ شروع ٿيون، ڪو ان وقت ڪچ بالغ هو. جهونا مارڪيٽ ۽ کڏي جي وچ ۾ جيڪي پاڙا آهن، سي اڃا ٺهيائي ڪونه هئا، ته ڪو ان وقت ڏاڙهي مڇن جي ساوڪ ۾ هو. لارينس روڊ واري ايڊلجي ڊنشا هاسپٽل جا اڃا کڏا ٿي کنيا، جو ڪنهن مـَـس پاڪي کنئي هئي. مطلب ته اهي سڀئي صورتون انهيءَ تـُـور جون هيون، جيڪو انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ستت ئي مائن جي پيٽ مان نڪتو هو. منجهان ڪنهن کي ميريٽ روڊ تي لوهه جو دڪان هو، جنهن ۾ هاڻي سندس پوٽو ويهندو هو. ڪو بيلجمي شيشي جو واپاري هو، ليڪن تقريباً ويهن سالن کان سڄو مال ملڪيت پٽن ۾ ورهائي، پاڻ ڌنڌو ڇڏي، گهر ۾ الله الله ڪري رهيو هو. ڪنهن سنڌ مدرسة الاسلام جي ماستريءَ تان مدت ٿي، جو پنشن ورتي هئي. ڪنهن کي پوليس جي سپريڊنٽيءَ تان رٽائر ڪئي 25 سال ٿي چڪا هئا. ڪو جوانيءَ ۾ فوج اندر ميجر صوبيدار هو ۽ ”پهرينءَ لام“[6] کان اڳ ئي پاڻ آن فٽ ڪرائي، اچي گهر ويهي رهيو هو. ڪنهن کي اصل ته ڪپهه جو وڏو ڌنڌو هو ۽ شروع ۾ ’راليءَ‘ وارن سان به ڀائيواري هيس، ليڪن پوءِ سٽا هڻندي کـُـٽي پيو هو ۽ بس ايترو بچايو هيائين، جنهن مان مرندي تائين لولو مکي کائي! انهن مان پوليس صوبيدار به رهي چڪو هو ۽ انهيءَ ئي سپريڊنٽ جي هيٺان رهي چڪو هو، جيڪو هاڻي ساڻن گڏ بينچن تي ويٺو ٿي. هن وقت سڀ هڪجهڙا هئا. منجهن ڪوبه فرق ڪونه هو. انهن پرين مڙسن ۾ هڪ ٻه ميمڻ به هئا، جن کي ڪنهن زماني ۾ صدر بازار اندر وڏيون ڇاپان هيون، ۽ هنن سنڌ جي زميندارن کي جيڪو اوڌر تي مال ڏنو، ان جا پيسا وصول ٿي ڪونه سگهيا، جنهنڪري پاڻ قرضي ٿي، آخر ۾ ڏيوالو ڏيئي ويٺا هئا، ۽ انهن کنڌن جون بنديون ۽ لکي ڏنل پرامزري نوٽ اگرچ مدي خارج هئا، ليڪن بطور يادگار اڃا به سانڍيون ٿي آيا. هاڻي فقط ايترو هين، جو مانيءَ ٽڪر پورو ڪري سگهيا ٿي.
انهن وڏ- جُڳائن جي هڪٻئي سان ڏاڍي محبت ۽ خاطري هئي ۽ هڪٻئي جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. ۽ هڪٻئي کي جڏهن مخاطب ڪندا هئا، ته اصلي عهدي جي لحاظ سان، يعني ’سيٺ صاحب‘، ’ماستر صاحب‘، ’سپريڊنٽ صاحب‘، ’صوبيدار صاحب‘، ’ميجر صاحب‘، ’سردار صاحب‘، ’خان صاحب‘. اهو تخاطب هنن کي هر وقت پنهنجي اقبال منديءَ وارو زمانو ياد ڏياري سرور پهچائيندو رهيو ٿي. ازان سواءِ وڏي ڳالهه اها هئي ته رٽائر ٿيڻ يا ڌنڌن بند ٿي وڃڻ بعد جيڪو منجهن احساس ڪمتري پيدا ٿيو هو، سو به انهيءَ طرز تخاطب سان زائل ٿي ويو ٿي، ڇاڪاڻ ته اڃا به هو پنهنجن اصلوڪن عهدن ۽ منصبن جي لحاظ سان مخاطب ڪيا ٿي ويا.
حاصل مطلب اهو ته هن عجيب غريب سنگت ۾، ۽ پرين مڙسن جي انهيءَ رنگارنگي مجموعي ۾، سڀني قسمن جا ماڻهو هئا. سڀئي تجربي جا صاحب، سڀئي پڙهيل ڪڙهيل، ۽ مڙني زمانو ايترو طويل گذاري پار ڪيو هو، جو کين پنهنجي عقل جي پختگيءَ تي پورو پورو بانور هو- ايترو اعتماد ۽ يقين جيڏو کين انهيءَ آفريڪي چٻري جي موجود هجڻ تي هو، جيڪو کانئن ٿوري فاصلي تي زوءَ ۾ هڪ وڏي پڃري اندر بند هو ۽ جنهن جو آواز پنهنجي ويٺي تائين اهي بزرگ پنج ڏهه دفعا روز ٻڌندا هئا- بلڪ هڪ ٻه دفعو ته سڀني صلاح ڪري گڏجي وڃي ان کي ڏٺو به هو، ايڏي ذوق ۽ حضور قلب سان، ڄڻ ٻنهي ڌرين ۾ ڪو روحاني تعلق آهي. آفريڪي چٻرو- عجيب و غريب ڪنڌ هيٺ، هر وقت اکيون بند، ڄڻ ڪنهن وڏي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي، مٿو وڏو، جنهن ۾ گمان پئي ٿيو ته وڏي جڳ جو آهي، تنهنڪري تجربو به اوڏوئي هوندس، ڪڏهن ڪڏهن فڪرات مان جڏهن ڪنڌ مٿي کڻي، اکيون کولي، ڏاڍيان وٺي ٿي ڪيائين ’گُهرُڙ...گُهرُڙ...گهُرُڙ... گهُرڙُ‘، تڏهن نه ڇڙو زوءَ جي سڀني رهاڪن جا ڪن کڙا ٿي ويا ٿي، بلڪ اسان جي هنن پرين مڙسن به گهڙي کن لاءِ زير بحث مسئلي کي نظرانداز ڪري اوڏنهن توجهه ڪيو ٿي.
اهي سڀئي صاحب در حقيقت، سواءِ انهن چند بزرگن جي، جيڪي منجهند تائين به ”ضروري حاجتن“ کان فارغ ٿي نه سگهندا هئا، باقي سڀ گهر ۾ ٿورو وقت گذاريندا هئا، ڇاڪاڻ ته کين گهر ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه هئي. اها ٻي ڳالهه هئي ته گهر وارا به کين پاڻ تي بار سمجهي هميشهه پيا سندن سامنهن اچڻ کان نٽائيندا ۽ ڪيٻائيندا هئا. هو سويرو نڪري وڃي فٽ پاٿن جي انهن بئنچن تي ويهي رهندا هئا، جيڪي وڏن وڏن وڻ جي ڇانوهري هيٺ پيون هونديون هيون ۽ منجهند تائين ويٺا خدا جي جهان جو رنگ ڏسندا ۽ دل وندرائيندا هئا. اهڙيون بئنچون ڪي ”سعيد منزل“ وٽ پيل آهن، ڪي ماما پارسي گرلس اسڪول جي سامهون، ته ڪي جانورن جي اسپتال جي قريب .ڪي صاحب وري صدر ۾ ڪنهن دڪان جي وڌاوڙن تي ويهڪ رکي پيا وندر ڪندا هئا. انهن سڀني کي هلندڙ زماني جي دلچسپ واقعن سان به دلچسپي هوندي هئي، ليڪن اهڙن واقعن کي معلوم ڪرڻ لاءِ هو اخبار ڪونه خريد ڪندا هئا، بلڪ انهيءَ ئي اخبار مان ڏٻيءَ اک سان ڏسي ڪم ڪڍي وٺندا هئا، جنهن کي ساڳيءَ بئنچ تي پاسي ۾ ويٺل ڪو اخباري شوقين پيو غور سان پڙهندو هو، يا ڪن کي صدر جي ايلفنسٽن اسٽريٽ ۾ دڪانن جي اُنهن وڌاوڙن تي ويٺي ويٺي ئي، وڏا وڏا واقعا لنگهيندڙ پائيندڙ کان معلوم ٿي ويندا هئا. شام جو جڏهن سڄي سنگت گڏ ٿيندي هئي، تڏهن انهن واقعن تي پنهنجي عقل ۽ وسيع تجربن جي روشنيءَ ۾ ويهي غور ڪندا هئا، ۽ آخر ۾ گهڻو ڪري متفقه راءِ ٿي اٿندا هئا. هڪ اڌ کي ڪڏهن ڪڏهن اختلاف راءِ به ٿي پوندو هو، جنهن لاءِ وٽن ڪي ئي دليل هوندا هئا ۽ اڳ ۾ به هو ڪيترن ئي واقعن کي ساڳين دليلن جي ڪسوٽيءَ تي پرکي چڪا هئا! پر موجوده دور جي واقعن تي کين توجهه ڏيڻ جو گهٽ موقعو ملندو هو. هنن وٽ ته گذريل زمانن جا ئي ايترا داستان سانڍيل هئا، جو جڏهن ڪا ڳالهه اچي نڪرندي ته هرڪو پيو ڪندو:
”هائو سائين، هائو!“
”ڪاڏي اُهي زمانا، ڪاڏي هي!“
”اُهي ماڻهو ئي مري ويا!“
”مڙئي قادر جي قدرت آهي!“
”هاءِ! هاءِ!“
هر ڪنهن جي ذهن ۾ پراڻي زماني جا نقش اڀري ايندا. ان وقت گهڙيءَ کن لاءِ ماٺ ٿي ويندي. هرڪو ڪنڌ هيٺ ڪري گَهريءَ سوچ ۾ پئجي ويندو. جڏهن اوچتو سامنهن آفريڪي ڊُول چٻرو وٺي ڪندو گهرُڙ... گهرُڙ... گهرُڙ، ان وقت سندن ڪنڌ ڌيري ڌيري مٿي ٿيڻ شروع ٿيندا، ڄڻ اوچتو کين ڪنهن ڌونڌاڙي ننڊ مان اٿاريو. ڪن کان ٿڌا شوڪارا نڪري ويندا، ڪي پنهنجي آهـُـن کي وات تي آڻي وري کائي ويندا، ڪن ويچارن کان ته بي اختيار نڪري ويندو:
”ايس، پي صاحب! ڇا ڪجي، هي ڏينهن به پاڻ کي ڏسڻا پيا!“
دراصل انهن بزرگن جون عمريون ضرورت کان زيادهه تجاوز ڪري چڪيون هيون، ۽ ڪابه ڳالهه جڏهن حد کان ٽپي ويندي آهي، تڏهن اها غير طبعي ٿي پوندي آهي، سو هي پريا مڙس به هاڻي انهيءَ غير طبعي دور مان گذري رهيا هئا، ۽ اهوئي دور آهي جنهن ۾ پنهنجا به ڪڪ ته پرايا به بيزار هوندا آهن.

* * *

اسان جي خان وڏي، راڻي باغ گهمندي، زوءَ مان ٿيندي، انهيءَ آفريڪي چٻري کي تعجب مان ڏسندي، جڏهن هنن بزرگن سان اچي ’چهار چشمي‘ ڪئي، ان وقت سڀن تي استغراق جو عالم هو. ڪن جا ڪنڌ هيٺ، ڪن جون اکيون بند، ڪو آهستي جهوٽيو ٿي، ۽ سامنهن واري بينچ تي جيڪي ٽي ڄڻا ويٺا هئا، انهن مان ٻه مٿي کي هٿ ڏيون ڪنهن وڏي فڪرات ۾ محو هئا- مايوسي، اندوهه، ياس، حسرت، تلخي، ڪرختگي، بيزاري، ۽ آخر ۾ سرد آهون، ٿڌا شوڪار، ۽ هاءِ! واءِ! اهي انهيءَ ماحول جا مختلف عنوان هئا، جنهن کي خان وڏي وڃي ڏٺو. خان وڏي انهيءَ سڄي مذڪور جو جائزو وٺي سڀ کان پهريون ته انهن بزرگن جي بينام مجلس کي نالو ڏنو:
’مجلس محققين!‘
اسان کي جڏهن سڌ پئي، تڏهن پڇيوسي:
”خان وڏا اهو نالو ڇو؟“
خان جيڪي دليل ڏنا، سي برابر دل سان ٺهڪي آيا. واقعي اهي سڀئي محقق هئا. جڏهن ڪوبه مسئلو درپيش ٿيو ٿي، ان وقت هرهڪ ايڏي Authoritative نموني سان بحث ٿي ڪيو، ڄڻ انهيءَ خاص موضوع تي هن سڄي زندگي پئي تحقيق ڪئي آهي ۽ سندس قول هن وقت سَنَد جي حيثيت رکي ٿو.
مستقل طرح جڏهن خان وڏي انهيءَ مجلس ۾ اچڻ وڃڻ شروع ڪيو، تڏهن ماحول ۾ وڏي تبديلي اچي وئي. سڀ کان پهريون لطيفا ٻڌائي انهن بزرگن جي رڳن ۾ نئون ساهه خان وڌو. سڪل جسمن ۾ جان ان کان پوءِ آئي. طبيعتن تي چڙهي ويل ڪٽ انهيءَ بعد ئي لٿي. دماغن تي جيڪو سـُـڪـُـر ۽ دلين تي جيڪا غنودگي هئي، اها تڏهن لٿي جڏهن خان قول اقوال ٻڌائڻ ۽ مثالي مصراع، بيت ۽ ڏوهيڙا ڏيڻ شروع ڪيا. ذهنن ۾ شگفتگي تڏهن آئي، جڏهن خان وڏي جا دلچسپ فقرا ۽ ننڍڙا نڪتا، لفظن جون مزيدار معنائون پهريندا، ٽهڪن ٽهڪڙن جي جهوليءَ ۾ جهوٽا کائيندا، فضا ۾ منتشر ٿيا. انهيءَ کان پوءِ ئي ماضيءَ جي اندوهناڪ يادن جو نقش دماغن تان مٽجڻ لڳو، روح ۾ شگفتگي اچي وئي، جسم توانائي محسوس ڪئي ۽ گفتگوءَ جا نه فقط موضوع بدليا ۽ عنوانن جو دائرو وسيع ٿي ويو، بلڪ انهن ۾ انڊلٺ جهڙا رنگ ڀرجي ويا. خان وڏو گويا سڀني کي ماضيءَ جي اونداهن غارن مان، جتي فقط چٻرن جا گهر، چمڙن جون وٺيون ۽ انهن جون ويهڪان هيون، ڪڍي، زوريءَ ٻاهر جهٽي آيو، جتي هاڻي روشني هئي، تازي هوا هئي، ان کان وڌ ته زندگي ۽ زندگيءَ جون گهڻيون ئي رعنائيون ۽ رونقان اڃا باقي هيون. ان وقت سڀني ائين محسوس ڪيو جيئن ڪو نٽهڻ اُس مان نڪري اچي پاڇي ۾ پيو، ڪنهن وڏي وڻ جي ڇانوهري هيٺ، جتي ٿڌڪار هجي ۽ ٿڌي هير پئي هلي، جتي رڳ رڳ ٺري پوي ۽ لونءَ لونءَ ۾ للڪار اچي وڃي، ڄڻ سڄي من جي مونجهه لهي پوي ۽ مسئلن تي منجهن ”ڊسڪسشن“ ٿيڻ لڳو. سياسي معاملا، انٽرنيشنل مسئلا، ملڪي ڳالهيون، مذهبي ۽ شرعي مسائل، نه فقط اسلامي بلڪ غير اسلامي مذهبن تي به ٽيڪا ٽپڻي ٿيڻ لڳي. مسلمانن جي ٻاهتر فرقن جا اختلاف به سامنهن اچي ويا. سني، شيعن جي اختلافن ۽ خلافت راشده جي چونڊن ۾ ٿيل گهوٻين تي پڻ اظهار خيال ٿيڻ لڳو. مذهبي معاملن تي زياده تر رٽائر ٿيل پوليس جو سپريڊنٽ تفصيلي ۽ يقيني بحث ڪندو هو. خان وڏو چوندو هو:
”ميان حسام الدين شاهه سائين! ايس، پي صاحب ڄڻ شريعت جو صاحب پيو معلوم ٿئي! ڀانئجي پيو ته سڄي زندگي پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪانه ڪئي اٿس، بلڪ مولوي صاحب همايونيءَ جي شاگرديءَ ۾ رهيو آهي!“
”آهي ڪٿان جو؟...“
”هائو! پنجابي آهي!“
”تڏهن ته...!“
”هائو يَرَ، سچ ٿو چئين. رٽائر ڪرڻ بعد حق تي دين جو ماهر ۽ اسلام جو مبلغ ٿي پيو آهي!“
خان وڏو چوندو هو ته:
”ايمان، ايمانداري، حق ۽ انصاف جي سلسلي ۾، آغا منهنجا، اُهي اُهي آيتون ۽ حديثان بيان ڪندو آهي، جو چئي کڻي بس ڪر! اسان جي مولوي محمد قاسم صاحب[7] کي ياد هجن ته ٺهيو، ٻئي کي ڪهڙي مجال آهي؟“
”ايمانداري ۽ ايس، پي؟“
”هائو، تڏهن ته حيرت وٺندي آهي. پر ميان حسام الدين شاه سائين! خانصاحب (سنڌ مدرسي جو رٽائرڊ ماستر) منهن تي چئي ڏيندو اٿس، ڀوڳن ۾، ته ’ست ڪئا کائي هاڻي ٻلي حج چڙهي آهي‘!“
”يعني، آغا سائين! قحبہ چون پير شود پيشه ڪند دلالي!“
وڏو ٽهڪ ڏئي، خان وڏو کلي ويهندو ۽ چوندو هو ته:
”در اصل رٽائرڊ سب انسپيڪٽر سندس افعالن کي چڱو سڃاڻندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن کيس غير حاضر ڏسي کـُـلي پوندو آهي:
’الله جو شان آهي يَرَ، هاڻي ٿو ايمانداريءَ جون ڳالهيون ڪري! ڇڏيائين مئو ڪڪڙ به ڪين. اصل ۾ ته گجرانوالا جي چڪ نمبر 110 جو معمولي ماڻهو هو‘!“
خان چوندو هو ته اسان کانئس پڇندا آهيون ته:
”ڀلا هي پاڻ کي ست پشتيو خاندان ڇو ٿو سڏائي، جي اهڙو معمولي ماڻهو هو؟“
صوبيدار کلي چوندو آهي ته:
”خان وڏا، سمي سٽي کان اورتي جيڪو ٽپندو آهي، سو يڪدم سيد ٿي پوندو آهي! ٻڌو ڪونه اٿوَ جو سياڻان چئي ويا آهن:“
’غلہ گر ارزان شود امسال سيد ميشوم!‘
صوبيدار ته هن جي سوانح عمري بيان ڪندي ڪندي، وڃي شهه ۾ پوندو آهي. چي:
”مولوي صاحب جو ڀلو ٿئي، جنهن پاڻ سان پنجاپي آڻي، سنڌ ويچاريءَ ۾ ڪٺا ڪيا. هيڊ ڪنسٽيبل مان وڃي ايس - پي ٿيو. سڄي زندگي غريبن جو حق کائيندو رهيو. هائو! ڀائو! چرندي آئٺ ڪانه ڇڏيائين، هاڻي بڻيو آهي مولوي. تڏهن ته! رڻ ٻاري ڇڏيائين. ڪنهن جي هـَـڙَ ۾ پائي به نه ڇڏيائين.‘“
خان وڏو چوندو هو ته ”جڏهن ٻئي ڏينهن تي اسان کيس پري کان ايندو ڏسندا آهيون، تڏهن اچي صوبيدار صاحب واريون ڳالهيون ياد پونديون آهن ۽ دل ۾ پيا کلندا آهيون.“

* * *

اهڙيءَ طرح انهيءَ مجلس ۾ شعر سخن جو چرچو به خان وڏي جي شرڪت بعد ئي پيدا ٿيو. هن ئي اچي بيتن، ڪلامن، ڏوهيڙن ۽ مثالي شعرن جي ابتدا ڪئي. خان وڏو جڏهن کُلندو هو، تڏهن ٻڌائيندو هو ته:
”صدر واري ميمڻ سيٺ، ميريٽ روڊ واري بوهري واپاريءَ، جهونا مارڪيٽ واري خوجي ۽ جمشيد ڪالونيءَ واري پارسي صاحب تي شعرن جو ڪوبه اثر ڪونه ٿو ٿئي.“
مرحوم چوندو هو ته:
”کين هزار دفعا ور ور ڏئي معنيٰ سمجهائجي ٿي، ان هوندي به سندن دماغ ۾ ڪانه ٿي ويهي. ميمڻ سيٺ آخر ۾ چوندو آهي: ’ڪُرو باوا، پان کي معاف ڪجو، پان کي مغز ۾ نٿو ويهي‘!“
خير، اها ٻي ڳالهه هئي ته اهي چارئي بزرگ انهن قومن مان هئا، جن وٽ شعر و سخن جو خانو ئي خالي ٿيندو آهي، ورنه ٻيءَ حالت ۾ خان وڏي جي اچ وڃ بعد انهيءَ سموريءَ سنگت جي ماحول ۾ هڪ تازگي ۽ رونق ضرور اچي وئي هئي. ڪيترن بزرگن کي ته پنهنجي جوانيءَ جا ڪي رنگين ۽ الهڙ حادثا پڻ دل تي تري آيا، جن جي ڪري سندن سـُـڪي ويل رڳن ۾ هيڪر نئين سر ساهه پئجي ويو. بدن ۾ انهن يادن سبب سيسراٽيون اڀرڻ لڳن ۽ ڄڻ کين ڪنهن ڪتڪتاڙي ڏئيِ ورتي. اڳ فقط هڪٻئي جو لحاظ ۽ عزت ڪندا هئا، ليڪن هاڻي، جو منجهن روح از سرنو رواني اختيار ڪئي، ته ٿورا بي تڪلف ٿي، هڪٻئي سان چرچا ڀوڳ به ڪرڻ لڳا. کين به ڪيترا نڪتا ۽ لطيفا اچي ياد پيا، جيڪي سالن کان وٺي، سندن يادِن جي دفتر ۾ ائين ڪنڊائتا ٿي ويا هئا، جيئن سرڪاري آفيسن ۾ بي واهن جون لکپڙهون هزارن فائيلن جي بوجهه هيٺ دٻجي وينديون آهن.
ماضيءَ جون يادگيريون کين هاڻي به اينديون هيون، ليڪن فقط ان وقت، جڏهن ڪو بحث ڇڙي پوندو هو ۽ کين پنهنجن پنهنجن تجربن جا دليل پيش ڪرڻا پوندا هئا يا مثالن سان واقعي جي تائيد يا ترديد ڪرڻي پوندي هئي، ورنه هونءَ سمورو وقت کل چرچو، ڀوڳ شوڳ ۽ ٺڙو ٺڪاءُ پيو هلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته اچي رونشي تي چڙهندا هئا ته خان وڏي جي قول مطابق، سپريڊنٽ صاحب جون جهَوڻِيون [8] لاهي ڇڏيندا هئا. هرڪا لاهڻي پئي مٿس لهندي هئي. ڪو چوندو:
”ادا تڏهن ته سياڻن چيو آهي ته ’پنجاپي ايڪ ته ڏون - ڪري ڀاءِ، جي هوَن ڏون ته هي جهڳا ۽ تون!‘“
ٽهڪ نڪري ويندا. گهڻي گهڻي تائين وري انهيءَ مثال جي نوعيت ۽ شان جي نوعيت نزول تي پيو بحث هلندو، مثال پيا ڏبا ۽ تجربا پيا بيان ٿيندا. ڪنهن کي وري فارسيءَ جو مثال ياد ايندو. سپريڊنٽ صاحب ڏي منهن ڪري چوندو:
”ها! خانصاحب، هي ڪيئن؟...
...چشم نيڪي مدار! وارو پهاڪو؟“
اتي خان وڏو وري لفظن جي تشڪيل جون موشگافيون ڪرڻ لڳندو هو. چوندو هو: ”پنجابي... پنج آبي“- ٻيا وري ٽهڪڙو ڏئي چوندا هئا: ”هائو، برابر.“ خان وڏي هڪ ڏينهن اهو به ٻڌايو ته جڏهن هن انهيءَ لفظ جي مجلس ۾ تشريح ٿي ڪئي، تڏهن سنڌ مدرسي جي رٽائرڊ ماستر هڪ فارسي شعر به پڙهيو هو، ياد نه آهي پر انهيءَ ۾ ”يڪ آبيند ۽ پنج آبيند“ جا لفظ هئا.
اتي آغا بدرالدين پڇندو هيس ته:
”بابا سائين! پوءِ ڪجهه جناب ايس، پي صاحب کي خيال ٿيندو آهي؟“ خان وڏو مشڪي ڏاڍيون معنيٰ خيز نگاهون پٽ ڏي کڻي چوندو هو:
”آغا ڏاڍا زوراور آهيو!“
خير، ڪڏهن ڪڏهن چرچو چوٽ به چڙهي ويندو هو، پر دل ۾ ڪنهن کي ڪونه ٿيندو هو. ٻي واه به ته ڪانه هين، تنهنڪري هڪٻئي کان ڪاوڙجي جدا ٿيڻ سندن لاءِ ڏاڍو مشڪل هو. جي ڪو اتان ڇڄي، ته ٻيو ڪير کيس پاڻ وٽ ويهڻ ڏيندو! گهر وارا ته اڳ ئي منجهانِ بيزار هئا. سڀن لاءِ جاءِ پناهه فقط راڻي باغ جو اهو حصو هو، جتي مالـِـهن جي مهربانيءَ سان کين بئنچون هڪٻئي سان لڳو لڳ پئجي مليون هيون.

* * *

خان وڏي جي شرڪت کان پوءِ سڀئي گهڻو ڪري بهاريءَ ۾ هوندا هئا. هرڪو کلي، ڳالهائي، خوش ٿي، گهرن ڏانهن پيو موٽندو هو. انهيءَ ڏينهن البته سڀني جا ڪنڌ وري جهـُـڪي ويندا هئا ۽ ٻيهر مٿن اها ساڳي غنودگي، اندوهه ۽ آلام ڇانئجي ويندو هو، جيڪو خان وڏي جي شرڪت کان اڳ دائمي طرح مٿن مسلط رهندو هو، جڏهن سندن ڪو سنگتي حضرت عزرائيل جي جهـَـٽَ ۾ اچي ويندو هو. عمريون سڀن جون انهيءَ ڪڙيءَ تي آيل هيون، جتي موت کي بيماريءَ يا ڪنهن ٻئي سبب اسباب جو انتظار ڪرڻو نه پوندو آهي. بس اوچتو ۽ اڻ پڇو سٽ لڳي، دم نڪتو ۽ جنازو قبرستان طرف رجوع ٿيو. تنهنڪري کين اها سـُـڌ ئي نه پوندي هئي ته ڪو بيمار آهي يا ان جي حالت خراب آهي. اڄ شام جو گڏ هو، رات جو سٽ آئي، صبح جو ڄڻ همراهه هيوئي ڪونه! پنجن ڇهن ڏينهن جي مسلسل غير حاضريءَ بعد خود ئي سمجهي ويندا هئا ته لاشڪ ته رب ڏي راهي ٿيو. هڪٻئي جي گهرن ۾ وڃي، هڪٻئي سان ملڻ جو، مزاج پرسيءَ جو، حال احوال جاچڻ جو، منجهن شروع کان وٺي دستور ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته هر ڪو پنهنجي دوستن کي گهر ۾ آڻڻ کان پيو نٽائيندو ۽ ڪيٻائيندو هو. ان ۾ گهر وارا ناراض ٿيندا هئا. نوجوان نُهَرُ ته ڀڻڪا ڏينديون وتنديون هيون، ”آيا ٿِي ماريا، ڄڻ هچائون آهن!“ شروع ۾ هڪ اڌ کي جڏهن اهڙو تجربو ٿيو، تنهن بعد سڀڪنهن پنهنجي راه و رسم ۽ دوستيءَ کي راڻي باغ تائين محدود ڪري ڇڏيو. اهو به هڪ مکيه سبب هو، جو کين پنهنجي سنگتيءَ جي ”هالاڻي“ جي بروقت خير پئجي نه سگهندي هئي. اهڙي حادثي کان پوءِ ٻه ٽي ڏينهن مسلسل خوف، هراس ۽ مايوسيءَ جو وايو منڊل پيدا ٿي پوندو هو ۽ ٻين موضوعن کان هٽي فقط عبرت پيدا ڪندڙ عنوانن ۽ سبق آموز سرخين تي ٿوري گفتگو ٿيندي هئي، جنهن ۾ پڻ رٽائرڊ سپريڊنٽ صاحب سڀني کان زياده حصو وٺندو هو، سهڻا اعمال، فاني دنيا، منڪر نڪير، عملن جا دفتر، فنا ۽ بقا، روزو نماز، فرائض ۽ سنتون، ايمان، ايمانداري، مظلومن جي داد رسي ۽ يتيمن جو خيال رکڻ، گناه ثواب، پل صراط، روز قيامت...
انهن موضوعن تي هو معلومات افزا ۽ نهايت مستند ۽ مدلل يعني آيتن ۾ حديثن جي پهري هيٺ واعظانه رنگ ۾ تقريرون ڪندو هو. جنهن وقت اهي نصيحت جا نڪتا ٻڌي ٻيا سڀ ٿڌا شوڪارا ڏيڻ شروع ڪندا هئا، ان وقت رٽائرڊ صوبيدار، جنهن کي دعويٰ هئي ته هن ايس. پي. صاحب جي ماتحت گهڻو وقت گذاريو آهي، کيس ڏٻيءَ اک سان ڏسي، منهن کڻي ٻئي پاسي ڪندو هو. انهيءَ وقت ئي آفريڪي ڊول چٻري جو آواز ايندو هو ته ”گهرُڙ...گهرُڙ...گهرڙ“. ليڪن انهيءَ موقعي تي ائين پيو معلوم ٿيندو ته سندس آواز ۾ ڄڻ تلخي آهي، جيڪا حقارت ۽ نفرت جي وقت سڀڪنهن جي آواز ۾ پيدا ٿي پوندي آهي.

* * *

اها پرين مڙسن جي ڪچهري، جنهن تي خان وڏي نالو رکيو هو ”مجلس محققين“، سالن جا سال هلي، ۽ جيترو وقت خان وڏو ڪراچيءَ ۾ رهندو هو، شام جو اڪثر وڃي ان ۾ شريڪ ٿيندو هو. حقيقت ۾ راڻي باغ (پوءِ گانڌي گارڊن، هاڻي جناح گارڊن هن کان پوءِ الائي ڇا...) کان ٻاهر خان وڏي ان کي مشهور ڪيو، ورنه انهيءَ مجلس مان خواه ان جي افاديت مان ٻيو ڪوبه واقف ڪونه هو. خان وڏي کي به اڄ وصال ڪئي تقريباً ڏيڍ سال ٿي ويو، خبر نه آهي انهيءَ ”مجلس محققين“ جو حال هاڻي ڪهڙو هوندو! ڪيترن محققن راهه رباني ورتي ۽ باقي ڪيترا وڃي رهيا آهن.

* * *

خان وڏي کي پنهنجي ٻن فرزندن سان ڏاڍي محبت هئي. پٽ ته ٻين کي به پيارا ٿين ٿا، ليڪن خان وڏي جي محبت ۾ دوستيءَ وارو دم هو. هو پنهنجي پٽن کي پنهنجو سنگتي، دوست، همدم ۽ محرم راز به سمجهندو هو. هو پٽن تي مفتون هو ۽ پٽ هن تي گهور پيا ٿيندا هئا. خان وڏو ويٺو هوندو، پري کان آغا بدرالدين خان ڪنڌ هيٺ ڪيون، پنهنجي مخصوص انداز ۾ آهستي آهستي جهولندو ۽ جهومندو ائين پيو ايندو، ڄڻ ميخاني مان پيالا پيون پـُـر ٿيو اچي ٿو. خان جي نگاهه مٿس هوندي. خان ائين ويٺو ڏسندس، جيئن عاشق پنهنجي معشوق جي قدم قدم ۾ اکيون وجهي ويهندو آهي. سندس چهري تي خوشي، مسرت ۽ اطمينان جا آثار نمودار ٿي ايندا ۽ ويٺو ڏسندو به ۽ مشڪندو به. تيسين اکيون اوڏنهن هونديون، جيسين آغا بدرالدين سلام ڪري، وٽس اچي ويهندو. اچڻ سان پڇندس:
”بدرالدين خان، خوش آهيو نه سائين!...
”ٻيو مڙئي خير آ نه؟...
”ڀلا شڪر ٿيو، لک ڀلايون الله جون!“
صدرالدين خان ايندو، خوبصورت وجيهه جوان، منهن تي شگفتگي، اکين ۾ حياءُ ۽ حجاب، چهري تي اها رونق، جيڪا صالح نوجوانن جو مخصوص حصو ٿيندي آهي، مشڪندو ايندو، هٿ ۾ ڪنجن جو ڇلو لوڏيندو ايندو. خان وڏو بهار بهار پيو ٿيندو. خدا جي احسانن جا دل ئي دل ۾ پيو شڪرانا بجا آڻيندو. جڏهن صدرالدين خان کلي، اچي سلام ڏيندو، ته خان وڏو چوندو:
”جيءُ آيئو، ڀلي آيئو، ويهو سائين منهنجا ويهو!“
سنڌ جي زميندار کي اهڙا نيڪ، صالح ۽ فرمانبردار، عقيل ۽ صاحبِ شعور پٽ ٿين؟ حقيقت ۾ خان وڏي کي ڏسندي انهيءَ اتفاق تي اچرج ڪونه ٿيندو هو. اهو خان وڏي کي پنهنجي خالق وٽان معاوضو مليل هو، انهن اخلاقن جو، جن تي خان سڄي زندگي ڪاربند رهيو، انهن سهڻن عادتن جو، جيڪي خان جي زندگيءَ جو جزو هيون، ۽ انهيءَ ذاتي ڪردار جو، جيڪو خان پيش ڪيو، ۽ انهيءَ دامن ۽ آستين جو، جيڪا مـُـني صديءَ تائين زميندارن جي برادريءَ ۾ رهندي به بي داغ رهي- اهڙي صاف ۽ سفيد جهڙو کير، ۽ اِها ڪرامت هئي انهيءَ شريفاڻي، نيڪ ۽ صالح ماحول جي، جنهن کي خان پنهنجي ڪائنات لاءِ پاڻ تخليق ڪيو هو، ۽ اها برڪت هئي انهيءَ تربيت جي، جيڪا خان پاڻ پنهنجي پٽن کي ڏني هئي.

* * *

حقيقت ۾ ڳڙهي ياسين جي ڪائنات ۾ جيڪو سڪون، اطمينان، خوشي، شادماني ۽ مسرت مان ڏٺي، اها مون سڄيءَ سنڌ ۾ ڪانه ڏٺي .زميندارن جو سمورو ماحول تاريڪ هو، مردود هو، ۽ سڄو سماج گناهه آلود هو. اصراف، اجايا خرچ، بريون عادتان، سيہ ڪاري، بدڪاري، پنهنجن پراين عورتن سان انهيءَ حد تائين هٿ ڇـُـهائي، جو اخلاق، ننگ ۽ شرم جا سڀئي ليڪا لنگهي بيهڻ- اهي سنڌ جي زميندارن جا روزانا ۽ بنيادي مشغلا هئا، اهي سندن سيرت ۽ صحبت جا مکيه عنوان هئا.
مون کي ياد آهي، هڪ دفعي مان هڪ تمام وڏي زميندار جي بنگلي ۾ ويس، جيڪو انهيءَ طبقي ۾ طبيعت جي لحاظ سان نهايت سٻاجهو ۽ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ نهايت متمدن سمجهيو ويندو هو. ڪجهه تعليم به هيس ۽ اسيمبلين ۾ مسلمانن جي نمائندگي به ڪندو هو. ڏٺم ته نوڪرن چاڪرن جا ڪٽڪ ورانڊي ۾ ويٺا آهن. هڪ آرٽسٽ شرناءِ ويٺو وڄائي، جنهن جي آواز ۾ سـُـر سان سڄو بنگلو ڄڻ ڀريو پيو هو. معلوم ٿيو ته صاحب پاڻ بيڊروم ۾ لاهور جي ڪنهن طوائف سان ”خلاصو ويٺو“ آهي. نينگر لاءِ معلوم ڪيم، خبر پئي ته ٻئي بيڊروم ۾ اهو وري پنهنجيءَ آشنا کي ورتيون ويٺو، خدا جي نعمتن جا شڪرانا بجا آڻي. ٻاهر شهنائيءَ تي مومل راڻو ۽ اندر سينڌيون ۽ سريتان! صبح جا ان وقت ڏهه کن هئا، يعني عين اهو وقت، جنهن مهل ڪڙمي وڏيري صاحب جي زمينن کي هر ڏئي رهيا هئا. پيشانيءَ تان پسيني وهي اچي سندن کڙيون ورتيون هيون. ڏاندن تي باٺا ٿي اُٺا ۽ گهر ڌياڻيون گهرن جا ڪم ڪار لاهي، زمينن تي مانيون ۽ دکيون لسـِـن جون مٿن تي کڻي اڃا هاڻي اچي وڻن جي ڇانوهرن هيٺ ويٺيون هيون. ڪڙمين اڃا جاٽان پوريون ڪونه ڪيون هيون، جو هر مان هٿ ڪڍي اچي نيرن ڳڀو وات ۾ وجهن. بنگلو محل نما هو، سهڻو، وسيع ۽ ڏاڍو سينگاريل ۽ سنواريل، ليڪن منهنجو دم گهٽجڻ لڳو. مان ائين محسوس ڪيم ڄڻ ساهه کڻي نٿو سگهان، ساهه ۾ اچي سوڙهه ٿي آهي. شرناءِ جو آواز ماتمي معلوم ٿيڻ لڳو. منهنجو دماغ چڪر کائڻ لڳو ۽ اکين اڳيان ائين پيو ڀايان، ڄڻ سڄو بنگلو زلزلي ۾ آهي. ايڏو سامان، ايترو تزڪ ۽ احتشام، ليڪن مون کي بلڪل ويران ڏسڻ ۾ آيو. ايترا خدام ۽ ملازم ۽ خواجه سرا، ليڪن منهنجي نظرن آڏو سڀئي غائب ٿي ويا. مان ته هليو آيس، ليڪن اهو واقعو سالن تائين منهنجي دل ۽ دماغ ۾ هيبت پيدا ڪندو رهيو. پيءُ پٽ جي سامهون، پٽ پيءُ جي آڏو سينڌين ۽ سريتن جي ڪڇ ۾! سوبه ڏينهن ڏٺي جو، جڏهن سج سوا نيزي تي، ڏينهن جي ڏهين بجي، دهلن دمامن، سازن ۽ شرنائن جي وچ ۾، کلم کلا، بلڪل برملا، عام جي اڳيان، خدا جو خوف ته ٺهيو، پر ماڻهن جي لڄ ۽ خلق جو لحاظ به ڪونه! اهڙو ناحق، ايڏو انڌير! الامان والحفيظ.

* * *

”تنهنجي ماءُ کي...“
(چُپ)

”تنهنجي ڀيڻ کي...“
(چُپ)

”اڙي تنهنجي جوءِ کي...“
(چُپ)

”هلان موٽي... تنهنجي سڄي ٻار ضبط ڪندس!“
(چُپ)

”تون دلجاءِ ڪر...“

لُنگي لاهي، فرسٽ ڪلاس جي سيٽ تي رکيائين- اهڙي ئي ساڳي پشوري لـُـنگي، ريشمي، نرم نرم، جهڙي خانبهادر جان محمد خان پٺاڻ ٻڌندو هو. وار شرعي، وچ تي سينڌ، مـُـٺ جيڏي سنهاري، جنهن تي راولپنڊيءَ واري وسمه مهندي اڃا اڄ جي لڳل ۽ چنبيليءَ جي تيل جو منجهس چمڪو ۽ هڳاءُ. قداور، متارو، شينهن جهڙو مڙس. نالي جي اڳيان پويان ”خان“ جي جز ڳنڍيل.

”شاهه صاحب جوڙ آهيو؟“
فوراً مون کان منهن ڦيرائي.

”تنهنجي... ننڍڙيءَ کي...“
(ڪنڌ هيٺ، چپ)

”...جا پٽ، رک خدا تي!“
(ماٺ جهڙي ڀِت)

”لان ڳوٺ!“
(چُپ، ٻانهون ائين ٻڌل، جيئن قيام ۾ نمازي ٻڌن.)

”ڙو مان کي موٽڻ ڏي...“
(خاموشي)

”اهه صاحب جوڙ آهيو؟“
وري مون تان توجهه هٽائي،-
”ڙي سوئر جا تخم...!“
(چُپ)

”ڙي ڪڇين ڇو نه ٿو؟“
”جيءُ سائين!“
”جيءُ سائينءَ جا پٽ، مان کي ڳوٺ هلڻ ڏي!“
(چُپ)

”تنهنجو ڄـَـڻ ٻچو ٿو ٻڌرايان!“
(چُپ)

”...تو سمجهو ڇا آهي، ماءُ جا...“
(ماٺ)

کٿل ۽ ميرو پٽڪو مٿي سان، قميص البت کار جي ڌوتل، جنهن کي سوٽيءَ سان داٻڙي تي رکي ڪالهه جوڻس ڌوتو هو. گـُـليءَ جي ريک به ڏنل، پر هڪ ڪري نه- ڪٿي تمام گهڻي، ڪٿي ٿوري ۽ ڪٿي ته اصل ڪانه. هيٺ تي پوتڙو، پر اڻ ڌوتل. جـُـتي موچڪي، ليڪن اڌوراڻي ۽ سڄي مٽيءَ ۾ ڀريل. گاڏي جي ڪنڊ ۾ اُڀو بيٺل، جيئن ڪورٽ ۾ مجرم. ٻـَـئي هٿ ائين دُن تي ٻڌل، جيئن خدا جا نيڪ ٻانها نماز جي قيام ۾ پنهنجي خالق اڳيان ٻڌي بيهندا آهن. ڪنڌ هيٺ جيئن بيگناهه ڦاٿَل، پوليس ٿاڻي تي خوف ۽ هراس کان، صوبيدار صاحب جي اڳيان جهڪيل هوندا آهن.

”توکي ڏسي وٺندس...“
(چُپ)

”ڇڙو موٽي پهچڻ ڏي...“
(چُپ)

”شاهه صاحب ڪاڏي ٿا وڃو؟“
”تنهنجي ڙي...“

يا الله! سوال جي پڇڙيءَ ۾ اهڙيءَ طرح گار ڳنڍي ڇڏيائين، جو منهنجي منهن جو پنو لهي ويو. مان خيال ڪيو ته شايد مان به آوه ۾ اچي ويس. پوءِ ڏٺم ته سوال مون کان ٿي ڪيائين، پر سندس اکيون گاڏي جي ڪنڊ ۾ اُڀي بيٺل ماڻهوءَ تي ائين کتل هيون، جيئن بگهڙ جون ٻڪريءَ تي.

”رک الله تي...تنهنجي...“
(چُپ)

”تنهنجي سڄي آڪهه...“
(چُپ)

”تنهنجون ننڍيون وڏيون...“
(چُپ)

منهن ڦڪو جهڙو هيڊ، چپن تي ڪـَـلـَـرُ، اکين ۾ پاڻي تري آيل، جنهن کي تمام وڏي جـُـهدَ سان ٻاهر نڪرڻ کان روڪي رهيو هو، متان قطرا ڪري فرش تي پون. وڏن ماڻهن جا خيال آهن. انهيءَ کان به زياده ڪاوڙ نه چڙهي وڃي.
اهو ڊرامو جيڪب آباد تائين ٻڌندو ويس. واٽ تي هڪ اسٽيشن آئي جنهن جي هڪ طرف زميندارن جا ڳاڙها پڪ سرا محل ۽ ماڙيون اهڙيءَ طرح ڳاٽ اوچا ڪيون ۽ ڪـَـر ڪڍيون بيٺا آهن، ڄڻ خدائيءَ ۾ ڪنهن کي پنهنجو شاني شريڪ ڪونه ٿا سمجهن، ڪنهن تي به سندن اک ڪانه ٿي ٻڏي. چوندا آهن ته عرش عظيم سڀ کان مٿي آهي، پر هي ان کان به چار آڱر ڪسر هيون. چوڻ آهي ته ڇڙو خدا کي چوٽي آهي ٻيو سڀ هيچ، ليڪن هنن جي هڪ چوٽي نه بلڪ ڪيتريون چوٽيون ان کان به اتاهيون هيون، ريلوي لائين جي ٻئي طرف زميندارن جون حد نگاهه تائين زمينان جن ۾ هاري هر ٻڌيون بيٺا جاٽان ڏين. سندن اگهاڙن ۽ ڪارن پٺن تي نڪتل پگهر مٿان سج جا ڪـِـرڻا پـَـئي، ايڏو چمڪو اٿارن ٿا، جو ڄڻ شعلا ٿا نڪرن، ريل گاڏيءَ ۾ ويٺل پيسينجر جي اکين ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ترورا وجهي ڇڏن ٿا.

* * *

سنڌ جي ڪيترن زميندارن ۾ اهو دستور هو، جو هو پگهاردار نوڪر ڪونه رکندا هئا. گهر جو سڄو ڪم ڪڙمين جون زالون واري تي اچي ڪري وڃن، ۽ ٻاهر جو سمورو ڪم ڌنڌو ڪڙمين کان وٺن- واري وٽيءَ تي اڄ هڪ کان سـُـڀان ٻئي کان. غلامن وانگر زالين مردين دروازن تي پيا دِلا ڀريندا هئا. ان کي چئبو هو ”بيگر“. جڏهن زميندار ٻاهر هلندا هئا ته ان وقت به هڪ ٻه ڪڙمي بطور ملازم جي بيگر ۾ هيون هلندا هئا. انهن جي عزت ڪانه هوندي هئي. گارگند، ٿڪ بجو، لعنت ملامت، صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين قسمت ۾، ۽ ڪڙمت سان گڏ اها بيگر به سندن سر تي.
هيءَ غريب جيڪو جيڪب آباد تائين مسلسل، هڪٻئي سان لڳو لڳ، سلسليوار، بلڪل تواتر سان ماءُ ڀيڻ، جوءِ ۽ ڌيءُ تي صلواتون سڻندو ٿي هليو، سو به ڪو ڪڙمي ٿي ڏٺو جيڪو بيگر ۾ هيون ويو هو. قصور ڇا هو؟ اهو غصو ڇاجي ڪري هو: نه اهو معلوم ٿي سگهيو، نه مون کي ئي پڇڻ جي جرات ٿي، ليڪن مان اهو ڏٺو ته انسانيت جي تذليل جي حد هئي ۽ انسان جي مظلوميءَ ۽ محڪوميءَ جي انتها هئي. ڏاڍي ۽ هيڻي، زيردست ۽ زبردست، حاڪم ۽ محڪوم، ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ ڪهڙو فرق مراتب ٿئي ٿو، ان جي ننگ ڌڙنگ تصوير مان اُنهيءَ ڏينهن ڏٺي، اهڙو قهر ۽ ايترو ڪِيسُ مان اُتهن ڏٺو!

* * *

دادوءَ جي ڪڪڙ تعلقي ۾ هڪ زميندار جي اوطاق ۾ ويٺو هئس. اليڪشن هئي، ووٽ گهربا هئا. ويٺي حال احوال ڏنم. ڏٺم ته هڏن جي آسري تي شهر جو رولاڪ ڪتو ۽ حويليءَ جي جنڊ ڪتِي، جنهن جاءِ تي ڪيتري وقت کان زبان ڪڍي سهڪي رهيا هئا، اسان کان اوتروئي پري، اُنهن کان ٿورو پرڀرو سرڪي، پر انهن جي ئي سنوت تي، هڪ انسان اچي ڌرتيءَ تي ويٺو. گهڻي گهڻي کان پوءِ زميندار، جنهن کي انگريز سرڪار وٽان ”خانصاحبيءَ“ جو لقب به مليل هو، پاڻ به وڏو تجربيڪار، سفيد ريش ۽ تعليمي ڇا بلڪ سڄي ضلعي اندر نهايت سمجهدار ۽ وڏي عقل جو صاحب ليکيو ويندو هو، ان ڏانهن متوجهه ٿيو:
”اڙي ڌَنون ڇو آيو آهين؟“
”سائين ڀاءُ مرڻينگ ٿي پيو آهي. هاڻي نياپو آيو آهي ته اچي منهن ڏسي وڃ.“
گار ڏَئي: ”... رونبن جي وقت رُلبو آهي ڇا!“
”سائين لاچاري حالت آهي. اڪيلو ڀاءُ هڪ ابي اما جو!“
وري گار ڏَئي: ”... چڱو وڃ، پر ... سڀاڻي موٽجانءِ، نه ته رونبي ۾ مزور ڇڏينداسي.“
”سائين خرچ لاءِ پنج رپيا گهرجن!“
”... هتي پڻهين خزانو ڇڏي ويو آهي!“
”سائين لاچاري آهي.“
گار ڏيندي: ”... توتي اڳ ئي تقاوي گهڻي چڙهيل آهي. اڃا تازو ڏاري جو مڻ ورتو اٿئي!“
ڀايان گار خانصاحب جو تڪيو ڪلام هئي. هر جواب جي بسم الله گار سان ٿي ٿـِـئي. هاريءَ هٿ ٻڌي چيو:
”خاوند سائين! هيءُ دفعو ايسان[9] ڪيو. ڏاڍي لاچاري آهي. وقت اچي مٿان پيو آهي.“
”چل چل ... ڇڏ لُڙُ. اجايو مغز نه کاءُ!“
”سائين ڀلائي ڪيو. منجهي پيو آهيان. ڪاڏنهن سڻائي ڪانه ٿي ٿئي.“
”... آسودي مل کان ڇو نه ٿو وٺين؟ اهو ماڻهين جو مڙس جو ويٺو آهي!“
”سائين منهنجا، ان به جباب ڏنو.“
”... ڪنهن ٻئي کان اوڌر وٺ!“
”سڄو اوڙو پاڙو هنيو اٿم، ڪاٿهون سؤلي ڪانه ٿي. ڪنهن وٽان پائي ڪانه لڌي.“
”... ڪارو مٿو لاهه!
”سائين واسطي رب جي! هڪڙو ڀاءُ اٿم!“
”اڙي نڪر... اجايو مٿو کاڌو اٿئي!“
غريب، جنهن کي ليڙان ليڙان پٽڪو مٿي سان ٻڌل، ڪاري صدري بت تي ۽ نيرو پوتڙو سٿرن تائين هو، سو چپ ٿي ويو. ڪنڌ هيٺ ڪري، ڪاٺيءَ سان زمين کوٽڻ لڳو، جيڪا تمام گهڻي ڇڻڪار سبب سيڪجي وئي هئي. ڪڙميءَ جو ڪم ئي زمين کوٽڻ هو، سڪل هجي چاهي سيڪيل. گهڻي گهڻي کان پوءِ ڪنڌ مٿي ڪري، هن زبان کولڻ جي ڪوشش ڪئي. ڏاڍيءَ ڪشمڪش بعد به ڪي اکر هئا، جو زبان جي نوڪ تي ته آيا ٿي، ليڪن چپن کان چري نٿي سگهيا. آخر هٻڪي، هٿ ٻڌي، ڏاڍي نيزاريءَ منجهان هڪ دفعو هو چند لفظن کي هڪ ساهيءَ ۾ ٻاهر آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو:
”ڀلا سائين، ڇڙو ڏيڍ رپيو ڀاڙي لاءِ ڏيو!“
خان صاحب جي صبر کي آفرين هئي. ايترو وقت هن سڀڪجهه ويٺي برداشت ڪيو. هاڻي ڳالهه زور ٿي وئي هئي. ڄٽ اصل چنبڙي پيو هو:
”غلام رسول! وٺي مادرچود کي ڏاڙهيءَ کان ڪڍ ٻاهر!“
هڪ در کان خومچا مانين جا ٻه ٽي ماڻهو مٿن تي کڻي اندر آيا، ٻئي در کان غلام رسول ڄٽ کي ٻانهن کان وٺي ٻاهر ڪيو. جڏهن غلام رسول ٻانهن مان هٿ ڪڍيس، تڏهن هن ٿڌو ساه ڀريو ۽ چيائين:
”اي قادر، مڙئي تنهنجا کيڏ آهن!“
انهن اکرن جو اسان ڇڙو ڀڻڪو اندر ورانڊي ۾ ٻڌو، ڇاڪاڻ ته ان وقت نوڪرن تي خانصاحب جي گارين جو ڌوڙيو پئي پيو:
”مادر چودئو، ڏسو ڇا ٿا؟ رکو ماني!“
گارين جي انهيءَ انبوهه ۾ اهو ڀڻڪو به گهُٽجي گم ٿي ويو. ڄٽ جي پٽ درحقيقت چيو ته سچ! ڀلا جي اهي سڀئي کيڏ قادر جا نه هجن ها، ته هوند هن کي ڏيڍ رپئي لاءِ محتاج ڇو ڪري ها ۽ اسان لاءِ ست رڇيون ڇو؟ ڳالهه غور ڪرڻ جي قابل آهي!

* * *

اهو ماحول انهيءَ طبقي جو، جنهن جو خان وڏو به هڪ فرد هو. اهوئي سبب هو، جو منهنجي دل ۾ خان وڏي لاءِ نه ڇڙو محبت هئي، بلڪ عظمت به هئي. هو پنهنجي دؤر جو عظيم ماڻهو هو، ان ڪري جو هن پنهنجي سڄي ماحول سان بغاوت ڪئي هئي، هن پنهنجي نفس سان جهاد ڪيو هو، هن پنهنجي هٿن ۽ پيرن، اکين ۽ ڪنن سان جدوجهد ڪيو هو، وڏن ڪشالن ۽ ڏاڍن رياضتن بعد خان وڏي انسانيت جي انهن سڀني دشمنن تي فتح حاصل ڪئي هئي. انهيءَ کان پوءِ ئي ته هن زندگيءَ جو سڄو سفر اطمينان قلب سان کلندي، ٽهڪ ڏيندي، بيت ڏوهيڙا ٻڌائيندي، لطيفا ۽ نڪتا سڻائيندي، خوشيءَ ۽ خورميءَ سان طيءِ ڪرڻ شروع ڪيو. سندس دنيا ۾ روڳ ۽ رنج ڪونه هو، رت ۽ پونءِ ڪانه هئي، انڌيرنگري ڪانه هئي. هر وقت چانڊوڪيون، هر وقت ستارن جون سيجون، هر وقت ٿڌيون هِيران ۽ هميشهه ماکيون ۽ مصريون. هو هر وقت، هر جمال ۽ هر هنڌ تي بهاريءَ ۾ رهيو.
هاڻي خان وڏو اڻ ڏٺي ڏيهه تي آهي. الله ڪندو شل اتي به سدائين خوش ۽ خوشحال هوندو. قسمت ٿي ته پيا ميلا ٿيندا!

لنگهيا لڊاڻون، ڪاڪ ڇڏيائون پوئتي،
تاتي وڃي رسيا، جاتي مومل نه راڻون،
نه ڪا مسجد تڪيو، نه ڪو ٽڪاڻون،
تاتي ٿين ٿاڻون، جاتي مون! تون! ناهه ڪا!

___________

[1] پريس جي جاءِ ”سنڌ زميندار“ سان لڳ، مارواڙين جي پاڙي ۾، مدرسي بورڊنگ هائوس جي ڀر ۾ هئي. جاءِ ٻه - طبقي هئي، هيٺ پريس ۽ مٿي مالڪ پاڻ رهندا هئا. شيخ سليمان جو وڏو فرزند شيخ عبدالعزيز خلافت تحريڪ جو مکيو ڪارڪن ۽ قومي ورڪر هو. راقم الحروف کيس 41- 1942ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڏٺو. ڀائن کان ڌار، هڪ ننڍيءَ ليٿو پريس تي گذربسر ڪندو هو. شيخ عبدالباقي، سندس ٽيون نمبر ڀاءُ، حال حيات سنڌ سرڪار جي زرعي محڪمي جو مکيو عملدار آهي.
[2] مئي 1928ع ۾ نظر علي خان مقرر ٿيو. ٻن ٽن مهينن اندر احمد علي خان عليگ ۽ سندس وچ ۾ جهڳڙو ٿي پيو. احمد علي خان استعفا ڏني ۽ راشدي صاحب ايڊيٽر ٿيو.
[3] لارڊ ارون جو زمانو: 1926ع - 1931ع. گانڌي - ارون پئڪٽ جو سال: 1931ع.
[4] سائمن ڪميشن 1928ع ۾ آئي.
[5] سرحد جي انهيءَ هلچل تي ظفر علي خان پنهنجو هڪ نظم ”زميندار“ ۾ ڇپيو، جنهن جو عنوان هو ”فرزندان سرحد“، اُن جا چند شعر هي آهن:

مــــــلــڪ الــــمــــوت ڪــــــو خـــــاطر مـــيـــن نـــه لانــــي والــي
گوليان، تانـــــي هـــــوئــــــي ســيــــنــــون په کهانــي والــي
قبر تــــڪ جبر ڪــــو ســــهــــتــي هـــــــوئــي جـــــانــي والــي
صبر ڪــــــــــا معجزه دنـــــــيـــا ڪــــــــو دکانــي والــي
جانتــي بهي هو ڪه ڪس خاڪ ســي اڻهي هــي يه قوم
جس ڪــي گن گاتــي هين اور گــائين گــي گانــي والــي
فــــــــــــــخـــــر هـــــي صـوبه سرحد ڪــــــــو، ڪه ان کــي ذري
هين خمير اس ڪــــي شــجاعــــت ڪــــــا اٺانــي والــي .
(گجرات جيل ۾ چيل - 1930ع)

[6] ”سنڌ زميندار“ يا سکر جون ٻيون هندو اخبارون گهڻو ڪري خبرون انهن اخبارن تان نقل ڪنديون هيون. انهيءَ زماني ۾ ٽيلي پرنٽر به ڪونه هئا ۽ سڌين خبرن گهرائڻ جو رواج به ڪن خاص اخبارن کان سواءِ ٻين ۾ ڪونه هو.
[7] مرحوم اهو بيت ڪڏهن ڪڏهن سر سان ڳائيندو هو. اسان به ڳائڻ ۾ سندس همنوائي ڪندا هئاسي. مرحوم ان تي ڏاڍو کلندو هو. گهڻن ڏينهن بعد جڏهن معنيٰ معلوم ٿي، تڏهن مرحوم جي کلڻ جو راز وڃي سمجهه ۾ آيو.
[8] مسٽر يار محمد ميمڻ ان وقت دفتردار هو.
[9] امان الله ۽ سندس گهر واريءَ جون اعتراض جوڳيون ليڪن فرضي تصويرون افغانستان ۾ تقسيم ڪيون ويون، جن ۾ ڏيکاريل هو ته امان الله ۽ سندس بيبي شراب پين ٿا، يورپ ۾ غير مردن ۽ عورتن سان ناچ ڪن ٿا، راڻي ثريا اهڙي پوشاڪ پائي ٿي،جنهن ۾ نيم ننگي پئي لڳي!
[10] اُنهيءَ خط جي ڪاپي ”زميندار“ کان سواءِ لاهور جي ”انقلاب“ اخبار ڏانهن به آئي هئي، ليڪن مولانا غلام رسول مهر ٻن سببن ڪري ان کي شايع نه ڪيو- هڪ ته نادر خان سان سندس ذاتي تعلقات هئا، ٻيو ته هن سمجهيو ته افغانستان ٻن خوني انقلابن مان مسين مسين ٽپي هاڻي پار پيو آهي- هن وقت اهو خط ڇپي ماڻهن جي جذباتن کي وري هيجان ۾ آڻي، ٽئين انقلاب جو آغاز ڪرائجي، اهو مناسب نه ٿيندو، اُها نه عقلمندي آهي ۽ نه مسلم دوستي. مولانا ظفر علي خان مرحوم ته هو ڇڙو جذباتي، نه خيال ۾ رکندو هو مصلحت ۽ نه ڏسندو هو وقت، جيڪي دل ۾ آيس سو ڪري وڃي پار پوندو هو، پوءِ نتيجو کڻي ڇا به نڪري.
[11] ديناناٿ سهگل کي پاڪستان بنجڻ کان پوءِ مان ڪراچيءَ ۾ ڏٺو، جڏهن هو ’ڦر بسائو ڪميٽيءَ‘ جي وفد سان گڏ آيو هو- قد جو ننڍو، سٺ ورهيه کن ڄمار، ڏاڙهي مڇان ڪوڙيل، بدن تي ڪارا لٽا مان کانئس پڇيو: ”هاڻي ته آزادي ملي آهي، ڪارن لٽن کي ته هن وقت لاهڻ گهرجي!“ ڏاڍي ڏکويل لهجي ۾ چيائين- ”ليڪن منهنجو ماتم ته اڃا جاري آهي، هي جو هندو مسلمانن جو نفاق هليو اچي!“ هيءُ مقدمو چار سال هليو- 29- 1933ع هن ۾ ٻيا به ڪيترا ملزم هئا، جهڙوڪ: ايس. اي. ڊانگي، ايم. آر. گهاٽي، ايڇ. سي. وتسائنا، مظفر احمد، ايم- اي- مجيد، ۽ ٽي غير ملڪي به هئا، جن مان هڪ انگريز هو، جملي 40 کن مجاهد گرفتار هئا.

[12] 1929ع جو اسيمبليءَ ۾ بم هنيو ويو. محمد پناهه خان ڊکڻ ان وقت بحثيت ميمبر جي موجود هو، جنهن چشم ديد قصو ۽ پيدا ٿيل فضا جو بيان ڪيو.
[13] 23- مارچ 1931ع جي اڌ رات جو کين راويءَ جي ڪناري تي ڦاسي ڏني وئي .
[14] 31- ڊسمبر 1931ع جي ان رات جو پهريون دفعو ڪانگريس مڪمل آزاديءَ جو ٺهراءُ پاس ڪيو.
[15] ايڊيٽر مجيد ملڪ صاحب.
[16] منهنجي ڳوٺ جي ريلوي اسٽيشن.
[17] ”الحقيقت“ اخبار سڀ کان پهريون سر ڀٽي کي ”فخر قوم“ لکڻ شروع ڪيو هو، جنهن جي جواب ۾ ”سنڌ زميندار“ ۾ کهڙي لاءِ نظر علي خان مرحوم ”محترم قوم“ جو خطاب ايجاد ڪيو.
[18] منزل گاهه تي مولانا طفر علي خان جو هي نظم زميندار ۾ ڇپيو:
غيرکــي تحـــــويل مـــــيــــن مسجــــــــد هــي منزل گاه کي
قبضئہ طـــــــــــــــاغوت مـين هـــــي جائــــــداد الله کي
يه وه گهرهــي جس مـيـــن ملتا هـــــي سبق توحــــيــد کــــا
اور اڻها دي هــي تميز اس نــي گـــــــــــدا و شــاه کي
يه وه گهر هــي جس نــي پهيلائي هــــــي ايــمان کي ضيا
روشني پـــــڙتي هــــي جـــس ســي مـانــد، مهروماه کي
يون پڙا هـــوتـــــــا نه تـــــالا گــــهـــر مـــــيـــــــن رب کعبه کــي
حکمــــراني سندهه مين هــــــــــوتــــي گر آصف جــــاه کي
اي مـسلمـــانو! نـــــشـــــان ”مـعـصـوم“ کــــــــــا مڻنــي نه دو
تاکه هــو آســــوده روح اس مـــرد حـــق آگـــــــاه کـــــــــــي
آج سکـــهر مــين هــــي دنــــگــل کــفـــــر اور اســــــلام کـــا
ديکــــهه لـــــي هندوستان کشتي يه کـــــوه وکـــــــاه کي
مزده هــــــــــو اســـــــلام کـــو باطل کي شـــه رگ ڪـــٽ گئي
جب لـــگــــائي هـــم نــي آکــــــر ضــــرب الاالله کـــــــــي
کافرون ســــي جاکــي کـــهـدو نکته چين ديـــــــن پرنه هــون
دين مين گنجـــــايـــــش نهين هــي جبر اور اکراه کـــــي
اس سمنـــدر کا شنـاور زادهء تــــــــوحــــــيـــد هـــــــي
لا نهين سکتا خبر گــــــــردون بهـي جسکــي تهاه کي
کهدو گـانـــــدهــــــــي ســـــي نه الهجي مـــلـت اسلام سي
عـــرش تـــک پـــرواز هــي اسکــي جهـان سوز آه کـــي
سلسبيــــــل و ڪوثر و تســــنيــم کــــــــا هــي اتصــــال
سنده کــــــا دريـــــا هــي يــــا رحـــمـت رسول الله کـــــــي
ميــري نظـــمِ گـــــــوهــــريــــن هــي آفــــرين ســي بــي نيـــــاز
وه ســـــخنور هـــــــون نهيـــن پـرواه جسکو واه کــــــــــــي
سندهيون کو جاکــي دو پيغام مسلم ليگ کا
هــي تلاش ان کوگر آزادي کي سيدهي راه کي.

منزل گاهه جي هٿرادو پيدا ڪرايل فساد کان اڳ، جي- ايم- سيد، الهه بخش شهيد جي وزارت کي ڪترائڻ لاءِ، مسلم ليگ کي دعوت ڏئي، جناح صاحب کي سنڌ ۾ گهرائي، 1939ع وارو اجلاس سڏائي، پاڪستان وارو ريزوليشن پاس ڪرايو. جنهن بعد سنڌ جي سياست ۽ سموري هندوستان جي هندو- مسلم سياست جو رخ ۽ هواءِ بدلجي وئي.
[19] فردوسيءَ جو مشهور شعر ۽ بشار بن برد يا متوڪلي شاعر جو عربي شعر يا انهيءَ دور جي ٻين شاعرن جا عربي توسيع پسنديءَ جي خلاف چيل شعر ڏسڻ گهرجن، (مفاج اول ص 23 تا 30) انهن شعرن مان ظاهر آهي ته جن ملڪن کي عربن فتح ڪيو، اتنهن مذهب کان زيادهه سلطنتي ڦهلاءَ جو جذبو ڪارفرما هو، ۽ مقامي ماڻهن سندن انهيءَ جذبي خلاف نهايت شدت سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
[20] ”بدڪي“ انهيءَ کي چئبو آهي، جنهن لٽي ۾ هندو پنهنجا ٽپڙ ٻڌندا آهن - بجاءِ بيگ جي هو بدڪي کڻندا هئا.
[21] اهو سکر جي هندن جو اکر هو، ’لوهو‘ معنيٰ لَهو، رت.
[22] مرحوم پنهنجي راءِ ظاهر ڪرڻ نه گهرندو هو ته چوندو هو ”منهنجي راءِ محفوظ آهي.“
[23] سردار جاڳڻ خان ڀئي جو ننڍو ڀاءُ. جي عمر وفا ڪريس ها، ته سنڌ جي مسلمانن ۾ موتي ٿئي ها، پر 22-23 جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويو. نيڪ ۽ سلڇڻو نوجوان هو. حيرت هئي ته زميندارن جي آڪهه ۾ اهڙو امل ماڻڪ ڪيئن پيدا ٿيو! شايد اهوئي سبب هو، جو آب و هوا راس نه آيس. مکڙي ٽڙندي ئي ڪومائجي ويئي ۽ ٽاريءَ مان ڇڻي اچي زمين تي پئي.

يه ڦول اپني لطافت ڪي داد پا نه سڪا،
کلا ضرور، مگر کل ڪــي مسڪرا نه سڪا!

[24] سکر جي پهرين فسادن ۾ هندن نظر علي خان تي ڪيس ڪيو هو ته هن ڳوڻين جي سبڻ وارو سوئو هڻي، هڪڙي هندوءَ کي ماريو آهي. سي. آءِ. ڊيءَ. ۾ جاچ هلي. جنرل لائبريريءَ جي لائبريرين مسٽر ماکيجاڻيءَ، ريمگٽن ٽائيپ رائيٽر جي ايجنٽ مسٽر ٽنڊن ۽ آرت مل شاهديون ڏنيون ته جنهن تاريخ تي اهو قتل چيو وڃي ٿو ته ٿيو آهي، ان تاريخ تي نظر علي خان سکر ۾ هوئي ڪونه. هندن ڏاڍا زوربار آندن، ليڪن اهي ٽيئي هندو دوست سچ کان منهن موڙي نه سگهيا. انهن جي ئي شاهديءَ تي نظر علي خان جي جند ڇٽي.
[25] اخبار جي پني جو هڪ ريم. 0- 14- 1 ملندو هو. پريس ۾ ڪڏهن ته ايترا پئسا به ڪونه ٿيندا هئا، جو پنو وٺي سگهون.

__________

[1] لاڙڪاڻو حسن ۽ حسن پرستي ۾ هونءَ به برک ۽ مشهور هو، جهڙيءَ ريت ڪنهن واهڻائي شاعر چيو آهي:

لاڙڪاڻو ساه سيباڻو معشوقن جو مڪان آهه،
عاشقن لاءِ برهه جو بستان آهه.

کليون بازاريون حسن واريون، بندر بي بيان آهه.
محب موچارا وتن سينگاريا، شاهي ته جن جو شان آهه.

باغ بهاري چمن چوڌاري، گلن جو گلستان آهه.
عندليبن عاشقن سائين، نينهن جو نيشان آهه.

اهڙو شهر برهه بحر، ڪاٿئين ڪونه عيان آهه.
صورت سيرت هلڻ چلڻ، صفت ۾ سلطان آهه.

امير بخش جائي ملڪ خدائي، جوڙيو ته جوڙ جوان آهه.
ڪل نفس ذائقة الموت جو پر جهان آهه.

ساوڪ، سبزو، واهه، وڻراهه، ماڻهو ڏسڻا وائسڻان، حسين ۽ شوقين، ڪمي ڪنهن ڳالهه جي ڪانه هئي؛ پر هرڪنهن شهر کي وصف ۽ خصوصيتون پنهنجيون پنهنجيون آهن، تيئن سکر کي پنهنجون جدا خوبيون هيون.

[2] محمد پناهه خان بيمار ٿي شڪارپور ۾ علاج خاطر رهيو، خانبهادر احمد خان ڀـُـٽو ۽ مان نوديري مان گڏجي کيس ڏسڻ وياسين- جمعي ڏينهن 3 مارچ 1950ع (13- جمادي الاول 1329 هه) تي. اهو آخري ديدار هو. ڪلاڪ کن رهاڻ ڪري موٽي آياسين. اسان ڏسندي ئي حياتيءَ مان اميد لاٿي هئي. پوءِ ڊکڻن ۾ آندو ويو، جتي 8- اپريل 1950ع (ڇنڇر 19- جمادي الثاني 1329 هه) جو هي جهان ڇڏيائين. سندس ڄم آگسٽ 1894ع ۾ ٿيو. غلام قادر خان سندس والد جو نالو هو، جيڪو 1845ع ڌاري ڄائو ۽ سندس وفات 1899ع ۾ ٿي. خانبهادر جي وڏي ڀاءُ جو نالوخانبهادر شاهنواز خان هو- بي انتها حسين جميل ۽ نازڪ اندام، اهڙو جهڙو گلاب جو گل. ڏاڏي مرحوم سان سندس ٻٽيهه دليون هيون. مون کي سندس وفات وارو ڏينهن چٽيءَ طرح ياد آهي 21- جنوري 1918ع جو شام ڌاري ٿي.
[3] انگريزن جو اگرچ دشمن هيو، ليڪن انگريزيءَ جو عاشق ۽ تاريخي لحاظ سان محمد شاهه رنگيلي ۽ لال ڪـُـنوار نچڻيءَ جي دور جو ڄاڻون هيو.
[4] هيءَ يادگار مجلس 7 اپريل 1955ع جو ڳڙهي ياسين ۾ ٿي.
[5] چراگاهه
[6] 22- اپريل 1957ع رات جو 8 بجي فوت ٿيو. سنڌي مسلم سوسائٽيءَ جي قبرستان، ڪراچيءَ ۾ دفن ٿيل آهي. پاڻ 1- آگسٽ 1887ع ۾ پيدا ٿيو. ملازمت مارچ يا اپريل 1913ع ۾ شروع ڪيائين.
[7] ملا عثمان 31 جنوري 1906ع جو قريباً ٽيونجاهه ورهين جي ڄمار ۾ انتقال ڪيو.
[8] سڀئي ڀائر بي. اي؛ ايم. اي؛ ايل. ايل. بي، هئا. غلام مصطفيٰ خان بي. اي؛ ايل. ايل. بي؛ ايم. اي. 1911ع جو فراغت حاصل ڪئي، نوڪريءَ مان 1934ع جو نڪتو.
غلام صديق خان 1911ع ۾ بي. اي؛ ايل. ايل. بي. پاس ڪئي.
غلام مرتضيٰ بي. اي. 1921ع ۾ پاس ڪئي، پهرين سکر ۾ پرئڪٽس شروع ڪيائين، پوءِ ڪراچيءَ م آيو.
غلام مجتبيٰ ننڍو هو 1898ع ۾ ڄائو، علي ڳڙهه ۾ بي. اي؛ ايل. ايل. بي. 1929ع ۾ پاس ڪيائين، 7 مارچ 1957ع جو مديجي اسٽيشن تي دل جي دوري ۾ هلندي فوت ٿيو.

[9] ’۽‘ جو اُتراڌي اُچار.
[10] پئدائش 1885ع، ملازمت 1912ع ۾ شروع ڪيائين، وفات 9 سپٽمبر 1943ع جو سکر ۾ ڪيائين، ٻانهن جو آپريشن ڪرائي فوت ٿيو، دفن بڊي ۾.
[11] پئدائش جنوري - فيبروري 1894ع، ڪراچيءَ ۾ وڪالت نومبر 1938ع ۾ شروع ڪيائين. بيحد دلچسپ، سچو، هڏڏوکي ۽ مجلسي ماڻهو هو. سموري زندگي اسان جي گهر سان نيبهه ڪيائين. آخر ۾ دل جي بيماري ٿيس، ٺيڪ ٿيڻ تي ڳوٺ ويو ۽ پهچڻ سان فوت ٿي ويو، ڀاءُ جي پهلوءَ ۾ آسودو ٿيو.

__________

[1] هيءَ ڪافي منهنجي چاچي پير نورالحق شاهه جي چيل آهي.
[2] ورتيو = فال وجهندڙ.
[3] عبدالله فقير بابي مرحوم جي ناني پير سائين پاڳاري (پير حزب الله شاه تخت واري) جو مريد هيو. سندس تربت پير ڳوٺ ۾ آهي.
[4] آغا بدر الدين خان، سندس فرزند ڪبير.
[5] آغا صوفي شڪارپوريءَ جو والد.
[6] پهرين لڙائي 1914ع-1918ع؛ لڙائيءَ کي ”لام“ سڏيو ويندو هو.
[7] ڳڙهي ياسين جو بزرگ عالم باعمل.
[8] جهَوَڻ، ڇنڇري لاهڻ، ڇوڏا لاهڻ.
[9] ”احسان“ جو ڳوٺاڻو اُچار.
____________

3

پچائي پهاڻ، جن رساڻيو رُڪَ کي،
تنين سندو ڄاڻُ، آهي آڳڙين کي.

- شاهه

قصو سکر جو شروع هو. وچ ۾ جو داستان ڇڙي پيو محمد پناهه، عيسانين ۽ خان وڏي جو، ته ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتاسين.

