2
مـتارا مري ويا، اڱڻ اچي نه ڪوءِ،
متارن ئون پوءِ، مٺا مـَـٽ مـِـٽي ٿيا.
- شاهه
اُهو ئي زمانو هو، جڏهن مان ڳوٺ ڇڏي، ”سنڌ زميندار“ اخبار جو ايڊيٽر ٿي، سکر وڃي رهيس، جتي مون کي سنڌي نثر لکڻ جو گهڻي ۾ گهڻو تجربو حاصل ٿيو ۽ جتي نظر علي خان جي صحبت ۽ سنگت منهنجي آئيندي زندگيءَ لاءِ وڏي ۾ وڏي هـَـٿي ثابت ٿي. گويا انهيءَ ئي ٽه- واٽي تان دورنگي دنيا جي تجربن ۽ ابتدائي لاهن ۽ چاڙهن جو پتو پيو، ڏکن خواهه سکن سان سابقو ٿيو، ورنه واهڻ واري زندگي ته اهڙي سنئين ۽ سڌي هئي، جو ان ۾ مدو جزر لاءِ نه گوشو هو نه گنجائش.
سنڌ ۾ مسلمانن جي غالباً سڀ کان پهرين قومي اخبار شيخ محمد سليمان واري ”الحق“ هئي، جيڪا ابتدا ۾ حيدرآباد مان انگريزيءَ ۾، ۽ پوءِ سکر مان سنڌيءَ ۾ نڪرندي هئي. انهيءَ اخبار کي پنهنجي جوانيءَ واري زماني ۾ وڏن وڏن ايڊيٽرن سان واسطو پيو. سر علي محمد دهلوي انهن مان هڪ هو. رئيس شمس الدين بلبل به ڪجهه وقت لاءِ اُن جي سنڌي ايڊيشن جو ايڊيٽر رهي چڪو هو. جڏهن مان سکر پهتس، ان وقت اها اخبار عملي طرح بند ٿي چڪي هئي، فقط ڇـَـٺيءَ ڇماهيءَ جڏهن ڪو سرڪاري نوٽيس ايندو هو، ته ان کي ڇپڻ لاءِ معمولي پرچو ڪڍي ڇڏيندا هئا. البت پريس، سا اڃا قائم هئي. ٻه، ٽي مشينان ۽ ڪيئي انبار ٽائيپ جا، ٻيو سازو سامان تنهن کان سواءِ. شيخ سليمان مرحوم جو ٻيو نمبر پٽ، مرحوم ميان عبدالحڪيم، ان جو مهتمم ۽ مالڪ هو- پنجاهه جي لڳ ڀڳ، نيڪ ۽ نهايت خاموش، نه ڪنهن جي هڪ ۾ نه ٻيءَ ۾، نه ڪنهن جي سڄيءَ ۾ نه ڀڳيءَ ۾، سڄو ڏينهن گهر ۾ ويهي گذاريندو هو، انهيءَ حد تائين گوشہ نشين، جو شهر جي اٿي ويٺي به ڪانه ڪندو هو. مان ڪڏهن ڪڏهن پريس جي ڪم سان وٽس ويندو هوس. اسان جي ڏاڏي مرحوم جو شيخ صاحب جي والد سان برادرانه رستو هو، تنهنڪري مون کي ڏاڍو قرب ڏيندو هو. جاءِ جي وڏن ورانڊن ۽ ڪشادن ڪمرن ۾ سانت هوندي هئي، در ۽ ديواريون ڄڻ کائڻ ٿي آيون، چپ چپات، ماٺ ميٺ، پراسرار، ڄڻ شام ويلي ڪنهن ويران ۽ اداس قبرستان مان گذر ٿي ٿيو- چاليهن ورهين جي مسلسل جدوجهد بعد ائين پيو ڀانئبو هو، ڄڻ هر شيءِ ٿڪجي پئي آهي، هر شيءِ پوڙهي ٿي چڪي آهي، ماندي ۽ ملول، نراس ۽ نڍال. مشينن جا چڪا، انجڻن جون ڪلون، ٽائيپ جا اکر، ڪاٺ جا ڪيس، اسٽڪيون، رٻڙ جا رولر، ڪمپازيٽرن جي ويهڻ جا اسٽول، ايڊيٽرن جون ميزون ۽ ڪرسيون، لکڻ جا قلم ۽ مس ڪپڙيون، ڪاغذن جون سلپون، مطلب ته سڀڪجهه موجود هو، ليڪن هر شيءِ تي ورهين کان وٺي رءُ چڙهي وئي هئي. ڪنهن لٽي پـَـلـَـو سان انهن جي ڇنڊ ڦوڪ به ڪانه ڪئي هئي. شيخ صاحب شيوِ ڪندو هو، مڇان ٿلهيون هيس، جن کي قدري ڪينچيءَ سان ڪتري ڇڏيندو هو. وار گهڻا اڇا، ڪي ڪي ڪارا ڏسڻ ۾ ايندا هئس. چهري جي بناوٽ ڏاڍي وڻندڙ ۽ موچاري هيس[1].
”الحق“ جي انهيءَ حالت کان پوءِ، سنڌ جي قومي ڪم ڪندڙ مسلمانن، جناب شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ، ڪراچيءَ مان غالباً 1921ع ۾ روزاني ”الوحيد“ جاري ڪئي. خلافت تحريڪ جي ابتدا هئي، مسلمانن ۾ هڪ جوش ۽ جذبو هو. ترڪن سان لڙايون، علي برادران، تلڪ مهاراج ۽ مهاتما گانڌي، الغرض ”الوحيد“ ستت ئي ايڏي مقبول ٿي وئي، جو سنڌ اندر قومي سجاڳيءَ جي زبردست لهر اٿاري ڇڏيائين. سڄي نبيري نڇيڙي سندس حصي ۾ اچي وئي. ”الوحيد“ جو لکيو سنڌ جي مسلمانن لاءِ ڄڻ الهام ٿي پيو. ڪنهن کي چون چرا جي مجال ڪانه، هرڪو پيو ان جي لکڻيءَ ڏانهن تڪيندو هو. ”الوحيد“ جي احاطي ۽ دائري کان ٻاهر جيڪا شيءِ هئي، سا بلڪل باطل ۽ غير مستند، يعني قطعي مجهول ۽ صفا نامعقول. انگريز ششدر ٿي ويا، ۽ سنڌ ۾ انگريز پرستن جون ٿالهيون ابتيون ٿي ويون، ديڳڙا اونڌا ٿي پيا ۽ ڏويون ٽنگجي ويون.
سکر واري ”سنڌ زميندار“، جنهن جو مان وڃي ايڊيٽر ٿيس، سا در حقيقت ”الوحيد“ جي مقابلي لاءِ، انگريزن جي چـُـرچ تي، سرڪار پرست مسلمانن ڪڍي هئي. بظاهر ته زميندارن جي حقن جي محافظ ليڪن در پردي ”الوحيد“ جي ڦيلايل ’زهر‘ لاءِ ’ترياق‘. ان جا مالڪ، ان جا خريدار، ۽ جن جو ان سان تعلق هو، سي سڀئي انگريزي اقتدار جا پروردا ۽ پيدا ڪيل هئا، جيڪي لوڪ لڄا سبب ظاهر خاني پاڻ کي اعتدال پسند قومي رهنما سڏيندا وتندا هئا. ”سنڌ زميندار“ نُنهن چوٽيءَ جو زور ڏئي بيٺي، ليڪن ”الوحيد“ جو لکيو مسلمانن جي دل ۽ دماغ تان مٽائي ڪونه سگهي. ماستر عبدالوحيد ان جو پهريون ايڊيٽر هو. ان جي فوت ٿيڻ بعد سکر وارو ميان احمد علي خان بي. اي. (عليگ) آيو. ان کان پوءِ منهنجو برادر بزرگ پير علي محمد راشدي. جڏهن ”سنڌ جدا واريءَ تحريڪ“ ۾ هو وڃي کهڙي صاحب سان گڏيو، تڏهن اخبار جي ايڊيٽري تقريباً پنج سال (29-1933ع) منهنجي ذمي رهي.
اسان ٻنهي ڀائرن وارو دور اهو هو، جڏهن خانبهادر کهڙي ٻين زميندارن کان اخبار جي پچر ڇڏائي، ان کي پنهنجي اختيار ۽ اقتدار هيٺ آندو هو. گويا ”سنڌ زميندار“ سرڪار پرستيءَ وارو ڳٽ ڳچيءَ مان ڪڍي، قوم پرستيءَ واريءَ واٽ تي وکون وجهڻ لڳي هئي. نئين انتظام هيٺ اخبار جو مئنيجر آغا نظر علي خان ٿي آيو هو[2]، جيڪو طبعاً دل جو سست، همت جو ڍرو ۽ حڪومت کان قدري خائف رهندو هو، تنهنڪري اخبار نويسيءَ لاءِ جيڪو هن اصول مقرر ڪيو هو، سو اجهو هي هو، ڪم اهو ڪجي، جنهن مان لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي، نانگ به مري ۽ لٺ به نه ٽٽي، يعني انگريزن کان حق بيشڪ طلب ڪجن، مسلمانن جي مسئلن تي لکجي ضرور، ليڪن ”ڌيان طلب“ جي سرخيءَ هيٺ، ڏاڍيءَ نوڙت ۽ نرمائيءَ سان، مٺي زبان ۽ سهڻي لهجي ۾، وڻندڙ طريقي ۽ سهندڙ نموني ۾- ۽ آخر ۾ چوندو هو ته ”تدبر ۽ دانشمندي درحقيقت انهيءَ طور ۽ طريقي جو نالو آهي.“ اهي سڀ اکر ۽ محاورا، ترڪيبون ۽ لفظ درحقيقت هن پنهنجي فطري هيڻائيءَ جي آٿت لاءِ گهڙيا هئا، ورنه نه کهڙي صاحب جي ڪا جهل هئي ۽ نه اخبار جي نئين دور جي ڪا اها تقاضا هئي. بهرحال منهنجي ڀاءُ سان ته خبر نه آهي آغا صاحب ڪهڙو عمل ڪيو، ليڪن منهنجي ته هڪ هڪ اکر تي سندس سواري هوندي هئي. پنهنجي دور جا چند واقعا جڏهن اڄ ياد پون ٿا ته کـِـلَ به نڪريو وڃي ٿي، حيرت ۽ اچرج به پئي لڳي. ڪاڏي ويا اهي تدبر ۽ دانشمنديون، ڪاڏي ويو اهو انگريز ۽ ان جو اقتدار، ڪاڏي ويا اهي ”ڌيان طلب“ مسئلا ۽ معاملا، ڪاڏي ويا اهي ڪمشنر ۽ ڪليڪٽر، ڪاڏي ويا گورنر جنرل ۽ گورنر. نه ڪماني نه ڪپتان، نه ڊپٽي نه ڪاردار. عهدا جيتوڻيڪ سڀ موجود، پر انهن جا ملڪ ۽ مختار اهڙا لڏيا، جو ڄڻ ڪڏهن هئا ئي ڪين!
