ھو ڏوٿي ھو ڏينھن, مصنف : سيد حسام الدين راشدي

ھو ڏوٿي ھو ڏينھن

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ھو ڏوٿي ھو ڏينھن
مصنف : سيد حسام الدين راشدي
ڪيٽيگري : آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
ڇپيندڙ : سنڌي ادبي بورڊ
شايع ٿيڻ جو سال : 2002
شامل ڪيو ويو : 2022-02-10
ڏِٺو ويو : 1614 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 439 ڀيرا

هي ڪتاب سنڌي سوانحي ادب ۾ هڪ بھترين ڪتاب آهي، جنھن جو سٽاءَ، توڙي ترتيب محترم محمد ابراهيم جويي جي رکيل آهي. هي ڪتاب راشدي صاحب 1960ع ڌاري فلپائين ۾ رهائش دوران لکيو ھو، جتي پاڻ پنھنجي وڏي ڀاءُ علي محمد راشديءَ وٽ، جيڪو فلپائين ۾ سفير هو، وڃي رهيا هئا. هن ڪتاب بابت راشدي صاحب لکي ٿو: ”هي تاريخ نہ آهي، سنڌ جي معاشرتي تاريخ جو هن کي مقدمو سمجهي سگهجي ٿو. هن ۾ گهڻي حد تائين، انھن سڀني ناسورن جو مذڪور ڪيو ويو آهي، جيڪي سنڌ جي تنزل ۽ سنڌين جي شڪست دلي جو سبب بڻيا آهن، جنھن جي نتيجي ۾ جيڪو گهر کان رُسي ٿو، سو سنڌين تي سُستي، ڪاهلي، بيڪاري ۽ نااهليت جا طرحين طرحين طعنا رکي، کين جيئڻ ۽ جيئندان ڏيڻ جو مستحق نٿو سمجهي.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