بحرفي، ميتوان گفتن تمناي جهاني را،
من از ذوقِ حضوري، طول دادم داستاني را.
ڳالهه اها ٿي ڪئيسين ته اگرچه ڪن زميندارن جون سکر ۾ جايون به هيون ۽ ڪن جي عام آمدرفت به هئي، ليڪن سکر شهر تي شهر جي ئي قديمي باشندن ۽ پـَـرين مڙسن جي هلندي ۽ هٿ پـُـڄندي هئي. جنهن دور جو ذڪر آهي، حقيقت ۾ سکر سونهاري جي جواني ان وقت جوڀن تي هئي. ان جي جوڀن ۾ بهار ۽ بهار ۾ خوشبو ۽ خوشبوءِ ۾ هڪ قسم جي اهڙي راحت هئي، جيڪا هر ڪنهن جي روح کي رام ڪري ڇڏيندي هئي. سکر کي نه خزان جي سٽ آيل هئي ۽ نه ان جي ڪائنات کي ئي ڪنهن لـُـٽي ويران ڪيو هو. ماڻهو سڀئي منجهس موچارا هوندا هئا، خوشباش ۽ خوشدل، ڪچهرِن ۽ مجلس جا مور، ڪوڏيا ۽ سڀئي ڪمائتا. سڀئي صورتون ڏسڻ وٽان. هڪ کي ڏسي ٻئي ڏانهن ڏس! پهرن تائين دل نه ڀرجي!
سائين ڪرم علي شاهه جيلاني مناري واريءَ اوطاق ۾ هميشهه ڦڻ ڪڍيو ويٺو هوندو. چار ڄڻا هر وقت چوڌاري، هـِـتان جون هـُـتان جون ڳالهيون، قصا ۽ گفتا. صبح جو ساجهر به دوستن جي خبر لهندو ۽ شام جو به سڀني جي گهرن ۽ درن تي وڃي خير سـَـلهه جو سڌ سماءُ لهي، دلجاءِ ڪري، پوءِ اچي جائيتو ٿيندو. سکر جو قديمي زميندار ۽ پـَـريو مڙس. سڀني سان اُٿ ويهه، سڀني سان سلاماليڪي، سواءِ هڪ ميان عبدالله شيخ شيهن واري جي، جنهن سان اصل پوت ڪانه هوندي هئس [1] طبعيت جو نيڪ ۽ همدرد، شهر جي ميونسپل جو ميمبر ۽ شهر جي سڀن معاملن ۽ مسئلن جو مـُـکي ۽ مهندار.
خانبهادر ميان پيربخش ڊپٽي، سفيد ريش، عمر رسيدو. چوندا هئا ته جيترو وقت نوڪري ڪيائين، ان کان زياده سال پنشن کائيندي ٿيا اٿس. مان جڏهن ڏٺو ان وقت به صحتمند، البت اٿـِـي ويٺـِـي گهٽ ڪندو هو. بندر روڊ تي، عين هندن جي ڳڙهه ۾ صبح سانجهيءَ سندس ڪچهري لڳندي هئي. صبح جو اوطاق جي ٻاهرئين ڪمري ۾، وچ ۾ سندس آرام ڪرسي ڊگهـِـن ٻانهن سان، جنهن تي ڄنگهان رکي ڇڏيندو هو. هڪ طرف کان هڪ ٻه کٽ ۽ ٻئي طرف کان ننڍيون ڪرسيون. سندس منهن سڙڪ ڏانهن - لنگهيندي پائيندي کي پيو ڏسندو. شام جو اوطاق جي ٻاهران سڙڪ تي اها ئي وچ ۾ سندس ڪرسي، هڪ پاسي کٽان ٻئي پاسي ڪرسيون. ايندي ويندي، هرڪو سلامي. سڄي شهر جي اٺي واڻي اُتي پـَـئي معلوم ٿيندَس.
ميان عبدالغفار پيرزادو، پراڻي سکر جو بنيادي زميندار ۽ باليشٽر [2] ڪورٽن مان ڪم لاهي، هر هڪ دوست وٽان ليئو پائيندو، سارسنڀال لهندو، پوءِ وڃي گهر ڏوپهرو ڪندو. شهر ۾ ڪو جلسو ٿيندو، مسلمانن جي ڪا تحريڪ هوندي، ڪو سياسي معاملو ٿي پوندو، ته پرين مڙسن وانگر نهايت خلوص سان اچي شريڪ ٿيندو. ڏاڍو مخلص ۽ حد درجي جو شريف ۽ وضعدار هو.
ميان عبدالرحمان، پيرزادي عبدالستار جو والد، شاهه خيرالدين شاهه بادشاهه جي درگاهه جو متولي، صبح هجي خواهه شام، روضي جو در جهليون، اکيون قبر ۾ اٽڪايون، ويٺو ڪجهه نه ڪجهه پڙهندو، درود هجي يا سورة ياسين، چـَـپ هر وقت پيا چـُـرندس. ”دست به ڪار دل به يار“ وارو معاملو هو. جيسين جيئرو رهيو، تيسين بادشاهه جي دروازي جي چائـُـٺ نه ڇڏيائين. جنهن کي ملڻو هجي، سو اتي اچي. شهر جي سڀني پرين مڙسن جو پريو مڙس پيو لڳندو هو. ٿلهو متارو، قداور، سفيد ريش، چولو سٿڻ، مٿي تي مهموديءَ جي اڇي ٽوپي گهر ۾ سبيل.
خان عبدالحميد خان، سنڌ جي آخري مورخ خان خداداد خان جو فرزند- اڄ ته اچي باقي بچيو آهي، انهن ڏينهن ۾ اڃا جوانيءَ اگرچه لاڙو کاڌو هو، پر تنهن هوندي به دل ۽ جسم تي اڃا جوڀن هيس. سـُـوٽ صبح شام، لڪڻ هٿ ۾ کڻي، ميان حسين شاهه سان گڏ پراڻي سکر مان هلندو، بجلي گهر وٽان ٿيندو، منگل مالهيءَ سان ملندو، ليوڪس پارڪ جو پاسو ڏئي، مناري واري لاهي لهي، سڌو غريب آباد ۾ پهچندو. ڪڏهن پنڌ ڪڏهن ٽانگي تي، سڀن دوستن يارن جي خير سـَـلهه لهي، تازي هلي چلي معلوم ڪري، نئون سنئون ٿي، پوءِ پٺتي موٽندو. گل خان واري هوٽل ۽ عبدالرحمان واري اسلامي هوٽل، اهي ٻـَـئي سندس مک اڏا هئا. سندس ڇا، بلڪ ان زماني ۾ گهڻو ڪري شهر جي سڀن مک ماڻهن جي، ايندي ويندي، اٿي ويٺي اتي هوندي هئي. شهر جي جيڪا هلي چلي هئي، ان جي ابتدا ۽ انتها انهن ٻن اڏن تان ٿيندي هئي. سڄيءَ پاليٽڪس جي نبيري نڇيڙي اتي ٿيندي هئي. انهن ٻن اڏن تي جنهن جي رسائي هوندي، اهوئي شهر جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندو هو. رستي تي ڇڻڪار ڪري، ڪرسيون ٽيبل وجهي ڇڏيندا. آيو ويو اتان ضرور ليئو پائي، پوءِ اڳتي وک کڻندو. جيترو وقت ويٺا هوندا، چانهه پاڻي ۽ سوڊا لمليٽ خواه لسيءَ جا گلاس به پيا هلندا، ۽ قصا رفتا به پيا ٿيندا. ’هندو‘ ’مسلمان‘ پاڻي ريلوي اسٽيشنن تي ٻڌبو هو، پر سفيد چانهه (يعني هندن جي چانهه) جو اکر هنن هوٽلن ۾ استعمال ٿيندو ٻڌم.
ميان عبدالله شيخ شيهن وارو، ميان يار محمد ڀٽو، ميان اسماعيل ڀٽو، محمد ابراهيم سيلاٽو، قاضي محمد سومر، ميان احمد علي خان عليگ، ڊاڪٽر محمد يامين، سيٺ اسماعيل ميونسپل ڪونسلر، ماستر محمد بخش مرحوم، ميان غلام نبي بروهي، حاجي شير محمد گارڊ، علي بخش گارڊ، سردار محمد طاهر خان ۽ سردار محمد علي خان[3] ، هاءِ هاءِ! ڪهڙن جا نالا کڻي ڪهڙن جا کڻجن! سڀئي صورتون، سبحان الله، ڏسڻ وٽان! ڪي ته رحلت ڪري ويا، جيڪي هوندا، سي به سمجهان ٿو ته اڄ نه مئن ۾ هوندا نه جيئرن ۾. زماني جو پلٽو کاڌو، آسمان جو گردش کاڌي، قسمتن جو ڦيرو کاڌو، پوءِ ڪنهن جوڪهڙو وس! اڄ زندگي ڄڻ سندن ڳچيءَ [4] ۾ اچي پئي هوندي. جيڪو سکر هنن ڏٺو، جنهن سکر جا هو ڌڻي ۽ ڌنار هئا، اڄ اهو جو ڪونه ڏسندا هوندا، ته ڪهڙو منهن وٺي درن کان ٻاهر نڪرندا هوندا!
محمد ابراهيم سيلاٽو، سکر جو معزز باشندو، پنهنجي قبيلي جو پريو مڙس ۽ سکر ميونسپل جو دائمي ميمبر. ترڪي ٽوپي ٽاٽ واري، سفيد ڊَڪَ جي پتلون ۽ هلڪي رنگ جو ڪوٽ، جنهن جا ٻئي کيسا پن جي ٻيڙين سان ڀريل. صبح جو گهر کان نيرن ڪري نڪرندو. ٻيڙي جيڪا اُتي دکائي هليو، بس سڄو ڏينهن پوءِ ماچيس جي ضرورت ڪا نه. ٻيڙي مان ٻيڙي پئي هلندي ويندي سومهياڻيءَ جو، جيسين وڃي کٽ ڀيڙو ٿيندو. سڄو ڏينهن ماڻهن جي ڪم سان. ڪڏهن هـِـتي ڪڏهن هـُـتي. ميونسپل آفيس، ايسرسنگ، ڀوڄسنگ، چيف آفيسر، ميونسپل انجنير، ٺيڪا، ميونسپل جا ميمبر، هوٽلان، دوست، شهر جا معزز، پنهنجا ووٽر، پرايا ووٽر. ايڏو متحرڪ ماڻهو مان ٻيو ڪونه ڏٺو. مٿي بيان ڪيل لٽا، ٻيڙِن جو تسلسل ۽ کلڻ جو اڻ ٽٽ سلسلو، اهي ٽـَـئي ٽريڊمارڪ ميان محمد ابراهيم سيلاٽي جا هئا. جدوجهد ۾ سندس مڪمل اعتماد هو. ڪهڙو به مشڪل ڪم ايندو، نه پريشان ٿيندو نه مايوس. هلي چلي آخر وڃي ڪامياب ٿيندو. هو پنهنجي تقدير جو پاڻ مالڪ هوندو هو. سال ٿي ويا، جو هڪٻئي کي ڪونه ڏٺو اٿئون. خبر نه آهي جئرو به هوندو يا نه. جي اڃا حيات هوندو، تڏهن به يقين آهي ته سندس اِها کـِـل جيڪا سڀني جي دلين ۾ شگفتگي پيدا ڪري ٿي ڇڏي، اها هاڻي بند ٿي وئي هوندي. ممڪن آهي ته اُن هاڻي زهر خند جو روپ اخيار ڪيو هجي، طنز جو ۽ تلخيءَ جو ڌارڻ ڌاريو هجي! اُهو سکر، جو نه رهيو!!
آغا حسن علي خان سيشن جج، چيف ڪورٽ جو جج پوءِ ٿيو. ان زماني ۾ سکر شهر ۾ وڪالت ڪندو هو. شڪارپوري روڊ تي ميان فضل محمد وٽ تاس کيڏندو هو ۽ شام جو واريءَ تڙ واريءَ جاءِ جي اڱڻ ۾ ڇڻڪار ڪرائي، غلام اڪبر، عبدالرحيم، ۽ نواب خان ٺيڪيدار سان ويٺو ڪچهريون ڪندو هو. جوان، زندهه دل، جسم ۾ جان، روح ۾ تازگي، دل ۾ تقويت. شهر جي معززن ۾ سندس شمار ۽ پنهنجي پاڙي وارن لاءِ آخري لفظ. جڏهن کيس جج ڪيو ويو، تڏهن سڀني ائين سمجهيو ته اها سڄي سکر جي گويا عزت ٿـِـي، اهو آغا جو شخصي مانُ نه آهي، بلڪ سموري شهر جو مرتبو وڌيو. هاءِ هاءِ، مسلمانن ۾ ڪيترا نه ماڻڪ ۽ موتي انهن ڏينهن ۾ هوندا هئا. سکر مردم خيز شهر هو. قحط الرجال جواُتنهن گذر ئي ڪونه هو.
”زبدهِ الحڪما“ حڪيم عبدالحق، سند يافته طبيه ڪاليج لاهور، جنهن کي سندس ڪي مخالف ۽ بي تڪلف يار ”عبدالڌڪ“ به ڪوٺيندا هئا! يا الله، عجيب و غريب ماڻهو، مسڪين پر دل جو غني، مارڪيٽ وٽ گل خان جي هوٽل کان ٿورو اورتي ساڳيءَ لائين ۾ هڪ ڪمري جو دڪان هيس، جنهن ۾ هڪ طرف کان ڪتاب، اخبارون ۽ اشتهار رکيا هوندا هئا، ۽ ٻئي طرف کان تمام پراڻن برنِن ۽ ڪٽ کاڌل دٻن ۾ دوائون رکيون هونديون هيون. مٿانِ ڪاغذن جون چٽڪيون ۽ انهن تي لکيل، ”سرمہِّ ضياءِ الابصار حقي“، ”معجون مقوي حقي“، ”معجون برائي بادي بواسير“، ”قرص برائي معده“، ”چورن هاضمہ حقي“. حقيقت ۾ حڪمت جو مٿس الزام ۽ اتهام هو ۽ خود به غلط فهميءَ ۾ مبتلا هو. اصل ۾ هو قومي ورڪر هو. وڏو خلافتي، الوحيدي اسڪول جو تربيت يافتو ۽ هر اسلامي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن. ڪو خلافتي ليڊر آيو، ڪو اهل حديث مولوي آيو، ڪو قومي ڪارڪن آيو، بس سڄو انتظام پاڻ ڪندو. هو مڙس دوالي بند، پر دوستن جو حلقو وڏو هيس. جهٽ سڀئي ڪارج سـِـڌ ٿي ويندا هئا. سکر ضلعي جا قومي ڪارڪن ، خواه شهر جا قومي ورڪر سندس دڪان کي پنهنجو سجده گاهه سمجهندا هئا، ايندي ويندي وٽس سلام ڀريندا هئا. مولوي وفائي مرحوم جا گهڻو ڪري سڀئي ڪتاب لاهور جي ليٿو پريس مان حڪيم صاحب ڇپائي پڌرا ڪيا.
چڪ جو مشهور خلافتي ۽ قومي ڪارڪن، مرحوم ابو شوڪت حمزو،پوءِ ته گهرو دوست ٿي ويو، ليڪن سڀ کان پهرين ملاقات ساڻس اُتي ٿي. خدا بخشيس، سنڌ جي قومي ورڪرن ۾ اهو به امل ماڻڪ هو. نج سون، مـَـٺَ جي رتي به ڪانه. چڪ جو ويٺل، ذات جو مهر، ڊگهو مڙس، سرو جهڙو سڌو قد، شڪل صورت جو ڏاڍو موچارو، ڏاڙهي شرعي ۽ ڀور ڪاري، جوڙيءَ جا صاف اڇا لٽا سندس ڄڻ خصوصيت هئا. کاڌيءَ جي ڳوٿري نما اڇي ٽوپي، جيڪا سندس پنهنجي ايجاد هئي ۽ سندس تائين محدود رهي، هٿ ۾ ٿلهو بيد جو لڪڻ، لڪڻ نه بلڪ داسو، ۽ زبان تي هميشهه وڏن ماڻهن (زميندارن، پيرن ۽ ڪامورن) جي مخالفت، اها ان ڪري، جو اُهي قوم جا ويري ۽ انگريزن جا پَٺو ۽ پشتي بان هئا. مرحوم جي محاوري مطابق اُهي سڀئي ”لغور“ هئا، جن جي ڪڍ کٿو ۽ کريو کڻي پوڻ عين ثواب هو. مولانا شوڪت عليءَ سان خاص عقيدت هيس. پٽ ڄائس ته ان تي اهو نالو رکي پنهنجي ڪـُـنيت ئي ”ابو شوڪت“ ڪري ڇڏيائين، جيئن مولانا جو نالو سندس نالي جي جز بڻجي وڃي. تقرير جو چست، ۽ قومي خبرن خواهه زميندارن جي خلاف شڪايتي مضمونن لکڻ جو ماهر، سنڌ جي سڀن اخبارن جو نامہ نگار بلڪ ’الوحيد‘ ۽ ان جي پيدا ڪيل دائري جو هڪ اهم بلڪ مرڪزي ڪردار هو. مرحوم هڪ زميندار جي مخالفت ۾ اليڪشن لڙندي، نمونيا جي سٽ لڳڻ سبب [5] جڏهن فوت ٿيو، تڏهن سنڌ جي ڪامورن ۽ سکر ضلعي جي وڏيرن دل ئي دل ۾ ڪلما پڙهيا:

”يَرَ چڱو ٿيو، الله کڻي جند ڇڏائي!“

هرڪنهن يڪ زبان چيو. ليڪن قوم ۽ ملڪ جي دل مان دانهن نڪري وئي. سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ڪيترن ڏينهن تائين ماتم هليو. پر اهو سڀڪجهه انهيءَ وقت ٿيو، پوءِ سڀني کيس وساري ڇڏيو - حالانڪ هو اهڙو وطن دوست سنڌي هو، جنهن جي ياد کي هر سال ياد ڪرڻ گهرجي.
مولوي عبدالرزاق، سکر تعلقي جو ويٺل، نهايت قابل، ڏاڍو سنجيدو ۽ خوشخطيءَ جو وڏو استاد. نستعليق هجي خواهه نسخ، ٻـَـئي ڄڻ موتي. خلافتي هو. الوحيدي هو. ضلعي اندر جيڪي اسلامي تحريڪون ٿيون، تن سڀني ۾ هن ڪم ڪيو. حڪيم عبدالحق وٽ ساڻس پهرين ڏيٺ ويٺ ٿي. سيد محبوب علي شاهه وٽ گهڻو رهندو هو. اسان سان به دلچسپي هيس. اسان جي ساڻس محبت هئي. مولوي وفائيءَ جا جيڪي ڪتاب ليٿوءَ ۾ ڇپيا، انهن سڀن جي ڪتابت گهڻو ڪري مولوي صاحب جي ٿيل آهي. اسان جي زماني ۾ اڌيڪ عمر کان مٿي چڙهي هليو هو. سال ٿي ويا، سڌ نه آهي ته ڪٿي آهي، هـِـتي يا هـُـتي! بهرحال جتي به هجي، خدا کيس عزت ۽ مانَ سان رکي، ڇاڪاڻ ته کيس اهي ٻئي شيون ڏاڍيون عزيز هيون.
حڪيم عبدالحق جي دڪان کان پوءِ ٻيو مرڪز قومي تحريڪن ۽ قومي ڪارڪنن جي اچ وڃ جو هوندو هو، ميان محبوب علي شاهه وٽ، جنهن تي، خواهه مخواهه ڪڏهن ڪڏهن چيڙائڻ خاطر راشدي صاحب اخبار ۾ مذاقي ڪالم لکندو هو. هيڏنهن ٿوري ٽيڪا ٽپڻي اخبار ۾ ڇپي ۽ محبوب علي شاهه باهه ٿيو. لڪڻ هٿ ۾، سٿڻ جا ور اڳتي، شارٽ ڪوٽ، مٿي تي ڪاري ٽوپي ٿورو ڪن ڏانهن لڙيل، سڀني دوستن کي شڪايت ڪري موٽي اچي رُسي ويهي رهندو. جيسين وري ايلازمنٿ ڪري کيس پرچائبو نه، تيسين رُسامي ۾ رهندو. پر خير سـَـلهه جي خبرچار هر وقت رکندو ايندو. تنقيد کان ڏاڍو ڪيٻائيندو هو. نوجوان، خوبصورت، ڏاڙهي ڪوڙيل، سنهيون مـُـڇان. سندس والد سردار علي شاهه پنجاب کان آيو هو. پهريون ٻـِـئي وٽ ملازم، پوءِ لوهه جو ننڍو دڪان، آخر مشينن ۽ پرزن جوڙڻ جو پنهنجو ڪارخانو ڪڍي، چند سالن اندر جاين جو هڪ جدا محلو تيار ڪري ويهي رهيو. محبوب علي شاهه وٽ رهڻ جي به جاءِ هئي، ماني به کارائيندو هو ۽ جلوسن ڪڍرائڻ جو به ڪاريگر هو، تنهنڪري اندريون ٻاهريون قومي يا مذهبي ليڊر، خلافتي هجي يا احراري، شهيد گنجي هجي يا نيلي پوش، ظفر علي خان هجي يا عطاءُ الله شاهه بخاري، مولانا حبيب الرحمان لڌيانوي هجي يا ڪو ٻيو عالم، الغرض جيڪو به سکر ۾ ايندو ته ان جي جاءِ رهائش سردار علي شاهه جي ڪارخاني جو بالاخانو ٿيندي هئي. محبوب علي شاهه سکر جي مکيه قومي ورڪرن مان هو، ليڪن بعض سببن ڪري هو صاحب ڪڏهن به سياست ۾، باوجود گهڻين ڪوششن جي به، ڪامياب ٿي ڪونه سگهيو، سواءِ هڪ اڌ دفعي جي، جو اتفاق سان سکر ميونسپل ۾ اچي ويو هو. اهي قومي هماهميءَ جا ڏينهن گذري ويا، زمانو پلٽو کائي ويو، سياست جون واڳون ٻين جي هٿن ۾ اچي ويون، قومي ۽ اسلامي نظريا بدلجي ويا، تنهنڪري ڪيترن سالن کان شاهه صاحب جو نالو ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. وچ تي جڏهن سهرورديءَ پنهنجي پارٽي ٿي ٺاهي، تڏهن وري محبوب علي شاهه جي روح سٽ ڏني هئي، ليڪن ڏاميش مال، ڪٽ کاڌل يا مڏا اوزار ڇڙو ڪٻاڙِن وٽ رکجي سگهجن ٿا. خود سهروردي صاحب جي به سموري سياست پُون پُون ٿي وئي.

حڪيم عطا محمد مريڙي ’المتخلص به ٽيٽڪ‘، هي غريب پوئين زماني ۾ سکر ۾ آيو. مشاهيرن مان ان وقت ڪونه هو، البت سندس وجود سکر ۾، ڪم از ڪم اسان جي لاءِ، وڏين دلچسپين جو باعث هوندو هو. شڪارپوري روڊ تان جيڪا گهٽي ڦٽي، واريءَ تڙ تي ٿي وڃي، ان ۾ هڪ ننڍو دڪان ورتائين. ابتدا ۾ خالي شيشا ۽ سگريٽن جا پراڻا دٻا وٺي دڪان ڀريائين. جيسين اسان هئاسين، تيسين انهن ۾ دوائن پوڻ جو موقعو ڪونه آيو ۽ نه وري ڪنهن بيمارئي انهيءَ طرف لاڙو ڪيو. حڪيم صاحب سڄو ڏينهن اسان وٽ رهندو هو. ايڏو مهربان، جو ڪڏهن ڪڏهن ته ماني به پاڻ پچائي اسان کي کارائيندو هو. ’مريڙي‘ ۽ ’ٽيٽڪ‘ اهي ٻـَـئي خطاب راشدي صاحب کيس ڏنا هئا، جن کي هن بطيب خاطر قبول ڪيو. نالو سندس گهڻو ڪري ڪنهن کي ياد ڪونه هو، هرڪو کيس ’حڪيم مريڙي‘ يا ’حڪيم ٽيٽڪ‘ سڏيندو هو. ڪجهه وقت بعد ٿورو ٿورو قومي ڪمن سان سندس دلچسپي وڏي، جنهنڪري مسجد منزلگاهه جي تحريڪ ۾ ٻه - ٽي مهينا ٽيپ ۾ به رهيو، ليڪن اهو حادثو کانئس بيخبريءَ ۾ سرزد ٿيو، ورنه حڪيم صاحب نهايت محتاط هو. هڪ دفعي حڪيم صاحب کي اچي شوق ٿيو ته اخبار ڪڍي. راشدي صاحب سان صلاح ڪيائين. هن جهٽ کيس ڊڪليريشن ’هفتيوار ٽيٽڪ‘ جي نالي لکي ڏنو ته ڪليڪٽر کان منظور ڪرائي اچي. ڪليڪٽر ان وقت ميرچنداڻي صاحب هو. نهايت سنجيدو ۽ شاندار. هن ڪڏهن اهو نالو ئي ڪونه ٻڌو هو. حڪيم صاحب کان پڇيائين ته ’ٽيٽڪ‘ لفظ جي معنيٰ ڇا آهي. حڪيم صاحب کي خود خبر ڪانه هئي. آخر ڪليڪٽر حڪيم صاحب کي دروازي کان ٻاهر ڪڍرائي، ٻئي ملاقاتيءَ کي اندر سڏايو. جڏهن خواجه ناظم الدين صاحب، گورنر جنرل ٿيڻ بعد حاجيءَ مان ڦري الحاج ٿيو، ان وقت حڪيم صاحب کي به اچي حج جو شوق ٿيو. حج ڪري آيو، ۽ اچي ”الحاج“ ٿيو. اگرچ حڪومت تان لهڻ بعد خواجه صاحب الحاج ته ٺهيو، پر حاجيءَ سڏجڻ تان به هٿ کنيو، ليڪن بفضل خدا حڪيم صاحب اڄ تائين پيو ’الحاج‘ سڏجي. اسان جي سکر ڇڏڻ بعد، بلڪ پاڪستان بنجڻ کان پوءِ، هن اخبار ڪڍڻ جي پراڻي آرزو به پوري ڪئي. ٻڌو اٿم ته انهن شيشن ۽ دٻن ۾، جيڪي اسان جي زماني ۾ خالي رهندا هئا، دوائون به ڀرجي ويون آهن ۽ حڪيم صاحب هن وقت سکر جي مشاهيرن ۾ شمار ٿي رهيو آهي.

* * *

اهو دور هندو معززن جي به اوج جو هو. منجهن به ڪيئي لکيڻان لال هئا. ڏسڻا وائسڻا، شاندار ۽ وڏي مان مرجات وارا. اڄ جڏهن انهن جون صورتون ۽ سيرتون ياد پون ٿيون ۽ انهن پنهنجي دور ۾ جنهن ڪردار جو مظاهرو ڪيو، ان جي يادگيري اچي ٿي، تڏهن سچ پچ ته ڪنهن دل ۾ چهنڊي پائي ورتي، سخت دک ۽ درد ٿئي ٿو! اگرچ انهن مان ڪيترا اسان جا سياسي مخالف هئا، ليڪن ان هوندي به اڄوڪن ”دوستن“ کان اخلاق ۽ عادتن ۾، مروت ۽ مرجات ۾، لڄ ۽ لحاظ ۾ هزار مرتبا اعليٰ، افضل ۽ ارفع هئا.
ديوان ڀوڄسنگ پهلاجراءِ - شاندار مڙس، ڪينچيءَ سان ڪتريل سنهاري، مٿي تي ميراڻي ٽوپي، هيٺ تي انگريزي سوٽ، شڪل صورت ۾ نمڪ، اکين ۾ حياءُ ۽ حجاب، ٽالپري دور جي ڪنهن پرئي مڙس جي پيو ڏِک ڏيندو. مسلمانن سان اٿي ويٺيءَ ۾ ڀائرن کان وڌيڪ. دشمني به ڪڏهن ڪانه ڪيائين. سنڌ جي پهرينءَ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ سنڌ جو نامي وڪيل. اسپيڪريءَ جي زماني ۾ سکر ۾ فوت ٿيو.
ديوان بهادر ايسرسنگ- ڊگهو، ڀورو ۽ ڏاڍو سهڻو، سفيد سنهاري فقط کاڏيءَ تي. وڏو وڪيل، ميونسپل جوپريزيڊنٽ، مسلمانن جو گهرو دوست، ڪوبه ڀيد ڀاءُ منجهس ڪونه، لٽا انگريزي پائيندو، ليڪن ڏاڍا قيمتي ۽ سهڻي سيبي جا. ڪراچيءَ ۾ ڪم سان آيو، رات جو دل جي دوري ۾ فوت ٿي ويو. صبح جو اطلاع مليو. سندس لاش تي وڃي بيٺاسي.
ديوان صاحبسنگ آڏواڻيءَ جي ذڪر اذڪار لاءِ ته نه سٽون نه صفحا بلڪ دفتر درڪار آهن. ڍولڻ، ڏاڍو ٺاهوڪو مڙس. اٿڻي ويهڻي، لٽين ڪپڙي جنسي انگريزي لارڊ. جنهن طرز ۽ طريقي تي صاحبسنگ رهيو، جنهن نموني ۽ قيمت جا هن لٽا چوڙيا ۽ ماڻيا، سکر ته خير، پر سڄيءَ سنڌ ۾ ڪنهن کي مجال ڪانه هئي. هندن سان گهٽ پيل هوندي هيس. دوستي رکندو هو ته فقط مسلمانن سان. مزاج جو ڏاڍو شگفته هو. ويٺو هوندو هو ته ويٺو کلائيندو، لطيفا ٻڌائيندو، هرڪنهن تي ويٺو لاهڻيون لاهيندو. معمولي ماجسٽريٽ ته خير، انهن ۾ ته اک به ڪانه ٻڏندي هيس، سيشن جج جي ڪورٽن جا قائدي دانيءَ ۽ آڏِن پڇائن ۽ تقريرن جي ذريعي ٽين کڙڪائي ڇڏيائين. انگريزي زبان تي نه ڇڙو قدرت هيس، بلڪ پردي جي اندر ويٺو ڳالهائيندو ته هرڪو سمجهندو ڄڻ انگريز پيو ڳالهائي، ايڏو اچار صحيح ۽ سهڻو! هندستان پهچي، ويچارو وقت کان اڳ فوت ٿيو.
ديوان بسنت رام، سکر ميونسپالٽيءَ جو آخري شاندار پريزيڊنٽ- نوجوان، دل جو سٺو، صورت جو نيڪ ۽ سيرت جو ڏاڍو سٻاجهو. پهريون فقط وڪيل هو، پوءِ ديوان صاحبسنگ کي شڪست ڏئي ميونسپل اسٽئنڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمن ٿيو، ان کان پوءِ جڏهن ديوان بهادر ايسرسنگ صدارت ڇڏي، تڏهن هي پاڻ پريزيڊنٽ ٿيو. هندن جو ليڊر هو، ليڪن مسلمانن جو يار غار. پريزيڊنٽيءَ جي زماني ۾ مسلمانن سان جيڪي وکان بسنت رام کنيون، سي سکر جي تاريخ جو ڇا، بلڪ سڄيءَ سنڌ جي هندو - مسلم ايڪتا جو سونهري باب آهن. دوستيءَ ۾ ايترو مستعد، سچو، ۽ سرگرم مان پنهنجي زماني ۾ هندو خواه مسلمان ڪونه ڏٺو. دوستي ٿي، تن من ڌن لٽائي ڇڏيندو. ان ۾ تخصيص ڪانه، هندو هجي ته ڇا، جي مسلمان هجي ته ڇا. دوست سڀئي سندس اکين جو نور ۽ دل جو سرور هئا. جڏهن ميونسپل ڏي هلندو هو، تڏهن جيترا هندو سندس ڪڍ هوندا هئا، انهيءَ کان وڌيڪ مسلمانن جو تعداد ساڻس گڏجي هلندو هو. سڀئي سوالي، سڀن جا منجهس ڪم. ’حاضر سائين!‘، ’حاضر ڀائو!‘ سڀني سان ڪندو هلندو. اخبار نويسيءَ جي زماني ۾ اسان تي ويهان ڪيسن جون ٿيون. دوستي هئي، تنهنڪري ديوان جو فرض ٿي پيو ته مفت وڪالت ڪري. ڀاڙا ڀتا، خرچ پکا سڀ پنهنجا. ڪيترا احسان ڪيائين، ليڪن پڇاڙيءَ تائين هڪ احسان جي لاهڻ جو به موقعو اسان کي نصيب ڪونه ٿيو، ۽ آخر سکر ڇڏي هندستان هليو ويو!
راءِ بهادر ڪندنداس، قد بت جو مختصر ۽ نهايت نازڪ ۽ نفيس، طبيعت جو نرم ريشم جهڙو، دل جو سٻاجهو، ۽ ڳالهائڻ ٻولائڻ ۾ ڏاڍو دلچسپ ۽ وڻندڙ. ڪڏهن سياست ۾ بهرو نه ورتائين. پنهنجي وڪالت سان ڪم ۽ دوستن سان ڪچهريون. پوڙهو هو، جو هندستان هليو ويو.
پراڻي سکر جو مکي هيرانند، ڊگهو جهڙو سرو، ٺاهوڪو موٽيل مڙس. انگريزي لٽا پائي، مٿي سان بنارسي ٻڌي، هر روز بگيءَ ۾ سکر پراڻيءَ کان نئين سکر ايندو. گهمي ڦري وري موٽي وڃي جائيتو ٿيندو. انهيءَ زماني ۾ سکر ۾ ٻه خانگي بگيون مشهور هيون: هڪ سائين ڪرم علي شاهه جي ۽ ٻي مکي صاحب جي. ياد نه آهي، ليڪن اسان واري زماني ۾ ئي گذاري ويو هو! مرڻي پرڻي، ڀت ڀاڄيءَ ۾ مسلمانن سان همدوش ۽ همرڪاب.
اهي بزرگ ۽ انهن کان سواءِ ٻيا ڪيترا جوان، اڌيڙ خواهه پوڙها، انهيءَ دور ۾ سکر منجهه موجود هئا. جيتوڻيڪ اڄ سندن نالا دل تان لهي ويا آهن، ليڪن سندن ڳالهيون، سندن ڳڻ، سندن صورتون ۽ سندن ڪارناما اڄ به دل جي ڦرهيءَ تي لکيل ۽ ذهن جي خزاني ۾ محفوظ آهن.

* * *

سکر ۾ اهي ماڻهو ۽ مشاهير هئا، جن جي طفيل شهر تي جوڀن هو، بهاري هئي، ۽ سڄي سکر ۾ هڪ زندگي ۽ هڪ چرپر هئي. هرڪو ريان کيان، خوشحال ۽ خوش خيال، اهڙن فرحتن ۾ ڄڻ هميشه عيدان ۽ براتان آهن. رستن، سڙڪن، رندن ۽ راهن جي رونق ڏسي، ايندو ويندو خوش ۽ کلندو ڏسي، ائين پيو ڀانئبو هو گويا شادِن جون براتان آهن، جيڪي شهر جي چئن ئي ڪنڊن ۾ هلن پيون. شڪارپوري روڊ جي ڦوهه جواني هئي. سيروءَ جو چؤنڪ ڇا چئجي! ٿـَـلهي جي رونق ڏسي، روح ۾ پـَـئي تازگي ايندي هئي! آزاد ميدان، معصوم شاهه جو منارو، ليوڪس پارڪ، نم جي لاهي، سٽي ڪورٽ جي لاهي، شاهي بزار، والس گنج، مارڪيٽ وارو ميدان، روهڙيءَ جي پل ۽ براج جي پل، اهو ڪهڙو هنڌ هو، جتي صبح سانجهيءَ ماڻهن جا ميلا نه هوندا هئا! بندر روڊ، سکر جي لئنسڊائون برج کان وٺي براج جي پل تائين، شام جو ڏسڻ وٽان هوندو هو- خاص طرح اهو حصو، جنهن ۾ سکر جا شاهوڙ ٻڌا واپاري، ٿلها پيٽ ڪڍيون، ڌوتيءَ جو پلؤ پاسي ڪيون، صندلن تي طول وهاڻن کي ٽيڪ ڏيون، پيا چلم جا بڙڪا به ڇڪيندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن غير ضروري هوائون به پيا خارج ڪندا هئا. سڄي ڏينهن جي واپاري اُٺي واڻي اگهن پاڙڻ جا نڇيڙا نبيرا به اتي ٿيندا هئا. سامهون درياءَ جي ٻئي ڪناري تان روهڙيءَ جي باغن مان ڏکڻ جون هيران هلنديون، سنڌوءَ جي سير سان پاڻ کي ڇـُـهنديون، لهرِن ۽ ڇولِن سان اک ٻوٽ ڪنديون، سڄي بندر روڊ کي اچي ٺارينديون. جيئن سج لڪندو ويندو، تيئن جهوٽا جهولڻ لڳندا، تان جو سج لٿو ناهي ۽ سڄو بندر روڊ ڇا پر سمورو شهر يخ ٿي ويندو. هر ڪنهن جو روح ريان کيان، سڀڪنهن جا لڱ ٺري پوندا، سڄي ڏينهن جي ڪوماڻ نڪري ويندي ۽ هرڪو تراوت ۾ اچي ويندو.

* * *

جڏهن سکر تي جوڀن هو، تڏهن مرحوم ”نياز“ جي شعر وسخن تي به جواني هئي- ڇڙي جواني نه پر ڦوهه جواني! پاڻ به جوان ته شعر به جوان، خيال به جوان ته نظر به جوان. سکر کي پنهنجي انهيءَ جوڀن واري زماني ۾ ”نياز“ جي جوان شعرن جي جوت جهٽڻ جو موقعو ميسر ٿيو.
پڙهندڙن کي ضرور خيال هوندو ته اصل قصو شروع ٿيو هو ”نياز“ مرحوم جي قضيي جو، هي ٻيون سوين ڳالهيون وچ ۾ ڪٿان اچي ويون، ليڪن چوندا آهن:

خوشتران باشد کہ سر دلبران،
گفتہ آيد در حديثِ ديگران.

سو جيسين ’حديث ديگران‘ نه ٿيندي، تيسن ’سر دلبران‘ سنئون ئي نه ٿيندو. ازان سواءِ اهي سڀئي داستان به ته پنهنجن جا ئي هئا! دوستن جا، شاعرن جا، ڏٺلن جا، وائٺلن جا، لاڙڪاڻي جا قصا، سکر جا داستان، انهيءَ دور جو سڄو ماحول، حال ۽ احوال، منظر ۽ پس منظر، جنهن ۾ ”نياز“ هو، جنهن ۾ ”نياز“ شاعري ڪئي، جتي ۽ جن سان ”نياز“ رهيو، آخر جيسين انهيءَ سموري دور ۽ عهد تي نظر نه ڪئي ويندي، تيسين سندس شعر جي محرڪات جو پتو ڪيئن پوندو! ”نياز“ جي شعر ۾ جيڪو رس ۽ راز آهي، جيڪا جواني ۽ امنگ آهي، ان جا اسباب ڪيئن معلوم ٿيندا! ڪهڙن سنگتِين ۽ ڪهڙن ساٿين ۾ سندس عمر گذري! انهيءَ زماني ۽ انهيءَ دور ۽ انهيءَ سمي جو ڪهڙو رنگ روپ هو! اهي سڀئي تصويران ضرور ذهن ۾ وهارڻيون آهن. تنهنڪري جيڪڏهن ’سر دلبران‘ درڪار آهي، ته ’حديث ديگران‘ کان سواءِ نه چارو نه چاڙهو آهي. ٻيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ”نياز“ جي فقط سوانح بيان ڪرڻي هجي ته هوند اها ته چند سٽن ۾ به پوري ڪري سگهجي ٿي، مثلاً:
’نواز علي نالو، ”نياز“ تخلص، والد جو نالو محمد آچر، اصل لاڙڪاڻي جو ويٺل، 18 آڪٽوبر 1892ع ۾ ڄائو ۽ 12 نومبر 1959ع جو فوت ٿيو. پهريون لاڙڪاڻي مدرسي ۾ ماستر ٿيو. انهيءَ وقت، جنهن وقت ڊاڪٽر دائود پوٽو اڃا 3-4 درجي ۾ هو ۽ محمد ايوب کهڙو به ٽئين درجي ۾ هو. اها نوڪري ڇڏي، ”نياز“ پوءِ روينيو کاتي ۾ آيو ۽ ترقي ڪري وڃي مختيارڪاريءَ تي پهتو، جتان آڪٽوبر 1947ع ۾ رٽائر ڪري، اچي گهر ۾ مڪين ٿيو.‘
بس اها نياز جي سوانح آهي. بلڪل معمولي ۽ عامي، جنهن ۾ ور وڪڙ ڪونه، بلڪ سنئين سڌي .جي شاعري نه ڪري ها، ته ڏانهس ڪير توجهه ڪري ها؟ ڪنهن کي پـَـئي آهي، جو لاڙڪاڻي جي نواز عليءَ ڏي ڌيان ڏئي؟ ڪيترائي آچر خان ٿيا هوندا، جن کي ڪيئي نواز علي ڄاوا هوندا! هزارين مختيارڪار ٿي مئا هوندا! ڪنهن کي گتي پئي آهي، جو انهن کي ويهي ياد ڪري! زمانو ڪنهن جو يار ٿورو ئي آهي. هي نواز علي ”نياز“ هو. سنڌيءَ جو شاعر هو ۽ اسان جي فنڪارن ۾ چوٽيءَ جو فنڪار هو ،تنهنڪري مون کي ضرورت پـَـئي آهي، جو سندس ذڪر ويٺو ڪريان، سندس ڇا بلڪ سندس شاعريءَ جو، ۽ اِنهيءَ ڪري ئي لازم آهي ته سندس دور جو خاڪو پيش ڪجي، يعني سندس شاعريءَ جو پس منظر سامهون آڻجي.

* * *

الغرض، سکر جي اهڙي روح پرور ۽ راحت رسائيندڙ دور ۾، جڏهن ته اڃا نه ڪنهن جي دلـِـين تي داغ رسيا هئا، نه ڪنهن جي سيني ۾ سوزش پيدا ٿي هئي، نه اڃا ڪنهن کي ڏک ۽ سور ئي رسيو هو ۽ نه انهن ڏکن ۽ سورن ناسور جي شڪل اختيار ڪئي هئي- سڀڪو خوش، ريان کنيان، ڪنهن کي ڪنهن جي ڳڻتي ڪانه، اسان [6] کي اچي خيال ٿيو ته ڪو وڏو مشاعرو ڪرائجي. محمد اسحاق خان مرحوم به هائو ڪئي. ڪن سنگتـِـن به دل ٻڌرائي. البت نظر علي خان ٽٻيءَ ۾ اچي ويو. هيو مڙس دورانديش ۽ دوررس. لاڙڪاڻي جا شاعر به اچڻا هئا. انهن جي رهائڻ، ماني کارائڻ ۽ خدمت چاڪريءَ جو به معاملو درميان هو، سو بنان سوچي سمجهي جي ائين هائو ڪري سندس پاليسيءَ موجب سراسر ناعاقبت انديشي هئي. ڪيترن ڏينهن جي صلاح مشوري پڄاڻان جڏهن مهمانن جي رهائڻ ۽ کارائڻ جو بار ٻين جي ڪلهي تي پئجي ويو، تڏهن آغا صاحب مرحوم وڏو ٽهڪ ڏئي فرمايو ته:
”آغا منهنجا! واهه جو ليءِ ٿيندي!“
بظاهر ته مشاعري جي تحريڪ جو مجازي سبب اهو ئي هو ته سکر جي ماحول ۾ مشاعرا ڪرائي، هڪ ادبي ذوق پيدا ڪجي، ليڪن درپردي جيڪو حقيقي سبب هو، سو ڪو اور هو. پڙهندڙ وري خيال ڪندا ته وري وچ ۾ پيون گهوٻيون لڳن! پر ڇا ڪجي، جيسين اصلي قصي جا سڀئي پهلو بيان نٿا ڪجن، تيسين ڳالهه نه مڪمل ٿئي ٿي، نه رس رکي بيهي ٿي.
دراصل قصو هي آهي ته انهيءَ زماني ۾ سکر جي خوجن واري پاڙي ۾ هڪ نهايت ئي حسين ۽ جميل جوانڙو رهندو هو، جنهن لاءِ نظر علي خان جي راءِ هئي ته قبول صورت آهي ۽ اڃا ”شڪر پشم[7] “ ڪونه ٿيو آهي، مطلب ته مجاز ڪمائڻ جي بلڪل مناسب موزون آهي. ”سنڌ زميندار“ جي دفتر ۽ ”سنڌ زميندار“ جي اداري سان انهيءَ ڇوڪر جا تمام گهرا تعلقات هئا. خدا بخشيس، نظر علي خان مرحوم جيتوڻيڪ سخت متقي ۽ پرهيز هو، تاهم طبيعت جو به ڏاڍو شگفته ۽ زندهه دل هو. ڪنهن دلپسند ڇوڪر سان دوستي رکڻ يا ان ۾ دلچسپي وٺڻ ۾ کيس ڪوبه اعتراض نه هو، نه ان ۾ کيس ڪا قباحت نظر ايندي هئي. باقي رهي لوڪ لڄا، سو جيڪڏهن نيت نيڪ آهي، ته ان جو ڀؤ ڀولو نه آهي. جڏهن نظر علي خان انهيءَ مسئلي جي جواز ۾ تقرير ڪندو هو، تڏهن تصوف جي سموري تاريخ آڻي اڳيان رکندو هو. ”مجالس العشاق[8]“ کان وٺي ”مونس جان[9]“ تائين، ’لسان لغيب‘ جي ’ترڪ شيرازي‘ کان وٺي مولانا جاميءَ جي:

بلوح اول، الف بي تا نخواني
ز قرآن درس خواندن ڪــي تواني،

تائين وڃي پهچندو هو. مرحوم کي بلڊ پريشر جي شڪايت هئي. جڏهن اهو نوجوان دروازي کان ايندو هو، ان وقت جذبي ۾ خون جي حرارت وڌي ويندي هئس ۽ سڄو چهرو سرخ ٿي ويندو هيس. ان وقت مرحوم جي منهن تي جيڪا مرڪ نمودار ٿيندي هئي، سا سندس دل جي سچي نمائندگي ڪندي هئي.

* * *

’لسان الغيب‘ جو نالو اچي ويو آهي ته ٻيو هڪ قصو به دل تي تري آيو آهي. جڏهن مجاز جي ساز تي ننهن لڳو آهي، ته ڪجهه ٻيو به ٻڌي وٺو. موقعو اهوئي آهي، ان کان پوءِ وري نوان سوان ٿي اڳتي الاتهار ڪنداسي.
سنڌ زميندار“ جي دفتر مٿان هڪ هندو وڪيل رهندو هو، جنهن جو ڇوڪر به قيامت کان ڪم ڪونه هو. ڏاڍو مليح چهرو، ڳالهائڻ ۾ ميٺاج، هلڻ ۾ هڪ ادا، نڪ نقشو سهڻو، وار ڏاڍا وڻندڙ، انهن جون ڪجهه چڳان هميشهه پيشانيءَ تي پيون لهر هڻنديون هيون. درحقيقت وارن جي انهن ئي چند چڳن سڀ کان پهريون نظر علي خان جي نگاهن کي ڇڪيو، ورنه کيس ايڏنهن خواب و خيال به ڪونه هو ته ڪو مجاز جي مارِن ٻيو دام به بنهه ئي وٽ پاسي ۾ وڇائي ڇڏيو آهي!
معاملو هندن جو هو، جن کي نظر علي خان سان دلچسپي ته ڪانه، پر مورڳو ئي کانئس پرهيز هئي. آخر وڏي جدوجهد بعد ڇوڪر جي پيءُ سان سنگت رکيائين. ان کان پوءِ کيس ان تي آماده ڪيائين ته ڇوڪري کي انگريزيءَ سان گڏ فارسي به پڙهائي، جنهن جي ٽيوشن جو ذمو محض دوستيءَ ۽ پاڙي جي لحاظ خاطر نظر علي خان پاڻ تي هموار ڪيو. تير نشاني تي ويٺو، داءُ پورو لڳو، بازي جيتجي وئي.

بمڪتب ميرود طفلِ پريزاد،
مبارڪباد مرگِ نو به استاد.

درس جي شروعات حافظ جي هيٺئين بيت سان ٿي:

ڪــي دهد دست اين غرض، يا رب! کہ همدستان شوند،
خاطرِ مجموع ما، زلفِ پريشانِ شما.

”هندستان“، ”خاطر مجموع“ ۽ ”زلف پريشان“ جون معنائون مختلف صورتن ۾، ور ور ڏيون نظر علي خان پيو سمجهائيندو هيس. اڄ انهيءَ واقعي کي سال ٿي ويا. نه اهو چنديرام رهيو، جنهن کي پيار مان اسان سڀ “چندو” سڏيندا هئاسي، ۽ نه اهو آغا مرحوم ئي رهيو. اڄ جڏهن اهو منظر ياد پوي ٿو، ڄڻ دل جا ڳچ ڳريون ٿا پون، ڪهڙي نه نادر نموني پيو سمجهائيندو هيس! پڙهائڻ ۾ ڪيتري نه طوالت ڪندو هو، جيئن ڀل ڪجهه وقت وٽس ويٺو رهي. ڪهڙي نه مٿس ڪيفيت هوندي هئي، ڪيترو نه سندس مٿان رعب چڙهيل هو، ڪيئن نه تمنائن ڀريل اکيون مٿي کڻي وري جهٽ ۾ حجاب کان هيٺ ڪري وٺندو هو. يڪساهيءَ چندوءَ جي چهري کي ڏسڻ جي نڪا سندس اکين کي توانائي هئي، نه سندس دل کي همٿ هئي. مطلب ته سندس عالم ڏسڻ وٽان ٿيندو هو. ان وقت ته کلندا هئاسي، ليڪن اڄ ڄڻ ڏک پيو ٿئي. ”حافظ“ جي انهيءَ غزل جا شعر جڏهن مرحوم سُر ۽ سوز سان پڙهندو هو، ان وقت ته نه ڇڙو سندس دل ۾ محشر ۽ ماتم هوندو هو، ليڪن اسان به ان جي صداءِ بازگشت پنهنجن دِلين ۾ پيا ٻڌندا هئاسي. چوندو هو:

عزم ديدارِ، تو دارد، جان برلب آمده،
باز گردد يا بر آيد، چيست فرمانِ شما؟
دل خرابي ميڪند، دلدار را آگهه ڪنيد،
زينهار، اي دوستان! جانِ من و جانِ شما!
گرچه دوريم، از بساطِ قرب همت دور نيست،
بندة شاهِ شمائيم وثنا خوان شما.
دور داراز خاڪ و خون دامن، چوبرما بگذري،
ڪاندرين ره، ڪشتہ بسيار ند قربان شما.

نظر علي خان جي انهيءَ مجازي مڪتب مان ڇوڪر کي جيڪڏهن پڻس جلد اٿاري نه وڃي ها، ته نه ڇڙو ’مديرن‘ بلڪ ”سنڌ زميندار“ جي ’سر دبيرن[10]‘ جو جهڳو به جهڻ ٿي وڃي ها.
خير اهو واقعو ته پوءِ جو آهي، جڏهن جاءِ جي مالڪ ٽن سالن جي مسواڙ جي اسان تي دعويٰ ڪئي ۽ اسان سيلاٽن جي پاڙي واري جڳهه خالي ڪري، انهيءَ جاءِ ۾ وڃي ويٺاسي، جتي وچين دروازي جي مٿان مرحوم ’سنڌ زميندار‘ جو اهوئي غالباً پراڻو بورڊ اڄ به لڙڪي رهيو آهي ۽ سالن ۽ ايامن پڄاڻا اڄ به ڪڏهن ڪڏهن هوا جي جهوٽن تي کڙڪي، ايندڙ ويندڙ جو توجهه پاڻ ڏي ڇڪائي، زبان حال سان پيو پڪاري:

وه جو بيچتـي ٿي دوائي دل وه دڪان اپني بڙها گئــي

* * *

اهو قصو ته موقعي جي مناسبت سبب وچ ۾ اچي ويو. اصل ڳالهه مشاعري جي سلسلي ۾ ڇيڙي هئيسي انهيءَ ڇوڪر جي، جيڪو خوجن جي پاڙي ۾ رهندو هو. نظر علي خان جي ساڻس به ڏاڍي دلچسپي هئي. هڪ طرف کيس ڏسي، سندس دورانِ خون تيز ٿي ويندو هو، ۽ ٻئي طرف جيسين هو ويٺو هوندو هو، تيسين پاڻ نماز لاءِ به ڪونه اٿندو هو. اهڙن ئي وقتن تي اسلام جي ڏنل سهولتن مان مرحوم فائدو وٺندو هو. اها به ته وڏي سهولت هئي، جو نماز قضا پڙهي سگهجي ٿي! نظر علي خان جي ايتري انهماڪ هوندي به ڇوڪري جي پنهنجي اها دعويٰ هوندي هئي ته هن جي دوستي محض رشدي صاحب سان آهي ۽ هو پريس ۾ جيڪو اچي ٿو، سو فقط ساڻس ملڻ- ٻين سان سندس کلي ڳالهائڻ ڇڙو اخلاقاً آهي. ڇوڪر جي انهيءَ دعويٰ کي جناب راشدي صاحب به رد ڪونه ڏيندو هو. دلين جو پارکو ته آهي الله، ان کي خبر ته اصل معاملو ڇا هو.
اهو ڇوڪرو هڪ ته پنهنجي سر ئي وڏو فتنو هو، ويتر ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو ۽ پڙهندو به ڏاڍو ليءِ ۽ انداز سان هو. اهوئي ته سبب هو، جو ”الوحيد“ کان پوءِ مسلمانن جي نمبر ٻئي قومي اداري جا اهلڪار مجاز ۾ مبتلا ٿي پيا هئا. سکر ۾ مشاعري سڏائڻ جو حقيقي سبب هو اهو ڇوڪر. اصل ۾ هن کي ئي پنهنجي حسن صورت ۽ حسن ڪلام جو مظاهرو ڪرڻو هو، جنهنڪري اسان سڀني آل سنڌ مشاعري جو وٺي مامرو مچايو.
تاريخ جو اعلان ٿيو، دعوتون ڏجي ويون، انتطاميه ڪميٽي ٺهي وئي، رهڻ ۽ کائڻ جو بلو ڪيو ويو، هڪ ڏينهن اوچتو نظر علي خان سڙان کامان ڪندو اچي مٿان بيٺو. چپن تي خشڪي، منهن تمام ڳنڀير، اکين ۾ سرخ ڏورا، ٽوپي هڪ طرف، ڪوٽ ٻئي طرف، جتي پيرن مان لاهي، آرام ڪرسيءَ تي ڪري پيو. چي:
”خدا جي مار پويوَ! ڇوڪر دوست اوهان جو، وچ ۾ ويل مان مسڪين سان ٿي ويو!“
اسان سڀ وائڙا. جڏهن ٺريو، تڏهن معلوم ٿيو ته لاڙڪاڻي جا نه فقط سڀئي شاعر ٿي آيا، بلڪ ڪيترا ٻيا معزز به اچي رهيا هئا. ڳوٺائي جو آيا ٿي، سو ٻيو نه، تڏهن به چانهه پاڻي ڪرڻ ته نظر علي خان کي ضرور جڳائيندو هو. جي نه ڪري ته عمر لاءِ ڪنڌ هيٺ، مهڻيهاب، اکيون سدائين لڄي! بس اِهو هو اُهو ويل، جنهن جي ڪري نظر علي خان آرام ڪرسيءَ تي پاڻ ڇڏي، سنئون ٿي پيو هو. اها اصل شناخت هئي انهيءَ ڪنجوسيءَ جي، جنهن کي مرحوم اصراف نه ڪرڻ واري شرعي دفعي هيٺ آڻي، جائز بلڪ لازم بڻائي ڇڏيو هو. ڪنجوسيءَ جو قصو آيو ته ان جو تفصيل ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ واجبي آهي، پوءِ ٿا اڳتي وڌون.
اسان وٽ پريس ۾ بورچي ڪونه هوندو هو. ان جي پگهار جو مسئلو ته پوءِ ڇڙي- پهريون ته اسان مانيءَ تي جڏهن ايترو خرچ ڪيون، جنهن لاءِ بورچيءَ جي ضرورت پوي! ڪڏهن تورِن جي ڀاڄي، ڪڏهن سائي پالڪ ان ۾ هرٻو به گڏيل، ڪڏهن روح سٽ ڏئي ته مريڙي جي مٺ- انهن ڀاڄين سان ڪڏهن ماني ته ڪڏهن چانور. مانيءَ جي انهيءَ مينو جو نالو آغا صاحب رکيو هو ”نيم نان صحت جان“. اهڙي مختصر معاملي لاءِ ڪهڙا ويهي بورچي رکجن! ڪڏهن آغا صاحب پاڻ تيار ڪري وٺندو هو ۽ ڪڏهن مان. ڪنهن وقت ٻـَـئي ڪم ۾ هوندا هئاسي، ته ڪنهن ڪمپازيٽر جي ذريعي سرانجاميءَ جي صورت نڪري ايندي هئي. دراصل روح ته آخر انساني هو، پيٽ ته نيٺ ٻين ماڻهن جهڙو هو، نفس کي به اهي ئي خواهشون هونديون هيون جيڪي ٻين جي نفس کي ٿين ٿيون، دل به اهائي سَڌَ ڪندي هئي جيڪا ٻين جي دل ڪندي هئي. ليڪن پئسو سڄو آغا صاحب جي حوالي. اهو پاڻ ڪنجوس. مارڪيٽ به اهو وڃي. بورچي هجي ڪونه. گوشت ۽ ڪڪڙ ڪيئن اچن، ڪيئن پچنّ! دال جو نالو رکيو هئائين ”دعوت شيراز“. جڏهن دال پچندي هئي، تڏهن مرحوم کلي، ٽهڪ ڏئي، چوندو هو:
”آغا منهنجا، سبحان الله! اڄ دعوت شيراز آهي. موجان ڪبيون.“
منهنجي پگهار پنجاهه رپيا، سا به ملي ڪانه. تنهنڪري لاچار ”نيم نان صحت جان“ واري نسخي تي عمل ڪرڻو پوندو هو. باقي رهيو آغا صاحب، سو دراصل ته بخل سبب ڀاڄيون واپرائيندو هو ۽ بظاهر بهانو ڪندو هو بلڊ پريشر جو، حالانڪ اهو بلڊپريشر جيڪو پنهنجي خريد ڪيل گوشت کائڻ سان وڌي ويندو هو، انهيءَ وقت بلڪل نارمل ٿي ويندو هو، جڏهن سائين ڪرم علي شاهه يا ڪنهن ٻئي دوست وٽان رڌل ماني ايندي هئي، جنهن ۾ پلاءَ جي پهلوءَ ۾ ڀونن ۽ شبينن جا رڪاب رکيل هوندا هئا. يا جڏهن ڪٿي دعوت تي ويندا هئاسي، ان وقت به گهران نڪرندي ئي نظر علي خان جو پريشر نارمل تي اچي ويندو هو.
چِٽو ياد نه آهي، ليڪن زمانو گذري ويو رڌ پچاءُ ڪندي ۽ لوڻڪ مريڙو کائيندي هڪ ڏينهن صبح جو ساجهر ڏسان ته آغا صاحب لڏندو اچي ٿو هڪ ماڻهو به سندس پٺيان آهي، جنهن جي هٿ ۾ ڇـَـلي آهي. آغا صاحب مارڪيٽ ڪري موٽي آيو، ۽ ايندي واٽ تان مدرسي دارالهديٰ ٺيڙهيءَ جو هڪ مفرور ٿيل شاگرد به بطور بورچيءَ جي هٿ ڪيون آيو! اچڻ سان وڌائي ڏَئي، چيائين:
”آغا منهنجا! هاڻي مٿي هيٺان وهاڻو ڏَئي سـُـمهي رهه!“

* * *

مدرسي دارالهديٰ ٺيڙهيءَ جي مناسبت سان ڪيئي ڳالهيون ياد اچي پيون آهن، سنڌ جا شهري مدرسا، ڳوٺاڻا مڪتب، ملا مڪتب، مسجدن جي نکن تي ’آمد نامو‘ ’وايو‘ ’ٽوايو‘ پڙهائڻ، ڪريما، يوسف زليخان، گلستان ۽ بوستان، سڪندر نامو ۽ بهادر - دانش جا سبق، انهيءَ دور جا استاد، عالم، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڍنگ ۽ طريقو، مدرسن ۽ مڪتبن جو نمونو ۽ نظام، تعليم جو مطلب ۽ مقصد، اهي سڀ اهڙا عنوان آهن، جن تي ڪيئي واقعا ياد اچن ٿا- ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪجن. انهيءَ لاءِ جدا دفتر درڪار آهن.
انهيءَ دور ۾ گهڻو ڪري سنڌ جي هر شهر بلڪ هر ڳوٺ، واهڻ ۽ وستيءَ ۾ وڏا مدرسا ۽ ننڍا مڪتب هوندا هئا، جن جا استاد پنهنجي پنهنجي دور ۾ نه ڇڙو علم جا اڪابر هئا بلڪ عرفان ۽ طريقت جا صاحب به هوندا هئا- نهايت پاڪباز، پاڪ طينت، صحيح صورت ۾ ديني بزرگ ۽ نوراني خوبين ۽ خصلتن جا مالڪ جن جي ڏٺي ۽ جن سان صحبت ڪندي انسان کي الله ۽ رسول جي ياد اچي ويندي هئي. اڄوڪن مانر ملن کي ڏسي غلط فهميءَ ۾ مبتلا ٿيڻ نه گهرجي، اهي ڪي سوکڙيون ئي اور هيون. ڪيترا بزرگ هـِـن دور يا هن کان ٿورو اڳ واري زماني ۾ اهڙا ٿي گذريا آهن، هوند اُهي جيڪڏهن سنڌ کان ٻاهر هجن ها ته اڄ مولانا حسين احمد مدني، ابوالڪلام آزاد، شبلي ۽ سليمان ندويءَ کان ٻه قدم اڳ ليکيا وڃن ها، ليڪن ڇاڪاڻ ته هو هن گوشائتي ۽ بدقسمت ملڪ ۾ رهيا، تنهنڪري ”گهر جو پير چلهه جو مارنگ“ ٿي ويا. اڄ ڪن جا نالا دل تي تري اچن ٿا، سڀاڻي انهن نالن ٻڌائڻ وارو به ڪونه ملندو. هيءُ سنڌ جو اگرچه زوال ۽ غلاميءَ جو دور آهي ان هوندي به سوين صورتون اهڙيون آهن، جن جي سيرت صحابـِـن جهڙي پئي لڳي. ڪيترا جيئرا آهن، ڪي ڪجهه سال اڳ راهه رباني وٺي ويا، ليڪن آءٌ پاڻ کي خوشقسمت سمجهان ٿو، جو انهن بزرگن مان ڪيترن جي نه ڇڙو زيارت نصيب ٿي بلڪ سندن خدمت گذاريءَ جي سعادت پڻ نصيب ٿي. انسان ويسر جو گهر آهي، ڪنهن کي ياد ڪري ڪنهن کي ڪجي، تنهن هوندي به جيڪي نالا دل تي تري آيا آهن، تن ڀلارن جي فهرست خود ڪا ٿوري ڪانه آهي، مثلاً:

(1) مولانا حبيب الله پراڻي ديري وارو.
(2) حضرت مولانا خوش محمد صاحب ميروخاني، بزرگ عالم ۽ نهايت نيڪ ۽ شريف نفس انسان، منهنجو شفيق ۽ مهربان هو - تازو 1977ع ۾ فوت ٿيو آهي.
(3) حافظ محمد صديق ڀرچونڊي شريف وارو، پير سائين روضي ڌڻيءَ جي سلسلي سان تعلق هين، پيريءَ مريديءَ ۽ سجادي جو صاحب هو.
(4) مولانا حبيب الله ڪاڻين وارو- مشهور هو، مون کين ڪونه ڏٺو.
(5) مولانا غلام عمر جتوئن وارو- بيحد مشهور ۽ مدرسي جو صاحب هو.
(6) حضرت مولانا تاج محمود امروٽي، بزرگ، صاحب سنت، برگزيدو ۽ قومي درد رکندڙ، انگريزن جو ڪٽر دشمن ۽ انهيءَ دور جي مذهبي ۽ قومي تحريڪن جو روح روان، خلافت، عدم تعاون ۽ هجرت واريءَ تحريڪ جو علمبردار، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو پيشوا، 1934ع جي قريب فوت ٿيو، اولاد ڪونه هين، سندن ڀاڻيجو ميان نظام الدين سجاده نشين ٿيو، جيڪو اسان جو شخصي دوست هو.
(7) حضرت قاضي عبدالرزاق ترائي وارو- اسانجي ڳوٺ جي ڀر ۾ وڏي پائي جو بزرگ، زبردست حڪيم، ۽ صاحب نسبت عالم ۽ عارف هو. سندس فرزند قاضي محمد رفيق سالن جا سال منهنجو رفيق، همراهه ۽ همراز رهيو. حضرت قاضي صاحب جي تاريخ وفات آهي:

آه از رحلتِ بَـليــغ زمـــــان
صــــاحــب شرع ورع ذوالاحسان
عــــالــم بي بـنــظير خائفِ حـق
زاهــــد و راست گــــو خليق لـِـسان
جــــز خداوند خـــــود نمي آوارد
روي دل را بــخـــواهـــش انــســـان
در فضــــائل علــوم دين هديٰ
بــيگمــــان بــــود ثــــانيءَ نــعمـان
عارف وزنده دل جميل صفات
آمــــرالــعــرف نـــاهــي الــطــغيـان
مـــولوي ذي علوم عبدالرزاق
رڪـــن اســــلام فـخر اهــل ايمان
حــــاجي و حـــافظ و حـــدودلله
غير حق از ڪسي نخواست امـان
واري حــســـرت ز انتقــال چنيـن
عـــــــالــــم بــي بـــدل فقيهه زمـان
نــــقــد گنجينهءِ عــــلــوم هـــدا
رفــــقهِّ بــي عـــديـــل پـــر امــعـــان
روز تــــرحـيــلـــش دوشنبه بـود
ســــابــع از مه مــبـــــارڪ رمضـان
از من وصــــل سر طرب ببريد
مـــقدمش کـــرد حـــق درون جنان

اها تاريخ مولوي محمد صالح ڊکڻن واري جي چيل آهي. ٻي تاريخ آهي:

مولوي صاحب فِضيلت عالمِ علم اِلهدا
ڪاشف رمزِ شــريعت جامع ورع وتقا
در علوم فقهه و منــطق در تفاسير و حـديث
صدر علما، زيب فقها، مصدر جود و وفا
حاجي عبدالرزاق اندر جهان مشهور بود
در فضائل ظاهر و باطن چوشمس اندر سما
در همہ اوصاف ديني بر ترو بي مثل بـود
ڪزهمہ اهــل زمــان مستغنيش کرده خــدا
در فنون علم تحرير مسائل، بي نظير
گرز معمان ثانيش خوانم ڪجا باشد خطا
در جهان از انتقالش صد هجوم آمد پــديد
اهـل دين از فرقتش در گــريہ و اندو هها
روزيـک شنبه زرمضان هفتمين تـاريخ بود
کــــان بليغ از دهر فاني شد روان سوئي بقا
بي سر، حسـرت برآمد مادهِّ تاريخ او
دنيــــا زنقل اينچنين ميمون بقا (1331هه)

قاضي محمد رفيق مرحوم جي قول مطابق قاضي صاحب مرحوم 60 ورهن جي عمر ۾ انتقال ڪيو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد وٽ ٿي، باقي تعليم جندي ديري جي مولانا محمد حسين ڀٽه وٽ، ۽ آخري سبق تبرڪاً حضرت همايونيءَ وٽ ورتائون. سندن مزار ترائيءَ ۾ آهي. مولوي خادم حسين جتوئي سندس ڪيترن شاگردن مان هڪ هو.
(8) مولانا مفتي محمد قاسم ۽ مولانا مفتي محمد ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسين وارا. ٻـَـئي صاحب پنهنجي دور جا جيد استاد ۽ صاحب فتويٰ عالم هئا. پويون بزرگ مون تي خاص مهربان هو. ڳڙهيءَ ۾ سندس خدمت ۾ ڪيترا دفعا حاضر ٿي، استفادو ڪري روحاني تسڪين حاصل ڪيم. مولانا محمد قاسم جي وفات 1349هه ۾ ٿي. سندن والد جو نالو مولانا محمد هاشم هو، جو پڻ پنهنجي دور جو استاد زمان هو، 1322هه ۾ فوت ٿيو. مولانا محمد ابراهيم چند سال ٿيا جو وفات ڪئي.
(9) مولانا عبدالغفور همايوني (ولد حضرت خليفو محمد يعقوب متوفي 1336 هه بن رئيس محمد مبارڪ) جو مذڪور اچي چڪو آهي. همايون جو نالو ۽ انهيءَ شهر کي آبرو ۽ عزت سندن ذات سبب هئي. مولانا محمد قاسم ۽ مولانا عبدالغفور همايونيءَ جا ڪتب خانا اپر سنڌ ۾ مشهور هئا. مولانا شهداد ڪوٽيءَ جو ڪتب خانو به پنهنجي نالي سان هو. سڀڪجهه غالباً برباد ٿي ويو. سنڌ جو ڪيترو سرمايو ڏسندي ڏسندي هليو ويو، ڪنهن سار ڪانه لڌي، ڪنهن کي سماءُ ڪونه پيو، ڪو ڌڻي ڌوري ڪونه ٿيو. ساڳي حالت شڪارپور جي علوين جي ڪتب خاني سان ٿي. امروٽيءَ بزرگ جو ڪتب خانو به ويو.
(10) مولانا غلام صديق شهداد ڪوٽي (متوفي 1323هه)، پنهنجي دور جو خدا رسيدو بزرگ هو، منهنجي سانڀر کان چند سال اڳ وفات ٿين. شاهه سائين تراب علي شاهه ۽ ميان سائين حسين شاهه سندن ذڪر ڪندي ڪندي اکين مان هميشہ لڙڪ وهائيندا هئا.
(11) مولانا محمد صادق کڏي وارو، مشهور عالم، اهل دل بزرگ ۽ قومي تحريڪن جو سربراهه،
مولانا عبيدالله جو عقيدتمند. آخري دور ۾ مون سان خاص عنايت هين.
(12) مولانا عبدالڪريم درس ڪراچيءَ وارو. منهنجي سانڀر کان اڳ فوت ٿيو. اسان جي دور ۾ سندن فرزند ڪراچيءَ جي بزرگن ۾ شامل هو.
(13) مولانا عبدالرحمان سکر وارو- اهل الله، فاضل، عالم، صاحبِ نسبت ۽ وڏي درجي جو بزرگ هو. منهنجي سانڀر کان ٿورو اڳ هي جهان ڇڏي ويو.
(14) مولانا خدابخش رتيديري وارو.
(15) مولانا عبدالرزاق ڍوري ناري وارو.
(16) مولانا خادم حسين جتوئي رتيديري وارو، مشهور قومي ڪم ڪندڙ ۽ هاري تحريڪ جي روح روان مولانا نذير حسين جتوئيءَ جو والد بزرگوار. مون کين ڪونه ڏٺو.
(17) مولانا محمد صادق راڻيپور وارو. حڪيم، عالم، ذهين ۽ ڪيترين خوبين جو بزرگ هو. مون تي مهربان رهيو.
(18) مولانا عبدالرحمان ميمڻ شڪارپوري.
(19) مولانا مفتي صاحبداد صاحب سلطان ڪوٽي، اسان جو دوست، مهربان ۽ طبيعت جي لحاظ سان مکڻ ماڻهو هو.
(20) مولوي عبدالله مدئجيءَ وارو.
(21) مولوي عبدالله ڊکڻن وارو.
(22) مولانا قمرالدين انڍڙ.
(23) مولانا حمادالله صاحب هاليجيءَ وارو، صاحبِ نسبت ۽ صاحبِ طريقت بزرگ هو. تازو فوت ٿيو.
(24) مخدوم حسن الله پاٽ وارو.
(25) مخدوم مولانا محمود پاٽائي.
(26) مولوي محمد هاشم ملاح دادو.
(27) امير محمد شاهه صاحب اميناڻن وارو. مون ساڻن ملاقات ڪئي.
(28) مولوي غلام محمد صاحب ملڪاڻن وارو.
(29) مولوي محمد صديق سيتائي، مشهور اخبار نويس مولانا عبدالغفور سيتائيءَ جو نانو.
(30) مولانا نثار احمد سيتائي، مولانا سيتائي موصوف جو برادر بزرگ.
(31) مولوي نبي بخش اوڍو، جيڪب آباد.
(32) مولوي عبدالنبي شاهه، جيڪب آباد.
(33) مولوي اميد علي صاحب، جيڪب آباد.
(34) مولوي عبدالمجيد لاشاري، جيڪب آباد.
(35-36) مولوي نبي بخش ۽ مولوي غلام مصطفيٰ ڪولاچي- ٻـَـئي ڀائر اوستي محمد جا ويٺل هئا.
(37) مولوي عبدالوهاب ڪولاچي، مٿين بزرگن جو ڀاڻيجو.
(38) مولوي عبدالعزيز، مانجهي پور، جيڪب آباد.
(39) مولوي در محمد ٺل وارو.
(40) مولوي عبدالله نوناري، رتوديرو.
(41) مولانا عبدالله بنگلديرائي.
(42) مولانا مير محمد نورنگي، قمبر.
(43) مولانا ڪريمداد، ٺوڙهي، قمبر.
(44) مولانا غلام محمد، ٺوڙهي، قمبر.
(45) مولانا محمد عاقل ”عاقل“ عاقلي، شاعر، خطاط ۽ پير سائين حزب الله شاه تخت واري جو مصاحب. اسان کيس آخري عمر ۾ ڏٺو ۽ ساڻن ملاقاتون رهيون. وٽن بهترين خطي ڪتاب هئا. زيب عاقلي سندس فرزند آهي.
(46) مولانا گل محمد صاحب شهداد ڪوٽي (متوفي 1306 هه) حضرت مولانا محمد صديق جن جو ڀاءُ.
(47) مولانا محمد عظيم، نصيرآبادي.
(48) مولانا عبدالڪريم، ڪورسليمان وارو. قمبر.
(49) مولانا محمد سليمان، ٿرڙي محبت وارو.
(50) مولانا عبدالڪريم، ڏوڪري وارو.
(51) مولانا حبيب الله نوناري، رتوديرو.
(52) مولوي غلام فريد، قمبر سپڙيا.
(53) مولانا محمد اسماعيل ڏتل ابڙو، قمبر.
(54) مولوي عطا محمد ڌڱاڻو، مهيسر.
(55) مولوي عبدالحليم ڀنڊ ڳوٺ.
(56) مولوي عبدالڪريم سيال ويٺل لڪ، بلوچستان
(57) مولانا عبدالله ڀٽو، وسايو ڀٽو.
(58) مولانا محسن علي شاهه، ميان جو ڳوٺ.
(59) مولوي محمد هاشم ڳڙهي وارو (متوفي 1322 هه) (شد اندرون بهشت).
(60) مولوي عبدالقادر رستم وارو.
(61) مولوي محمد عمر، دين پور وڪڙو.
(62) مولانا محسن شاهه، گهوٽڪي.
(63) مولانا پير فخرالدين شاهه، گهوٽڪي.
(64) مولوي شير محمد شاهه، گهوٽڪي.

گهوٽڪي ۾ هنن بزرگن جو مدرسو مشهور هو. مولوي نذير حسين جتوئي هن مدرسي ۾ پڙهيو. مرحوم پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ مدرسي ۾ ملندڙ مانيءَ تي هيٺيون مذاقي شعر چيو، جيڪو بزرگن ٻڌي مانيءَ ۾ به اصلاح ڪئي ۽ نظم مان به حظ حاصل ڪيو:

از غذاي دال روٽي ڪون ما شد ڍولڪي،
مي سرايد از تبرڪ سيدانِ گهــــوٽڪي.
سيــدا! بهرِ خدا مسڪين هت نا مارجانءِ،
دال جي دريــاه مان ٻيڙو ٻڏن جو تارجانءِ.
پير فخرالدين کي پيغام هي پهچائجئين،
ڪڻڪ جي ماني ملي ڀل دال دڳ تي هارجان”.

(مولانا پاڻ لکي ڏنو. تاريخ 17-3-1961، ڳڙهي ياسين)

(65) مولوي نور محمد عادل پوري.
(66) مولوي عبدالقادر، پهنواري شريف جو (حضرت امروٽيءَ جو استاد).
(67) مولوي عبدالعزيز، ٿريچاڻي.
(68) مولوي محمد اسماعيل، گهوٽڪي.
(69) مولوي خدا بخش، ڀريا روڊ.
(70) مولانا شير محمد، خانڳڙهه شريف.
(71) مولانا حڪيم فضل الله شڪارپور. هن بزرگ سان مراسم رهيا.
(72) مولوي قاضي محمد عظيم شڪارپور، بهترين ڪتبخانو هين، آخري عمر ۾ مون ساڻن ملاقات ڪئي، پوءِ ستت ئي جهان ڇڏي ويا.
(73) مولوي عبدالحڪيم سومرو، شڪارپور.
(74) مولوي عبدالرحيم عباسي مفتي، خيرپور.
(75) مولانا محمد عثمان بلوچ، ڪراچي.
(76) مولانا نذير حسين جتوئي ”جلالي“ تخلص، منهنجو دلبر دوست، قومي ڪم ڪندڙ، بيحد ظريف الطبع، ذهين ۽ حاضر جواب، مجلس جو مور، بهادر ۽ هاري تحريڪ جي بنيادي ليڊرن مان هو. تازو وفات ڪري ويو. هيٺين ”سي حرفي“ هاري حقدار واريءَ تحريڪ جي سلسلي ۾ سندس تصنيف آهي.

الف - اٿي اڄ هاري تون، همت ڪر هڪ واري تون، بار کڻين ٿو باري تون،
تنهنجو عالم تي احسان- مرد مجاهد ڪر ميدان!

ب - بک ڏک ۾ گهارين ٿو، ڳڻتين ۾ مـَـنُ ڳارين ٿو، ڪنهن سان ڪين پـَـچارين ٿو،
پنهنجي اندر جو ارمان، مرد مجاهد...!

ٻ - ٻاڪارين بار سدا، نيڻ وهائين نار سدا، پنهنجا پڌارا پار سدا،
هردم حيرت ۾ حيران، مرد مجاهد...!

پ - پالين جڳ سارو تون، پاڻ پئين ڏڌ ڏارو تون، ڪين ڪرين واڌارو تون،
هر ڪنهن جو تون رزق رسان، مرد مجاهد...!

ڀ - ڀَڃُ بت بيڪاريءَ جو، خيال رکي خود داريءَ جو، نعرو هڻ نرواريءَ جو،
ٻَڌ سندرو ساهي جوڌا جوان، مرد مجاهد...!

ت - تـَـنَ کي تون تسيا ڏين، سختين ۾ شب روز رهين، سخت سدائين سور سهين،
سانڍين سورن جو سامان، مرد مجاهد...!

ج - جيئڻ جنجال چوان، هيڻون هاري حال چوان، پـَـروس ٿي پامال چوان،
ويڙها ورهن کان ويران، مرد مجاهد...!

چ - چپ توکي ڪين کپي، ڇو نه ٿي تنهنجي ديڳ تپي، ماري ويندئي ڪنڌ ڪپي،
ماٺ ۾ تنهنجو آ نقصان، مرد مجاهد...!

ڇ - ڇڏ غافل غفلت کي، زائل ڪر تون ذلت کي، حاصل ڪر هر عزت کي،
ملڪن ۾ ٿئي تنهنجو مان، مرد مجاهد...!

ح - حق پنهنجا حاصل ڪر، زور زبر کي زائل ڪر، ڪشتي سوري ساحل ڪر،
پاڻ ٿي پنهنجو ڪشتيبان، مرد مجاهد...!

خ - خرم خوشحال هجين، هردم مالامال هجين، هر ڪنهن جو رکپال هجين،
تنهنجو تابع جملي جهان، مرد مجاهد...!

د - دکن کان دور گذار، ڪاڻ نه ڪڍ ٿي رَهِّ خوددار، مور نه پنهجو پاڻ وسار،
آزاديءَ جو ڪر اعلان، مرد مجاهد...!

ذ - ذرو ويچار ڪيو، پاڻ نه هينئن لاچار ڪيو، گڏجي سڀ آچار ڪيو،
آهه اوهان جو ملڪ مڪانُ، مرد مجاهد...!

ر - رهبر ٿيءُ تون پنهنجو پاڻ، ساٿي ٿي رهه هڪٻئي ساڻ، منڪر نيٺ مڃيندو آڻ،
ويندس مٽجي نام نشان، مرد مجاهد...!

ز - زندهه ٿي زور ڏيکار، همت ڌاري ٻوٽو ٻار، غيرت وارا غيرت ڌار،
وقت اچي ٿو جاڳ جوان، مور مجاهد...!

س - سلامت سک سان گهار، ماڻ مزا وٺ موج ملهار، واهه وسي ٿي بوند بهار،
گجگوڙين ۾ آ مهراڻ، مرد مجاهد...!