گانڌي - اِروِن پئڪٽ[3] کان اڳ هندستان اندر اوچتو انگريزن جي خلاف هڪ طوفان اٿي کڙو ٿيو. هڪ باهه هئي، جا سڄي ملڪ کي وڪوڙي وئي، هڪ زلزلو هو، جنهن سڄي ’برٽش ايمپائر آف انڊيا‘ جا پيل پاوا لوڏي ڇڏيا. ريلان ڪـِـريون، انگريز مئا، هڙتالون ۽ هٽ تاڙون ٿيون، پرڀات ڦيرين سڀني ستلن کي سجاڳ ڪري ڇڏيو، انگريزي ڪپڙا سڙيا، دڪانن تي ڌرڻا ۽ آفيسن اڳيان پڪيٽنگ ڪئي وئي. مطلب ته هڪ طرف انگريز ۽ انهن جا ڇاڙتا، ٻئي طرف سڄو هندستان. گانڌي - ارون پئڪٽ، گول ميز ڪانفرنس، وائيٽ پيپر، هندو مسلم نفاق، مسلم ليگ تحريڪ، سائمن ڪميشن [4] ڪُئِٽ انڊيا، پاڪستان، اهي سڀ انهيءَ پهرينءَ باهه جا ڀڙڪا ۽ اولانبا هئا، جن اڳتي هلي نه ڇڙو انگريزن کي ٽپڙ ٻڌايا، بلڪ ملڪ جي رنگ روپ کي به ساڙي ٻاري ڇڏيو.
انهيءَ طوفان واري زماني ۾ انگريزن به وس پڄندي ڪونه گهٽايو. ڦاسيون ٽنگيون، گوليون لڳيون، جيل ڀريا، گهر ۽ ڳوٺ سڙيا، ملڪيتون ۽ املاڪون ضبط ٿيون، مطلب ته دٻاءُ، زور ۽ زبردستيءَ جا سڀ ليڪا لتاڙي بيهي رهيا، ليڪن وريو ڪجهه ڪونه. ٿيو اهوئي جيڪو ٿيڻو هو. انهيءَ زماني ۾ صوبو سرحد انگريزن جي ڏاڍاين جو خاص طرح شڪار ٿيو. پشاور جي قصه خواني بازار ۾ لاش جا ڍير لڳي ويا. رت سيرون ڪري هليو. سرخ پوش، جو جتي سو اتي معتوب. جيل، ماران، چهبڪ، ڦٽڪا، ڏنڊا، مترڪا، سينن تي برڇيون ۽ آخر ۾ گوليون به مڙسن کاڌيون. هڪ جوان ته قصه خوانيءَ ۾ غالباً ست گوليون ٿـِـري ناٽ ٿـِـريءَ جون سيني تي جهلي، زمين تي ڪريو تڏهن، جڏهن بيٺي ساهه نڪتس! سرخ پوشن جو جهنڊو جهٽ ڏيئي کانئس ٻئي اچي ورتو، جيڪو پڻ شهيد ٿيو، ۽ اهو سلسلو هڪ ٻن کان ٽپي وڃي سـَـوَن تي پهتو. خان عبدالغفار جي سموري آڪهه کي نه ڇڙو جيل ۾ وڌو ويو ۽ سندن ملڪيت ضبط ڪئي وئي، بلڪه سندس ڳوٺ اتمان زئيءَ کي پڻ ساڙي ۽ ٻاري ڇڏيو ويو[5]. اهو واقعو پنهنجي نموني پهرئين قسم جو هو، جنهنڪري هندستان ۾ جيڪا باهه ٻري پئي، تنهن تي گويا تيل پئجي ويو. لاهور جي اخبارن [6] (زميندار، پرتاب، ميلاپ ۽ سياست) انهيءَ خبر کي ڏاڍي جوش جاڳائيندڙ نموني ۽ عبارت ۾ شايع ڪيو، وڏين وڏين سرخين ۽ ڪارن ڪارن عنوانن سان، جنهن کي پڙهي، هرڪنهن جي لونءَ ڪانڊارجي ٿي وئي. مون کي به نئون نئون جوش هو، رت ۾ حدت ۽ حرارت، تجربن واريءَ سرد مهريءَ جي هوا اڃا ڪانه لڳي هئي. خبر پڙهندي اکين مان پاڻي وهي ويو. خوش قسمتيءَ سبب نظر علي خان لاڙڪاڻي ويل هو، جنهنڪري سندس غير حاضريءَ جو پورو فائدو وٺي، مان به خبر کي جڳائيندڙ آب تاب سان شايع ڪري ڇڏيو .ڪيترن ڏينهن کان پوءِ دل گهري خبر شايع ڪئي هيم، تنهنڪري اندر ۾ هڪ سڪون ۽ راحت محسوس ٿي، ڄڻ سر تان هڪ وڏو بار هو، جو لهي پيو.
نظر علي خان جيئن لاڙڪاڻي مان موٽيو، تيئن کيس پرنٽر ۽ پبلشر جي حيثيت ۾ ڪليڪٽر جي ڪوٺ پهتي. جڏهن اتان موٽيو ته سڙان کامان ڪندو آيو، چهري تي جلال، طبيعت ۾ طوفان، اکيون لال، چپن تي خشڪي، منهن ڳاڙهو ڳٽول جهڙو قنڌاري ڏاڙهون! ٽوپي هڪ طرف اڇليائين، ڪوٽ ڪرسيءَ تي ڦٽو ڪيائين، پاڻ ڦهه ڪري کٽ تي ڪـِـري پيو. گهڻي گهڻي کان پوءِ واڪو ڪيائين، ”اي ميان صاحب!.. ميان حسام الدين شاهه خان!... او ظالم ظلم!... بندوق کنيون آءُ! اچي منهنجي سيني ۾ هڻ!“ جڏهن مرحوم ڪاوڙبو هو- خدا بخشيس تڏهن اهي خطاب ۽ القاب ڏيندو هو، ”ميان! تون ته جوان آهين، تنهنجو ته ابو امان به جئرو آهي، ماري مون پوڙهي کي رکيئي! جناب منيجنگ ڊائريڪٽر جي آبروءَ جو به لحاظ ڪون ٿيئي، ڄڻ ڪا پٺاڻن سان تنهنجي عزازت هئي، جو ايڏو هڏ ڪُرڪيئي! ايترو ڪهڪاءُ آيئي!“ مرحوم لاکيڻون لعل هو، جڏهن ڪاوڙبو ته چوندو- ”ميان!“، ”او خان!“، ”او شاهه صاحب!“ ”اي ظالم اظلم!“ جڏهن راضي ٿيندو ته وڏا ٽهڪ ڏئي سڏ ڪندو- ”او آغا منهنجا!... او آغل سائين!... هيڏي ته آءُ!“ هاڻي جڏهن لکان ٿو ته ڪَنَ ڄڻ اُهي ئي ٽهڪ ٻڌن ٿا، اُهي ئي سَڏَ سُڻن ٿا. اکين اڳيان هڪ پراڻي ڪرسي پئي آهي، ان جي اڳيان هڪ مَرُ چڙهيل جهوني ميز، جنهن تي بي ترتيب ڪاغذن جا ڍير لڳا پيا آهن. ڪرسيءَ تي نظر علي خان اوڪڙون ويٺو آهي، ٻئي ڄنگهان به پاڻ سان مٿي رکيون. مٿو ڪوڙيل، رنگ ڀورو ۽ گلابي، مڇن جي سنت ورتل، ڏاڙهي ڀورڪاري ۽ ڏاڍي سـُـهندڙ چاپئين. اکيون، نڪ، ڀروان ۽ پيشاني سڀ ٺهندڙ ۽ جڙندڙ. وڏا ٽهڪ ڏئي پيو چوي، ”آغل!... او آغل منهنجا!... ڇا حال آهي؟... اڄ ته پاڻ وٽ دعوت شيراز آهي!“ ’دعوت شيراز‘ جو مطلب اهو هوندو هو ته اڄ مٽرن يا چڻن جي ڇِڊي دال تناول ڪبي. ڪڏهن ڪڏهن ڄڻ ڪَن لَوَندي اهو به آواز پيا ٻڌن:-
آل ڪان غئي پزوڙ، ما پزڙڪي الا![7]
مطلب ته ڍولڻ مڙس هو. جڏهن جوش لٿس، تڏهن حقيقت حال ڪيائين ته ”دفتر دار صاحب[8] کان هي دفعو ته جان ڇڏائي آيو آهيان، جي ٻيو دفعو به تو اهڙو قومي جذبو ڏيکاريو ته جناب مئنيجنگ ڊائريڪٽر صاحب جي عزت کي به نقصان پهچندو، نوٽيس به بند ۽ تون ۽ اسان به ڪاٺ ۾! “
مئنيجنگ ڊائريڪٽر جو ته اوڙو هو، سندس ۽ منهنجي جيل وڃڻ وارو مسئلو به محض ڳالهه جو ڳالهوڙو. درحقيقت دڙڪو هو نوٽيس بند ٿيڻ جو ۽ اخبار جي بلئڪ لسٽ تي اچڻ جو. نوٽيس ۽ بلئڪ لسٽ، اِهي ٻه اُهي دواليون هيون، جيڪي هر اُنهيءَ اخبار جي نڪ ۾ بطور ناڪيليءَ جي پونديون هيون، جنهن کي نه ايترا خريدار هئا، جو ان جي آمدنيءَ تي هلي، ۽ نه ايتري ذاتي موڙي هوندي هئي، جو خرچ ڪڍي سگهي. بهرحال حڪومت جا اهي ٻه دڙڪا هٿين خالي اخبارن لاءِ جنسي ڪال هوندا هئا، گويا سندن پويون ڏينهن.
* * *
سالن جي ڳالهه آهي. پوري يادگيري ڪانه ٿي پوي. پر خدا نه ڀلائي ته 1928ع ڌاري جو واقعو آهي. امان الله خان تخت تان دستبردار ٿي اٽليءَ ۾ وڃي پناهه گزين ٿيو هو. افغانستان تي انگريزن جي هـُـشيءَ تي پهريون بچو سقو قابض ٿيو. ان کان پوءِ چيو ائين ٿي ويو ته هنن ئي نادر خان ۽ سندس ڀائرن کي پيرس مان آڻي افغانستان پهچايو آهي.