ش - شهادت جو ڏس شان، منڪر موذي آ مروان، دائم قائم رک ايمان،
راضي رهندُءِ رب رحمان، مرد مجاهد...!

ص - صداقت تنهنجو شان، ش شهادت تنهنجو شان، سعادت تنهنجو شان،
سورههَ سوڀارا سلطان، مرد مجاهد...!

ض - ضرور ملهايو پاڻ، ڪوٽ ڪفر جا ڊاهيو پاڻ، سنڌ وطن کي ٺاهيو پاڻ،
پاڪ ڪيو هي پاڪستان، مرد مجاهد...!

ط - طالب رهه تون راحت جو، پنهنجي عزت عظمت جو، شان شاهانه شوڪت جو،
آهي شاهي تنهنجو شان، مرد مجاهد...!

ظ - ظالم جو ظلم نه سـَـههُ، ظلم ڪنان آزاد ٿي رههُ، ڏينهن ڏکيا ٿي ٽي يا ٻهه،
هردم هوندين تون شادان، مرد مجاهد...!

ع - عمل سان اڳتي وڌ، سندرو ساهي ٺاهي ٻـَـڌ، ڪين ڪجانءِ ٿي سڌڙيو سڌ،
هوندءِ هر مشڪل آسان، مرد مجاهد...!

غ - غريبي کان رهه دور، ان جي ويجهو وڃ نه مور، ٺاهه دنيا جو نئون دستور،
قائم ڪر تون امن و امان، مرد مجاهد...!

ف - فرحت سان وقت گذار، گهر ۾ اَنَ جا آڻ انبار، لـَـهه هر ڪنهن جي سار سنڀار،
هرڪو تنهنجو آ مهمان، مرد مجاهد...!

ڪ - ڪمال جو وقت آهي، وقت به نازڪ سخت آهي، جاڳيو تنهنجو بخت آهي،
بخت آ تنهنجو بي پايان، مرد مجاهد...!

گ - گذر اوقات ڏسو، هارين جا حالات ڏسو، مارين جا محلات ڏسو،
عزت تان ڪر سر قربان، مرد مجاهد...!

ل - لياقت ڌار هينئر، آئندو اوجار هينئر، ٿيندا ٻيڙا پار هينئر،
برپا تنهنجو آ طوفان، مرد مجاهد...!

م - مجاهد مرد ٿيو، هڪٻئي جا همدرد ٿيو، هردم فاتح فرد ٿيو،
جڳ ۾ جاري ڪر فرمان، مرد مجاهد...!

ن - نذيرا! ناصح تون، ڳالهه ڪئي آ واضح تو، ٿيندين آخر فاتح تون،
ڇاهي ظالم جو زندان، مرد مجاهد...!

و - وڌايو وک اڳي، ويري ٿو هر وقت وڳي، ڀاڙيو ڀڄندو چوٽ لڳي،
سـَـٽ نه سـَـهندو هي مـَـروان، مرد مجاهد...!

هه - هاري حقدار چوان، ملڪ سندو مهندار چوان، حاڪم خود مختار چوان،
جنهن جو آهي اعليٰ شان، مرد مجاهد...!

ي - يڪدم تيار رهو، همت سان هوشيار رهو، آڻي خودي خود دار رهو،
دائم، قائم رک ايمان، مرد مجاهد...![11]

(76-77) قلات رياست ۾ ڪٽبارن جو ڳوٺ آهي، جتان جا عالم سڳورا مشهور ۽ ڪيترن سنڌي بزرگن جا استاد هئا، جهڙوڪ ميان محمد حسن (متوفي 1350) ولد حضرت ميان تاج محمد (متوفي 1310) ۽ ميان محمد پناهه (متوفي 1348) ولد ميان تاج محمد. شهداد ڪوٽي بزرگ ۽ ڳڙهي ياسين وارا عالم سندن معتقد ۽ شاگرد هئا.
(78) مولانا تاج محمد ساڪن تاج لاشاري، بلوچستان.
(79) مولوي محمد اشرف، بلوچستان.
(80) مولانا عبدالله رتيديري وارو.
(81) مولانا ڪريمداد ساڪن ٺوڙي.
(82) مولانا فقير محمد ڪارڙائي.
(83) مولانا محمد بچل، لاڙڪاڻو.
(84) مولانا جمال الدين صحبت پوري، جيڪب آباد.
(85) مولانا عبدالوهاب ڪولاچي.
(86) مولانا عبدالرؤف، خانپور.
(87) مولانا محمد اسماعيل صاحب، ڳوٺ شاهلي.
(88) مولانا محمد مبارڪ، ميان جو ڳوٺ.
(89) مولوي لطف الله، يوسف ڪوٽي.
(90) مولوي محمد عثمان، ڪرن.
(91) مولانا عنايت الله آگرو.
(ميان محمد حسن ڪٽباري کان وٺي 91 نمبر تائين مولانا محمد هاشم ڳڙهي ياسين واري جا شاگرد هئا.)
(92) مخدوم محمد صالح پاٽائي.
(93) مولانا محمد حسن صاحب حيدرآبادي.
(94) مولانا عطاءُ الله صاحب فيروز شاهي.
(95) مولانا عبدالستار رستم وارو.
(96) مولانا عبدالقادر صاحب پنهواري.
هيٺيان شاگرد مولانا محمد قاسم ڳڙهيءَ واري جا هئا:
(97) مولوي احمد صاحب مڪراني، شهر تبت، پنجگور.
(98) مولوي ولي محمد، مٺڙي.
(99) مولوي عبدالحليم، کڙڪ، سبي.
(100) مولوي محمد حسن مڪراني.
(101) مولوي صدرالدين صحبت پوري.
(102) مولانا نصيرالدين، ڪنڊو.
(103) مولانا عبدالرؤف، ڪنڊو.
(104) مولانا محمد حسين صاحب کهاوڙ، مدير اخبار ”الحنيف“، جيڪب آباد.
(105) مولانا محمد موسيٰ، جيڪب آباد.
(106) مولانا محمد پناهه، جيڪب آباد.
(107) مولانا عبدالله ڀانڊي قبي وارو.
(108) مولوي عبدالستار رتائي.
(109) مخدوم مولوي شفيع محمد پاٽائي.
(110) مولوي عبدالرحمان ناڙيءَ وارو.
(111) مولوي بدرالدين ڊکڻن وارو.
(112) مولوي محمد هارون بلوچستاني.
مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسين واري جا هيٺيان عالم معاصر هئا:
(113) مولانا خادم حسين ڀليڏنو آبادي.
(انهيءَ ڀليڏنو آباد لاءِ مولانا نذير حسين جتوئيءَ چيو آهي:
ڀلينا باد جا ڪوڙا ڪريلا، ڏين ٿا تيل ۾ ساڙي سويلا)
(114) مولانا عطا محمد صاحب مهيري.
(115) مولانا عبدالرحمان صاحب ڌامراهي.
(116) مولانا غلام عمر، سونو جتوئي.
سندن برادر محترم جناب مولانا محمد هاشم جا شاگرد هيٺيان بزرگ آهن:
(117) مولانا عبدالباقي همايوني.
(118) مولوي جان محمد مهر، شڪارپور.
(119) مولوي عبدالعزيز مدرس مدرسه انوار العلوم، شڪارپور.
(120) مولوي عبدالرحمان پنهور، خيرپوري.
(121) مولوي يار محمد چنو، سيوهڻ.
(122) مولوي محمد علي خطيب، جيڪب آباد.
(123) مولوي محمد صحبت خان، جيڪب آباد.
(124) مولوي امان الله شڪار پوري.
(125) مولانا علي محمد ڪاڪيپوٽو - بيحد ذهين، دلچسپ گفتگو جو صاحب، نهايت بذله سنج ۽ شاندار استاد هو، منهنجو دوست هو. ارمان آهي جو جوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو ۽ سندس صحبت ۽ محبت جو گهڻو حـِـظ حاصل ٿي نه سگهيو.
ٺيڙهيءَ جو نالو آيو ته حضرت مولانا حبيب الله صاحب ۽ سندس برادر خورد مولانا عزيز الله صاحب جون سهڻيون ۽ بزرگانه صورتون اکين اڳيان اچي ويون، هڪ وڏو ٻيو ننڍو، ليڪن علم ۾ ٻئي هڪجهڙا برک ۽ اڪابر، اخلاق ۽ محبت جا مجسما، شرافت ۽ نيڪيءَ جا نمونا - پنهنجا بيحد مهربان، ۽ انهن جي عنايت ڪري دارالهديٰ ٺيڙهي گويا پنهنجو ٻيو مرڪز هو. مولوي سيد محمد علي شاه ۽ حافظ عبدالحميد ٻئي اتنهن جا فارغ التحصيل آهن، جن اپر سنڌ بلڪ سموريءَ سنڌ ۾ علم جي روشنيءَ سان گڏ قومي جاڳرتا به پيدا ڪري ڇڏي. حافظ عبدالحميد صاحب اصل اروڙ جي خاڪ پاڪ ۽ تاريخي خمير مان پيدا ٿيو. مدرسي مان نڪتو ته علم ۽ قومي خدمت جو جذبو کڻي، ڪمال ڪئپ مٿي ۾، ٿلهو ونگوڙي وارو لڪڻ، مٺ جيڏي سنهاري رکي، کاڌيءَ جا لٽا پايون، کلندو، ڏاڍيان ٽهڪ ڏيندو، اچي سکر ۾ پهتو. اچڻ سان جاگيراڻي پاڙي ۾ پريس ڪڍيائين. عبدالرحيم کرل جيتوڻيڪ بعد ۾ انگريزي پڙهي وڪيل ٿيو هو، ليڪن پهريون انهيءَ مدرسي ۾ عربي پڙهي هئائين، اهو به سکر ۾ هو. اسان ٽنهي گڏجي ”المنار“ نالي ماهوار رسالو ڪڍيو، جنهن کان پوءِ جنهن هفتيوار اخبار جي صورت اختيار ڪئي. سڀ کان پهريون حافظ ئي آهي، جنهن پنهنجي پريس ۾ منهنجون لکيل چوپڙيون (افسانن جون) شايع ڪيون، جن کي آءٌ انهيءَ زماني ۾ ”ڪتاب“ ۽ پاڻ کي انهن جي ڪري ”مصنف“ سمجهندو هيس.
حافظ مفتي حبيب الله ٻاهر گهٽ نڪرندو هو، ليڪن مولانا عزيز الله صاحب قربياً هر مهيني اسان سان چهار چشمي ڪري سکر ايندو رهيو. چند سال ٿيا جو ٻـَـئي بزرگ هڪٻئي پٺيان رب ڏانهن راهي ٿيا. مدرسو موجود، ليڪن اهي صورتون هليون ويون.
مدرسي دارالهديٰ ٺيڙهيءَ کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي مدرسا انهيءَ وقت ديني خدمت ڪري رهيا هئا: همايون، سلطان ڪوٽ، سجاول، ملاڪاتيار، شهدادڪوٽ، ڳڙهي ياسين، رُڪ وغيره جا مدرسا، ديو بند، فدوي ۽ جامع ازهر جي ڪڙيءَ جا مدرسا هئا، جن مان نڪتل شاگرد پنهنجي پنهنجي فن ۾ سچ پچ ته يگانا ۽ يڪتاءِ روزگار رهيا آهن.

* * *

دارالهديٰ ٺيڙهيءَ جي نالي سان اهو مذڪور ضمناً ڪرڻو پيو، ورنه اصل قصو ته اڌ ۾ رهيو پيو آهي، يعني مدرسي دارالهديٰ ٺيڙهيءَ مان ڀڳل شاگرد جو، جيڪو بورچي ٿي اسان وٽ آيو.
آغا صاحب جڏهن واڌائي ڏَئي، اها بشارت ٻڌائي، تڏهن مان ڏاڍو خوش ٿيس. ڏاڙهيءَ جي اڃا مس ريخ لٿل، شڪل شباهت جو نه ڪوجهو نه اهڙو موچارو، بس مڙئي ماڻهو ماڻهن جهڙو. هيٺ تي سٿڻ، جيڪا ڀيڏيءَ کان مٿي شرعي حد تائين کنيل. موڪرِن ٻانهن ۽ وڏي بـَـرَ سان چولو. مٿي تي نه دستار نه پڳ، نه پٽڪو، بلڪ پڳ جي لڳ ڀڳ. ان کي پڳڙي به نه چئبو، ڇاڪاڻ ته ڦيروين ٻڌل هئي ۽ پٺيان پوري وچ کان اُهڙو ئي ترو ڇڏيل هو، جهڙو دستار ۾ ٿيندو آهي. پر جنهن صورت ۾ دستاربنديءَ کان اڳ ۾ ئي مدرسو ڇڏي ڀڳو هو، تنهنڪري هيءَ دستار جي وزن کان قدري گهٽ، ليڪن خاندان انهيءَ ساڳئي مان هئي. آغا صاحب ڏانهنس اشارو ڪندي، چيو:
”آغا منهنجا! متقي پرهيزگار ڇوڪرو، پڙهيل ڪڙهيل. دراصل سچ چيو اٿن ته دير بيايد درست بيايد.“
ڏوئي هوندي هئي طالب العلم جي هٿ ۾، ۽ هدايتون هيون وسيع تجربي جي بناءَ تي آغا صاحب جون، يعني فنڪاري ڇوڪر جي، هدايتڪاري نظر علي خان جي، حقيقت ۾ نه خبر آغا صاحب کي، نه سڌ نامزد ٿيل بورچيءَ کي. نتيجو اهو نڪتو، جو ڪڏهن لوڻ گهٽ، ڪڏهن مرچ وڌيڪ، ڪڏهن پاڻي وڌيڪ پيل، ڪنهن وقت ترو لڳل، ڪڏهن بصرن سان گڏ ساڳ به ڪچو، ڪڏهن سڀئي لاڳ سڙيل. جڏهن دانهن ڪجي تڏهن چوي:
”شڪر ڪري کائو!...
”جيڪي الله ڏئي اهو شڪر ڪري کائجي!...
”روزي نور آهي!...
”وِڏَ ڪڍڻ گناهه آهي!...
شڪر ڪري کائو، ميان، شڪر ڪري کائو!“
”شڪر ڪري کائو“ جو معاملو آخر ايترو وڌي ويو، جو اسان مورڳو سندس نالو ئي ”مولوي شڪر الله“ رکي ڇڏيو.
هڪ ڏينهن سائين ڪرم علي شاهه وٽان ڇيلي جي سڄي ڄنگهه آئي. آغا جي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو. چي:
”آغا منهنجا! ليلي جو گوشت ٿو ڀانئجي، ڏاڍو نرم ۽ سُپڪ!“
مولوي ’شڪر الله‘ وٽ اسان ٻئي پاڻ ڄنگهه کڻي پهتاسي. ايلاز، منٿون، سمجهاڻيون، آخر مسالن جا به رٿا ڪري وزن ڪڍي کيس ڏناسي. بصرن جو مقدار به مقرر ڪيوسي. آخر ۾ به رب جو واسطو وجهي چيوسون:
”ٻيلي! واسطي ڌڻيءَ جي اڄ شڪر ڪرائي نه کارائجانءِ!“
پلاءَ جو به آرڊر ٿيو ۽ ان سان گڏ شوروي واري ٻوڙ جو به. آغا چيو:
”هائو آغا! شوروو پلاءَ سان ملائي کائبو.“
جڏهن مانيءَ جو وقت ٿيو، تڏهن اسان جا به هاضما اچي کُليا! گهڻائي ڏينهن ميٿي پالڪ کائي کائي آنڊا ئي ساوا ٿي ويا هئا. اڄ چَڙهه هو، خوب وير ڪبو! آغا چيو:
”آغا منهنجا ڪيئن ٿو سمجهين؟“
مان چيو:
”ڏسجي آغا، خبر پوي!“
”هائو! نه ته به آغا منهنجا، شڪر ڪري کائڻ ته قسمت ۾ ٺهيو پيو آهي.“
”لاحول ولا قوة!“ آغا صاحب رڙ ڪئي!
”هي ڇا؟ چانور ڪچا، ٻوڙ جنسي لئي!“
دراصل چانورن جو هڏ ڪونه مئو هو، جو مولوي ’شڪر الله‘ کان دم ڏيڻ وسري ويو هو. ٻوڙ ان ڪري لئي ٿي پيو هو، جو گوشت هو ننڍڙي ڇيلي جو يعني بلڪل حُلواڻ. مولوي صاحب ٻه ٽي دفعا جو ڀوڃـَـهـَـڙا ڪڍيس ته پٽاٽا، بصر، مسالو، ٻوٽيون ڳـَـري ڳـَـري، ملي سلي، سڀ گڏجي ويون ۽ ٻوڙ اهڙو ٿي پيو جهڙو لئي، نه پٽاٽو موجود، نه انهيءَ گوشت جي ٻوٽي ظاهر، جنهن کي آغا صاحب چيو هو:
”آغا منهنجا ليلي جو گوشت ٿو ڀائنجي، ڏاڍو نرم ۽ سـُـپڪ.“
ليلي جو اهو نرم هجڻ ۽ سُپڪ هئڻ ئي گوشت جي غارتگريءَ جو سبب ٿي پيو، ورنه مولوي شڪر الله خان ته ڇڙو ٻه ٽي دفعا پاڻي وجهي ۽ خوب چمچو گهمايو هيس، ته ڀل اڄ ٻوڙ رس رکي بيهي!
”سائين شڪر ڪري کائجي. اوهان وري پيا وڏان ڪڍو. جيڪي رب ڏئي، سو بسم الله ڪري کائجي.“
بس آغا جي برداشت جواب ڏئي بيٺي. ٻوڪڙ ڪري چيائين:
”اڙي منحوس، خدا جي توتي مار پوي! اُنهيءَ ته اسان کي ڇيلي جي ڄنگهه ڏني هئي، تو ان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي، هاڻي ڌوڙ تي شڪر ڪيئون!“
’منحوس‘ جو اکر ٻڌي، مدرسة دارالهدا ٺيڙهيءَ جي خطابيءَ کي غصو اچي ويو. بورچي خاني مان پٽڪي مٿي تي رکي ٻاهر نڪتو ويو. در کان ويندي، خانئي ڪمپازيٽر کي چيو ويو:
”جيڪو مسلمان کي منحوس ڪوٺي، سو شريعت محمديءَ موجب پاڻ منحوس آهي.“

* * *

مولوي شڪر الله جي وڃڻ کان پوءِ اسان وٽ اچي پهتو امير جان. اصل نالو هيس امير بخش، ليڪن نظر علي خان جو کيس امير جان سڏيو، ته بس پڇاڙيءَ تائين امير جان رهيو. ذات جو مير بحر هو. اسان جي ڳوٺ جو ويٺل ۽ والد مرحوم جو خاص ملازم ۽ اعليٰ درجي جو بورچي. جوانيءَ ۾ عشق جي سٽ اچي ويس. ڪنهن رقيب روسياه ڌاتورو پياري ڇڏيس. بس اتنهن نيم ديوانو ٿي پيو. ڪڏهن رنگ ۾ ته ڪڏهن ڀنگ ۾. راضي هوندو ته واه جو رڌي کارائيندو. جي ڪا جوجڪي اچي ويس، ته نه ڇڙو ديڳڙو وڃي ديوار تي ٺڪاءُ ڪندو، بلڪ مالڪ کي به منهن چڙهِي، ٻه - چار صلواتون سڻائي، وڃي ٻاهر ويهي رهندو. اهڙن حادثن جا ڪيئي نشان ”سنڌ زميندار“ جي ديوارن تي ائبسٽرئڪٽ آرٽ جي پيا نمائندگي ڪندا هئا. اهڙي حالت ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي هيس- يا ته ڀنگ جو چـُـڪو چاس ٿي ويندو يا ڀنگ جو پيالو پورو نه ملندو. بهرحال ماني خود کارائيندو هو، بشرطيڪ ديڳڙي چڙهئي کان وٺي منهن ۾ نوالي پهچڻ تائين جا مرحلا خير سلهه سان طي ٿي وڃن.
مسٽر ميمڻ [12]، انڪم ٽئڪس آفيسر، اسان جو دوست هو. لاڙڪاڻي جو ويٺل ۽ نهايت نيڪ ۽ سٻاجهي سڀاءَ جو نوجوان. نظر علي خان کي جڏهن ضرورت پوندي هئي ته سندس کيسي مان وڃي پئسا ڪڍندو هو. هڪ دفعي زياده پئسن جي ضرورت ٿي. نظر علي خان ريجهائڻ خاطر کيس منجهند جي مانيءَ تي سڏيو. ڪنهن دوست کي سڏي ماني کارائجي، اهو پهريون واقعو هو، جيڪو نظر علي خان جي تاريخ ۾ درج ٿيڻ وارو هو. امير جان کي رڌيندي رڌيندي جڏهن ويرو ايندو هو ته ديڳڙو اڌ ۾ ڇڏي، در کان ٻاهر نڪري، دڪيءَ تي اوڪڙو ويهي، ويٺو جهونگاريندو هو. جي پـَـههُ پيس ۽ ڳالهه ياد اچي ويس، ته اچي چمچو گهمائيندو، ورنه داغ سان گڏ گوشت به سڙي ويو، ته کيس ڪنهن جي ڪاڻ ڪانه ٿيندي. اتفاق سان ان ڏينهن به مٿس حال طاري هو. مانيءَ کي دير ٿي وئي. ديڳڙا چلهه تي، امير جان دڪيءَ مٿان اوڪڙو. ميمڻ صاحب بي تڪلف دوست هو. بک ستايس، ته اٿي پاڻ امير جان وٽ ويو. هڪ دفعو، ٻيو دفعو، ٽئين دفعي ديڳڙيءَ چلهه ڇڏي، وڃي ڀت تي ٺڪاءُ ڪيو! چي:
”اجهو هان، وڃي...لنگهايو، ٻئي نظر علي ۽ تون...
”آئي آ حڪم هلائڻ!...
”منهن به مانيءَ جهڙو اٿس!“
جڏهن امير جان کي جوش ۽ جلال ايندو هو، ته تارا ڦوٽارجي ويندا هيس ۽ ان وقت مذڪر ڦري سندس اڳيان مونث ٿي پوندو هو. ميمڻ ته ويچارو نفيس ۽ نازڪ هو، پر نظر علي خان جهڙو شينهن مڙس به کيس ڪاوڙ ۾ مونث نظـِـر ايندو هو. چوندو:
”ڪير ٿيندي آ نظر علي خان؟...
”ڏاڏهنس به پلاءَ کاڌا هئا...
”آغا بڻي آ!“
ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ زور وٺي ويندي هيس، ته ”سنڌ زميندار“ جي مئنيجر مان نڪرندو، مئنيجنگ ڊائريڪٽر منجهان وڃي پار پوندو هو. چي:
”چخي! کهڙن به زمينداري ڪئي آهي؟...
”زميندار آهن ته ڀٽا. لڀي در تي ڪـُـتي به ڪانه، بڻي آ زميندار!“
امير جان وٽ وڏماڻهپائي ۽ وڏزمينداريءَ جو معيار هو ڪـُـتيءَ جو در تي هجڻ [13]. هن ڀلا پنهنجي ڳوٺ جي ڀڪ ۾ ڏٺا هئا ڀٽا صاحب، جن وٽ انگريزي ڪتن جون لوڌيون هونديون هيون. ماڻهن کان وڌيڪ پئـِـي انهن جي نظرداري، پرورش ۽ پالنا ٿيندي هئي ۽ انسانن کان زياده پئـِـي انهن جي خدمت ٿيندي هئي. ڀٽن جي ڪتن جيڪا ماني کاڌي، سـَـندُن راڄ ۽ ڪڙمين کي ته خير خواب خيال ۾ ڪانه ايندي، پر چڱا چوکا وڏيرا به پيا سڪندا هئا. ڀٽن جا ڪتا گرمين ۾ ڪوئٽا ويندا هئا ۽ سرديون ڳوٺ ۾ گذاريندا هئا. سنڌ لاءِ ”هل اسٽيشن“ ڪوئٽا هئي، جتي ساوڻ ۾ شڪارپور ۽ جيڪب آباد جا پڄنديءَ ۽ سرنديءَ وارا پهچي سگهندا هئا يا وري ڀٽن صاحبن جا ڪتا وڃي ”سيزن“ ڪاٽيندا هئا. ڪتا صاحبلوڪي هئا، جنهنڪري لاڙڪاڻي جي ساوڻي کين ڀانءِ نه پي پَئي.
نظر علي خان ميمڻ صاحب جي معاملي کان علاوه ڀي ڪيترا دفعا امير جان هٿان شڪست کائي چڪو هو، ليڪن ان هوندي به کيس جدا ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. سبب اهو، جو ايڏو سٺو بورچي ۽ ايترو سستو وري ڪٿان اچي ها؟ پگهار ڪانه، ڪڏهن ڪڏهن رپيو اڌ لٽي ڪپڙي لاءِ، ورنه فقط روزانو ٻه آنا وظيفو ڀنگ لاءِ. اهائي امير بخش جي خوبي هئي، جنهنڪري ’امير جان‘ ٿي پيو. انهن ٻن آنن مان نظر علي خان فقط ٽڪو پنهنجي هڙان ڀريندو هو، باقي ڇهه پئسا منهنجي کاتي مان نڪراندا هئا. اهو ڇاجي ڪري؟ ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اهو مان ڪڏهن ڪونه جاچيو، ڇاڪاڻ ته نه پگهارون ئي ڪڏهن چڪتو ٿي مليون ۽ نه حساب ئي سامهون آيو. ’حسابِ دوستان در دل‘ واري عمل تي پيو ڪم هلندو رهيو.

* * *

مان تقريباً پنج ورهيه (29-1933ع) ”سنڌ زميندار“ ۾ رهيس، ليڪن ياد نه آهي جو ڪڏهن پنجاهه رپيا گڏ ڏٺم يا يڪجاءِ ڪڏهن پگهار ملي. ڪڏهن رپيو، ڪڏهن ٻه، ڪڏهن پنج. اهو ڏينهن عيد جو ٿيندو هو، جڏهن ڏهه - ويهه گڏ ملي ويندا هئا.
هڪ دفعي ياد آهي، آغا مرحوم پنج رپيا هٿ تي رکي وڏو ٽهڪ ڏئي چيو:
”آغا منهنجا! اڄ ته وڃي ڳوٺان نئون سئون ٿي آءُ!“
مٿي هڪ هنڌ اڳي ئي ٻڌائي آيو آهيان ته آغا صاحب جڏهن راضي هوندو هو ته ”آغا منهنجا!“ ڪري سڏيندو هو، ۽ جڏهن ناراض ته، ميان! راشدي ميائون! سهگل! او خدا جي مار پويـَـو! او شل ڪا چٽي پويـَـو! دونالي بندوق اچي سيني ۾ هڻو...ڊَسِ، ڊَسِ، بندوق جي ٺڪاون جو آواز تڏهن وات مان ڪڍندو هو، جڏهن کٽ يا ڪرسيءَ تي جوش وچان ڦانءِ ٿي ڪري پوندو هو. جي هيڏنهن اچبو، ته هوڏي کڻي منهن ڪندو، ۽ جي پريان اچبو، ته هيڏي ڪنڌ ڦيرائي ڇڏيندو. يعني ان وقت ايڏو بائيڪاٽ، جو اسان جي صورت به ڪانه وڻندس. ليڪن خدا بخشيس، اهڙو مٺو ۽ نيڪدل، جو ڪلاڪ اڌ کان وڌيڪ پاڻ جهلي نه سگهندو. يڪدم ڪو فارسيءَ جو بيت جهونگارڻ شروع ڪندو، جنهن ۾ فراق ۽ وصال جا معاملا بيان ٿيل هوندا. اُها گويا دعوت هئي ته اچو هاڻي هڪٻئي جي ڳلي لڳون! جڏهن اسان ”سنڌ زميندار“ کان جدا ٿي، ”ستاره سنڌ“ [14] ڪڍيسي ۽ هڪٻئي جي خلاف لکڻ شروع ڪيوسي، تڏهن به ٻن ڏينهن کان وڌيڪ هڪٻئي کي ڏسڻ سواءِ رهي نه سگهبو هو.
مان اهي پنج رپيا کڻي ريلوي اسٽيشن ڏانهن راهي ٿيس. اسٽيشن جي سامنهن ڏٺم ته چوراهي جي پاسي ۾ رمون مڪراني تاس جا پتا زمين تي وڇايون ماڻهن کان پيو ٿو داوَ هڻارائي. ٻن رپين جي داءُ هڻي، ماڻهو پيا چار رپيا کٽن! پنجن جا ڏهه ۽ ڏهن جا ويهه پيا ملن، ايڏي آساني سان رپيا ٻٽا ٿيندا ڏسي مان به پنهنجي نوٽ ۾ هٿ وڌو. هٿ وجهي وري هٿ ڪڍي ورتم. ڪجهه سوچي وري نوٽ ڪڍڻ لاءِ هٿ وڌايم. هڪ دفعو وري دل سان هنڊايم. نيٺ نوٽ ڪڍي کڻي پٽ تي اڇليم. داءُ لڳو. ڏهه ته ڪونه مليا، الٽو پنج به چٽ! ڳوٺ وڃڻ جي بجاءِ مان موٽي اچي پريس ۾ پهتس. داءُ جو غلط پئجي ويو! ان ۾ رمون مڪرانيءَ جو ڪهڙو ڏوهه؟

* * *

رمون مڪراني دراصل سکر جي عوامي مشاهيرن مان هو. اخبارن، ڪورٽن، عملدارن ۽ عام ۾ جيترو رمونءَ جو نالو وڳو ٿي، اوترو نه ميان پير بخش جو هو، نه سائين ڪرم علي شاهه جو، ۽ نه پيرزادي عبدالستار جي والد جو. هر وقت پـَـئي ڪاڏنهن نه ڪاڏنهن خبر پوندي:
رمونءَ اڄ فلاڻي جو کيسو ڪتريو...
رمونءَ اڄ فلاڻيءَ جي يار کي چاقو هڻي ڪڍيو...
رمونءَ جي جوا جي ٽڪري اڄ پڪڙي...
رمونءَ اڄ صوبيدار صاحب کي منهن تي چئي ڇڏيو...
رمونءَ اڄ پوليس واري کي منهن جي لپاٽ هڻي ڪڍي...
رمونءَ اڄ ايڏو فساد ڪيو آهي جو ’بي‘ ٿاڻي جو سڄو پوليس گارڊ اوڏنهن ويو آهي...
رمونءَ اڄ يڪي سر ويهن ماڻهن سان چڪري کاڌي آهي...
رمونءَ اڄ ايس- پي صاحب کي منهن تي چڙهي گاريون ٻڌائي آيو...
رمونءَ کي اڄ پوليس ٻڌيون ٿي وئي...
رمونءَ کي اڄ ماجسٽريٽ ٽيپ ڏني...
رمون اڄ جيل مان ڇٽي ويو...

رمون جواري هو، پتي پاز هو، ٽڪري باز هو، چاقو مار هو- سکر جي سڄي شهر تي سندس رعب هو. غريب آباد ۽ شڪارپوري روڊ ته جنسي سندس حڪومت ۾ هئا. نالو ڪن پيو، ڏڪڻي وٺي ويندي! لنگهندو ڏسبو. لونءَ ڪانڊارجي ويندي! مطلب ته ايڏو خراب، ايڏو بدمعاش، ايڏو لوفر- ليڪن ايترن سيہ ڪارنِ هوندي سندس ڪردار ۾ ڪيترائي روشن پهلو به هئا. واعدي جو پڪو، زبان جو سچو، دوستيءَ جو پختو ۽ وقت تي سر ڏئي چڪڻ جهڙو. يتيمن جو دوست، رنن زالن جو واهرو ۽ مددگار. رمونءَ هائو ڪئي ڄڻ پٿر تي ليڪو اچي ويو. ڪنهن کي آوَلي پئي، رمونءَ کان مدد گهرندو... رمون پئسا ڏيندو، گهرٻار وڪڻندو ۽ سر به اچي ڏيندو. زمين آسمان هڪ ڪري به ضرور سـَـوَلي ڪندو. ڦريندو انهن کي هو جيڪي انهيءَ جي لائق هئا، چاقو انهن کي هڻندو هو جيڪي چاقو هڻڻ جا مستحق هئا، کيسا انهن جا ڪتريندو جن وٽ ناڻو هوندو. اهي ۽ ٻيون ڪيتريون اهڙيون خوبيون هيس، جو اڄ انهن مان هڪ - ٻه به جيڪڏهن سنڌ جي اميرن ۽ وزيرن ۾ هجن ها، ته هوند اسان ايترو نه خوار ٿيون ها، نه خراب ٿيون ها، نه محڪوم ٿيون ها، نه محتاج ٿيون ها. اسان جا وزير، جي ’رمون مڪراني‘ ٿي پون ها ته ڪنهن کي طاقت هئي، ڪنهن کي مجال هئي، جو اسان ڏي اک کڻي نهاري سگهي! اُها اک نه نڪري وڃيس ها!

* * *

پنهنجي وزيرن ۽ سياستدانن کان جو دل ڏکويل هئي ته رمون مڪرانيءَ جوڪردار به اکين اڳيان اچي ويو، ورنه ڪيڏانهن اسان جا وزير باتدبير ۽ ست کـَـلا سياستدان، ڪيڏانهن اسان جو رمون مڪراني، جيڪو ويچارو پوءِ به ڇڙو ”عامي ماڻهو“ ئي هو. بهرحال ڳالهيون ٿي ڪيونسي مرحوم نظر علي خان جون - هڪڙي پڇاڙيءَ جي ڳالهه ٻي به ٻڌائي ڇڏجي.
سکر جي هر ٽڪاڻي ۾ روزانو شام جو ڪڻاه پرشاد ٿيندو هو. ڪيترائي غريب غربا اچي اُتان پيٽ ڀري ويندا هئا. انهيءَ خيراتي خوراڪ ۾ مذهبي ڀيد ڀاءُ ڪونه هو. هندو به اچي وٺندا هئا ته مسلمان گداگر به. شري ساڌ ٻيلي جو ڪڻاه سڀ کان سٺو ۽ سڀني کان لستي هو. دال، حلوو، پـُـوري ۽ کچڻي نهايت صاف ۽ سوادي. جيڪو ايندو، اڻ ميو ملندو، بلڪ هڪ اڌ پاپڙ ۽ کٽاڻ ذرو به مٿانس رکي ڏيندا.
سالن کان اهو دستور هليو ٿي، ليڪن اسان کي خبر ڪانه هئي. هڪ ڏينهن امير جان شام جو ڀنگ پيڻ ساڌ ٻيلي ويو، ۽ موٽندي ڪڻاه پرشاد به پاڻ سان ورتيون آيو. رات جو نظر علي خان ۽ مان بسم الله ڪري ان کي واپرايو، نهايت لذيذ ۽ دلپسند! آغا ڍؤ ڪري، ٻه - ٽي اوڳرايون ڏئي، جڏهن الله جا شڪرانا بجا آندا، تڏهن پڇيائين:
”آغا منهنجا، ڪيئن ٿو ڀائين؟“
”آغا، واهه جو کاڌوسي!“
”واهه ڙي امير جان واهه!“
بس اُهو ڏهاڙو، ان کان پوءِ اسان جو گذارو گهڻو ڪري شري ڪڻاه پرشاد تي ٿيندو هو. ماني به سٺي، پيسو به خرچ ڪونه ۽ بلڊپريشر ۾ ڏسيل پرهيز جي به عين مطابق! علاوه ازين انهيءَ مينوءَ ۾ دعوت شيراز به شريڪ هئي، يعني دال سڳوري، جيڪا ڪاري مرچ جو ٻُرڪو ڏَئي ڏيندا هئا! ان کان زياده نظر علي خان خدا کان ٻيو ڇا ٿي گهريو!- ليڪن اهو معاملو دوستن احبابن کان بلڪل مخفي رکيو ويو. پڇاڙيءَ تائين ڪنهن کي خبر ڪانه پئجي سگهي ته سکر جي هنن ”فرزندان اسلام“ جو، جيڪي رات ڏينهن هندن تي ڌوڙيا پيا وسائن، زياده تر گذر شري ساڌ ٻيلي جي ڪڻاهه پرشاد تي آهي!
اسان ٻنهي ڀائرن جڏهن ”ستاره سنڌ“ ڪڍي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن پئسي پائيءَ جي ٻاڙائي هوندي هئي، ته اميرجان جو اهوئي صدري نسخو اسان لاءِ به تير بهدف ثابت ٿيندو هو. هڪ دفعي ته ساندهه ڏيڍ مهينو کن انهيءَ روزگار ۽ رزق تي گذارو ڪندا رهياسي. انهيءَ ئي زماني ۾ محمد امين خان کوسو اچي اسان وٽ رهيو. چيائين ڪجهه ڪونه، ليڪن دل ۾ ضرور حيران هوندو ته هر روز رات جو دال، کچڻي، حلوو، پاپڙ، پوريون ۽ کٽاڻ! آهي ته پڪ ڪا غيب جي ڳالهه!

-------

[1] اڳتي اهو ذڪر ايندو.
[2] ’بئريسٽر‘ جو عوامي اُچار.
[3] اهي ٻئي افغاني شاهي قبيلي جا فرد هئا، جيڪي سردار محمد ايوب واريءَ لڏ پلاڻ ۾ لڏي، سنڌ ۾ اچي رهيا، ۽ آخر ۾ سکر ۾ مستقل بود باش ٿين. سرڪاري پينشن ملندي هين.
[4] زندگي درگردنم افگنده ’صائب‘ چاره چيست،
شاد بايد زيستن ناشاد بايد زيستن.
[5] ورڪ تان موٽي، مرحوم سرديءَ ۾ شام جو اچي وهتو. نمونيا ٿيس. 4-5 ڪلاڪن اندر فوت ٿي ويو.
[6] جتي مون جمع جو صيغو استعمال ڪيو آهي، اتي مراد اسان ٻن ڀائرن مان آهي: راشدي صاحب ۽ راقم.
[7] اهو اصطلاح نظر علي خان جي چوڻ مطابق نسلي لحاظ سان افغاني الاصل آهي، يعني ٺيٺ پٺاڻڪو. ’شڪر پشم‘ انهيءَ ڇوڪر کي چئبو آهي، جنهن کي اڃا ريخ نه لٿي هجي، بلڪ ڳلن تي ڇڙي ساول هجي، جنهن کي ايراني عاشق ’سبزه خط‘ چوندا آهن.
[8] شاهه حسين بايقرا (متوفي 911هه) سان منسوب ٿيل ڪتاب، جنهن ۾ صوفياءِ ڪرام جي معاشقن جا مزيدار قصا لکيل آهن.
[9] حضرت ابوالمعالي لاهوري (متوفي 1024هه) جو ننڍڙو رسالو، جنهن ۾ پڻ مجاز جا ڪي قصا ڏنل آهن.
[10] انهيءَ دور ۾ مولانا مرتضيٰ احمد خان ميڪش مرحوم ۽ مرحوم چراغ حسن حسرت پهريون ”شهباز“ پوءِ ”احسان“ ڪڍي، جنهن تي بجاءِ ايڊيٽر جي لکندا هئا ”مدير“، ”سر دبير“. ”انقلاب“ اخبار ۾ هوندو هو ”ادارهِّ تحرير“. اهي اصطلاح ”الهلال“ کان پوءِ انهيءَ دور ۾ هنن لاءِ مخصوص ٿي ويا.
[11] 17 مارچ 1961ع جو مولانا پاڻ نقل ڪري ڳڙهي ياسين ۾ مون کي ڏنو.
[12] هيءُ نوجوان انهن ئي سالن ۾ فوت ٿي ويو.
[13] حقيقت ۾ اها سنڌي چوڻي آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته ايڏو سڃو ۽ سکڻو آهي، جو در تي پهري جي ضرورت ئي ڪانه اٿس، جو ڪـُـتي رکي. ڀرين ڀاڳين جي درن تي چونڪيءَ ڏيڻ لاءِ ڪتا هوندا آهن. سڃا ماڻهو ڇاجي ڪري ڪتا پالـِـن؟ ليڪن امير جان جي ذهن ۾ اها معنيٰ نه هئي. هن جو خيال هو ته ايترو پئسو به کهڙي وٽ ڪونه آهي، جو ڪتو خريد ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته وڏماڻهپ جي واحد نشاني اميرجان جي نگاهه ۾ ڇڙو ڪتي جو هجڻ ۽ پالڻ هو.
[14] روزانه ”ستاره سنڌ“ 1934ع ۾ سکر مان اسان ٻنهي ڀائرن ڪڍي. 1937ع تائين هلي. 1936ع کان 1937ع تائين هفتيوار هلائيسي.

4

جي تو آدبُ آهه، تا ٻَنڌاڻَن ٻڌِي وڌين،
ڪـَـلَ نه پيڙءِ ڪاءِ، اُصولي اِسرار جي.

- سچل

ڳالهه شروع ڪئي هئيسي سکر جي مشاعري جي، جنهن ۾ نطر علي خان جون به نالو اچي ويو ۽ ٻه چار ڳالهيون ان جون ذهن تي تري آيون، جيڪي ڪري ورتيونسي. جنهن صورت ۾ ذڪر مشاعري جو آهي، تنهنڪري اِن کي ’رعايت لفظي‘ سمجهڻ گهرجي.
مشاعري جي مقرر ڪيل تاريخ اچي وئي. سنڌ مان ڪيترن شاعرن پنهنجا غزل ٽپال رستي ڏياري موڪليا. سکر، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جي شاعرن مان ڪيترا پنهنجي سر هلي اچي مشاعري ۾ شريڪ ٿيا- خادم، فقير، نياز، سرور، ضامن، جوش ۽ ٻيا ڪيترا نوان پراڻا سخن سنج. سکر جي تاريخ ۾ اهو پهريون مشاعرو هو. ٽائون هال اندر ٻاهر صفا ڀرجي ويو. پير رکڻ جيتري جاءِ به ڪانه رهي. شهر جا سڀئي معزز، ميونسپل ڪائونسلر، سرڪاري ڪامورا، ۽ ڪي ٻڌڻ جا شوقين ته جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي کان به اچي پهتا. ڪن ذاتي دوستن کي شاعر به پاڻ سان ورتيون آيا هئا. مطلب ته ايترو انبوهه، جو اسان کي قطعي ان جو وهم گمان ڪونه هو. هال جون سڀئي دريون کوليون ويون، تاڪه ورانڊي ۾ ويٺل ماڻهو به ٻڌي سگهن. لائوڊ اسپيڪرن جو رواج ڪونه هو، تنهنڪري پڙهندڙن کي پنهنجي آواز وڌائڻ لاءِ نڙيءَ ۽ ڦڦڙن تي ڀاڙڻو پوندو هو. بهرحال هرڪو منجهانئن مستفيد اهڙيءَ طرح ئي ٿيندو هو، جهڙيءَ ريت هاڻي لائوڊاسپيڪر ذريعي پيا ٿين.
سکر جي بزرگن لاءِ هي پهريون موقعو هو، جو مشاعرو ڏسي رهيا هئا. اڇيون سونهاريون ٿي ويون هين، ليڪن راڳيندڙن کان سواءِ شاعر جو ڪلام خود شاعر جي وات مان ڪڏهن ڪونه ٻڌو هيائون. کين پڻ انهيءَ ڳالهه جو اچرج هو. صدارت جي ڪرسي محمد اسحاق سٽي ماجسٽريٽ والاري هئي. مشاعري جي مقبوليت جو اهو وڏي ۾ وڏو ثبوت هو، جو ڪرم علي شاهه سائينءَ جهڙي عادتي صدر پهريون دفعو غير جي صدارت ۾ ويهڻ قبول ڪيو، ورنه ڪنهن کي مجال جو سائين به هجي ۽ صدر ڪو ٻيو ٿي وڃي! نه فقط اهو يزيد ۽ شمر جي اولاد ۾ اچي ويندو، بلڪ سڄو جلسوئي سندس يادداشت ۾ ڪوفِن جي قطار ۾ لکجي ويندو. سکر جي ”انجمن اسلام“ جو هڪ دفعي غلطيءَ سبب ميان پيربخش صدر چونڊجي ويو، ته سائين يڪدم ان مان استعفيٰ ڏئي ”انجمن“ جي ’ن‘ کي زير اضافت ڏئي، ”انجمنِ اسلام“ تيار ڪري، ان جو صدر بنجي ويهي رهيو! پاڻ مرحوم انجمن جي نالي ۾ زير اضافت جي بجاءِ ’ي‘ لکندو هو، يعني ”انجمني اسلام“، جنهن کي ڏسي سندس مخالفن مشهور ڪيو هو ته سائين ڪرم علي شاهه واري ’انجمني‘ درحقيقت ميان پيربخش جي ’انجمن‘ جي گهرواري آهي. سائين ڪيترا ڏينهن سخت ڪاوڙيو رهيو، جنهن بعد ئي ’ي‘ ڪڍي، زير اضافت آندي وئي!
مشاعري جا آداب ڪهڙا ٿيندا آهن، دستور ڇا ٿين ٿا، مشاعرو ڇاکي چئبو آهي، سکر جي معززين کي ان جي ذرو ٻيٽ ڪانه هئي، البت ريلوي گوديءَ جا چند مکيه ملازم سکر براج جاڪي سروير ۽ انجنير، يا لاڙڪاڻي وارا اسان جا دوست چندان واقف هئا. باقي ٻين سڀن لاءِ سڄو ٽڪساڌ بلڪل نئون هو. حيرت ۾ هئا ته ڇا ٿيڻ وارو آهي!

”سبحان الله! اَجي سبحان الله!“
”واهه واهه ڪيا ڪهنا جناب!“
”ارشاد، حضور ارشاد!“
”اجي مڪرر فرمائي! سبحان الله!“
”والله ڪيا زبان هــي!“
”ڪيا تخيل هــي!“
”ڪيا مصرع ڪهاهــي، والله جان ڊال دي!“
”ڪيا اُٺان هــي، سبحان الله! سبحان الله!“
”اجي وه واهه! وه واهه!“
”ڪيا ڪهنا ،ڪيا ڪهنا!“
”غضب ڪرديا!“
”حضور يه شعر ڦر عنايت هو!“
”سبحان الله! سبحان الله!“
”اجي مصرع ڪــي تيور تو ديکهئــي!“
”آسمان پر پهنچاديا!“
”اجي ڪيا ڪهنا!“
”غضب ڍا دياهــي ، غضب!“

انهيءَ هڙبونگ مان ڀلا سکر جا ڀلارا ڇا ڄاڻن. سڀئي پريا مڙس، سڀ سنجيدا، ماٺيڻا، باوقار ۽ وضعدار، وڏي مان ۽ سومان سان ڪرسين تي ڦڻ ڪڍيون ويٺا هئا. جڏهن ڪو شعر سمجهه ۾ آين ٿي، يا ”واهه واهه“ جو شور ٿيو ٿي، ته هنن جي چهري تي ان وقت ڇڙو مشڪ نمودار ٿـِـي ٿي، گويا اهو سندن پسنديدگيءَ جو گهڻي ۾ گهڻو اظهار به هو ۽ ساڳئي وقت اردو بازن جي انهيءَ هلڙبازيءَ تي طنز به. ڪيڏو نه سهڻو، سنجيدو ۽ شريفاڻو اهو اظهار هو! انهن کان هـَـٿَ مٿي کڻي ”واهه واهه“ ڪرڻ، يا ڪرسيءَ تان اٿي اٿي ”مڪرر! مڪرر!“ پڪارڻ نه پڳو ٿي، نه هنن اُن کي آداب مجلس يا جلسي جي احترام جو سبب سمجهو ٿي. هاءِ! هاءِ! ڪيترا نه موچارا ماڻهو ۽ ڪيڏا نه شاندار شخص هئا! وقار ۽ عظمت جا پيڪر، متانت ۽ سنجيدگيءَ جا مجسما. هرهڪ پنهنجي جاءِ تي ڄڻ شانَ، مانَ، عزت ۽ آبروءَ ۽ خوديءَ ۽ خودداريءَ جو ٽَڪَرُ پئي معلوم ٿيو!

* * *

سائين ڪرم علي شاهه- بوسڪيءَ جي سائي پڳ، جيڪا سنڌ ۾ سيدن جي نشاني آهي، چينا سلڪ جو گلي بند ڪوٽ، ويسٽ اينڊ واچ ڪمپنيءَ جي ٺهيل سٺي ۽ قيمتي گهڙي کيسي ۾، جنهن جي زنجيري ڪوٽ جي بٽن ۾ پيل ۽ انهيءَ جاءِ تان منجهس قطب نما پيو لڙڪندو، ڪوٽ اگرچه گلي بند ،ليڪن شيرواني نمونو نه- اِهي شيرواني انهيءَ زماني ۾ اسان وٽ رائج ڪونه هئا، اهي فقط انهن ميراثن يا طبلچِن جي بت تي ڏسبا هئا، جيڪي پنجاب يا لاهور مان پنهنجا طائفا وٺي، زميندارن جي وهانَوَن وڌاڻن تي ايندا هئا! هتي اسان وٽ اصل پوشاڪ ۾ ته ڪشادو وڏو پيراهن، ۽ ان جي هيٺان اڇي محموديءَ جي صدري، جنهن ۾ کيسا، پيراهن مٿان ڪلهن تي چادر يا لنگي، سياري ۾ زريءَ ڀريل ٻانهن سان سرج، بخمل يا بانات جون صدريون. پوءِ جڏهن انگريز آيا، ته شارٽ ڪوٽ جو رواج ٿيو. جڏهن ترڪن سان خلافت سبب محبت وڌي، ته اهو ڪوٽ استعمال ۾ آيو، جنهن کي سلطان پهريندا هئا يا ”شير پلونا“ عثمان پاشا کي پيل هوندو هو. انهيءَ جو نالو ئي ’ٽرڪش ڪوٽ‘ هو. ڪالر کليل، پٺيان چاڪ ۽ چيلهه تي پٺيان پٽي. انهيءَ ۾ اڳتي هلي، ٿوري ڦيرڦار ڪري، سنڌ جي مسلمانن گلي بند ڪوٽ ٺهرايو، جيڪو هر خاندان ۽ شريف جڏهن ٻاهر نڪرندو ته پائي هلندو هو. اهڙو ئي ڪوٽ سائينءَ کي به هوندو هو. وڏو ڳاڙهو رومال، ڇـُـرَ تي- ڪڏهن هٿ ۾ ڪڏهن ڪلهي تي، ان جي هڪ ڪنڊ ۾ سون جي ڏند کوٽڻي ۽ ڪن کوٽڻي ٻڌل. وار ٻـَـٽوان، شڪل نوراني، سنهاري سفيد- جهڙو فرشتو پيو لڳي! هالن جو جنڊيءَ لٿل وڏو هاسو (عصا) هٿ ۾! پر خاص موقعن کان سواءِ هميشه هٿين خالي. شرفائن جو دستور اهوئي هو. لڪڻ کڻڻ ڪسر شان ۽ وضع داريءَ جي خلاف سمجهندا هئا. لڪڻ فقط پوليس وارا کڻندا هئا يا اهي جن کي شرفا ٽـَـروُ سڏيندا هئا. مجلس ۾، عيدن تي، وڏي ننڍي ڏينهن، محفلن ۽ جلسن ۾ هميشه هاسو [1] هٿ ۾. چنانچه سکر ۾ ڊپٽي پيربخش مرحوم ۽ سائينءَ جو هاسو ايترو ئي مشهور هو، جيترو معصوم شاهه جو منارو.
عبدالغفار پيرزادو- ننڍي فرينچ ڪٽ سنهاري، ترڪي ٽوپي، بٽرفلاءِ ڪالر تي ٽائي، ڪوٽ سوٽ. بٽرفلاءِ ڪالر انهيءَ زماني ۾ گهڻو ڪري هاءِ ڪورٽ جا وڪيل استعمال ڪندا هئا. آخر ۾ ان جو استعمال فقط، خدا وڏي ڄمار ڏئيس، اسان جي آءِ. آءِ. قاضيءَ تائين محدود رهيو. خان عبدالحميد خان، مسٽر محمد ابراهيم سيلاٽو، ۽ سيٺ محمد اسماعيل ميونسپل ڪائونسلر - خوجن جي پاڙي جو بزرگ صفت معزز، ترڪي ٽوپي، سوني فريم سان چشمو، رنگ جو پڪو، ڏاڙهي صاف، مڇن جي سنت ورتل، هيٺ تي پجامو، بت تي قميص ۽ شارٽ ڪوٽ، جنهن ۾ سوني زنجيريءَ سان واچ.
احمد علي خان عليگ، ترڪي ٽوپي، سٿڻ قميص، شارٽ ڪوٽ، لڏڻ مڙس پيو لڳندو. سٿڻ جا ور چـُـڻيل. هلندو ته ڄڻ مور پيو معلوم ٿيندو. سٿڻ ڏاڍي ٺهندي هيس.
غلام نبي خان بروهي، شڪل صورت جو به جنسي بروهي، سفيد ۽ ڳاڙهو، جنسي گٽول - خوبصورت چهرو، ننڍڙيون سهڻيون مڇان، مٿي تي ڪـُـلي مٿان پشوري لنگي ڏاڍي سهڻي نموني ٻڌل، سٿڻ قميص، شارٽ ڪوٽ، لٽا هميشه سٺا ۽ صاف. کلندو ته سندس موتين جهڙا اڇا ڏند، سندس دل جي صفائيءَ تي پيا گواهي ڏيندا.
غلام نبيءَ جو نالو اچي ويو، ته سندس وڏي ڀاءُ ۽ منهنجي محبوب دوست ۽ سنڌ جي مشهور مضمون نويس ۽ مصنف خان رحيمداد خان يعني حضرت مولائي شيدائيءَ ڏي وڃي خيال پيو ۽ يڪدم سندس مضمون اچي اکين اڳيان بيٺا، جن جي خاص خصوصيت فقط اها هوندي آهي، جو عنوان مضمون کان جدا ۽ مضمون بيتن کان علحدو هوندو آهي! سندس مضمون جا اهي ٽي اجزاءِ ترڪيبي هڪٻئي کان ايترو دور ۽ غير متعلق هوندا آهن، جيترو ڪيترن سالن کان مولائي ۽ مان، يعني مان ڪراچيءَ ۾ ۽ هو سکر ۾، وچ ۾ ٽن سؤميلن جو مفاصلو.

* * *

سکر اسٽيشن جي سامهون کٻي هٿ تي نگاهه ڪبي، ته ٽڪر جي اُتاهون سکر جو عيدگاهه نظر ايندو. انهيءَ جي پاڇي ۾ ۽ سردار محمد علي جان [2] جي ڪوٽ سان لڳو لڳ، بروهـِـن جو هڪ خاندان رهندو هو. نهايت شريف، معزز ۽ محترم. حاجي شير محمد خان گارڊ اسان جي زماني ۾ زندهه هو. رٽائر به اسان جي اڳيان ڪيائين، حج به اسان جي وقت ۾ ڪيائين ۽ فوت به اسان جي هوندي ٿيو. نهايت نيڪ ۽ پرهيزگار شخص. انهيءَ جو پٽ علي بخش گارڊ، وجيهه ۽ والد وانگر نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت. اڃا به حال حيات آهي. انهيءَ جو ڀاڻيجو آهي اسان جو مولائي شيدائي. ڏاڍو مزيدار ماڻهو، ڏاڍو دلچسپ ۽ بيحد دلپسند شخص. جڏهن اسان جي شناسائي ٿي، ان وقت سندس جوانيءَ تي چوڏهينءَ جو چنڊ اڀريل هو. مضبوط، صحتمند ۽ نهايت سرخ سفيد. ملازمت اهائي ماماڻن واري، يعني ريلوي گارڊ. گهر ۾ هوندو ته به سڄو وقت کل ۽ خوشي، ۽ جي ريل ۾ هوندو تڏهن به نچندو ڪڏندو، بابـُـن سان چرچا، پئسينجرن سان لطيفا ۽ ڪـُـولين سان ڀوڳ ڪندو، ٺڙا ٺڪاءَ هڻندو، هتان ڪوٽڙيءَ ۽ ڪوٽڙيءَ کان سکر جو پنڌ ائين کل خوشيءَ ۾ ڪاٽي ايندو، ڄڻ ڪنهن وهانوَ تي ويو هو! مطلب ته سندس ننهن چوٽي جوان هئي ۽ جوانيءَ جي رڳ رڳ ۾ موج ۽ مستي هئي. ڏک، غم، رنج ۽ فڪر نه خدا ڏيکاريو هيس ۽ نه سندس طبيعت ئي اهڙي هئي، جو انهن جو تاثر قبول ڪري. مون کي ياد آهي، سندس والد وفات ڪئي، انهيءَ زماني ۾ اسان روزانو شام جو سئنيما تي ويندا هئاسي، انهيءَ ڏينهن به پروگرام هو، ليڪن اوچتو صبح جو پرئي مڙس رحلت ڪئي! ڪفن دفن کان پوءِ جڏهن شام جو پٿر تي ويٺا هئاسي، تڏهن سـُـري اچي ڪن ۾ چيائين:

”بابو ته ويو الله ڏي!...
”وري ته موٽندو ڪونه!...
”توڙي اسان گلم تي ويٺا رهون، توڙي اسان امپيريل سئنيما جي ڪرسين تي هلي ويهون! ڳالهه مڙئي ساڳي آهي!“
”اڙي هي مهمان ڇا چوندا؟ تنهنجا عزيز ڇا چوندا؟ مون کي شرم ٿو اچي!“ کيل جو وقت ٿيو، ته زوريءِ گهلي هليو. ٻئي ڏينهن غلام نبيءَ کلي چيو:
”ڏسين ٿو مولائيءَ جا ڪم!“
”اڙي، بابي جي پٿر ڪرڻ لاءِ تون ئي ڪافي آهين.“ مولائيءَ رڙ ڪري چيو، ۽ ڀاڪر پائيندي، مون کي چيائين:
”اڄ به هلنداسي!“
”هائو، اڄ به هلنداسي!“

ڏک ڏاکڙا ڪونه، ڪلهن تي نه بوجهو نه بار، زمانو سٺو، سڀ سهولتون ۽ سهنج، تڏهن ته ايڏيون الغرضايون هيون، جو پيءُ مري ته به پرواهه ڪانه. ڏينهن چرچي ڀوڳ ۾، سانجهيون سيرن ۾ يا سئنيمائن ۾، ۽ راتيون رنگ محلن جي وچ ۾. سگريٽن لاءِ ڪاغذ ۽ ڪئپسٽن جي تماڪ جو ٽين خريد ڪري ٺاهيندو پاڻ هو. چوندو هو ته جڏهن بازار ۾ ڪئپسٽن تماڪ ملڻ بند ٿي ويو، تڏهن سمجهبو ته انگريز موڪلايو! آخر جنگ لڳي، مال اچڻ ۾ دقتون پيدا ٿيون، جنهنڪري ڪيتريون شيون بازار مان غائب ٿي ويون، جن مان ڪئپسٽن تماڪ به هو. مولائي هم ڪئي نه تم، يڪدم ريلوي جي جنرل مئنيجر کي تار ڪيائين، جنهن جو مطلب اهو هو ته- انگريز لڙائيءَ ۾ ختم ٿي ويو ٿو ڏسجي، سندس شڪست جا آثار ظاهر ٿي چڪا آهن، ڪئپسٽن جو تماڪ بازار مان ختم ٿي چڪو! جنرل مئنيجر انگريز ۽ انگريز جنگ جي معاملي ۾ ڏاڍو ڪچو ڀريل ڦـَـٽُ، هيڏانهن ريلوي ملازم، ۽ اها تار! ڪن به ڳاڙها ٿي ويس. حضرت مولائي شيدائي فوراً سسپينڊ. ان کان پوءِ چارج شيٽ ۽ ان کان پوءِ ڊسمس- مابخير شما بسلام. اهڙيءَ طرح چرچن ڪندي نوڪري وڃائي ويهي رهيو[3].
اسان جي پاڻ ۾ جڏهن ملاقات ٿي، ان وقت مضمون نويس نه بلڪ ڪتاب بين ۽ اخباربين هو، تاريخ ۽ ادب سان دلي دوستي هيس. اسان جو ڪو مضمون وڻندو هيس، ته جيئن ريل تان لهندو تيئن نه چارج ڏيڻ، نه ڊريس لاهڻ، نه گهر وڃڻ، سڌو جهنڊيون لوڏيندو، سيٽي سيني تي لڙڪائيندو، انهن ئي ڪپڙن ۾ اچي پريس ۾ پهچندو. ٻه - ٽي ڀاڪر پائي، مٺيون ڏئي، ٽي - چار ٽهڪ ڏئي، پوءِ پيو گهر ويندو. 1934ع ۾ جڏهن اسان ”ستاره سنڌ“ ڪڍي، تڏهن مولائيءَ کي مان قاضي صائد اندليسيءَ جو ”طبقات الامم“ (اردو ترجمو، قاضي اختر مرحوم) سنڌي ترجمي لاءِ ڏنو. سندس ترجمي جون ٽي - چار قسطون ”ستاره سنڌ“ ۾ شايع به ٿيون، ليڪن اهو سلسلو جلد بند ٿي ويو. جيتري قدر مون کي ياد آهي، مولائيءَ جو اهو پهريون نوشتو هو. ان کان پوءِ آهستي آهستي تاريخ جي مختلف عنوانن تي هن مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ آخر ۾ اسان جي هوندي ئي هن پنهنجو پهريون ڪتاب ’تاريخ بلوچستان‘ ڇپايو.
سالن پڄاڻان ڪجهه سال ٿيا ته کيس سکر وڃي مليس. مرجهايل، ڪومايل، رنگ ڦڪو، صحت ۾ ڪمزور، اها توانائي ۽ تندرستي ئي ڪانه جنهن جي آڌار ۽ آسري تي سکر جي انڌيرِي راتين ۾ رنگ ڀرجي ويندا هئا!
”مولائي، هي ڇا؟“
”بس حسام الدين زمانو آهي!“
اولاد فوت ٿي وئي، گهر واري پوڙهي ٿي چڪي، دائم المريض، قوت گذر ۾ ڪشادگي ڪانه، سڄو سکر ويران، سڄو محلو غيرآباد، ٽڪر جي بلنديءَ تي هڪ ڪنڊ ۾ ننڍڙي ڳاڙهي جاءِ، ان جي جنهن ڪوٺيءَ جودروازو سڙڪ ڏي کـُـلي ٿو، ان ۾ هڪ کٽ ۽ هڪ ڪتابن سان ڀريل ڪٻاٽ، بت اگهاڙو، اڇا ليڪـِـر پنا رکيو، اسٽيل کي ڪاريءَ مس مان ٻوڙيو، ويٺو صبح کان سانجهيءَ تائين مولائي شيدائي قلم هلائيندو- متعلق غير متعلق موضوعن تي، دلچسپ ۽ غير دلچسپ عنوانن تي، بلوچ کان خاصخيليءَ تائين، سنڌ کان مراڪش تائين، مصر کان ايران تائين، هندستان کان جاپان تائين- پيو قلم جا گهوڙا ڊوڙائي ۽ مضمون لکي- جنهن جي مضمونن جي سؤ سيڪڙو خاص خصوصيت هيءَ آهي ته عنوان هڪ ته مضمون منجهن مرڳوئي ٻيو. شاهه جا بيت پنج هجن يا پندرهن، انهن مان هڪ جو به ربط نه عنوان سان نه نفس مضمون يا ان جي ڪنهن گوشي سان- الله کيس ايڏي عمر ڏئي، جو مان کيس هزارين دفعا ڏسان ۽ ساڻس ڳراٽيون پائي ڳالهايان![4]

* * *

قصو ٿي ڪيوسي انهن بزرگن جو، جيڪي ڦڻ ڪڍيو مشاعري ۾ ويٺا هئا. وچ ۾ مولائيءَ جو مذڪور به موقعو هٿ لڳو ته ڪري ورتوسي.
ڊاڪٽر محمد يامين- خالق جڏهن سندس خمير تيار ٿي ڪيو، تڏهن اخلاص ۽ محبت جي جنس جيڪا به وٽس موجود هئي، ان کي هـِـن تي استعمال ڪري ڇڏيائين. باقي جيڪو اگر تگر يا جيڪا مير سير بچيل هئي سا ٻِئي هِن هُن جي خمير ۾ ڪتب آئي. انهيءَ ڪري ئي ته ڊاڪٽر صاحب سراپا اخلاص ۽ محبت هو، سڄو سچ، سارو سون. دوستي تڪي توري نه ڪندو هو ۽ نه وري ڪنهن مقصد يا معاملي کي پيش نظر رکي پريت ڳنڍيندو. بس، دوستي ٿي، وري ان ۾ ڦيرڦند نه ٿيندو نه ايندو. ڏاڍو معصوم ۽ محبوب. ڪم سوال ۽ ڪم گو. حد درجي جو خوددار ۽ نيڪ ڪردار. هو ٻاهريون، پر پنهنجن کان به ٻه قدم اڳتي. سڄي زندگي سکر ۾ گذريس. دندان سازي، ”دعوت اسلام“[5]، اسلامي جلسا، قومي تحريڪون، ميونسپل معاملا ۽ شهر جا مسئلا- هر حال ۾ هر هنڌ ترڪي ٽوپي، شارٽ ڪوٽ ۽ پجامي ۾ موجود. پنهنجو مقصد ڪوبه ڪونه، محض خدمت خلق جي خاطر، اسلام جي خاطر ۽ ذاتي دوستن جي خاطر. اسان سان محبت ٿيس. بلاناغي هر شام جو ايندو، لڙيءَ سومهياڻيءَ تائين ويٺو هوندو. جيڪو ڪم شروع ڪبو، ان جي حسن قبح کي ڪونه جاچيندو، اڻ پڇو وچ ۾. دوستن تي ايڏو اعتبار ۽ اعتماد! اسان جي هن مشاعري جو به مکيه ڪارڪن پاڻ بڻيو هو. اسان فقط ڀولي جي پڇ کي باهه ڏني هئي، ٻيا سڄا مٿا کٿا ڊاڪٽر پاڻ ٿي ڏنا. جڏهن مشاعرو ڪامياب ٿي ويو، تڏهن ڇڙيءَ شابس جي به خواهش ڪانه. بس هش ۾ خوش، دوست راضي رهن، هن جي لاءِ ڄڻ سڀڪجهه ٿي ويو. هاڻي ته غريب پوڙهو ٿي ويو هوندو. ڪيترا سال ٿي ويا کيس ڏٺي! اهي ڏينهن اهي شينهن، وري ميلو ئي ڪٿي ڪونه ٿيو![6]
عبدالرحيم کرل، نئون نئون وڪيل، آغا حسن عليءَ جي بساط جو مکيو مهرو ۽ اسان جو مٺو دوست[7]. ڊڪ جي پينٽ، سلڪ جو ڪوٽ، مٿو اگهاڙو، ائين لوڏ ڪندو ايندو ڄڻ ڪو وڏو موالي ميخاني مان پيالا پيون پُر ٿيو پيو اچي. اڄ ته توبهه به ڪئي اٿائين ۽ مٺ کان وڌيڪ ڏاڙهي به اٿس، مڇن جي سنت به ورتل اٿس، انهن ڏينهن ۾ نه فقط ڏاڙهي چٽ بلڪ هر شيءِ هيٺ مٿي هئي. آفيس ”سنڌي“ اخبار جي ڀر ۾ رهائش اسماعيل جي احاطي ۾ هڪ بالاخاني تي- آفيس ۾ گهر ۾، اصيلن کان گهڻا دوست ويهاريون ويٺو هوندو هو.
عبدالحميد مرزا، اسان جي سنگت جو وڏي ۾ وڏو رڪن، يارن جو يار، دوستن جو دوست، هر وقت خوشدل، مرزا چئي کڻي بس ڪر! ڪڏهن چڪو چاڙهيندو ته جهٽ اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديس ۽ ويٺو روئندو، گناهن کان ويٺو توبهه ڪندو، الله جي خوف کان ويٺو ڏڪندو. خمار لٿو، ته ڄڻ ماڻهن جهڙو ماڻهو، نه اکين ۾ لڙڪ، نه توبهه، نه خوفِ خدا! بجلي گهر واري انجنيئر مسٽر ايرانيءَ جو اسسٽنٽ، رنگ جو پڪو سانورو، نڪ نقشي جو بيحد خوبصورت، خاص طرح اکيون غضب جون. سفيد ڊڪ جي پينٽ، سفيد ٽـُـوِل جي قميص، ان تي هلڪي ميٽائين يا گيڙو رنگ جو ڪوٽ، ترڪي ٽوپي بنا ٽاٽ جي. سڄي ڄمار هڪ ڪٽ ۽ هڪ وضع جي پوشاڪ ۾ ڏٺو ويو. ڪڏهن رنگين لٽو يا شوخ رنگ پسند ڪونه آيس، ليڪن پنهنجي سر مزاج جو نهايت رنگين ۽ طبعيت جو ڏاڍو شوخ. موٽر سائيڪل هيٺان، اکين تي اُس جي عينڪ، چروٽ وات ۾- هر هيڏانهن پيو ايندو، هر هوڏانهن پيو ويندو. سڄو ڏينهن متحرڪ، جهَٽُ لڳندس ته اچي چار چونڪ ڳالهين جا ڪري ويندو. سنگت جي حَقي ناحقي ڪمن جو مهندار، پوءِ ڪم ڪهڙا به هجن ڏينهن جا هجن خواه راتين جا، مرزا صاحب موجود. مشاعري ۾ به سڀن کان اڳ ۾ موجود. ائين ويٺو هوندو، ڄڻ شاعر جيڪي پڙهي رهيا آهن، سو درحقيقت ٺاهيل سندس هو ۽ شاعرن فقط سرقو ڪيو آهي!
محمد يعقوب صديقي، براج ۾ هيڊ ڪلارڪ، اصل شڪارپور جو، ليڪن ملازمت سبب رهيو هميشه ٻاهر. سال ٿيا ڏٺي. خبر نه آهي ته جيئرو آهي يا اهو به راهه رباني وٺي ويو! سنگت جو مکڻ، دل جو نيڪ. سکر ۾ جيڪا اسان جي مخصوص سنگت هئي، ان جا چار رڪن هئا، مرزا، يعقوب، قدرت الله، ۽ ڊاڪٽر محمدالدين. ڊاڪٽر يامين کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. قدرت الله وجيهه جوان، هو رينج فاريسٽ آفيسر، ليڪن مٿو لکن تي گَسندو هيس. محمد الدين ريلوي اسپتال جو انچارج هو، سڄي سنگت جو دوا درمل مٿس، ان ۾ اهڙو مستعد ڄڻ زرخريدو ٻانهو، هر وقت ٿيلهو هٿ ۾، ۽ اسٽيٿسڪوپ ڳچيءَ ۾، ”السلام عليڪم“! جيسين بيمار چاڪ نه ٿيندو، تيسين ڄڻ پاڻ بيمار هوندو. محمد يعقوب کي به چـُـڪي جي چـَـسڪي هئي، ان جو به اهڙوئي حال ٿيندو هو، جهڙو مرزا جو، ايترو خدا جو ڏَرُ جو وضوءَ تائين به ڪونه ترسندو، ائين ئي الله اڪبر ڪري نماز ۾ بيهي ويندو! مرزا جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي پاڻ به روئي ويهندو. ڪڏهن ڪڏهن رقت زور وٺندي هين، ته هڪٻئي کي ڳراٽيون وجهي، پاڻ ۾ ويهي پار ڪڍندا هئا. مشاعري ۾ اِها سڄي سنگت موجود، بلڪه سڄي قمام کي ڄڻ مٿي ڏيندڙ ئي اُهي هئا.
قاضي محمد سومر- سکر جو عجيب و غريب ماڻهو، پنهنجي ڪردار جو واحد نمونو، وڏو تجربيڪار، عقل جو افلاطون، سرد گرم چشيده بلڪ گرگ باران ديده، دماغ ۽ اکيون هر وقت متحرڪ، ذهن ۾ سؤ سال آئنده جي سوچ، اکين جي نگاهه سؤ ڪوهه تائين پئي مستقبل ڏسندي. زبان ڳالهائڻ ۾ مصروف هوندَس، ليڪن اکيون ايڪسري وانگر پيون اندر جي جاچا لهنديون! ماڻهو وک کڻندو، قاضي محمد سومر پرکي وٺندو ته ڪهڙي پاڻيءَ ۾ آهي. اهوئي ڪارڻ هو، جو سڄيءَ زندگيءَ ۾ کيس ڪنهن به ڌوڪو ڪونه ڏنو، ساڻس ڪوبه چالاڪي ڪري ڪونه سگهيو، پوءِ هو سياسي ليڊر هجي چاهي قومي ورڪر يا ڪو ڪامورو. اڇا وار، اڇيون مڇون ليڪن قينچيءَ سان ڪتريل، سونهاري صفا، بنا ٽاٽ واري نرم ترڪي ٽوپي مٿي تي، لڪڻ هميشه هٿ ۾. سياري ۾ هڪ قديمي مشهدي لنگي، ۽ مفلر ڳچيءَ ۾. پنهنجي پاڙي جو مک بلڪه سڄي سکر جو ايڏو ضروري فرد، جو تيسين ڪوبه ڪم سُتَڙ نه ويهندو، جيسين قاضي صاحب وچ ۾ نه ايندو. جيسين جيئرو رهيو، تيسين کيس ميونسپل اليڪشن ۾ ڪوبه ڪيرائي ڪونه سگهيو. سول ڪورٽ، سيشن ڪورٽ، سٽي ڪورٽ، ميونسپل آفيس، اهي سندس جو لانگاهه هيون. سندس سموريءَ زندگيءَ جي وسيع تجربن جو نچوڙ هيءُ مقولو هو: ”بابا! شل هـِـنَ هٿ جو ڪم هـِـن هٿ ۾ نه پوي!“ انڊين پينل ڪوڊ، ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ، ۽ سول لا جو ياد حافظ، ايتري مهارت، ڄڻ ٺاهيائي پاڻ هئائين! صلاح اهڙي ڏيندو، جو مرليڌر [8] جو به مٿو ڀڃي ڇڏيندو. انگريزن جي مخالف جيڪا به تحريڪ، جنهن ۾ جيل وڃڻ جو جوکو نه هوندو، ان ۾ سڀن کان اڳ ۾ اچي شريڪ ٿيندو. اخبار پڙهندو هو، اهڙيءَ طرح ڄڻ قرآن جو دور ٿو ڪري، سُرَ سان ۽ جهوٽي جهوٽي! شعر شاعريءَ سان اصل واسطو وجهه ڪونه، نه وري ڪا پروڙئي هيس. پر مشاعري ۾ اهڙيءَ طرح ڪانڀ ڪڍيون ويٺو هو، ڄڻ اهو سڄو سلسلو سندس سهاري هيٺ بلڪ سندس ئي اعزاز ۾ ٿي رهيو آهي.
ميان عبدالله شيخ شينهن وارو[9] قد جو بندرو، خضاب لڳل سنهاري، مٿي تي پشوري لنگي اڇيءَ ٽوپيءَ مٿان ڏاڍي وڻندڙ نموني جي ٻڌل. پري کان ايندو، ڀانئبو ته ڄڻ باغ ۾ پيو ٽلي، يا ڪو گهوٽ پيو اچي! آهستي آهستي، قدم قدم، وک وک. ميونسپل ڪائونسلر ۽ شهر جو مکيو ماڻهو، طبيعت جو ڏاڍو سٻاجهو ۽ بيحد خوددار ۽ عزت پسند. اتي هرگز قدم نه رکندو، جتي سندس سبڪي ٿيڻ جو احتمال ۽ امڪان هوندو. سائين ڪرم علي شاهه ۽ ميان صاحب اهڙا دشمن جهڙا چانڊيا- مگسي، جتي هڪ هوندو اتي ٻيو پير نه پائيندو، پر مشاعري ۾ ٻـَـئي موجود! انهيءَ کان وڌيڪ مشاعري جي ٻي ڪهڙي ڪاميابي ٿيندي!

* * *

ميان عبدالله ۽ سائين ڪرم علي شاهه جو بيان ڪندي، چانڊين مگسـِـين واري مشهور چوڻي سامـُـنهن اچي وئي. ضرورت آهي ته ان تي ٿوري روشني وجهي، پوءِ اڳتي وک وڌائجي.
چانڊيا ۽ مگسي سنڌي بلوچن جا ٻه وڏا قبيلا آهن. چانڊين جو سردار نواب غيبي خان هو ۽ مگسـِـين جو سردار نواب قيصر خان مگسي هو، جنهن جو هڪ فرزند گل محمد خان ”زيب“ فارسيءَ جو صاحب ديوان شاعر ٿي گذريو آهي ۽ ٻيو فرزند مير يوسف علي مگسي مرحوم بلوچي تحريڪ جو رهنما هو، جنهن ڪوئيٽا جي زلزلي ۾ شهادت پاتي. چانڊين جي نواب جو وٿاڻ قنبر ڊويزن ۾ ديري غيبي خان ۾ آهي ۽ مگسين جو مرڪز شهداد ڪوٽ جي مٿان جهـَـل جو شهر آهي.
ويهين صديءَ جي پهرين چئن پنجن سالن ۾ ٻنهي قومن جي ماڻهن جو پاڻ ۾ تڪرار ٿي پيو. تڪرار وڌندي وڌندي، فردن مان وڌي وڃي قبيلي تائين پهتو، جنهن ۾ ٻنهي قومن جا سردار به شامل ٿي ويا. ٻنهي طرفن جا سوين خون ٿيا. آخر 1919ع ۾ لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر N. H. HAY سرحد تي منزل ڪري، صورتحال کي وڃي جاچيو. ان کان پوءِ سندس دفتردار شيخ غلام محمد شڪارپوريءَ تڪرارن جا سمورا جزئيات گڏ ڪيا. جنهن کان پوءِ ٻنهي سردارن مشير چونڊيا، جن کي ڪليڪٽر گڏ ڪري فيصلو ڪرايو. هڪ طرف جو مشير هو نواب سر سردار بهرام خان مزاري رونجهاڻ وارو ۽ ٻئي طرف جو مشير ٿيو نواب مير اعظم جان، جيڪو ان وقت قلات اسٽيٽ کان ٻاهر نڪتل هو ۽ پوءِ پيءُ جي مرڻ بعد تخت نشين ٿيو، جنهن جو پٽ نواب احمد يار خان قلات جو موجوده نواب آهي[10].
مشيرن جي فيصلي مطابق ڏوهه مگسن ڏانهن ٿيو ۽ چانڊيا بيگناهه ثابت ٿيا. حڪومت انهيءَ ڏوهه ۾ قيصر خان مگسيءَ کي سرداريءَ تان لاهي، سندس پٽ گل محمد کي ويهاريو ۽ کيس ملتان ۾ زندگيءَ تائين نظربند ڪري ڇڏيائون. انهيءَ تڪرار تي بلوچڪيءَ ۾ به ڪيترا نظم عوامي شاعرن چيا، جنهن منجهان مون کي سنڌي زبان ۾ ڪنهن سنڌي شاعر جي چيل نظم پراڻن دفترن کوٽيندي ملي آهي، جنهن ۾ مگسن جي گلا ۽ چانڊين جي تعريف ٿيل آهي. چند شعر نموني لاءِ ڏجن ٿا.