هندستان جي قوم پرستن جي همدردي امان الله خان سان هئي، ڇاڪاڻ ته کيس انگريزن جو وڏي ۾ وڏو دشمن سمجهيو ويو ٿي. 1919ع واري جدوجهد سڀن کي ياد هئي، جنهن ۾ امان الله انگريزن جي اثر ۽ اقتدار کي پنهنجي ملڪ مان هميشه لاءِ ختم ڪري، آزاد بادشاهت جو اعلان ڪيو هو. افغانستان جي ڪوهسارن جو اهو جوان سال ۽ جوان بخت، قبول سيرت ۽ قبول صورت مالڪ ۽ مختار، جڏهن 1925ع ۾ دنيا جي دوري تي نڪتو، تڏهن هرڪنهن ملڪ کيس هٿئون هٿ کنيو، شاهاڻي استقبال جي بلڪل نئين ۽ نرالي تاريخ تيار ٿي وئي، دنيا جي اخبارن به وسئون ڪونه گهٽايو. هـُـنن ته ان ڪري به امان الله جي خبرن کي وڏين وڏين سرخين سان اشاعت ٿي ڏني، جو کين يقين هو ته ان مان انگريزن کي مرچ لڳندا. امان الله خان جي انهيءَ مقبوليت جو فائدو وٺي، پنجاب جي موقعي شناس ٽوپي سازن جهٽ کڻي امان الاهي ٽوپي ٺاهي. دهليءَ جي ٽوپي سازن وري سندس هڪ ٻيءَ ٽوپيءَ جو نقل ڪيو. الغرض هندستان جي نقال ۽ ساده دل مسلمانن، جيئن ڪنهن زماني ۾ ترڪي خليفن جي تتبع ۾ ترڪي ٽوپي يا پوءِ انور پاشا جون ٽوپيون پاتيون هيون، تيئن امان الاهي ٽوپين کي به کڻي مٿي تي رکيو. اصل ۾ ٽوپي سازن جو مڪو مچي ويو، جن سال اڌ ۾ لک ڪمائي ورتا.
انگريزن کي ته 1919ع کان ئي امان الله خان سان دشمني هئي. ويتر جو پنهنجي دوري جي دوران هـُـن سڄي عالم ۽ خاص طرح هندستانين جون دليون هٿ ڪري ورتيون، تنهن ته مرڳوئي انگريزن جي انتقامي جذبي واريءَ دونهينءَ کي دکائي، ان جي باهه کي صفا ڀڙڪائي ڇڏيو. پاڻ اڃا دوري تي ئي هو، جو پٺيان هـُـنن افغاني ڪوهسارن اندر پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو. پئسا، ايجنٽ، غلط افواهه، فرضي تصويرون[9]، بي پاڙا بهتان ۽ ڪوڙا الزام افغانستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ويا.
امان الله جيئن دوري تان موٽيو، تيئن يورپ جي ترقيءَ کان متاثر ٿيو آيو هو. پنهنجي ملڪ کي به يورپ جي ڪڙيءَ تي پهچائڻ لاءِ، اچڻ سان، هن هڪ طويل ترقياتي پروگرام رِٿي، ان کي فوري عمل ۾ آڻڻ گهريو. انهيءَ پروگرام ۾ اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، ملٽري اڪاڊمين، لوهه جي ڪارخانن، هوائي جهازن ۽ جنگي سامان ٺاهڻ جون ڪي رٿائون هيون. جهڙوڪ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم، انگريزي وضع قطع جا ڪپڙا پائڻ، گهر ۾ فرنيچر رکڻ ۽ ميز ڪرسيءَ تي کائڻ، صفائي ۽ سٺائيءَ سان رهڻ، پردي کي گهٽائڻ، غير شرعي ڊگهن، بي ترتيب ۽ اڻ صفا ٿيندڙ سـُـنهارين تي پاڪيون ڦيرائڻ- انگريزن جيڪي افواهه ڦهلائي ڇڏيا هئا، انهن مواد ته اڳ ۾ ئي تيار ڪري ڇڏيو هو، ان ۾ فقط چواتيءَ ۽ چڻنگ جي دير هئي، جيڪا انهن ترقياتي پروگرامن لائي ڇڏي، سڀئي ملا ۽ خان اٿي کڙا ٿيا. انگريزن جا پئسا پاڻيءَ وانگر وهي رهيا هئا. ملا شور بازار جو نالو اسان انهيءَ وقت ٻڌو هو. مطلب ته ڏسندي ڏسندي اهڙو ممڻ متو، جو افغانستان جي تخت تي بچي سقي جهڙو معمولي ماڻهو قابض ٿي ويو ۽ ملڪ جو اصلي وارث سڌو وڃي اٽليءَ پهتو.
امان الله جڏهن ملڪ ڇڏيو ته قنڌار کان نڪري چمن ۾ آيو. اتان ريل ۾ سوار ٿي جيڪب آباد، رڪ، روهڙيءَ، سماسٽا کان دهليءَ ۽ اتان سڌو بمبئيءَ ويو... هِنن اکين ڪجهه ڏينهن اڳي سندس اهو جاهه ۽ جلال به ڏٺو، جڏهن سندس اسپيشل ٽرين مٿان انگريزي هوائي جهاز گل گهوريندا ٿي ويا، ۽ هاڻي واريءَ هن ڪسمپرسيءَ جو حال به پسيو، جو ٻه فرسٽ ڪلاس معمولي گاڏا، انهن ۾ پاڻ ۽ سندس آڪهه، در دريون بند، نه سازو سامان، اهي ئي لٽا جيڪي بدن تي، نه پورو جورابو نه سڄي جـُـتي! بهرحال، سابق شاهه افغانستان، هزمئجسٽي دي ڪنگ امان الله خان، جڏهن بمبئيءَ مان هندستان جو ساحل ڇڏيو، تڏهن مـَـسين وڃي انگريزن کي ساهه پيٽ ۾ پيو.
هندستان جي همدردي اصل کان امان الله سان هئي، هاڻي به هنن اهوئي ٿي سمجهيو ته افغاني قوم محض انگريزن جي اشاري تي لڳي، پنهنجي قوم پرست ۽ محب وطن بادشاهه سان ظلم ڪيو آهي. جڏهن نادر خان پشاور ۾ وارد ٿيو، تڏهن کيس هندستاني قوم جو اهو جذبو معلوم ٿيو. ازانسواءِ هن اهو به محسوس ڪيو ته خود افغانستان اندر ڪي قبيلا پڻ امان الله جي حق ۾ آهن، تنهنڪري وقت جي تقاضا ۽ مصلحت کي ڏسي، هن اعلان ڪيو ته افغانستان ۾ هو ان ڪري وڃي رهيو آهي ته بچي سقي کي ڪڍي، وري امان الله کي موٽائي تخت تي آڻي. متبرڪ صورت، سفيد سـُـنهاري، مڙس ڏسڻو وائسڻو، پنج ئي وقت نماز باجماعت- سڀن کي اعتبار اچي ويو. سڀن کي خاطري ٿي ته ڄاڻ حق حقدار کي مليو، انگريزن جي ڪک جو ڪان ڄاڻ موٽي اچي ڪمان ڀيڙو ٿيو. مولانا ظفر علي خان حسب دستور اسلامي اخوت واري جذبي جي ماتحت نه ڇڙو لاهور جي اسٽيشن تي نادرخان وارن جو شاندار استقبال ڪيو، بلڪ جوش ۾ بنان ٽڪيٽ هلنديءَ گاڏيءَ ۾ ساڻن چڙهي پشاور تائين وڃي پهتو، جتان انگريزن زبردستيءَ کيس موٽائي لاهور آڻي ڇڏيو! مولانا جي ئي تحريڪ تي هندستان جي مسلمانن نادر خان جي امداد لاءِ هڪ ”عظيم جيش اسلامي“ مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهيءَ کي زور وٺرائڻ لاءِ آگري جي مشهور شاعر حضرت ”سيماب“ اڪبر آباديءَ پنهنجي هفتيوار اخبار ”تاج“ ۾ هڪ مترنم نظم شايع ڪيو، جنهن جو آخري بند هو:
قنڌار چلو! قنڌار چلو!!
بهرحال جڏهن شاهه ولي خان ڪابل فتح ڪيو ۽ ان جو اعلان هندستان اندر ٿيو، تڏهن مسلمانن چراغان ڪيا، مٺايون ورهايون ۽ اهڙا خوش ٿيا، ڄڻ سندن پنهنجا ڪاج سِڌ ٿيا آهن. مولانا ظفر علي خان فوراً هڪ شاندار نظم ”زميندار“ ۾ کڻي شايع ڪيو، مسدس جي آخري سٽ هلندڙ هئي:
فاتح ٽَل فاتح ڪابُل هئا!
الغرض انهيءَ حد تائين اسان کي دلچسپي هئي ۽ افغانستان جي معاملي سان اسان جو تعلق هو. اکيون هاڻي نادر خان جي اعلان ڏي هيون. هر مسلمان جي دل ڌڙڪي رهي هئي. سڀن جا ڪن اوڏانهن هئا. انتظار اهو هو ته ڪڏهن ٿي نادر خان جي صدا ڪوهسارن سان ٽڪرائي بلند ٿئي ته- ”حق بحقدار رسيد!“ ليڪن جڏهن اهو وقت آيو، تڏهن حيرت جي حد نه رهي! اعلان ٿيو ته، ”لوئي جرگي، خود هز مئجيسٽي ڪنگ نادر شاهه غازي خلد الله ملڪہ کي افغانستان جي تخت ۽ تاج جو مالڪ ۽ مختار تسليم ڪيو!“ هندستان جي جوش ۽ جذبي تي ڄڻ ڪنهن پاڻيءَ جا ٿڌا گهڙا پرٽي ڇڏيا. اصل قصي جي ته رب کي ڄاڻ، ليڪن هتان جي مسلمانن جي اک کلي، ۽ هنن اهوئي سمجهيو ته افغانستان اندر انگريزن جي سياست کي نيٺ ڪاميابي حاصل ٿي.
انهيءَ واقعي کي ڇهه ست مهينا مس گذريا، ته لاهور جي ”زميندار“ اخبار ۾ امان الله خان جو هڪ طويل ۽ دردناڪ خط شايع ٿيو، جيڪو هن روم مان نادر خان ڏانهن لکيو هو ۽ جنهن ۾ نهايت دل ڀڄائيندڙ نموني ۾ هن هڪ هڪ ڪري سندس ڪيل واعدن ۽ بدعهدين جي کيس ياد ڏياري هئي[10].
جڏهن ”زميندار“ جو اهو پرچو مون وٽ پهتو، خوش قسمتيءَ سبب ان وقت نظر علي خان سکر ۾ ڪونه هو. ميدان خالي ڏسي، مون جوش ۽ جذبي وچان خط جو ترجمو اهڙيءَ ئي حاشيه آرائيءَ سان شايع ڪري ڇڏيو، جهڙيءَ ريت لاهور جي ”زميندار“ ڪيو هو. ٻن ڏينهن بعد معلوم ٿيو ته ”زميندار“ جو اهو پرچو ضبط ڪيو ويو، ۽ 50 هزار جي ضمانت ضبط ڪري، پريس ۽ اخبار کان هڪ لک جي ضمانت گهري وئي آهي! خبر نه آهي ته ظفر علي خان جي ڪهڙي حالت ٿي، ليڪن منهنجا ته تاڪ لڳي ويا، ڇاڪاڻ ته- اين گناهيست ڪه در شهر شما نيز ڪنند! نظر علي خان جيئن لاڙڪاڻي کان موٽي پريس ۾ اچي پهتو، تيئن مون ڏي ڏسي، ٿڌو ساهه کڻي، ڏاڍيان وٺي، ”الله هو!...“ ڪيائين. هن دفعي ٽوپي به ڪانه لاٿائين، ڪوٽ به ڪونه اڇليائين، ۽ نه کٽ تي ئي ڪريو. سڌو اچڻ سان ڪرسيءَ تي ويهي، سڀني ڪمپازيٽرن کي سڏي حڪم ڏنائين: آئيندي جنهن مضمون تي سندس تصديقي صحيح پيل نه هجي، اهو ڇپڻ ۾ هرگز نه اچي! اهو اعلان ڪري، مصلو وڇائي، وڃي نماز ۾ بيٺو. اڃا سلام مس ورايو هئائين، ته ڪليڪٽريءَ جو پٽيوالو حاضر ٿيڻ جو حڪم نامو کڻي اچي وارد ٿيو. سلام ورائي، دعا گهري، آڱر جي اشاري سان چوڌاري صلواة سڳوري ڇوڪاري، مون ڏي منهن ڪري ڏاڍي دردناڪ لهجي ۾ چيائين، ”ميان صاحب! آخر تون مڙئين ڪونه. انهن ڪرتوتن کان ته بهتر آهي مون کي سيني ۾ دونالي هڻ... ڊس! ڊس! هڪ ئي دفعي جند ڇٽي پوئي. هُن شريف جو به خيال ڪونه ٿو اچئي، جنهن اعتبار رکي، پنهنجي سموري موڙي اسان جي حوالي ڪري ڇڏي آهي!“ اهو ’شريف‘ جو اشارو کهڙي صاحب ڏي هو. اهڙن موقعن تي مرحوم هميشهه شرم ڏيارڻ لاءِ کهڙي صاحب جي شخصيت کي آڻي اڳيان ڪندو هو، ۽ آخر ۾ چوندو هو، ”او ظالم ظلم!... زمن گر نه ترسي، بترس از خدا!“
اهو ئي دور هو، جڏهن ميرٺ جي سازش وارو مشهور مقدمو هليو ٿي، جنهن ۾ ٻين قومي ڪارڪنن سان گڏ، ديناناٿ سهگل به ڦاٿل هو [11]. انهيءَ سازش بعد ٻيون به ڪيتريون سازشون ٿيون. هڪ دفعي وائسراءِ جي گاڏيءَ کي تباهه ڪرڻ لاءِ ريلوي لائين تي ٽائيم بم رکيو ويو (1928ع)، وائسراءِ جي حياتي هئي، جو اتفاق سان بچي ويو. بم ٻه ٽي سيڪنڊ پوءِ ڦاٽو، جڏهن وائسراءِ جو گاڏو ٽپي اڳتي ٿيو. باقي پويان گاڏا، سو پرزا پرزا ٿي ويا. هلندڙ اسيمبليءَ ۾ ڀڳت سنگهه وارن بم اڇليا [12]. بنگال ۽ ٻين جاين تي گورنرن ۽ ٻين گورن کي گوليون لڳيون. ڀڳت سنگهه، جتندرا ناٿ داس ۽ دت وغيره بمن جي سازش ۾ گرفتار ٿيا. جتندراناٿ جيل ۾ مرن برت رکيو. حيلا هلائي بيهي رهيا، 72 ڏينهن بعد هن مري ساهه ڏنو، پر برت نه ڀڳائين! جڏهن مئو، تڏهن مولانا ظفر علي خان معرڪي جو هڪ نظم ”زميندار“ ۾ شايع ڪيو:-
بن نهين سڪتا صلاح الدين ايوبي اگر،
هند ڪي حرمت په مَرمِٽ اور جتندرداس بن!
اصل ۾ انهن ڳالهين جي ابتدا انهيءَ لوڻ واريءَ تحريڪ سان ٿي هئي، جنهن کي مهاتما گانڌيءَ ”ڊانڊيءَ واري مارچ“ (1930ع) سان شروع ڪيو، ۽ ”باردولي تحريڪ“ ولڀ ڀائي پٽيل کي جنم ڏنو. باقي واقعا انهيءَ سلسلي جون جدا جدا ڪڙيون هيون. ڀڳت سنگهه وارن جون تصويرون هرهڪ گهر ۾ ٽنگجي ويون. هندو توڙي مسلمان، جوان خواهه پوڙها، عورتون خواهه مرد، گهر ڇڏي ٻاهر قومي ميدان تي نڪري آيا. ميرٺ وارن کي سزا آئي. ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين کي ڦاسي آئي[13]. ڀڳت سنگهه جو لاش انگريزن لاهور جيل مان منهن اونداهيءَ ڪڍرائي راويءَ جي ڪناري تي ساڙائي ڇڏيو. انگريزن جو اهو خيال بلڪل صحيح هو ته جيڪڏهن لاش مالڪن جي حوالي ٿيندو ته ممڻ مچي ويندو، جنهن کي ٺارڻ ۽ ٽارڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو. ليڪن انگريزن جي انهيءَ عمل به ڪا گهٽ باهه ڪانه لاتي. سڄي ملڪ ۾ ماتم پئجي ويو ۽ هندستانين جي دلين ۾ گويا انگريزن پنهنجي انهيءَ ڪرتوت سان بڙڇيون هڻي ڪڍيون.
ڪانگريس آئينده سال (1931ع) تي پنهنجو اجلاس لاهور ۾ راويءَ جي ڪناري تي عين انهيءَ جاءِ تي ڪيو، جتي ڀڳت سنگهه جي لاش کي ساڙيو ويو هو[14]. جواهرلال انهيءَ سال پنهنجي والد کان ڪانگريس جي صدارت ورتي هئي ۽ ڪانگريس جو اهوئي اجلاس هو، جنهن ۾ ”آزاديءَ جو ٺهراءُ“ پاس ڪيو ويو. ڀڳت سنگهه جي والده انهيءَ موقعي تي پنهنجي پٽ جا سڙيل هڏا کڻي، اچي اجلاس ّ۾ نڪتي. جذباتي جوانن جو خيال هو ته ڪانگريس جو جوان سال صدر ڀڳت سنگهه جي انتقام وٺڻ لاءِ ضرور ڪنهن لڙاڪو پروگرام جو اعلان ڪندو، ليڪن کين ان وقت شديد مايوسي ٿي، جڏهن انتقامي پروگرام ته بجاءِ خود، پر ڪانگريس اُنهيءَ سلسلي ۾ ٺلو ٺهراءُ به پاس ڪونه ڪيو. خير، ڪانگريس جو تجربيڪار مهندار ته عظيم مقصدن جي حاصل ڪرڻ واريءَ راهه ۾ ڀڳت سنگهه جي شهادت کي به هڪ منزل سمجهي، پاڻ اڳتي ٽپي ويو، ليڪن انتهاپسندن ۽ پرجوش جوانن جي جذبي ۽ اخلاص کي ڏاڍو صدمو پهتو.
جواهر لال لاهور مان ڪم پورو ڪري، پنهنجي عيال سميت سڌو موهن جي دڙي تي آيو. جڏهن اتان ٿي موٽيو، ان وقت سکر جي اسٽيشن تي مان وڃي ساڻس مليس. سندس گهر واري ۽ شايد سندس نياڻي (مائي اندرا گانڌي) به هئي. سڀن کي پهريون دفعو مان اتي ڏٺو. منهنجي ڪارڊ پهچڻ تي جڏهن جواهر لال گاڏي مان ٻاهر نڪري آيو، ان وقت مان کانئس ڀڳت سنگهه جي باري ۾ اهي ئي سوال پڇيا، جيڪي هر غير تجربيڪار ۽ جوشيلي جوان جتي ڪٿي کانئس پڇيا ٿي. هن به مون کي اهي ئي جواب ڏنا، جيڪي ٻين کي ڏيندو آيو ٿي. موٽي اچي اهي سمورا سوال جواب مان سنڌ زميندار ۾ شايع ڪري ڇڏيا. خير جوش ۽ جذبو ته هو، ليڪن اخبار ۾ شايع ڪرڻ مان وڏي مراد اها به هئي ته جيئن ماڻهن کي معلوم ٿئي ته آءٌ به ڪانگريس جي صدر ۽ هندستان جي جوان بخت نوجوان ليڊر سان انٽرويو ڪري چڪو آهيان!
خدا لڳ ڳالهه ڪبي، خانبهادر کهڙي کي انهن ڳالهين جي رتيءَ ڀر پرواه ڪانه ٿيندي هئي. بلڪ الٽو هو خوش پيو ٿيندو هو. اصل ۾ ساه نڪرندو هو آغا صاحب مرحوم جو، کهڙي صاحب جو ته ڪندو ڇڙو مـُـنهن اولو. بهرحال ضبط ته مان به گهڻو ڪندو هيس، ليڪن ڪڏهن ڪڏهن اهڙيءَ ريت بي اختيار ڪمان مان تير نڪري ويندو هو، جنهن جي تيزيءَ ۽ تکائيءَ جي ڪل ان وقت پوندي هئي، جڏهن نظر علي خان جون اکيون ڳاڙهيون، چپ سڪل ۽ منهن لال اڳيان نظر ايندو هو. مٿين خبر پڙهڻ بعد نظر علي خان هن دفعي ٻه ڪم ڪيا: هڪ ته ابوبڪر ڪمپازيٽر ۽ گيلارام مشين مين تي ڏهه ڏهه رپيا ڏنڊ وڌائين ۽ ٻيو ميرٺ واري ڪيس ۾ ڦاٿل قومي ڪارڪن ديناناٿ سهگل جو نالو، جنهن کي جنم ٽيپ ۽ ڪاري پاڻيءَ جي سزا اچي چڪي هئي، مستقل طرح مون تي رکي ڇڏيائين. ان کان پوءِ مرحوم هميشہ سڏيندو هو، ”او دنياناٿ سهگل! ميان هي ڪهڙو ڪلور ڪيو اٿئي...!“
انهن مسلسل واقعن منهنجي جوش ۽ جذبي کي ماري ۽ مروٽي ڇڏيو. هٿيار ٿيڪي ويهي رهيس، جنهن کان پوءِ پنهنجي قومي جذبي جي اظهار جو وري ”سنڌ زميندار“ ۾ ڪڏهن موقعو ڪونه مليو.