چانڊين - مگسن جو تڪرار

1- صاحب رب سميع ستار، سيد مڙني جو مهندار، جنهن جا آهن چارئي يار،
پنجتنن تي آههِ پيار- ٻڌ چانڊئي- مگسيءَ جو تڪرار!

2- غيبي خان نواب امير، صاحب رکيس خوش سرير، داتا آهي دلپذير،
قائم رهندو قربدار- ٻڌ چانڊئي، مگسيءَ جو تڪرار!

3- سنڌ بلوچن جو سردار، نالي نرمل ٿيو نروار، مرسل سندس مددگار،
سيد لهندو ان جي سار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

4- السخي حبيب الله چون، بخيل لاءِ باهه چون، تفسير مفسر ائين لکن،
دنيا آهي مڙهه مردار، ٻڌ چانڊئي- مگسيءَ جو تڪرار!

5- جيئن آهن جوڌا جوان، ڪمي تنهين آهي ڪانه، موليٰ مٿن مهر بان،
پرور جو ٿيو تن تي پيار- ٻڌ چانڊئي- مگسيءَ جو تڪرار!

6- هڪڙا حاڪم هرجا آهن، ٻوڙ پلاوَ خورش کائين، سيد پير فقير نپائين،
موليٰ دشمن تن جا مار، ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

7- مگسي به آهن مرد مولائي، دلبر آهن شير خدائي، ماني تن وٽ آهي اجائي،
مٺا مڙئي منهن موچار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

8- ٽڪر ٽڪر زمين وارا، لوڪ ساري ۾ همت وارا، اڇا توڙي آهن ڪارا،
وهه واهه عجائب تن کينڪار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

9- هاري آهن مرد خدا جا، مشفق آهن شاه و گدا جا، داتا دان ڏنا تن واهه جا،
چانڊيا چوکا ٿيا چوڌار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

10- اتر آرڙه ۾ هر جا حاضر، عقل فضيلت جا به اڪابر، ڪن ٿا سڀڪنهن خاصي خاطر،
مهمانيءَ جا مرد متار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

11- لـڄ ڀريا سڀ غيرت وارا، ڪم سندن سڀ طاقت وارا، سڀئي آهن لياقت وارا،
پاڙي اِکا پرت پچار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

12- لنب لغور کي ڪير ٿو پڇي، عجب ڪهاڻي ڪونه ڪوڪڇي، سچ چوندي يار رسي،
ته به سهڻا آهن يار سچار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

13- ڇڏ تون پچر تنهين جي هاڻ، معروف آهن تن اهڃاڻ، سڀڪنهن کي ٿي تن پڇاڻ،
ظاهر ڪر تون خبر چار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

14- چانڊيي، مگسيءَ جو تڪرار، مشهور آهي خبر چار، لڪل ناهي هڪ لغار،
جهيڙو تازو ٿيو تيار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

15- طرف پهريون غيبي خان، ثاني ڌر هو قيصر خان، ٻئي نواب امير جوان،
جرگو شروع ٿيو الهه توهار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

16- پري پري جا حاڪم آيا، سنڌ پنجاب مان صوبا آيا، اميرامراءُ جوان سڏايا،
نواب هرڪو ناليدار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

17- مسٽر غلام محمد جو، مقرر ڪارڻ جرگي ٿيو، فيصلو ساري رات هليو،
خلق ڪٺي ٿي بيشمار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

18- پوليٽيڪل صاحب آيو، ديوي جنهن جو نام چوايو، بيشڪ هو سرت سوايو،
ٻيا پڻ آيا عملدار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

19- وهه واهه غيبي خان جوان، مهمانيون ڪيون مهربان، ٻوڙ پلاوَ نان پڪوان،
مربا چٽڻيون ۽ آچار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

20- حلوا سيرا گهوٽ گهرايا، قسمين قسمين طعام بنايا، نواب صاحب کرا لٽايا،
هر هنڌ پئي پرينءَ پچار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

21- ماني جنهن جي تنهن جي ڪاني، خاصي آهي تن جي خاني، دوست زباني ناني جاني،
سڀڪو پنهنجي ساڻ خمار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

22- پاسخ راسخ چانڊيو آيو، غيبي خان جوان سوايو، قيصر پنهنجو پاڻ مارايو،
هر جاءِ هوندي ان جي هار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

23- دهل دماما، خوشيون شاديون، چانڊئي کي هرجاءِ آباديون، مگسيءَ سان ٿيون خاصيون تعديون،
کٽي ويا سڀ کٽڻهار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

24- حاضر هوس نه آءٌ اتي، جهيڙو لاٿو جوان جٿي، خبرون پهتيون ننگر ٺٽي،
پر پٺ ڪيڙم تڪ تيار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

25- حاجي خير محمد آهي، رئيس اعظم چانڊيو جائي، شاهه بندر ۾ منصف آهي،
ماجسٽريٽي منصبدار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

26- امير آهي سو حسناڻي، ڪريان تنهنجي ڪهڙي ڪهاڻي، گل گلابي جوت جواني،
ڏنل خان جو گل گلذار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

27- موليٰ ان جو مانُ وڌايو، سرور پاران شان سوايو، داتا ڏنس دان اجايو،
سخي شجاع جي وهندڙ پار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

28- پرور ڏنس پٽ پيارا، فرزند فياض مڙئي موچارا، صاحب رکيا سڀ سوڀارا،
خاوند خوشيون تن ڏيکار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

29- مير محمد برادرزادو، سخي سونهن ڀريو شهزادو، دشمن سندس پيرين پيادو،
ساهه کڻي ٿئي جو بيزار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

30- جيڪو جٿ ڪٿ تن سان وڳي، ڪين ڪڏهن سوڪٿهين تڳي، لچن تي ٿي لعنت لڳي،
بڇڙا ٿيندا باروبار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

31- ڪري قريشي قرب قرارو، محمد عالم ٺاهيو سارو، باقر وفر (؟) ملندمَ وارو،
لهندو ساجن تنهن جي سار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

32- لا اِلٰہ الا الله محمد رسول الله، سڀڪو چوي صل علي الله،
آل انهيءَ جي سڀ سردار- ٻڌ چانڊئي - مگسيءَ جو تڪرار!

فيصلو ٿيو، ٺاهه به ڪيو ويو، ليڪن ٻنهي قومن جون دليون جيڪي ٽٽي چڪيون هيون، سي ايامن تائين جڙي نه سگهيون. جيسين وڏا جئرا هئا، تيسين دلين تان مير نه لٿو.
چانڊين مگسن واري چوڻي سنڌ ۾ انهيءَ واقعي جو يادگار آهي. جڏهن ٻن جي دشمني ٺاهه جي حد کان مٿي چڙهي ويندي، تڏهن چئبو آهي- ”چانڊين، مگسن وارو وير اٿن!“ تڪرار ٿيندو آهي، ٺاهه جي ڪوشش ڪندي، پريا مڙس اچي وچ ۾ پوندا آهن، چوندا، ”ميان، اوهان ڪي چانڊيا - مگسي آهيو ڇا؟ ٺهو ڇو نه ٿا؟“ ٻه وڙهيل هوندا، وير ۽ عداوت جو بيان ڪبو ته چئبو: ”ٻئي پاڻ ۾ چانڊيا، مگسي آهن.“ سنڌي ادب کي اها چوڻي سوَن انسانن جي ڪشٽ و خون ڏياري آهي.

_______________

[1] سنڌ ۾ هٿ جا اوزار هي هئا:
هاسو، عصا، لڪڙ (جنهن کي عام ماڻهو ’لهڪڻ‘ سڏيندا هئا)، لٺ، لوڙهه (باس جنهن تي لوهه جا ڇلا هيٺئين حصي تي چڙهيل هوندا هئا)، ڏنڊو (جنهن کي الائي ڇو، پر ’مولا بخش‘ به سڏيندا هئا، ڏنڊي، سوٽو، سوٽي، داسو، ڏنڊڪي (جيڪا وزير اعظم ٿيڻ کان پوءِ لياقت علي خان هٿ ۾ کنئي)، گهوٻاٽو، مترڪو، ڇاپڙي، چهبڪ، چهو ۽ ڪهاڙي.
[2] سردار محمد علي جان ۽ سردار طاهر محمد خان افغانستان جي شاهي گهراڻي جا اهي ٻه فرد، انهيءَ - قافلي مان ڇڄي اچي سکر ۾ مقيم ٿيا، جيڪو خانه جنگيءَ سبب سردار محمد ايوب جي سرڪردگيءَ هيٺ اچي انگريزن وٽ پناهه گزين ٿيو هو. منجهانئن ڪي ديرادون ۾، ڪي لاهور ۾، ته ڪي ڪراچيءَ ۽ سکر ۾، منتشر ۽ پکڙيل، سرڪاري پينشن تي گذارو. 1934ع تائين مرحوم محمد علي جان اسان سان ملندو رهيو. ڪوشش ۾ هو ته خاندان سميت موٽي افغانستان وڃي. نادرخان سان لکپڙهه ۾ هو. ياد نه آهي وڃي پهتو، يا پاڻ سکر ۾ فوت ٿيو. سردار طاهر محمد ته سکر ۾ فوت ٿيو. مان ۽ نظر علي خان 29-1930ع ۾ وٽس ويندا هئاسين. (سردار محمد علي جان نيٺ افغانستان ويو، چند سال ٿيا سندس وڏو فرزند تهران ۾ افغاني ايمبسيءَ جي ڊنر تي مون سان مليو، پاڻ سڃاتائين، اچي قرب سان مليو، سنڌيءَ ۾ ويهي ڪچهري ڪئيسي، سڀئي ايراني خواهه افغان دوست اچرج ۾ پئجي ويا.)
[3] منيلا کان موٽي اچڻ بعد مون خط لکي کانئس ڪي سوال پڇيا، جن جو جواب پنهنجي انهيءَ اربيلي انداز ۾ ڏنائين، جنهن کي هوبهو هت ڏئي رهيو آهيان، جيئن بطوريادگار محفوظ رهجي وڃي:
23- جولاءِ 1960ع - مخدومي و مرشدي پير صاحب، دامة فيوضہ. گرامي نامو اڄ گهڻي عرصي کان پوءِ مليو، يارن جي يادگيريءَ لاءِ شڪريو...توهان سڳورن جي سوالن جا جواب هن طرح آهن:

1- شراب مان ڪونه پيئندو هوس پر بير پيئندو هوس.
2- والد منهنجو مرهيات ڪامياب زندگي بسر ڪري فوت ٿيو، اسان جي پرورش ڪيائين، تعليم ڏياريائين، جاءِ جوڙائي ڏنائين، اهڙي انسان جي فوت ٿيڻ تي خوشي ڪجي يا غم؟ ڇا منهنجي روئڻ سان جيئرو ٿي پوي ها؟ هرڪو اهائي واٽ ورتيون ويندو، فقط سمجهه جو فرق آهي.
3- منهنجي مضمون ۾ بي ربطي واقعي آهي، پر سنڌ جي اديبن مان مولائيءَ کي ڪڍي ڦٽو ڪندين ته ناانصافي چئبي. اهڙيءَ بي ربطيءَ هوندي، ريلوي جو ماڻهو ٿي ڪري، فيلوشپ حاصل ڪرڻ - توکي ته گهرجي ڪو طلائي تمغو انعام ڏي... مبارڪ چئبي بي ربطي...خود اوهان سڳورن جو چوڻ آهي ته مولائي حيات جاويد آهي! توهين پاڻ قدرت جا جوهري آهيو. تو ته وڏو انعام ڏنو آهي يعني مولائي مسڪين کي محقق لکيو اٿوَ! ڇا؟ فخر ڪريان يا بي ربطيءَ جو ماتم ڪريان؟
4- چلو لائي مون ۾ ناهي، اندازرندانه آهي... گهر واريءَ تي ”رتن ٻائي“ (محبت کان) نالو رکيم... ٻارن جي فوت ٿيڻ تي روئڻ ڪري اڄ سندس اکيون بي نور آهن. پر مون لاءِ ساٿي آهي. مرندڙن لاءِ مان پڻ ڪونه روئندو آهيان. زالن جي دل ڪمزور ٿيندو آهي. غرض ته روئيندي رهي. هن جو ڪهڙو ڏوهه! ٻارجوانيءَ کي پهچندا ويا ۽ الله گهراين. دنيا ۾ بعض اهڙا صدما پيش اچن ٿا جن جو اثر رهي ٿو، قلندر الله کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڄاڻي. هوالاول، هوالاخر، هو الظاهر، هوالباطن! وڌيڪ اوهين مرشد آهيو!
5- جڏهن توهان ماستر محمد بخش جي فوٽوءَ لاءِ لکيو هو، هو ان سال گذاري ويو. سيٺ اسماعيل زندهه - ”جو بيچ کاتا هي دلق بوذر اور چادر زهرا“. احمد علي هن سال جي شروع ۾ گذاري ويو، ابراهيم سيلاٽو ٻه - چار سال ٿيا گذاري ويو، ڊاڪٽر محمد يامين اڳئين سال حج ويو مڪي ۾ گذاري ويو، حاجي شير محمد کي وفات ڪندي اڄ ستون سال آهي. بابي سائين 1932ع ۾ وفات ڪئي، رئيس علي بخش خان (رٽائرڊ گارڊ ولد حاجي شير محمد) رٽائر ڪيو آهي، ڦلجيءَ ۾ زمين اٿس، سکر ۾ جايون اٿس، مڇي مانيءَ وارو آهي.
6- سردار محمد علي اٽڪل ڏهه سال ٿيا گذاري ويو، پوئينءَ عمر ۾ هڪڙي لورياڻيءَ سان شادي ڪيائين ان مان ٽي ٻار ڄايس. زال کي براج ڪالونيءَ ۾ ڪواٽر خريد ڪري جيئري ڏيئي ويو هو. سندس بيوه ننهن پنجاهه هزار رپين تي جايون عيد گاهه واريون وڏيري... کي وڪڻي وئي. سندس هڪڙو پٽ ڪابل ۾ هڪڙو قنڌار ۾ رهي ٿو.
7- ميان پير بخش منشي گذاري ويو...عبدالحميد خان زندهه آهي پر پوڙهو ٿي ويو آهي، ڪڏهن ڪڏهن مون سان گڏبو آهي.
8- توهان سان واقفيت الوحيد ۽ توحيد جي مضمونن سان غائبانه ٿي، پهريون مضمون توحيد ۾ تاج محل تي شايع ٿيو، سنڌين وفائي صاحب کي لکيو ته مولائيءَ جو تعارف ڪرايو، جو ٻه دفعا تعارف ڪرائڻو پيس. ستاره سنڌ ۾ پهريون مضمون ڪوئٽا جو زلزلو ڇپيو.
9- نوڪري ان ڪري ڇڏيم، جو 15 سال 27 رپين تي گذريا هئا، 24 ڪلاڪن جي استعفا ڏنيم.
10- سئنيما يا ائڪٽر ايڪٽريسون نادره، رتن ٻائي، ڪجن، بيبو، اختري، ديوڪارائي، بليموريا، ڪڪي ڀائي، عبدالرحمان ڪابلي، ڊڪشٽ، چارلي، يعقوب، غوري وغيره (پسند آهن).
11- فوٽا موڪلي ڪونه سگهندس، جو وظيفو مئي ۾ پورو ٿي ويو، اڃا صدر نئون اعلان ڪونه ڪيو آهي، تنهنڪري پنهنجي رب وٽ مهمان آهيان. اچي به ڪونه سگهندس... ميان غلام نبي خان (منهنجو دوست، سندس ڀاءُ) مهني کان اڌ رنگ، بلڊپريشر، ذيابيطس ۾ هڪ هنڌ تي پيو آهي، دعا ڪندا.
(ٻئي خط ۾ لکي ٿو) 7-8-1960ع - مخدومي مرشدي واستادي سيد حسام الدين دامة فيوضہ، اڄ اوهان سڳورن جو گرامي نامو منيلا کان پهتو، يادگيريءَ لاءِ شڪريو...توهان جيڪي ڳالهيون دريافت ڪرڻ گهرو ٿا، اوهان کي انهن جي ضرورت آهي، پر ذرو انصاف سان ڪم وٺو، انهن ڳالهين جي جاچ پرتال لاءِ شهر جي هرهڪ گهر ۽ محلي ۾ وڃڻ هن گرانيءَ ۽ گرميءَ جي مند ۾ اوهان لاءِ چوڻ بلڪل سولو آهي (پر) مولائيءَ لاءِ نادري سزا آهي. گذريل سياري ۾ ساڍا ست سؤ رپيا پنهنجي اهليه جي اکين جي آپريشن تي خرچ ڪيم، پر فائدو ڪونه پهتو. سال لاءِ اديبن کي سؤ رپيو جيڪو وظيفو ملندو هو سو مئي کان ختم ٿي چڪو آهي، وري جڏهن اعلان ٿئي. اهڙي حالت کان سواءِ جيڪي ادارا مضمونن لاءِ اجورو ڏين ٿا تن اجاره داري شروع ڪئي آهي. ڏسڻا وائسڻا دوست منافق ٿي پيا آهن... اوهان کي خبر آهي ته مان آزاد طبع آهيان ڪنهن جي خوشامد ڪرڻ کي ضمير جي خلاف سمجهندو آهيان. خدا کي ڇڏي عاجز انسانن ۾ اميدون رکڻ شيوہء قلندريءَ جي خلاف آهي. خوشامد ۽ ڀڙوت ڪرڻ وارا اوهان کي خبر آهي ته اڄڪلهه سرمايه دار بڻجي ويا آهن، مان قناعت جي دامن کي هٿان نه ڇڏيو آهي... بهرحال اوهان جيڪي سوال پڇيا آهن ۽ فوٽا (تنهن لاءِ) ڪـِـرايو، سگريٽ، سئنيما، اهڙين نازبردارين جي رقم مون ڏانهن موڪليو، بشرطيڪ پهريان هڪ قميص ۽ ڪانئچ سبرائيندس پوءِ ٻاهر نڪرڻ جهڙو ٿيندس... شال خداوند ڪريم اوهان کي سدائين سلامت ۽ شاد آباد رکي، آمين. ميان ڪرم علي شاهه 23- مئي 1942ع جو وفات ڪئي - تنهنجو شيدائي.

[4] هاڻي تقريباً قريب المرگ ۽ بستري داخل آهي، هوش ۽ حواس ڪونه اٿس. خدا ڄاڻي ڪيترا ڏينهن دم اٿس. (6 اپريل 1977ع)
[5] پهريون هفتيوار هئي پوءِ روزاني ڪيائين، جنهن بعد بند ڪري ڇڏيائين.
[6] ڏسو گذريل صفحن ۾ شيدائيءَ جو خط.
[7] جنهن وقت مان اهي اکر منيلا ۾ (20-7-60) لکي رهيو آهيان، هو ان وقت ڪراچيءَ جو سيشن جج آهي.
[8] شڪارپور جو وڪيل، جنهن جو سڄيءَ سنڌ ۾ نالو ۽ ڌاڪو هو.
[9] سکر جي مشهور ولي الله جي درگاه، جنهن جو متولي ميان عبدالله مرحوم هو.
[10] هي واقعو مون سر ڀٽي کان پڇي لکيو آهي.

5

نه سي وؤڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پسيو بازاريون، هنئڙو مون لوڻُ ٿئي.

- شاهه

گذريل صفحن ۾ ذڪر ڪيل ڪن بزرگن کان علاوه به ڪيترا مشاهير مشاعري ۾ موجود هئا، ليڪن سال ٿي ويا، اڄ ڪٿي ٿا سڀئي نالا ياد اچن! خبر نه آهي، هاڻي ٽائون هال جي صورتحال الائي ڪهڙي آهي! ان زماني ۾ ڊگهي ميز وچ ۾ پيل هوندي هئي ۽ ان جي چوڌاري ڪرسيون، ۽ ڪرسين پٺيان ڪرسيون، اهڙيءَ طرح سڄو هال ماڻهن سان ٽمٽار.
مشاعري ۾ پهريون پيغام پڙهيا ويا، پوءِ ٽپال ۾ موڪليل غزل ٻڌايا ويا، ان کان پوءِ آيو مقامي شاعري جو وارو، مهمانن کي پوءِ تي رکيو ويو. اهوئي مشاعري جو دستور هو ۽ ان تي ئي عمل ڪيو ويو. جڏهن مهمانن جو وقت آيو، تڏهن پنهنجي واري تي حضرت ”نياز“ صاحب لاڙڪاڻوي به اُٿيو. اڄ سوٽ ۾ هو ۽ ترڪي ٽوپي به اها جيڪا راکوين [1] هيس. پنهنجي خاص دستور مطابق پهريون کنگهڪر، پوءِ سڀئي کيسا ڳولي آخر هڪ مان ڪاغذ ڪڍڻ، عينڪ اکين تي رکي، مشاعري تي هيڏي هوڏي نظر ڦيرائڻ، ۽ وري هڪ کنگهڪر ڪري ڪاغذ کي مٿان کان وٺي هيٺ تائين اڇاتري انداز ۾ ڏسڻ - ان کان پوءِ صدر صاحب ڏانهن جهڪي کانئس اجازت طلب ڪرڻ. ڪنهن ڪونه ٿي ڄاتو ته ڪا قيامت برپا ٿيڻ واري آهي، ڪو طوفان کڙو ٿيڻ وارو آهي، ۽ ڪو اهڙو زلزلو اچڻ وارو آهي، جنهن ۾ هال جي سڄي ڪائنات هيٺ - مٿي پَئي ٿيندي، زيرو زبر پئي ٿيندي. سڀئي مطمئن هئا ته ضرور ڪو عشقيه غزل پڙهندو، زلفن جا پٽڻا ۽ فراق جا روئڻا، جفائن جون ڳالهيون ۽ معشوق جي مظالمن جا داستان بيان ڪيل هوندا. ڪنهن ڪونه ٿي ڄاتو ته سڀني جا وار کڙا ٿي ويندا، سڀني جي بت مان سيسراٽيون نڪري وينديون ۽ سڀن جي اکين مان بي اختيار لڙڪ ڪـِـري وڃي سندن جهولن ۾ پوندا. فارسيءَ ۾ قدسيءَ جي مشهور نعت آهي، جنهن تي فارسي ۽ اردوءَ جي ڪيترن ئي شاعرن مخمس چيا آهن. اها نعت ايڏي مقبول آهي، جيترو بوصيريءَ جو ”قصيدو بردو، يا ڪعب بي زهير جو ”قصيدو بانت سعاد“. اها نعت ڏاڍي جذبي ۽ جوش مان چئي وئي آهي ۽ جن شاعرن ان تي مخمس چيا آهن، انهن به ننهن چوٽيءَ جو زور لاتو آهي، اڄ ”نياز“ به ان تي مخمس ٺاهي آيو هو. مخمس ڇا هو، ڄڻ هيجان پئجي ويو. پهرئين بند پڙهڻ سان ئي صبر ۽ سڪون جا بند ٽٽي پيا، هال جي هوا ئي بدلجي وئي، رنگ ئي اور ٿي ويو، ڄڻ گهريءَ ننڊ مان ماڻهو کي ڪنهن ڌونڌاڙي اٿاري کڙو ڪيو. پڙهڻ جو انداز هونءَ به مرحوم جو سڀني کان نرالو هو، ليڪن هاڻي ته نمونو ئي اور اختيار ڪيو هئائين. ڏاڍو جاندار ۽ جذبو آڻيندڙ. لفظ لفظ ۽ اکر اکر ۾ ساهه وجهي ڇڏيائين. هڪ هڪ ترڪيب، هڪ هڪ محاوري، هڪ هڪ بندش کي چٻي چٿي، اهڙيءَ طرح بيان ڪيائين، جو ماڻهو جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي. هڪ هڪ بند تي هنگامو مچي ويو. هڪ هڪ بند هرهر پڙهبو ٿي ويو. سنڌي ته هينئر ياد ڪانه اٿم، ليڪن فارسيءَ جا مصرع اجهي هي آهن، جن کي مخمس ڪيو ويو هو:

مرحبــا سيد مـــــــڪي مدني العربي
دل و جان باد فدايت چه عجب خوش لقبي
منِ بيدل به جمال تو، عجب حيرانم
الله الله! چه جمــــالـــست بــديــن بـوالعجبي
چشم رحــمت بکشا سوئي من انداز نــــظر
اي قـــريشي لـــقـب و هـــاشـمي و مــطــلـــبي
نسبتي نـيـــست بـــــذاتِ تو، بــنــي آدم را
بــرتــر از آدم و عــالـم، تو چه عـالي نسبي
مــــاهمہ تشنه لـــبــانيم و توئي آب حيات
رحــم فــرمـــا که ز حــد مــيــگزرد تشنه لــبي
نسبِ خود به سگـت کـــردم وبس منفعـــلم
زانکه نسبت به سگ کوئي توشد، بي ادبي
عاصيانيم، ز ما نيکيء اعمــال مپرس
موي ما روي شفـاعت بکن از بي سببي
سيــــدي انــت حــبـيـبي و طـــيــبِ قلبي
آمده سوئي تو قدسي پئي درمان طلبي[2]

ٻيو بند جڏهن ختم ٿيو، ان وقت اسان جا بزرگ جيڪي هن وقت تائين ڏاڍي وقار ۽ تمڪنت سان ويٺا هئا، ۽ دل ئي دل ۾ صلوات سڳوري ويٺي پڙهيائون، پاڻ جهلي نه سگهيا. حبيب جي تعريف، مٺي مرسل جي واکاڻ، پياري پيغمبر جي ساراهه، مديني جي مير جو مذڪور! ڪنهن جي دل پٿر هئي؟ ڪير دل جهلي سگهندو؟ اکين مان ڳوڙها، زبان تي صلواة - هڪ هيجان برپا ٿي ويو. ايڏو طوفان مچي ويو، جو ماڻهو دريون ۽ در ڀڃي زوريءَ اندر گهڙي پيا، ڳاهٽ لڳي ويا، سڄو انتظام ۽ مشاعري جي ساري تنظيم درهم برهم ٿي وئي.
خود شاعر جو پنهنجو عالم به عجيب ٿي ويو هو. آواز گلوگير، ڳلن تي ڳوڙها، هڪ مصرعي پڙهڻ کان پوءِ رقت ۾ يڪساهيءَ پڙهي ڪونه ٿي سگهيو، وڏا وقفا وجهي پڙهڻ لڳو، دل جهلي، سامت ۾ اچي، ڳوڙهن کي پي، وَرَ وَرَ ڪيون ٿي بند پڙهيائين، مٿس به هڪ نشو چڙهي ويو هو، سندس روح کي به ڄڻ راحت ٿي رسي، لذت ۽ سرور ٿي آيس، شاعر اهڙي عالم ۾ وڃي رسيو هو، جتي هن کي سامعين جي پرواهه ڪانه رهي هئي، ڄڻ پاڻ لاءِ ٿي پڙهيائين، ان مان پاڻ ئي مزو ٿي ماڻيائين، پنهنجي تصنيف مان پاڻ ٿي حظ حاصل ڪيائين! اِهو اُهو وقت ٿئي ٿو، جڏهن شاعر سڄي ڪائنات سميٽي پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏي ٿو ۽ پنهنجي وجود کان ٻاهر ڪابه شيءِ موجود نٿو سمجهي.
مان پنهنجي حياتيءَ ۾ ان کان پوءِ هندستان جا سوين وڏا وڏا مشاعرا ڏٺا، ليڪن اهڙو رنگ رچيل ڪٿي ڪونه ڏٺم.

* * *

”نعرهء تڪبير!“
”الله اڪبر!“
ٽائون هال سڄو مٿي تي کڻي ڏنائون. سکر جي ويچارن اڻ پڙهيلن کي ڪهڙي خبر ته هي اسلامي جلسو نه آهي، هي نه سکر جي ’انجمن اسلام‘ جو اجلاس آهي، نه ’انجمني اسلام‘ جي ميٽنگ، نه ڪنهن خلافتي ليڊر جي تقرير آهي، نه ڪنهن سياسي رهنما جي اسپيچ. ليڪن هو غريب ڇا ڪن؟ هو ته انهيءَ تي هريل هئا. هنن کان ته هميشهه اهي ئي نعرا هڻايا ويندا هئا. هر جلسي ۾ انهن کي اهڙن ئي نعرن لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. هنن کي عادت پئجي وئي هئي، مشاعري ۽ جلسي جي فرق سان ڪهڙو ڪم، شاعر ۽ مقرر جي تفاوت سان سندن واسطو ڪهڙو؟ هنن ته اهوئي سمجهيو ته جلسي کي گرم رکڻو آهي، ماڻهن جي اکين مان ننڊ جو غلبو وڃائڻو آهي، ۽ اهي نعرا هڻائي مقرر جي عزت افزائي ڪرڻي آهي، صدقو وڃان سندس نالي تان، اسان وٽ الله جي نالي جو استعمال فقط اهو وڃي رهيو آهي!
”زندهه باد“ - جو انهيءَ زماني ۾ اڃا نالو نشان ڪونه هو. اهو ”الله اڪبر“ جو نعرو به خلافت ڪميٽيءَ ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ آيو، جڏهن تقريرن جي بهاني سان غير سنڌي ليڊرن کي سرحد اسٽيشن کان اورتي ٽپڻ جو موقعو مليو. سکر ۾ گرم گوديءَ جي پنجاپين، براج جي غير سنڌي خلاصِن، ۽ شهر جي چنيوٽي چرم فروشن انهيءَ نعري هڻڻ جا موقعا، محل ۽ مقام سمجهايا، ورنه اسان ماڻهو مارو اهڙن پاپن مان ڇا ڄاڻون؟ اسان کي ڪهڙي خبر ته الله سائينءَ کي انهن ڪمن ۾ به آسانيءَ سان، بلا ڪنهن حياءَ ۽ حجاب جي، استعمال ڪري سگهجي ٿو!

* * *

قومي ورڪر جلسن جي معاملي ۾ ڏاڍا مشـاق هوندا هئا. اٻوجهه مسلمان اچي گڏ ٿيندا، معززن کي اسٽيج تي ويهاريو ويندو. باقي عوام هيٺ زمين تي. جلسي جي اندر مختلف جاين تي ورڪر ويٺل هوندا. ليڊر تقرير ڪئي، ۽ هڪ ڪنڊ کان آواز ايندو:-
”نعرهء تڪبير!“
مختلف جاين تي ويهاريل ورڪر ڪندا:
”الله اڪبر!“
انهن کي ڏسي عوام به ڪندو. الله اڪبر
وڏيءَ لانڍ ۽ ليءِ سان.
تقرير شروع ٿيندي، ورڪر ويٺا عوام جي نبض جاچيندا، ٿوري جذبات ۾ سستي آئي، قدري ماڻهو ٿڪا، يا هڪ اٿي گهر ڏي هليو، بس يڪدم ٿي ويندو:
”نعرهء تڪبير!“
هاڻي عوام به هريل هوندو، تنهنڪري ورڪرن سان هم آواز ٿي، فوراً ڪندو:
”الله اڪبر!“
جلسي ۾ وري هڪ وار گرمي پيدا ٿي ويندي. هزارُ ڪو ڪڪ ٿئي، ڪيترو به ڪوٿڪل هجي، ڀل تقريرن مان کيس ڪو مزو ڪونه اچي، ليڪن ڪنهن کي به جرات ڪانه ٿيندي ته ’الله اڪبر‘ جا نعرا ٻڌي جلسي مان اٿي ٻاهر وڃي.
مقرر جي عزت افزائي مقصود هوندي، هندوءَ کي گار ملندي، سياسي مخالفن جو ذڪر ايندو، بس ٺڪ ٿي ويندو، ”نعرهء تڪبير!“، ”الله اڪبر!“ جلسو جڏهن ختم ٿيندو، تڏهن به ليڊرن کي ”نعرهء تڪبير!“ جي ذريعي جلسي گاهه کان ٻاهر آڻيندا، ۽ جلوس ڪڍي جلسي ۾ آڻڻو هوندن، ان وقت به اهوئي نعرو هڻندا ايندا. غرض ته ’الله اڪبر‘ جو نعرو ۽ چانهه جو هڪ ”پوڻيان ڪوپ“ اسان وٽ ٻنهي جي حيثيت هڪ ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته ٿـَـڪ لاهڻ، اوجاڳي قائم رکڻ، بدن ۾ چستي ۽ جسم ۾ حرارت پيدا ڪرڻ جون خاصيتون ٻنهي ۾ هڪجهڙيون هيون!
اهو نعرو ايستائين البته مفيد رهيو، جيسين ان ۾ ”زنده باد“ شريڪ نه ٿيو هو. 1937ع کان پوءِ جڏهن اُن جو ايجاد ٿيو ۽ ان سان ”پائنده باد“ به ملايو ويو، تڏهن البته جيڪي صفراوي مزاج هئا، تن لاءِ اهو مرڪب سخت مضر ثابت ٿيو. اسان کي اڃا ياد هوندو، مسلمانن جي پنجهتر هزار زالن جو کڄي وڃي سکن جي هيٺان پوڻ، اسان کي اڄ به ياد هوندو ويهن لکن مسلمانن جو بنان مقابلي، ڪئي شهيد ٿيڻ، دهليءَ جي عام ڪوس ۽ پراڻي قلعي جي اجتماع کي به اسان ڪونه وساريو هوندو، هندستاني مسلمانن جو فرار به اڃا ڪالهه جو داستان آهي، حيدرآباد پوليس ايڪشن يا جونا ڳڙهه جي جهروڪ ۾ جهانءِ پوڻ دلين تي اڄ به نقش آهي، معين الدين اجميريءَ کان وٺي خواجه باقي باالله ۽ حضرت محبوب الاهيءَ تائينءَ سان تعلق ٽٽي وڃڻ به اڃا تازي ڳالهه آهي، لال قلعي کان وٺي فتحپور سـِـڪريءَ تائين، جامع مسجد دهليءَ کان وٺي بنارس جي عالمگيري مسجد تائين، همايون جي مقبري کان وٺي تاج محل تائين، عليڳڙهه کان وٺي ديوبند تائين، ۽ ندوي کان وٺي دارالمصنفين تائين، جيڪي اسان ورثا وڃايا، انهن جا داغ به اڃا تازا آهن، انهن سڀني حادثن جا اجزاءِ ترڪيبي اهي ئي ٽي نعرا آهن:-
”نعرهِّ تڪبير“
”الله اڪبر“
...........
”زندهه باد“
...........

”پائنده باد“

* *

اهي نعرا سياسي جلسن ۽ جلوسن جي زينت هئا. اسلامي جلسن جو جوش ۽ جذبي جاڳائڻ لاءِ، ٻڌندڙن کي تازه دم رکڻ ڪاڻ، واعظي مولوين صلواة جو نسخو ايجاد ڪيو هو. ڏسندا ته جلسي ۾ ماٺائي اچڻ لڳي آهي، ماڻهو ٿڪا آهن، ٻڌندڙن جي دلچسپي گهٽجڻ لڳي آهي، ته واعظ هڪدم پنهنجي واعظ کي فل اِسٽاپ ڏئي واڪو ڪندو:
”پڙهو مسلمان ڀائرو، مٺي محمــد تي صلواة سڳوري!“
”ادا ڀائرو، مديني واري مرسل تي درود شريف!“
”هاءِ! هاءِ!“
”الٰهم صلي عليٰ سيدنا مولانا محمد و آلِہِ و اصحابہ“
”وري پڙهو!“
”ادا ڏاڍيان پڙهو!“
”هاءِ! هاءِ!“
”پياري پيغمبر تي!“
”صلي الله عليٰ حبيبِ سيدنا مولانا محمد و آلِہِ و اصحابہ والسّلام“
”برادران اسلام!..“
جلسي ۾ رونق اچي ويندي، هرڪو تازه دم ٿي ويندو، هرڪنهن تان اوجاڳي جو اثر لهي ويندو، ۽ هرڪو وري واعظ ڏانهن متوجهه ٿي ويهندو! اهڙيءَ ريت ٻڌندڙ ويچارا صلواة سڳوري پڙهندي پڙهندي، واعظن جي ياوه گوئي، سندس بي سروپا ڳالهيون، ستهتر حورن جي هنج، سون غلمانن جي جهرمر، بهشت جا دلاسا، ۽ دوزخ جا دڙڪا، ماکـِـن جي لار، کير جون نهرون ۽ شربت جا تلاءَ، قصص الانبياء مان ورتل روايتون، گناهن جي گراني ۽ ثواب جي سستائي، ڪمزور روايتون ۽ من گهڙت حديثون ٻڌندي ٻڌندي سڄي رات اکين ۾ ڪاٽي ڇڏيندا - مسلمانن کي جيڪو پنهنجي نبيءَ سان نينهن آهي، انهيءَ جو ناجائز فائدو وٺي، واعظ اهڙي نموني پنهنجا جلسا ڪامياب ڪري ڇڏيندا هئا! حقيقت ۾ واعظي مولوي صلواة سڳوريءَ کان سواءِ جلسي کي ڪامياب ڪرڻ ۾ ماڻهن ۾ تاثر پيدا ڪرڻ لاءِ ٻه ٻيا به هٿيار ڪتب آڻيندا هئا. صلواة سڳوري باربار پڙهائي، مسلمانن جي دلين ۾ رقت پيدا ڪندا هئا. ان کان پوءِ واعظ ڪندي پهريائين پنهنجو آواز گلوگير ڪندا، پوءِ اکين مان ڳوڙها وهائي، اهڙيءَ ريت واعظ جا پنج ڇهه فقرا ڪڍندا، ڄڻ روئندي سندن زبان مان اهي ڪلما پيا نڪرن. صلواة سڳوريءَ سبب دلين ۾ نرمي ۽ رقت ته موجود هوندي، ويتر اهو ڏسي، مسلمانن جون دليون ڀرجي اينديون. عين انهيءَ موقعي تي واعظي مولوي مولانا روم جو ڪو شعر سُرَ سان پڙهي چوندو:-
”او ڀائرؤ، او مومنئو! مولانا فرمائي ٿو...“
بيت جي معنيٰ سوز ۽ سـُـرَ سان ڪري ويندا، ۽ ان کان پوءِ زور سان عصا اسٽيج تي هڻي، واڪو ڪري، لانڍ منجهان چوندا:
”او ادا ڀائو! ڊڄو انهيءَ ڏينهن کان، ٻيلي ڀؤ ڪريو انهيءَ گهڙيءَ کان!...
جڏهن سوا نيزي تي سج هوندو!
جڏهن قيامت جو ميدان کڙو ٿيندو!

او پيارا ڀائرؤ!

ان وقت ڪو ڪنهن جو مددگار ڪونه ٿيندو!
پيءُ پٽ کان، پٽ ماءُ کان جدا ٿي ويندو!

ادا ٻيلي مومنؤ!

خوف رکي، انهيءَ روز کان!“

اهو چئي، پاڻ به اوڇگارون ڏئي روئڻ شروع ڪندو، ۽ ٻڌندڙن جي قلب کي به هن تدريجاً اهڙو رقيق ڪري ڇڏيو هوندو، جو هو به يڪدم روئڻ شروع ڪري ڏيندا. جڏهن جلسو انهيءَ ڪڙيءَ تي پهچندو، ان وقت واعظي هرهڪ قسم جي گناهه ۽ گناهگار جي سزا جزا جو نقشو ڪڍي ڏيکاريندو:

”اي ڀائرؤ!
اي مومن مسلمانؤ!
اي منهنجا سڄڻؤ!
اتر پاسي کنئون...“

جلسي ۾ ڪو نوجوان سامهون ويٺو هوندو، ته انهيءَ ڏي متوجهه ٿي چوندو:

”او منهنجا يارڙا!
او منهنجا جوانڙا!
اتر کنئون!
اگهاڙن مردن ۽ عورتن جو هڪ ٽولو ايندو!
ڳچِن ۽ پيرن ۾ زنجير هوندن!
او منهنجا ڀائرؤ!
ٻنهي جا منهن دانگيءَ سان ڪارا ٿيل هوندا!
عورتون مردن جي ڪلهن تي سوار هونديون!
منهنجا دوستؤ!
خيال ڏَئي ٻڌو!
ڪـَـنَ کولي ٻڌو!
هاءِ! هاءِ!“
اِتي وعظ ٻه- ٽي دفعا توبهون ڀري وٺندو...
”عورتن جي اندام مان پاڻي وهندو ايندو!
اهو سڌو مردن جي وات ۾ پيو ويندو!

اي مومن مسلمانؤ!
اهي انهيءَ پاڻيءَ کي چٽيندا ايندا!
ڀائرؤ!
خبر اٿو، اهو گروهه ڪهڙن گناهگارن جو هوندو؟
ٻيلي يار!“
نوجوانن تي نگاهه ڦيرائيندي، تمام وڏي آواز سان اڇل ڏَئي چوندو:
ٻيلي، اهي زاني هوندا!
او جن هن دنيا ۾ زنا ڪئي هوندي!
او ٻيلي، انهن جو حساب ڪتاب ڪونه ٿيندو!
اڌ رستن تان ئي ملائڪ...

مومن مسلمانؤ!

او مديني جي مير جا امتيو!
انهن کي دوزخ ڏانهن وٺي ويندا!“
انهيءَ جاءِ تي پهچي، واعظيءَ جو آواز وري گلوگير ٿي ويندو،
”ٻڌو اٿؤ، مولانا روم ڇا ٿو فرمائي؟
از زنا اندر جهان افتد فنا.
او ادا!
اززنا اندر جهان... افتد فنا...“
بيت لانڍ سان چئي، معنيٰ به ساڳيءَ طرح سر سان ڪندو:
”پوندي فنا... پوندي فنا... پوندي فنا، منجهه جهان جي ڪنان زنا جي!...
او ڪن ڏَئي ٻڌو... ڪنان زنا جي!“

اهو سڄو واعظ تمام سوز واري سر سان ٿيندو، جيڪو مونولاگ مٿي ڏنو ويو آهي، ان جي هڪ هڪ سٽ اهڙيءَ ريت چئي ويندي، ڄڻ مولانا روم جا مصرعا ٿا پڙهجن. جڏهن ٻڌندڙن جي دلـِـن تي گناهن جي جزا ۽ سزا جو خوف ۽ هراسُ پوريءَ طرح ڇانئجي ويندو، ان وقت واعظي وري پَهلو بدلائيندو:
”ڀائرؤ، پڙهو صلواهِ سڳوري!
مٺي مير محمد تي!
الٰهم صل، الخ!
خبر اٿوَ منهنجا مومن ڀائرئو؟
حديث قدسيءَ ۾ آيل آهي! او ڀائو! ڪن ڏَئي ٻڌو حديث قدسيءَ ۾!
جيڪو هڪ دفعو صلواة پڙهندو...
او مومنؤ!
جيڪو هڪ دفعو درود سڳورو پڙهندو...
ڪن کولي ٻڌو، منهنجا ڀائرؤ!
جيڪو هڪ دفعو سهڻي نبيءَ تي...
او! صلواة سڳوري موڪليندو!
او! ان جا ستر هزار گناهه معاف ٿي ويندا!
او منهنجا ڀائرئو، ستر هزار!
اي دوستؤ، ستر هزار گناهه! ستر هزار گناهه!!“
اتي وري ثوابن جي ايڏي سستائي ڏسي، سڀن جي چهرن تي تازگي اچي ويندي... ٻه - ٽي دفعا زور سان درود سڳوري جو ورد ڪيو ويندو. واعظي ’ادا!‘ ’او!‘ ۽ ”دوستو!“ جي اکر تي زور به ڏيندو ۽ لانڍ سان به چوندو!
الغرض ٻڌندڙن کي بيم ورجا ۾ رکندو، اميد ۽ خوف جي عالم مان کين گهمائيندو، ڪڏهن روئاريندو، ڪڏهن ڊيڄاريندو، ڪڏهن ڪڏهن دوزخ جي دڙڪن ۽ گناهن جي عذابن کي ٻڌي مايوسيءَ ۽ خوف سبب جيڪا مٿن اڪتاهٽ آيل هوندي، ان کي لطيفن ۽ ٽوٽڪن ذريعي دور ڪندو، آڌيءَ آڌيءَ کان پوءِ وڃي پنهنجي واعظ کي پورو ڪندو.

* * *

وڏو واعظي اهو ليکيو ويندو، جيڪو زياده روئاري سگهندو، جنهن جو آواز سريلو هوندو، جنهن کي گهڻا بيت ياد هوندا، جنهن جي اکين ۾ هرهر پاڻي ايندو، جنهن جو هر هر آواز گلوگير ٿيندو - بس ان جي مقبوليت جي حد ڪانه هوندي. ’فتوحات‘ به انهيءَ کي گهڻي ملندي.
پيشه ور واعظن جي معيشت جو سڄو دارومدار انهن واعظن تي هوندو هو. واعظ ڪرڻ بعد انهن کي چندو ڪري، جيڪا رقم ڏني ويندي هئي، ان کي سندس اصطلاح خاص ۾ “فتوحات” چيو ويندو هو. ان کان پوءِ سواءِ کين واعظ ختم ٿيڻ بعد لـُـنگي پوتي به ڏني ويندي هئي. هونءَ ته سڄو سال پيا سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واعظ ڪندا هئا، ليڪن ”رجبيءَ“ جو مهينو واعظن لاءِ خاص طرح مخصوص هو. مهينن پاند اڳواٽ انهن جي واعظن کي رزرو ڪيو ويندو هو، تاريخون مقرر ڪيون وينديون هيون، ۽ ٽيهه ئي راتيون جدا جدا هنڌن تي واعظ ڪري، چڱي چوکي ”فتوحات“ جمع ڪندا هئا. ڪن واعظن جا ته ٺهيل گراهڪ هوندا هئا. انهن وٽ ڪوبه ٻيو واعظي وڃي نه سگهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪي مالدار وڏا جلسا ڪرائيندا هئا، ته انهن ۾ سنڌ جي مختلف واعظي مولوين کي هڪ جاءِ تي به گڏ ڪيو ويندو هو. ڪن خاص خاص مولوين جي فتوحات جو تعداد مقرر ٿيل هوندو هو، ان کان گهٽ قبول ڪونه ڪندا، چاهي واعظ ٻڌڻ وارا ڪيترائي غريب ڇو نه هجن. انهن واعظي مولوين لاءِ مذهبي عالم هجڻ جي هروڀرو ضرورت ڪانه ٿيندي هئي. انهن لاءِ ”حڪايات الصالحين“ ۽ ”قصص الانبيا“ جهڙن چند ڪتابن جو پڙهڻ ڪافي هو.

* * *

”مولانا، ڏي خبر؟“
”ڳالهه نه پڇ، اصل پـُـنڃَ ٿي ويا!“
”نيٺ؟“
”چار سو نقد هڪ وڳو، هڪ وهڙي[3]!“
اک ڀڃي، پنهنجي هٿ ۾ منهنجو هٿ وٺي، ان کي زور ڏئي چوندو:
”ڳالهه ڪجانءِ نه ڪنهن سان!“
رنگ جو سانورو، قد جو منڌرو، ڀور ڪاري ڏاڙهي، سٿڻ هيٺ، بت تي چولو، ڪلهي تي پوتڙو رکيون، سوٽي پشوري بلو رنگ جي لُنگي هٿ ۾ لوڏيندو، ٽـِـڪڻ ڪڍيون، صبح صبح جو سيل ريل مان لهي، اچي ڪرسيءَ تي ويهي، ٻَئي ٽنگون به ان تي رکي چوندو:
”جهٽ ڪر، چانهه پيار، ته ڳالهه ٻڌايانءِ!“
”پهريون ٻڌاءِ!“
”استاد بيهه ته. ٺَرَڻُ ٺُرَڻُ ته ڏي!“
وري اک ڀڃي، هٿ کي زور ڏئي چوندو:
”ماٺ ڪر! اصل پُنڃ ٿي ويا!“
”ڪاٿئون مولانا؟“
”ميرپور ساڪري منجهئون!“
”خدا جي مار پوئي، ايستائين به وڃي پهتين؟“
”اهي ته پنهنجا ٻالڪا آهن!...
”ها! ها!! ها!!“
ڏاڍيان وٺي ٽهڪ ڏيندو.
اهو هو مولانا مولوي محمد قمردين (قمرالدين) المعروف به حضرت ”واعظ الاسلام“ ساڪن منگي شريف[4]، جيڪو سڄيءَ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ واعظ ڪندو هو، ۽ سندس واعظن جا پروگرام ’الوحيد‘ ۾ ڇپبا هئا، جن کي پڙهي ماڻهن تي تمام گهڻو اثر پوندو هو، ۽ سندس مقبوليت ۽ اهميت کي محسوس ڪري هرڪو کيس پاڻ وٽ گهرائي پيو واعظ ڪرائيندو هو. نهايت مٺو ماڻهو، خوش خلق، خوش مزاج، صاف گو، عالمن وارو ٺلهو مخرج ڪونه. ماڻهن وانگر ماڻهو، سنگت جو ڏاڍو سچو، جنهن سان دل هوندس ان سان چرچو ڀوڳ، مذاق مسخري، ٺڙوٺڪاءُ سڀ پيو ٿيندو. پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ مولانا نئين شادي ڪئي. جڏهن ملندو هو، چوندو:

”ڳالهه نه پڇ، استاد!“
اک ڀڃي، هٿ کي زور ڏئي،
”جوان بڻائي ڇڏيو اٿائين!
”ڏاڍي خدمت ٿي ڪري!“
”ڀلا اڳين گهرواري؟“

پري منهن ڪري، کلي، ٽهڪ ڏئي، چوندو:
”يَرَ بس ته ڪر، نالو ته نه کَڻُ!“
جڏهن گڏبو، تڏهن چرچو ڀوڳ برجاءِ، دل جا سڄا احوال به ويهي اوريندو.
”مولانا، ڏي خبر! ڪن کي رئاريُئي به؟“
”يَرَ زوراور آهين، ڏاڍي ڳالهه ٿو ڪرين! ڄَٽن کي روئاربو نه، ته ڇڻندا ڪيئن؟“
”تون به ڪجهه رُنين؟“
آواز گهگهو ڪري، منهن روئڻ جهڙو بڻائي، واعظ جا ٻه ٽي جملا سوز سان چئي ويندو، ۽ ان کان پوءِ وڏو ٽهڪ ڏئي، چوندو:
”پِير، ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين!“
مولانا منهنجي پاڙي جو هو، تنهنڪري هڪٻئي سان تعلق هو، ليڪن ان کان وڌيڪ اسان جي پاڻ ۾ ياراني پڻ هئي.
مولانا اگرچه واعظن کي پنهنجو پيشو بڻايو هو ۽ ان مان کيس ڪافي اپت به هئي، ليڪن درحقيقت انهن واعظن جي ذريعي دين جي خدمت به ڏاڍي ڪيائين، مسلمانن کي صحيح دين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين، بدعتن، بد رسمن، بد عقيدن، ۽ ڪنِن عادتن کي روڪڻ لاءِ وڏو جهاد ڪيائين. اڄ کان 15 سال اڳ سنڌ جي مسلمانن ۾ واعظ ڪرائڻ ۽ واعظن ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، ۽ ڪن جاهل ملن کي ڇڏي، باقي جن عالمن اهي واعظ ڪيا، انهن دين جي سچي ۽ صحيح خدمت ٿي ڪئي. مثلاً انهيءَ دور ۾ مولانا قمرالدين سان چار - پنج ٻيا بزرگ به سنڌ اندر واعظ ڪندا رهندا هئا، جهڙوڪ مولانا محمد هاشم رڪن وارو مرحوم- ٿلهو متارو، قداور، وڻندڙ چهرو، سهڻي سونهاري، مخرج انهيءَ کي به ڪانه. خلافت جي زماني ۾ ’بلبلانِ سنڌ‘ جي نالي سان نوجوان ڇوڪرن جو هڪ ٽولو ٺاهيو هيائين، جيڪو سياسي جلسن خواهه ديني واعظن ۾ کنيو وتندو هو. اهي ’بلبلانِ سنڌ‘ ڏاڍا سهڻا ۽ سٺي آواز وارا هوندا هئا. جڏهن گڏجي مولود شريف يا قومي ترانا ڳائيندا هئا، تڏهن جلسن جي رونق دوبالا ٿي ويندي هئي. مولانا مشهور ٿي ويو هو. ”ڪهڙو؟“ چي، ’بلبلانِ سنڌ‘ وارو. ٻيو هو منهنجو محترم دوست ’سحبان السنڌ‘ حضرت الحاج مولانا مولوي حڪيم محمد عبدالڪريم چشتي شڪارپوري، اهڙو نرم ۽ نازڪ جهڙو گلاب جو گل. اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، رهڻ ڪهڻ، چوڙڻ ماڻڻ ۾ هڪ انداز ۽ هڪ نزاڪت ۽ هڪ ادا. خلافت جي زماني ۾ جيل به ڪاٽيائين. ڪيتـِـرن اخبارن جو ايڊيٽر به رهيو [5]، ۽ مذهبي عنوانن خواه بزرگانِ دين جي سوانح تي ڪيترا ننڍا ننڍا ڪتاب به سندس قلم مان نڪتا. مضمون ته هزارين لکيا هوندائين، جيڪي سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ ڇپبا ٿي رهيا. سندس نثر ۾ به رنگيني رهي ۽ سندس زبان ۾ به خدا وڏو تاثير خلقيو هو، جنهنڪري سندس تقرير خواه مذهبي واعظ ماڻهن تي ڏاڍو اثر ڪندا هئا. انهيءَ ڪري ئي ته ”ڪن دوستن“ کيس ”سحبان السنڌ“ جو لقب ڏنو!
اهي ٽي بزرگ پاڻ ۾ سنگتي هئا. ڪڏهن گڏ واعظ تي نڪرندا هئا، ڪڏهن جدا جدا. انهن ٽنهي عالمن دين جي، مسلمانن جي ۽ مذهب جي سنڌ اندر ڏاڍي خدمت ڪئي. سوين مسلمان انهن جو واعظ ٻڌي سنئين رستي تي آيا، ڪيترن شهرن مان سوين رسمون، غلط عقيدا ڪڍي ڇڏيائون. پهريان ٻه وصال ڪري ويا آهن، پويون بزرگ زندهه آهي، ليڪن زماني جو حال ڏسي، زبان تي قفل چاڙهيون ويٺو آهي. خدا کيس وڏي حياتي ڏئي، سنڌ ۾ پنهنجي شخصيت جو واحد مثال آهي. سندس جاءِ ڪوبه ڀري ڪونه سگهندو. مولوي چشتي هرهر ڄمي ڪونه سگهندا.[6]
چوٿون بزرگ هو مولانا عبدالڪريم ’ڪهاڙو‘ - هميشه ڏنڊو هٿ ۾، جهڙو شعلو، جهڙي باهه، جهڙو اُلو. اسٽيج تي آيو، بس، بدعتن تي، دين جي رستي تان ابتڙ هلندڙن تي، انهن وڏيرن تي جيڪي شاني شريڪ نه سمجهي نياڻين جا سڱ ويهاريو ويٺا هئا، نالا وٺي وٺي ڌوڙيا وسائيندو. پهريون جوش ۾ اچي ڏاڍيان ڏنڊو اسٽيج تي هڻندو، ان کان پوءِ خاص ماڻهن جا نالا وٺندو، پوءِ اچي بيهندو گارين ۾. هڪ هنڌان گهڙندو ٻئي هنڌان نڪرندو. رک رياءُ ڪنهن جو ڪونه، توڙي ڪو پاڻ کي لاٽ سڏائي. سچ جي اکر اکر سان گار شامل هلي هلندي، جيڪي دل ۾ هوندس، سو برملا جلسي ۾ عام جي اڳيان وڏي واڪي چئي وڃي مٿي چڙهندو. اهوئي سبب هو، اهائي سندس صاف گوئي هئي، اهائي سندس بي ڊپائي هئي، جنهنڪري عام مسلمانن کيس ’مولانا ڪهاڙو‘ سڏيو، ۽ اهو لقب اهڙو مشهور ٿيو، جو ماڻهن کان سندس اصلي نالو ئي وسري ويو. اڄ به مان وڏيءَ جستجو بعد سندس نالو هٿ ڪيو آهي. مولوي ڪهاڙو ٻڌندو ته فلاڻي ڳوٺ ۾ فلاڻو ماڻهو پنهنجي نياڻي ويهاريو ويٺو آهي، فلاڻو زميندار ڪتا ڌاري شڪار ڪندو وتي ٿو، فلاڻي سينڌيون [7] ويهاريون آهن، فلاڻي ڳوٺ ۾ عام بدعت شروع آهي، بس مولوي ڪهاڙو نه ڪندو هَمَ نه تَمَ، ڏنڊو ڪلهي تي، الله توهار! ماڻهو سندس ٻڌي اچي ڪٺا ٿيندا، جلسو لڳي ويندو ۽ مولوي صاحب جو ڌوڙيو شروع ٿي ويندو. سَوَن ماڻهن پنهنجون نياڻيون مولوي صاحب جي گارين تتو اٿاريون، هزارن ماڻهن بدعتن ۽ خلاف شرع ڪمن کان توبهه ڪئي. مولانا کي مان نه ڏٺو، ليڪن واه جو مولانا جو نالو وڄڻو هو. ڀانيان ويهارو سال ٿيس، جو فوت ٿيو. نوديري جي لڳ رتيديري واريءَ سڻڪ جي اولهه ۾ ڀـُـٽن جو ڳوٺ ”ڪوٽ“ آهي، مولانا اتنهن جو هو، اتي فوت ٿيو ۽ اتي ئي دفن ٿيو. چوندا آهن ڏئي هيٺان اوندهه. مولانا ٻاهر ته سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن پنهنجي گردوپيش اهي سڀئي شيون ٿينديون رهيس، شايد اتي سندس ڪڇڻ جي جاءِ ڪانه هئي. بهرحال رب رحمت ڪريس، ۽ سندس ديني ڪاوشون شل دين جي خالق وٽ اگهن، جنهن جي لاءِ چوڻي آهي ته: ’جي اگهئي ته پاءُ، نه ته مڻن کي ئي موٽ ٿئي!‘

* * *

جن بزرگن جو ذڪر ڪيوسين، سي ته سمورا هئا نسورو نور، انهن سچ پچ ته دين ۽ امت محمديءَ جي خدمت به ڏاڍي ڪئي، ليڪن انهن کي ڏسي ڪيترا اڻ پڙهيا به واعظ ٿي پيا، جيڪي الله ۽ رسول جي نالي تي وتيا ٿي راڱا ڪندا، مثلاً، منهنجي ڳوٺ جو مولوي محمد عبدالڪريم جيهو، عليہ الرحمة والغفران.
اصل نالو ٽِلو، ليڪن جڏهن مولوي محمد سومر مرهيات[8] وٽان ’گلستان‘ اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويو، ان کان پوءِ پاڻ کي ملا محمد رمضان سڏائڻ لڳو. وري جڏهن واهڻن ۾ وڃي وعظ ڪرڻ لڳو، تڏهن مولانا مولوي محمد عبدالڪريم جيهو ابڙو ٿي پيو. هيو ڏاڍو ذهين، پڙهيو فارسي شُد بُد، ليڪن پوءِ مهارت ايتري حاصل ڪيائين، جو ’مثنوي‘ جا بيت انڌيءَ منڊيءَ معنيٰ سميت سُرَ سان پڙهي ويندو هو. روئڻ جي ڏاڍي اٽڪل هيس. آيت آئي، حديث پڙهيائين يا مثنويءَ جو بيت زبان تي آندائين، جهٽ ڊُنڍڪَرَ ڪري روئي ويهندو. کيس روئندو ڏسي، ڪن اٻوجهن تي اثر به ٿيندو هو ۽ چوندا هئا:
”ير، واهه جو مولوي صاحب جي واذ [9] ۾ اوثر [10] آهي!“
”ها سائين، علم جو زور اٿس!“
مُلا ٽِلو اڪثر انهن واهڻن ۾ ويندو هو، جتي مسجد جي ٻانگن کان مٿي پڙهيل ڪونه هوندو هو. جمعي ڏينهن پهچندو، نماز بعد ازخود اٿي واعظ شروع ڪري ڏيندو، پاڻ روئندو، ٻين جي اکين تائين پاڻي آڻي ڪڍندو، ان بعد جهليندو جهولي. ڪڏهن ٻه رپيا، ڪڏهن چار رپيا، ڪٿان چولو، ڪٿان چادر، ڪاٿئون ڪاسو، ڪاٿئون ٽويو، مڙئي ڪجهه نه ڪجهه پَلَوَ ۾ پايو گهر ڏانهن موٽندو هو.
هڪ دفعي ڪوڏر کڻي، گهر جي آڳيان چرا کڻڻ بيهي رهيو. ماڻهن پڇيس:
”ٽِلوُ، ڇا ٿو ڪرين؟“
”جمان [11] مسجد جوڙائيندس!“
انهيءَ ڏينهن کان پوءِ، سندس واعظن جي پڄاڻي جمان مسجد جي ذڪر سان ٿيڻ لڳي، چئي:
”او منهنجا مسلمان ڀائرو!
شيخ سادي [12] ٿو فرمائي:-
روز محشر ڪه جانگداز بود
اولـــيـــن پــرسشِ نمـــاز بـــود
ڏهاڙي محشر جي
او منهنجا ڀائرو ڪن ڏئي ٻڌو:

ڏهاڙي محشر جي، جو هوندو ڳاريندڙ جان جو!

او مٺئو، ڀائرؤ!
شيخ سادي ٿو چوي!
ڇا ٿو چئي؟
او! ڏهاڙي محشر جي، جو هوندو ڳاريندڙ جان جو!
چوي ٿو!
ٿيندو پڇاڻو اتي!
ڪاٿي؟

او ڏهاڙي محشر جي، ادا منهنجا ڀائو!
ڇا؟
اولين پرسشِ نماز بود!
ياني! (يعني)
ٿيندو پڇاڻو اتي!
منهنجا دوستئو!

ڏنهن نماز جي سڀ کان پهريون!
ڪن ڏئي ٻڌو، منهنجا ڀائرؤ!
او، ڪو معمولي ماڻهو ڪونه ٿو چوي!
شيخ سادي ٿو چوي،
وڏو وليءُ ۽ پيغمبر سائينءَ جو اصحاب سڳورو!

او منهنجا ڀائرو!
ڏنهن نماز جي.“

مولوي مولانا عبدالڪريم جيهو، ڏاڍي سوز ۽ سُرَ مان ايڏيءَ لانڍ سان وَر وَر ڏئي پيو بيت سمجهائيندو، جيئن ڀل ڄٽن [13] جي دل تي اثر ٿئي. جڏهن ڏسندو ته هاڻي تير خطا نه ويندو، ان وقت گلو گير آواز ڪري، پهلو بدلائيندو، ۽ اصل مقصد ڏانهن متوجهه ٿيندو:

”برادرانِ اسلام!
هن مسڪين!
او هن غريب!

جيڪو اوهان جي خدمت ۾ بيٺو آهي!

پنهنجي ڳوٺ جي!
سڀن مسلمانن کي!
تمام وڏِن ڪوششن سان!
نمازي بڻايو آهي!
هن مسڪين جي ڪوششن سان!
هڪ جمان مسجد به جڙي آهي!
پيٽ کي مٺيون ڏئي! ٻارن کي بـُـکان ڪاٽرائي!
پيسا گڏ ڪيا اٿم!
هاڻي!
او منهنجا ڀائرو!
باقي وڃي ڇت رهي آهي!
ان جا گاڊر به ورتا اٿم!
ڇڙيون سران رهلان آهن!
او الله جا نيڪ ٻانهؤ!
جيڪي سـَـري سگهو، سو ڏيو!“

تقريباً پنجويهه سال انهيءَ ”جمان مسيت“ جي ڇت لاءِ ملان ٽـِـلو چندو ڪندو وتيو، سوين رپيا گڏ ڪيائين، ڪيترو ان مليس، ڪـِـن ڍور ڪاهي ڏنس، ليڪن ڇت ته بجاءِ خود رهي، پر جيسين جيئرو رهيو، تيسين بنياد به ڀرجي ڪونه سگهيا! ملا ٽـِـلوءَ انهيءَ ڪمائيءَ مان مال ڌاريو، سرڪار مان سؤ کن جريب ٻني کڻت کنئي، شادي ڪئي، ٻارن ٻچن وارو به ٿيو.
هڪ دفعي ملا ٽلو، نبي بخش خان ڀٽي وٽ ويو، انهيءَ جمان مسجد جي ڇت وارِن سرن لاءِ - نبي بخش خان کي ڪيترن استادن جا هٿ لڳل هئا. هن ساڻس واعدو ڪيو ته جلد ئي سندس پنهنجو مستري اچي مسجد ڏسندو ۽ نه ڇڙو ڇت جون سران ڪٿي ايندو، بلڪ جيڪو ڪم رهيل هوندو، تنهن جي ڪٿ به ٺاهي کيس ڏيندو ۽ ان مطابق سڄو ڪم واسطي خداءِ جي پاڻ پنهنجي رازن هٿان ڪرائيندو، ملا ٽـِـلو وري نه اوڏنهن لڙي لنگهيو چئي:
”يَرَ، ڀُٽا زور آهن! دام ۾ نه اچي سگهيا!“
هڪ ڀيري سندس ڀاءُ دادوءَ کي ريچڪ اچي ويو. هٿ ۾ عصا کڻي، پٽڪي کي پڳ جي نموني تي ٻڌي، چادر ڪلهي ڪري، هڪ واهڻ جي جمان مسجد ۾ گهڙي پيو. چي،
”اسلام عليڪم و رحمة الله و برڪاتہ!
”آءٌ مولوي محمد الهداد آهيان!“
واعظ ڪري، اهو به مسجد جي نالي تي ٻه ٽي رپيا هٿ ڪري موٽي آيو. ملا ٽِلوءَ کي خبر پئي، لٺ کڻي پٺيان پيس. چي:
”ڀيڻِهان، ماتي ٿو چڙهت ڪرين؟“
اهڙيءَ طرح ملا ٽلو سڳي ڀاءُ کي به پسند نه ڪندو هو ته ڪو مسجد جي نالي تي ٻه ٽي رپيا وٺي اچي. سندس خيال هو ته جي هرڪو مسجد جي نالي تي چندا وٺندو، ته ڳالهه منجهان چسُ نڪري ويندو، يعني ماڻهو ڪڪ ٿي پوندا ۽ سمجهي ويندا ته اهو سڀ ٺڳيءَ جو ٺاهه آهي.
الغرض ملا ٽلو جيسين جيئرو رهيو، جمان مسيت جي چـَـرَن کي قائم رکندو آيو: مٽي پئجي ويندي هئي، ته ڪوڏر کڻي ڪڍي ڇڏيندو هو، ڳئون مينهون سئونڻان لاهي وينديون هيون، ته اهي يڪدم ڪڍي ڇڏيندو هو، ٻار اچي ايٽي ڏڪر کيڏندا هئا، ته انهن کي گاريون ڏئي ڊوڙائي ڪڍندو هو، چي: ”جمان مسيت جي جاءِ سڳوريءَ جي، ڀيڻهان! بي ادبي ڪيو ٿا؟“ مطلب ته جوانيءَ ۾ جامع مسجد جي بنيادن جا چرا پٽيا هئائين، لڙيءَ عمر ۾ جڏهن فوت ٿيو، تيسين انهن جي سنڀال ڪندو رهيو. ليڪن جنهن وقت فوت ٿيو، تنهن کان پوءِ انهن جي ڪنهن سنڀال ڪانه لڌي. هوڏنهن سندس لحد لـَـٽي ۽ هيڏنهن انهن بنيادن لـَـٽجڻ شروع ڪيو. ٻن ٽن ڏينهن ۾ زمين سنئين نئين ٿي وئي- ڪنهن کي هاڻي ڇت جي سرن لاءِ چندو ٿورو ئي ڪرڻو هو، جو انهن کي قائم رکن! شهر جون زائفان ته اڳ ئي انهن مان ڪڪ هيون، چي: ”مارِئي! ٽلوءَ ناحق پنهنجي پيءُ ڏاڏي جا چرا کڻي ڇڏيا آهن، رات جو ٻار ٿاٻڙجي ڪرن ٿا، وتي ماريو ڪوڙا بُستان [14] ٺاهيندو.“
انهيءَ قسم جا ”ماريا ٽلو“ به سنڌ ۾ سوين هوندا هئا، جيڪي ’جمان مسيتن‘ جا ڪوڙا بستان ٺاهيو وتندا هئا پيٽ جي باهه اُجهائيندا.

* * *

جنهن زماني ۾ جيهن واري ’جُمان مسيت‘ جي ڇت لاءِ مُلا ٽِلو وتندو هو سـِـرن جي نالي ۾ پئسا پنندو، عين انهيءَ دور ۾ ٻه ڌُريون ٻيون به ڏسڻ ۾ اينديون هيون، جن جو به ڌنڌو ذري گهٽ ساڳيو هو.
هڪ هو ٿلهو متارو، ڪرڙوڍ، دوراني پٺاڻ، جيڪو سکر جي گرمين ۾ چولو بت تان لاهي ڇڙو ڳچيءَ ۾ وجهون، هڪ هٿ ۾ وڃـِـڻو ۽ ٻئي هٿ ۾ شجرو کنيو وتندو هو صبح کان سانجهيءَ تائين در در ڦرندو. گهڙيءَ هـِـت گهڙيءَ هـُـت، ڪڏهن هـِـن وٽ. شجرو نسب جو احمد شاهه درانيءَ کان وٺي سندس نالي تائين هو، شجرو هو ڇپيل، ليڪن شاهه شجاع الملڪ کان پوءِ ان ۾ چند پيڙهيون هٿ سان لکيل هيون، جن ۾ پويون نالو سندس هو. سندس اهائي دعويٰ هئي ته پاڻ شاهه شجاع الملڪ جو تڙپوٽو آهي ۽ تنهنڪري افغانستان جي شاهي خاندان جو شهزادو آهي. اَشـَـهـَـد آڱر پيشانيءَ تي رکي، چوندو هو:
”مڙئي يـَـر تقدير آهي، نه ته ڪير در در ڌڪا کائي؟“
ساڻس دلچسپي ٿي ويئي هئي. جڏهن ايندو هو، ته جيڪي سـَـربو هو سو کيس ڏيئي ڇڏبو هو. سال گذري ويا، اڄ ڪاٿي جيئرو هوندو؟ هڪ پاڻ، هڪ پکو ۽ هڪ دوراني خاندان جو شجرو، جنهن کي هنڌان هنڌان ڪاغذ جون چـَـتيون اَٽي جي لـَـئيءَ سان لڳل هيون- ڇيٽ جي هڪ ڳوٿريءَ ۾ پيل هوندو هئس. بس اهي ٽيئي هڪٻئي جا لازم ملزوم هئا. سيارو هجي چاهي سانوڻ، ڪڏهن جدا ڪونه ٿيا. ڀانئيان اجل جي آوَه کين هڪٻئي کان جدا ڪيو هوندو ته ٺهيو، ورنه ٻئي ڪنهن کي ڪهڙي مجال!
ٻيو جوڙو هوندو هو سيد صدرالدين شاهه جو پاڻ ۾. انهن جو نعرو هو- گوري پهوڙ جو مدرسةِ السلام، ڳوٺان جڏهن ڪڏهن گڏ هلندا، جتي ويندا گڏ ويندا، هڪ در کان منهن ڪڍندو ته ٻيو پٺيان هوندس:

”اسلام عليڪم!“
”شاهه صاحب خوش آهيو؟“
”اخبار ۾ هيءَ خبر ته شايع ڪندا!“
”ڇاهي؟“
”مدرسي جي چندي لاءِ؟“
”گورو پهوڙ؟“
ڪجهه منهن تي جهـَـڪائي اچي ويندَن، جيئن ڪنهن کي شرم کان ٿئي. پوءِ ته سندن نالو ئي، ’گورو پهوڙ‘، ٿي ويو.
”ڪير آهن؟“
”گورو پهوڙ!“
”عبدالغني شاهه جن؟“
”نه ته ٻيا وري ڪير!“
”اچو سيدؤ! ڏيو خبر؟“
”شاهه صاحب، هيءَ خبر ته اخبار ۾ ڏجو، سؤ رپيا چندو مليو آهي!“
”گوري پهوڙ لاءِ؟“

هيٺ ڪنڌ ڪري ٻيئي کلي ويهندا، ڄڻ کين انهيءَ سوال تي لـڄ پئي اچي، شرم پيو وٺي. کين شايد گمان هو ته ماڻهن کي مٿن اعتبار ڪونه ٿو اچي ته ڪو هو سچ پچ خدا ڪارڻ مدرسة الاسلام گوري پهوڙ لاءِ چندو پيا ڪن.
گوري پهوڙ جي چندي ڪنهن به چرندڙ پرندڙ انسان کي ڪونه ڇڏيو. جيڪب آباد جو ميلو ٿيندو، اجهو اسٽيشن تان لٿا ٿا اچن، ڪير؟ گوري پهوڙ وارا! هڪ کي مٿي تي پڳ ۽ ڳچيءَ ۾ پوتڙو، ٻئي کي شارٽ ڪوٽ ۽ مٿي تي تـُـرڪي ٽوپي، پهريون مولوي عبدالغني شاهه ٻيو مولوي صدرالدين شاهه. لوڪل بورڊ جي ميٽنگ ٿي، الائي ڪيئن خبر پئجي ويندن، ٻيئي حاضر هوندا، ڪراچيءَ م سنڌ اسيمبلي ٿيڻ واري هوندي، ٻيئي اڳ ۾ اچي موجود ٿيندا. جِن ڇڏي ڀُوت ڇڏي، پر مولوي عبدالغني شاهه ۽ مولوي صدرالدين شاهه نه ڇڏين. هر وقت، هر مهل ۽ هر موقعي تي حاضر ناظر.
گوري پهوڙ واري مدرسي جو ڪهڙو حشر ٿيو، اها سُڌ اڄ تائين پئجي ڪانه سگهي. البت ڪيترن سالن کان سائين صدرالدين شاهه اڪيلو گهمندو پيو نظر اچي. يا ته ٻنهي جو هڪٻئي تي اعتبار نه رهيو، يا وري ماڻهن گوري پهوڙ لاءِ چندو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو. بهرحال مطلب هيءُ آهي ته - ملان ٽِلو، شهزادو دوراني، مولوي عبدالغني شاهه، ۽ سيد صدرالدين شاهه سڀيئي هڪٻئي جا همعصر هئا ۽ هم مشرب به، فقط عنوان جدا جدا هـُـيـَـن!

* * *

مولانا قمرالدين واعظ الاسلام جو قصو وچ ۾ ڇڏي، وڃي ٻين واعظن ۾ پياسين- مرحوم چوندو هو: ”وعظ جي پڇاڙيءَ ۾ هميشه شهر جي وڏي جي تعريف ڪجي ۽ ان جي ڀلائيءَ لاءِ دعا گهرجي!“
”اڙي مولانا! اهو ڪيئن؟“
”چپ ڪر! توکي ڪهڙي خبر؟“
هٿ کي ڏاڍيان زور ڏَئي، اک ڀڃي چوندو:
”ان ۾ ڪا مام آهي!“
”مولانا ٻڌاءِ!“
”يَرَ سڀئي ڳـُـرَ توکي ٻڌائي ڇڏيان؟“
”ڄڻ مان به واعظ ڪندس، جو ڊڄين ٿو!“
”چشتيءَ وارن سان جو ڳالهه ڪرين؟ اهي يـَـرَ، واعظ جون رمزان آهن!“
”ڪنجون آهن ڪنجون!!“
”نيٺ؟“
”ٻوڙ پلاءُ ڄٽ ڪٿي کارائي سگهندا؟ سٺي ماني ۽ وڳو لٽن جو وڏيري تي! تون سمجهين ٿو اسان جي دعا سبب بـِـينهان بچي ويندا؟ مڙئي ويٺو رنگ ڏس. اسان جو مطلب پنهنجي ڪم سان!“
هڪ دفعي ڊکڻن جي مسلمانن رجب مهيني ۾ کانئس واعظ ڪرايو. مرحوم محمد پناهه خان ڊکڻ جلسي جو صدر ٿيو، ۽ مان به سندس پاسو وٺي وڃي ويهي رهيس. مولانا پاڻ به رُنو ٿي ۽ ماڻهن کي به رُئاريائين ٿي. جلسو ڏاڍو ڪامياب ٿيو. آخر ۾ چيائين:
”ادا ڀائو، هٿ مٿي کڻو!
”محمد پناهه خان کي الله وڏي حياتي ڏئي!
”سندس پٽڙي مان گنج ٿين!
”ان کي رب وڏي ڄمار ڏئي!
”ان مان شل ڪيچ ٿين!
”اي مسلمان ڀائرو!
”اهو سڀ ڇو؟
”اڄ رات هـِـنَ بندي کي ٻوڙ پلاءَ کارائيندو!“
سڀني ماڻهن کان ٽهڪڙا نڪري ويا. اهڙيءَ طرح سڀن کي کلائي، ٽهڪ ڏياري، دِلِينُ تان روئڻ واري ڪڻس لاهي، سڀني کي گهر ڏانهن اماڻيائين.
”ڏٺئي پير، ڪيئن ڄٽن کي رُئاريم؟ ير، مڃيندو ناهين پير!“ جڏهن محمد پناهه خان جي بنگلي تي اچي مولانا ٻـَـئي ڄنگهان ڪرسيءَ تي رکي اوڪڙو ٿي ويٺو، تڏهن چيائين.
اڃا به ڪجهه کـُـلي ها، ليڪن محمد پناهه خان مرحوم جي پلاءَ، چاشنيءَ ۽ ڀوني سندس توجهه پاڻڏاهن ڇڪي ورتو.

* * *

هڪ دفعي سکر ضلعي ۾ هڪ هنڌ جلسو هو. واعظ هو پير پرستيءَ جي خلاف ۽ قبرپرستيءَ جي مخالفت ۾. ڪيترا علماءَ سڳورا اچي گڏ ٿيا هئا. انهيءَ ڳوٺ جي ويجهو هڪ وڏي درگاهه هئي، جنهن جي سجاده نشين جلسي ڦٽائڻ جو پـَـههُ پچايو هو. مولوي صاحبن کي اها خبر ڪانه هئي. مولانا قمرالدين جو قول آهي ته گرمين جي موسم هئي- سانجهيءَ جي نماز بعد، ٿاڌل پاڻي ڪري، ٺَري ٺُري مس واعظ تي اٿيا هئاسين، اڃا پهريائين جهاڪي جي صلواة شريف پڙهائي، مولانا قمرالدين روميءَ جي هڪ شعر جي معنيٰ ڪندي، پاڻ به روئي رهيو هو ته جلسي کي به روئاري رهيو هو، عين انهيءَ وقت مخالفن جو هڪ انبوهه ڪهاڙيون، لٺيون ۽ لوڙهيون کڻي، اچي مسجد شريف پهتو، مولانا چوندو هو ته ان کان پوءِ هڪ ڌوڙ ڌڪاءُ ٿي ويو، ڄڻ قيامت اچي وئي، ڪنهن کي خبر ڪانه هئي، هرڪو جان بچائي وٺي ڀڳو، مولانا پاڻ مسجد جي هڪ دريءَ مان گهـُـتَ هڻي، سڌو وي هڪ ڪـَـنڊيءَ جي وڻ تي چڙهيو. چوندو هو:
”پير! سڄي رات ڪنڊيءَ جي چوٽيءَ تي ويٺو رهيس ۽ مڇرن ۾ پٽبو رهيس.“ صبح جو جڏهن پوليس اچي واردات تي پهتي، تڏهن مولوي صاحب هيٺ لهڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن ڪنڊيءَ ۾ ڪنڊا ايترا هئا، جو مولانا لهي نه سگهيو. آخر جڏهن وڻ ڇانگيو ويو، تڏهن مولانا هيٺ آيو.
”مولانا! پوءِ چڙهئين ڪيئن؟“
”يَرَ، ڏاڍو زوراور آهين! مڙئي دٻ، دٻ ۾ خبر ئي نه پئي! ان وقت ڪنڊن جو ڪنهن کي سماءُ ٿي پيو؟ پر اڃا ٻـُـڌُ ته سهي! ٻڌ ته سهي!!...“
هٿ کي تمام ڏاڍيان زور ڏئي، اک هڻي چيائين:
”اڃا ٻي ڳالهه ته ٻڌ! تون ڪنڊيءَ جو ٿو پڇين؟ هوءَ مسجد جي دريءَ جي ته ٻڌ!“
صبح جو جڏهن پوليس جاچ شروع ڪئي ته مولانا پنهنجو بيان ڏيندي ٻڌايو ته:
”مان مسجد جي هـِـنَ دريءَ مان ٽپي ٻاهر نه وڃان ها، ته مون کي به ڪهاڙيون لڳن ها!“
پوليس چيس ته ”مولانا صاحب، دريءَ مان ٻاهر نڪري ڏيکاريو“ مولانا هو بت جو تمام ڀريل، ۽ دري هئي بلڪل ننڍي. پوليس حيرت ۾ هئي ته هـِـنَ مان مولانا ڪيئن ٻاهر نڪتو! واقعي، مولانا به حيلا هلائي بيٺو، ليڪن ٻاهر نڪري نه سگهيو ۽ منهن ورائي ڊپٽي سپريڊنٽ کي چيائين:
”مڙئي صاحب، موچڙا! ان مان اندازو ڪيو ته رات ڇا ٿي گذريو آهي!“ ڀَوَ ۽ خوف ۾ مولانا جو بدن ايترو نرم ٿي ويو، جو کيس ننڍيءَ وڏيءَ دريءَ جي به خبر ڪانه پئي، ڌو دريءَ مان سڌو وڃي ڪنڊيءَ جي چوٽيءَ تي پهتو! مولانا کلي چوندو هو:
”ير، علماءِ ڪرام جي جـُـتيءَ کي به جـُـتڙي نه سڏجي! ڏٺئي ڪيڏي نه اسان سـُـنهارن جي شان ۾ گستاخي ٿي چڪي؟“
”مولانا وري انهيءَ طرف وڃبو؟“
”توبهه ڪر توبهه! ها! ها!! ها!!!“
مرحوم زور زور جا ٽهڪ ڏئي وٺي کلندو هو، ۽ جڏهن مولانا چشتيءَ ۽ مولانا محمد هاشم سان جيڪا واردات ٿي گذري، ان جا قصا پنهنجي خاص انداز ۾ بيان ڪندو هو، تڏهن کلندي پيٽن ۾ سور پئجي ويندا هئا!
وفات کان اڳ مولانا ٻه - ٽي مهينا بيمار هو. مان کانئس مزاج پرسي ڪرڻ ويس. عصا ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ۾ اُڀي ٿي پئي هئي، ديوار ۾ ڪلي لڳل هئي، جنهن ۾ مولانا جي دستار سڳوري ٽنگي پئي هئي، مولانا پاڻ بستري داخل هو. بيماريءَ پاهه ڪري ڇڏيو هوس، ليڪن منهن تي اُهائي مشڪ، طبيعت جي اُهائي خوش مزاجي. چي:
”پير، ڏي خبر رجبيءَ تي ويو هئين؟ مولانا چشتي آيو هو؟ قسم ٿي رب جو يَرَ، سچ چئه!“
”...........“
”ايترو مِليُن؟“
گوڏن تي هٿ هڻي چوڻ لڳو:
”هاءِ ڙي نڀاڳي بيماري! نرهه ڪري رکيئي.“
مولانا نه حياتيءَ مان آسرو لاٿو هو ۽ نه کيس اهوئي گمان هو ته ڪو اجل اڄ- سڀنهه اچي رهيو آهي. کلي ڳالهائي، ڀوڳ چرچا ڪري، کانئس موڪلايم. اڃا ٻه - ٽي ڏينهن مس گذريا، ته هڪ ڏينهن ”الوحيد“ ۾ آيو:
حضرت واعظ الاسلام جو الوداع![15]
سوچيم يَرَ ڪهڙا ماڻهو پيا اٿندا وڃن! پر اوڏنهن به ته چڱن جي ئي گهرج آهي.


________________
[1] يعني خاص موقعن تي استعمال ڪرڻ لاءِ رکيل شيءِ.
[2] هيءَ نعت قدسي مشهديءَ جي نالي تي مشهور آهي، ليڪن درحقيقت اها قدسي دهلويءَ جي چيل آهي (ڏسو معارف ڊسمبر 1976) ”حديث قدسي“ ۽ ”صحيفہء قدسي“ جي نالي سان ٻه مجموعه ڇپيل آهن، جن ۾ 119 اردو، فارسي ۽ عربي شاعرن جون تضمينون شامل آهن.
[3] اڻ لڳل ڳئون.
[4] منگِن جو شهر تعلقي ڳڙهيءَ جي انهيءَ آخري اولاهين حصي ۾ آهي، جيڪو رتيديري تعلقي سان ملي ٿو، منهنجي ڳوٺ کان اتر طرف تقريباً 5 ميل کن پري. منگي قوم اتي ويٺل آهي، جنهنڪري اهو نالو پيو اٿس. اتان جو زميندار فقير محمد پريل منگي وڏي ڌاڪي وارو ۽ سخي ٿي گذريو آهي. مهمان نوازيءَ ۾ سندس ثاني مشڪل سان ڪو ملندو: جيڪو اچي اوطاقي ٿيندو، ان کي گهران ماني پاڻ کڻي آڻي ڏيندو، هٿ ڌوئاريندو، پاڻي ڏيندو، ۽ نوڪرن وانگر بيهي چاڪري ڏيندو. اڄ کان ٽيهه ورهيه اڳ فوت ٿيو. مان گهڻو ڏٺو. سندس فرزند فقير محمد حسن منگي موجود آهي، ساڳيون پنهنجي والد واريون خصلتون، شرافت ۽ نيڪ نفسيءَ جي مٿس حد آهي. مولانا پاڻ به منگي هو، ۽ سندن مائٽ. مولانا جي سڪونت سبب ”منگِن جو ڳوٺ“ ’منگي شريف‘ ٿي پيو. ڏورانهان ماڻهو جڏهن مولوي صاحب ڏانهن دعوت موڪليندا هئا ته لفافي تي ’منگي شريف‘ لکندا هئا.
[5] ”پيغام“ هفتيوار پنهنجي هيس، خان بهادر الهه بخش شهيد کيس ”آزاد“ اخبار جو ڪراچيءَ ۾ ايڊيٽر ڪيو.
[6] آءٌ ”تاريخي ڪانفرنس“ ۾ پشاور ويو هوس، موٽي آيس ته مولانا جو هيٺيون خط رکيو هو:
”18-3-1964ع، سائين! سلام!! مثانه ۾ غدود آهي، پيشاب ۽ پاخانه ۾ شدت جي تنگي آهي، ٻه - ٽي سال تڪليف ۾ گذريا آهن، تمام ڪمزور ٿي پيو آهيان. سوين علاج ڪيم ۽ سيون هڻايم، ته به صحت حاصل نه ٿي آهي، لاچار 19- مارچ سول اسپتال شڪارپور ۾ داخل ٿو ٿيان. 21- مارچ بروز ڇنڇر صبح جو آپريشن ٿو ڪرايان. دعا جي ضرورت آهي، دعا ڪندا رهندا، دعا کان نه وساريندا. هن طرف اچو ته ديدار ڪرائيندا. خاص تڪليف وٺي، وڏي سائينءَ ڏي سڀ احوال جلد لکندا. عبدالڪريم چشتي.“
آءٌ پهرين اپريل تي جيئن ڪراچيءَ پهتس تيئن هيٺيون خط مولانا ڏانهن لکي رکيم:
”پهرين اپريل 1964ع - سائين! اڄ پشاور کان موٽي هتي پهتو آهيان، خط رکيو هو، پڙهي پريشاني ٿي. خدا خير ڪيو هوندو. آپريشن ڪامياب ٿي ويو هوندو. مهرباني ڪري ورندڙ ٽپال ۾ لکي موڪليندا. مان ممڪن آهي ته جلد اچان. والسلام اوهان جو حسام الدين.“
خط شام جو لکي رکيم، صبح جو جيئن اخبارون آيون ته حضرت مولانا جي رحلت جي خبر پئي. خط رکيو رهيو، مولانا ته موڪلاڻي ڪري هليو ويو.
لنگهي ملڪ ملير جو، ويا پـَـرئين ڏيهه پنهوار!
[7] سنڌ ۾ پنهنجي نڪاح ٻـَـڌِن عورتن کان علاوه غير عورتون ويهارڻ به وڏ ماڻهپ ۽ سورهيائيءَ جو نشان سمجهيو ويندو هو. زياده تر اها عادت پيرن، سجاده نشينن ۽ زميندارن وِڌي، جتان خليفن ۽ ڪامـِـن ڪمدارن ۾ به رائج ٿي، ۽ انهن وٽان عام طبقي ۾ اها مذموم حرڪت شروع ٿي. اهڙن ويهاريل عورتن کي مختلف نالن سان سڏبو هو:
1- سريت چئبو هو پيرن ۽ سجاده نشينن جي ويهاريلن کي، دراصل اهو اکر عربي ”سُريه“ مان آهي، جنهن جي معنيٰ آهي اها ٻانهي، جنهن کي مالڪ پنهنجي ”صحبت“ لاءِ مخصوص ڪيو هجي. انهن سريتن مان پيرن، سيدن ۽ سجادن کي ڪافي اولاد ٿيو، اُن جي الڳ الڳ نتيجن سبب سندن خاندان برباد ٿي ويا ۽ نسل خراب ٿي ويا. پير جنهن عورت کي ڀڄائيندا هئا، اها وري مالڪن کي موٽي ڪانه ملندي هئي، ڇاڪاڻ ته اها سيد جي ٿي ويئي هئي، يعني نقل ڪفر ڪفر نباشد، انهيءَ کي نعوذبالله، نبيءَ جي نـُـنهن سمجهيو ويندو هو، ۽ اها پوءِ نه مائٽن جي ڪتب اچڻ جهڙي هوندي هئي ۽ نه ڪنهن ’اُمتيءَ‘ جي نڪاح ۾ اچڻ لائق.
2- سينڌي ان کي چئبو هو، جنهن کي ڪو وڏو ماڻهو يا وڏيرو ويهاريندو هو.
3- يار وڏيرن جي ويهاريل کي به چئبو هو، ان جي تصغير ڪري ‘يارڙي’ چيو ويندو هو ڪمدارن ۽ ڪامِن جي ويهاريل کي.
4- ساهيڙي خليفن ۽ پيرن جي ملازمن جي ويهاريل کي.
اهي عورتون گهڻو ڪري ٻين جون نڪاح ٻڌيون ٿينديون هيون، ليڪن غريبن کي ساهه نه ٿيندو هو، جو اُڏو اچي سگهن. پير گهڻو ڪري مريدياڻين سان صحبت ڪندا هئا ۽ انهن مان ئي سريتان ڪندا هئا، ڀڄائيندا به اڪثر مريدن جون نياڻيون ۽ انهن جون زالون هئا.
[8] مولانا محمد سومر ڊکڻن جو ويٺل، نهايت متقي ۽ خدا جو نيڪ ٻانهو. سموري عمر درس ڏيندي گذاريائين. منهنجي والد مرحوم به وٽس عربي فارسي پڙهي ۽ منهنجي ڀاءُ راشدي صاحب به عربي، فارسي خواه سنڌي وٽس پرائي. اسان جي تـَـرَ ۾ گهڻو ڪري سڀئي سندس شاگرد هئا. مولوي يار محمد سومرو، ۽ ٻيا ڪيترا بزرگ سندس شاگرد هئا.
[9] ۽
[10] واعظ ۽ اثر لاءِ ٻهراڙيءَ جو اُچار.
[11] ”جامع مسجد“ جو دهقاني اُچار.
[12] ”سعدي“، اُچار اهڙي نموني ڪندو هو.
[13] اهو اصطلاح مرحوم ”وعظ الاسلام“ جو هو.
[14] اردوءَ ۾ انهيءَ محاوري جو ترجمو آهي: ”سبز باغ دکانا“.
[15] مولانا جي رحلت 7 وڳي شام جو تاريخ 4 شوال 1371 هه بروز جمعه مطابق 27 جون 1952ع جو ٿي. انالله و اناعليہ راجعون!

6

محبت جي مهراڻ مان، جي ملا! چاش چـَـکين
ته ڪـَـنز قدوري ڪافيا، پڙهين ڪين لـَـکين
رحل سڀ سـَـٽين، ملا مسجد ڪنڊ ۾

- سچل


مذهبي جلسن، واعظن ۽ چند عالمن جو مٿي قصو اچي چڪو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ دل گهري ٿي ته جيڪر ذڪر هيٺ آيل دور ۾ سنڌ اندر جيڪي مذهبي تحريڪون هيون، انهن جو به ٿورو گهڻو احوال آڻي ڇڏجي ته غير موزون ۽ نامناسب نه ٿيندو. ڪنهن شاعر چيو آهي:

حسن جذباتي هــي اور عشق خراباتي هــي
بات ســي بات نڪلتي هي چلي آتي هــي،

سو تنهن وانگر داستان مان داستان، قصي مان قصو، تـُـڪ سان تُڪ پئي ملندي اچي ۽ ڳالهه مان ڳالهه مڙئي پئي نڪرندي اچي. ڏسون قصو ڪٿي ٿو وڃي دنگ ڪري.
سنڌ ۾ اصل ته مذهبي جهڳڙا هئائي ڪونه، عقائدن جا اختلاف البت هئا، ليڪن سڀن کي دل ۾. ڪو ڪنهن جي پٺيان ڪونه، ڪنهن کي ڪانه پـَـئي هئي، جو ٻئي جي عقيدن تي حملا ڪري، مناظرن جا ميدان کڙا ڪري، ۽ مذهبي مناقشن ۽ مباحثن جي بازار گرم ڪري. سنڌ جا ٽالپر حاڪم خود شيعا هئا، ليڪن ڪڏهن هنن پنهنجي عقيدن جي اشاعت ڪانه ڪئي. زور زبردستي، تعصب ۽ تنگدلي اصل ڪانه، هرڪو ريان کيان، سڀني جي ڀائپي ۽ برادري. اسان وٽ مذهب معاش جو ذريعو ڪونه هو، نه اسان ان کي بازار جو وکر سمجهي دڪان سينگاريا هئا. اسان ان کي دنيا ۽ عاقبت جو وسيلو ڄاتو هو، ۽ ان کي انهيءَ لاءِ سيني سان لايون وتياسي ته انهيءَ جي ذريعي اسان جي هيءَ دنيا به سڌرندي ۽ آخري دنيا جو به اوجر ٿيندو. اسان جو مذهب سادو، ساديون ان جون ڳالهيون، نه وڪڙ نه ور، ۽ نه پيچ ۽ نـُـڪتو، ڦند نه ڦير، نه سؤ بت نه سؤ خدا. هڪ خدا، هڪ رسول، بس ٿيو ڀلو. وڌ ۾ وڌ ته معمولي مسئلا مسائل يا الله ۽ رسول جي واکاڻ، تنهن لاءِ صبح کان شام تائين اسان جي عالمن سڳورن جي مجلس ئي کوڙ هئي. سندن سڄي اٿي ويٺي ئي قال الله وقال الرسول هئي، پوءِ ڇاجا جهڳڙا، ڇاجا مناظرا، ڇاجا وير ۽ ڇاجا وڍ؟ هرڪو پنهنجي حال تي مست، هرڪو پنهنجي قال تي قائم.
اسان وٽ گذريل صديءَ جي آخر ۾ هندستان جي مذهبي تحريڪن ۽ مذهبي گروهه بندين جو اثر پيو، ورنه انهيءَ کان اڳ هو هميشه سنڌ جي علمي اثر هيٺ رهيا، حديث جي سَنَدَ جا جيڪي به سلسلا هندستان جي اندر موجود آهن، چاهي شاهه ولي الله هجي چاهي صديق حسن خان هجي، سڀن جي سلسلي ۾ جيڪا مکيه ڪڙي هوندي، ان تي ضرور ڪنهن نه ڪنهن سنڌي عالم جو ٺپو لڳل هوندو، پوءِ ابوالحسن ڪبير هجي چاهي صغير، محمد حيات هجي چاهي عبدالله ۽ رحمت الله، بهرحال ڪونه ڪو سنڌي لازماً موجود هوندو.
انگريزن پنهنجي تسلط بعد جڏهن ڄاڻي واڻي هندستان جي مسلمانن سان گڏ اسان سنڌي مسلمانن کي به زبون رکڻ گهريو، تڏهن جتي اسان وٽان ثروت وئي، اقبال مندي وئي، ملڪ ۽ ملڪ جي واڳ وئي، اتي اسان جي گهرن مان، اسان جي اوطاقن مان، اسان جي مدرسن ۽ اسان جي مسجدن مان علم جي روشني به اجهامي وئي. اقتصادي طرح هڪ ڪرايائين اسان تي هندوءَ جو قبضو، ۽ انهن پنجابين جو جيڪي ساڻس وفادار هئا ۽ سندس فوج جي زيب ۽ زينت هئا، ٻيو سڄيءَ قوم کي ڪڙي ڇڏيائين انهن ڳاڻون نوابن، جاگيردارن ۽ زميندارن جي غلاميءَ ۾، جن کي هن سنڌ ۾ بي انداز زمين ڏئي، خدا جي ڌرتيءَ جو ڪردگار ڪري ڇڏيو هو. جڏهن اهي سڀئي عقوبتون اسان سان ٿيون، تڏهن انهن جي نتيجن طور جيڪي شگوفا نڪتا، انهن مان هڪ اهو به ٿيو، جو اسان مان مذهب جو سچو روح فوت ٿي ويو ۽ اسان جا عقيدا ائين تزلزل ۾ اچي ويا، جيئن هوا جي جهوٽي تي وڻ جون ڪمزور شاخون پيون هيڏي هوڏي لوڏا کائين، ۽ ڪٿي به هڪ هنڌ تي پاڻ جهلي نه سگهن. عين اهڙيءَ حالت ۾ اسان تي سياسي هجي خواهه مذهبي، هر انهيءَ تحريڪ جو اثر ٿيڻ لڳو، جيڪا هندستان اندر يا پنجاب اندر شروع ٿي. اهي تحريڪون افرادن ڪهڙن ذاتي يا اجتماعي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ کڙيون ڪيون، انهن جي تهه ۾ قومي غرض غايت هئا يا انفرادي خود غرضيون، اهڙي ڪنهن به نقطي تي سوچڻ ۽ غور ڪرڻ کان سواءِ اسان پنهنجي ڏاڙهي ٻين جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيسي. اسان کي فائدو ڪو جزوي ٿيو، ليڪن نقصان اهو پهتو، جو اسان پنهنجي قومي انفراديت يا قومي وقار، جيڪو هن وقت تائين جداگانه قائم رکيون ٿي آياسي، تنهن کي ٻين ۾ جذب ڪري پنهنجي اصليت وڃائي ويٺاسين، ۽ اسان مان خودشناسيءَ وارو جذبو ختم ٿي ويو. انهن ئي غلطين جا نتيجا اسان اڄ تائين پيا ڀوڳيون ۽ خبر نه آهي ته اڃا اڳتي ڪيتري لوڙ لوڙينداسين.
غدر کان پوءِ جڏهن هندستاني مسلمان تي زوال آيو ۽ ان جا به افعال بگڙيا، تڏهن هن واندڪائيءَ جي ورونهه خاطر مذهب سان راند کيڏي، پنهنجو روح ريجهائڻ شروع ڪيو. سـُـني وهابي[1]، مقلد غير مقلد، شيعه سـُـني، تبرا ۽ مدح صحابه، ديوبندي بريلوي، اهل قرآن ۽ اهل حديث، علماءِ ڪرام ۽ علماءِ سوءِ، اِهي هئا اُهي فتنا، جيڪي هندستان جي زوال پذير مسلمان شروع ته ڪيا هئا دل وندرائڻ خاطر، ليڪن ان مان ايڏو مَمَڻُ مَتو ۽ ايترو خُلَمُ ٻريو، جو ان جي باهه اندر سارو هندستان وڪوڙجي ويو. گهر گهر، محلي محلي، شهر شهر، ۽ صوبي صوبي ۾ حسد، بغض، عناد پيدا ٿيو ۽ مناظرا ۽ مناقشا کڙا ٿي ويا.
انهن تحريڪن جا وڏا مرڪز هئا بريلي، ديوبند، سهارنپور، ٿانه ڀون، لکنو ۽ امرتسر. بريليءَ جو مولوي احمد رضا خان، ديوبند جو مولانا محمد قاسم نانوتوي ۽ سندس هم مشرب، ٿانه ڀون جو مولانا محمد اشرف علي صاحب، سهارنپور جا ڪي عالم سڳورا ۽ لکنو جا فرنگي محلي بزرگ ۽ اتنهن جا سني شيعا، ۽ امرتسر جو مولانا ثناءَ لله، جنهن جي اخبار هئي ”الحديث“ ۽ جنهن جا هم عقيده هئا مولانا دائود غزنوي ۽ مولوي اسماعيل غزنويءَ وارا، اهي سڀ بزرگ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي لک لهندا هئا، ليڪن وڏو ٻارڻ بريليءَ جي عالمن ٻاري ڇڏيو هو. ڪفر سازيءَ جي ڪارخاني مان ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تي ٺڪ ڪفر جي فتويٰ، ڪنهن ڪـُـڇيو ناهي ۽ ڪافر ٿيو ناهي! انهيءَ ڪفرسازيءَ جو دائرو هندستان کان نڪري، نجد جي سرزمين تائين به وڃي پهتو هو. جـِـئرن تي ته جلهون رهيون، ليڪن مئن کي به قبر ۾ آرام سان سمهڻ ڪونه ٿي ڏنائون. انهيءَ قسم جي بزرگن راهه رباني ورتي، ورنه اڳين پوين کي ڪافر بڻائي بيهي رهن ها. مولانا اشرف علي صوفي ماڻهو هو، تنهن زيادهه توجهه پيريءَ مريديءَ تي رکيو. اهڙيءَ طرح مولانا مرحوم قاسم نانوتوي ديوبند جو مدرسو قائم ڪري پنهنجي مشرب جو پرچار شروع ڪيو. البت مولوي ثناءَ الله امرتسري ڀـَـڙُ هو. اخبار ”الحديث“، چوپڙن، خواه منظرن ۽ مجادلن جي ذريعي، هن واهه جو پنهنجي عقيدن جي بازار گرم رکي، ۽ واهه جو هن بريلوِن يعني مقلدن جا ڇوڏا لاٿا! سڄي زندگي انهيءَ ڌنڌي ۾ ختم ڪيائين. پير پرستي، قبر پرستي، ٻيءَ معنيٰ ۾ جيڪا بت پرستي هندي مسلمانن ۾ تنزل کان پوءِ، ذهني پستيءَ ٿيڻ ڪري ۽ سندس روحاني صحت مندي [2] ختم ٿيڻ سبب، پيدا ٿي هئي، ان کي ختم ڪرڻ ۾ هن وڏو جهاد ڪيو. خدا مٿس رحمت ڪري ۽ کيس جزاءِ خير ڏئي! اهڙي مومن جو امرت سر ۾ پيدا ٿيڻ واقعي هڪ معجزو هو.
جڏهن هندستان ۾ انهيءَ قسم جا مذهبي اختلاف پيدا ٿيا، ۽ چئن ئي طرفن کان مولوي موراڻا اٿي کڙا ٿيا، ان وقت مذهب جتي فساد ۽ بغض عناد جو سبب بڻيو، اتي معاش پيدا ڪرڻ جو ذريعو به پيدا ٿي پيو. چندا چـُـوريون، نذر نياز، خرچ پکا، ڪرايا راهه خرچ، جلسا جلوس، مناظرا ۽ مباحثا، مطلب ته سوين رستا پئسن پيدا ڪرڻ جا کلي پيا، ۽ ڪن لاءِ ته مذهب اصل مستقل طرح ذريعو آمدنيءَ جو بڻجي پيو ۽ هنن واه جو جاوا ڪري پنهنجي زندگي ٺَٺَ سان گذاري. سندن اهو ٺٺ ٺانگر حقيقت ۾ اٻوجهه عوام جي جهالت ۽ حماقت تي هڪ مسخري، هڪ طنز ۽ هڪ تمسخر هو، پر افسوس جو ان کي ڪو پروڙي ڪونه سگهيو.

سنڌ به هندستان ۾ پيدا ٿيل انهن تحريڪن مان ڪِي قدر متاثر ٿي، جنهن جا ٻه سبب هئا:

(1) هندستاني اخبارن جو مطالعو.
(2) ديوبند مان پڙهي آيل شاگرد.

تنهن هوندي به سني - شيعن جو تنازعو هتي ڪونه هو، نه تبرو نه مدح صحابه. جڏهن لکنو ۾ مسلمانن هڪٻئي جا گريبان ڇيهون ڇيهون ڪيا، ان وقت به هتي ڪو اثر ڪونه ٿيو، بلڪ انهيءَ زماني ۾ به سنڌ اندر سني خواه شيعا ڀاڪر وجهون گڏ گهمندا وتيا. هتي سنين هميشہ شيعن سان هڪجهڙو سلوڪ پئي ڪيو آهي. ٻـَـئي ڌريون کنڊ کير پئي رهيون آهن، بلڪ تعزين جي جلوس واري جـِـلو ۾ جيڪي رنگينيون هونديون هيون، انهن ۾ سني نوجوان به برابر جا ڀاڱي ڀائيوار رهيا.
ڪفربازي ۽ ڪفرسازي به هتي ڪانه هئي، ۽ نه علماءِ ڪرام هڪٻئي جي ريش مبارڪن ۾ هٿ وجهون ويٺا هئا. عقيدن جي اختلاف هتي ايترو ممڻ ڪونه مچايو، جو ان ۾ سڄي سنڌ سلهاڙجي وڃي. ٿورو گهڻو اختلاف، اهو به مقامي دائري کان ٻاهر اصل نه نڪرندو. هتان جا عالم سڳورا ڪي هروڀرو سڀئي اصحابي به ڪونه هئا. منجهن هم - پيشگيءَ جو حسد ۽ تنهنڪري ذاتي ضد ضرور هو، ليڪن اهو نه برملا ٿيو نه پڌر پيو. شان علم جو هر حالت ۾ هو قائم رکندا آيا، چاهي ان ڪري پنهنجي نفس تي هنن کي ڪيترو به ضابطو ڪرڻو پيو.
هتي ٿورو گهڻو سنين ۽ وهابين جو چلتو ٿيو، جنهن کي هڪ ته سنڌ جي پير پرستيءَ ۽ پيرن ۽ سجادن جي بداعماليءَ وڌڻ جو وجهه ڏنو ۽ ٻيو چند اُنهن شاگردن جيڪي ديوبند مان پڳون ٻڌي موٽي ماڳين آيا هئا. ليڪن اهو هنگامو به گهڻي تائين هلي ڪونه سگهيو. ٿوري گهڻي ”تون ڇا! تون ڇا!“ ٿي، تنهن کان پوءِ هرڪو ٺـَـري ويهي رهيو، عوام دلچسپي ڪانه ورتي- سندن پـُـٺـِـي جو ڪنهن نه ٺپي، ازانسواءِ چندي چـُـوريءَ جو به اميد آسرو جو اصل ڪونه رهيو!
سنين ۽ وهابين جي اختلاف جا فقط ٻه مضحڪه انگيز واقعا مون کي ياد آهن جن جي حيثيت لطيفي کان مٿي ڪانه آهي، ۽ هتي بيان ڪرڻ منجهان منهنجو مطلب به اهو آهي ته يڪي خشڪ مضمون کان پوءِ انهن کي ٻـُـڌي طبيعتن ۾ ٿوري گهڻي شگفتگي پيدا ٿئي، جيئن اڳتي وري تازا توانا ٿي وک وڌايون.

* * *

”سنڌ زميندار“ ۾ نظر علي خان ۽ مان چانورن جي مٿان هـُـرٻي پالڪ جي خودساختي ڀاڄي پرٽي، ويٺي گرهن کي ڳِٿو [3] ته اوچتو هـُـلُ ٿي ويو:
”تم ڪافر هو!“
”تم ڪافر ابن ڪافر هو!“
”تمهاري سات پشتين ڪافر هين!“
”تمهاري سو پشتين ملحد، زنديق اور ڪافر هين!“
درکولي جو ڏسون ته مدرسه بورڊنگ هائوس ۽ پريس جي ديوار وچ ۾ جيڪو رستو هو، ان تي عاليشان اسلامي جلسو آهي. ٻه عالم سڳورا هڪ ئي اسٽيج تي چڙهيا بيٺا هڪٻئي کي ڪافر، ملحد ۽ زنديق سڏِن.
منجهانِ هڪ هو مولوي عبدالله پنجابي گام حاطي واريءَ مسجد جو پيش امام ۽ عقيدن جو ڪـَـٽر وهابي، ۽ ٻيو هو حافظ مولانا مولوي محمد حبيب الله. هئا ٻئي عالم ڪونه، پر سکر جي درزين ٻنهي کي پڇ ٻڌي مهري ڪيو هو. پهريون صاحب سڪي سازيءَ ۾ پنجاب اندر جيل ڪاٽي، ملڪ ڇڏي، اچي سکر جي گام حاطي واريءَ مسجد جو پيش امام ٿيو هو، جيڪا سکر جي پنجابي پوليس وارن چندا ڪري ٺهرائي هئي ۽ اڄ تائين موجود آهي. ٻيو اصل ته هو ويٺل چڪ ڀرڪڻ جي ڀڪ جو ۽ نج سنڌي، ليڪن اوچتو گهر کان نڪري ڪنهن سانگي بهاني وڃي مصر پهتو. اتي غالباً حبيب الله بڻيو. جڏهن سالن پڄاڻا موٽي ماڳ تي آيو، تڏهن ترڪي ٽوپي مٿي تي، ڪارو چشمو اکين تي، ۽ ٽرڪش ڪوٽ بت تي، لڪڻ هٿ ۾، چي، حضرت الحاج مولانا مولوي حافظ [4] محمد حبيب الله فارغ - التحصيل جامع ازهر دارالالسلام مصر. پنهنجي مادري زبان اگرچه ياد هيس، ليڪن ان ۾ تڪلم فرمائڻ عالمانه نقطہِ نگاه سبب ڪسرشان تصور [5] ڪندو هو، تنهنڪري عربي مخرج سان اردوءَ ۾ ارشاد ڪندو هو. سکر جا درزي جيڪي اصل ۾ ڪوري هئا، سي به ڏينهن کان ٻاڙيا ويٺا هئا [6]. انهن، جو اهڙو شاندار ماڻهو ڏٺو، جنهن جو ڳالهائڻ به اهڙو ڄڻ قرات سان قرآن جو ٿو دئونر[7] ڪري، سو هنن سندس خوراڪ پوشاڪ ۽ رهڻ ڪرڻ جا سڄا خرچ پکا پاڻ تي هموار ڪري، وٺي ڪيائون واعظ ڪرائڻ شروع. حضرت مولانا جن پنهنجن واعظن ۾ پيرپرستيءَ، قبرپرستيءَ، پيريءَ مريديءَ ۽ انهن عقيدن جي ٻين سڀني لوازمن کي خوب ساراهڻ شروع ڪيو. هڪ ته درزين جي دل وَٽـَـئـُـون اِهي ڳالهيون هيون، ٻيو خود مولوي صاحب جي آئنده گذر گذران جو به انحصار انهن عقيدن جي استواريءَ تي هو، جنهنڪري محلي محلي ۾ هن ٻارڻ ٻاري ڏنو. انهن عقيدن جو سڄو الزام حضور جن جي ذات پاڪ تي، پيرپرستيءَ ۽ ڪرامتن جو سڄو سلسلہ نسب حديث شريف تي، سڄا دليل قرآن مان ۽ سمورو بار اسلام تي! جڏهن مخالف عقيدي وارن کي اهي آواز پهتا، تڏهن کين ٻيو ته سرِ دست ڪو عالم سڳورو هٿ ڪونه چڙهيو، سڌو مولوي عبدالله کي وٺي اچي اسٽيج تي بيهاريائون. بس سکر ۾ هڪ رؤنشو مچي ويو. جواب سوال، سوال جواب، ڪيترا ڏينهن ته پئي غائبانه هڪٻئي تي جلهون ٿيون! آخر آواز اٿيو:
”مرد ڪا بچه هــي تو ميدان ۾ ڪيون نهين آتا؟“
بس ٻنهي ڌرين ملاکڙي جو ميدان انهيءَ جاءِ تي ڪيو، جتي جو ذڪر ابتدا ۾ ڪري چڪا آهيون. مناظري جو عنوان هو ته:
رسول ڪريم جن کي شفاعت جي اجازت مليل آهي يا قيامت واري ڏينهن وٺڻي پوندي؟
مولوي عبدالله وارن جو چوڻ هو ته ’قيامت جي ڏينهن بارگاهه ايزديءَ مان رسمي طرح اجازت وٺڻي ضروي آهي.‘ مولوي حبيب الله جو فرمائڻ هو ته ’انهيءَ اجازت جي ضرورت نه آهي، حضور جن پاڻ مختار ڪل آهن.‘ انهيءَ عنوان طيءِ ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي علمائن سڳورن جي وچ ۾ عربي زبان ۾ پهريون لکپڙهه هلي هئي، جنهن کان پوءِ اهو عنوان ۽ مناظري جا قاعدا ۽ ضابطا مقرر ڪيا ويا.
ٻنهي جماعتن پنهنجا طرفدار لـَـٺـِـن ۽ لڪڻ سان آڻي ڪٺا ڪيا، هڪ طرف کان هڪ ڌُر ويٺي هئي ۽ ٻئي طرف کان آمهون سامهون ٻي ڌر. اڃا مناظري جو آغاز نه ٿيو هو، جو مولوي عبدالله اٿي اعتراض ڪيو ته مولوي حبيب الله پاڻ کي جامع ازهر جو فارغ التحصيل سڏائي ٿو، ليڪن کيس صرونحو جي به ٻيٽ ڪانه آهي، هن جيڪو خط لکيو آهي، ان ۾ فلاڻو اکر مذڪر ڪري لکيو اٿائين، حالانڪ فلاڻي قاعدي مطابق اهو مؤنث هجڻ کپي! بس ان کان پوءِ جنگ جدال شروع ٿي ويو ۽ اصل موضوع ته ويو وچ ۾ رهجي! اچي هنگامو ٿيو مذڪر ۽ مؤنث جو، يعني فلاڻو نر آهي يا مادي!
”تم جاهل هو!“
”تم اجهل هو!“
”تم عربي ڪا عين تڪ نهين جانتـي!“
”تم دو کيباز هو!“
”تم دوکيباز ڪــي بچــي هو!“
”تم جس طرح آنکون ســي انڌي هو اسي طرح علم ســي ڀي ڪوري هو!“
”تم جاهل تمهاري سات پشتين جاهل!“
”تم ڪيا جانو عربي زبان؟“
”تم ڪفر بڪتــي هو!“
”تم ملحد ڪــي بچــي ، زنديق اور ڪافر هو!“
”تم بي ايمان هو!“
”تمهاري سزا موت هــي !“

جنهن وقت اهو هنگامو ٻڌي، اسان در کولي ٻاهر نڪتاسي، ان وقت ٻئي عالم سڳورا اسٽيج تي بيٺا هئا ۽ ٻنهي جا هٿ هڪٻئي جي سنهارِن جي قريب پهچي چڪا هئا. ٻنهي جا طرفدار لڪڻ ۽ لٺيون سڌيون ڪري، هڪٻئي جي مٿن ڦاڙڻ لاءِ قدم وڌائي رهيا هئا، جو نظر علي خان ٽپو ڏئي وڃي اسٽيج تي پهتو.
في الحال ته جهيڙو ٽري ويو، ليڪن ڪيترا ڏينهن درزين جي دڪانن تي پـَـئي قيل مقال هلندي هئي. سندن قينچيون پيون ڪپڙن کي ڪترينديون هيون ۽ سندن زبانون پيون اسلامي عقيدن جي چير ڦاڙ ڪنديون هيون:

”ير، ڏاڍا زوراور ماڻهو آهيو! اجازت ڪيئن نه وٺڻي پوندي؟“
”استاد! ميراج [8] واريءَ رات اِهي سڀ ڳالهيون فيصل ٿيل آهن!“

”اجايو پيا مٿو هڻو. رسم ضرور پوري ٿيندي! ڏسندا ناهيو ميونسپل ميمبر پريزيڊنٽ کان اجازت وٺي پوءِ ٺهراءَ پيش ڪندا آهن؟ بس اهڙيءَ ريت فقط دستوري اجازت ورتي ويندي!“
جڏهن استاد الهڏتي، ديوان ايسرسنگ جي پينٽ جي ٻَچـِي ڪتريندي، قينچي جهلي، عينڪ جي مٿاهون اکيون ٽپائي، انهن سڀني ڪاريگرن کي مخاطب ڪري چيو، جيڪي سنگر مشينن تي استاد جا ڪٽي ڏنل ڪپڙا سبي رهيا هئا، تڏهن پهريون ته گهڙي کن هرڪو ماٺ ۾ اچي ويو، پر پوءِ اوچتو، هڪ مشين هلندي هلندي بيهجي وئي.
”استاد! معاف ڪجو، يَرَ وڏا آهيو! جي ديوان ايسرسنگ موڪل نٿو ڏئي ته پوءِ ميمبر رٿ پيش ڪري سگهي ٿو؟“
ٻئي ڪاريگر جي مشين به بيهي وئي،
”نه يار! پوءِ ته ميمبر کي مجال ئي نه آهي!“
”تڏهن ته چوان ٿو، جي اسان جي پيغمبر سائينءَ کي موڪل نه ملي، ته پوءِ؟“
”ڇو نه ملندَس؟“
”هڪ ڳالهه ٿي ڪجي، جي نه ملي ته پوءِ؟“
ڪنهن کان جواب ڪونه پڳو. استاد جي قينچي به تيزيءَ سان ڪپڙي تي هلڻ لڳي ۽ سنگر مشينون به زور سان چالو ٿي ويون، مولوي عبدالله ۽ مولوي حبيب الله، شفيع المذنبين واري خلعت خاص ۾، معاذالله، جيڪو چير ڏئي چڪا هئا، ان کي وري ڪوبه سبي ڪونه سگهيو.

* * *

”يار ڀلي آيَؤ!“
”ڀائو خير هُجَئي!“
”جيءُ!“
”ڏيئون!“
”الاتُهار!“

”مٺو کير پيءُ. سڀ خير خبران، هرڪو پنهنجي جاڻـِـن تي پيو وسي رسي، گهرين تڙين سڀ خير، مال رزق به ريان کيان. ٻڌو اٿسي ته جندي ۾ ملان ۽ سندس پٽ جي وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تان تڪرار ٿي پيو آهي. ٻنهي آڻي عالم ڪٺا ڪيا آهن. ٻنهي طرفن کان خيراتن جو به سڏو مليل آهي. وڃون ٿا اهو تماشو ڏسڻ. ٻيو سڀئي خير.“
”ڀلا گهرجي به خير!“
جڏهن جندي جي مولوي صاحب ۽ سندس پٽ جي وچ ۾ سني، وهابيءَ جو جهڳڙو وڌي وڃي چوٽ پهتو، ٻنهي هڪٻئي کي ڪافر، ملحد، بي دين ڪوٺڻ شروع ڪيو، ٻنهي هڪٻئي پٺيان نمازن پڙهڻ کي ناجائز چيو، ۽ جڏهن ٻنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي عقيدن جا مولوي ۽ طرفدار سڄيءَ سنڌ مان آڻي مناظري لاءِ ڪٺا ڪيا ۽ ٻنهي طرفن مڻن مُنهن چانور ڪٺا ڪري، ڪونهٽ ۽ وهڙا ڪـُـٺا، ۽ جڏهن ٻنهي طرفن ماڻهن کي عام ڪوٺ ڏني ته اچي مذهبي عقائدن تي عالم سڳورن جا ارشاد ٻڌو، ان وقت ٻاهراڙيءَ جي ماڻهن ان کي تماشي کان مٿي اهميت ڪانه ڏني. ڄڻ هنن لاءِ ”پير چنڊام“ جو ميلو هو يا سندن لاءِ ڄڻ جندي [9] ۾ شيديءَ ملهه ۽ شير مير بحر جو ملاکڙو لڳڻ وارو هو. ازان سواءِ خيرات جو به سڏو هو، تنهنڪري ان جي به کين ڪشش هئي. ڪي ڀاڳيا ته ڀلو سنهارو مٿي تي کڻي، ان ڪري به وڃي رهيا هئا، ته پنهنجي ٻَڌيءَ ڇُڙيءَ جي ڪُلَوَ [10] ڏين، ڇاڪاڻ ته جندي ۾ انهيءَ موقعي تي اوري پري جا مهانڊا ڪاٽڪو، چور مور ۽ چڱا مٺا ڪٺا ٿيڻ وارا هئا.
دراصل مولوي صاحب جڏهن پنهنجي صاحبزادي کي- خبر نه آهي، ڪهڙي مدرسي مان دستاربندي ڪرائي - لاڏئين ڪوڏئين گهر وٺي آيو، ان وقت گويا هڪ مياڻ ۾ ٻه تلوارون ٿي پيون: پيءُ سـُـني ۽ پٽ وهابي نڪري پيو. پهريائين ته ٿورو گهڻو بحث پاڻ ۾ پيو ٿيندو هين. سهسائي سهسائي، جڏهن ٻَئي دل جا ڪٺور ٿي ويا، عقيدن جي اختلاف پيءُ - پُٽائيءَ واري عزيز رشتي تي به عناد، حسد، بغض ۽ دشمنيءَ جا غلاف چاڙهي ڇڏيا، ان وقت ٻنهي کلم کلا هڪٻئي کي ڪافر، ملحد ۽ ملعون چوڻ شروع ڪيو، پيءُ پٽ کي عاق ڪري ڇڏيو، پٽُ پيءُ جي خلاف بغاوت جو جهنڊو کڻي بيٺو. اوڙي پاڙي ۾ پچار پـَـئي، چڱن مـَـٺن وچ ۾ پـَـئي ٺپ ٺار جي ڪوشش ڪئي، ليڪن سڀ بيسود. ٻنهي هڪٻئي جو کاڌو پيتو پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيو. ڪجهه عرصي بعد مناظري ۽ مقابلي جو پروگرام رٿيو ويو، هرڪنهن پنهنجي عقيدي وارن عالمن کي سڏو ڏنو.
مناظرو غالباً ٻه ڏينهن هلڻو هو. مولوي صاحب پير ڀر چونڊيءَ واري کي سڏو ڏنو، ته سندس صاحبزادي پير جهنڊي واري کي گهرائي ورتو. مطلب ته مناظري کان اڳ ئي جهنگ جهر ۾ چار پچار ۽ چوءِ پچوءِ ٿي وئي، ڪجهه خيرات ۽ ڪجهه رونشو، مطلب ته هزارين ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا، ڌريون ورهائجي ويون، هڪٻئي جي آمهون سامهون منزلن جا ميدان تيار ٿيا، مولون موراڻن پنهنجي پنهنجي ثابتيءَ ۾ ڪتابن جون هڙون، بڊڪون ۽ ڀريون آڻي ميدان ۾ لاٿيون. اهڙيءَ طرح ٻنهي طرفن کان اُٺ ڪتابن جا ڪٺا ٿي ويا.
معرڪي جو ميدان مچي، ان کان اڳ ئي طعنو تنڪو، الزام بهتان، ٽوڪ ٽهول، ۽ آخر ۾ گارگند شروع ٿي وئي. سکر جا درزي ته هئا ڪونه، جو ڇڙو دڙڪا داٻ ڏئي، هڪٻئي کي هيسائـِـن. هتي ته جهنگ جا ماڻهو به هئا، وڏين وڏين ڏاڙهين سان، جن جي مٿن جا وار جي پڳ مان نڪرن ته وڃي پـِـني سـَـٿر کڻن، ڏسڻ وائسڻ ۾ جهڙا جـُـنگ جوان، جهڙا شهونگ، اُٺن جيڏا قد، چمڪندڙ ڪهاڙيون ۽ لوهائيون لوڙهيون هٿن ۾. نه طعنو سهن نه تنڪي تي طبيعت هريل. ڪهاڙي هٿ آئي يا لٺ اُڀي ٿي، ته مڙس ڄڻ ڄائو ئي ڪونه هو. ٻيو وري هو دين مذهب جو معاملو، سڀ سهي وڃن، پر نه خدا تي گـُـٿو اکر سهن نه رسول جي شان ۾ معاذالله ڪو وارُ پيو وسهن. جيڪي پاڻيءَ جي آواندي تي ماڻهو ماري رکن، تن جي اڳيان ويهي مناظرا ڪرڻ گويا باهه سان کيڏڻو هو! تـَـر جي عملدارن کي سـَـنجهي ئي سرت اچي وئي، جنهنڪري هنن يڪدم سڀني کي ٽپڙ ٻڌائي پهرينءَ گاڏيءَ ۾ پٺتي موٽائي ڇڏيو.

”ادا، ڏيو خبر؟“
”ير، پوليس اچي وچ ۾ پئي، نه ته واهه جو لئي ٿي ها!“
”ٻڌوسي ڀرچونڊيءَ وارو بزگ به اچي لٿو هو؟“
”ڀيڻي آ! ذات ملو موراڻو ۽ پير فقير اچي گڏ ٿيو هو!“
”بس ير قيامت اچي وئي!“
”هائو يار!“
”پٽ ٿئي پيءُ جو ويري، ڪنڌ نه ڪپي ڇڏجيس!“
”چوين سچ ٿو ڀائو!“
”ڇا ڪجي، انگريز فيل مست آ!“
ٻاهراڙيءَ جي سامعين ڪرام کي اختلاف جو اصل نـُـڪتو ته سمجهه ۾ نه آيو هو ۽ نه ان کي هنن ڪا اهميت ئي ڏني ٿي. هنن وٽ سڀئي مسلمان ڀائر هئا، سـُـنيءَ وهابيءَ جو ڦير ۽ ڦند سندن ڪائنات ۾ دخل ڏئي ڪونه ٿي سگهيو، انهن کي فقط هڪ ته تماشي ۽ رونشي جو خيال هو ۽ ٻيو کين اهو ويسورو هو ته پٽ ڪيئن پيءُ جو ويري ٿيو آهي!
بهرحال مهيني ماسي تائين اها قيل مقال هلي، ان کان پوءِ هرڪنهن انهيءَ واقعي کي وساري ڇڏيو، ۽ اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته پيءُ پٽ به پاڻ ۾ وري کير کنڊ ٿي ويا. فتني ۽ فساد جي اصل جيڪا جڙ هئي، ان کي ختم ڪيو ويو، يعني ڪفن دفن جي جيڪا آمدني هئي سا پيءُ کڻي، ۽ شهر جون جيڪي ٽـِـڪيون [11] هيون سي پٽ جي حـصي ۾ آيون! لاپي لائيءَ کي ٻنهي اڌواڌ ڪري کنيو.

* * *

اهي ٻه ته ڪيا ويا لطيفا بيان. ليڪن ٽيون هڪ واقعو اهڙو ذهن ۾ اچي ويو آهي، جنهن جي ابتدا ته ڏاڍي ’سيريس نيچر‘ جي ٿي، ليڪن جڏهن پڇاڙيءَ تي پهتو، تڏهن سڀني ڏٺو ته درحقيقت اهو معاملو لطيفي کان مٿي نه هو.
سال 1925ع ۾ نجد جي علاقي مان اوچتو ڇوهي وانگر ابن سعود اٿيو، جنهن سڄي عربستان تي اکٻوٽ ۾ قبضو ڪري، حرمين جي حاڪم شريف حسين کي اتان ڀڄائي ڪڍيو: ”شريف“ ان ڪري هو، جو حرمين جي حرمت سبب اتنهن جي حاڪم کي حاڪم نه سڏيو ويندو هو، بلڪ ”شريف“ ڪوٺيو ويندو هو، ٻيءَ حالت ۾ سندس شرافت جا افعال اجهي هي هئا - بَدُن رڻ ٻاري ڏنو آهي!... حاجين سڳورن سان ڏاڍا ظلم ڪن ٿا، نه اُنهن جو مال سلامت آهي نه جان سلامت آهي!... قافلي مان حاجي سونهارو وک پاسي ٿيو ته ويو، نه سِسِي ساڻ نه ڌڙ مالڪين ملندو!... مطلب ته حج جو سڄو وقت حرمين جا حاجي ساهه مُٺ ۾ ڪيون وتن ٿا!... حرم پاڪ ۾ به پيون ڏاڍيون ٿين- نه داد آهي نه فرياد!...حڪومت ملڪ ۾ آهي ئي ڪانه!... شريف حسين جهڙو آهي تهڙو ناهي!
سـُـني هجي چاهي وهابي، علماءِ سـُـوءِ هجن چاهي عـُـلماءِ حق، سڀني جي اهائي شڪايت هئي، ’شريف‘ جي نا اهليت ۽ بدوين جي آزار ۾ سڀئي يڪ آواز، ليڪن جڏهن شريف کي ابن سعود ڀڄائي ڪڍيو، تڏهن هندستان اندر سمورا مسلمان ٻن طبقن ۾ ورهائجي ويا، هڪ سعودي ٻيا شريفي. اها حديث، جن کي وهابي سڏيو ٿي ويو، سي سعود جا طرفدار هئا، ۽ اهل سنت والجماعت وارا، جن کي علماءِ سـُـوءِ سڏيو ٿي ويو، تن طرفداري شروع ڪئي شريف حسين جي. انگريز جي پشتي پوين کي هئي ۽ پهرين وٽ سعود جو پئسو پهتو هو. مطلب ته عربستان ۾ سک سلامتي به ٿي وئي، ليڪن هتي ڏاڙهيءَ پَٽ جاري! لعنت ملامت، تقريرون تحريرون، جلسا جلوس، بيان مضمون، اخبارون پمفليٽون ۽ آخر ۾ گارگند ۽ ڪفر جون فتوائون.
انگريز ان ڪري دخيل هو، جو شريف حسين سندس ٻالڪو هو، اُن جي خاندان جي ذريعي انگريز وچ مشرق ۾ پنهنجو اقتدار قائم ڪرڻ ٿي گهريو، ترڪن جو زور هـُـن مسين مسين ٽوڙيو هو، وري جو حجاز تي قبضو ٿي ٿيو سو به عبدالعزيز ابن سعود جهڙي جري جوان مرد ۽ اولالعزم امير جو، تنهن اُنهيءَ سڄيءَ راند کي ٿي وڃايو، جيڪا هُن مشرق وسطيٰ جي بساط تي شريفي خاندان جي مُهرن ذريعي کيڏڻ ٿي گهري. عربن جي وحدت ٽوڙڻ ۽ ترڪن جي قوت کي ختم ڪرڻ لاءِ انگريز جدا جدا ننڍيون ننڍيون سلطنتون قائم ڪري شريف حسين جي پٽن کي ڏنيون، ۽ هو بطور سندس ايجنٽ جي سندس دل گهريءَ پاليسيءَ مطابق شاهه شطرنج بڻيا رهيا. بغداد امير فيصل کي مليو، جنهن جو پوٽو فيصل ثاني 1958ع ۾ عبدالڪريم قاسم هٿان شهيد ٿيو، حجاز ۾ پاڻ شريف حسين، ۽ شام، فلسطين ۽ شرق اردن سندس ٻئي پٽ امير عبدالله کي مليا، جنهن جو پوٽو حسين هن وقت اُردن جو بادشاهه آهي.
بهرحال انهيءَ جنگ جدال جو سنڌ تي به اثر پيو. هت به ٻه فرقا ٿي ويا. ”الوحيد“ انهيءَ سڄي معاملي کي انگريز دشمنيءَ جو رنگ ڏئي ڇڏيو، جيڪو درحقيقت صحيح به هو. انگريزن سنڌ ۾ به گهڻن کي سرچائي، ميدان منجهه آندو، ليڪن ”الوحيد“ جي آڏو انهن جي هڪ به هلي ڪانه سگهي، رَهندو جلد ئي ابن سعود جي سرڪار کان ڪن ڏي حج جون دعوتون به اچي پهتيون ۽ ڪن ڏانهن سوکڙيون پاکڙيون ۽ ڪجهه نذر نياز به اچي ويو. سڀني جي چهرن تي شگفتگي پيدا ٿي وئي، مخالفت جي جيڪا تلخي هئي سا هلي وئي ۽ منهن تي طمانيت ۽ خوشنوديءَ جي مرڪ ظاهر ٿي آئي. بس معاملو اهڙيءَ طرح وڌي وڌي، آخر ۾ انهيءَ طرح لطيفو بڻجي ويو.
امرتسر جو غزنوي گهراڻو هندستان اندر ابن سعود جو ڄڻ مشير خاص هو، جنهن کان پوءِ نه ڇڙو ويسٽرن فرنٽ تي خير شير ٿي ويو، بلڪ خود غزنوين جي اٿڻ ويهڻ، رهڻ سهڻ ۽ کائڻ پيئڻ روزگار ۽ رزق ۾ به هڪ رونق اچي وئي.
سنڌ ۾ بهرحال انهيءَ قسم جا معمولي واقعا ٿيندا رهيا، جن کي فقط مقامي حيثيت هئي، ان کان مٿي ڪڏهن به معاملو وڌي اهڙيءَ ريت ڪونه هليو، جنهن ۾ اسان جو سمورو ملڪ وڪوڙجي وڃي.

______________

[1] وهابي عقيدا نجد جي هڪ عالم محمد عبدالوهاب جي نسبت سبب آهن. اهو بزرگ اسان جي سنڌي عالم حضرت شيخ محمد حيات محدث سنڌي مدنيءَ جو شاگرد هو.
[2] جسماني صحت خواه روحاني صحت، تنزل پذير قوم ۾ ڪانه ٿيندي آهي. وهم، وسواس، بزدلي ۽ خوف، ايماني قوت ۽ صحيح عقيدي کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن، پوءِ جيئن لاعلاج بيمار پيو ويڄ ۽ طبيب پڇائيندو آهي، تيئن مٿئين قسم جو انسان به وتندو آهي دعائون تعويذ وٺندو، هٿ ڏيکاريندو ۽ قسمت پڇندو، قبرن تي سکائون باسيندو ۽ پير پڇائيندو، ڪرامتون جاچيندو ۽ ولي ڳوليندو. جڏهن اوج ۽ اقبال هوندو آهي، ان وقت جسماني قوت به قائم ته ايماني صحت به سالم. ان وقت پنهنجي تقدير پنهنجي هٿن ۾ هوندي آهي، تڏهن مومن جو ڀروسو هڪ خدا تي ۽ ٻيو پنهنجي قوت بازوءَ تي هوندو آهي.
[3] دل کي جيڪا ماني نه وڻي، ان جي لاءِ اهو اکر ڪتب آڻبو آهي.’ڳِٿي‘ جون ٻه معنائون آهن، اُڳرڻ، ڳهڻ، يا اها سوڙهي جاءِ، جتان ڪو ماڻهو لنگهي ٻئي طرف وڃي، مثلاً ڪو ڳـِـٿو ملي ته ٻاهر نڪرون.
[4] قرآن جو حافظ هو يا اکين کان چونڪه ويٺل هو، تنهنڪري حافظ سڏائيندو هو، اهو يادگيرو نه آهي.
[5] ڳالهائڻ ۾ هو اهڙيءَ طرح عربيءَ فارسيءَ جا ڳرا ڳرا اکر استعمال ڪندو هو جو ائين ڀانئبو هو ته عربي ٿو ڳالهائي.
[6] سکر جا درزي سخت ڪمزور عقيدي جا هئا، بيحد توهم پرست، سڳي ڌاڳي ۾ مبتلا ۽ پير فقير جا مطيع، جيڪو عالم هٿ ايندو هـُـين ته ان کان واعظ ڪرائيندا هئا، هر ڏڻ وارو کي ملهائيندا هئا، ڏاڍي عقيدي ۽ نياز نوڙت سان. ويچارا مذهبي لحاظ سان سخت مظلوم هئا.
[7] بمعنيٰ ’دور‘.
[8] معراج.
[9] ’جِندي ديري‘ جو مخفف. انهيءَ شهر ۾ ڪنهن زماني ۾ ٻڌبو هو ته ڏائڻيون پيدا ٿينديون هيون. اسان جي والده جڏهن اسان ٻنهي ڀائرن کي رات جو سمهارڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، تڏهن آخر ۾ اچي چوندي هئي: ”بس ڪري سمهو، نه ته سڏيانوَ ٿي جندي ديري جي ڏائڻـِـن کي!“ ننڍي هوندي ڏائڻن جي ڪري ۽ وڏي هوندي مولوي صاحب جي ڪري انهيءَ شهر جو نالو پيو ٻڌبو هو. انهيءَ کان سواءِ جندائي سيدن لاءِ به هيءَ چوڻي عام هئي ”سـُـڪو گهوڙو سيٽ گهڻي سمجهه ته جندائي سيد آهي!“
[10] سنڌ ۾ جنهن جو ڍور ٻَڌبو هو ۽ ڪنهن به صورت ۾ ملي ڪونه سگهندو هو، ته اهڙن موقعن يعني خيراتن، وهانون، قضين، ملاکڙن ۽ ميلن تي قرآن شريف کڻي وڃي اوطاق ۾ پهچندو هو. اوطاق ۾ ويٺل سڀ اٿي کانئس پهريون ڀلو سنهارو وٺي رکندا، ان کان پوءِ پڇندس حال احوال. ان ۾ هو پنهنجي ڍور جا پتا پار ڏيندو (پارن جا نمونا: ٻولاهي، ڪاري، چئو ڏندي، بگي، ڀور، ڍوڙي، سانگهائي، ڪٻري، ڦاڏي، گوشي، ڪـُـنڍي، چئونرو پُڇُ، وغيره). سڀئي ڪاٽڪو ٻُڌندا. جيڪڏهن ڪنهن کي خبر هوندي ۽ اهو ايماندار هوندو، کيس مصحف جي ميڙ ٿي اچڻ جو لحاظ پيو، ته چوندو: ’ادا ڀَلَو ڀَلَو، ڇـُـٽين، فلاڻي وٽان وڃي پُڇ!‘ جي اهو چور اتي ئي هوندو، ته چوندو، ’ادا فلاڻي واري تي اچجانءِ‘ جي في الحال ڪنهن کي خبر ڪانه هوندي، ته اِها ڪُلَوَ ۽ پارياد ڪري ڇڏيندو، ۽ جڏهن خبر پيس ته مال موٽارائي مالڪ کي پهچارائيندو. جي قرآن جو لحاظ به ڪونه پيو، ته چوندا، ’ادا چڱا پيا چڱن ڏي اچن.‘ هر چور جي نالي پٺيان ”خان“ ضرور ڳنڍبو هو ته جيئن نالو مانائتو ٿئي. مثلا مکڻ خان ناريجو، مهراب خان جتوئي، احمد علي خان ناريجو، ٽوهه خان خروس، پسند خان خروس، راوت خان خروس، ٻاجهي خان اڄڻ، بيبرڪ خان ککرائي، وغيره، اهي انهيءَ دور جا مشهور ڪاٽڪو يعني مهانڊا ۽ مانائتا چور هئا. چورن جا اصطلاح هي آهن:-

پيراڍو يا پيري: کم ٿيل مال جا پيرا لهندو ۽ چور جا پير سڃاڻندو.
باڪو: جيڪو فيصلي ۾ چور تي بڪندو، ته وٽس مال برابر آهي.
جوڻـِـتُ: جيڪو چور تي جوڻي کڻندو، يعني سنگتي ٿي سندس چوريءَ جي ڳالهه ظاهر ڪندو.
ڀاڳيو: مال وَندو ۽ اهو جنهن جو ڍور ٻڌبو.
ڀلو سنهارو: قرآن شريف، جنهن کي ڀاڳيو کڻي ڪُلَوَ تي گهمائي.
ڪُلَوَ: سڀني کي پارپتا ٻڌائي، چئي ڇڏڻ ته ’منهنجو فلاڻو ڍور ٻڌو آهي.‘
ڍُٽو: معمولي نامعقول چور.
ڪاٽڪو: چور.
چور مورُ: جنهن کي چڱين مٺي جي ڄاڻ سڃاڻ لحاظ ۽ لـڄ پوي.
دُڻي: جتي ڪنهن وڏي چور جي اوطاق هجي، ۽ جاڏنهن ڪاڏنهن جا ڪاٽڪو اتي پيا اچن وڃن. اسانجي پاسي هي چند دُڻيون مشهور هيون، گوشوءَ جتوئي جي دڻي، اختيار جتوئي جي دڻي (’اختيار‘ کي عام ’يختيار‘ سڏيندا هئا)، نـِـچو جتوئيءَ جي دڻي، ڀوت خروس جا پـِـڙ، پنهوءَ جا پڙ، ميهوءَ جا پڙ، قادروناريجي جا پڙ، سوني ناريجي جا پڙ، سوڀي خروس جا پڙ، وغيره وغيره دُڻيءَ تي گهڻو ڪري چورايل مال جي ڏي وٺ ٿيندي هئي يا ٿَمُ هوندو هو.
پاٿاري: چوراڻو اڏو.
پـِـڙَ: جهنگ جي ڀر ۾ مالوندن جا گهر، جيڪي گهڻو ڪري چور هئا ۽ انهيءَ ڪري گوشائتا رهندا هئا.
ويڳو: اصل مال جي عيوض ۾ ٻيو مال ڀري ڏيڻ.
ڀونگو يا ڀـُـنگ: مال جي عيوض خرچ پکي جي نالي ۾ پيسا وٺڻ.
مُصاف: ’مصحف‘ جو بگاڙ، معنيٰ ڀلو سنهارو.

[11] شهر جي مولويءَ وٽ شام جو هر گهر مان خيرات جي ماني ايندي آهي، ان کي چئبو آهي ’ٽِڪي‘.

7

سونهان چائين، سڌ نه پئين، سسئي پـُـڇ مَ سي،
متان توئي کي، منجهانئين مارڳ ۾.

- شاهه

سنڌ ۾ وهابيت، درحقيقت، رد عمل هئي هتان جي پيرن، ساداتن، سجادن ۽ خانقاه نشينن جي بد اعمالين، سيہ ڪارن ۽ دين کان دور ڪردارن، عادتن ۽ اطوارن جو. سنڌ جو عوام جاهل، نه خبر نه تعليم، نه صحيح رهنما، نه سچ ڪوڙ جي سـُـڌ. ويچارا اٻوجهه ۽ خوش اعتقاد، عقيدن ۾ اهڙا ڪمزور ۽ توهمات ۾ ايترو مبتلا ٿي ويا، جو پيريءَ مريديءَ، سڳي ڌاڳي، دعا ڦيڻي، ڪاني ڪرامت جي صورت ۾ خانقاه نشينن، سجاده نشينن ۽ قبرن جي مجاورن جيڪي ڪوڙڪيون اڏي ڇڏيون هيون، انهن ۾ ڦاسندا ويا.
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏيون وڏيون درگاهون، شاندار سجادا، ۽ ڌوم ڌام وارا پير ۽ مرشد، ڄڻ هرڪنهن جو مڪو مچي ويو! ڪن بزرگن صديون اڳ پورهيو ڪيو هو، جنهن جو ناجائز ۽ سراسر غلط فائدو انهن جا جاهل ۽ دين کان دور، پنهنجي بزرگن جي رستي کان پري پيل پونير وٺي رهيا هئا. جن بزرگن ۽ خدا جي نيڪ ٻانهن دين ۽ شريعت جي صحيح رستي ڏيکارڻ لاءِ مرڪز قائم ڪيا هئا، اُهي کانئن پوءِ لادينيءَ جا اڏا بڻجي پيا، ۽ انهن مرڪزن کي سجادن ۽ مسندن ۾ منتقل ڪري، پنهنجن ابن ڏاڏن جي نالي ۽ انهن جي نيڪين کي تجارت جو مال بڻائي، انهيءَ آمدنيءَ تي پنهنجن زندگين ۽ آڪهين جي قوت گذر جو دارومدار رکيو ويو. ماڻهن کي مرعوب ڪرڻ لا”، عوام جي دلين تي ڌاڪي وهارڻ خاطر، مٽيءَ جي قبرن کي سنگ مرمر سان سينگاريو ويو، انهن تي شاندار قبا،گنبد ۽ روضا کڙا ڪيا ويا، انهن تي ڪاشيءَ ڪاريءَ جا ڪم ڪرائي خوبصورت ۽ رنگ برنگي بڻايو ويو، خاڪ نشينن جي آستانن کي قيصر و ڪسريٰ جي ايوانن ۾ تبديل ڪيو ويو، دلق پوشن جي مرڪزن کي ڪِم خواب ۽ ريشمي عبائن ۽ قبائن ۾ گرانبار ڪيو ويو. اهي سڀئي شاهي ٺاٺ اِنهيءَ ڪري، ته سندن تجارت چمڪي، زور وٺي ۽ خريدارن جي آمدرفت انهيءَ چمڪ دمڪ کي ڏسي، وڌي ۽ گهڻي ٿئي، يعني انهيءَ آرائش سبب جيئن سندن دڪانن جي رونق وڌي!
انهيءَ تجارت ۾ جڏهن ماڻهن مالي منفعت ڏٺي، ته ڪيترن ڪوڙيون قبرون به ٺاهيون، ڪن نامعلوم قبرن تي ڪنهن نه ڪنهن پير، شاهه يا شهيد جو نالو رکي، درگاهون پيدا ڪيون ويون. ڪن ته مورڳوئي وڻن جي ٽامن ۽ لامن ۾ اڳڙِن ٿِڳڙِن جا ٽڪر ٽوٽا ٽنبي، کٻڙن، لـَـوَن ۽ ڪـَـنڊِن کي ”ٿڳڙيال پير“ بڻائي، پنهنجو روزگار چالو ڪيو. انهيءَ حد تائين دين کان دوري ۽ اسلام کان انحرافي ڪئي وئي، ايستائين عقيدن جو ضعف، ايمان جي ڪمزوري، ۽ توهمات جو زور ٿي ويو، جو قبرن جون باسون باسيون ويون، پيرن جون ڪـُـنيون ڪيون ويون، مزارن تي سـُـکائون آنديون ويون، درگاهن تي ميلا لڳايا ويا، مئن جي نالي ۾ درگاهن تي ڳئون ۽ سانـَـهه ڪـُـٺا ويا- ماڻهو بيمار ته سڌو ڪنهن مئي جي مقام تي، چي اتان شفا ٿيندي، اڙِي موڙهي ٿي، جهٽ ڪنهن قبر تي سلامي، ماه پهريون سومر، ماه پهريون جمعو، ماه پهريون آچر، مطلب ته ست ئي ڏينهن هفتي جا ڪنهن نه ڪنهن پير جي نالي مخصوص. اڄ هن پير جي سک آهي، سـُـڀنهن هـُـن قبر تي ميلو، پـَـرينءَ هن جي مـِـٺي ڪـُـني. پـُـٽ به پير ڏيڻ لڳا ۽ اولاد جو جيئڻ بچڻ به انهن جي وڃي هٿ ٿيو. عورتن ۽ مردن کي جن ڀوت وٺڻ لڳا، ۽ انهن جو نيڪال به ڪنهن نه ڪنهن پير يا مرشد جي درگاهه تي ٿيندو رهيو، چي حساب [1] ٿيو آهي، فلاڻي پير کي اُن جو هـُـدو [2] آهي، هلو ته اوڏانهن هلون! قبرن اڳيان سجدا، مئن اڳيان رڪوع ۽ سجود! مزارن جي چوڌاري صدقا، هٿ ٻڌي ڳچيءَ ۾ ڳارا وجهي، ائين حاجت بيان ڪرڻ جيئن ڪو جئري جي اڳيان پنهنجو حال ڪري. مطلب ته سنڌ جي سڀني جئرن جي سموري اٿي ويٺي وڃي مـُـئن جي حوالي ٿي، يا انهن جي مجاورن، سجادن ۽ پيرن جي. هر قبر ولايت ماب ۽ هر مٽيءَ جو ڍير ڪرامت جو مرڪز بڻجي ويو. قبرون ته قبرون، پر وڻن ٽڻن جي پوڄا ٿيڻ لڳي. انهن تي به سوالي پنهنجون حاجتون وٺي وڃڻ لڳا.
انهن سڀني غير شرعي ڳالهين جو جڏهن عام رواج ٿيو، جيڪو تنزل جي دور جو خاصو ٿئي ٿو، ان وقت سنڌ جو ڪوبه اهڙو شهر باقي ڪونه رهيو، جنهن لاءِ ٻڌڻ ۾ نه آيو ته منجهس سوا لک اولياءَ ستل آهن، روهڙي سوا لک پير، سيوهڻ سوا لک پير، ٺٽو سوا لک پير، ۽ مڪلي سوا لک پير! انهن ’اجتماعي مرڪزن‘ کان علاوه هر ڳوٺ ۽ هر واهڻ کي پنهنجون جدا مزارون ۽ درگاهون هيون. هي جمن شاهه آهي، هي ڦتن شاهه آهي، هي لالڻ گهوٽ آهي، هي ڀورل بادشاهه آهي، هي پير پنجو آهي، ۽ هي پير چنڊام آهي. شهيد ۽ شاهه کان گهٽ ڪوبه مِٽيءَ جو ڍير سنڌ ۾ ڪونه هو- ڪنهن ماڻهوءَ کي گهرگهاٽ ڪونه هوندو، ڪمائڻ ڪرتڻ کان گوساڪڙ، نڪمو ۽ ٽوٽي هوندو، جهٽ ڪنهن جاءِ تي پراڻي قبر ڏسي يا قبر ٺاهي، پاڻيءَ جو ڇڻڪار ڪري ويهي رهندو، چي: ”فقير آهيون، مڙئي پيا عاشق جي در جي چاڪري ڏيئون ۽ رياضتڙي ڪيئون!“ مهيني اڌ ۾ ٻن ٽن ايڪڙن کي ولو [3] چاڙهي، چوڌاري پيهر به اچي ويندو، ۽ رتن جوت، نازبوءِ ۽ ڪنوار ٻوٽيءَ جا ٿڏا به لڳي ويندا. هڪ سٺو مـَـنـَـهـُـن به اڏجي ويندو، جنهن ۾ تڏا، مـَـٽ، ڪـُـپيون، يڪتارو ۽ ڀنگ گهوٽڻ جو ڏنڊو ڪونڊو موجود ٿي ويندو، بس جمن شاهه شهيد جي درگاهه تيار، نه پيسو خرچ نه پائي خرچ، درگاهه مڪمل، زمين تان دخل نه سرڪار پٽرائي سگهي ۽ نه چڱو مـَـٺو. اولياءَ جو آستان جو ٿي ويو! پهريون پـِـني سـِـني پاڻ ماهه پهريون سومر ملهائيندو، ان کان پوءِ باقي معاملو پنهنجو پاڻ چالو ٿي ويندو، سـُـکون، باسون، ڪـُـنيون، خيراتيون، ختما ۽ ميلا ملاکڙا، ڄڻ بر ۾ بازاريون لڳي وينديون. جيسين مجاور جئرو، تيسين فقير به پيو سڏبو ۽ سندس سڀئي لايو سجايو. مرندو، ته پاڻ به پير ٿي پوندو! مطلب ته جيڪو ايڏو ٽوٽي ۽ نڪمو هو جو ڪک ڀڃي سنئون ڪري نٿي سگهيو، سو انهيءَ ترڪيب سان جڏهن مئو، ته اوڏو وليءُ ٿي پيو! چي:
”ير، واه جو فقير سائين هو!“
”هائو سائين، ذري وارو مڙس هو!“
”هائو ادا، تڏهن ته ايڏيءَ مئيزل [4] رسيو!“
”سندس ٻالڪو به گهٽ نه ٿيندو!“
”ٻالڪو“ معنيٰ جيڪو ٻيو ٽوٽي ۽ رولاڪ ڇورو پينو فقيرَ پنهنجي ٽانڊي ٽوپيءَ ۽ اڳ پوءِ لاءِ رکيو هو. ماڻهو ايترا مجهول، جو مٽيءَ ۾ اعتقاد، اکين ڏٺي ٽوٽيءَ ۾ ايمان ۽ رولاڪ ڇوري ۾ خوش فهمي!

* * *

اهو عالم هو سنڌ جي توهم پرستيءَ ۽ قبرپرستيءَ جو، ۽ اهو هو جئرن تي مئن جو ڌاڪو، جيڪي يا ته سالن کان وٺي پاڻ به مٽيءَ سان گڏجي مٽي ٿي ويا هئا يا مرڳوئي انهن جو مڙهه مـُـهڙ کان ئي مشڪوڪ هو. ليڪن جيڪي پير مرشد، خانقاه نشين يا سجادا ۽ سيد انهن درگاهن جا متولي هئا يا پاڻ پنهنجي سر پيري مريديءَ ۽ ڪاني ڪرامت جا دعويدار هئا، سي ته سڄي ڳالهه جا مالڪ ئي پاڻ هئا. سنڌ جو سـَـٺِ لک آدم انهن جي سڳي ڌاڳي ۾، انهن جي دام ۾، انهن جي اختيار ۽ اقدار ۾، ڪو ڪنهن جو مريد، ڪو ڪنهن جي در جو ڪتو، ڪو ڪٿان جو پاريءَ ڍويو [5]، ته ڪو ڪٿان جو چڳ وڍيو [6] چي:
”مرشد سڳورا، مان خاڪ پاءِ!“
”قبلا سائين، گولن جو گولو!“
”در جو ڪتو!“
”چَڳَ وڍيو مريد!“
”رحم جي نِگَهه!“
”دعا جي نظر!“
اهنجي سهنجي ايندي، ته
”مرشد ملهندو!“
”شل اُهو سولي ڪندو!“
”اُهو واهرو ٿيندو!“
”شل انهيءَ کي ننگ پوندو!“
”شل اهو سڻائي ڪندو!“

خوش اعتقاد مريد گڏ ٿيندا، ته چوندا:

”ها سائين، وڏيءَ ڪانيءَ ڪرامت وارو آهي!“
”شل پيو سـَـئين ٻولي!“
”زبان مان اکر نڪتو، ڄڻ گولي لڳي! اصل ٺـَـهه ڦـَـهه!!“
”اسان سائينءَ جون پاڻِ ڪرامتون ڏٺيون!“
”هنن گنهگار اکين لقاوَ ڏٺا!“
”هائو سائين، ست پشتو وليءُ آهي!“
”وڏو سائين به اهڙو هو، بلي! يـَـرَ! ڇا ڳالهه ڪجي؟“

انهن قيل مقال ۽ ڳالهين ٻولهين هلندي مجلس جي وايو منڊل تي ويسورو ڇانيل هوندو. انهيءَ پيريءَ مريديءَ واريءَ ڪائنات ۾ نه خدا جو گذر هوندو نه رسول جو نالو. انهن جا سڄا اختيارات (نعوذ باالله) سلب، ۽ پيرن جي پنهنجي هٿ ۾- جي مخلوق پنهنجي خالق ڏانهن رجوع ٿئي، ته هيءَ سڄي دنيا هوند بک مري!

* * *

سنڌ جي مسلمان جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو اهڙن مذهبي حرامڪارين ۾ صرف ٿيندو. سُکُن، باسُن، ڪُنين، قبرن جي نالي ۾ ڍورن ڪـُـهڻ بعد جيڪو بچندو هو، سو مرشدن جي نذراني ۽ دعوتن جي بـِـلي. مثلاً.