* * *
خير، اهي واقعا ته وچ ۾ اچي ويا. دل ۾ درد هو. ڳالهه نڪتي ته اوچتو ڄڻ آهه نڪري وئي. دراصل ڳالهه هئي سکر جي آغا صاحب جي ۽ ”سنڌ زميندار“ اخبار جي.
جنهن دؤر جو ذڪر آهي، ان ۾ ڇاڪاڻ ته آزاديءَ جي جنگ ڦوهه جوانيءَ تي هئي، تنهنڪري اخبارن کي به ڏاڍو زور هو. سنڌ جي اخبارن مان انگريزيءَ ۾ ٻه روزانيون نڪرنديون هيون، هڪ ”ڊيلي گزيٽ“، جيڪا اصل ته انگريز پرست هئي، ليڪن بعد ۾ سندس مزاج اعتدال تي آيو هو، ٻي هئي مسٽر پنيا جي ”سنڌ آبزرور“، جيڪا ظاهر ۾ ته وطن پرست هئي، ليڪن دراصل ڪٽر مهاسڀائي ذهنيت جي علمبردار هئي. ٽين شام جي انگريزي روزاني اخبار ڊاڪٽر تاراچند جي ”ڪراچي ڊيلي“ هوندي هئي، جنهن جي جاءِ پاڪستان بعد ”ايوننگ اسٽار“ ورتي. سنڌي روزانين مان مسلمانن جي فقط ”الوحيد“ هئي، جيڪا ڪڏهن خالص مذهبي ته ڪڏهن ٺيٺ وطن پرست، ڪڏهن فرقه پرست ته ڪڏهن قوم پرست. بهرحال مسلمانن جا هٿ انهيءَ هڪ اخبار تي کپندا هئا. هندو اخبارن مان ”هندو“ ڪانگريسي ۽ ”سنسار سماچار“ ٺيٺ مهاسڀائي. اِهي هيون ڪراچيءَ مان نڪرندڙ اخبارون. باقي سنڌ مان مسلمانن جون گهڻو ڪري هفتيوار اخبارون نڪرنديون هيون، جيئن ته ميرپورخاص مان مخلص جي ”مسلمان“، نوشهري مان رئيس نجم الدين جي ”النجم“، حيدرآباد مان نور محمد نظاماڻيءَ جي ”طيراً ابابيل“، سکر مان ”سنڌ زميندار“ (هفتي ۾ ٻه دفعا)، لاڙڪاڻي مان ”الحقيقت“، جيڪب آباد مان مولوي محمد حسين جي ”الحنيف“ ۽ چاچي نبي بخش (لالي مٺي) جي ”اتحاد“. ”الوحيد“ ۽ ”سنڌ زميندار“ کان سواءِ باقي ٻين اخبارن کي مقامي حيثيت حاصل هوندي هئي. هندن جون سنڌ مان گهڻيون ئي هفتيوار ۽ روزانيون اخبارون نڪرنديون هيون، جن مان مشهور هيون ميرپورخاص مان ”جوت“، سکر مان ديوان ڀوڄراج جي ”ڀارت“، آرت مل جي ”هندو ليگ گزيٽ“، لاڙڪاڻي مان ”لاڙڪاڻه گزيٽ“ ۽ جيڪب آباد مان ”تيج“ ۽ ”فرنٽيئر گزٽ“، جنهن جو ايڊيٽر هڪ هندو هو- بيحد مٺو ماڻهو ۽ دلبر دوست، يارن جو يار. ٻه روزانيون هندن جون سکر مان پڻ نڪرنديون هيون، جن مان هڪ مقامي هئي ۽ ٻيءَ کي البت سکر کان ٻاهر به اهميت حاصل هئي. پهرين ٻائي امرداس جي ”ڌرم وير“ ۽ ٻي مهاشيه ويرومل جي ”سنڌي“. اِهي هيون اُهي اخبارون، جيڪي سنڌ اندر هندن ۽ مسلمانن جي معاملن ۽ مسئلن کي پيون ڊاهينديون ۽ ٺاهينديون هيون. بلوچستان جي مسئلن تي لکڻ لاءِ مرحوم نسيم تلويءَ جون اخبارون ”عصر جديد“ ۽ ”بلوچستان جديد“ هيون.
سنڌ ۾ ٻاهران ايندڙ اخبارن مان لاهور جي اخبارن کي عوام ۾ وڏي اهميت هوندي هئي، مثلاً هندن وٽ ”پرتاب“، ”ميلاپ“ ۽ نانڪ چند ”ناز“ جي ”وير ڀارت“ کي، ۽ مسلمانن ۾ ”زميندار“، ”انقلاب“، ”سياست“، ۽ پوءِ ”شهباز“ ۽ ”احسان“ کي. ”پيسہ اخبار“ ۽ ”انتخاب لاجواب“ جو دؤر ختم ٿي چڪو هو. جهنگ واري هفتيوار ”المنير“ به پنهنجو وقت پورو ڪري وئي هئي. ايڊيٽرن مان منشي محبوب عالم فوت ٿي ويو هو، ظفر علي خان جي حيثيت اخبار نويسيءَ ۾ بابي آدم جي هئي، مولانا غلام رسول مهر، مرتضيٰ احمد خان ميڪش، سيد حبيب، مولانا عبدالمجيد سالڪ، چراغ حسن حسرت ۽ حاجي لقلق ڦوهه جوانيءَ ۾ هئا- جسم جو به جوڀن ته قلم تي به بهار. هندن مان مهاشيه ڪرشن، خوشحال چند خورسند، نانڪ چند ناز ۽ پارس واري مهاشيه ڪرم چند جي رات هئي.
لاهور مان ٽي انگريزي ڊيلي اخبارون نڪرنديون هيون: مسلمانن جي مولوي نور الحق جي ”مسلم آئوٽ لڪ“،[15] غير مسلمانن جي ”سول اينڊ ملٽري گزيٽ“ ۽ ڪالي ناٿ ري جي ”ڊيلي ٽربيون“. بجنور جي ”مدينه“ اخبار باءِ - ويڪلِي (هفتي ۾ ٻه ڀيرا نڪرندڙ) هئي، ليڪن ڏاڍي وزندار، سنجيدي ۽ بلڪل قومي خيالن جي. سنڌ ۾ گهڻا مسلمان ان کي گهرائي سان پڙهندا هئا. دهليءَ مان مولوي مظهرالدين جي روزاني ”الامان“ ۽ خواجه حسن نظاميءَ جي هفتيوار ”مُنادي“ ايندي هئي. مولانا محمد عليءَ جي ”ڪامريڊ“ بند ٿي چڪي هئي. ”همدرد“ ڪڏهن بند ته ڪڏهن جاري. ”خلافت“ اخبار بمبئيءَ مان ”الوحيد“ جي دفتر ۾ شيخ عبدالمجيد وٽ ۽ ڪن ٻين پراڻن خلافتين جي نالي تي ايندي هئي. مولانا شوڪت علي سرپرست ۽ مولانا عرفان ۽ شوڪت عليءَ جو فرزند زاهد علي ان جا ايڊيٽر هوندا هئا. انگريزي اخبارن مان ”السٽريٽيڊ ويڪلي“ خوب وڪامندي هئي. ”ٽائيمس آف انڊيا“، ”اسٽيٽسمن“، ”پايونيئر“ ۽ مهاتما جون ”ينگ انڊيا“، ۽ ”هريجن“، ۽ بمبئيءَ منجهان ”بمبئي ڪرانيڪل“، جنهن جي ايڊيٽر سيد عبدالله بريلويءَ جي ڏاڍي شهرت هوندي هئي. ولايت مان ڪن ڪن انگريزن وٽ ”لنڊن ٽائيمز“ ۽ ”مئنچيسٽر گارڊين“ به اينديون هيون ۽ اخبارن ۾ به انهن جي راين تي گاهي ماهي هنگامو مچي ويندو هو.
اهي هيون اخبارون سنڌ ۾ مشهور ۽ سڄي ملڪ اندر سياهه سفيد جون مالڪ، جڏهن مان وڃي ’سنڌ زميندار‘ جي چارج ورتي. مون کي ياد آهي، چٽيءَ طرح، مان نصرت[16] اسٽيشن تي بيٺو هئس، خانبهادر کهڙو سکر مان ٿي موٽيو، گاڏيءَ مان منهن ڪڍي، ٽپال جي استعمال ٿيل لفافي جو هڪ ٽڪرو ڦاڙي، ان تي منهنجي تقرر جو حڪم لکي، مون کي ڏيئي، تاڪيد ڪيائين ته سڀاڻي ضرور وڃي سکر پهچ. ريل ڇٽي. مان آرڊر پڙهيو: پنجاهه روپيا درماهو پگهار، ”سنڌ زميندار“ جو ايڊيٽر، يعني ”الوحيد“ کان پوءِ سنڌيءَ مسلمانن جي ٻي مکيه اخبار- ان جو ايڊيٽر، ۽ پگهار جملي پنجاهه ڪلدار- وڪٽوريا راڻيءَ جا روپيا ختم ٿي چڪا هئا، ٺوڙهي بادشاهه وارا روپيا به بند ٿي ويا هئا، هاڻي هئا جارج پنجين جا، جن ۾ چانديءَ کان وڌيڪ مٺ گڏيل هوندو هو.