(1) ڪڻڪ جي ناڙي ٿيندي، ته سيد فقير اچي گڏ ٿيندا، انهن کي کارايو ويندو ۽ ڏنو ويندو.
(2) لابارو پيو ته ول مـُـٺ سيدن ۽ پيرن کي ڏني ويندي.
(3) بٽئيءَ تي پيراڻو ٽويو پهريون ڪڍيو ويندو.
(4) اَنُ نئون آيو، ته مرشد وٽِ وَٽَ وڻـِـس لاءِ ضرور پهچائبو.
(5) درگاهه تي ننگر لاءِ سال ۾ هڪ ٻه دفعو اِنَ کان علاوه اَنُ موڪلبو.
(6) مرشد سفر ۾ چڙهي جڏهن گهر ايندو، تڏهن سندس اُٺن گهوڙن کي جـَـوَ، چڻا، ڪڻڪ داڻي طور ڏبا.
(7) مرشد گهر ايندو ۽ جڏهن به جيترا دفعا ايندو، تڏهن نهايت ڪشاده دليءَ سان کيس ۽ سندس خليفن کـَـڙن ۽ ڪامـِـن ڪڙِن کي اُڦراٽا ۽ پلاءَ کارائبا- جي گهر ۾ ڪجهه نه هوندو ته ڪٿان اوڌر ڪبي.
(8) روزانو صبح جو يا هر جمعي تي، جيڪو سيد فقير در تي ايندو، تنهن جي ڪـِـشتي يا گودڙيءَ ۾ اَن يا اَٽو وجهبو.
(9) مرشد جي پيءُ ڏاڏي جو جڏهن عرس ٿيندو ته اُنَ جي لاءِ ڪڻڪ، چانورن، چڻن ۽ جـَـوَن جو، ڦانڊڻيءَ مطابق جيڪو حصو پوندو، سو ڏبو.
(10) مرشد جو ڪو ڀاتي مرندو، ته ان جي ستن جماڻن تي جيڪي خيراتون ٿينديون، ان ۾ اَنُ پهچائبو.
(11) مرشد جي پنهنجي پٽن جي يا نياڻِن جي شادي ٿيندي، ته اُنَ وقت به دعوت جي خرچ ۾ اَنَ جو حصو ضرور ڏبو.
(12) مرشد کان علاوه سندس خاص خليفن يا حاضريءَ جي نوڪرن يا پيارن ملازمن جي گهرن ڏانهن به ضرورت وقت اَنُ موڪلبو.
(13) سـُـکـُـن، باسـُـنِ، پـُـنـِـنِ، مرادن جي سلسلي ۾ جيڪي درگاهن تي وڃي ديڳيون لاهبيون، انهن ۾ سڳداسي چانور ڪتب آندا ويندا.
(14) شام واريءَ مانيءَ وقت ڪنهن مماتيءَ واري پير جي نالي تي ماني پچائي، ملان جي گهر موڪلبي، جنهن کي ”پيراڻو لولو“ يا ”پيراڻي ٽڪي“ سڏجي ٿو.
اهي چوڏنهن عنوان آهن اُنهيءَ اَنَ جي، نه راه خدا نه راه رسول وڃڻ جا، جنهن کي سنڌي مسلمان رت پونءِ هڪ ڪري، زميندارن جي سوين سـُـهمان ۽ طرحين طرحين جٺيون سهي، ٻارهن مهينن جي ٻن موسمن ۾ پيدا ڪري ٿو. جانورن جي سلسلي ۾ کيس هيٺينءَ طرح قرباني ڪرڻي پوي ٿي:
(15) سکـُـن، باسن، پـُـنـِـن مرادن تي ڍورن کي ڪهڻ.
(16) مرشد جي درگاهه تي جيڪي رڌپچاءَ جون ضرورتون پون، اُن لاءِ ڳئون، وهڙا، سانهه يا ڪونهٽ ڏيڻ.
(17) پيراڻو ڍور: مرشد جي نالي تي جيڪو ڍور ڪجي.
(18) پُڳُر: ڪا تمنا پوري ٿيندي، ڪو ڪارج سڌ ٿيندو، ڪا مشڪل آسان ٿيندي، ته پـُـنيءَ مراد پاران جيڪو ڍور مرشد کي ڏبو، تنهن کي پُڳُرُ چئبو.
(19) کير لاءِ درگاهه تي ڀـَـلي سـُـوا مينهن يا پهرئات گهڻي کير سان ڳئون پهچائڻ لازمي آهي.
(20) سال ۾ بلا ضرورت ۽ طلب جي به، بطور نذر جي، ڏاند، ڳئون، وهڙو، مينهن، سانهه، وڇير يا ڪونهٽ، بهرحال ڪانه ڪا جنس هڪ ٻه دفعو ضرور ڏني ويندي.
(21) مرشد جڏهن سفر تي مريد جي گهر اچي لهندو، ان وقت نقديءَ سان گڏ ڀلو گهوڙو يا ڀلو ڏاند يا ڀلي ڳئون يا ڀلي مينهن به ضرور ڏبي. خالي هٿين بنان ڍور جي مرشد کي موٽائڻ معنيٰ قيامت ڪاري ۽ منهن ڪارائي آهي. جي ڪنهن خليفي کڙي کي به ڪا ڍڳي اکيـُـن چڙهي وئي، ته اها الڳ چَٽُ.
مال رزق جي انهيءَ نقصان کان پوءِ گهرو اسباب ۽ ٽپڙٽاڙي هن طرح مرشد جي ور چڙهي ٿو:
(22) سٺي جنڊيءَ لٿل کٽ.
(23) سٺي رلي يا ريشمي چادر يا سوڙ.
(24) ٺٽي جي لـُـنگي، نصرپور ۽ گمبٽ جو کيس.
(25) ٻيو ڪو اهڙو گهر جو ٺاهوڪو ٽپڙ جنهن تي مرشد جي اک پوي ۽ سندس دل سـَـٽَ کائي.
(26) جنهن هنڌ تي پير اچي ويهندو، اهو هنڌ مريد تي حرام ٿي ويندو. جڏهن منزل پـَـٽـِـي، تڏهن اهي کڻي خليفا سائينءَ جن جي ٽپڙن ۾ وجهندا!
(27) خليفا ۽ ڪامي جن جو گذر بسر به مريدن مان پٽ سٽ تي هوندو هو، ڇاڪاڻ ته پير وٽان کين ڪابه پگهار ڪانه ملندي هئي، انهن کي مريد جي گهر ۾ جيڪو ٽپڙ وڻيو، ته اهو بنا موڪل جي خرجين [7] ۾ وجهندا، مثلاً وَٽو، ڏوئي، مانڌاڻي، رلي، چادر، وهاڻي جي ڇـَـوَ، چمچو، پنڊي، پکو، وِڃڻو، ڇـِـڪو، وغيره وغيره.
(28) گهر جا برتن، ديڳڙا، بنڊيون وغيره به پير جي حاويليءَ لاءِ ڏبا.
گهرو اسباب کان پوءِ وارو اچي ٿو ملڪيتن جو:
(29) ڪي مريد لاولد مرن ٿا، عقيدي جا ازحد ڪمزور آهن ۽ مذهب جي کين رَتيءَ ڀر به خبر نه آهي، ته اهي پنهنجي سموري ملڪيت زرعي زمين، سڪني عمارتون ۽ متحرڪ مال پنهنجي متعلقين يا ڪنهن قومي ڪارج جي بجاءِ مرشدن جي نالي ڪري وڃن ٿا!
(30) ڪي ماڻهو پنهنجي جئري به ملڪيتن جا ڪجهه حصا مرشد جي حوالي ڪري ڇڏِن ٿا!
انهن سڀني هرجن مـَـرجن بعد وارو اچي ٿو نقديءَ جو:
(31) مرشد جي درگاهه تي جڏهن وڃبو، تڏهن ڪجهه نقدي سندس کٽ تي بطور زيارتاڻي جي رکبي. سال ۾ جيترا دفعا به وڃبو، ته انهيءَ اصول تي عمل ڪبو.
(32) مرشد جي درگاهه تي جيڪو به خرچ ٿيندو، ان ۾ حـصي رسد، يا پنهنجي پڄنديءَ آهر بعضي ته حصي ۽ حيثيت کان به وڌيڪ، نقدي ڏبي.
(33) مرشد تي اوچتي ڪا مصيبت پوندي، سندس بدعملن ڪري مٿس ڪي ڪيس ٿيندا يا هرجن خرچن ۾ پوندو، اُن وقت به حـصي رسد نقدي مريد کي ڏيڻي آهي.
(34) جڏهن مريد جو مرشد ۾ زماني جو ڪم پوندو ۽ مرشد کي ڪنهن ڏي سفارشي وٺي هلڻو هوندو، ان وقت ٻيڻا خرچ پکا، ڀاڙا ڀتا، پنهنجا ۽ پنهنجن چئن پنجن خليفن جا، کانئس ورتا ويندا.
(35) درگاهه تي جڏهن وڃبو، ته نقديءَ کان سواءِ ڪانه ڪا سوکڙي سوغات يا وَٽِ وِڻس به ضرور کڻي وڃبي، مثلاً گهه، مکڻ، ماکي، کير، کارڪون، انب يا ٻيو مندائتو ميوو.
(36) انهن اوچتن يا ريزڪي خرچن کان سواءِ مقرر ساليانو نذرانو جدا آهي. اُهو مرشد ۽ مريد جي حيثيت تي مدار رکي ٿو. جي مرشد تمطراق وارو آهي، ته نذر به وڏو، جي مرشد موچارو سوچارو ته نذر به اوترو ڪم - گهٽ ۾ گهٽ ٻه رپيا ۽ مٿي هزارن تائين. ان جي وصولي ان وقت ٿيندي آهي، جڏهن مرشد سڳورا سالياني ”سفر“ تي چڙهندا آهن.
اهي نقد نذرانا، ساوڻ جي ڏينهن ۾ درگاهه تي ويٺي پيا وصول ٿيندا. جڏهن موسم ٺري ۽ سرديون آيون، ان وقت سڄيءَ سنڌ مان ڪٽڪ پيرن جا ڪاهي پوندا. اُٺ، گهوڙا، توبرا، جهنڊا، گهنڊ، گهڙيال، خليفا، مولود ۽ ذڪر، وڏيون دستارون، ڊگها چولا، ٻٽوان وار، سينڌ سرمون، تيل جي مک چک، هڪ هٿ ۾ عصا ۽ ٻئي هٿ ۾ تسبيح، رومال ڳاڙهو ڇـُـرَ وارو ڪلهي تي، جنهن ۾ ڪـَـنَ کوٽڻي ۽ ڏندَ کوٽڻي ٻڌل!
خانقاهي اصطلاح ۾ ان کي سڏبو آهي ”سفر“، يعني مريدن کان سالياني ڏَنُ [8] وصول ڪرڻ لاءِ چڙهائي.
”ادا هي ڪَٽَڪُ ڪنهن جو؟“
”گلڻ شاهه سائين سفر تي چڙهيو آهي!“
”ها سائين، ها، نيٺ ته بادشاهه پير جو پوٽو آهي!“
”ڀائو، سوا لک گهر مريد اٿس!“
”ها ادا، ڇو نه؟ نيٺ ته ڪمائي ٿيل آهي!“
”نور آهن، سائين نور!“
حالانڪه گلڻ شاهه سائينءَ ۽ رسولي چـُـهڙي جي رنگ روغن ۽ شڪل شباهت ۾ ڪو واجبي فرق هوندو، ان هوندي به اٻوجهه مسلمانن لاءِ نور ئي نور بلڪ نور عليٰ نور.

* * *

ميهڙ تعلقي ۾ ووٽن جي ڪڍ هيس. هڪ هنڌ بيٺا هياسي ته پري کان ڏٺوسي ته ڌوڙ اڏامندي اچي ٿي. معلوم ٿيو ته پنهل سائينءَ [9] جو پوٽو سفر تي چڙهيو آهي. پـِـير اُٺ تي، گهوڙي سوار اڳ ۾، وڏي لٺ اڀي، ان ۾ گهڙيال [10] ٻڌل، جيڪو گهوڙي جي چال تي وڄندو هلي. ان جي پٺيان ويهارو کن وهٽن جو، جن تي ڪامي ڪڙا ۽ خليفا کڙا سوار.
”هيءَ آفت ڪنهن جي گهر تي؟“
”مڙئي ڪنهن اُمتيءَ تي بار هوندو!“
”جهڳو ته غريب جو جهڻ ٿي ويندو!“
”وهٽن جا ڳڙ داڻا، گاهه ۽ هيڏي ڪٽڪ لاءِ؟“
”ڪڪڙ، ڇيلا کير، مکڻ، ڦوٽا، دالچينيون، ان کان پوءِ نذرانو!“
”هائو، جيڪي جهڳي ۾ لهندا، سو کڻندا!“
”ان کان پوءِ؟“
هر ڪنهن کلي ڏنو.
پير سائين ڏٺو جوان ٿي، اکين ۾ ڪجل جي ريک ۽ سنهاري کي تيل لڳل هيس.
پير سائين جڏهن درگاهه تي هوندو ته هر شيءَ جائز، حقو، سگريٽ، شراب، ڀنگ، چرس، ليڪن سفر تي هلندو ته مريد جي ڳوٺ وٽ پهچي گهوڙن جون رينان جهلي بيهي رهندو! خليفو ڀڄندو، سڄي شهر مان حقا ۽ چلمون کڻائيندو! ان کان پوءِ پير سائين شهر ۾ قدم رکندو. سواريءَ تان لهندو، ته مولودن جي وچ ۾ ٿي، اڳتي وڌندو، قدم آهستي آهستي، وڏي وقار ۽ شان سان. مريد جي اوطاق يا جي مريد دل گهريو هوندو، ته ان جي سڌو گهر اندر گهڙيو ويندو!
اهڙيءَ طرح اهو سفر ٿيندو رهندو. ڪٿي رات، ڪٿي نيرن، ڪٿي ڏپهرو، جي ڪو سڻڀو مال هوندو يا ڪا ڇوڪر وڻي وئي ته ٻه ٽي ڏينهن به لڳي ويندا. هر هر مريد جي پٺي پـَـئي ٺپبي، ساڻس کلي پيو ڳالهائبو، خليفا کڙا سندس اخلاص ۽ ايمان جا ذڪر اذڪار ڪري پيا کيس چاڙها ڏيندا ۽ سندس پير ڪڍندا. مطلب ته اهڙيءَ ريت مرشد سڳورا سالياني نذراني جون وصوليون ڪيون پيا درگاهن تي موٽندا هئا.
ايمان جي خرابيءَ، عقيدي جي برائيءَ ۽ اسلام کان سراسر انحرافيءَ کان علاوه سنڌي مسلمان مٿي بيان ڪيل ڇٽيهن مـَـدَن ۾ مبتلا رهيو آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو جيڪا آمدني يا دولت هن کي پنهنجي معاشرت ۽ معيشت جي استحڪام تي صرف ڪرڻ گهربي هئي، سا هـُـن پيريءَ مريديءَ واري انهيءَ گور کڌنڌي ۾ ضايع ڪري، پاڻ کي هميشهه بکيو ڏکيو رکي ڇڏيو، ۽ ان جي مقابلي ۾ درگاهون ۽ پير مرشد هميشهه آباد، هميشهه سرسبز ۽ تازا توانا. بنا مشقت، بنا ڪمائيءَ ۽ سواءِ ڪنهن زحمت جي سڀڪجهه گهر ويٺي کين ميسر ۽ مهيا، جـَـڳَ پيا ڍرن ۽ سوين پيا سلامي ٿي سجدا ڪن! هالن جي جنڊيءَ لٿل کٽن تي گمبٽ جا کيس وجهون، پاون کي سيج بند ٻڌيون، پـُـٺين کي طول وهاڻا ڏيون ويٺا هوندا. انهن ئي کٽن تي ويٺي کين هرڪو پيو پيرين پوندو ۽ انهن ئي کٽن تي هرڪو پيو نذرانو رکندو. اهي ئي سندن کٽون هونديون، جن تي هٿ رکي مريد پيا قسم ۽ ساکون کڻندا، چي:
”رک سائينءَ جي کٽ تي هٿ!“
”اتي ڪوڙ ڳالهايئي ته ٻئي جهان وڃايئي!“
ڪي پير ته ايڏا فرعون بي سامان، جو ماڻهو پيرين پيو، هٿن کي چمي ڏنائين، ته کيڪاريندس به ڪونه، ڄڻ گَرُ ورتل ڪتو سندن پاڪ پيرن کي نوسي ويو!

* * *

خير، اهي ته ٿيا اقتصادي نقصان ۽ مذهبي هاڃا، ليڪن ان کان زياده ڀيانڪ نتيجو اهو نڪتو، جو انهيءَ دنيا ۾ اخلاقي اقدارن جو بلڪل ڏيوالو نڪري ويو. خانقاهون، درگاهون ۽ مرشدن جا مڪان گناهه ۽ سياهڪاريءَ جا اڏا بڻجي ويا. مريدن جي گهرن ۾ مرشدن اکيون وڌيون - ڀلا هرڪو، جو پيو ڪندو:
”جيئندا قبلا!“
”ٻنهي جهانن جا وارث!“
”هن جهان جو وسيلو به تون!“
”بسملاهيون، بسملاهيون!“
”ائين سائين!“
”ائين منهنجا حاڪم!“

ايڏو اقتدار، ايڏي مڃتا، اِها آمدني، ان تي وري چوويهه ڪلاڪ ئي واندڪائي، پوءِ شيطنيت جو آستانو اتي ڪيئن نه ٿيندو؟ گناهن جي دنيا ڪيئن نه آباد ٿيندي؟ روسياهي ڪندي ڪهڙو شرم ايندو؟ جڏهن ته مريد جي گهر ۾ ايندي ويندي جهـَـلَ پـَـلَ به ڪانه، مرشد جي منهن پوڻ، ان کي زور ڏيڻ، ان کي هٿ ڌئارڻ، ماني کارائڻ عين ثواب، عين قيامت جو ڇوٽڪارو ۽ عين مذهب. منهن ڪارائي [11] ڪندي، اتي ڪهڙي دير لڳندي؟ نتيجو اهو نڪتو جو مرشدن پاڻ ملهائڻ شروع ڪيو. ڪنهن جوءِ ڀڄائي، ڪنهن نياڻيءَ تي هٿ رکيو، ڪنهن ويٺل وياوَ کي وَلو ڏنو. جن کي پيرن پنهنجو ڪيو، اهي نبيءَ جون نُهَرُ [12] (نعوذ بالله) بڻجي پيون، ساداتن جي حاويليءَ ۾ اچي ويون، پير جو هٿ لڳو، اُمتيءَ مٿان حرام ٿي وئي! انهيءَ قسم جي ڀڄايل عورتن سان يا ته نڪاح ڪيو ويندو هو يا انهن کي بطور سريت جي ويهاريو ويندو هو. اهڙيءَ طرح مرشد کلم کلا گهرن ۾ سريتان ويهاري، پنهنجـِـن ئي زالن ۽ وياون اڳيان پيا زناڪاري ڪندا هئا. لـڄ، حجاب، حياءُ، شرم، لحاظ جا اکر قطعي بي معنيٰ ٿي چڪا هئا. گادي نشين پير مرشد ته پاڻ مالڪ هئا، ليڪن انهن جا صاحبزادا، نينگر [13]، خليفا خواه ڪامي ڪڙا به سـِـرن جا سائين هوندا هئا. مطلب ته انهن انسان نما حيوانن مذهب جي آڙ ۾ اُمت رسول الله جي اڻ پڙهيل، اٻوجهه ۽ گگدام افرادن جا جهڳا ئي جهڻ ڪري ڇڏيا.
انهيءَ سڄي گورکڌنڌي جو سنڌ اندر نتيجو اهو نڪتو، جو
(1) ساداتن جا نسل خراب ٿي ويا. ڪمذات، ڪسبياڻيون ۽ ڪمينيون عورتون (بازيگريون، ڪوچڙيون، ڀيلاڻيون، ڪولهاڻيون، ماڇاڻيون، ماڙيچڻيون) سندن حاويلين ۽ نڪاحن ۾ آيون، جنهنڪري انهن جي سلسلي ۾ اها نجابت ۽ شرافت نه رهي، جيڪا اهل بيت جو خاصو هئي. آخر گهوڙي ۽ ڪتي جي نسل ۾ به خون ۽ بڻ بڻياد جو اثر ٿئي ٿو، هي ته انسان هئا.
راهوجن واري سائين علي شاهه جي اک هڪ اهڙي قسم جي عورت سان اڙجي وئي جيڪا جهنگ ۾ سڄو ڏينهن نه ڇڙو وتندي هئي مال چاريندي پر جهنگ جهر جهٽيندي وتندي هئي ۽ سڀني ڌنارن لاءِ ڄڻ هڪ دعوت هوندي هئي. مالڪن سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مائي هئي وات وڪيل، سائين علي شاهه ڀڄائي وڃي ساڻس نڪاح ڪيو. مائي بيبي بڻجي وئي، نبيءَ جي ننهن ٿي وئي، ”پاڪ“ يا ”صاحبَ“ [14] سڏجڻ ۾ آئي ۽ ان کان پوءِ:-
”سائين علي شاهه ڪاڏي ٿو وڃين؟“
”ڊاڪٽر ڏي!“
”خير ته آهي؟“
”پاڪن کي راتاڪون ڪڻس [15] ٿي پئي آهي!“
”سائين علي شاهه ڪاڏي؟“
”ادا پساريءَ ڏي!“
”خير؟“
”پاڪن کي مٿي ۾ سور آهي!“
”سائين علي شاهه ڪاڏي؟“
”حڪيم ڏي!“
”ڇو؟“
”صاحبن جي طبع ناچاڪ ٿي پئي آهي!“

مطلب ته ”صاحب“ جيسين وتيا ٿي جهنگ جهـَـرُ جهٽيندا، ۽ ڇيڪ ڇڙائيندا تيسين نه ڪڻس نه مٿي جو سور ۽ نه پيٽ جي تنگائي، تيسين سندس صحت کي جوکو ئي ڪونه هو، وتيا ٿي ريان کيان گهمندا گهتندا! هاڻي جڏهن ”صاحبي“ ملين، ته مزاج به نازڪ ٿي پين!
الغرض انهن پست ۽ ذليل عورتن جي اچڻ ۽ نسلن ۾ خون جي انهيءَ مسلسل غلط ملاوت سيدن جو سڄو معاشرو تباهه ۽ زبون ڪري ڇڏيو. خاندانن ۾ زوال ۽ انحطاط اچي ويو، اولاد جون عادتون ۽ اطوار بگڙيا، انهن جي صحت ۽ صورت ۾ فرق آيو، شڪل ۽ شباهت تبديل ٿي. اهڙيءَ طرح سمورو نسل ڏسڻيءَ وائسڻيءَ به ڪوجهو ۽ قبيح ته افعالين ۽ پرڪارين به ڪريل ۽ ڪمينو.

”هي ڪير؟“
”بخاري بادشاهه!“
”۽ هي؟“
”جيلاني بادشاهه!“
”هي جو پيو وڃي؟“
”اهو لڪياري هوندو يا مٽياري!“
مطلب ته آل عليِّ عه جي نسل ۽ رسولي ٻاليشاهيءَ جي بـُـڻَ ۾ شڪل شباهت ۽ افعالين عادتين ڪوبه فرق باقي نه رهيو.

(2) سيدن ۽ پيرن کي مفت جي ماني جو ملندي رهي، ته منجهانِ محنت، ڪمائي، ڪارآمدگيءَ، ڪشاڪش ۽ جدوجهد جون جيڪي انساني خوبيون ۽ شريفانه خصلتون ۽ وصفون ٿين ٿيون، سي سڀئي مفقود ٿي ويون. بيڪار، بدڪار، سست، ٽوٽي ۽ اٽي تي چٽي، نه ڪنهن ڪم جا نه ڪار جا، سڄو ڏينهن وتن اوٻاسيون ڏيندا، يا کٽن تي وهندا ۽ سمهندا. ڪو به صحيح مشغلو ڪونه، ڀنگ، چرس، شراب، جوا، شڪار ۽ ڪتا.
جيڪي وڏا سيد، وڏين درگاهن جا ڌڻي ۽ اٽالي وارا مرشد، انهن جو اهو حال، جيڪي ننڍيءَ موڙيءَ وارا ۽ ڇڙا سيد، سي سڄو ڏينهن هل هلان ۾. هـِـتان رپيو ورتو، هـُـتان اَن جي ڳوڻ ورتي، هِتون ٻارِ پني، هـُـتون ٻنون ورتو. بس اهڙيءَ ريت گداگريءَ تي گذران. هئا ٻـَـئي گداگر، هو وڏا هي ننڍا!
”شاهه، نوڪري ڇو نه ٿو ڪرين؟“
”مڙئي اُمتي! پيو وقت خير جو گذري!“
سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو انهن جي پرڪارن کان بيزار ٿيل هئا، انهن مٿن ڪيتريون لاهڻيون به لاٿيون، مٿن ڪيتريون چوڻيون به ٺاهيون، تڏهن به هي سيد ۽ مرشد پنڻ کان ڪونه رهيا. چي:
”سڪو گهوڙو، سيٽ گهڻي، سمجهه ته سيد ٿو اچي!“

-----

”شاهه، گهوڙي کي مکڻ ذرو کاراءِ، لهڪارجي ويو آهي!“
”امتي! اهو به پاڻ ڇو نه کائون جو اڙيون ڏاڍيان هڻي سگهون!“

-----

”جندائي سيد مـُـئو ڪڪڙ به ڪونه ڇڏي!“

-----

پير هجي، سيد هجي، سجادو هجي، خانقاه نشين هجي، ننڍيءَ موڙيءَ وارو هجي، چاهي وڏي اٽالي وارو، سڀني جي حالت اها، سڀن جو شغل اهو، سڀن جي ذهنيت گداگرن واري. پـِـني کاءُ، مفت جو مليو کاءُ، ليڪن ڪمائي حق حلال جو کائڻ حرام!

(3) انهن مفت جي ڪماين سبب انهيءَ طبقي مان تعليم صفا نڪري وئي. هرڪو جاهل بلڪ اَجـَـهـَـل. چون:
”نوڪري ڪنداسين ڇا، جو پڙهون؟ بابي ڏاڏي جو گهڻو ئي ڏنل آهي ،ويٺا کائينداسين.“
تعليم جو مفهوم وٽن وڃي نوڪري رهيو. انسانيت جي اوجـَـرَ واري معنيٰ ئي مفقود. نتيجو اهو نڪتو، جو نه فقط قوم جو هڪ کائيندڙ پيئندڙ طبقو جاهل رهجي ويو، بلڪ انهن جي جهالت ڪري، سندن درگاهون يا مرڪز غلط مذهب جا وڏي ۾ وڏا اڏا بڻجي ويا جتان سڀڪنهن قسم جي خرابيءَ جـِـي، مذهب جي نالي ۾، درويشيءَ جي غلاف ۾ ۽ تصوف جي عنوان سان، نشرو اشاعت ٿيڻ لڳي، جنهن سنڌ جو سڄو مذهبي ڍانچو تهه وبالا ڪري ڇڏيو، ۽ خلق خدا جو وڏو حصو اتان خراب ٿيو.
(4) خدا رسول سان خلق خدا جو واسطو ٽٽي، وڃي انسانن سان ٿيو، ۽ اُهو به اهڙن انسانن سان، جيڪي انسان ذات لاءِ خود عذاب هئا. عبادت جيڪا الله لاءِ ٿيڻي هئي، سا درگاهن اڳيان مئن جي قبرن کي سامهون رکي ٿيڻ لڳي، سجدو جيڪو محض باري تعاليٰ لاءِ مخصوص هو، سو به انسانن کي ٿيڻ لڳو. ڪفارن جي بت پرستي ۽ مسلمانن جي قبرپرستيءَ ۽ پير پرستيءَ ۾ رتيءَ ماتر فرق ڪونه رهيو. انسان پنهنجون ضرورتون ۽ طلبون، اولاد، زندگي، صحت، عزت ۽ آبرو هن دنيا خواهه ايندڙ دنيا لاءِ خدا جي بجاءِ ماڻهن کان گهرڻ لڳو، قيامت جي عذاب ثواب، دوزخ بهشت جو سڄو معاملو به پيرن ۽ مرشدن جي اختيار ۾ سمجهيو ويو، خود شفاعت جو مسئلو به حضور جن جي حوالي نه رهيو بلڪ اهو به مرشدن - جن کي ٻنهي جهانن جو وسيلو سمجهيو ويو ٿي - هٿ وس وڃي ٿيو.
(5) ميلن، عرسن، سـُـکـُـن، خيراتن، زيارتن تي سخت سيہ ڪاريون ٿيڻ لڳيون ۽ ماهه پهريان جمعا، سومر، آچر، غير مسلمانن جي ڏڻن وارَن وانگر، نهايت مقدس سمجهيا ويا. عرس، سکائون ۽ شخصي نالن تي خيراتون ڪرڻ ۽ صدقا ڪڍڻ مذهبي فريضي طور تصور ڪيا ويا.
(6) پيريءَ مريديءَ، قبرپرستيءَ ۽ توهم پرستيءَ مسلمانن جي ذهن کي مائوف ڪري ڇڏيو ۽ منجهن جيڪي صلاحيتون هيون، سي صحتمند ماحول نه هجڻ سبب پرورش حاصل ڪري نه سگهيون. درگاهن، قبرستانن ۽ پيرن جي آستانن جي مايوس ڪندڙ ماحول، طبيعت تي انقباض ڪندڙ فضا، انساني ذهن کي لـُـٻي لُڙاٽي گند ڪري ڇڏيو. سوچڻ سمجهڻ ۽ سچ ڪوڙ کي پرکڻ واري قوت منجهانئن هلي وئي، ۽ سنڌ جو ماڻهو انهن سڀني زهري اثرن ڪري ملول ۽ نستو ٿي پيو، قوت ارادي ختم ٿي وئي، فڪر جي آزادي هلي وئي، خودشناسي خواهه خدا شناسي ٻئي ختم ٿي ويون. نه پنهنجي انفراديت باقي بچي، نه خدا جي وحدانيت قائم رهي.
(7) اغوا جي مسلسل واقعن، مرشدن جي ڏاڍاين، ۽ عام زناڪارين، مريدن جي ننگن سان هٿ چراند، سنڌي سوسائٽيءَ جي اخلاقي اقدارن کي صفا ڊانوا ڊول ڪري ڇڏيو. عفت ۽ عصمت جا سربمهر خزانا، جيڪي اسان جي مانَ ۽ آبروءَ جا ضامن هئا، سي سرِ راهه راهزنن جي ور چڙهي ويا ۽ بي حيائيءَ ۽ بي غيرتيءَ وڃي غيرت ۽ حياءَ جي جاءِ ورتي.
(8) مذهبي آڙ ۾ اِنسان انسانن جي هٿ ۾ ائين اچي ويو، جيئن غلام آقا جي اختيار ۾. مريد کي ڇا مجال آهي، جو مرشد جي مرضيءَ يا حڪم کان منهن موڙي سگهي! انفرادي خواهه اجتماعي معاملا سڄا مڙي سڙي اچي مرشدن جي حوالي ٿيا. پيءُ پنهنجي نياڻيءَ جو سـَـڱ ڪنهن کي نٿو ڏيڻ گهري، مرشد کي سؤ ٻه نذراني [16] ۾ مليو، مريد آهي ڪهڙي وٿ جو انڪار ڪري ويندو؟ چي:

ڌڻي منهنجا!
حاضر!
حاضر منهنجا مالڪ، حاضر!
تون اسان جي سـِـرن ۽ سـَـڱن جو به مالڪ آهين!
تون اسان جي ٻارن ٻچن جو به وارث آهين!
ٻنهي جهانن جا وسيلا!
حاضر!
گوليءَ کي ڇا مجال!

* * *

انهيءَ اختيار ۽ ايتري اقتدار بلڪ ٻيءَ معنيٰ ۾ عام مسلمانن جي جهالت بي علميءَ کي ڏسي، سنڌ جي ”سياسي جوارين“ وڏيون وڏيون رشوتون ڏئي، پيرن کي به آڻي سياسي ميدان ۾ لاٿو. اليڪشن ٿي، مرشدن جو مڪو مچي پيو. بزاري عورتن وانگر سندن بازار به گرم ٿي ويندي، اگهه پيا چڙهندا ۽ لَهندا.
”خليفا، ڏي خبر؟“
”سائين وس ٿا ڪيون، پر مالڪ اڃا مڃن نٿا!“
”ٻي ڌر پنج هزار نذر رکي وئي آهي!“
”ير ڪو وارو ڪر!“
”رک الله تي!“
”توکي به خليفا خوش ڪنداسي!“
”خير، ڪم ٿئي، پوءِ ڏسي وٺبو!“
اميدوارن جي بنگلن تي مرشدن جا لامارا هوندا.
”هي ڪير آهي؟“
”سڄي شيخڪيءَ جو مرشد آهي!“
”۽ هيءُ؟“
”ذات راهوجن جو پير!“
”هي؟“
”آبڙڪيءَ جو ڏاڏا پير!“
اميدوار کٿا نه پيا پڄندا. هر شيءِ حاضر، متان پير سائين ڪاوڙجي نه پوي. اهڙي موقعن تي مرشدن جو مزاج ڏاڍو نازڪ ٿي پوندو هو، ڪک پيو به سهي ڪونه سگهندا هئا، ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تي ٽپڙن ٻڌڻ جا پيا دڙڪا ڏيندا، جيئن اميدوار وڏيءَ رقم کان پوءِ به ٿورو گهڻو روزانو ڳڙندو رهي. اهڙن موقعن تي پاڻ سان پير تهس خليفا ۽ ٽڻڪ ڪامي ساڻ کڻندا هئا، جيڪي رقمن ڪڍڻ ۽ ڳالهـِـين ٻولهين ڪرڻ جا ڀـَـڙَ ۽ پختا هوندا هئا. ڪي بزرگ ته هڪ کان وٺي، وري وڃي ٻئي کي جهٽ هڻندا، ۽ ڪم آخر ۾ وڃي ان جو ڪندا، جيڪو کين پوئين رقم ڏيندو هو.
هڪ دفعي اليڪشن ۾ هڪ بزرگ کي آڻڻ جي ضرورت پئي. رقم آڇي وئي. خليفي چيو:
”مالڪن کي ٻي ڌر ان کان مٿي چئي وئي آهي، پر ورتئون ڪونه، اوهان سان ابي ڏاڏي جو رستو هين!“
”نيٺ خليفا؟“
”توهان سان ته ليکو ڪونه اٿن“
”خير اسان ته درگاهه لاءِ نذرانو ڏينداسين!“
”کڻي في الحال ڇهه هزار نذرانو رکو، مالڪن جو به شان اوهان جو به شان!“
اسان ڇهه هزار ڏناسي، ليڪن پوءِ معلوم ٿيو ته ٻي ڌر آيل ئي ڪانه هئي، بلڪ اسان جي وڃڻ بعد خليفي اندرئون اندر اطلاع ڏئي انهن کي گهرايو، ته پيسا اوهان به ڏيو ورنه پير سائين جن وَرِڪ تي خير سان اسرن [17] ٿا.
اتنهن جي ئي هڪ ٻئي بزرگ جو به معاملو اهڙيءَ طرح ٿيو.
”پنج هزار زوريءَ ڏئي ويا! اسان به روضي شريف جي مرمت ۾ کپائي ڇڏيا!“
خليفي ٻانهون ٻڌي عرض ڪيو:
”ڌڻي، ڀولو ڪونهي! خانصاحب کان وٺي، کڻي انهن کي واپس ڏينداسي.“ پير ڪنڌ هيٺ ڪيو. ٻئي خليفي وراڻي ڏني:
”پر خليفا وڏا، واهه جا ڳالهه ڪئي اٿي! اسان کي پاڻ خيال هو ته خانصاحب جن سان سائين جن جو پيءُ ڏاڏي جو رستو، مخالف سان ڪيئن وڃن!“
”اها صلاح واه جو ڪڍيئي!“

اسان پنج هزار کيسي مان ڪڍي کڻي اڳيان رکياسين، حالانڪ معلوم هو ته پيسن وٺڻ جو اهو به هڪ طريقو آهي. ٻي ڌر اڃا پهتي ئي ڪانه هئي. پيرن جون اهي حرامزادگيون هرڪنهن کي معلوم هونديون هيون، ليڪن مريد جو مجهول، انهن تي سندن اثر، پوءِ ڀلا اميدوار ڪاڏي وڃن!
اليڪشن جڏهن به ٿي، ڪٿي به ٿي، ۽ ڪنهن جي به ٿي، مثال شاذ و نادر ملندو ته ڪڏهن ڪنهن سيد پير بنان پيسي ورتي جي، ڪنهن جي مدد ڪئي، ڪنهن پيسن وٺڻ ۾ عار سمجهيو ته ٻئي طريقي وصول ڪري ويو- سوکڙي پاکڙيءَ جي نموني، موٽر، اٺ، گهوڙو، وغيره وغيره. بهرحال بنان اجوري ورتي جي، سواءِ قيمت وصول ڪئي جي، بطور شرافت جي، بطور خاندان جي، يا لائق ۽ نالائق جي تميز ڪري، ڪنهن ڪنهن جي مدد ڪانه ڪئي.
ڪي مرشد ته اليڪشنون ٻڌي، گهر ڇڏي، اچي مريدن ۾ ويهي رهندا هئا. اميدوار ورڪ تي اچن، ته پهريون مرشد سان چڪائن پوءِ مريد کان ووٽ جي گهـُـرَ ڪن. هڪ ڀٽي صاحب جي اليڪشن هجي، بهاولپور مان ڀٽن جي هڪ قبيلي جو مرشد چڙهي، اچي وٽن ويهي رهيو، چي:
”پهريون اسان راضي ٿيون، پوءِ ووٽ!“
”اڙي سائين، اميدوار ڀٽو، اسان به ڀٽا!“
”ڇا به هجي!“

ماڻهو ڀڄندو آيو، چي، ”سائين! مرشد اچي ويو!“ جڏهن نذرانو ڏئي، ٻِيءَ ڌر جي خوف کان کيس ٽيڪيٽان ڏئي، بهاولپور موٽايوسين، تڏهن ڀٽي صاحب کي ڀٽن جا ووٽ مليا. اهڙيءَ طرح اليڪشن سنڌ ۾ ٿئي، مرشد ڪي اُچ کان پيا ايندا، ڪي ملتان کان پيا ايندا، ڪن جو مڙه مقام ديري اسماعيل خان ۾ هوندو!
هڪ دفعي ٻاليشاهين جي مرشد سان اچي پالو پيو، چي:
”هي سڄو ٻاليشاهي عالم اسان جو چڳ وڍيو مريد آهي، جاڏي چئبو، تاڏي ويندا!“
مرشد جي پنهنجي صورت ۽ سيرت به پنهنجي مريدن جهڙي هئي، تنهنڪري اسان کي به يقين هو ته برابر چهڙڪو عالم سائينءَ جي سڳي ڌاڳي ۾ هوندو، ليڪن ساڳئي وقت اهو به خوف هو ته متان اسان کان پيسا وٺي، وري وڃي ٻيءَ ڌر سان گڏجي. تنهنڪري رقم جي آسري ۽ دلاسي تي رهائيندي رهائيندي، اچي اليڪشن جو ڏينهن ڪيوسين، پوئين ڏينهن ڪنهن ملازم شرارت ڪري ٻوڙ ۾ سنان مڪي ملائي ڇڏيا، صبح جو جڏهن اليڪشن شروع ٿي تڏهن شاهه صاحب جن کي گهڻائي ايلاز ڪياسين ته ”قبلا سائين، نذرانو حاضر آهي، هلي مريدن کان ووٽ ڏياريو!“ ليڪن افسوس، جو کين غسلخاني مان ئي واندڪائي ٿي نه سگهي، جو مريدن ڏي هلي سگهن!
اها ته خير اسان ڪئي تڏهن مذاق، جو هڪ نڌڻڪو مرشد هٿ اچي ويو هو، ورنه مرشدن جي شان ۾ اليڪشن جي ڏينهن ۾ ڪنهن کي طاقت آهي، جو چپ چوري سگهي، يا ڇڙي آڱر به ڏانهن ڪو سڌي ڪري سگهي! سندن حضور ۾ ٻيو ته ٺهيو، پر اميدوار يا اميدوار جي مدد گار کي کلي ڳالهائڻ جو به ساهه نه هوندو هو، متان ٽهول يا ٺٺول جو پهلو نه نڪري پوي.
اليڪشن ۾ پيرن جيڪو ڪردار ادا ڪيو، جنهن بي حيائيءَ سان هنن رشوتون ورتيون - جنهن بي ايمانيءَ سان هڪ ڌر کان وٺي، وري وڃي ٻيءَ ڌر کان وصول ڪري، اُن سان مليا، ان سندن وقار کي جيتوڻيڪ ڪافي ڌڪ هنيو، بلڪ هڪ ڳالهين تي ماڻهن کي کانئن عام نفرت ۽ حقارت ٿي پئي، ليڪن تنهن هوندي به ضرورت پوڻ تي اميدوارن يا حاجتمندن کي وٽن وڃڻو ئي پوندو هو. پر اِهو هو ائين، جيئن ضرورت پڄاڻان ماڻهو بازاري عورتن وٽ ويندو آهي.
الغرض انهيءَ طبقي منجهان مٿي بيان ڪيل، بلڪ ان کان به زياده ڪيترن ئي قسمن جا نقصان سنڌ ۽ سنڌي قوم کي پهتا- معاشرتي، اقتصادي، اعتقادي، مذهبي، خواه سياسي. اهڙيءَ طرح سنڌي زندگيءَ جو اهڙو ڪوبه پهلو ڪونه هو، جنهن تي انهيءَ طبقي جون حرامڪاريون اثرانداز نه ٿيون هجن - انهن پيرن ۽ خانقاهي نظام جون حرامڪاريون اڄڪلهه جون نه آهن، اهي هر زماني ۾ ۽ هر انهيءَ جاءِ تي جاري رهيون آهن، جتي نظام جي ابتريءَ ۽ استبدادي قوتن عوام کي پيڙا ۾ آڻي ان جون متيون منجهايون آهن ۽ واٽون بند ڪيون آهن. مولانا جامي خود صوفي هو پنهنجي دور جي انهيءَ نظام جي رکوالن جون دانهو هن ريت ڪري ويو آهي:

حـــــذر از صـــوفــيــــان شــهـر و ديار هــمـــہ نــــامــــردمـند و مردم خوار
کــــارشـــان غير خواب و خــوردن نہ هـــيــچ شــان فــــکــر روزِ مـُـردن نـہ
ذکـــر شـــان صــرف در وحوه مــعاش فکر شان صرف بهر، سُفره و آش
هـــر يـــکي کــــرده مـــنــزلـــي ديـــگر نــــــام آن ”خـــــانقاه“ يــــــا ”لنگر“
ديـــگـــــران کـــنـــده ديـــگ بـــنـهـاده کــــــــرده آلات مــــطـــبـــخ آمـــــاده
چشم بردرکہ، کيست کزده و شهر؟ بــــافـــتــہ از طـــريــق مـردان بهر!
گـــــوشت يـــــا آرد آورد دو سہ مَن تـــــا نـشـيـنـد بــــصـــدر، شيخِ زمن

----
بهـــــر آش اســــت آشــــنــــــائـــي او و آتــــشِ ديــــــگ روشــنـــائــــي او
----

اين نه صـــوفــي گـــري و آزاديسـت بــلـــکه کيدي گري و قواديست [18]
سو سنڌ جا پير ۽ خانقاه نشين چڱا مڙس ڪونه هئا، بلڪ دستوري طرح مڪار (ڪيدي) ۽ بي حياءَ (قواد) هئا.

* * *

سنڌ جي پيرن، خانقاهن، ۽ سجاده نشين جا اِهي حال هئا، مذهب ۽ اسلامي عقائدن جي اهڙيءَ طرح زوال ۽ زبوني هئي، اڻ پڙهيل ۽ اٻوجهه عوام ۾ اِنهيءَ حد تي لاديني پهتي هئي! انهن حالتن سنڌ ۾ وهابيت کي زور وٺرايو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ انهيءَ عقيدي جي بزرگن سنڌ ۾ مذهب جي واقعي وڏي خدمت ڪئي، بلڪ لادينيت جي خلاف عظيم جهاد ڪيو ۽ گهڻيءَ حد تائين مومل جي ماڙيءَ وانگر عوام کي گرفتار ڪرڻ ۽ منجهائي مارڻ جو جيڪو پيرن ٽڪساد کڙو ڪيو هو، ان کي ڊاهي رکيائون. اهي انهيءَ جدوجهد جا ئي نتيجا آهن، جو اڄ عوام گهڻيءَ حد تائين سندن سڳي ڌاڳي مان نڪري چڪو آهي.
سڀ کان پهريون سنڌ اندر انهيءَ جهاد في سبيل الله جو جهنڊو مولانا دين محمد وفائي بلند ڪيو. خدا جون مٿس رحمتون هجن، دُئالي بند هجڻ جي باوجود به اِنهيءَ مقصد جي سرانجاميءَ خاطر هن پنهنجي هڙان خرچ ڪري، ”توحيد“ جي نالي سان هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو ۽ تقريباً پنجويهه - ٽيهه سال مسلسل انهيءَ رسالي جي ذريعي سنڌ جي پيرن، خانقاه نشينن ۽ رياڪار مرشدن جون ٿڳڙيون ڪڍندو رهيو ۽ صحيح عقيدن جي نشر و اشاعت ۽ غلط اعتقادن جي مذمت ڪندو رهيو. ”توحيد“ رسالي جي ذريعي مولانا جي مضمونن ماڻهن تي وڏو اثر پيدا ڪيو ۽ سنڌ ۾ هڪ وڏو گروهه سندس همنوائيءَ ۾ نڪري پيو. مولانا چشتي، مولانا محمد هاشم، واعظ الاسلام مرحوم وغيره، مولانا مرحوم جي انهيءَ جدوجهد جو نتيجو هئا، جن اڳتي هلي پنهنجي زندگيءَ جو به اهوئي مقصد بڻائي ڇڏيو. پنهنجي انهيءَ تحريڪ جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ خاطر ۽ مسلمانن کي رسول پاڪ جي صحيح احڪامن سمجهائڻ خاطر ئي هن پهريون دفعو صحيح بخاريءَ جو سنڌي زبان ۾ نهايت صحيح ۽ سهڻو ترجمو ڪيو. ازان سواءِ سندس قلم مان انهيءَ سلسلي ۾ ٻيا به ڪيترا مفيد ڪتاب نڪتا.
”توحيد“ سان گڏ ”الوحيد“ اخبار پڻ انهيءَ ڏس ۾ عظيم الشان خدمت ڪئي. پيرن جي غلط اثر کي زائل ڪرڻ ۾ انهيءَ اخبار جون خدمتون به وسارڻ جهڙيون نه آهن، ليڪن ”الوحيد“ چونڪ سياسي پرچو هو، تنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن ان جي اداري کي مصلحت بينيءَ کان به ڪم وٺڻو ٿي پيو، پر ”توحيد“ اڳيان نه ڪا سياسي مصلحت هئي نه ڪا غير سياسي مصلحت، هن جي مصلحت اول کان آخر تائين فقط سچي پچي دين جي پرچار ڪرڻ هئي. اهوئي سبب ٿيو، جو سندس انهيءَ تواتر ۽ يڪسان پاليسيءَ مسلمانن جي ذهن کي ڏاڍو متاثر ڪيو.
”توحيد“ ليٿو ۾ ڇڀي هئي، ڪي سال ٽائيپ ۾ به ڇاپي ويئي. اهو مدار هوندو هو دراصل مولانا جي مالي حالت تي. جي خريدارن چندا موڪلي ڏنا، ته ”توحيد“ ٽائيپ ۾ ڇپي، جي چندن جي وصوليءَ ۾ هيٺ مٿاهين ٿي ته ”توحيد“ ٽائيپ مان لهي، اچي ليٿوءَ تي بيهندي. بهرحال ”توحيد“ جي ظاهري حسن ۽ بيهڪ ڏي انهيءَ زماني جي مذاق مطابق ڪنهن جو به توجهه ڪونه هو. رسالي جي جيڪا معنوي حيثيت هئي، ماڻهن جي دلين تي ان جو ڌاڪو هو.
”توحيد“ جي ذريعي مولانا ٻين اعليٰ عنوانن کي به ڇيڙيو، مثلاً علمي مضمون، اسلامي تاريخ تي مضمون، اسلامي مشاهيرن ۽ سچن بزرگن جون سوانحون، سنڌ جي تاريخ تي مقالا، غرض ته هر مفيد مضمونُ ”توحيد“ پنهنجي دامن ۾ کڻي مسلمانن جي اڳيان پيش ڪندو هو.
مولانا سنڌ جي علمي دورِ جديد جو عالم هو، جنهن اسلامي علومن، اسلامي تاريخ ۽ اسلامي عقيدن جو صحيح مطالعو انهيءَ ڪڙيءَ تي ڪيو، جنهن تي هندستان اندر مولانا شبلي ڪري رهيو هو. اسان جو مولوي صاحب سنڌي اديبن ۾ پهريون عربي دان اديب ۽ عالم هو، جنهن سنڌ سان متعلق عربي زبان جي تاريخن ۽ ادبي ڪتابن جو جائزو ورتو، ۽ اسان جا قديم سنڌي عالم عربي دنيا اندر جيڪي علمي ڪارناما ڇڏي ويا هئا، انهن مان پاڻ به واقف ٿيو ۽ سنڌين کي به هن پهريون مرتبو انهيءَ ”توحيد“ جي ذريعي واقف ڪيو. ميان مير سنڌي، مولانا محمد حيات سنڌي، ابو عطا سنڌي، مخدوم عبدالله ۽ رحمت الله سنڌي، ابوالحسن صغير ۽ ڪبير سنڌي، ابو عطا سنڌي، ابو رجا سنڌي، وغيره سڀ مولانا جا دريافت ڪيل آهن. انهن سان اسان جي پهرين آشنائي مولانا جي قلم ڪرائي ۽ سندس رسالو ”توحيد“ ان جو ذريعو بڻيو. اڄ انهن يا اهڙن ٻين بزرگن تي اسان جيڪي ڪجهه لکي رهيا آهيون، سو درحقيقت مولانا مرحوم جو ئي ڏس پتو سمجهڻ گهرجي.
مولانا ڏاڍو ذهين هو. منجهس سوچڻ ۽ سمجهڻ جي به صلاحيت حد هئي. نظر به گهري ۽ دور رس ته دماغ به اعليٰ ۽ رسا هيس. تنهنڪري هن جيڪو مطالعو ڪيو، اهو نه ٺلهو هو نه سطحي، بلڪ ان مان هن پنهنجي ذهانت جي زور تي نوان نتيجا ڪڍيا ۽ مضمونن ۽ معاملن جي تـَـهـَـن تائين پهچي، انهن مان موتي ۽ مرواريد ٻاهر ڪڍي آيو. اهوئي سبب هو، جو هن جن جن عنوانن سان اسان کي آشنا ڪيو، سي خود سندس معاصر عالمن لاءِ به غير مانوس هئا، بلڪ کانئس ٿورو اڳ جي عالمن جي به انهن تي نظر پئجي ڪانه سگهي هئي.
مولانا جي ”توحيد“ واريءَ تحريڪ سنڌين جي دلين تي ان ڪري به گـَـهرو اثر ڪيو، جو سندس سنڌي تحرير ۾ هڪ دلڪشي ۽ دلنشيني، هڪ ربط ۽ بي پناه فصاحت هئي، جيڪي خوبيون عام طرح سندس معاصرن جي تحريرن ۾ مفقود هيون، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عالمن جو فارسيءَ ۽ عربيءَ تي ايترو زور هوندو هو، جو کين سنڌي لکڻ مورڳوئي ڪانه ايندي هئي، ۽ ٻيو جيڪو کڻي سنڌي نثر لکندا هئا، ته اهو نهايت ئي بي ربط، فتوائن جي انداز ۾، نه عبارت ۾ تسلسل ۽ نه لکڻيءَ ۾ سـَـنوتِ- ان اپراند انهن جي تحريرن ۾ عربيءَ ۽ فارسيءَ جي غير مانوس ۽ ڦوڙاٺ اکرن جي دَٻ ڦـُـس. مولانا مرحوم پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن عربيءَ ۽ فارسي جي مسلّم مهارت جي باوجود سنڌي نثر کي سولائي ۽ صفائيءَ سان نهايت روان لکيو. مولانا جي تحرير ايتريقدر باربط ۽ پورن پـُـنن لفظن ۾ هوندي هئي، جو ان ۾ هڪ اکر به زائد يا غير ضروري ڪونه لڀندو، ۽ ايتري ضبط ۽ نظم سان، جو جيڪڏهن ڪنهن اکر کي هڪ جاءِ تان ڦيرائي ساڳي ئي جملي ۾ ٻئي هنڌ تي آڻبو، ته اهو اتي سونهين ئي نه سگهندو، ۽ جملي جي سڄي ساخت ٽٽي پوندي.
خير، اهي ته ڳالهيون ٿيون مولانا جي علم، فضل، نثر ۽ انداز تحرير جون، ليڪن حقيقت ۾ انهن سمورن خداداد صلاحيتن کي مولانا خدا جي ئي رستي ۾ ڪتب آڻيندو رهيو، ۽ خدا جي خدائيءَ اندر پيرن جيڪا پنهنجي خدائي ۽ خداوندي ٺاهي هئي، ان جي مسمار ڪرڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ صرف ڪندو رهيو.
”توحيد“ 1947ع تائين هلندي رهي. آخري زماني ۾ جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي جلاوطنيءَ جا ايام پورا ڪري سنڌ ۾ آيو [19]، ان وقت ابتدا ۾ ته مصلحتاً پير پرستيءَ جي خلاف مولانا لکڻ ”في الحال“ ڇڏي ڏنو، ليڪن پوءِ ڏٺو ويو ته مولانا گهڻيءَ حد تائين پنهنجن عقائدن تان به رجوع ڪري ويو. آخري زماني ۾ مولانا پيريءَ مريديءَ جو قائل ٿي ويو ۽ انهيءَ سانحي جي سڄي ذمه داري تنها مولانا عبيدالله سنڌيءَ تي آهي.


__________
[1] ”حساب“ معنيٰ هن کي جن ڀوت جي سٽ آيل آهي.
[2] ”هدو“ (عهد) معنيٰ اختيار مليل آهي.
[3] ”وَلو“ معنيٰ ناجائز قبضو. ”وڪڙ چاڙهڻ“ به انهيءَ معنيٰ ۾ ڪتب ايندو آهي. ان جون ٻيون مختلف معنائون به ٿين ٿيون. مثلاً:
وڪڙ چاڙهڻ: ٻئي کي ڳالهين ۾ ڦاسائي، ڪنهن ڳالهه جي سچي ڪرائڻ.
وڪڙ ڏيڻ: رسيءَ کي چوڌاري ڦيرائي ٻڌڻ.
وڪڙ آهي: رستي ۾ اتان گولائي آهي، يعني رستو مـُـڙي ٿو.
[4] منزل جو بگاڙ.
[5] معنيٰ اهو ماڻهو جيڪو اٽي، ان، کير ۽ مکڻ جي پاري مٿي تي نذراني طور کڻي، ٿوري ٿوري وقفي بعد پيو مرشد جي درگاهه سڳوريءَ تي پهچائي.
[6] ڪي جاهل مرشد مريد ڪرڻ وقت ماڻهوءَ جي وارن جي چڳ وڍي ڇڏيندا هئا. بيعت واري مريد کان اهو چڳ وڍيو مريد زياده پختو ۽ مخلص سمجهيو ويندو هو.
[7] خرجين سوٽي يا اُن جي ڏاس جي سنڌ ۾ ڏاڍي سٺي ۽ مضبوط ٺهندي آهي. انهيءَ کي به کيسا هوندا آهن. سفر ۾ انهن ۾ سامان وجهي هلبو آهي.
[8] 1- نذرانو - جيترو سَري سگهي، اهو ڏجي - مريد ۽ مرشد جي حيثيت تي آهي.
2- ٻانڌاڻ - ڪن مريدن تي ساليانو مقرر هوندو آهي، ان کي چئبو آهي ٻانڌاڻ ٻڌل.
3- پـُـڳر - پنيءَ مراد پٺيان جيڪي باس هجي يا پڄي سگهي، سودرگاه تي آڻي ڏجي - اهو آهي پـُـڳر.

[9] دادو ضلعي جو مشهور پير ٿي گذريو آهي.
[10] هر هڪ درگاهه جي پنهنجي نشاني ٿيندي آهي. سفر ۾ڪو جهنڊو ساڻ کڻندو، ڪو گهڙيال وڄرائيندو هلندو، ڪو ذڪر ڪرائيندو هلندو.
[11] انهيءَ منهن ڪارائيءَ جو خانقاهي محاورو آهي ”هَڏَ پاڪ ڪرڻ“ يا ”هَڏَ پاڪ ڪرائڻ.“
[12] جنهن عورت کي سيد ڀڄائيندو هو، ان لاءِ چئبو هو ته ميان هاڻي نبيءَ جي ننهن ٿي، ڪيئن موٽي اُمتيءَ کي ملندي؟ سيد جي صحبت کان پوءِ ٻئي اُمتيءَ لاءِ حرام ٿي پئي!
[13] پير جو پٽ جيسين نابالغ هوندو، تيسين ان کي ”نينگر“ سڏيو ويندو، جڏهن اٿڻ ويهڻ هلڻ چلڻ جهڙو ٿيندو، يعني پرائيءَ عورت کي ڏسي مڇن کي مروٽڻ جهڙو ٿيندو، تڏهن کان وٺي ”صاحبزادو“ سڏبو.
[14] سيد جي گهر وارِن کي ”بيبي“ يا ”صاحبَ“ سڏيو ويندو هو. اهو اکر ٽالپرن ۾ به مروج آهي. ان کان سواءِ ”ديري“ جو اکر به ٽالپر انهيءَ مقصد لاءِ ڪتب آڻيندا آهن.
[15] يعني بخار يا تپ.
[16] مرشدن کي جيڪا اهڙي رشوت ڏبي هئي، ان کي به نذرانو چئبو. اهڙيءَ طرح نذرانن جي نالي ۾ مرشد جيتري به رشوت وٺندو، اها ان کي ڄڻ شيرمادر آهي- نه ڏوهه، نه لـڄ، نه شرم.
[17] پيرن ۽ مرشدن جي وڃڻ کي ”اُسرڻ“ يا ”اُسِهَڻ“ چئبو آهي. سندس غير موجودگيءَ لاءِ اکر ڪتب آڻبا: ”سائين جن خيرڪي“ يا ”پاڻ خيرڪي آهن“!
[18] از سلسلة الذهب.
[19] مولانا 1919ع ۾ جيئن انگريزن جي خلاف تحريڪ شروع ڪري سنڌ مان نڪتو، ته وري انگريزن کيس اچڻ نه ڏنو. 1937ع ۾ الله بخشيس الله بخش شهيد پنهنجي وزارت جي زماني ۾ انهيءَ حڪم کي رد ڪري، مولانا کي گهرايو.

8

منجهان پيئي مَڪڙيءَ، ڪا جا پاڻيءَ پڪَ،
وکر هڻي وِڻڪ، ڪَٽجي ڪارو ٿيو.

- شاهه

”ڪون هوتا هـي يوپي ڪا مسلمان؟
انگريز ڪا غلام!
اسـي ڪيا خبر ڪہ آزادي ڪسي ڪهتي هين؟
جو آزادي ڪي ڪوشش ڪري اس ڪي مخالفت ڪرنا ڪفر ڪـي برابر هــي!
اس وقت ڪانگريس ڪي آڙي آنا جهالت اور وطن دشمني هـي !“
”اور جناب يه جو ظلم [1]...“
”ڪون سـي ظلم؟“
يه سب انگريز ڪي سکائي هوئي داستانين هين!“
جلال ۾ چهرو لال، اکيون سرخ ڄڻ شعلا پيون ڇڏن، هيون اگرچه سنهيون ليڪن معشوق جي آهو چشمن کان به سو دفعا سرس، حسين ۽ جاذب. انٽر ڪلاس جي محدود ڊيگهه ۾ هڪ پوڙهو شخص جوش ۽ جذبي وچان هڪ سري کان ٻئي سري تائين تيز تيز قدم کڻي رهيو هو. سندس مخاطب هڪ ٽڪيٽ ڪليڪٽر هو، جيڪو يوپيءَ جو باشندو ٿي ڏٺو. سيٽ تي هڪ ٻيو سفيد ريش به اجرڪ بت کي ويڙهيون، اخبارن جو بنڊل ڪڇ ۾ ڪيون ويٺو هو. ٻنهي بزرگن جا مٿا اگهاڙا ۽ ڪوڙيل، سنهاريون وڏيون ۽ اڇيون جهڙيون کير، لٽا کاڌيءَ جا ٿلها، اڇا ۽ کار ۾ ڌوتل. سيٽ تي ويٺل بزرگ جي چهري تي هڪ اطمينان ٿي ڏٺو - هلڪي مشڪ منهن تي، جوشيلي پوڙهي مڙس ڏي هن ائين ٿي ڏٺو، جيئن ڪو عاشق معشوق کي ڏسي پيوٺرندو آهي.
”يوپي ڪـي مسلمانون ڪو شرم نهين آتي!
يه لوگ خدا سي نهين ڊرتـي!
دائمي غلام رهنا چاهتي هين!
انگريز ڪـي هوتـي هوئـي ، همارا مذهب ڀي قائم نهين هــي.
هندو اگر دشمن هـي تو وه مقامي هـي!
اس سي هم نپٽ لينگـي!
ليڪن انگريز!
وه تو پوري دنيائي اسلام ڪا دشمن هـي!
هم معمولي دشمن ڪو تو ديکتـي هين، ليڪن!
ليڪن! ليڪن! ليڪن!
هر اس دشمن ڪي غلامي قبول ڪرتـي هين!
جو هر محاذ پر مسلمانون ڪا پتا ڪاٽتا رهتا هـي!
شرم نهين آتي!
يه نهين سمجهتـي ڪه انگريز اگر هندوستان سي گيا، تو پهر مڊل ايسٽ مين اس ڪـي پائون ڪهين ڀي نهين ٽڪ سڪتي!“
”هندوستان ڪي آزادي دنيائي اسلام ڪي آزادي هـي!“
”ليڪن جناب....!“
”ليڪن ميڪن هم نهين جانتـي!
هم صاف بتائـي ديتـي هين!
هم قطعي آپ لوگون ڪو، جو غلام ابن غلام هين!
ڪهه ديتـي هين ڪه انگريز ڪا جو دوست هـي، وه مسلمان ڪا دشمن هـي، وه اسلام ڪا دشمن هـي،وه رسول اور اس ڪي الله ڪا دشمن هـي!
انگريز ڪـي شه پر مظالم ڪـي جهوٽـي قصـي گهڙلئـي گئـي هين!
انگريز ڪـي تنخواه بردار غلام!
تنخواه بردار غلام! تنخواه بردار غلام!...“
جوش ۾ اچي سندس زبان وچڙي ٿي پـِـئي. هڪ هڪ فقري ۽ لفظ کي ٻه ٽي ٻه ٽي دفعا کيس دهرائڻو ٿي پيو.
”بـيشرم، غلام، جاسوس، تنخواه خور، نمڪ خور!...“
پوڙهي تي جلال جي سخت ڪيفيت طاري هئي، سندس سنهاريءَ جا وار به کڙا ٿي ويا هئا.
”خدا سي نهين ڊرتي، اسلام ڪي لاج نهين هـي!...“
ايتري ۾ باگڙجي اسٽيشن تي گاڏي اڃا پوريءَ طرح بيٺي نه هئي، جو ٽـِـي، ٽـِـي گاڏي مان ٽپو ڏئي هليو ويو. جنهن وقت هن ٽپو ڏنو، ان وقت سندس چهري تي هراس ٿي ڏٺو.
اهو هو حضرت مولانا عبيدالله سنڌي، جيڪو سترنهن ورهيه، انگريز دشمنيءَ جي ڏوهه ۾ جلاوطني ڪاٽي، هاڻي وطن پهتو هو، ۽ سندس ٻيو سنگتي هو مولوي عبدالله لغاري، جيڪو سندس قديمي ساٿين مان هو ۽ سالن پڄاڻان وڇڙيل ساٿي پاڻ ۾ مليا هئا.

* * *

جنهن وقت مولانا سنڌ ۾ پهتو، ان وقت مسلم ليگ پنهنجي نئين دؤر ۾ نئين نئين ظهور ۾ آئي هئي. اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد ڪيترن صوبن ۾ ڪانگريسي وزارتون ٺهي چڪيون هيون. جن صوبن ۾ ڪانگريس کي اڪثريت ڪانه هئي، اتي ان جا ميمبر قومي خيال رکندڙ مسلمانن جي حمايت ڪري رهيا هئا، مثلاً سنڌ ۾ الله بخش وزارت کي سندن امداد حاصل هئي. ليگ، جناح صاحب جي قيادت ۾، هندستان جي مسلمانن کي يڪمشت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هئي ۽ تقريباً سڀئي سرڪار پرست ۽ خطاب يافته مسلمان جن سڄي رندگي انگريزي اقتدار جي پشتي باني ٿي ڪئي، ان ۾ داخل ٿي چڪا هئا، ۽ مسلمانن جي اڳيان جيڪو نعرو بلند ٿيڻ لڳو، سو انگريز دشمنيءَ جو نه، بلڪ هندو دشمنيءَ جو. اهوئي سبب هو، جو مولانا عبيدالله سمجهيو ٿي ته ٿورائيءَ وارن صوبن جي مسلمانن، ڪانگريسي وزارتن جي بعض ڪوتاهين ۽ ڪن غير اهم انفرادي غلطين کي وٺي، ڳالهه مان ڳالهوڙو بڻايو آهي. ازانسواءِ هو انگريز دشمنيءَ ۾ ايترو وڌيل هو ۽ سرڪار پرست مسلمانن جا کيس ايترا هٿ لڳل هئا، جو ان کي ليگن واري انهيءَ سرڪار پرست مجموعي ۾ يقين ئي نه ٿي آيو ته اُهو پنهنجي قديمي روايتن جي خلاف وڃي، ڪو انگريزن کي ڪڍڻ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جو معاون ثابت ٿيندو. سرڪار پرستن جي اجتماع جي ڪثرت کي ڏسي، ليگ تان مولانا جو ايمان کڄيو ٿي ويو، تنهنڪري هن هر قيمت تي في الحال ڪانگريس جي حمايت ڪرڻ ضروري ٿي سمجهي. انهن تاثرات سبب مولانا جيئن ڪراچيءَ جي بندر تي آيو، تيئن ڪانگريس جي حمايت جو اعلان ڪيائين.

مولانا جي ذهن ۾ قومي بنيادن تي آزاد هندستان جو نقشو هو. هن نٿي گهريو ته طبقاتي ۽ مذهبي منافرت کي پکيڙي هندستان اندر ايترو انتشار آندو وڃي جو ان جي ڪري انگريز جا پير هتي مضبوط ٿي وڃن. مولانا جن سنگتـِـن سان گڏجي، اڄ کان ويهه سال اڳ، آزاديءَ جو تحرڪ شروع ڪيو هو، سي سڀئي ڪانگريس ۾ هئا، جنهن ڪشش پڻ مولانا جي دل ۾ ڪانگريس جي وقعت وڌائي ٿي- مولانا ابوالڪلام، مولانا حسين احمد مدني، مولانا ڪفايت الله، مولانا احمد سعيد، ڊاڪثر ڪچلو، رفيع احمد قدوائي، وغيره وغيره.
مولانا اچڻ سان هندستان جو گشت ڪيو. ساٿين سنگتـِـن سان مليو، سياسي سماچار هر طرف ۽ هر طرح ڪنايائين. جنهن بعد هن سنڌ اندر ازسرنو جدوجهد شروع ڪرڻ جو پَههُ پچايو. سڀ کان پهريون هـُـن سنڌ ۾ عالمن جي طبقي کي، جيڪو فالج زده عضوي وانگر بلڪل بيڪار ۽ معطل ٿي چڪو هو، سجاڳ ۽ منظم ڪرڻ شروع ڪيو. هنن کي آماده ڪيائين ته هو سياست ۽ ملڪ سان به دلچسپي وٺن، نئين دنيا سان روشناس ٿين ۽ گوشـہ نشينيءَ جي زندگي ترڪ ڪري، مراقبن ۽ چلن مان نڪري، مدرسن جي نـُـکن تان اٿي، اچي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ حصو وٺن، ۽ ملڪ جي سڀني مسئلن ۾ ٻين طبقن وانگر دخيل ٿين. مولانا جي تحريڪ هئي ته علماءِ ڪرام عبائون ۽ قبائون ترڪ ڪري ڪوٽ پتلون پائن، دستار مبارڪ جي گنبد مان نڪري مٿي تي ٽوپلا رکي گهمن، جي ٽوڀلا نه پائن ته ڪم از ڪم دستار جي پابندي ڇڏي ڏين ۽ اگهاڙي مٿي کان کين عار اچڻ نه کپي. حقيقت ۾ اهي ته هئا مولانا جا استعار! دراصل هن عالمن سڳورن کي سندن محدود ۽ اَڏوهي ورتل دنيا مان ڇڪي، ٻاهر ڪڍڻ گهريو ٿي:

زڪُنج صومعه، حافظ! مجوي گوهرِ عشق
قدم برون نهِ اگر، ميل جستجو داري
علمائن سان گڏ مولانا پيرن، مرشدن ۽ سجادن کي به سندن غير شرعي ۽ عفونت آميز عالم مان ڪڍي شائسته دنيا جو باشندو بنائڻ گهريو ٿي.
ٽيون ته مولانا هڪ دارالعلوم ٺاهڻ گهريو، جنهن ۾ جديد تعليم جي ذريعي نوجوانن کي اهڙي طريقي تي تيار ڪرائي، جو اڳتي هلي اُهي ملڪ ۾ قوم لاءِ ڪمائتا ثابت ٿي سگهن.
مولانا هڪ سياسي پارٽي به ٺاهڻ گهري ٿي، جنهن جو نالو هن ”نربدا سنڌو ساگر جمنا پارٽي“ رکيو هو. نالو هر چند بي ربط ۽ بي جوڙ ۽ غيرشاعرانه هو، ليڪن ڏسڻو آهي مولانا جي نيت کي، جيڪا ملڪي وحدت کي ٽوڙڻ لاءِ هرگز تيار نه هئي.
انهيءَ نئين دنيا ٺاهڻ جو آغاز مولانا پير جهنڊي جي ڳوٺ مان هڪ مرڪز ٺاهي ڪرڻ گهريو ٿي، جنهن لاءِ زمين جو هڪ پَيَل ٽڪرو ته پير صاحب جهنڊي واري ڏنو هو. مرڪز هلائڻ لاءِ باقي چند هزار رپين جي ضرورت هئي، جنهن جي گڏ ڪرڻ لاءِ مولانا هر انهيءَ ماڻهوءَ سان ذڪر ڪڍندو هو، جيڪو ساڻس ملڻ ويندو هو.
مولانا جي آخري زيارت مون کي ان وقت نصيب ٿي، جڏهن آءٌ ۽ پير الاهي بخش کڏي جي مدرسي واري بالاخاني ۾ سندس مزاج پرسي ڪرڻ ويا هئاسي. مولانا کي اسهالن جو عارضو هو. ڏاڍو ڪمزور ٿي چڪو هو. جوش خروش ساڳيو، مرڪز کولڻ جي آرزو ڏاڍي ۽ چندي گڏ ڪرڻ لاءِ خواهش اهائي. ان وقت مولانا چندي جي انگ کي گهڻو هيٺ لاهي چڪو هو، يعني رپيا جملي ست هزار سردست کيس گهربا هئا، جن جي ذريعي في الحال هو مرڪز کولي ڪم شروع ڪري سگهي.
انهيءَ ئي ملاقات ۾ مولانا مون کي ارشاد ڪيو ته جيڪڏهن آءٌ ساڻس شامل ٿي ڪم ڪريان ته هوند سندس سڀئي مشڪلاتون آسان ٿي پون. انهيءَ وقت مون کي معلوم ٿيو ته مولانا وٽ سندس تحريڪ لاءِ نه فقط ست هزار رپيا ڪونه آهن، بلڪ وٽس ماڻهن جو به ايڏو قحط آهي، جو مان جهڙي ماڻهوءَ جي شموليت کي به هو اهميت ڏئي رهيو آهي. مون کي جهٽ اُنهيءَ مائيءَ وارو قصو ياد اچي ويو، جنهن جي ڀاءُ کي جڏهن ڳوٺ وارن چڱ مڙسيءَ جي پڳ ٻڌائي، تڏهن ٻـَـئي هٿ گوڏن تي هڻي روئي ويٺي، چي: ’روئان ٿي تڏهن، جو اسان جي شهر مان، جي ماڻهو هئا، سي سڀ مري ويا، ورنه ڪنهن کي لاچار پيو هو جو ادي کي پڳ ٻڌائن ها!‘
بهرحال مولانا جي طبيعت به نجهرندي وئي. نه ست هزار جمع ٿي سگهيا، نه مرڪز ٺهي سگهيو. مولانا آخر هڪ ڏينهن وصال ڪري ويو. سندس جدوجهد جي نتيجي طور هيٺيون ڳالهيون ٿيون:-

1- پنجاب جي هڪ نوجوان پروفيسر سرور مولانا جي عنوان تي پنج ڇهه ڪتاب لکي بازار ۾ آندا.
2- پنجاب ۾ ’سنڌو ساگر نربدا جمنا اڪاڊمي‘ ٺهي، جنهن اهي ڪتاب ڇپايا.
3- دارالمصنفين وارن اعظم ڳڙهه مان مولانا جي سوانح ۽ تعليمات تي هڪ ڪتاب شايع ڪيو.
4- سنڌ جي مولوين مان فقط ٻن نوجوان مولوين، مولانا جي سنت ۾، پنهنجا مٿا ڪوڙايا ۽ مٿو به اگهاڙو ڪري گهمڻ لڳا. سندن ڳالهائڻ جو رنگ ۽ ڍنگ به مولانا جي ڳالهائڻ جهڙو ٿي ويو: جدا جدا، بي جوڙ جملا، جن ۾ فقط اشارا، موضوع هڪ هجي ليڪن گفتگو وقت سڄي دنيا جا قصا گڏي، اهڙيءَ طرح مسئلو منجهائي ڇڏجي، جو ان جي شرح ۽ تفسير لاءِ هر وقت هڪ شارح جي ضرورت ٿئي.
5- شاهه ولي الله ۽ شاهه ولي الٰهي تحريڪ. راقم الحروف اهي نالا ٻڌندو رهيو ٿي، ليڪن ماهيت معلوم ڪرڻ جي پٺيان ڪڏهن ڪونه پيو.
6- چند اڻ پوريون تصنيفون ۽ قرآن مجيد جو هڪ نامڪمل شرح، جنهن تي پڻ هڪ شرح جي ضرورت محسوس ڪئي ٿي وئي.
7- هڪ نيم ديوانو ڀاڻيجو، جنهن کي خيال آهي ته [2] مولانا مرحوم جيڪي ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويو آهي، تن کي هو توڙ رسائيندو. پهريائين سنڌ جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ رهندو هو، اتان ٽپڙ کڻي اچي کڏي (ڪراچيءَ) ۾ رهيو. هڪ ڏينهن شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ وٽ آيو، چي:

”اسان کي پنهنجي اوطاق ۾ رهڻ ڏيو!“
”بابا، تون مسڪين آهين، ڪراچيءَ ۾ ڪٿان گهرگهاٽ جا خرچ پورا ڪندين؟“
”اسان کي مولانا جي رٿيل پروگرامن کي هت مرڪزي شهر ۾ رهي پورو ڪرڻو آهي!“
”منهنجو ته خيال آهي ته تون جيڪر سنڌ ۾ هليو وڃين.“
”اسان جي زندگيءَ جو مقصد اُتي رهي پورو ٿي نه سگهندو.“
”کڏي مان ڇوٿو لڏين؟“
”جاءِ وارا مسواڙ لاءِ تنگ ٿا ڪن!“
”جي تون مسواڙ به ڏئي نٿو سگهين ته ٻيا خرچ ڪٿان ڪندين؟“
”اوهان فقط اسان کي اوطاق ڏيو، باقي خرچ جڏهن پروگرام شروع ڪياسي ته پاڻهي پيا پورا ٿيندا!“
”سدا اچي رهو، مولوي صاحب! جاءِ ته اجها هيءَ حاضر آهي!“

کڏي جي جاءِ مان مسواڙ جي طاقت نه هجڻ سب بزرگ ٽپڙ کڻي اچي شيخ صاحب جي انهيءَ مسواڙي جاءِ جي هڪ حـصي ۾ ويٺو، جيڪا سول اسپتال جي سامهون آهي. اوطاق کي پلويڙو ڏئي گهر لاءِ پردو ڪيائين، پلويڙو آهستي آهستي راتين جو ويو سرندو، ڪشادو ٿيندو ۽ جاءِ والاريندو، ۽ آخر اچي انهيءَ حد تائين ويڪر ۾ وڌيو، جو شيخ صاحب جي اڌ ميدان کي سوري کڻي اندر ڪيائين. ڇهن مهينن بعد معلوم ٿيو ته اها اوطاق مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ڀاڻيجي نه فقط مخفي طرح پنهنجي نالي الاٽ ڪرائي ڇڏي، بلڪ حفظ ماتقدم جي طور تي شيخ صاحب ۽ سندس فرزندن تي ڪورٽ ۾ به هڪ ٻه ڪيس داخل ڪري ڇڏيائين، ۽ اهڙيءَ طرح هن مولانا مرحوم جي ڇڏيل پروگرامن کي پوري ڪرڻ جي بسم الله فرمائي، ۽ اهو ڏسڻ ۾ آيو انهيءَ اخلاق جو نمونو جنهن کي مولانا پنهنجي صحبت ۾، جيڪا اڪسير جو اثر رکندڙ چئي ٿي وئي، تربيت ڏئي تيار ڪيو هو!

8- مولانا عبدالله لغاري، جيڪو [3] نهايت پـُـر مذاق ۽ شگفته مزاج ماڻهو هو: ان کي به اهائي خواهش هئي جيڪا مولانا جي ڀاڻيجي کي هئي.
9- مولانا مرحوم دين محمد وفائيءَ جي عقائدن جو سانحو، ۽ سنڌ جي مسلمانن جي مذهبي عقيدن واريءَ اصلاح جي تحريڪ جو خاتمو.
مولانا جو خيال هو ته سنڌ ۾ پيرن جو اثر تمام گهڻو آهي. سندس پنهنجو تعلق به دوستيءَ خواه عقيدت جي صورت ۾ اسان وارن پيرن، درگاهن ۽ خانقاه نشينن سان هو. هن گهريو ته عام مسلمانن کي ڏانهن متفر ڪرڻ جي بجاءِ خود پيرن کي درست ڪيو وڃي، تاڪ سڌري وڃڻ بعد سندن اثر رسوخ ۽ اقتدار مان صحيح ڪم وٺي سگهجي. انهيءَ ڪري مولوي دين محمد وفائيءَ واريءَ تحريڪ کي هن بند ڪرائي ڇڏيو.
حقيقت ۾ مولانا سنڌ ۾ ان وقت پهتو، جڏهن ذهني طرح سان بلڪل ختم ٿي چڪو هو، سندس قوتون ڪمزور ۽ ساڻيون ٿي ويون هيون، ۽ صحت جا پويان پساهه هئا، بلڪ سندس زيست عملي طرح پوري ٿي چڪي هئي. دماغ رڳو خيالن سان ڀريل، زماني جي رفتار جو اندازو ڪونه، تنهنڪري ايڏا طويل ۽ مختلف نوعيت ۽ عنوانن جا پروگرام وٺي رٿيائين، جيڪي ناممڪن هئا ته سندس خواهه ڪنهن ٻئي جي زندگيءَ ۾ پورا ٿي سگهن. مولانا پڪن گهڙن کي ڪنان وجهڻ ٿي گهريا:

ڪار دنيا ڪسي تمام نڪرد
هر چه گيريد مـــختصر گيريد

باقي بچيل مختصر حياتيءَ ۾ ’مختصر گريد‘ تي عمل ڪرڻ جي بجاءِ مولانا سڄي ’ڪارِ دنيا‘ کي هڪ ئي وقت پورو ڪرڻ گهريو، جيڪو ناممڪن هو.