* * *
نظر علي خان سان واقفيت اڳ ئي هئي، واهپو فقط هاڻي پيو، ۽ دوستي ان کان پوءِ شروع ٿي. نيت جو نيڪ، دل جو اهڙو جو اجرو جهڙو کير، مزاج جو مکڻ جهڙو نرم ۽ مصريءَ جهڙو مٺو، طبيعت جو باغ و بهار، مجلس ۾ ويٺو هوندو، هيءَ ڳالهه هوءَ ڳالهه، هندن جا ظلم، مسلمانن جا مسئلا، ”فخر قوم“ سر ڀٽو[17]، ”محترم قوم“ خانبهادر کهڙو، مطلب ته هڪ مان ٻي، ٻيءَ مان ٽين، قصو ڪوتاهه سج لهي ويندو، پر نظر علي خان جا قصا ڪونه کٽندا. صبح کان سانجهيءَ تائين هڪجهڙي بهاري ۽ ليءِ هوندي. جڏهن سندس دلپسند ڪا ڳالهه ٿيندي هئي، ته وڏا ٽهڪ ڏئي کلندو هو- اهڙا اجرا ۽ مائيدار، جو سٽي ڪورٽ ته خير، پر چانڊوڪيءَ جي ٿڌين راتين ۾ هڪ طرف ٽائون هال ۽ ٻئي طرف ليوڪس پارڪ جي هُن ڇيڙي تي پيا ٻڌبا هئا. کهڙي جو وفادار بلڪ جان نثار - مان هوند جيڪر سندس يار وفادار به لکان، پر غريب ۽ امير جي ياري ٺهندي به ڪانه آهي ۽ جڳائي به ڪانه- خدا بخشيس، خود مرحوم کي ئي اها دعويٰ ڪانه هئي. اهڙو جان نثار ۽ ايڏو وفادار ڀايان کهڙي کي وري ڪونه مليو هوندو- جيتوڻيڪ زندگيءَ جي مختلف منزلن ۽ جدا جدا مرحلن تي ڪي ئي ماڻهو ساڻس اچي گڏيا، جن دوستيءَ جون دعوائون به ڪيون هونديون، جن جان نثاريءَ ۽ وفاداريءَ جون لافان به هنيون هونديون، ليڪن يقين اٿم ته نظر علي خان جيڪا جاءِ ڇڏي ويو، سا ڪنهن ڪانه ڀري سگهي هوندي. مهرو وفا، انس ۽ الفت کي جنهن ڪڙيءَ تي هو مرحوم پڄائي ۽ پهچائي ويو، ان تي ٻئي ڪنهن جي مجال، جو آڻي سگهي! سندس مسلمانن ۽ مسلمانن جي مسئلن سان ڏاڍو شغف، بلڪ عشق چئجي ته بيجا نه ٿيندو، هوندو هو، ۽ هندن سان ازلي وير. کيس هو به چڱا هٿ ڳنڍيون آيا، لاڙڪاڻي جا فساد، جنهن ۾ هن غريب کي ڪن نه جن، هندن کڻي کيس جيل ۾ وجهرايو، ان کان پوءِ سکر جا فساد، جنهن ۾ پڻ ڪوڙيون شاهديون ڏئي، مٿس الزام آندو ويو ته سوئو هڻي هُنَ فلاڻو هندو سرڳ پهچايو. ان بعد وري ٿيو منزل گاهه وارو معاملو.[18] مطلب ته ڪوبه وجهه هندن اهڙو ڪونه ڇڏيو، جنهن ۾ نظر علي خان کي اندر اماڻڻ جي ڪوشش نه ڪيائون.
حقيقت ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ اهي نهايت ئي دردناڪ واقعا هئا- اڻ سهائيندڙ ۽ دکدائڪ. هندو هر لحاظ سان مسلمانن کان ترقي يافته هئا - پيسي ۾، تعليم ۾، ملازمتن ۾ ۽ واپار ۾. سياسي خواه سماجي طرح سياڻا به ۽ سجاڳ به. هنن ڪوبه اڳ پوءِ ڪونه ڳڻيو. الهه لڳ ڳالهه ڪبي، مسلمانن جي غير تعليم يافتگيءَ مان ۽ زميندارن جي جهالت ۽ اڍنگن خرچن مان هنن نهايت ئي اجوڳ فائدا ورتا. هنن تي ملڪي هجڻ سبب ۽ وڌيڪ سڌريل ۽ سمجهدار قوم هئڻ ڪري، ڀائپيءَ جا، برادريءَ جا، پاڙيسريءَ جا، ۽ وڏ ننڍائيءَ جا جيڪي انگ ۽ ننگ هئا، سي هنن پورا ڪونه پاڙيا، بلڪ هلندي هلندي، مسلمانن جون ڪيئي زرعي زمينون به قرضن ۾، ورتل ۽ اڻ ورتل کنڌن ۽ وياجن جي مٿان وياجن ۾، پنهنجي هٿ ڪري ويا.
شهر ته اڳ ئي سندن قبضي ۾ هئا، زمينن وٺڻ سبب ٻاهراڙيون به گهڻي قدر سندن هٿ هيٺ اچي ويون. هنن پوءِ سياسي ٻڌيون ڪري، هندوستاني هندن سان جوڙ توڙ ڪري، مها سڀا ۽ ڪانگريس جا پلوَ پڪڙي، سياسي طرح به مسلمانن کي اهڙيءَ طرح ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيئن هو پنهنجي ملڪ اندر به بيوس ۽ ويچارا ٿي رهن. مسلمانن پنهنجي زور ۽ طاقتوريءَ جي زماني ۾ پنهنجي سنڌي سلطنت جي دور ۾ ساڻن مجموعي طرح هميشه سٺا پير ڀريا هئا. سنڌ جي جڏهن پنهنجي حڪومت هئي، تڏهن ته هنن هندو مسلمانن جي تفريق ۽ ننڍ وڏائيءَ کي تقريباً ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ هڪٻئي کي برابريءَ جو ڀاءُ ڪري ڏٺائون، پر سنڌ تي جڏهن ست ڌارين عربن جو قبضو هو، تڏهن هندن جي اصلي حيثيت نه فقط سنڌ اندر قائم رهي، بلڪ بغداد ۽ دمشق تائين، سندن عالمن کي گهرائي، لک عزتون ڏنيون ويون ۽ مالي محڪمن ۾ اڪيچار هندن کي مقرر ڪيو ويو. هن پوئين زماني ۾ ڪلهوڙن جو سياهه سفيد گهڻي حد تائين سندن هٿ ۾ هو. منجهانئن ڪيترن کي سڳيءَ اولاد وانگر ”برخوردار“ سمجهيو ويندو هو، موٽو مل، مانجهو مل، گدو مل، چيلا رام، گهنشامداس، ٻالڪ رام، شيوڪ رام عطارد، گلراج وڪيل، لاله امرت راءِ، جسپت راءِ، عزت راءِ، ديوداس، مولراڄ، ڪرڻ مل، گلاب راءِ، اجومل، تاراچند، هري راءِ، سهج رام، ماڻڪ راءِ، مولچند، دولهه رام ۽ ڀائي دولهه رام- اهي انهن هندو عملدارن مان فقط چند آهن، جن جي هٿن ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جون واڳون هيون ۽ ملڪ جي اُٿي ويٺي، وهي واڻي، نبيري نڇيڙي ۽ اندرين ٻاهرين انهن جي هٿ ۾ هئي. اهڙيءَ طرح ٽالپرن جي ڪاروبار ۾ به سڀني کي ڄاڻ آهي ته، هندن جو گهڻوئي عمل دخل هوندو هو. سومرن ۽ سمن جي ديسي دؤر يا مغلن جي ڌارئي دؤر ۾ به- اهائي ساڳي حالت هئي. اڪيچار هندن جا نالا ملن ٿا، جن جو ملڪي ڪاروبار ۾ حصو، اثر ۽ رسوخ هوندو هو. اهو ته جڏهن انگريزي راڄ آيو، جنهن جي آڻڻ ۾ به اندرئون اندر، ٻين وطني غدارن سان گڏ منجهانئن به ڪيترن جوهٿ ۽ حصو هو، تڏهن کان وٺي هنن جي اک بدلي. ويهين صديءَ جي شروعات کان پوءِ ته کين الائي ڇا ٿي ويو! گويا کين مسلمانن سان گڏ ملڪ ۾ رهڻو ئي ڪونه هو، ۽ هڪٻئي سان سندن ڄڻ ڪڏهن ڪو واسطو ۽ وجهه ئي ڪونه هو! جيئن جيئن سياسي شعور وڌندي ويو ۽ هندستاني سياست سنڌ تي حاوي ٿيندي وئي، تيئن تيئن تفريق وڌندي وئي ۽ جنهن کي جڏهن موقعو مليو، تڏهن ٻئي کي تهس نهس ڪرڻ جا ويچار ٿيندا رهيا، حالانڪ اها نيت ۽ اهو طريقو نه شانائتو هو ۽ نه زيبائتو، نه مناسب نه موزون. ملڪي خواه برادرانه قاعدي ۽ قانون جي تحت، ڪنهن کي به ائين ڪرڻ لاءِ حق ڪونه هو.
خانبهادر کهڙو يا ٻيا ڪيترا مسلمان پوئين دور ۾ هندن وٽ ڇڙو انهيءَ تفريقي تاثر هيٺ غير مقبول بلڪ معتوب ٿي پيا، جو هو وقت سر سندن انهيءَ غلط رخ جي آڏو ايندا ٿي رهيا، ورنه ٻيو ڪوبه گناهه کانئن سرزد ڪونه ٿيو هو. نه انهن ڪو ڌاڙو هنيو هو نه ڪو خون ڪيو هو. هندن جي لغت ۾ اهڙن مسلمانن جا لقب ”تنگ دل“، ”فرقي پرست“ ۽ ”متعصب“ رکيا ويا. پاڻ جيڪي ڪندا ٿي رهيا، سو عين ڪشاده دلي، تعصب کان خالي ۽ بلڪل قومي ۽ وطن پرستيءَ جي شان وٽان هو، ليڪن حق تلفيءَ تي يا حقن کي دستبرد ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪنهن مسلمان گهل گهوڙا ڪئي ٿي (جنهن ۾ هنن به اڪثر انتها ڪري ٿي ڇڏي)، ته اُهو اجهو انهن لقبن لڳڻ جي لائق ٿيو ٿي! نفرت، حقارت بلڪ چئجي ته سندن جهالت ۽ ناعاقبت انديشيءَ جي حالت هيءَ وڃي ٿي هئي، جو هڪڙي ڪنهن انگريزي- سنڌي لغت لکي، ان ۾ اصطلاحاً ”مسلمان“ (Muslim) جي معنيٰ شايد ته مسلمان اڪثريت جي اڻ پڙهيلائيءَ کي خيال ۾ رکندي، ”ڄٽ“ لکي ڇڏيائين. هندن اها به ڪوشش ڪئي ته سنڌ جي تاريخ کي به مرضيءَ موجب بدلائين ۽ واقعن کي اهڙيءَ طرح پيش ڪن، جو انهن مان خود سنڌي مسلمان حاڪمن جو ظلم ۽ هندن جي مظلوميت معلوم ٿئي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪيترا ننڍا وڏا ڪتاب لکيا ويا، جنهن سلسلي جو هڪ ڪتاب ”ميرن جي صاحبي“ به آهي. سنڌي زبان جي رسم الخط کي بدلائي، ظ ۽ ض، ذ ۽ ز جي هم آواز اکرن لاءِ هڪڙي ئي اکر ز جي ڪم آڻڻ، ط جو ڪم ت مان ڪڍڻ، ۽ ص، ث ۽ س جي بجاءِ رڳو س کي ڪم آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ”سنسار سماچار“ انهيءَ تحريڪ جي علمبردار هئي! ۽ اهو سڀڪجهه ڇاجي ڪري؟ مسلمانن جي نظر ۾، اهو سڀڪجهه انهيءَ ڪري هو جو اهي زائد اکر عربيءَ ۾ ڪتب آيا ٿي! انسان جڏهن هوش ۽ عقل وڃائي ويهي ٿو، تڏهن ڪيئن نه وچٿرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ جا ليڪا لنگهي وڃي ٻئي پار پئي ٿو! ان جو مثال ان دور جي هندن ۽ مسلمانن جي انهيءَ باهمي ويڇي ۽ دوئيءَ جي رخ ۽ روش کان وڌ ٻيو ڪو ٿي ڪونه ٿو سگهي.