_______________
[1] 1937ع ۾ حڪومت جي واڳن وٺڻ بعد سي پي ۽ يوپيءَ ۾ مسلمانن سان جيڪي چيو ٿي ويو ته هندن زيادتيون ڪيون هيون، انهن ڏانهن اشارو.
[2] اهو بزرگ به چند سال ٿيا وفات ڪري ويو.
[3] مولانا عبدالله پڻ ڪجهه سال ٿيا جو فوت ٿي ويو.

9

حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان زري،
لڳي ماٺ مَروئن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ ٻري، اوڀڙُ اُڀري ڪينڪي.
- شاهه

گذريل صفحن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سنڌ جي مسلمان کي سندس مرشدن ۽ انهن جي خانقاهن ڪيتري قدر ۽ ڪهڙيءَ طرح نه ورغلايو ۽ سندس جهالت ۽ اٻوجهائيءَ مان فائدو وٺي ڪيئن نه کيس پنهنجي اثر ۽ اقتدار هيٺ رکي ٻنهي جهانن کان ڪڍي ڇڏيو.
درحقيقت جيڪڏهن سنڌي مسلمان جي تباهيءَ جو پوريءَ طرح جائزو وٺبو ۽ ان جا سڀئي ڪارڻ ويهي جاچبا، ته ان حالت ۾ مذڪوره طبقي سان گڏ ٻيا به ڪيترا اهڙا عنصر نظر ايندا، جيڪي انهيءَ گناهه جا ڏوهاري ۽ مجرم آهن، ۽ پنهنجي پنهنجي طريقي ۽ نموني سان سڀني يڪمشت ٿي، سالن جا سال ويهي مسلمان کي پيڙيو ۽ ان جو رت چوسيو آهي، ان کي ذليل ۽ تباهه ڪيو آهي، ان کي بزدل ۽ ڪم همٿ بڻايو آهي، ان کي سست ۽ ان جي قوتن کي ساڻو ۽ نـِـسـَـتو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جا مسلمان جو هيڻا، سست، زندگيءَ کان خالي، جدوجهد کان عاري، پنهنجي جيءَ کان بيزار، پست همت، ڊيڄو ۽ بد حوصلي ڏسجن ٿا، سي ڪو فطرتاً يا اصلاً ۽ نسلاً ائين ڪونه آهن، بلڪ اهي سڀئي مرض منجهن انهن طبقن جي بالادستـِـن پيدا ڪيا آهن، جيڪي انگريزي حڪومت جو سنڌ لاءِ ڏاج هئا، مثلاً پيرن فقيرن کان علاوه هيٺيان طبقا به انهيءَ سلسلي ۾ ذميدار آهن:

(1) هندو (تاجر يا واپاري طبقو)
سنڌ جي اقتصاديات تي سڄو قبضو هندن جو هو. راقم هن ڪتاب ۾ ڪيترِن جاين تي ان جا مختلف پهلو بيان ڪري چڪو آهي. مختصر طرح واقعو هي هو ته سنڌ جو عوام چوٽيءَ کان پيرن تائين هندوءَ وٽ گروي هو. زمينون انهن وٽ گروي، سنڌ جي ڪڙميءَ جي ڪمائي سڄي انهن جي گهر ۾، هر ڪنهن قسم جي تجارت انهن جي قبضي ۾، شهر، تعليم، ادارا، ملازمتون، مطلب ته سنڌ جا حقيقي مالڪ اهي ئي هئا ۽ باقي مخلوق محض سندن رحم ڪرم تي هئي، جنهن تي افسوس آهي ته هنن ڪڏهن به رحم ۽ ڪرم ڪونه ڪيو، جنهن جو نتيجو نه ڇڙو پاڻ لوڙيائون بلڪ سندن ڪرتوتن جي بلا وري به مستقل طرح سنڌي مسلمانن کي ئي لوڙڻي پـَـئي آهي.

(2) مسلمان (زميندار ۽ جاگيردار طبقو)
ٻيو طبقو هو سنڌ جي زميندار جو، جيڪو اگرچ پاڻ به سنڌ جي هندن وٽ گروي هو، ليڪن سڌو سنئون سنڌ جي مسلمان (هاري ۽ پورهيت طبقي) تي ان جو قبضو هو، سنڌي عوام جي جسم ۽ وقت جو اهو مالڪ ۽ مختار هو. هر زميندار پنهنجي پنهنجي حدن اندر نه ڇڙو ڪڙمين لاءِ بلڪ سموري راڄ لاءِ ڪال هو، ماڻهو سندن اڻ ملهيا غلام هئا، عزت آبرو، ننگ شرم، زمينون، روزگار، جسماني آزادي يا آزار، مطلب ته سنڌي عوام جي سڄي اٿيءَ ويٺيءَ جو مرشد کان پوءِ ٻئي نمبر تي، بلڪ ڪيترين حالتن ۾ مرشدن کان به وڌ، سنڌ جي وڏيري تي دارومدار هو. حقيقت ۾ صحيح هيءُ ٿيندو ته سنڌ جو عوام انگريز جو ماتحت فقط نالي ماتر هو، سچو پچو محڪوم وڏيري جو هو. وڏيرو جي ناراض ٿئي ته سندن زمين کسي سگهيو ٿي، کين ڳوٺ مان لڏائي سگهيو ٿي، سندن ننگ کڻائي سگهيو ٿي، کين خون ڪرائي سگهيو ٿي، 110 يا فرنٽيئر ريگوليشن ايڪٽ يا انهيءَ قسم جي ٻين قانونن ۽ قلمن هيٺ کين اڙائي سگهيو ٿي. مختصراً هيءُ ته جي وڏيرو پنهنجيءَ تي آيو ٿي، ته ماڻهن جو - هيڏي وسيع گرهه ۾ - نه فقط ساهه کڻڻ مشڪل ٿي پيو ٿي، بلڪ انهن جو هيڏيءَ ساريءَ ڪشاديءَ دنيا ۾ جيئڻ به جنجال جنسي جنجال هيو. انهيءَ حد تائين وڏيرو بااختيار ۽ بالادست هو ۽ عوام ايستائين محڪوم ۽ زيردست هو.

(3) ڪامورو (هندو ۽ مسلمان ٻيئي)
ٽيون طبقو هو ڪاموري ڪلاس جو، جيڪو نه فقط وڏيري ۽ واپاريءَ جي دست درازين لاءِ جوابدار ۽ انهن جو پشتيبان هو، بلڪ سڌيءَ طرح به کيس هر طرح جو سنڌ جي مظلوم عوام تي اختيار هيو.
ڪامورن ۾ سڀ کان وڏو زور ۽ ڌاڪو هو پوليس جو، ڇاڪاڻ ته انسان جي عزت جو سڄو دارومدار ان جي راضپي ۽ غصي تي هو. جي گـُـهرن ته چور کي ساڌ بڻائـِـن، جي چاهـِـن ته ساڌ کي چور بڻائي ڇـڏِن. سچ کي ڪوڙ، ڪوڙ کي سچ سندن ڏائي هٿ جو ڪم هوندو هو. پوليس وٽ مختلف قسم جا ڇاڙتا هوندا هئا، جن کان پئي ڪم وٺندي هئي. مثلاً:

(الف) زميندار: پوليس ۽ زميندار هڪٻئي جا پشتيبان هـوندا هئا. زميندارن جي ڪڌن ڪمن تي پــــوليس چشم پوشي ڪندي هئي، ۽ جيڪڏهن پوليس واري تي ڪا رشوت وغيره جي عريضي ٿيندي هئي، ته زميندار ان ۾ شاهد ڦيرائي، کيس ڇڏائي ڇڏيندو هو .زميندار، جنهن کي آزارڻ گهرندو هو ته پوليس ساڻس ان ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندي هئي، ۽ جيڪڏهن پوليس کي ڪنهن کان عيوض وٺڻو ٿيندو هو، ته زميندار ان لاءِ گهربل اسباب کيس مهيا ڪري ڏيندو هو. عوام زميندارن کان ان ڪري زياده تر خائف رهندو هو، جو هو پوليس جي دوستيءَ سبب کين هرقسم جو آزار پهچائي سگهيا ٿي.

(ب) پيري (پيراڍو): پوليس وٽ پيري سرڪاري طرح مقرر هوندا هئا، جيڪي چورن جا پير سڃاڻي ٻاهر ڪڍندا هئــا. انهن کي گهڻو ڪري پوليس پنهنجي مقصدن تي هلائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هو سچ جو ڪلمو چوندا هئا، ورنه هميشہ ان جو پير ڪڍندا هئا، جنهن لاءِ پوليس جو کين اشارو هوندو هو، پير سڃاڻڻ جو فن به سنڌ ۾ واهه جو هو. ناممڪن هو ته پيراڍوءَ جو سڃاتل پير غلط نڪري وڃي. گهڻو ڪري پري پري جي ڪاٽڪن، چورن ۽ ڌاڙيلن جي پيرن جا نمونا کين ياد هوندا هئا. پنهنجي تـَـرَ جو ته ڪوبه چور کانئن گٿل نه ٿيندو هو. سون ماڻهن ۾ گـَـڏي، جيڪڏهن گهربل چور کي گهمائبو، ته پيراڍو سندس پير ڪڍي ٻاهر ڪندو. انهيءَ حد تائين جو وِکَ وڌل کي به سڃاڻي ويندا هئا، ۽ جـُـتيءَ ۾ پيل پير جو نشان به پرکي ويندا هئا. چوري ٿيندي، ته پيراڍو وڃي وارداتِ تي پير ڏسي ايندو. جڏهن شڪي يا ڏوهي پڪڙجي ٿاڻي تي ايندا، ته پيراڍوءَ کي لڪائي، 15-20 ٻين ماڻهن سان گڏ ڊاٻ تي شڪيءَ کي گهمائيندا، جنهن بعد وري ان کي لڪائي ڇڏيندا. پيراڍو سڀني پيرن مان جهٽ اچي ان جوپير ڪڍي ٻاهر ڪندو. هنن کي ايترو يادگيرو هوندو هو، جو جيڪڏهن ڪٿي ڪو پير واردات تي ڏسندا، ته اهو به ٻڌائيندا ته هي پير انهيءَ چور جو آهي، جيڪو 4 سال اڳ فلاڻيءَ چوريءَ ۾ به هو.

(ٻ) شاهد: پوليس وٽ اهڙا جڙتو شاهد به هميشہ رهندا هئا، جيڪي هٿراڌو ڪيـل ڪيسن ۾ پــــوليس يا زميندار جي
چئي ته شاهدي ڏئي ويندا هئا. اهڙن ماڻهن جو گذرگذران ڦرمار تي هوندو هو، ۽ پوليس هنن جي پٺڀرائي ڪندي رهندي هئي.

(ڀ) مشير: ڪوڙن شاهدن سان گڏ پوليس وٽ هٿ ٺوڪيا مشير به رهندا هئا، جيڪي هر وقت پوليس سان جـاچ ۾ گڏ هلندا هئا ۽ مشير نامي تي صحيح اهي ڪندا هئا ۽ ڪورٽ ۾ شاهدي به اهائي ڏيندا هئا، جيڪا پوليس جي ٺاهيل ڪيس کي سچي ڪرڻ ۾ معاون ٿئي. اهي مشير گهڻو ڪري ننڍا کاتيدار يا وڏيرا هوندا هئا يا ڳوٺن جا اهي چڱا مڙس، جيڪي طبعاً شرير، چالاڪ ۽ شرپسند هئا.

(پ) ڇاڙتا: اهي ماڻهو جيڪي وچ ۾ پئي پوليس کي ڪيسن ۾ رشوت وٺي ڏين. اهي مختلف طبقن مان هونـدا هئــا:
وڏيرا، زميندارن جا ڪمدار، شهرن جا چڱا مڙس، يا اهي ماڻهو جيڪي چالاڪ هوندا هئا، ۽ انهن کي ڪو به مستقل ڌنڌو ڪونه هوندو هو. انهن جي گذربسر جو ذريعو اها پٽ سٽ هوندي هئي. جڏهن پوليس کي پيسي جي ضرورت ٿيندي هئي، تڏهن انهن ڇاڙتن کان ماڻهن تي ڪوڙيون عريضيون ڪرائي ۽ پوءِ انهن عريضين جي جاچ مان بيگناهه ماڻهن کان رشوت وٺي، عريضين کي دفتر داخل ڪندي هئي.

(ت) ڪاٽڪو: پوليس جو سنڌ جي وڏن وڏن ۽ پنهنجي حد جي مکيه ڪاٽڪن سان رستو هوندو هو. مـکڻ، کير،ڪڪڙ
مستقل طرح اهي پيا پهچائيندا هئا، ايس.پيءَ کان وٺي هيڊ ڪانسٽيبل تائين کير لاءِ مينهون ۽ ڳئون به اهي ڏيندا هئا، ۽ جيڪڏهن پوليس کي ڪنهن جو گهر لٽائڻو هوندو هو، ته انهن جي ئي معرفت انهن جون چوريون ڪرائيندي هئي. اهي ئي چور بعض وقتن تي ڪن ڏوهن ۾ پوليس جي مدد ڪندا هئا، کين پتو ڪڍي ڏيندا هئا ته اهو ڏوهه ڪهڙي چور جو ڪيل آهي، ڇاڪاڻ ته چورن کي يڪدم هڪٻئي جي ذريعي خبر پئجي ويندي هئي ته فلاڻي چوري ڪنهن ڪئي، فلاڻو کاٽ ڪهڙي ڪاٽڪوءَ هنيو، فلاڻو مال ڪهڙي چور ٻڌو، فلاڻو ڌاڙو ڪهڙي ڌاڙيل هنيو. اهي چور ڪيترن موقعن تي پنهنجن مخالفن جو نالو ڏئي، انهن کي ٻـَـڌائي ڇڏيندا هئا، ۽ پاڻ جيڪي پيا ڪندا هئا، اهو انهن کي نيبَههُ هوندو هو. ڪو سندن نالو وٺي ڪونه سگهندو هو.

(ث) چغل خور: جن کي سنڌ ۾ چغل، چغلي خور، يــا چغل ٽويو سڏيو ويندو هو. انهن مــاڻهن جو پيشو هـــوندو هـــو ته
هِتان جي هُتي، هُتان جي هِتي پيا هڻندا، چواتيون ۽ چوچڙيون دکائيندا وتندا هئا، ڪابه راڄ ۾ اؤلي سؤلي ٿيندي، گهڻيون ئي پيون زماني ۾ هيٺ مٿاهيون ٿين، چغل هميشهه چاري هوندا، خبر پئي ناهي،ٺڪ وڃي پوليس وٽ پهچائيندا. پوليس اهـِـڙن حالتن ۾ پاڻ به رشوت وٺندي ۽ چغل خورن کي به ورسارائيندي. ماڻهو ويچارا انهن کان هر وقت پيا ڪنبدا هئا ته ڪٿي ڪا چغلي هڻي، اجايو سجايو پٽڪو نه لهرائي وجهن!

الغرض، اهي ست هئا پِيل پاوا پوليس جي اڏاوت جا، جن جي آڌار تي سنڌ جي عوام تي پوليس جو آزار قائم هوندو هو. درحقيقت سنڌ جي پوليس ان لاءِ نه هئي ته هو ماڻهن لاءِ سک ۽ آرام، امن ۽ امان پيدا ڪن، جيئن هرڪو سک جي ننڊ سمهي سگهي، بلڪ اُن جو اعمال نامو فقط آزار، ظلم، تشدد، زبردستي، ڪوڙ، رشوت ۽ ڦرمار سان ڀريل هو. ماڻهن جو آرام ان ڪري ڦٽل نه هو ته ڪو ملڪ ۾ ڏوهي آهن يا چور آهن، بلڪ انڪري عوام جي ننڊ ڦٽل هوندي هئي ته ملڪ ۾ پوليس جي رات آهي، متان اوچتو نه ڪو ’گهوڙو چڙهي‘.
’گهوڙي چڙهڻ‘ جي اصطلاح به پوليس جي ڪري ئي سنڌ اندر وجود ۾ آئي. پوليس جاچ ۾ گهوڙن تي چڙهي هلندي هئي، ماڻهو چوندا: ”خبر نه آهي ڪنهن تي اهو گهوڙو آهي!“ صوبيدار، جمعدار، سپاهي، پيري، مشير، وڏيرا، ڇاڙتا، چغل خور، مطلب ته ڪٽڪ گهوڙن تي چڙهي پوندا، جتي وڃي لهندا ڄڻ ماڪڙ اچـِـي پـِـئي. جهڙا پيا ٻوڙ پـُـلاءَ پاڻ کائيندا تهڙا مال مليدا پيا سندن گهوڙا کائيندا ڳڙ، مکڻ، داڻا، ساوا گاهه، غرض ته ڄڻ تر ۾ اچي ماڪڙ پئي! فرياديءَ جو ته جهڳوئي جهڻ، پر اوڙي پاڙي جي به ستياناس. چوريءَ يا ٿيل ڏوهه جي قيمت کان سوين حصا زياده جاچ تي خرچ اچي ويندو. مار، موچڙو، ڏاڍ ۽ زوري ان کان آپراند. اهوئي سبب هو، جو هرڪو ٿيل نقصان برداشت ڪري ويندو هو، يا خانگي ذريعن سان ان کي واپس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پوليس ۾ رپورٽ 75 في صد ڪانه ٿيندي هئي.
پوليس ڏوهن جي جاچ ڪندي، ماڻهن تي جيڪي ظلم ڪندي هئي، انهن ۾ گهڻو ڪري سڪن کان زياده ساوا سڙي ويندا هئا، انهن جا چند نمونا هي هئا:

(الف) ڏاڙهي پٽ: ڏاڙهيءَ جون چڳون پٽائڻ. بعضي ته ڏاڙهي مڇون ٻـَـئي انهيءَ ڏاڙهيءَ پـَـٽ ۾ صفا تـِـري ٿي وينديون هيون.
(ب) اوجاڳو ڏيڻ: جيسين پوليس جي مرضيءَ مطابق بيـــان نه ڏئي، تيسين ماڻهوءَ کي ننڊ ڪــرڻ نه ڏيندا هئـــا، واريءَ وٽيءَ تي سپاهي مٿس مقرر ڪيا ويندا هئا، تاڪ جوابدار کي اوجاڳو ڏيندا رهن.
(ٻ) منهن ڪارو: تيل لارائي، دانگيءَ جي ڪارنهن سان منهن ڪارو ڪرائڻ.
(پ) ڪانءُ ڪرڻ: اگهاڙو ڪري، چوکنڀو ٻڌرائي، اونڌو ڪــري ڇڏڻ ۽ ويهڪ جي جـــاءِ ۾ ڪـــانون جي کنڀن جو مـُـچو ٽنبي ڇڏڻ.
(ڀ) مـَـڇـَـر مار: اگهاڙو ڪـــري، ٻـَـڌي، جهنـگ جي انهيءَ ٽــڪرن ۾ اُڇـلي ڇـڏڻ، جتي مــڇر گــهڻــا هـجن، تاڪ کيس پـَـٽيندا رهن. اها سزا سانوڻ جي گرمين ۾ جتي مڇرن جي موسم ٿيندي هئي، تڏهن ڏيندا هئا.
(ت) اُس تي اڇلڻ: اگهاڙو ڪري، چوکنڀو ٻـَـڌي، ٽاڪ منجهند جو واريءَ يا ڊاٻ ۾ اڇلي ڇڏڻ.
(ث) موچڙي بازي: مار ڏيارڻ، موچڙن سان، نيٽ جي لڪڻ سان لئـِـيءَ جي سنهن چهبڪن سـان. ايستائين مــارائڻ جو سـَـنڌ سـَـنڌ تي ڏنا ٿي وڃن ۽ بت مان رت ڦوهارا ڪري نڪري.
(ٺ) سـَـنڌَ وٺڻ: سـَـنڌَن ۽ ڏکندڙ جاين کي نيٽ جي لڪڻن سان ڪـُـٽڻ، مثلا آڱــــرن جي ڏوڏن ۽ نـُـنهن کي، گــــوڏن جي ڍڪڻـِـن کي، ڄنگهه جي نـَـريءَ کي.
(ٽ) آرن مان ڪڍڻ: سـَـنڌَن سان گڏ ويهــڪ جي جاءِ ڪـُـٽائڻ جيئن ويهي نه سگهي، پيـرن جــــون تـَـريون ڪـُـٽائڻ جيئن هلڻ کان آزرتو ٿي پوي، نه بيهي سگهي نه گهمي سگهي، هٿن جون تـَـريون ڪـُـٽائڻ جيئن کائڻ کان به نـِـرهه ٿي پوي.
(ج) چري هڻائڻ: ڌرتيءَ ۾ کڏ کڻي، ان ۾ چيلهه تائين ماڻهوءَ کي پورائي ڇڏڻ.
(ڄ) ڪاٺ هڻڻ: ڪاٺ جي ٻن شهتيرن ۾ ٻانهن ۽ ڄنگهن لاءِ ٽنگ نڪتل ٿيندا هئا، جن ۾ مـــاڻهوءَ جون ٻـَـئي ڄنگهان ۽ ٻانهان وجهي ڇڏبيون هيون.
(جهه) اٿ ويهه ۽ ڪن گوشي: ٻـَـئي ٻــانهون ڄنگهن مان ڪڍي، ٻنهي هٿن ســـان ڪنن جي پـــاپڙِن کي جهلي، اٿ ويهه ڪرائڻ. اها هلڪي ۾ هلڪي سزا شمار ڪئي ويندي هئي.
(ح) چاش پيارڻ: فضلو ۽ پيشاب پيارڻ ۽ کارائڻ.
(خ) چڙهڻ: مرد مٿان مرد چاڙهي بدفعلي ڪرائڻ.
(ڃ) بيحرمتي: جوابـــــدار کي اگــهاڙو ڪري سندس ويجهـِـن عورتن مثلاً مـــاءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ۽ جوءِ کي ننگو ڪري سندس اڳيان آڻڻ.
(چ) چَپُٽي بازي: عزيز عورتن کي ننگو ڪري، عام جي اڳيان بيهاري، کين چوڻ ته چپٽـِـن ســان هڪٻئي جي نــازڪ جاين جا واري وٽيءَ تي وار پٽن.
(ڇ) ٽيڪب ٽيڪو: انهيءَ چپٽي بازيءَ ڪرائڻ وقت خاص سُرَ ۽ رِدَم ۾ چـــورائبو هو: ”ٽيڪب ٽيڪو! ٽيڪب ٽيڪو!“
اندر ٽيڪو! ٻاهر ٽيڪو! هيٺان ٽيڪو! مٿان ٽيڪو! ٽيڪب ٽيڪو! ٽيڪب ٽيڪو! جوڻهين ٽيڪو! ماڻهين ٽيڪو! ڀيڻين ٽيڪو! ٽيڪب ٽيڪو! ٽيڪب ٽيڪو!“ اها هڪ خاص صوبيدار جي ايجاد هئي، جنهن جو ايڏو ڏهڪاءُ هو، جو نالو ايندو ته ماڻهن کان ڇرڪ نڪري ويندو.
(ک) ٻليون وجهڻ: عورتن جي سٿڻن اندر ٻليون وجهرائڻ، جيئن اهي کين نازڪ هنڌن تي رهنڊون پائن.
(گ) وير وٺائڻ: عورتن سان سندن مردن جي سامهون ٻين کان زنا ڪرائڻ. اهي ته چند نمونا بيان ڪيا ويا آهن، جيڪي ظلم جا رائج هئا، ليڪن ڪن خاص صوبيدارن ۽ جمعدارن سزا ڏيڻ جا مخصوص طريقا ايجاد ڪيا هئا، مثلاً عبدالله خان صوبيدار يا غلام رسول شاهه نظم پوليس خيرپور جا پنهنجا نرالا نمونا هئا. [1] الغرض پوليس وٽ ظلم زبردستيءَ، ڏاڍ ۽ زور جا سوين شرمناڪ، انسانيت سوز ۽ دل دهلائيندڙ رستا ۽ طريقا هئا.
ڪاموري ڪلاس ۾ پوليس کان پوءِ ٻئي نمبر تي خلق مٿان اثر ۽ آزار هو ٻيلي کاتي وارن جو.
سنڌ جا ماڻهو گهڻو ڪري سڀئي مالوندا ٿين ٿا. ڳئن جي ڇانگ، مينهن جو ميهاڳ، ۽ ٻڪرين جو ڌڻ ته خير مکيه مالدارن [2] وٽ ٿئي ٿو، ليڪن غريب غربي جو ڪـِـلو ۽ مـَـنـَـهـُـن به پنجن پندرنهن ڍورن کان خالي ڪونه هوندو آهي. ڪو اصل نڀاڳو يا ٽاڪ سـُـڃو هوندو ته اُها ڳالهه اور آهي.
انهن مالوندن ماڻهن جي سڄي اٿي ويٺي جهنگ سان آهي، پر جن وٽ مال ڪونه آهي، انهن جو به مـُـنهـُـن جهنگ ڏي ٿئي ٿو. ڀاڳين جو مال جهنگ ۾ چري، ۽ جن وٽ مال نٿو ٿئي، انهن کي به گهر گهاٽ لاءِ ورو، ٿوڻي، گاڏيءَ جي سرائي، هر، پانجاري، چـُـلهه جي ڪاٺي، سياري جي سيءَ لاءِ بـُـنڊي ۽ ٻارَڻُ مڙئي جهنگ مان گهربو آهي. تنهنڪري عملي طرح گويا ٻاهراڙيءَ جو ماڻهو ٻيلي کاتي جو پوليس کان پوءِ ٻئي نمبر تي مطيع ٿئي ٿو. انهيءَ کاتي جا مکيه ڪاردار هي آهن:
ڪنزرويٽر: سڀ کان وڏو عملدار ٿئي ٿو. سال ۾ هڪ دفعو گشت تي ايندو، منزل جي سڄي اٿي ويٺي عام تي، ڇيڙ، ڪڪڙ، آنو، کير، مکڻ، گيهه، ڇيلو، ماڻهن وٽان مفت مهيا ڪيو ويندو.
ڊويزنل فاريسٽ آفيسر: ٻئي نمبر تي اچي ٿو. ضلع ۾ سندس هيڊ ڪوارٽر ٿيندو هو. سال ۾ ڪئين دفعا منزلون ٿينديون ۽ ان جي منزلن جا انگ اسباب ماڻهن وٽان پورا ٿيندا هئا.
رينج فاريسٽ آفيسر: هرهڪ رينج تي جدا جدا عملدار مقرر ٿئي ٿو، جيڪو مهيني ۾ هڪ ٻه چڪر پنهنجي حد جو پيو هڻندو هو. ان جي کاڌي پيتي جو خرچ پکو به سڄو مالدارن ۽ حد جي عوام تي هو.
جمعدار: هرهڪ ٻيلي تي جدا هوندو هو. ان جي سڄي پگهار ڊويزنل فاريسٽ آفيسر کڻندو هو، تنهنڪري هنن جو پنهنجو گذارو ڦرمار ۽ پـَـٽ سـَـٽ تي هوندو هو. مون کي ياد آهي، سيوهڻ جي طرف جو هڪ جمعدار اسان جي حد تي هوندو هو، قداور، ٿلهو متارو، ٿلهيءَ مشين تي ڪتريل سفيد ڏاڙهي، مڙس وڏي کڙڪي ۽ ڏاڍي ڌاڪي وارو جمعدار هو. چوٿين پنجين ڏينهن ڳوٺ جي وڏيءَ نم جي ڇانو هيٺ اچي منزل ڪندو هو:
”اڙي ڀيڻهان رسولا! او رسولا! حرامي، ڪاڏي مري وئين؟“
”حاضر سائين، پهتو!“
جيئن گهوڙي تان لهندو، تيئن مالدارن ۾ ٻاڪر ڪٽو پئجي ويندو. پهريائين کٽ ايندي، ان تي رلي ۽ وهاڻو پوندو، هڪ ماڻهو دلو کنيو ايندو، ٻئي کي هٿ ۾ ڪونرو هوندو، ٽيون تڏو مٿي تي کنيو ايندو، چوٿين کي وٽو ۽ ڏڌ جي دکي هوندي. ڪوٽ لاهي وهاڻي هيٺان رکندو، پٽڪو مٿن کان ۽ نيٽ جو لڪڻ [3] کٽ جي تانگهه ۾. هٿ منهن ڌوئي، پوءِ ويهندو کٽ تي چڙهي. وڌيڪ مار رسولي ٻڪرار تي هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته ٻڪرين جو وڏو ڌڻ ان وٽ هو:
”اڙي ننڍو ڪڪڙ ڪهرائجان“!
مکڻ ڦٽي سرس!
سڪائي لاهجو!
اٽو چڱيءَ طرح گيچڻ مان ڪڍرائجانءِ!
ماني اڻڀي تئي تي نه وجهرائجان.
ڏهيءَ ذرو به آڻجانءِ ۽ گهاٽي لسي به...
اڙي پر ڏهي ۽ ڏڍ بدوءَ وٽان وٺجانءِ ماهيو، متان ڀيڻهان ٻاڪرو آڻين!
گهه جڙئي وٽان ڳائو وٺجانءِ.
مکڻ ڦٽي کڻي عالم جي گهران وٺ، پر ماهـِـي...
اِهي پيون فرمائشون پوندس، جيسين خير سان نيرن ۽ ڏپهرو ڪري، خرچيون ڪڍي، شام ڌاري ڪنهن ٻئي پاسي رخ نه رکندو. جڏهن ڪنهن وڏي خرچ جي ضرورت پوندي هيس، ته پوءِ جهنگ مان گهمندي، جنهن جو مال نظر ايندس، اهو ڪهرائي اچي ڳوٺ پهچندو. پٺيان مالوندا قرآن مٿي تي کنيو ڀڄندا اچي پهچندا:
”اڙي جمعدار، لڳ هن قـرآن جي، واسطو ٿِي رب جو، اڃا هاڻي پـاس ورتي اٿسي!“ جمعدار جو لُڙُ پيو پوندو، اچي:
”بابا، سرڪاري حڪم نڪتا آهن، اسان جو ڪو وس؟ اڳيون سڀ پاسيون رد!“ کيسي مان ڪاغذن جوٿهو ڪڍي، کڻي تڏي تي اڇليندو:
”ڏسو نٿا ڪيترا حڪم اچي ويا آهن؟ اوهان ماڻهن کي خبر ڪانه ٿي پوي. وڏي صاحب کي گهرج پئي آهي، اُها به ته پوري ڪرڻي آهي!“
پٽيوال: هـِـن جو ديرو حد جي ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ ۾ هوندو هو. روزانو جهنگ مان گهميون، حد جي مختلف ڳوٺن مان ڦريون ماريون اچي پنهنجي ديري تي پهچندو هو. سندس پگهار ڊويزنل آفيس وارن جي حوالي هوندي هئي ۽ سندس پنهنجو گذارو جَهٽَ سَٽَ تي پيو ٿيندو هو. انهيءَ پٽيوال کي ”راکو“ به چوندا هئا، ڇاڪاڻ ته جهنگ جو رکوال هوندو هو.
جهٽيوال: پٽيوال جي خانگي نوڪر کي، جيڪو سندس ديري تي چلم پاڻي ۽ ٽانڊو ٽوپي ڪندو هو، ان کي ”جهٽيوال“ چيو ويندو هو، جهٽيوال ان ڪري، جو هـُـو نه سرڪاري ملازم هو ۽ نه کيس ڪو پگهار ئي ڏيندو هو. سمورو گذارو جهـَـٽ تي ٿيندو هيس، تنهنڪري ’جهٽ‘ مان ’جهٽيوال‘ بڻايو ويو.
سٽيوال: جهٽيوال جي نموني جو بنا تنخواهه جي ملازم، ان کي ڪٿان سـَـٽَ لڳي ويندي ته ڪجهه پاڻ کائيندو ڪجهه آڻي پٽيوال کي ڏيندو. ورنه وتندو اوٻاسيون ڏيندو.
انهن ستن عملدارن کان سواءِ مالدارن کي آفيس جي انهيءَ ڪلارڪ سان به منهن ڏيڻو پوندو هو، جنهن جي ميز تان پاسيون جاري ٿينديون هيون.
عملدارن جي انهن ٻن طبقن جو عوام تي ۽ ٻاهراڙيءَ تي خاص ڌاڪو ۽ اثر هوندو هو. انهن کان علاوه انجنيري کاتي مان سروير، داروغا ۽ بيلدار، ۽ روينيو وارن مان سپروائيزر، تپيدار ۽ ڪوٽار به پنهنجي پنهنجي نموني ۾ ماڻهن مٿان جنسي ڪاري قيام هوندا هئا.
مطلب ته سنڌ جو عوام هندستاني مغلن جي جبري حڪومت کان پوءِ دوباره گذريل سؤ سالن اندر مٿي ذڪر ڪيل چئن چـَـڪـِـين ۾ پيڙبو پئي رهيو آهي، مرشد، واپاري، وڏيرو ۽ ڪامورو.

* * *

رشوت، رسائي، لاپو ۽ ڇيڙ - اهي چار آزار پڻ سنڌ اندر انهيءَ حد تائين هئا، جو سنڌ جي عوام جو سڄو رت ۽ ست صفا پيچي ويو.
رشوت: هر معاملي ۽ مسئلي تي ورتي ويندي هئي. بنا رشوت جي ڪوبه ڪم ڪونه نڪرندو هو. پوليس کي جيڪا رشوت ڏبي هئي ان کي ’وَڍي‘ چئبو هو. باقي رشوتون خرچيءَ، خرچ، ڀاڙي ڀـَـتي، دعوت يا ’منزل خرچ‘ جي نالن ۾ شمار ٿينديون هيون. 8-10 آني کان وٺي 7-8 هزارن تائين رشوتون هلنديون هيون. تپيدار واريءَ رشوت کي ’آنڪي‘ چيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته جريب پٺيان هن جو هڪ آنو ٻانڌاڻ هو. ڪامورن کان علاوه زميندارن کي به رشوت وٺڻ جي عادت هوندي هئي.
رسائي نقديءَ کي به چئبو هو، ۽ جڏهن آفيسرن جي منزل ٿيندي هئي ۽ ان تي جيڪو گاهه جو داڻو، کٽ کٽولو، بـُـنڊي بـِـنجهـُـر، آنو ڪڪڙ، ڇيلو مڇي، کير مکڻ، ڏُڌ ۽ ڏهي پهچائبو هو، ان کي ’رسائي‘ سڏيو ويندو هو.
لاپو: سالياني مقرر ٿيل رقم يا آنَ کي ’لاپو‘ چئبو هو. مقرر رقم يا ٻڌل اَنُ سان پڄاڻيءَ تي هيٺئين طبقي جا ڪامورا اچي اڳاڙي ويندا هئا، مثلاً، ٻيلي جو جمعدار ۽ راکو، پوليس جو سپاهي ۽ هيڊڪانسٽيبل، انجنيريءَ جو سروير ۽ داروغو، روينيو جو تپيدار ۽ ڪوٽوار.
اَنَ جي سلسلي ۾ ڪڙمين سان سنڌ جي زمينداري زبان ۾ ”انگَ اسباب“ چيو ويندو هو، جيڪي بٽئيءَ وقت ڪڙميءَ جي حصي مان هن ريت ڪڍيا ويندا هئا. مثلاً:
پيراڻو ڏويو: سڄيءَ ٻار مان هڪ ٽويو سڀ کان پهريائين بادشاهه پير جي نالي تي ڪڍيو ويندو.
راڄ خرچ: خرار تي ٻه ٽويا چار ٽويا، جيڪي زميندار عملدارن جي رسائيءَ تي خرچ ڪندو هو، آنَ مان وٺبا هئا.
اوطاق خرچ: خرار پٺيان اڌ ڪاسو انهيءَ خرچ ۾، جيڪو زميندار راڄوڻي ڪمن لاءِ ڪامورن يا ٻين مهمانن کي اوطاق ۾ ماني کارائڻ تي ڪندو هو.
ڏنڊ: ڇيڙ نه وهڻ، سڏ صلح ۾ گسائڻ، يا ڪنهن ٻئي زمينداري ڏوهه ۾ وڏيرو ڪڙميءَ مٿان جيڪو نقد ڏنڊ وجهندو هو، ان جي حساب ۾ اَنُ ڪڍندا هئا. ڪي ته ڪڙميءَ جي سڄي ٻارِ به ضبط ڪري ڇڏيندا هئا.
خرچي: وڏيري جي نينگرن جي خرچي سڄيءَ ٻار تي هڪ يا ٻه ڪاسا.
ڪاسباڻون: ڪاسبـِـن لاءِ مقرر ڪيل آنُ، مثلاً: لنگهن[4] لاءِ، مير بحرن لاءِ، حجم لاءِ، ڪنڀر دائي لاءِ، ملان ۽ لوهر لاءِ.
زمينداري: ڪڙميءَ جي حصي مان زميندار خالص پنهنجي لاءِ اڍائي ڪاسا في خرار تي وٺندو هو.
تقاوي: کاڌ خوراڪ لاءِ ڪڙميءَ جيڪو اَنُ يا نقدي ورتي هوندي، ان جو حساب ڪري اَن کڻبو، اهڙيءَ طرح، جيئن ڪڙميءَ جي اَن جو اگهه گهٽ ٻـَـڌجي ۽ پنهنجي ڏنل اَن جو اگهه وڌيڪ هجي.
ٻج: جيڪو ٻج ڪڙمي وٺندو، اُن مان ڪڻڪ، سارين، جوئر ۽ ٻاجهر جو ٻج جنسي وصول ڪبو. باقي تيلي ٻج يا دالين لاءِ نقديءَ جي صورت ۾ حساب ڪري اَن وٺبو.
ٽوهڪي: ديري جي سنڀال، ٺپي جي هڻڻ، ۽ ديري جي پاڻي ڀرڻ لاءِ هڪ ملازم رکيو ويندو، جنهن کي ”ٽوهو“ چئبو هو. ان کي اڌ ڪاسوفي جوڙي تي ڪڙميءَ کان ڪڍي ڏبو هو.
تيل تماڪ: ديري ۾ ڪمدار ۽ ڪارائي جي عام خرچ لاءِ تيل تماڪ جي نالي ۾ ڪڙميءَ کان جوڙي پٺيان اڌ ڪاسو وٺبو هو.
ترو تراڙو يا ڪڍي پاڍي: ٻار جي ڀرجي وڃڻ بعد زمين تي ڪجهه داڻا اَن جا مٽيءَ ۾ گڏيل بچي ويندا هئا، جنهن کي ترو ترارو يا ڪـُـڍي پاڍي سڏبو هو. اُن جي ڪـَـٿَ ڪري، اوتري حساب جو اَنُ زميندار ڪڙميءَ جي حصي مان ڪڍي وٺندو هو [5].
اهي ’انگ اسباب‘ جڏهن زميندار ڪڍي بيهندو هو، اُن وقت وارو ايندو هو ڳوٺ جي هندو هٽ واري جو، ڪلهي تي انگوڇو، ڪڇ ۾ بندي يا ليکي چوکي جي ڦرهي [6]، هٿ ۾ ’تاراجي‘ جنهن جا نه وٽ سچا هوندا نه ڪاٺي سڌي، دل گهرئي اگهه تي اَنُ ڪڍي پوءِ چوندو:
”ميان مسلمان، ٻڌئي! وياج لٿو، باقي رهيو مور! شام اچجانءِ ته ليکو سڌو ڪري ڇڏيون!“
اهڙيءَ طرح سَسُئيءَ جا ڀاڱا ڪرائي، ڪيترائي ڪڙمي گهڻو ڪري ڇڙو پوتڙو ڪلهي تي رکي، ديري مان نڪرندا هئا، ۽ جن کي ڪجهه اَنُ بچي پوندو هو، سي به مهيني اڌ بعد وري قوت گذر لاءِ قرض ۽ تقاويءَ پٺيان پوندا هئا.
ڇيڙ: راڄ خواه ڪڙمين کان طرحين طرحين ڇيڙ ورتي ويندي هئي، جنهن کي ’بيگر‘ به چوندا هئا ۽ ’سڏ صلح‘ به چيو ويندو هو، مثلاً هيٺين ڳالهين لاءِ:

(1) آفيسرن خواه وڏيرن کي شڪار ڪرائڻ،
(2) آفيسرن جي منزل تي ڪم ڪار ڪرڻ،
(3) زميندار جي اوطاق ۾ اڳ پوءِ ڪرڻ،
(4) حاويليءَ ۽ بورچيخاني يا سياري جي باهه لاءِ ڪاٺيون ڪري اچڻ،
(5) زميندار جي شادَن غمـِـن تي ڪم ڪار ڪرڻ،
(6) زميندار جون جايون ٺاهڻ،
(7) جهنگ ڪڍڻ، واهه جي کاٽي، زمينن کي سڌو ڪرڻ، کوهه کڻڻ، يا زميندار جا خالصا [7] پوکڻ،
(8) زميندار جا نياپا، پيغام يا خط ٻين شهرن ڏانهن کڻي وڃڻ ۽ آڻڻ، وغيره وغيره. اهي هئا سنڌ اندر رشوت، رسائي، لاپي ۽ ڇيڙ جا طريقا، جيڪي نتيجو هئا انگريز شاهيءَ جي اوصاف هيٺ ڪاموراشاهيءَ ۽ وڏيرا شاهيءَ جي گڏيل ٻـِـٽ جوڙ جو، جنهن جي بوجهه بار سنڌ جي عوام جي سوا سؤ سال تائين چيلهه نوائي رکي.

* * *

ابتدائي زماني ۾ منظم جماعتون يا سياسي تحريڪون ڪونه هيون جيڪي انهن قوتن خلاف احتجاج ڪن، مخالفت ڪن يا پنهنجي اختلاف جو اظهار جماعتي رنگ ۾ ڪن. ليڪن جذبو ۽ دلين ۾ تحرڪ موجود هو، عوامي شاعرن ان جو اظهار وقت بوقت پئي ڪيو آهي، هتي لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ عوامي شاعر ميان حسين ديدڙ جو نظم مثال طور ڏجي ٿو، جنهن ۾ مٿن طبقن خلاف نفرت جو اظهار طنزيه انداز ۾ ڪري، عوامي بيزاري ڏيکاري وئي آهي. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ انهن طبقن جون ڏاڍايون خاموشيءَ سان برداشت نه پئي ڪيون آهن. بلڪ احتجاج ۽ اعتراض جو اظهار مختلف صورتن ۾ ٿيندو رهيو آهي، درخواستون، زباني داهون، گمنام (گونگيون) درخواستون، ڪيس، فرياد، اخبارن ۾ مضمون ۽ آخر ۾ جڏهن شنوائي ڪانه ٿي ۽ سياسي شعور، اظهار جون نيون صورتون اختيار ڪيون، ان وقت ”هاري ڪميٽي“ وجود ۾ آئي يا ٻيون مختلف صورتون عمل ۾ آيون، ڪامريڊ عبدالقادر (خدا بخشيس، جنت ۾ جايون ملنس) يا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي يا مولوي نذير حسين جلالي بعد ۾ جلال منجهه آيا. ليڪن عوام پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار توڙ کان ڪندو آيو. هيٺيون نظم 1923ع ڌاري مون ٻڌو ۽ انهيءَ دور ۾ نهايت مقبول هو، جتي ڪٿي هر ڪنهن جي وات تي هو.

حسين فقير ديدڙ جو شهر آشوب
جاڳـِـي حرڪت، وچ جهانَ،
چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

ماڻهو قِسم ڪُليء هِـن چار، پهلا حصــــــا هـــــي ســـــرڪـــــار،
ڏُوجــــهـــا ڏِنـــــگــــي زمـيندار، ٽيجها ڪــڙمــي، ڪــاهـــــن نار،
چوٿا
پير، چڱي چــــــــــــــوڌار، ســـڻـــو بــــات مـــيڏي، بـِـالجانُ،
جـــــاڳي حـــــرڪت، وچ جهانَ،
چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

حاڪم سخت، فـــرنگــــي آيا، هـــــر جــــاءِ هوڪا، هـِـڪ ڦـِـرايا،
محبت، ساءَ، مـــزي مـُـڪلايا، ڦـــيـــري رب، رنان دي ڪــايــــا،
ٻانهــــــي، ڇيني ســڀ سڌايا، جيــــها گــــولا، تــــيـــهــــا خـــانَ-

جاڳـــي حـــــرڪــت، وچ جهانَ،
چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

ديـــــن نــــبـــي دا وڏا ويـــــري، ماڻهان دي ڪـَـل، ڪـافر ڦيري،
ســــڀ ســـماڻي، نينگر، نيري، ڪونه وجـہ، تــي ڪائـِـي سيري،
وتــن پيچ، پـــڳــــان دا ڦيري، گهـُـلــــي خــــــارج، بـــــادِ خـــزان-
جــــاڳي حـــرڪـــت، وچ جهانَ،
چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

ظــــــالـــــم زمــينـدار، نـدوري، رکـــن ڪــــامــي، لچي لـــوري،
ڪڪڙ، ڇيلي، چاون زوري، گهه، پـــــلا، ڪـَـرپـِـيوَن شوري،
روندي وتـــن رَنـان، ڇــوري، آکـِـــن هـــــووِي جــــس جــــــوانَ-
جــــــاڳي حــــرڪت، وچ جهانَ،
چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

پــوکـن پوک، وِچـــاري هـاري، بيگر بٺ، تــنــــان تــي بــــاري،
جوڙن جائين، ڪڙمي ڪـاري، پڪي پــوک، ته ڇــوڙن چــاري،
جـَـڏان ٿيــون، داڻــي تـيــــاري، ڏيـــــون گهـَـت، گهڻــا گمسانَ-
چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.
چـــــــوٿي دُز، وڏي دهـــــــدار، واهــــڻ، وستي، وچ هــــوشيار،
چور تـنــــان دي، چندين يــار، وتـــــن گهمدي، ٻـــانهان مـــار،

خــــــرچ کـــــــاون، هــــــٽ اُڌار، ڪـــــوجهي ڪم ڪرن نقصانَ-
جـــــــاڳي حــرڪت، وچ جهانَ،
چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.
دم وڏيــــــــرپ والا مـــــــــارن، ڀـَــليان ڀـَـليـــان گهوڙيان ڌارن،
ڪاسا، ڪـــاسا داڻا چــــــارن، تـــــوڙي کـــــاون، توڙي هـــارن،
سـال سڄي دا پورهيـا کارن، مـــلمـــل دي ســـــر، ٻــڌن ٿــانَ-
جـــاڳي حــرڪت، وچ جـهـــانَ،
چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

رکــن پيران، شــرط شهـــانــي، مهري، گـهوڙي، ٻيلي، ٻانهي،
ڪوري، موچي، ميل بـِـگاني، ڪاه لهن وچ ڪنهن دي خاني،
منگن راتب، ڪڙٻان، ڪاني، تــــــوڙي تـَــنهن دا تنگ گذران،
جــاڳي حـــرڪت، وچ جهــــانَ،
چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

پير ســــونهــــاري، بيشڪ ڀـــلي، ڪـــشف ڪــرامت، هلي چلي،
عــــــاليشـــــان، انگـــوري سـَـلي، خــــام خــليــفي، ٺـِـــڪر ٺلـيِ،
چــــــــائــي وتــن، چـــونـڊي چلي، مـــانيـــان ڏيک، ٿيون مستان-
جــــــاڳــــي حــرڪت، وچ جهــانَ،
چــــارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

ٻــــاجـهون ٻوڙ، نه ڀـُـنن ڀــورا، مـــاهـِـيا کير تي، منگن شورا،
عـــام جمــاعت، لنگهـــا لـــورا، ڪـــــو قضاني، رب دا گهورا،
ڪـــامي ڪـَـرڙا، ڪُل نـدورا، راتيــان ڏينهــــان، بــات بيان،
جــــــــاڳي حــرڪت، وچ جهــــانَ،
چــــارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

چڙه تنهـــان دي ڪولــون آون، وچ مـَـسـِـيتين، مـَـسين مــاون،
ســـرهــــا تيــــل، ســدائـــي ڌاون، ڪلونت ٻيٺي، ڪافيان ڳاون،
نـــــــال رئيســــان، رَلــي کاون، شيــخ مشــــائــخ، تــي شيطان-
ڏاڍي حــــــرڪــــت، وچ جهـــانَ،
چــــارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

ڪـَــــرن دعـــــــوت، دنـــيــــــادار، ٻـــــوڙُ، پـُلا تي، ترش آچار،
گـِـهه اُتـــون چــــا، گـــــهتن هــار، کـِـلـــــن، کـــــاون بـــــهت بهار،
ڪــــانه لهــن ڪـــــــا خبر چــــار، ڪـِــــٿـون آيــــا، ايـہ سـامـــان-
جـــــــاڳي حـــــرڪت، وچ جهــانَ،
چــــارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

نه ڪـجهه پـُـڇـن، پـــــاڪ حــلال، نــــڪو آڻـِــــن، دل تــي خيــال،
نــــڪـــا لـَــهنـدي، سـُـڌ سنڀــــال، مــتــان هـــووي، ڦـُـر دا مـــــال،
ڪَر سُڻاوَئين، ڪَهڙِي ڳالهه، ڏاڏي ڏک ڳـَـڌا آرمــــــــــــــــان-
جــــاڳي حـــرڪت، وچ جهـــانَ،
چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

اڳـــــي آهــــن پيــر سـُـونـهـــــاري، ديــــــن دنيـا وچ برڪت باري،
چـــائـِــــي وتن، نـــال ڇـُـهــــــاري، ڪـَــــــر سـُـڻـــاوَن، وَعظ واري،
لـَـک لـِـياني، چـــوکي چــــاري، عــــــــــالم، آهـــــــن عــلـيـشــــان-
جــــاڳي حـــرڪـــت، وچ جهانَ،
چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

مـانجهي مرد ڏِٺوسي خاصي، سادي، سـَـــــــڏ ڪـَـريندي راسي،
پارس ڏي تِنهان ڪُون پاسي، چاندِي چـُـست، ڪـَـريندي چاسي،
آســـــان وچ اُٿــــانهيــن آســــي، مــتـان ڪـَـرو ڪو، شڪ گمــان-
جـــاڳي حــــرڪت، وچ جهـــانَ،
چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

صبر ڪـَــــر، حـُـسين سـِــرائي، وَل نه ڪـــرين، ايــجــهــي وائــي،
ٻـِـــيهر ٻيــلي، ڳــــالهه پـَـرائي، مـــتـــان ڪــــو چـــا تنگ الائـِـي،
چـَــل زمــــانــا، ڳـَـيــا چـَـڱائي، فـَـــوج، ڪـُـــلـِـي هـي بي فرمـان-
ڏاڍي حـــرڪت، منجهه جهانَ،
چارئي کرڳئي، دُرس دوڪان.

غالباً انهيءَ ’شهر آشوب‘ کان به اڳ ڪنهن شاعر جا چيل هيٺيان بيت آهن، جيڪي نهايت غصي ۽ تلخ زبان ۾ چيا ويا آهن، هنن ۾ فقط ٻن طبقن تي جلهه ٿيل آهي، هڪ ملا ٻيو پير:

1- ملن ۽ پيرن، ٻنهي ٻوڙيو دين کي،
هو نه گهورا حق جا، هي نه سچُ چـَـون،
سڀئي طالب ثروت جا، دنيا دين سندن،
ڇڏيو راهه ثواب جي، وڳين ٿا وڃن،
انڌن آخوندن، نيٺ نهوڙيو دين کي.

2- ملا ٿيا مردود، پير پوڄاري پيٽ جا،
درد نه تن کي دين جو، نڀاڳا نامسعود،
ڪفر ۽ ڪمينپ جا ٿا دل ۾ دکائن دود،
غرض خاطر غريب ٿيو، سوين ڏين سجود،
انڌا هي آخوند، دشمن اٿئي دين جا.

3- پوڄو جن پيرن کي، ٻيڙي تن ٻڏي،
آجا ٿيا اسلام کان، ڪفر پيو ڪـُـڏي،
ملان جي منهن پيا، ويلَ ٿين وڏي،
ڪيو ڪسب قرآن کي، ميڙن مال مـَـڏي،
جن وحدت واٽ ڇڏي، اڳڻ نه وَڃُ اُنَ جي.

4- ملو ۽ پير، ٻيائيءَ کڻي ٻه ڪيا،
موٽي مٺو نه ٿئي، کري پيو جو کير،
اصل هئا اڪسير، وحدت ڇڏي وهه ٿيا.

سنڌ جي صوفي شاعرن جي ڪلام ۾ پاڻ کي سوين بيت رياڪار پيرن جي اڍنگاين ۽ مـُـلن موراڻن جي دين فروشيءَ متعلق ملندا، جن مان اهوئي محسوس ٿئي ٿو ته انگريز جي اچڻ کان اڳ ئي ماڻهو ملن ۽ پيرن مان بيزار هئا. انگريزن اچڻ بعد، جو وڏيرن ۽ ڪامورن جو طبقو به عوام تي مسلط ڪيو، تنهن ته هيڪاري هاڃا ڪري ماڻهن جا رانڱا لاهي ڇڏيا.

* * *

پهرينءَ مهاڀاري لڙائيءَ بند ٿيڻ بعد انگريزن کي جڏهن هوش آيو، تڏهن هنن هندستان اندر انتظامي سڌارن آڻڻ ۽ ڪاروباري خرابين ڪڍڻ لاءِ حڪمرانيءَ جي سڀني مصلحتن ۽ رمزن کي سامهون رکندي، ڪوشش شروع ڪئي. اُنهيءَ سلسلي ۾ هنن ضرورت پٽاندر مختلف ڪميٽيون ٺاهيون، جن جي حوالي جدا جدا ڪم سپرد ڪيا ويا. انهن مان هڪ ڪميٽي سنڌ اندر به مقرر ڪئي وئي، جنهن جي حوالي ڪم هو ته رشوت، رسائي، لاپي ۽ ڇيڙ ڇِپِريءَ متعلق مختلف ماڻهن کان بيان وٺي حقيقتون گڏ ڪري، ۽ رپورٽ پيش ڪري ته انهن خرابين کي بند ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءَ ورتا وڃن.
انهيءَ ڪميٽيءَ اڳيان سنڌ جي مشهور اديب، اخبار نويس، ظريف ۽ اصلاحي شاعر، رئيس شمس الدين ”بلبل“ 25 اپريل، 1918ع جو جيڪو بيان ڏنو هو، سو راقم الحروف جي سامهون آهي. انهيءَ بيان جا ڪي خاص ٽڪرا [8] هيٺ ڏنا وڃن ٿا، جن مان اڄ کان تقريباً اڌ صديءَ اڳ جون ڪي دلچسپ حقيقتون سامهون اچن ٿيون.
رسائيءَ [9] لاءِ رئيس مرحوم لکيو آهي ته ’رسانيدن‘ مان نڪتل آهي، معنيٰ پهچائڻ. ميهڙ جي فقط هڪ تعلقي ۾ انهيءَ زماني ۾ هيٺين جاين تي آفيسرن جون منزلون ٿينديون هيون - راڌڻ اسٽيشن، ٿرڙي محبت، ميهڙ، نئون ڳوٺ، شاهه پنجو، بالي شاهه، اگهاماڻي، قاضيءَ جو ڳوٺ، منجڻ، فريد لـُـهار، شاه گودڙيو، منگواڻي، گرڪڻ ۽ ڪولاچي.
انهن جاين تي هيٺيان ڪامورا منزلون ڪندا رهندا هئا، مختيارڪار، اسسٽنٽ يا ڊپٽي ڪليڪٽر [10]، ڪليڪٽر، ڊسٽرڪٽ سپريڊنٽ، سپريڊنٽ انجنير، ايگزيڪيوٽو انجنير، سڀ ڊويزنل آفيسر، ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج، جڊيشل ڪمشنر، مئنيجر انڪمبرڊ اسٽيٽس، سول سرجن لاڙڪاڻو، شايد ميهڙ ۾ ٻيلا ڪونه هئا يا رئيس مرحوم کان فاريسٽر، ڊويزنل ۽ ڪنزرويٽر جون منزلون دل تان لهي ويون.
منزلن جي سلسلي ۾ جيڪا رسائي ٿيندي هئي، ان جي سلسلي ۾ هيٺين فقرن ۾ رئيس صاحب لکي ٿو:-
نمبر 10- نه رڳو آفيسرن جي سر لاءِ پر سندن ساري عملي، منشـِـن، پٽيوالن، جتن وغيره لاءِ به سامان ڏيڻو پوندو آهي، جهڙو ته، کٽون کٽولا، دلا، گوشت، ڪڪڙ، اَنا، مکڻ، کير، ڪاٺيون، گاهه، شراب، ميوا ۽ ڀاڄيون.
نمبر 13- ڪڪڙن جي قيمت 4 کان 8 آنن تائين [11] آهي، بيضو هڪ آني يا ٽين پيسي، مکڻ 5 يا 6 پاوَ رپئي اڳ، ۽ في رپئي 4 يا 5 پاءَ هاڻي ملي ٿو، ڪڙٻ 10-12 بند رپئي ملندا هئا اڳ، هاڻي 3-4 بند، پلال في ويڙهو اڳ ٻه ٽي آنا، هاڻي في ڇيلو هڪ کان وٺي ٻه [12] رپين تائين.
نمبر 14- اهي جنسون هرهڪ زميندار تي سندس حيثيت ۽ آباديءَ موجب مختيارڪار رکندا آهن، سڀڪو منزلگاه تي پهچائي ڏيندو آهي.
نمبر 15- منزل گاهن تي اهڙو سامان، گاهه، پلال، زميندار هارين جي بيل گاڏين تي موڪليندا آهن، جن کي ڪجهه ڏيڻو نه پوندو آهي.
نمبر 18- مختيار ڪار جي منزل جو روزانو خرچ 0 -0 - 8
يورپي اسسٽنٽ ڪليڪٽر ” “ 0 -0 - 15
ڏيهي ڊپٽي ڪليڪٽر ” “ 0 -0 -0 - 1
ايگزيڪيوٽو انجنير ” “ 0 -0 - 15
سب ڊويزنل آفيسر ” “ 0 -0 - 5 [13]

کير جا دلا [14] علاوه. شراب، سيڌو سامان، خرچيون، ٿاڌليون [15]، مصريون، انگوڇا، ڌوتيون [16]، سڀ ان خرچ ۾.

نمبر 21- دلا کٽولا [17] زميندار ڏيندا آهن ۽ شهرن ۾ پنچات ڏيندي آهي، ليڪن هر منزل تي کٽولا بدلجي ويندا آهن، گم ٿي ويندا آهن، سٺيون واڏڻيون [18] سوٽيون (يا ڏاس جون) جت يا پٽيوالا ڪڍي ويندا آهن، يا منشي مٿن سنان ڪري تيل ميٽ سان خراب ڪري ڇڏيندا آهن.
گهوڙن جي طبيلن يا ٻين لانڍين ٺاهڻ لاءِ ٽوا، ڇـَـپريون، ڪاٺيون[19]، زميندار يا شهر جا مکيه ماڻهو ڏيندا آهن. انهن جي ٺاهڻ لاءِ ڇيڙا به زميندار ڏيندا آهن.
نمبر 23- رسائيءَ جو خرچ تپيدار به ڪندا آهن، جيڪو هو لاپن مان وصول ڪندا آهن.
نمبر 24- زميندار جيڪو به خرچ رسائيءَ تي ڪن ٿا، سو اڪثر ننڍن کاتيدارن کان وصول ڪن ٿا، ڪي هارين کان اهڙن خرچن لاءِ بٽئيءَ مان اَن ڪڍي وٺندا آهن. ڪي جزوي زميندار هوندا، نه ته اڪثر بار سڀ غريبن تي آهي.
نمبر 27، 28- سامان ڍوئڻ لاءِ بيل گاڏيون بيگر ۾ هڻندا آهن، جن کي سرڪاري نرخ موجب ٻه آنا في ميل ڀاڙو ڏيندا آهن. گهڻو ڪري کاتيدار ڀاڙو به ڪونه ڏيندا اٿن، ۽ ائين ئي واٽهڙو مسافرن يا چاڙهاڪي [20] وارن جون گاڏيون بيگر ۾ هڻندا آهن. جا دکدائڪ ڳالهه آهي.
نمبر 34، 35- زميندار يا مقاطعدار کان رسائي ٿيڻ مشڪل آهي، نه ڪي ٿي سگهندي، ڇو ته زميندار عملي جي ايتري پورائي ڪري نه سگهندا. هو نه بل پيش ڪندا، نه کين قيمت ملندي، نه ته عملي جي پڪار کان آفيسر مٿن ناراض ٿي ويندا ۽ سندن آبرو خطري ۾ رهندي، اهڙيءَ طرح مقاطعدار به چاڙهي اگهه وٺندا ڇو ته کين نفعو به گهرجي، سو وري عملي وارا ڏئي نه سگهندا، جيڪي قيمت ڏيڻ تي هريل ئي نه آهن.
نمبر 36- رسائيءِ جا باني اصل مختيارڪار آهن. سندن خواهش هوندي آهي ته سالياني چڪاس ۾ سندن عيب ثواب لڪا رهن، تنهنڪري هو اهي خرچ ڪرائن ٿا. سالياني نقدي، شرح [21] لاءِ هي آهي:-

بالا آفيس

هرهڪ بالا آفيس جو هيڊ منشي 0 -150
هيڊ ڪلارڪ ۽ سرشتيدار 0 -60

ٻيا منشي 0 - 400 کان 0 -0 -0 - 30 ۽ 0- 15 تائين درجيوار.

تعلقي آفيس
هيڊ منشي، هرهڪ تپيدار کان 0 -11
(ميهڙ ۾ 17 تپيدار آهن، جملي 187 رپيا ٿيا)

خزانچي، هرهڪ تپيدار کان 0 -6
سيڪنڊ منشي، هرهڪ تپيدار کان 0 -3
سپروائزنگ تپيدار هرهڪ تپيدار کان 0 -40 ۽ 0 -45
ڊويزنل تپيدار هرهڪ تپيدار کان 0 -11

عملدارن جي خانگي نوڪرن جا شرح 5 کان 10 رپين تائين آهن. تعلقي آفيس ياسپروائزنگ يا ڊويزنل تپيدار جو ساليانو شرح تپيدار جدا ڀريندا آهن، باقي بالا آفيس جا ساليانا ”وچ خرچ[22]“ مان ڀربا آهن، جو اهو خرچ تر جي تپيدار وٽ رهندو آهي ۽ مختيارڪار يا تعلقي هيڊ منشيءَ جي مرضيءَ ۽ اختيار تي هلندو آهي. ان جو حساب نه وٺبو آهي.
اهي (شرح) ته منزل ڪندڙ عملدارن جا آهن. جيڪي ضلعي جي بالا آفيس ۾ مقيم عملدار آهن، سي به وٺن ٿا، مثلاً: حضور ڊپٽي. اهي جڏهن ڪاغذ تپاس لاءِ گهرائيندا آهن، ته کين 250 رپيا ساليانو شرح تپيدار ڏئي ايندا آهن - انهيءَ وچ خرچ مان.
رئيس صاحب مرحوم، زميندارن جي سلسلي ۾ پنهنجي بيان اندر لکي ٿو ته -
وڏا زميندار به خوشيءَ سان ۽ ڄاڻي واڻي خوشامدون ڪندا آهن، ته آفيسر راضي رهن، ڪو سندن اٽڪيو نه رهي. انهن کي هر وقت پنهنجي آبرو وڌڻ ۽ ڪم ڪڍڻ جا غرض رهن ٿا، جنهنڪري سندن آبرويون به وڌن ٿيون، ’دربارين‘ ۾ کين انعام اڪرام به ملن ٿا [23] ۽ زمينون به.
انهيءَ رسائيءَ ۽ رشوت جا ذريعا بيان فرمائيندي، رئيس مرحوم لکي ٿو ته -
مختيارڪار يا زميندار، جيڪو به خرچ رسائيءَ تي ڪن ٿا، سو سارو بار آخر ننڍن کاتيدارن ۽ هارين تي پوي ٿو. نه مختيارڪارن کي ڪَسُ نه زميندارن کي نقصان، ڦـُـرجن وچان ئي غريب ٿا، جن مان اهي پيسا وصول ٿين ٿا.
رئيس مرحوم بيان ۾ هڪ منزل جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته -
2- اپريل 1918ع تي سپريڊنٽ انجنير ٿرڙي محبت ۾ منزل ڪئي. عملي سميت چار ڏينهن اتي رهيو، ٻئي ڏينهن پاڻ ويو، پر عملو اتي رهيو. رسايون خرچ پکا خوب هليا. وري عملو يعني منشي پٽيوالا به گهرائي ورتائين، ته جت ۽ خلاصي سامان سميت اتي رهيا. 26- اپريل 1918ع تائين ته اڃا اتي آهن، اڳتي جي خبر پوي.
انهيءَ باقي عملي جو خرچ بيان ڪندي رئيس لکي ٿو ته -
عملو خلاصي ۽ جت روزانو چار سير گوشت ۽ هڪ دلو کير جو، ۽ هڪ ڳوڻ جوئر جي...اُٺن جي داڻي لاءِ وٺن ٿا. ان منزل جو خرچ داروغا ۽ مقدم ڀريندا، جي وري زميندارن کان وٺندا، ۽ اهي وري ننڍن کاتيدارن يا ڪڙمـِـن کان.
رئيس مرحوم کي خدا جنت نصيب ڪري، پٽيوالن جي رشوت ستانيءَ جو ذڪر ڪندي، لکي ٿو ته -
آفيسرن جا بٽڙيل [24] ان بهاني تي وڌيڪ رسائي ۽ روزينا ۽ ساليانا شرح وٺن ٿا، جو هو، ”نه رسائيءَ جي صورت“ ۾ آفيسرن کي چغليون هڻندا آهن ته ’کير خراب مليو چانهه تيار نه ٿي‘، ’بيضا ڪنا نڪتا‘، ’سامان برابر نٿو ملي‘. ان ڪري آفيسر رسائي ڪندڙ ڪامورن تي ناراض ٿيندا آهن، ڪن کي ته مارون به ملنديون آهن، اهڙيءَ طرح پٽيوالا تنبو دير سان هڻندا آهن ته مارون به ملنديون آهن ته ’ڇيڙ نه ملي‘! جنهن تي پڻ تپيدارن ۽ مختيار ڪارن تي ڪاوڙ ٿيندي آهي[25].
رئيس مرحوم عملدارن جي گشت جو مفهوم ۽ مطلب لکندي چوي ٿو ته -
گشت جو وڏو مطلب ته هي آهي ته عملدار عام رعيت سان ملن جلن ۽ انهن جا اهنج ايذاءَ معلوم ڪن، سو بلڪل ڪونه ٿو ٿئي. گشت ۾ فقط وڏا زميندار ڪرسي نشين آفيسر کي ملن ٿا، جي رڳو پنهنجي غرض تي احوال کين ڏين ٿا. اهنجايل ماڻهو عرضدار جي صورت ۾ اچن ٿا، مگر جڏهن ته ان وقت تعلقي جا مختيارڪار روبرو اچي ويهن ٿا، ته انهن جي دال نٿي ڳري، کين اُبتو سبتو جواب ڏياري ٿا ڇڏن، تنهنڪري وري وڌيڪ ستايل ماڻهو گمنام طرح عريضيون ٽپال ۾ موڪلـِـن ٿا، ته انهن تي به خيال نٿو ڪيو وڃي. نالي لکڻ مان هيٺيان عملدار ۽ وڏا زميندار انهن کي ڌمڪائي سندن ثابتي گم ڪري ڇڏن ٿا.
’ڏاليءَ‘ جي باري ۾ رئيس لکي ٿو ته،
زميندار عملدارن کي ميوو ڏين ٿا ۽ پئنچات مصري[26].
لاپي جي سلسلي ۾ رئيس مرحوم لکي ٿو ته،
اهو اکر ”لاڀ“ يا ”لوڀ“ مان نڪتل آهي، زميندار ڌنڌي ۾ ڪاسبي ماڻهن يا پيرن فقيرن ساداتن کي جو ساليانو اَنُ محنت يا خير خيرات ۾ ڏبو آهي، تنهن کي ”لاپو“ چوندا آهن. اهڙيءَ طرح ڪامورن جي انگن ۽ ساليانه شرحن نقدي ۽ اَن ڏيڻ کي به لاپو چئبو آهي.
لاپي جا شرح بيان ڪندي مرحوم لکي ٿو ته -
روينيو کاتي ۾، تپيدار پهرين ڍل تي في جريب هڪ آنو يا ٻن آنن تائين وٺندا آهن، وڏن زميندارن کان في سيڪڙو 3 يا 5 رپيا، پبلڪ ورڪس ۾ سب ڊويزنل آفيسر مقاطعدار کان في سيڪڙي تي ڏهه رپيا وٺندا آهن، سب اوورسير داروغا 2 کان 5 تائين يا ڏٺي سارو. داروغا، ’راڄوڻِي‘ هر پڪيءَ موريءَ تي 3 کان 5 رپين تائين، ۽ ڪڙمين کان في کـُـهاڏو [27] هڪ رپيو. مقدم لابارن [28] ۾ ان جي وَلِ وٺندا آهن يا بٽاين ۾ اَنُ. مالدارن کان سدائين کير، ڇيلا گهرج سارو، ۽ منزل تي زميندارن کان نقدي. فاريسٽ وارن مان رينجر مالدارن کان ۽ زميندارن کان، ۽ پوليس کاتي ۾ سب انسپيڪٽر ۽ ٿاڻيدار رسائيءَ جي بهاني تي هرهڪ زميندار کان سندس حيثيت مطابق وٺندا آهن. جـُـڊيشل کاتي ۾ به بالا آفيس ۾ ساليانا شرح ٻڌل آهن. هرهڪ سبارڊينيٽ ڪورٽ جا سرشتيدار ۽ ناظر ۽ تعميل منشي [29] ۽ ٻيا بيلف دعويٰ جي في سيڪڙي رقم تي اٺ اٺ آنا. اُن کاتي جي بالا آفيسرن جي رسائي تپيدار، ۽ عملي جي رسد ۽ رسائي بيلف ۽ ناظر ڪندا آهن.
زميندارن جي عادتن تي روشني وجهندي، مرحوم هڪ جاءِ تي فرمائي ٿو ته-
زميندار کير (منزلن لاءِ) ڏين ٿا ته اهو زور تي پنهنجي حد جي مالدارن کان وٺن ٿا.
انجنيريءَ ۽ پوليس جي سلسلي ۾ رئيس هڪ نهايت ئي دلچسپ فقرو لکيو آهي. چوي ٿو:
انجنيري کاتو پاڻيءَ جو سيلاب آهي ۽ پوليس کاتو باهه جو شعلو.
انهن ٻنهي مان ايترو سهنج به آهي جيترو پاڻيءَ ۽ باهه مان ماڻهن کي پهچي ٿو. مگر جڏهن اهي ٻـَـئي حد کان لنگهن ٿا ته هو ملڪ ٻوڙي ناس ٿو ڪري، هو جهڳا ساڙي چٽ ٿو ڪري.
ڇيڙ جي سلسلي ۾ رئيس صاحب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته -
”ڇيڙ“ جي معنيٰ آهي ته بيگر ۾ بنا اجوري ڪنهن به ڪم لاءِ ماڻهو موجود ڪري، هڪلي وڃڻ - جيئن مال کي ڌنار ڇيڙيندا آهن. کنڊن ٻڌڻ، منزلن تي تنبن کوڙڻ ۽ پٽڻ، سامان لاهڻ چاڙهڻ، رستن جي مرمت، منزل گاهن جي صفائيءَ لاءِ ۽ منزل جا ڏينهن پاڻي ڀرڻ ۽ ٻئي ڪم ڪار لاءِ اِهي ماڻهو ڏبا آهن.[30] ڇيڙن يعني هارِن کي پوکڻ لاءِ زمين ڏيڻ وقت زميندار اهڙو شرط تقاويءَ جي دستاويز تي لکرائي وٺندا آهن، يا زباني شرط ڪندا آهن ته ’ڇيڙ چپري، بند کنڊ، سڏ صلح ۾ انڪار نه ڪندس‘! عملدارن جي منزل تي به 20 کان 30 تائين ڇيڙا، رستن جي مرمت يا منزل گاهن جي صفا ڪرڻ لاءِ ڪم سارُو 50 کان 100 تائين ڇيڙا، هرهڪ زميندار ڏيندو، يا ڪم زميندارن کي ورهائي ڏيندا، جيڪي معياد اندر ڇيڙن کان پورا ڪرائي ڏيندا. شڪار جي ڇيڙ ناتال ۾ ٿيندي آهي. ڇيڙَ زميندار جي سڏ تي اچڻ لاءِ ٻڌل آهي - خوش هجي يا ناخوش.
رئيس مرحوم اهو بيان 25 اپريل، 1918ع جو لکيو آهي، جنهن تي انگريزيءَ ۾ عهدن جي فهرست سميت دستخط ڪيا اٿائين، يعني اڄ (25-8-60) کان ٻائيتاليهه ورهيه چار مهينا ۽ هڪ ڏينهن اڳ اهو بيان ڏنو ويو آهي، جنهن اندر جيڪا انهيءَ زماني ۾، انهيءَ سمي جي اگهن مطابق رشوت، رسائي، لاپي يا ڇيڙ جي حالت هئي، سا بيان ٿيل آهي. جنهن ڪميٽيءَ اڳيان اهو بيان ڏنو ويو، ان ضرور حڪومت کي ڪا رپورٽ پيش ڪئي هوندي، ۽ انهن آزارن جي بند ڪرڻ لاءِ ڪي اُپاءَ به رٿي ڏنا هوندا، ليڪن رشوت، رسائي، لاپو بند ٿيڻ ته خير، گهٽجڻ به خير، پر الٽو وڌندا ويا، ۽ اگهن سارو انگن اکرن ۾ اضافو ٿيندو ويو ۽ سنڌ جي جدا ٿيڻ بعد (1936ع)، يا ائين کڻي چئجي ته سنڌ اندر جڏهن انتظام درهم برهم ٿي ويو، تڏهن کان ته نهايت جبر، ظلم ۽ زور تي کلم کلا رشوت، لاپو ۽ رسائي وٺجڻ شروع ٿي. اڳ اهي شيون مانَ مرجات ۾ هلنديون هيون، هاڻي بي شرميءَ، بي حيائيءَ ۽ ديده دليريءَ سان ورتيون وڃن ٿيون، اڳ ڏني ورتي [31] بعد لـڄ حياءُ رکبو هو، ننگ ۽ لحاظ پوندو هو، ڪم ڪار به پورو ٿيندو هو، ليڪن هاڻي ته انهيءَ حد تائين سيني زوري وڌي وَئي، جو دل گهري رقم ملڻ بعد به ڪم ڪونه ٿيندو، اڳ ڀؤ هوندو هو، هاڻ ڀؤ ڀولو ته جدا رهيو پر وڏي واڪي، ظاهر ظهور، تڪي توري، ٺڪي ٺوڪي رشوت رسائي وٺڻ ۾ آئي، اڳ وڏا عملدار خال خال وٺندا هئا، بلڪ سـَـوَن ۾ ڪو هڪ، ليڪن هاڻي ڦرمار تي وڏن کان ننڍن تائين پـَـٽَ کاءُ تي ڇڙي پيا، جيئن صبح جو بکين ٻڪرين جو ڌڻ واڙ مان نڪري پوندو آهي. طوائف الملوڪيءَ جو عالم هو. نوڪريءَ جو مطلب ڪاموري ڪلاس اهو سمجهيو ته ٿوري ۾ ٿوري عرصي اندر گهڻي ۾ گهڻو پيسو گڏ ڪجي، ۽ هنن ڪيو به ائين. اها ڪيفيت رهي 1931ع کان وٺي 1947ع تائين، جنهن کي انگريز جو آخري دور چئجي ٿو. ان کان پوءِ جون حالتون هن کان پوءِ جو لکندڙ ويهي لکندو.