سنڌ ۾ اهو سڀڪجهه اڄڪلهه کان نه بلڪ ٿوريءَ يا گهڻيءَ صورت ۾مدتن کان ٿيندو آيو ٿي، ويڇا پوندا ٿي ويا، دلين جي وچ ۾ حقارت ۽ نفرت جا ڪوٽ کڄندا ٿي ويا، اکين اڳيان لوڀ لالچ ۽ غرضن جا پردا چڙهندا ٿي ويا، مهاسڀائي هندو ۽ ليگي مسلمان ته خير، ڪانگريسي هندن ۽ قوم پرست مسلمانن کي به کڻي درگذر ڪجي، ڇاڪاڻ ته انهن کي به سياسي خود غرضيون هيون، ليڪن انهن هندو ۽ مسلمان بزرگن به انهيءَ ڏس ۾ ڪجهه ڪونه ڪيو، جن جي لاءِ مشهور هو ته هو عالم آهن، صوفي آهن ۽ ڀيدڀاوَ، تعصب ۽ فرقي پرستيءَ مان اصل ڪونه ڄاڻن. سنڌ جي هندو، مسلم جي انهيءَ بنيادي ويڇي ۽ دوئيءَ ۾ افسوس آهي ته ڪاڪي ڄيٺمل مرحوم، لعل چند امرڏني مل، دادي ڀٽائيءَ، دادي واسواڻيءَ، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، مرزا قليچ بيگ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ، ۽ مولوي محمد صادق کڏي واري جهڙن وڏن وڏن درويشن، مهاپرشن، عالمن ۽ فيلسوفن، جن جي وات ۾ هر وقت شاهه جي، سچل جي، جهوڪ جي، ۽ ڪنڊڙيءَ وارن ڪلتارن جي وائي ۽ واکاڻ هوندي هئي، تن به ڪو ڦيرو يا ته آڻي نه سگهيو، يا وري مرڳوئي هنن ڪا سنڌائتي ۽ اثرائتي ڪوشش ڪانه ڪئي، حالانڪ اخلاقي طرح مٿن وڏو بار هو.
بهرحال، هلندي هلندي، ڳالهه اچي اهڙيءَ ڪڙيءَ تي پهتي، دليون ايتريقدر ڀرجي آيون، جو جي. ايم. سيد جهڙا ”سڀ ۾ پرين پسڻ“ وارا ماڻهو به بي صبر ۽ بيزار ٿي پيا. اهي جيڪي هميشہ هندو، مسلم ايڪتا جي جهوليءَ ۾ جهلندا هئا، اهي جيڪي قومي خيالن وارا ۽ سراسر وطن پرست ۽ قوم پرست شمار ٿيا ٿي، نه ڇڙو اسيمبليءَ اندر واڪو ڪري انهن چيو ته ”واڻين کي سنڌ مان ائين ڪڍنداسين جيئن جرمنيءَ مان يهودي نڪتا!“ بلڪ سنڌ مان ڪـَـهي وڃي، بمبئيءَ منجهان (1939ع ۾)، جناح صاحب کي محمد بن قاسم بڻائي، ڪلهن تي کڻي آيا. هيٺان جناح صاحب مٿان هوائي جهاز گل گهوريندا هلن. گهوڙا، گڏهه، بگيون، ٽانگا، پڇاڙيءَ ۾ کڏي جا ميربحر، مٿن تي رومال رکي، انهن مٿان رسا وجهي، اُٺن تي ائين چڙهي نڪتا، ڄڻ هاڻي عرب جا ”سوسمارخور“ [19] سنڌ فتح ڪري دارالخلافه ۾ فاتحانه داخل ٿيا آهن! اوستائين قرار ڪونه ڪيائون، جيسين سڄو جهڳو جهڻ ڪرائي نه بيٺا ۽ جيسين سمورو گهر ٻاري ڏِياري نه ڪيائون- ڇاڪاڻ ته هو انهيءَ حد تائين مجبور ڏسڻ ۾ ٿي آيا، جو هنن نه دور انديشي ڪئي نه دليل ڊوڙايا، گهر کي تيلي ڏيئي بيهي رهيا. انهيءَ ڪري ته ’گهر ڀلي سڙي ته سڙي پر ڪوئن جوضرور خاتمو ٿئي!‘ اهو سڀڪجهه ڇو ٿيو؟ محض هن ڪري جو وچ ۾ نفرت هئي، حقارت هئي، ماڻهو ٻيو سڀڪجهه سهي ويندو، پر اهو برداشت ڪري ڪونه سگهندو ته کيس انهيءَ حد تائين مليڇ ۽ پليت سمجهيو وڃي، جو ان جي ڪپڙن مان به پئي بڇان اچي ۽ ان جي ڏسڻ سان به پيون خارون لڳن. اِهي ته اُهي ڳالهيون آهن، جيڪي انسانيت لاءِ آپگهات جو سبب ٿين ٿيون- قومون ته پري رهيون - فرقا ۽ طبقا ته بجاءِ خود رهيا!
اِنهيءَ سلسلي ۾ هڪ ذاتي واقعو ياد اچي ويو آهي. ڀايان اندازي لڳائڻ لاءِ هتي بيان ڪرڻ موزون ۽ مناسب ٿيندو.
لاهور کان ڪراچيءَ ٿي آيس. انٽر ڪلاس ۾ جڏهن جاءِ ڀرجي وئي، ان وقت سکر جو هڪ هندو بسترو ۽ بدڪي [20] کڻي اچي در تي بيٺو. گهڻي ڪوشش ڪيائين، پر همراهن گاڏو کولڻ ڪونه ڏنس. آخر هيڏي هوڏي واجهائي، مون کي سنڌي، سمجهي، اچي گهت ۽ گهيتر ٻڌائين:-
مَکَڻ! تون ته پنهنجو آهين!
پاڻ ۾ ڀائر آهيون نه!
ڳَلِ ٻڌ نه ياڙ!
مان بينچ تي ڪونه ويهندس!
جيئن ڀائو مان چوان نه!
تون اصل ويچار نه ڪر!
مان بسترو رکي ان تي وقت ٽپائيندس!
ايتري ۾ گاڏيءَ جي ڇٽڻ جو اچي وقت ويجهو پيو. ڀائي صاحب تڪڙو تڪڙو چوڻ لڳو:-
ڀائو سڄي واٽ موجان ڪندا هلنداسي!
چار ٻاٽليون ساڻ اٿم!
ايتري ۾ بيري ماني آڻي مون کي ڏني. ڀائيءَ واڪو ڪري چيو:
سڄڻ ٻڌ ته! اهو خرچ ڇو ٿو ڪرين؟ مان وٽ مال گنج آهن. ڀائر آهيون ونڊي کائينداسي!
فڪر نه ڪر، ڳل ته ٻڌ، موٽائي ڏينس نه!
ايتري ۾ گاڏيءَ پهرين ڪوڪ ڪئي ۽ گارڊ جي سيٽي به ڪنن تائين پهتي. ڀائيءَ جو حال ڏسڻ وٽان هو، ٻئي ٻانهون ٻڌي چوڻ لڳو:-
ڀائي پنهنجو ٿي ائين ته نه ڪر، سنڌي ڀائڙ آهيون! قرب ڪر نه ياڙ!
اهي ڀائپيءَ جا نڪتا ۽ ملڪي ويچار ٻڌي، مون کي به رحم اچي ويو. سنگتن کان پنهنجي ذميواريءَ تي موڪل وٺي، در کولي ڀائيءَ کي مان اندر آندو. پهريون ته بسترو ڪاڪوس جي ڀڪ ۾ نهايت نوڙت سان رکي، ڏاڍيءَ نماڻائيءَ سان ٿي ان تي ويٺو. جڏهن پڪ ٿيس ته گاڏيءَ ۾ اچي چڪو آهي ۽ بستري تي ويهجي به ويو آهي، ان وقت ڌوتيءَ جي پلاند سان منهن اگهيائين، پوءِ سامت جو ساهه کڻي، صدريءَ جي کيسي مان سيل جو پاڪيٽ ڪڍي، سڀن کي سگريٽ آفر ڪيائين. مون کي به زور ڪري هڪ سگريٽ کڻايائين. ڪو ڳالهائيس نه ڳالهائيس، پر هي ڀائي هرهڪ جي ڳلي پوڻ لڳو. کلڻ، ٽهڪ ڏيڻ، سوڊا لمليٽن جون صلاحون ڪرڻ، مطلب ته جيسين گاڏي هلي ۽ کيس خاطري ٿي ته هاڻي ڪوبه لاهي ڪونه سگهندو، تيسين برابر اهي ڪرتب ڪندو رهيو. جڏهن گاڏي پليٽفارم ڇڏي، ٻاهريون سگنل به ٽپي، سڌي رستي تي رهوال ٿي هلي، ان وقت کلندي ڳالهائيندي بستري تان غير محسوس نموني ۾ اٿي اچي هڪ بينچ جي ڪنڊ تي ويهڪ جو هڪ ڪنون رکي، ائين ٿي ويٺو، ڄڻ ڪا خاص ڳالهه ويجهو ويهي ڪرڻي هيس، جنهن بعد وري وڃي بستري تي جاءِ نشين ٿيندو، مٺيون ۽ قربائتيون ڳالهيون به ڪندو وڃي، کلندو به وڃي، ۽ آهستي آهستي سرڪندو ۽ سرندو به وڃي، تان جو جڏهن گاڏي ٻيءَ اسٽيشن تي اچي بيٺي ته ڀائي پوري جاءِ وٺي چڪو هو. هڪ ٻه دفعا اٿي، درن کان هيڏي هوڏي نهاري وري اچي ويٺو. جڏهن کيس يقين ٿيو ته ڪنهن کي به اعتراض ڪونه آهي، ۽ ويهڪ جي جاءِ به سندس قبضي ۾ اچي چڪي آهي ۽ ان تي سندس حق تسليم ٿي چڪو آهي، ان وقت نه ڇڙو ٽپڙن کي سوري پوري سوليءَ جاءِ تي ڪري رکيائين، بلڪ مٿين بينچن مان هڪ کي خالي ڏسي، اُت ڀؤ ڪري في الحال انگوشو به پٿاري ڇڏيائين. ڪجهه وقت واءُ سواءُ واچي ڏٺائين، جڏهن ڏٺائين ته ان تي به ڪنهن جا ڪن کڙا ڪونه ٿيا، تڏهن هڪ دفعو ٻيهر سگريٽ جي آفر ڪري انگوشي سان گڏ بستري جي هڙ به کڻي مٿي رکيائين. مطلب ته ڪاڪوس جي در تان اٿي، بينچ تي ويهڪ رکڻ واريون منزلون طئي ڪندي، ڀائيءَ ڪلاڪ اڌ ۾ وڃي مٿينءَ بينچ تي قبضو ڄمايو.