___________________
[1] انهيءَ دور جا نام ڪٺيا پوليس عملدار گهڻا ئي هئا، جن مان هيٺين جا نالا ياد اچن ٿا:
نارائڻ داس، تيجومل، ٽهلرام، مولانا ضياءُ الدين احمد، غلام اڪبر خان، ديوان ساجن سنگ، حافظ محمد سليمان، واليءَ ڏنو خان، عبدالستار خان، محمد بخش خان لغاري، الهه بخش خان کوسو، ميرالهه ڏنو خان، محمد صالح ڏهراج، قادر بخش ڪلوڙ، نياز محمد خان، تاج الدين انسپيڪٽر، خان محمد بروهي، دلاورحسين شاهه وغيره. انهن مان ڪي صاحب بلند ڪردار جا ۽ شانائتي طور طريقي جا مالڪ هئا. اڃا به وقت آهي، جيڪڏهن ڪو صاحب انهن ۽ اهڙن ٻين شخصيتن جو احوال ۽ سندن واقعا ويهي گڏ ڪري.
[2] مالدارن جي سلسلي ۾ سوين لفظ سنڌ ۾ آهن: ڌنار، ڌراڙ، ميهار، ڳنوار، ٻڪرار، ريڍار، اڻپنهوار، ايلپنوار، واڙو، ٿانُ، مَنَهن، واڙ، ڀاڳيو. سوين متعلق اکر آهن، جيڪي گڏ ڪرڻ گهرجن.
[3] عوامي لفظ ”لَهَڪُڻ“ آهي.
[4] لنگهو شاديءَ تي سڏ ٻڌائيندو هو ۽ غميءَ جو اطلاع به اهو ڏيندو هو. مير بحر شاديءَ غميءَ تي پاڻي ڀريندو هو. دايو به سڏو ٻڌائيندو هو ۽ ماليءَ جي ديڳن هيٺان ڪاٺيون سوريندو هو. ڪنڀر اهڙن موقعن تي ٺڪر جا ٿانوَ پهچائيندو هو.
[5] جڏهن زمانو ڦريو، بلڪ سڌريو، ڪڙمين ۾سجاڳي آئي ۽ ”هاري ڪميٽيءَ“ سنڌ اندر زور ورتو، تڏهن انهن انگن اسبابن مان ڪيترا سرڪاري طرح بند ڪيا ويا.
[6] ديال مان ڦرهيون ٺهرائبيون هيون، جنهن جي ٻنهي پاسن ميٽ هڻي، ان تي هندو (هٽ واڻيان) ڪچو ليکو لکندا هئا، ۽ مدرسن ۾ شاگرد انهن تي صورتخطي ۽ اکر پڪا ڪندا هئا. ان کي پَٽي به چئبو هو.
[7] ”خالصو“ ان کي چئبو هو، جو زميندار زمين کي ڇيڙ تي ٺهرائي، هر ڪـَـهرائي، ٻج وجهرائي، اُن جو ان ٻنهي سَرين پاڻ کڻندو هو.
[8] انهيءَ بيان جي ابتدا ۾ رئيس مرحوم پنهنجي لاءِ هن طرح لکيو آهي: شمس الدين ولد بهادر خان ابڙو، زميندار، ايڊيٽر ”آفتاب، سنڌ“، ميمبر تعلقو لوڪلبورڊ، آنرري ماجسٽريٽ - انهيءَ ئي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته رئيس مرحوم ٽيهه ورهيه ايڊيٽري (1918ع تائين) ڪئي، پهريائين ”الحق“ جي پوءِ ”آفتاب سنڌ“ جي.
[9] رسائي رهائي، رس رساوت، رس رساءُ، رس رهاڻ، ڪس رس، رسيل، رسيو آهي (معنيٰ پڪو آهي)، ’واهه جو رس رکي بيٺو آهي‘ رسڻ (پچڻ يا ڪنهن شيءِ جو پهچڻ)، وغيره وغيره، اهي سڀ اکر ۽ ترڪيبون انهيءَ هڪ اکر جون آهن.
[10] زنگريز کي ’اسسٽنٽ ڪليڪٽر‘ ۽ ديسيءَ کي ’ڊپٽي ڪليڪٽر‘ چوندا هئا.
[11] مرحوم قليچ بيگ پنهنجي ”يادگيرن“ ۾ پنهنجي زماني جا اگهه ۽ انگ پڻ ڏنا آهن، اهي سڀ اگهه انهيءَ دور جا آهن جڏهن سڪر سڻائي هئي ۽ رپئي جي قيمت واقعي قيمت هئي.
[12] اها زبان انهيءَ زماني جي آهي. هن وقت هوند هيئن لکجي - ٻن رپين تائين يا ٻي رپئي تائين.
[13] انهيءَ زماني ۾ اڄوڪي اگهه جي مقابلي ڏهه رپيا 100 رپين جي برابر آهن.
[14] کير جا دِلا ڀاڳين وٽان مفت آڻبا هئا. اسان جي سانڀر ۾ هرهڪ منزل تي روزانو 5-6 گهَڙا کپندا هئا. ”کير سان تڙ ڪرائڻ“ جو محاورو کير جي انهيءَ افراط تان ٺهيو.
[15] سنڌ ۾ گرمِن جي موسم ۾ ٿادل پيئڻ جو رواج هوندو هو. صبح کان منجهند تائين ڏڌ ۽ ٻپهريءَ کان وٺي لڙي ٽپهريءَ تائين ٿاڌل يا شربت، بيدمشڪ ۽ ڪيوڙي يا بادام وغيره جو ٿاڌل جو نسخو هي هو، ۽ ڏنڊي ڪونڊي ۾ گهوٽي، پوءِ ڪپڙي ۾ ڇاڻي ۽ ڪورن دَکِن يا دلن ۾ وجهي پياربي هئي:
بادام
ڪارا مرچ
خس خس
گدري، ونگي، هنداڻي جو ٻج (ست مغزي)
مصري - پاڻيءَ جي وزن تي.
پاڻي، پيڻ وارن جي اڌار تي.
هندو ان ۾ ڀنگ چيٽي ملائي پيئندا هئا، جنهن کي ’سُکو‘ چوندا هئا، نشئي مسلمان جڏهن ان ۾ ڀنگ ملائيندا هئا، ته ان کي ’آيو‘ چوندا هئا.

[16] انگوڇا هندو ڪلارڪن لاءِ هوندا هئا. صبح جو ڏندڻ پاڻي ڪري، بت کي ڪرڙو تيل مکي، ميٽ لائي، انگوڇا يا ڌوتي هيٺ تي ڪري، کٽ تي ويهي يا وِڪي تي ويهي، مٿان ٿڌي پاڻيءَ جا دلا پرٽيندا هئا. عام هندو منجهند جي مانيءَ کان اڳ وهنجندا هئا، اهي گهمندا به ويندا هئا ۽ مٿان گهڙو به پرٽيندا ويندا هئا، ان کي هو ”سنان“ چوندا هئا. پوءِ ڌوتي ٻڌي، ساڳئي ئي انگوڇي کي نپوڙي، ان سان بدن اگهندا هئا. مسلمان اُن کي تڙ، غسل يا وهنجڻ چوندا هئا.
[17] زميندار دلا ڪنڀر کان مفت وٺندا هئا، جن کي لاپو ڪڙميءَ جي حصي مان ڏيندا هئا، ۽ کـَـٽون راڄ مان گڏ ڪري ڏيندا هئا.
[18] واڏڻ يا نانگ کٽ جي پيرن کان واڻ ۾ پوندي آهي، جنهن سان کٽ جو واڻ ڇڪجي بيهندو آهي. واڏڻ مـُـڃ مان به ٺهندي آهي، ليڪن ڪي شوقين سٺين کٽن لاءِ ڏاس، سـُـٽَ يا سوتليءَ مان ٺاهيندا آهن. انهيءَ قسم جون واڏڻيون پٽيوالا، منشي، هندو ڪلارڪ ۽ آخر ۾ جت ڪڍي ويندا هئا. اهو دستور راقم جي زماني تائين به هو.
[19] ٽُوا سَرَن مان زميندار مفت ڪڙمين کان ٺهرائيندا هئا، اهڙيءَ طرح ڪاٺيون وغيره به ٻيلي مان ڪڙمي ڪپي، اچي منزلن تي پهچائيندا هئا! زميندارن جو نالو هو، حقيقت ۾ نڪرندو سڀڪجهه غريبن جي هڏ مان هو.
[20] بيل گاڏيون ڪاهي، جيڪي غريب پنهنجي ڪَمين ڪارين اچي منزل وٽان لانگهائو ٿيندا هئا، يا شهر ۾ ايندا هئا، اهي تپيدار يا پوليس وارا بيگر ۾ هڻندا هئا. پنهنجو ڪم ڪار ڇـُـٽو، غريب اوچتو اَوه ۾ اچي ويو. ’چاڙهاڪو‘ چئبو آهي، جو گاڏرن کي ويندي ڪنهن شهر ۾ رات پئجي وڃي، ۽ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ گاڏي ڇوڙي رات ڀڃن. بگڙن تترن جو چاڙهاڪو به ٿيندو آهي.
[21] سالياني رشوت کي ”ساليانو شرح“ چيو ويندو هو.
[22] تعلقي آفيس ۾ هر ڪامورو حصي رسد رقم جمع ڪرائيندو هو ۽ اها بالا عملدارن جي رسائيءَ ۾ ڪتب ايندي هئي، انهيءَ رقم کي ”وچ خرچ“ چيو ويندو هو.
[23] سنڌ ۾ سالياني ’دربار‘ گورنر جي ٿيندي هئي ۽ ڪمشنر به ڪندو هو. انهن دربارن ۾ ڪرسي نشين زميندارن کي ويهاريو ويندو هو، جن کي خطاب ملندا هئا، انهن کي انهيءَ موقعي تي انهن جا ٻلا ۽ پروانا ڏنا ويندا هئا، ۽ جن کي انعام اڪرام مثلاً قراريون، لونگيون ۽ آفرين ناما ڏيڻا هوندا هئا، انهن کي به انهيءَ ئي موقعي تي اُهي شيون ڏبيون هيون. زميندار اُهي سڀ انعام ۽ عزتون عملدارن کي راضي ڪري، انهن جون ناجائز خوشامديون ڪري، کانئن سفارش ڪرائي، حاصل ڪندا هئا. اهي خطاب ۽ درباريون سن 1938ع ۾ الله بخش شهيد بند ڪري ڇڏيون.
[24] BUTLER
[25] صاحبلوڪن جا بٽلر حقيقت ۾ ضلعي جا مالڪ مختار ٿيندا هئا، جيڪي چون سو ڪري ڏيکارن. منڊمون ۽ صاحب سندن مٺ ۾. تنهنڪري عملدار خواه زميندار پيا سندن خوشامديون ڪندا هئا، ۽ سندن ناجائز گهرجون پيا پوريون ڪندا هئا. منهنجي سانڀر ۾ (1919ع) لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر N.H.HAY هوندو هو، ان جو بٽلر محمد الدين، الامان و الحفيظ! ”خانصاحب محمد الدين خان“ پئي پوندي هئي، اونڌي سنئين سڄي ان جي هٿ ۾، جيئن وڻيس تيئن ڪري، زميندار سان مشڪي ڳالهائيندو ته زميندار جي ڄڻ قسمت کلي، جي محمد الدين توجهه پورو نه ڏنو ته ڄڻ قيامت اچي وئي، زميندار کي پڪ ٿيندي ته ڪا آفت اچڻ واري آهي!
صاصبلوڪن جا ٻه خانگي نوڪر هوندا هئا. بٽلر، جنهن کي ’بٽريل يا ٻٽڙيل‘ چوندا هئا، ۽ اينگلو - انڊين بورچي. سرڪاري نوڪر هن طرح هئا: پهرين حوالدار، ٻيو نمبر نائڪ، ان کان پوءِ حسب ضرورت پٽيوالا. حوالدار جي سفيد پٽڪي تي زريءَ جو پٽو ۽ چيلهه سان زريءَ جو ڪمربند هوندو هو، ڪوٽ، پٽڪو ۽ ٻيا لٽا سڀ اڇا. نائڪ جي ڪمر ۾ ڳاڙهي لٽي جو ڪمربند ۽ پٽڪي ۾ به ڳاڙهو پٽو. پٽيوالن کي فقط سفيد ڪوٽ ۽ پٽڪو. حوالدار ۽ نائڪ جنهن زميندار سان ٺهيل هوندا، ان کي صاحب سان اڳ ۾ ملاقات ڪرائيندا هئا، اها وڏي عزت سمجهي ويندي هئي. ملاقات وقت هرڪو زميندار حيثيت آهر حوالدار کي ڏيندو هو ۽ اهو سڀني کي، پاڻ سميت، ورهائي ڏيندو هو. گهٽ ۾ گهٽ 5، وڌ ۾ وڌ 20 رپيا. منزلن تي البت کين حد جو مکيه زميندار هڪ سؤ ڏيندو هو.

[26] سنڌ ۾ انهيءَ قسم جي ڏالـِـن جو زياده ۽ خوفناڪ رواج هڪ ته جيڪب آباد ضلعي ۾ هو ۽ ٻيو ميرپور خاص ضلعي اندر. جيڪب آباد ۾ بلوچ سردار رهندا هئا ۽ ميرپورخاص ڏانهن اڻ پڙهيل ۽ اڻ سڌريل زميندار. اهي ڏاليءَ جي بهاني عملدارن کي هزارين رپيا پيش ڪندا هئا. نئون عملدار بدلي ٿي ايندو ته هرهڪ سردار ۽ هرهڪ زميندار ميوي سان گڏ ٻه - ٽي هزار به دعوت جي بهاني پيش ڪندو. هندن ۾ البت ڇڙي مصريءَ جو رواج هو، عملدار منزل ڪندو، مکي پنچات جا مک ماڻهو ساڻ ڪري پئنچاتي رسوئي کان مصريءَ جو ٿالهه مٿي تي کڻائي، وڃي منزل تي پهچندو، اندر سڏ ٿيندو ته سڀئي هندو انگوڇا ڪنڌ ۾ ڪندا، جتيون ٻاهر در تي لاهيندا، اندر سلام ڪري وڃي قطار ۾ بيهندا. صاحب پڇندو: ”مکي صاحب، ڇا خبر آهي؟“ مکي ٻانهون ٻڌي، عرض ڪندا: ”سڀ خير آهي. حضور جن جي سربخت کي ويٺا دعائون ڪيون. ڏاڍو امن امان آهي“، ”چڱو، سلام ٿيو!“ ساري پئنچات صاحب ڏي منهن ڪيون. پٺيءَ ڀر ٻاهر نڪرندي، جيئن پٺي ڏيڻ سان صاحب جي بي ادبي نه ٿي. جيڪڏهن ڪنهن تي چغلي هڻڻي هوندِن، ته مکي، صاحب جي تعريف ڪندي، نموني سان چئي وٺندو ته ”حضور، ٿورو گهڻو فلاڻي جو آزار آهي، اوهان مالڪ آهيو، نگهه ڪندؤ ته مڙئي لهي پوندو“. ٻيا هندو هٿ ٻڌي چوندا، ”حضور سائينءَ جي مهر گهرجي، مڙئي فلاڻو ڏاڍو مڙس آهي، هٿ لڳندس ته سِکي ويندو.“ اِنهيءَ ماڻهوءَ جي آفت اچي ويندي، جنهن تي پئنچات انهيءَ نموني سان شڪايت ڪئي.
[27] ڪنهن به سرڪاري واهه جي ڪنڌيءَ تي کوهه کڻي، ان تي نار چاڙهجي، ان کي چئبو آهي ’کهاڏو‘. انهيءَ کوهه ۾ پاڻي سرڪاري واهه مان پهچائبو آهي. گهڻو ڪري آبڪالاڻيءَ جي موسم ۾ خريف ۾ جوئر ٻاجهر لاءِ اهي ’نار‘ چاڙهبا آهن.
[28] ’لاب لهڻ‘ يا ’لوب ڪرڻ‘، يعني پوک جڏهن پچي ۽ ان کي لڻجي، ان کي چئبو آهي لابارو. لاب يا لوب جي موسم - ’لايارا‘ لاب وارن کي چئبو آهي. ’لائيءَ وارا‘ چئبا آهن اُهي مزدور، جيڪي روز تي يا ول جي ونڊيءَ تي لاب لاءِ بيهاربا آهن. مارچ، اپريل ۽ مئي ۾ گهڻو ڪري ربيع جي لابن لاءِ بروهي ٽڪر تان ايندا آهن؛ اهي لاب جي مزدوريءَ ۾ ول وٺندا آهن، اهي زمين جي ڀر ۾ ڏاس مان ٺهيل تنبو هڻي ويهندا آهن. اهو رواج جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، سکر ۽ دادوءَ ڏانهن آهي. لوئر سنڌ ۾ ڪهڙيون قومون پوکن جو لاب مزدوريءَ تي ڪنديون آهن، انهن جي راقم کي خبر نه آهي، اهي بروهي ڪن حالتن ۾ پنهنجون ڇوڪريون سنڌين کي وڪڻي ويندا آهن، شاديءَ لاءِ، قيمت وڌ ۾ وڌ هڪ هزار روپيا. هڪ دفعو ڏئي وري انهيءَ ڇوڪريءَ وٽ ڪونه ويندا آهن.
[29] ’تعميل منشي‘ اهو چئبو هو، جيڪو ڊڪري نڪرڻ بعد بيلف موڪلي، اُن جي تعميل ڪرائيندو هو.
[30] رئيس ڇيڙ جي سلسلي ۾ فقط اُهو ڪم ڄاڻايو آهي، جيڪو ڇيڙَن کي منزل تي ڪرڻو پوي ٿو.
[31] سنڌ ۾ چوڻي آهي ”ڇُٽو پٽ ڏِني جو“.

10

رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪوول جي ڪوڪ،
ولولو ۽ ووڪ، اِيءَ ڌان آهه عشق جي.
- شاهه

اما بعد، آمديم برسرِ مطلب - اهي ٻئي اکر عربيءَ ۽ فارسيءَ جا آهن، جيڪي اُن وقت استعمال ٿيندا آهن جڏهن لکندڙ وچ ۾ مطلب کان هٽي، ڪي ٻيا قصا ڪُٽي، وري موٽي پنهنجي اصلي مقصد تي ايندو آهي، سو اسان به وچ ۾ ٻيون ڪيتريون ڳالهيون ٻولهيون ڪري، وري اچي سکر جي انهيءَ مشاعري ڀيڙا ٿيون ٿا، جتي جناب ”نياز“ کي قدسيءَ واريءَ نعت جي سنڌي تضمين پڙهندي ڇڏيو هيوسين.
شاعر پنهنجي دور جو عڪاس ٿئي ٿو، هو جيڪي پنهنجي گردو پيش ڏسي ٿو، جيڪي محسوس ڪري ٿو، جيڪا ڳالهه کيس ڏک ڏئي ٿي يا سک رسائي ٿي، سندس دل ۽ ذهن ۾ جيڪي تاثر پيدا ٿين ٿا، مٿس جيڪي وهي واپري ٿو، پنهنجي ڪلام ۾ انهيءَ جو هڪ عڪس ڪڍي ٿو. راقم گذريل بابن ۾ جيڪي لکي آيو آهي، سا آهي روئداد حضرت ”نياز“ جي گردوپيش جي، ماحول جي ۽ زماني جي ڏسڻ وارا مٿي بيان ڪيل حقائقن جي روشنيءَ ۾ هڪ ڏينهن ضرور ڏسندا ته اسان جي هن غزل گوشاعر جي اک پنهنجي دور جي وهيءَ واپريءَ کي ڪيتري قدر ڏٺو، سندس دل ان جي ريب ۽ کريب جو ڪيتري قدر اثر قبول ڪيو، سندس شعورَ ڪيستائين حالتن کي محسوس ڪيو، سندس ذهن حقائقن کي ڪيتريءَ حد تائين جذب ڪيو، ۽ سندس زبان ڪهڙيءَ ريت انهن تاثرات ۽ محسوسات کي بيان ڪيو، يا مورڳوئي اسان جو شاعر پنهنجي ماحول کان صفا غافل رهيو، ۽ سندس دل دماغ، حس ۽ شعور، خواهه ذهن ۽ زبان تي اهڙا ڪلف چڙهيا رهيا، جو حسن وعشق، گل و بلبل، شمع ۽ پرواني، فراق ۽ وصال، ابرو ۽ مزگان، خال ۽ خط، قد ۽ بت جي مفروضن کان سواءِ هو پنهنجي آرٽ ۾ ڪنهن به حقيقت کي پيش ڪرڻ کان قطعي عاري ۽ غافل رهيو. هڪ آرٽسٽ جي وڏي ۾ وڏي پرکا اِها آهي - جڏهن سنڌ جي ماڻهن جا مزاج پختا ٿيندا، تڏهن ضرور ادبي تاريخ جا جوهري اِنهن ڳالهين جي ويهي جاچا ڪندا.
الغرض سکر واري مذڪوره مشاعري ۾ ڏيڍ ڪلاڪ کن حضرت نياز صاحب جو مخمس هليو، هرهڪ بند ور ور ڏئي کانئس پڙهايو ويو، ٻڌندڙ انهيءَ حد تائين متاثر ٿيا، جو ان کان پوءِ کين ٻين شاعرن لاءِ ڪابه ڪشش ڪانه رهي، خود شاعرن مان به خود اعتمادي انهيءَ حد تائين ختم ٿي وئي، جو هنن کي پنهنجي ڪلام ۾ پاڻ ئي دلچسپي ڪانه رهي، هنن غزل پڙهيا، ليڪن اهڙيءَ طرح جيئن ڪو بيگر لاهي وٺي.
آغا نظر علي خان ۽ جناب راشدي صاحب کي اگرچه پنهنجي نوجوان شاعر جو غزل ضرور ٻڌڻو هو، ڇاڪاڻ ته مشاعرو دراصل ڪرايو ويو ئي ان جي مظهر لاءِ هو، ليڪن ”نياز“ کان پوءِ اهڙي ڪايا ڇانئجي وئي هئي، جو خود ڪهنه مشق شاعر ئي پاڻ ڪـترائي ويا ته هي ڇوڪر، جيڪو عمر ۾ به الهڙ ته شاعريءَ ۾ به نويلو، تنهن کي ڪٿي جرئت ٿيندي، جو ميدان ۾ اچي منهن ڏئي! وارو جڏهن آيو تڏهن سندس نالو پڪاريو ويو، ليڪن ’صداءِ برنخواست!‘ درحقيقت حضور جن جي نعت سڳوريءَ بعد خود آغا صاحب جن به مجاز جون منزلون طيءِ ڪري وڃي حقيقت جي واديءَ ۾ پهتا هئا، تنهنڪري مشاعري کان اڳ سندن نظر ۾ جيڪو معاملو اصل مقصود هو، سو هاڻي ڦري فروع ٿي چڪو هو، تنهنڪري ڇوڪر ته اِنهيءَ طرح وچ ۾ ئي غائب ٿي ويو!
ايامن تائين سکر جا ماڻهو انهيءَ مشاعري کي ياد ڪندا رهيا. ان کان پوءِ به ٻه - ٽي دفعا مشاعرا ٿيا، جن ۾ ٻين مکيه شاعرن سان گڏ نياز صاحب به شرڪت ڪئي ۽ ڌوم ڌام سان پنهنجا غزل پڙهيائين، ليڪن اُهو رنگ ۽ اُهو وقت ڪو اور هو. سندس انهيءَ مخمس کي سکر جي بزرگن پنهنجي هڙان هزارن جي تعداد ۾ آرٽ پيپر تي ڇپايو ۽ ثواب خاطر سڄيءَ سنڌ اندر ورهايو. مخمس ڇپيو ’سنڌ زميندار‘ پريس ۾، جنهنڪري ڇپائيءَ جا پئسا معه نفعي جي نظر علي خان جي حوالي ٿيا، ابوبڪر هيڊڪمپازيٽر، گيلي مشين مئن، ۽ خانئي ڪمپازيٽر کي سندس بقايا مان به ڪجهه مليو، ۽ خدا نه ڀـُـلائي ته ڳوٺ جو ڪـِـرايو ۽ ٻه - ٽي رپيا ٻيڙي ماچس لاءِ مون کي به نصيب ٿيا.

* * *

نياز مرحوم پهريون شاعر مون کي ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو نه فقط غزل ۽ نظم جو بادشاهه هو، بلڪ ٺيٺ سنڌي ڪافيءَ مٿان به کيس ڪمال جي قدرت حاصل هئي - اُهائي ٺيٺ مٺي زبان، اُهي ئي محاورا، اُهي ئي لفظ، نازڪ ۽ پـَـٽَ پٽيهر جهڙا نرم استعارا سي به پنهنجي ماحول جا، ترڪيبون اُهي ئي جيڪي شاهه ڪتب آنديون، ڳالهيون اُهي ئي جيڪي ڪافيءَ جو ڏاج آهن.
مون کي ياد آهي، اڄ به اُهو نظارو ڄڻ اکين اڳيان پيو ڦري جيئن ڪالهه ٿي گذريو آهي! براج نئين نئين ٺهي هئي. اورينءَ ڀر تي باغ ۽ لان، جن تي اڄ ڪلر چڙهي ويو آهي، جن تي اڄ نه اها بهاري آهي نه منجهن اها گلزاري، ڄڻ مٿن سالن جي اداسي ۽ درماندگي ڇانئجي ويئي آهي. اُهي ان وقت تازا ٺهيا هئا، مٿان انگريز جو حڪم، هيٺان مالهين جي ايمانداري ۽ ڪاريگري، ٽاميءَ ٽاميءَ ۾ ساهه، ۽ مکريءَ مکريءَ ۾ شگفتگي ۽ ڇٻر جي هر ٿڏي ۾ تازگي ۽ توانائي، انگريز به طبعاً باغن ۽ ٻوٽن جا شوقين ۽ مالهي به ٻوٽن ۽ وڻن جـِـي پگهار هوٽي نه پر پنهنجي اولاد وانگر پيا پرگهور لهندا هئا، جهڙا مالڪ خبردار ۽ شوقين، اهڙائي هئا ملازم اورچ ۽ ايماندار، پوءِ باغ ۽ بستان رنگ رکي ڇو نه بيهندا؟ ڇا مجال، جو انهيءَ زماني ۾ ٻوٽن ۾ ڪو سـُـڪو پن هجي، ڇٻر تي ڪو ڪک پن پيل هجي، يا ڪو ٻارو سڪل هجي! جيئن براج تي چڙهبو، تيئن شادابي ڏسي اکيون ٺري پونديون، روح ۾ تازگي اچي ويندي، طبيعت تي سرهاڻ پئجي ويندي. عليهر جي ديوار سهڻيءَ ڪٽ تي پاسن کان بيٺل، وچ وچ تي گلاب جا ڳاڙها ۽ شـِـير چاهي گل، موسمي ٻوٽا ان کان علاوه گلزاري ڪيو بيٺا هوندا هئا.
شام جو سکر جا سڀئي شوقين ڀـَـلـِـن بگـِـن تي چڙهندا، سهڻا، سٺا ۽ تکا تنومند گهوڙا، جن تي ميان غلام نبي [1] زين ساز جا ٺاهيل سنج پيل، ڄڻ سنج نه آهن بلڪ گهوڙي کي ڳـَـهه پيل آهن. گچيءَ ۾ گلن جون ڳانيون ۽ چانديءَ مان ٺهيل ڇمڪيدار دعائن جي ڪـَـنڍي، اکين مٿان موڙ ۽ نرڙ تي سـَـري پيل، مٿي تي مور جي کنڀن جو هڪ گلدستو، رينان سچيءَ سيم جون، جن تي گلن جون لڙهيون لڳل، جوتن خواهه پٽي ۽ ڪمربندن تي نڪل جا چنڊ ستارا ۽ سهڻيءَ طرز تي ٽـُـڪيل گل لڳل، نيٽ جو چهبڪ لڏندو ايندو، جنهن جي پڇڙيءَ ۾ وٽيل ڌاڳو ۽ ڌاڳي ۾ رنگارنگي پشم جا گل پوتل، پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌل. دعائن جي ڇمڪي ۽ گهنگهري جي وڄت تي گهوڙو مست ٿيو، ناچ ڪندو هلندو، بگي گويا شاهجهان وارو تخت طائوس پـَـئي لڳندي. مختلف قسم جا رنگ ڀريل، ضروري جاين تي نڪل جوڪم، گاديون ڳاڙهيون يا ڪاريون، جن تي رنگارنگي بٽڻ لڳل. ڪي شوقين وري انهن تي اڇيون ڇـَـوان چاڙهائي ڇڏيندا هئا. بگي هلـِـي ڄڻ واءُ مينهن ٿـِـي، گويا ڇوهو ۽ واچوڙو هو جو جهٽ ڏئي اکين اڳيان لنگهي ويو. اڄ وانگر مرضيل ۽ مئل گهوڙا ڪونه هوندا هئا. موٽرون هيون ڪونه، جو هرڪو انهن تي چڙهي. گهوڙا ۽ بگيون مانَ ۽ شانَ جي سـَـنـَـد هئا.
سکر جي شهر ۾ بگين جا هونءَ ته ڪيترائي مرڪز هئا جن کي ”بگي اسٽان“ (Stand) سڏيندا هئا، ليڪن چار اسٽان زياده مشهور ۽ مکيه هئا: ٽڪر تي ليوڪس پارڪ اڳيان سٽي ڪورٽ جي سامهون، بازار ۾ ٿلهي وٽ، غريب آباد ۾ مارڪيٽ واري ميدان ۾ مسافرخاني جي ٻاهران، ۽ چوٿون هوندو هو جتان براج جا بنگلا شروع ٿين ٿا مڪرانـِـن جي پاڙي وٽ.
انهيءَ زماني ۾ لٽو ڪپڙو به سستو هو. اڄ وارو ڪلور ۽ قهر ڪونه هو. وائل نئين نئين آئي هئي، ساڍي ٽي آني وال، جهڙو رنگ گهرجي تهڙو وٺ! زالون چولا ۽ روا ڪنديون هيون، شوقين جوان ان مان قميصون يا چولا ۽ پٽڪا ڪندا هئا، شـَـبـَـن (شبنم) ململ جو وال په چئين آني هوندو هو، جنهن مان پڻ چولا ۽ پٽاڪا ٿيندا هئا. سٿڻن لاءِ ٻه ٽي قسم محمودي ملندي هئي: راڻي ڇاپ، گڻيش ۽ سـِـي- چاليهه هزار سٺي ۾ سٺو هرک هو- چئين آني کان ڇهين آني تائين وال ملندو هو. محمودي، لٺو ۽ هرک اهي ٽيئي نالا هئا سٿڻ جي لٺي جا، ليڪن لٺو سادو، هرک ۽ محمودي سٺي نموني کي چئبو هو. مثلاً: راڻي ۽ سي - چاليهه هزار کي هرک سڏبو هو يا محمودي.
شوقين جوانڙا، وڏن پاچن سان سٿڻ ٺهرائي، ان کي ڪـَـلـَـف لائي پائيندا هئا ۽ وَر اڳتي ڪري ڇڏيندا هئا. لاهور کان جيڪي طوائفون سکر ۾ اچي مقيم ٿيون، انهن جي ميراثِن ۽ بڙي ميائـُـن انهيءَ قسم جي ڪلف لڳل وَڏ پاچيءَ سٿڻ جو رواج اچي وڌو ۽ وَرَ اڳتي ڪري هلڻ به انهن کان ڏانءِ آيو، ورنه سنڌ ۾ سٿڻ کي ڪـَـلـَـف نه لڳندو هو، پاچا ننڍا ۽ وَرَ سڀ پٺتي چـُـڻين ڇڏبا هئا. سليپر رنگين سچي بخمل جا شڪارپور ۾ ٺهندا هئا، جن تي سنهن رنگارنگي موتين سان چٽساليءَ جو جڙاءُ ڪيو ويندو هو. قيمت به وڏي ڪانه، ڇڙو چوڏهن آنا جوڙي جو ملهه هو. پٽڪا گهڻو ڪري نوجوانڙا ڪـَـن تي ڪري ڇڏيندا هئا، طـُـرن کي ٻئي ڪـَـن وٽان ڪڍي، ڪلهي تي پٿاريندا هئا. پيراهنن جي ڳچيءَ ۽ سيني جي چير کي اڇو ڪـَـنڊو لڳل، ڪلهن وٽ ڪـِـناريون، ڳچي چولي [2] جي کولي ڇڏيندا هئا. ڪي جوان چـِـڪَـن جا چولا به ٺهرائيندا هئا ۽ چڪن جا گل شوقينن جي جوانيءَ مٿان ڏاڍو جوڀن ڪري بيهندا هئا.
ميان فضل محمد خان سومرو غريب آباد وارو- الله بخشيس، حال حيات هو. هرڪو سـَـرنديءَ وارو ۽ لٽي ڪپڙي جو شوقين، اتان پنهنجا لٽا ڌئاريندو هو شاهه ڪاريگر هو. لٽو اهڙو کـُـنڀَ تان لاهي ڏيندو، جو پائيندي پيو ڪهڪاءُ ايندو- ڪيئن اهڙي اڇي لٽي کي پائي ميرو ڪجي! سکر جي جوانن کي نه فقط لٽي خريد ڪرڻ ۽ ان جي ڪٽ ۽ پهرڻ جو شوق هو، پر ڌوتل لٽو ڇاکي چئجي، ان جي پروڙ به واهه جو هئي. فضل محمد خان سٿڻ تي ابرق جي بوند به ڪـَـلـَـف سان گڏ هڻي ڏيندو هـُـين، ۽ ڪن جي لٽي کي وري گـُـليءَ جي هلڪي هواءِ. ميان فضل محمد لٽي کي ائين هٿ لائيندو هو، جيئن پنهنجي ننڍڙي ٻار کي ڪو لائي. ڌوپڻ بعد لٽو کولي ڏسندو، استريءَ بعد ان جي بيهڪ کي ڏسي وائسي، چڪاسي، پوءِ ڏاڍي انداز سان ويڙهي ٺاهي رکي ڇڏيندو. جڏهن مالڪ کڻڻ ايندو، ته ان کي به تاڪيد ڪري ڇڏيندو ته فلاڻا خيال سان کڻي وڃ! ڪاريگر کي جڏهن ايترو خيال ٿيندو ته پوءِ سندس فن ڇو نه آسمان تي پهچندو؟
انهيءَ فضل محمد خان جا لٽا شوقين پائي، سهڻا ريشمي رومال يا هٿن ۾ کڻندا هئا يا ڪلهن تي رکي هلندا هئا. رابيل، موتئي ۽ ٽانگرن جون ڪـَـنڍيون پيسي ۾ ٽي ملنديون هيون، ڊزنن جي منهن ڳچيءَ ۾ وجهي، ۽ ڪي هٿ جي مـُـري ۾ به هڪ اڌ ٻـَـڌي، هلندا هئا. ڪي خاص شوقين ته گلاب جو پاڻي به لٽن تي ڇڙڪائي پوءِ گهر کان پير ٻاهر وجهندا هئا- ڀلا سکر جو سانوڻ، ٽڪر جون گرميون، شام جي اُٻس، اِهي سڀئي اهتمام اُنهيءَ لاءِ ته ڪيا ويندا هئا!
الغرض، اهڙيءَ ڪـِـمام ۽ اهتمام، تيارين ۽ تجويزن کان پوءِ شوقين بگين ۾ چڙهي، لاڙوين ٻپهريءَ کان ٿورو اڳ براج جي پل تي اچڻ شروع ڪندا هئا. ڇٻن وارا طرحين طرحين جا کاڄ کنيو اڳ ئي حاضر هوندا. ڪٿي پڪوڙا پيا پچندا، ڪٿي سنڱر پيو تـَـربو، ڪٿي چڻا پيا ڀـُـڄندا، ڇولا گرم الڳ پيا ڪـُـنن ۾ ٽڙڪندا، ڪٿي بـِـههَ رڌل ڪـُـنيءَ ۾ موجود، ليمي جي لغار ۽ مرچن جي ٻـُـرڪي سان، سيرو - پـُـوري گرم گرم جدا پيو ٻاڦون ڇڏيندو، دهي بڙا الڳ، رڌل دال ڪاري مرچ جي چٽڪي سان ليسوڙيءَ جي پـَـن تي تيار هوندي، آچار ۽ کٽاڻيون ۽ چٽڻيون پاپڙن سميت پاسي ۾ پيل، سيخن تي چڙهيل ڪباب، ڪـَـنڊي جا ٽڪر، چاپ، ميڄالو الڳ، بصرن جو ڪچومر، جنهن ۾ سائي مرچ جي ڪاتر ۽ ليمي جو ڇنڊو تيار، گرم گرم ڦلڪا به داٻڪي [3] ۾ پيل، جيڪو وڃي وٺي ته ويرم ئي نه لڳي، ڪڍيو ۽ ڏنو، پٽاٽي چاپ قيمي پيل يا ڀاڄين ڀريل به موجود، دل ٿي ته ديرئي ڪانه، جهٽ پٽ آڏو اچي پهچندي، جليبي، پڪي مٺائي، ڀڳڙا، گـُـبت، لائي، سـُـڪو سڱر، ڳڙ ۾ ڀـُـڳل سڱر ننڍن ٻارن جي ريجهه لاءِ جداريءَ ڪـُـنڊَ ۾ موجود هوندو. روهڙيءَ جون کارڪان، ڪتل، ڏوڪا، ڏنگ، ڏَنگي کار ڪان، کس ڏوڪا، کسرو، لوڻيون کارڪان، ڦڪا ڏوڪا، ڳاڙها ڏوڪا، ڇونهارا، آڌيا، خرمان،ڪي ننڍن ننڍن ٽوڪرن ۾ وجهيون، مٿان لٽو رکيون ويٺا هوندا، ۽ ڪي لوهن ٿالهن ۾ رکيون مٿان مکيون ويٺا هڪليندا، چانهه وارا الڳ گاڏا جهليون بيٺا هوندا، سوڍا لمليٽ وارا برفن جون دُنگيون زمين تي رکيون، باٽليءَ ۾ گلاس وجهيون ۽ گاڏي تي رنگارنگي ٻاٽليون سينگاريون، اڃايلن جي تاڙ ۾ هوندا، پان ٻـِـيڙيءَ وارا ڪاٺ مان ٺهيل ڪٻٽن ۾ هاٿي ڇاپ، سيل، بتي ڇاپ، ۽ پاسنگ شو [4] سگريٽن جا پڙا وجهيون، ۽ هڪ ڪنڊ کان پان جو سامان رکيون، چانهه ۽ سوڊا وارن جو پاسو جهليو بيٺا هوندا. هرڪو ڪوپ چانهه جو پيون، هڪ سگريٽ ۽ هڪ پان وٽائن ورتيون، پوءِ اڳتي وڌندو. هرڪنهن ڪنڊ کان هوڪن جا هوڪار لڳا پيا هوندا. ڪو ڪهڙي پيو لات لوندو ته ڪو ڪهڙي پيو ٻولي ٻوليندو:

*

ٿـَـلي [5] جو بادام!
موتئي جي بهاري!
سڄڻ! لمليٽ ۽ راسبري!
ٿڌي ٿڌي ڪُلفي!
سـُـهڻان! هلي اچو!
کـُـش بونءِ [6] ۽ کٿوريءَ واري!
شوقين! هلي اچو!

*

ڪتل او! روهڙيءَ جا ڏنگ!
دوست رَئي پڪل ڏوڪا!
ڳاڙها ڏوڪا!
وانڙا! هلي اچو!
ڦڪي رنگ جا ڏَنگي ڏوڪا!
اولوڻ پيل کارڪان!
ڀائو! کاڌي مکياري!

*

شوقين هلي اچو!
چهر ٻهر چٽڻيءَ سان!
گرم چڻا!
چهردار چڻا!
چڻا دوست چڻا!
چڻا يار چڻان!

*

ڪواب! [7]
ادا! شيک [8] ڪواب!
ڀائو! هليا اچو!
گرم گرم!
ڏاڍو لءِ دار!
ڏاڍو سوادي!
ڪـَـنڊو پڪل!
يارڙا!
چاپ جو ٽـُـڪڙُ!
جوانڙا! چاپ!
چـَـهرَ سان چاپّ!
گوشت جي چاپ!
قيمي جي چاپ!
آلوءَ جي چاپ!
دلبر دوست، وَئرُ ڪيون وڃ، وَئـِـرُ!
ڏاڍا گرم گرم مال!
آچارن جا، چٽڻـِـن جا ميل!
بصرن جا ڪچومر!
مرچن جي ڪاتر!
پاپڙ ٽـُـڪرُ مٿان!
چـُـٽڪو وٺو، چـُـٽڪو!
او يارڙا، چهري چـُـٽڪو!
دلبر، لئي دار چٽڪو!

*

جليب!
سنڱر پڪي مٺائي!
ڳائي گيهه جي!
سون جهڙي سچي!
جوانڙا، هليو اچ!
دلبر، هليو اچ!

*

ڏهي بڙا!
تازا تازا!
ڏاڍا سوادي!
ڏاڍا چهردار!
ڏاڍا لءِ دار!
دلبر يار!
هليو آءُ ڀائو!
هليو آءُ دادل؟
*

بيههَ!
او بـِـيههَ!
ڏاڍا نرم!
ڏاڍا چهرا!
ليمي جي لغار!
مرچن جي ڦوڪ!
لوڻ جي ڇـَـهنڊَ
کاءُ ته خبر پوئي!
هٻڪ نه ڪر، دوست!
اٽڪي نه بيهه، يار!
بي فلڪو هليو آءُ!
گرم گرم بيههَ!
سوادي بيههَ!
لست وارا بيههَ!
چـَـهرا بـِـيههَ!

*

شربت!
شربت ڀائو، شربت!
بادام وارو شربت!
بادام!
بادام يار، بادام!
مٺو يار، چٺو!
سٺو يار، سٺو!
مگز [9] جي تراوت!
هيانوَ جي ڪاڪـَـت!
موتيو!
آڏوءَ [10] وارو موتيو!
موتيو يار موتيو!
هينئين جو ٺار!
ساهه جو سينگار!
پيءُ ته پتو پَوَئي!
گلاسڙو پي ڏس!
هيانءُ ٺاري ڏس!
پـِـيتي مکيار!
پـِـيتي مکيار!

*

پيسي ۾ ٽي!
ٿي ويا ٽي!
پيسي ۾ ٽي!
هلي آءُ!
ڀڄندو آءُ!
هليو اچ ننڍڙا!
هليو اچ ننڍڙا!
پيسي ۾ ٽي!
گـُـبتَ!
کنڊ جا گـُـبتَ!
مٺا گـُـبتَ!
سٺا گـُـبتَ!

*

ٽڪي ۾!
ڇڙو ٽڪي ۾!
سڄو پاءُ!
ڀريو پاءُ!
هيانءُ ٺاري ڏس!
کاڌي مـُـکيار!
کاڌي مـُـکيار!
او ڀڳڙا يار! جوانڙا! ڀڳڙا!
*

ٽڪي پاءُ!
دلبر، ٿي ويو ٽڪي پاءُ!
دوست، ٿي ويو ٽڪي پاءُ!
ڀڳڙن جو ٽڪي پاءُ!
ڀڳڙن جو ٽڪي پاءُ!
ڀرڪڻان ڀڳڙا!
چلڪيدار ڀڳڙا!
جرڪيدار ڀڳڙا!
بنا کـَـلَ ڀڳڙا!
مگز ئي مگز!
ڀلي اچي وٺ!
ڀلي اچي ڏس!

*

لائي!
مٺي ڳـُـڙَ جي لائي!
نرم لائي!
سٺي لائي!
مٺي لائي!
پيسي ۾ بهاري!
پيسي ۾ بهاري!
اچي جهولي ڀر!
اچي جهولي ڀر!
لـُـٽِ ٿي، يار!
ڦـُـرِ ٿي، يار!
ڊُڪندو آءُ ننڍڙا!
ڀـَـڄندو آءُ جوانڙا!

* * *

جو جاتي سو تاتي رڌل. ولر ماڻهن جا چوڌاري، سودو ڏيندي کٿا نه پيا پڄندا. سڄو شهر مڙي اچي براج ڀيڙو ٿيندو هو. ڀلا کليل جاءِ، ٿڌ ڪار، ڇٻر جي ساوڪن تي هير پـَـئي هلندي، گلن جي بهاري جدا، ته درياهه شاهه جو نظارو الڳ. ٻنهي ڀڪن تان واهن جا وهڪرا، گڙڪاٽ ڪيون پيو پـُـلـِـن هيٺان پاڻي نڪرندو. لوهاڻن درن سان ٽڪر هيون ڇوليون مـَـستن ۽ مجذوبن وانگر گڦ [11] پيون ڪڍنديون. ساڌ ٻيلو هڪ طرف ته روهڙيءَ جي باغن جي وڻڪار ٻئي طرف. جاڏي اک کڄندي، ته هيانءُ پيو ٺرندو! جاڏي منهن ڪبو ته بهاري وٺي ويندي! ماڻهو ڇُڳـَـٽَ ڪيون وتندا هواءِ جهٽيندا، ڪي ڇٻرن تي ويٺا هوندا، ته ڪي هٿ هٿن ۾ ڏيون ڏاڍيءَ لوڏ سان پيا چڪر ڏيندا. مطلب ته شام کان پوءِ سڄيءَ خدائيءَ جو ڄڻ جنسار اچي سکر براج جي پـُـل تي ڪٺو ٿيندو هو.

* * *

سکر جي مسلمانن ۾ بي پردگي ڪانه هئي، بلڪ سڄيءَ سنڌ جو اهو حال هو. اسان جون عورتون بيگمات ڪونه بڻيون هيون، بلڪ صحيح معنيٰ ۾ مستورات هيون. ساداتن ۽ معززن جون عورتون ڪيڏانهن وينديون ته برقعن پائڻ بعد به، پلويڙن ۾، ۽ گهڻو ڪري سج لٿي بعد، هئو مئو ٽري کان پوءِ، وچولي طبقي واريون مايون به ساڳيءَ طرح حجاب ۽ حياءَ سان اڇي محموديءَ [12] جو برقو پائي، ڪنهن اهڙي ويلي وقت سان جڏهن رستي تي مردن جي ڀيڙ نه هجي. خيرپور يا حيدرآباد جي طرف جيڪي غريب عورتون بلڪ ٻانهيون هونديون هيون، سي به رئي مٿان اجرڪ ويڙهي يا اڇي چادر ويڙهي، ان سان منهن ڍڪي، فقط هڪ اک ظاهر ڪري هلنديون هيون. انهيءَ کان ٿورو اڳ مانائتيون مايون سٿڻ مٿان پڙو پائي، پوءِ ڪاڏنهن وينديون هيون، جيئن برقعي جي هيٺينءَ پڇاڙيءَ کان عورت جي سٿڻ تي به ڪنهن جي نگاهه نه پوي.
موٽر ڪونه هئا، تنهنڪري سفر يا آمدرفت لاءِ بيل گاڏي، جنهن کي چوڌاري کيسَ جو پلويڙو ڏبو هو، بگيون، جن کي پڻ پٺيان چادر ٻڌبي هئي، يا ڏوليون، اُٺن مٿان محمل جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”ڪجائو“ چئبو هو. جي ڏولي لهندي، گاڏي بيهندي، يا اُٺ ويهندو ته اتان کان جاءِ جي دروازي تائين ٻنهي طرفن کان نوڪراڻيون چادران جهلي بيهنديون ،تنهن کان پوءِ عورت اندران نڪري، پير پـَـٽَ تي رکندي. گهٽيءَ جي ٻنهي منهن تي به ماڻهو بيهاربا، جيئن مرد ماڻهو نه لنگهي اچي. انهيءَ پردي داريءَ سبب ئي سنڌ ۾ چيو ويندو هو ته نـَـرَ پکيءَ کي به حاويليءَ مٿان اڏامڻ جي اجازت نه آهي. ڪن ساداتن جي حاويليءَ ۾ ته پيرين ڀاري مائي به وڃي نه سگهندي هئي، اهو ان ڪري ته متان سندس پيٽ ۾ ڇوڪرو هجي! مطلب ته پردي لاءِ ايڏو اهتمام، ايڏو بندوبست، ۽ ايتري زيادتي ڪئي ويندي هئي. پردي ۾ ايڏو غلو هو، جيترو افراسياب جي ڌيءُ مينزا پنهنجي سلسلي ۾ بيان ڪيو آهي:

مينزه منم، دخت افراسياب
تنم را برهنه نه ديد آفتاب

جڏهن عورتن جو انتقال ٿيندو هو، ته لحد ۾ انهن کي پنهنجا عزيز، بلڪ عزيز به اهي جيڪي محروم هوندا هئا، لاهيندا هئا. عورتن جو قبرستان به گوشائتو ٿيندو هو. قبرون پڪيءَ ديوار جي اندر، يا قبرستان کي وڏي اوڏڪي ڀت ڏياري ڇڏبي هئي.
سنڌ جي هندن ۾ البته نئين زماني اچڻ بعد پردو گهٽ ٿي ويو، يعني اهو به فقط عاملن ۾. ڀائيبندن ۾ ۽ ٻاهراڙيءَ جي هندن ۾ وري به پردو قائم رهيو، ليڪن ايترو سخت نه جيترو مسلمانن ۾ هو. پر پردي نه هجڻ واريءَ حالت ۾ به اهي پنهنجن نياڻـِـن سياڻـِـن کي ائين ڇڙواڳ ڇڏي ڪونه ڏيندا هئا. حياءَ ۽ حجاب، ننگ ۽ ناموس، اک جو شرم، سينڌ جي لـڄ، منهن جو مرم مردن ۾ به هو ۽ عورتن ۾ به. مرد ٻاهرين ڪمن کي پيا مٿو ڏيندا هئا ۽ مايون گهرن جا ڇپر جهليون، گهر کي بهشت بڻايون ويٺيون هونديون هيون. ٻاهران هـَـتو تـَـتو، ٿڪو ٽڪو مرد گهر ۾ آيو، در کان پير اندر وڌائين، ته سڀئي ٿڪ لهي ويندس، ڄڻ اتي اچي پهتو جتي فقط محبت ئي محبت آهي، اطمينان ۽ خوشي آهي، مسرت ۽ مزو آهي. اڄ وانگر گهر ڪونه هوندا هئا، جو گهر نوڪرن جي حوالي، ٻار آيائن جي هنج تي، ۽ بـِـيبين کي لٽو ڪنڌ ۾، سڄو ڏينهن وتن غرارا لوڏينديون ۽ گهٽن سيرن ۾ جاٺا هڻنديون، ۽ چاکوڙ ڪنديون. اڄ مرد گهر کان ٻاهر رهڻ ۾ اطمينان ۽ عافيت سمجهن ٿا، ليڪن انهيءَ دور ۾ ڪم ڪار لاٿي کان پوءِ مرد گهرن ڏي ائين منهن ڪندا هئا، جيئن جهنگ چـَـري مال وٿاڻ ڏانهن وري. اڄ گهر ائين پيا لڳن، ڄڻ مسافرخانا آهن يا سراءِ، جتي هرڪو هلي اچـِـي، ڇڙو رات جا چار پـَـهـَـر اَجهاپ ڪري، صبح ٿيو ۽ وري لٽو مٿي تي، الهه واهي! بلڪ هاڻي ته الهه واهي به ڪانه. جنهن کي جاڏي وڻي، بنان جهل پل پـَـئي پاڻ وندرائي. گهر کان ٻاهر جيڪا زندگي، تنهن جو نالو ’پرائيويٽ لائيف‘ ٿيو، جنهن جي پڇڻ جو اختيار موجوده تهذيب مطابق مرد کي به ڪونه آهي. ۽ جڏهن عورت ”پرائيويٽ لائف“ شروع ڪئي ته مردن به ٻه وکون اڳتي وڌائي پنهنجي ”پرائيويٽ لائيف“ جا خيما کوڙيا، ۽ اهڙيءَ طرح اسان جو سڄو معاشرو تباهه ۽ برباد ٿي ويو، سک، راحت، آرام ۽ آسائش ڪانه رهي، سڄو نظام ٽٽي پيو، گهرن سان گڏ سڄي معاشري ۽ معاشرت جون تيليون مـُـنڃ ڌار ٿي ويون.
سو مٿي ڳالهه ٿي ڪئيسي ته انهيءَ دور ۾ سکر اندر اگهاڙي منهن گهڻو ڪري گهريتي عورت ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي هئي. مرد ڪيترو به خراب هجن، ليڪن اندر ويٺيون عورتون عزت ۽ ناموس جون نگهبان هونديون هيون. عصمت جا نيلام ائين ڪونه ٿيندا هئا، جيئن اڄ ٿين، عفت جو تين واڪ ائين نٿي ٿيو، جيئن هاڻي پيو ٿئي، عورت پنهنجي جسم کي ايڪ - دو - تين - ائين ڪونه ڪيو هو، جهڙيءَ ريت اڄ هن ڪيو آهي. حقيقت ۾ عورت جڏهن پنهنجي عزت پاڻ لاهي هٿ ۾ ڪئي، تڏهن مردن به ان کي وڻج ۽ واپار جو وکر سمجهيو. عورتون ائين سينا ساهي، ڊٺائيءَ سان اکيون سڌيون ڪري، چشمن جا چالا ڪونه ڪنديون وتنديون هيون، جيئن اڄ. ائين پيو معلوم ٿئي، ڄڻ جرمل [13] جي فوج جو ڪو جرنيل بڙڇيون ۽ ڀالا کنيو مٿئون چڙهندو پيو اچي - اجهو ڪي اجهو اچي سيني جي سپرد ڪيائين. اُنهن ڏينهن ۾ ڌاريون ته دور رهيو، ليڪن اسان جون عورتون پنهنجي مردن اڳيان به اک کڻي ڳالهائڻ بي حيائي ۽ بي ادبي سمجهنديون هيون.

* * *

براج جي پل تي شام جو فقط ڪي ٻاهريون طوائفون[14] ڏسبيون هيون، جيڪي سورنهن سينگار ڪري، ٽانگن تي سوار ٿي، شڪارپوري رستو ڏئي، ٽَڪر جو چڪر هڻنديون، ليوڪس پارڪ کان پراڻي سکر وڃي يا لينسڊائون برج کان وڃي بندر وٺنديون، يا وري موٽي اچي معصوم شاهه جي لاهيءَ کان لهي، فوجداريءَ جي اڳيان لنگهنديون، ۽ سائين ڪرم علي شاهه جي باغ وارو رستو ڏئي، قاضي محمد سومر ۽ قاضي فقير محمد جي ڪتر مشين وٽان ٿينديون، سردار علي شاهه جي ڪارخاني واري موڙ کان اسماعيل جي حاطي جو پاسو ڏئي سڌو وڃي براج ۾ پونديون، ۽ اتان اچي پل تي پهچنديون هيون. انهن سڀني رستن تان گهورن سان گهائينديون، ماڻن سان مارينديون، ايندڙ ويندڙ سان چار چشمي ڪنديون، مرڪنديون، مشڪنديون، اکيون ڀڃنديون، گويا پنهنجي حسن جا هئنڊبل (دستي اشتهار) ورهائينديون، اينديون هيون. رنگين لٽا (شوخ رنگن سان)، لپ اسٽڪون لبن کي لڳل، اک ڪجل سان ڪڪڙي، ڳهن سان جهنجهيل، پان وات ۾، سگريٽ آڱرين ۾، رومال هٿ ۾ڪيون، تجلا ڏينديون اينديون هيون.
اُهي سڀئي رستا اُهي هئا، جن تي شام ڌاري ’برادرانِ اسلام‘ جي هلچل زياده رهندي هئي. بندر روڊ ڏئي، گهڻو ڪري گهٽ هلنديون هيون: اتي ويٺا هوندا هئا وڏا وڏا هندو سيٺيون، ٿلها پيٽ پٿاريون، ۽ وڏن چلمن جا ڊگها نڙ بڙڪن لاءِ وات ۾ ڏيون. انهن کي اها مسلمانن واري ”حسن پسند نظر“ ڪٿي هئي؟ اها اک ئي ڪانه هين، جيڪا حسن پرکي ۽ پروڙي سگهي، نه ايڏي دل هين، نه ايترو مضبوط جگر، جنهن ۾ ڪنهن جي پنبڻن جا پيڪان پيوست ٿي سگهن. پوءِ اهڙي لاحاصل رستي تان لنگهڻ ئي ڄڻ سينگار جو زيان، بلڪل فضول ۽ بيسود. البت ڊپٽي پير بخش، سو ڪچهري لايون ويٺو هو، ليڪن اهو به ته پينشن ۾ هو، ۽ ان لاءِ اهوئي مشهور هو ته نوڪريءَ واري مدي کان به زياده عرصي تائين سرڪار جي پينشن کائي چڪو آهي.

* * *

شام جي پنجين کان وٺي لڙيءَ سومهياڻيءَ تائين براج جي پل تي چهچٽو هوندو هو. سکر جا ڏينهن سانوڻ ۾ اگرچ دوزخ هئا، ليڪن راتيون اهڙيون جهڙيون بهشت. سج لڙندو ته هير هلي پوندي، لونءَ لونءَ کي ٺاري ڇڏيندي. سير سپاٽا ڪري، روح وندرائي، ديدن سان ديدن جا مقابلا ۽ معرڪا ڪرائي، ڪم ڪار جا ٿـَـڪ ڀڃي، ۽ سڄي ڏينهن جو اوٻر لاهي، هرڪو دير دير سان پيو اتان گهر موٽندو هو، جتي سندن لاءِ کير جا ٿڌا وٽا، مٺا انب [15]، تازيون کارڪان ۽ اڇن چانورن سان ڀريل رڪابيون اڳ ۾ ئي موجود هونديون هيون، ڪنهن جي چـَـهـَـر تي دل ٿيندي هئي ته پنهنجي دسترخوان تي عبدالرحمان جي هوٽل تان ’ڀُڳيلا‘ جي ’هاف پليٽ‘ گهرائي وٺندو، ورنه ساوڻي رات ۾ کاڌي جو اُهو ئي دستور هوندو هو، جنهن تي ”بسم الله!“ ڪري هرڪو گوڏا ڀڃي اچي ويهندو.

* * *

مان ”نياز“ مرحوم جي سلسلي ۾ جنهن مجلس جو مذڪور ڪرڻ گهران ٿو، سا لڙيءَ سومهياڻيءَ بعد، هائو مائو ٽرئي، پـُـل کان به پرينءَ ڀر بچل شاهه جي مياڻيءَ کان ٿورو اورتي، درياءَ شاهه جي ٺريءَ ڪنٺار تي ٿي هئي. اسان انهيءَ زماني ۾ ”سنڌ زميندار“ ڇڏي ”ستاره سنڌ“ پهريان باءِ ويڪلي ۽ پوءِ روزاني ڪڍي هئي، ۽ بجلي گهر جي ڀـِـڪَ ۾، منگهن مالهيءَ واري باغ (شرڌانند پارڪ) جي سامهون ديوان ڀوجسنگ واري بنگلي ۾ رهندا هئاسين.
لاڙڪاڻي ضلعي جو هڪ دوست، جيڪو سنڌ جو بهترين ڪافي گو شاعر به هو، پنهنجي نئين گهر وارِيءَ سميت اچي سکر ۾ رهيو هو. گهر وارِنِ جي سلسلي ۾ هن جو اهوئي نظريو هو، جيڪو حضرت شيخ سعدي عليـہ الرحمـة جو، يعني:

زني نوڪند مرد، درهر بهار
ڪـہ تقويم پارين، نيايد بڪار

هرسال نئين جنتري گهر ۾ آڻيندو هو ۽ پراڻي سال جي جنتري يا ته دفتر داخل ڪندو هو يا رديءَ ۾ هلي ويندي هئي. اگرچه مون کي سندس انهيءَ عمل کان سخت نفرت هئي، ليڪن سندس فني عظمت ايڏي وڏي هئي، جو هميشہ سندس اڳيان منهنجو ڪنڌ جهڪيل رهندو هو. هن دفعي جڏهن سکر آيو، ته نئين ڪنوار ڪڇ ۾ ڪيون آيو، جيڪا اصل ته هئي ڪا ڳائڻ وڄائڻ واري، ليڪن تازو منهنجي دوست سان نڪاح وجهي، ۽ انهيءَ نڪاح کي وري مستقل ۽ دائمي سمجهي، گهريتڻ بڻجي ويٺي هئي.
اسان ٻئي ڀائر ۽ مهمانن جو اهو جوڙو، ماني ٽڪي کائي، هڪ لڙيءَ سومهياڻيءَ جو مٿينءَ جاءِ تي وڃي پهتاسي. خيال هو ته گهڙي پلڪ تفريح ڪري، پوءِ اچي ننڊ ڪجي. آدم نه آدمزاد، نه وري ڪا آدم بوءِ ئي ويجهيءَ ڇـَـڪَ ۾ هجي. بلڪل سانتيڪو سمو، چانڊوڪي چوڏهينءَ جي، ڏکڻ به چوي ته اڄ نه گهلان ته ٻيو ڪڏهن گهلان، وڻن ۾ هواءِ جا واڪا، پن هڪٻئي سان ٺهڪي، ائين پيا آواز ڪن، ڄڻ معصوم ٻارڙا خوشيءَ منجهان پيا تاڙيون وڄائن. ڏکڻ تي دريا شاه جي موجن کي به مستي، اٿي اٿي پيون هڪٻئي سان ڳراٽڙيون وجهن، گويا ڪي حسين عورتون رات جي ڍَڪيءَ ۾ تڙ ڪندي، پاڻ ۾ کيڏي رهيون آهن ۽ پاڻيءَ مان چيلهه تائين ٻاهر نڪري، هڪٻئي جي منهن ۾ ڇنڊا هڻي کجڪار ڪري رهيون آهن.
ويٺي ويٺي، مائيءَ پهريون ته پاڻ هرتو جهونگارڻ شروع ڪيو، ليڪن ستت ئي ڪن تي هٿ رکي اچي الاپ ۾ پئي:
دل منهنجي دوست ڌُتاري، ڙِي اديون! بـــاهه ته ٻاروچل ٻاري، ڙِي اديون!
ڇـو ٿيون منهنجو جيڏيون جگر جلايو!
دل منهنجي .........................................
جِــنِ کان جـانِبُ ٿئــي جـدا، تن کي ڏجي ڪا دلداري، ڙي اديون!
اَوهيــن ويقـِر طـــعنن ســـاڻ تپـــــايـــــو،
دل منهنجي .........................................
پَـلـپَل پـايان پـــــرت مان، پاندُ ڳچيءَ ۽ ڳل ڳارِي، ڙي اديون!
مون کي هيڪر پنهنجو محب مِلايو،
دل منهنجي .........................................
سهسين سـکـائـون ڏيان،هوتُ اچي هـِـڪوارِي، ڙي اديون!
رکـيـــو ويٺي آهيـان روح منجهه رايو،
دل منهنجي ........................................
ڏيندَسِ عجرَ ”نياز“ سان، سورن جي هيءَ سُڌ ساري، ڙي اديون!
سڄڻ منهنجو سرتيون اڱڻ جڏهن آيو،
دل منهنجي ......................................... [16]

مرحوم ”نياز“ جي ڪافيءَ، مائيءَ جي سريلي ۽ سوزيلي آواز ۾ رچي، اهڙو رنگ رکي بيٺي، جو لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي. اڄ پورا 26 ساوڻ انهيءَ واقعي تي لنگهي ويا، اُها مائي به خبر نه آهي ته جيئري آهي يا وڃي اڳئين ڏيهه پهتي، انهيءَ دوست جي جوانيءَ ۾ پڻ جهريون پئجي ويون، اسان کي به اڇن اچي منهن ڏنو، سکر ويو، سکر وارا ويا، ديسين ديس ڇڏيو، آديسين اچي آستان ڪيو، نه اهي ڏينهن رهيا، نه اُهي راتيون رهيون، اُهي ميڙاڪا ۽ اهي مجلسون به ختم ٿيون، ڪيترا دوست ڪيترا يار ڪيترا ساٿي ۽ سنگتي زندگيءَ جا سفر طيءِ ڪري منزلون مٽي ويا، زماني جي گردش فٽبال جيان اڇلائيندي خود اسان کي به کڻي اچي ڪٿان جو ڪٿي پهچايو، ۽ خود اهو ”نياز“ به نه رهيو... ليڪن اڄ به جڏهن خيال اچي ٿو، ته ڄڻ ڪنَ 26 ورهين اڳ جي ٻڌل انهيءَ آلاپ کي پيا سُئَن:

دل منهنجي دوست ڌتاري ڙي اديون! باهه ته ٻارو چل ٻاري، ڙي اديون!
ڇو ٿيون منهنجو جيڏيون جگر جلايو!
دل منهنجي......(الخ)


_______________
ختم ٿيو

60. 8. 28
ڏيڍ بجي منجهند جو
23، Santa Rosa Street,
Son Francisco, Del Monte,
Quezon City Manila (Philippines)
شروع ڪيم 8- فيبروري، 1960ع، جو.


[1] غلام نبي اصل پنجابي هو، ليڪن سڄي عمر سکر ۾ گذاريائين. سنهو، ڊگهو، اڇي ڏاڙهي، ترڪي ٽوپي، پنهنجي محنت ڪري مالدار ٿيو، ۽ جڏهن مالدار ٿيو، ان وقت شهر جي معززن ۾ سندس شمار ٿيو. سنجن ۽ بَگِن ٺاهڻ جو شاهه ڪاريگر هو. سندس دڪان برف ڇاپ جي لڳ هوندو هو. سکر ميونسپل جو ميمبر به هو.

[2] ”پيراهن“ چئبو هو موڪرِن ٻانهن واري کي، جيڪو بت تي ڪشادو هجي ۽ گوڏن تائين پيو پوي. ”چولو“ چئبو هو ننڍي پيراهن کي. ٻنهي جون ڳچيون يا ته پاسي تي هونديون هيون يا قميص وانگر وچ تي.

[3] کجِن جي نـَـون پوٽن مان، جن کي ٻـَـچَّ چئجي ٿو، جيئن پـِـنڊيون ٺهنديون آهن تيئن گول ديوار ۽ ڍڪ سان ٺاهيندا هئا، جنهن ۾ مانيون وجهبيون هيون. گاهه ۽ پوٽن مان سنڌ اندر ڪيترا ٽپڙ ٺهندا هئا، مثلاً:

کجيءَ جي ٻَچَن مان وڃڻان، پکا، پنڊيون، داٻڪا هر قسم جا.

کجيءَ جي پوٽن ۽ پيس مان تڏا، تنئو ريون ۽ نُکون.

سَرَنِ مان ٽُوا- اولن لاءِ هيٺ وجهڻ لاءِ يا جاين جي ڇَتِن ۽ مَنَهن ۾ وجهڻ لاءِ، ۽ کوهه جي مالهه.

ٻُوڙي جي ڪانن مان پترون ۽ مُوڙا.

تِيلَن مان ٻـُـهارا، ڇڄ ۽ ٽوڪريون.

کجيءَ جي پـُـوٽن مان ٻهاريون، کوهه جي مالهه ۽ لوٽن ٻڌڻ جون نوڙيون.

ڪانهن مان ڪلڪون لکڻ لاءِ ۽ ڪاري مس، پترون اولي لاءِ.

ٻوڙن جي مـُـڃ (يعني ڪانن جي مٿان جيڪو غلاف ٿئي ٿو) مان رسيون، واڻ، نوڙيون ۽ رسا.

ڊَڀَ مان مالهه کوهه جي، نوڙيون ۽ رسيون.

پلال مان وِهڻ لاءِ پنڊا.

لئـَـيءَ جي چهن مان ٽوڪرا ۽ ٽوڪريون.

[4] هاٿي ڇاپ جي پڙي جو رنگ ڦڪو ۽ ان تي هاٿي ڇپيل ٿيندو هو. ٿورو پوءِ سائي رنگ تي به پڙو نڪتو، جنهن ۾ سگريٽان به سنهيون هونديون هيون. اهي ٻَئي قسم اڍائي آني پڙي جي حساب سان ملندا هئا. ’سِيل‘ چئبو هو ڪينچي ڇاپ سگريٽن کي، ساڍي ٽي آني پڙو هو. بتي ڇاپ، جنهن کي ’لالٽين‘ به چوندا هئا، تمام گهٽ درجي جا سگريٽ هئا، عام ماڻهو اهي ڇڪيندا هئا، ٽڪي ڏهن سگريٽن جو پڙو ملندو هو. ’پاسنگ شو‘ ان وقت نئون مارڪيٽ ۾ آيو هو. ٻيڙين ۾ 15 نمبر مدراسي ٻيڙيون مقبول هيون. ان کان پوءِ سکر ۾ هٿ جون ٺهيل ٻيڙيون تمام ننڍيون، جن کي ’لونگائي‘ سڏيندا هئا، زياده چالو هيون.

[5] سکر جي شاهي بازار ۾ ٿـَـلهي تي بادام جو مشهور شربت ملندو هو، سوڍا وارن باٽلـِـن ۾ بند.

[6] خوشبوءِ.

[7] سيخ ڪباب.

[8] سيخ ڪباب.

[9] مغز، مطلب دماغ.

[10] آڏو پساري شاهي بازار ۾ مشهور واپاري هو.

[11] ڪف.

[12] برقعو هميشهه اڇي رنگ جو، گهڻو ڪري محموديءَ جو، استعمال ٿيندو هو، وڏي گهيري سان. رنگين برقعو اسان وٽ استعمال ۾ پاڪستان کان پوءِ آيو، ۽ انهيءَ کان پوءِ ئي برقعو پردي داريءَ لاءِ نه بلڪ بي پردگيءَ کي جاذب بنائڻ لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو.

[13] سنڌ ۾ پهرينءَ لڙائي بعد جرمن جي فوج جو وڏو ڌاڪو هو. ٻاهراڙيءَ ۾ ان کي ”جرمل“ جي فوج سڏيندا هئا.

[14] سکر يا سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ ڪڃريون، يا رنڊيون ٻاهر کان آيل هونديون هيون. سکر ۾ پنجاب ۽ پشاور کان، ۽ حيدرآباد ۾ گجرات جون جن کي ”ماڙيچڻيون“ چوندا هئا. ڪراچيءَ ۾ هندوستان جي مختلف شهرن ۽ صوبن مان آيل هيون، قمبر، ڏوڪري، لاڙڪاڻي ۽ ڪن ٻين ننڍن شهرن ۾ چند سنڌي ڪسبياڻيون پيدا ٿيون، جيڪي گهڻو ڪري سنڌي زميندار جون ”ويهاريل“ ۽ ”سينڌيون“ هونديون هيون. انهن کي مقامي حيثيت حاصل هئي، عام ڪسب نه ڪنديون هيون.

[15] اپر سنڌ ۾ ٻن قسمن جا باغ ها: انبن جا باغ ۽ کجين جا باغ. لاڙڪاڻي، شاهه جي ڳوٺ، روهڙي، خيرپور، پريان لوءِ، ٺيڙهيءَ، ڪوٽ مير محمد ۽ پير ڳوٺ ۾ انبن ۽ کجين جا باغ عام جام ها. خيرپور ۽ ڪوٽ مير محمد خان جا ٽالپر انبن جا شوقين هئا، انهن جي انبن تي خاص نالا رکيل هئا، مثلاً:

خيرپور جي سيد عابد علي شاهه جي ”باغ فريد“ ۾ هيٺيان قسم هئا: روح افزا، راحت روح، هريڙ وارو، گلابي، طوبيٰ.

ٺيڙهيءَ ۾ مير واري باغ جا مشهور انب هئا: وزير وارو حبيب، بمبيءَ وارو، بادشاهه پسند، پتاشو.

خيرپور جي لال بنگلي واري باغ جو انب پاٻي.

پير صبريه واري باغ جو ڏونگهي.

پٺاڻن واري باغ جو شير و شڪر.

ڳوٺ چوئنري جي باغ جو نبڙي.

ڪوٽ مير محمد خان جو جهنگ سيال.

پير ڳوٺ جا انب ۽ باغ به مشهور هئا. پير جيئل شاهه مرحوم جو هوائي باغ مشهور هو. پير علي محمد شاهه جا باغ. ڪوٽ پير حسام الدين شاهه جي پاسي ڏانهن، پنهنجي زماني ۾ عالم آشڪار هئا جيڪي پوءِ برباد ٿي ويا.

ڪوٽ مير محمد خان جو مالڪ مرحوم مير محمد خان اسان جي ڏاڏي مرحوم ڏانهن موسم ۾ انبن جي ٽوڪرن جون ٻيڙيون ڀرائي موڪليندو هو ۽ انب جي هر داڻي تي نالو لکيل هوندو هو ته هي فلاڻو انب آهي.

هن وقت خبر نه آهي ته اُهي باغ آهن يا برباد ٿي ويا، مالڪ ڪاڏي ويا، انبن جو بنياد رهيو يا ختم ٿي ويو. خيرپور ۾ لال بنگلي وارو باغ به مشهور هو، ڏيوڍيءَ جو انب مشهور هو، خاص انبن جي پاڙن ۾ ماکيون، کير، گلاب جا پاڻي ۽ ٻيا عرق خوشبودار پرٽيندا رهندا هئا، جيئن اها خوشبوءِ ۽ اها لذت ڦر ۾ پيدا ٿئي.

ٻاهران آيل انب انهيءَ دؤر ۾ مشهور ٿيا.

سهارڻ پوري - گهڻو ڦر ڏيندڙ، اڌ پاءُ، کان ڏيڍ آنو تور داڻو.

ٻٻر وارو - مير صاحب وڏي جي باغ جو داڻو آنو سوا تور، بيحد مٺو.

مهدي - گهڻو ڦر ڏيندڙ، ٽپڪي ۽ پال جي لائق.

ڪريلو - ننڍو ڊگهو ڪريلي جي نموني تي.

بمبئيءَ وارو - بمبئي جو تخم ورتل، داڻو اڌ پاءُ، خوشبودار.

نيلم بمبئي وارو - پاڇاٽو، لذيذ.

بمبئيءَ جو خوشبودار - کائڻ بعد پهر پاچو اوڳرائيءَ ۾ خوشبو پيئي ايندي.

لاهوري - مير صاحب جي باغ ۾ هو، داڻو منو پاءُ تور، لذيذ شيرين.

دسهري - ٻاهران آيل، ڳردار، پاڇاٽو، داڻو منو پاءُ.

سنڌي - گول داڻو، ڳردار، پاڇاٽو.

جهوناڳڙهي - جهوناڳڙهه جي لال باغ مان چڪي اَندل، آڳاٽو وڏف جهڙي خوشبو.

جهوناڳڙهي - هي به لال باغ مان آيل، گهڻو ڦر ڏيندڙ ۽ آڳاٽو لهندو هو. ڳاڙهي ٿيڻ تي يڪدم کائڻ سان ٿورو ترش لڳندو، ٻه ڏينهن رکي کائبو ته نارنگيءَ جهڙي خوشبو ايندي.

قلمي - پاڇاٽو، داڻو منو ڀاءُ.

لال پٽو، تخمي، گهڻو ڦر ڏيندڙ.

کٿوريو - هي انب شهزادي مير غلام حسين خان جي باغ ۾ هو، خوشبودار، کائيندي ڍؤ نه ٿيندو.

شاهه پسند - هي به موصوف جي باغ جو آهي، ڳردار، مٺو. پر سيد عابد علي شاهه جي باغ واري روح افزا جو جواب نه هو.

کارڪن جا باغ خيرپور، روهڙيءَ ۽ لاڙڪاڻي وغيره ڏانهن مشهور هئا ۽ اڃا به آهن، پر اها پرگهور، هندن جي وڃڻ بعد، شايد نه رهي آهي. کارڪن جا هيٺيان قسم خاص هئا:

اصيل - هن جا ڏنگ، ڪتل، ڇونهارا، قطيفيون، اُڌيا ٿيندا ها. بمبئيءَ تائين هن جي ڪتل ويندي هئي.

ڪڙه واري - خيرپور ۾ ڪڙه ۾ خود رو ٿي هئي، ڏوڏي نرم، شيرين ۽ نهايت لذيذ. اِن جا ڏنگ ۽ ڪتل به ٿين ٿا پر ڏوڏا مشهور هئا.

اوطاقڻ - مير صاحب جي اوطاق وٽ خود رو پيدا ٿي، ڏوڏو وڏو، لذيذ شيرين، اُڌيا، ڇونهارا ٿين ٿا.

ڏيڍيءَ واري - مير صاحبن جي ڏيوڍيءَ (حويليءَ جي دروازي) وٽ خود رو پيدا ٿي - ڏوڏو وڏو، رنگين، کاڌي ۾ دل پسند، خوش ذائقه، آڌيا، ڇونهارا ۽ ڪتل سٺا ٿيندا هئس.

کر ٺوٺر - خوبصورت، رنگين، ريشه کان سواءِ، سبزي مائل، آڳاٽي لهندڙ، ڏنگ سٺا ٿيندا هئس.

ناريل - ڏوڏو ۽ ڏنگ اڌ آنو تور ٿيندو هوس، پاڇاٽي لهندي هئي.

گجر - هن جي رڳو ڪتل ٿئي ٿي، نهايت مٺي.

بيگن - ڏوڏو، ڏنگ وڻندڙ، ڪتل ٿئيس ٿي، وڏي سائيز جي ٿيندي آهي.

فصلي - آڳاٽي لهندڙ، ڏوڏا ڏنگ نهايت نرم، هن جا ٻه - ٽي قسم ٿيندا آهن - ساوڙا، ننڍو ڏوڏو، ڏنگ، وڏو ڏوڏو، هيڊو رنگ.

بصري واري - اصيل، ڏنگ، ڪتل. قطيفيون جڏهن ڏنگ ٿين ته ان جو ٻوهارو پاڙون وڍي، اس ۾ رکي ڇڏجي. عراق کان آيل. ٺيڙهيءَ جهڙي خشڪ ۽ نرم ٿئي ٿي، قطيفيون ۽ آڌيا پڻ ٿينس ٿا. هيءَ بنان نر وجهڻ جي ڦر ڏني ٿي.

وڏي ڪربلائڻ - ڏوڏو وڏو، رنگين، ڪتل مٺي ٿئيس.

ننڍي ڪربلائڻ - گهڻو ڦر ڏيندڙ، ڏوڏو ننڍو، ٿورو ڪڪوربو ۽ رنگين ٿيندو ته روڙي کائجي، نهايت لذيذ ۽ مٺو، پيٽ تي بار نه ڪندي نهايت هلڪي، هاضم.

نوري - ڏوڏو وڏو، کول، ۽ موچارو.

عيدن شاهه جو ڪپڙو - وڏو ۽ گول داڻو، پچڻ بعد رنگ جو ڪارو ٿئي ٿو.

اشرفي - نجف مان هڪ ٽالپر آندي هئي، ڏوڏو ڊگهو، ڳرو ۽ ڏنگ يا ڪتل تعريف کان ٻاهر.

خدائڻ - هن جا گهڻا قسم ٿين ٿيا، هڪ قسم اهڙو آهي، جو پهريون زرد پيلو ۽ جڏهن ڏنگ ٿئي ته ڳاڙهو ٿيو پوي، کائڻ ۾ عمدو، ڪتل بي ريشه، سبزيءَ مائل.

خيرپور، سکر، روهڙي ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ کارڪن جا گهٽ ۾ گهٽ 90 قسم کن ٿيندا.

[16] اها ڪافي پوءِ برادر معظم جناب پير علي محمد راشدي صاحب ڏانهن حضرت ”نياز“ هيٺئين خط سميت پنهنجي هٿ اکرين موڪلي هئي:



لاڙڪاڻو، 57. 7. 26

جناب بنده نواز،

نيازن بعد عرض ته آءٌ سخت بيمار آهيان، ان هوندي به جيئن تيئن ڪري حڪم جي تعميل ڪري ٿو موڪليان.

بنده نواز علي جعفري

To، Pir Ali Mohammed Shah Rashdi، Esq.

170-D P.E.C.H Society

Near Nursery، Karachi.

مان هيءُ خط نقل ڪيو منيلا ۾ بتاريخ 1960. 7. 18 رات جو اٺ لڳي ڏهن منٽن تي.