مان ماني کائي پوري ڪئي، ليڪن ڀائيءَ پنهنجي بِدِڪيءَ ۾ پيل ’جام مال‘ مان، جن ڏانهن هـُـن انهيءَ وقت اشارو ڏنو هو جنهن وقت گاڏيءَ ۾ اندر داخل ٿيڻ جو مسئلو اڃا زيربحث هو، پوري ڪچوري ۽ مٺاڻ ذرو ته ٺهيو، پر کٽاڻ رتي به ڪڍي ڪانه ڏني.
گاڏي جڏهن راءِ وند تي آئي، ان وقت ٿانون کڻڻ لاءِ بيرو اچي دريءَ وٽان بيٺو. مان پرينءَ بينچ تي هيس. ٻين اڻ واقفن ۽ ڌارين کي تڪليف ڏيڻ مناسب نه سمجهي، ٿانوَ ٽپائي ڀائيءَ کي ڏيڻ گهريم ته هو دريءَ کان بيري کي ڏئي، ڇاڪاڻ ته ڀائي پنهنجو هو، ’ڀائو‘ ڪوٺي چڪو هو ۽ هئاسين به هڪ وطن جا ۽ مٿس تازو ٿورو به ڪيو هيم، ليڪن منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن ڀائيءَ ٿانون ۾ هٿ وجهڻ جي بجاءِ ڏند ڪڍي ڇڙو کلڻ شروع ڪيو، هِين! هِين!! هِين!!!
ميان اوهين پاڻ کڻي ڏيوس نه!
ڀائي ڇرڪ ڀري پاسي ٿي ويو ۽ مان ’ڀائوءَ‘ مان ڦري ’ميان‘ ٿي پيس.
ٿورو اُٿي باسڻ پاڻ ٽپائي ڏيوس.
هين! هينّ!! هين!!!
پاڻ کي هٿ لائڻ جو ڪينُ آهي!
هين! هين!! هين!!!
سڄي واٽ سنڌي هندن جي ڪردار جا اهي ٻه پهلو منهنجي دماغ ۾ ڦرندا رهيا- ڪم ڪڍڻ لاءِ نماڻائي ۽ نوڙت، ۽ پوءِ نه فقط اُهائي بي پرواهي ۽ الغرضائي بلڪ اُهائي ڇوت ڇات، جا هونئن ته سندن ڌرمي ضابطي جي ڳالهه هئي ۽ پاڻ ۾ به ذات پات جي خيال کان اُها ائين ئي رکندا هئا، پر منهنجي ذهن ان مان اِهو تاثر ورتو ته مون ته ڪانٽي چمچي سان کاڌو هو، ماني اسپينسر جي بورچيخاني مان پچي آئي هئي، سکڻن ٿانون کي هٿ لائڻ ڀائيءَ کي ان ڪري حرام ٿي پيو، جو هڪ مسلمان جا هٿ انهن کي لڳي چڪا هئا!
بس ائين ٻن دلين ۾ هندو - مسلم جي ويڇي ۽ دوئيءَ جي نشان تي ڄڻ هڪڙو وڌيڪ گهڪو ڪنهن ڪڍي ڇڏيو.
* * *
سنڌ ۾ هندو - مسلم ڀيد ڀاوَ جو اهو انفرادي مثال ڪونه هو، بلڪ سموريءَ قوم جو ڪرداري پس منظر اِنهيءَ دوئيءَ ۽ انهيءَ ويڇي جي پردي تي چـِـٽيل هو. جيسين هڪٻئي جو اڇو منهن ڪرڻو هوندن تيسين جنسي مکڻ، جهڙا ماکي، گويا ڀائرن کان وڌ ڀائر، جيڪي چئو سو ڪن، جيڪي ڪُڇو سو پورو، اهڙا نرم جو موئي سوئي کڻي ڪن ۾ وجهون، مذهب ۽ ڌرم جو به ڀيد ڀاءُ ڪونه. ليڪن ڪم نڪتي کان پوءِ، هڪَ جو ارڪو ترڪو ۽ اگرتگر اُگهي ۽ سڀ حق ۽ ذما ويڙهي، ٻيو پنهنجي گوڏي هيٺان ائين دٻائي ويهندو، ڄڻ منجهانئن ڪوبه واپاري واپاري ڪونهي، ڪوبه زميندار زميندار ڪونهي، ڪوبه انسان انسان ڪونهي، بلڪ جيڪڏهن ڪو آهي ته فقط هندو هندو آهي ۽ مسلمان مسلمان آهي، ائين ڦيرو کائي ويهندا ڄڻ واقف ئي ڪونه هئا، گويا ڪڏهن سندن هڪٻئي سان منهن موک ئي ڪونه هو، بلڪ الٽو ويري جهڙا واسينگ.
سنڌ جي سماجي خواه سياسي اسٽيج تي هندن ۽ مسلمانن جي سالن کان وٺي جنهن تماشي جي رچنا رچيل هئي، ان جي آخري سـِـين جي ابتدا، مسجد منزلگاهه واري خوني معرڪي سان شروع ٿي، ۽ ان جو ڊراپ سين انهيءَ ٽريجڊيءَ تي ٿيو، جنهن ۾ هندو واپارين کي اباڻو وطن ۽ ست پشتو ماڳ ۽ مڪان ڇڏڻو پيو. اهو سڄو مال ۽ ارڪوترڪو جنهن ۾ سنڌي مسلمان ڀاڳين ۽ هٿ هارين جو، جيڪي سندن ئي ڀائر هئا، نه ڇڙو رت ۽ پونءِ مليل هو، بلڪ ان ۾ سندن اکين مان نڪتل لڙڪ ۽ اندر مان اٿيل آهون ۽ پورهئي مان پيدا ٿيل پسينو به شامل هو، سو به کانئن کسجي مورڳو ئي وڃي انهن ست ڌارين جي حوالي ٿيو، جيڪي نه سندن مـِـٽ هئا ۽ نه سنڌي مسلمانن جا ئي ڀائر ٿي سگهيا! جيتوڻيڪ هن سڄي ڀونچال ۾ سنڌي مسلمانن به ڪورڪي تڪڙ ڪئي، اڳ پوءِ انهن به ڪونه جاچيو، تاهم انهيءَ مامري جي وڏي ذميواري وڌيڪ هندن جي ڪنڌ تي آهي، انهيءَ ڪري جو هو پڙهيل ڪڙهيل هئا، ڀاڳ وارا هئا، ملڪ جي سياهه سفيد تي سندن قبضو هو، سياسي سجاڳي به منجهن هئي. مسلمان جيڪڏهن تعداد ۾ وڌيڪ هئا ته ڇا ٿي پيو! هئا ته کانئن هرڪنهن ڳالهه ۾ گهٽ. کين ئي سوچڻ کپندو هو ته جڏهن ٻه ڀائر وڙهن ٿا ته ان مان نقصان هڪ کي ڪونه پهچندو آهي، بلڪ ٻنهي جو ئي جهڳو جهڻ ٿئي ٿو- سو آخر ٿيو به ائين!
اهو هو بئڪ گرائونڊ کهڙي صاحب جي متعصب مشهور ٿيڻ جو ان جي ڀلاند سان پلاند اٽڪڻ سبب آغا نظر علي خان افغان جي فرقي پرستيءَ جو ۽ جي. ايم. سيد جهڙي صوفي منش انسان جي ليگي سياست جو.
* * *
سکر انهيءَ زماني ۾ هندن جو وڏو ڳڙهه هوندو هو. هر سياسي خواهه مذهبي تحريڪ ۾ اتان جا هندو سڀن کان اڳرو حصو وٺندا هئا. سکر جي پهرين فسادن کان پوءِ ته ويتر سخت متعصب ٿي پيا. مهاشيه موتيرام، شريت ويرومل بيگراج، مسٽر پمناڻي، شريت وليڇا ۽ اسان جو عزيز بلڪ محبوب دوست آرت مل پنجابي، بس چئي کڻي بس ڪيو. مسلمانن جو مسئلو آيو ته اکين مان رت لهي ايندن.
اهو سندن سياسي ڪردار هو. ليڪن سندن شخصي سڀاءُ نهايت شريفاڻو- مسلمانن سان ذاتي دوستيون، مرڻي پرڻي جا رستا، شاديءَ مراديءَ ۾ اٿِي ويٺِي، مسلمان دوست وٽن ايندو ته پاپڙ ذري ۽ لمليٽ پيارڻ کان سواءِ اصل نه ڇڏيندس، آجيان ڪندس ته اٿي بيهي، ڀاڪر پائي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي. خود اسان جي آغا نظر علي خان سان به سندن شخصي رستو ڀائرن جهڙو هو. جيتوڻيڪ آغا صاحب جي لغت ۾ متعصب هندو ليڊرن لاءِ مخصوص لفظ هو ”دَجال“ ۾ جڏهن ڪنهن اهڙيءَ جنس کي پري کان ايندو ڏسندو ته کلي چوندو: ”آغا منهنجا! اجهو اچئي ٿو دجال!“ جڏهن اچي ڊهو ڊهه ٿيندو، ته آغا مرحوم وڏو ٽهڪ ڏيندو: ”اچو جناب ديوان پمناڻي صاحب!“ ”اچو سائين مهاشيه ويرومل صاحب!“ ”اچو سيٺ موتيرام صاحب!“ وغيره وغيره. ملندا هڪٻئي سان ڀاڪر پائي، ڄڻ وڇڙيل آهن- هئا به ته برابر وڇڙيل ڀائر، پر ٺلهن ڀاڪرن مان ڇا ورندو؟ دليون ئي ته پڇاڙيءَ تائين ملي ڪونه سگهيون! دلين جي آنڌ مانڌ ئي ته اهي طوفان کڙا ڪيا! واءِ قسمت، جي ڀاڪر پائيندي ڪڏهن دليون به ملي وڃن ها، ته هوند ههڙا هاڃا ڪيئن ٿين ها؟ ۽ نه ڀنڀور کي باهه ئي لڳي ها؟ اڄ به اهي مورتون ياد پون ٿيون، ته ڄڻ دل ۾ جهوراڻو وٺي ٿو وڃي. ڇا ته صورتون هيون، هاءِ هاءِ!
* * *
شريت ويرومل بيگراج، پراڻو قومي ڪارڪن، روزاني سنڌي اخبار جو ملڪ ۽ سمپادڪ، سکر بلڪ سنڌ جي هندن جو مهندار هوندو هو. سنهيون مڇان ڪينچيءَ سان ڪتريل، مٿو مشين تي لٿل، چوٽي البت وڏي، وار سڄا اڇا، پريو مڙس، نهايت شانائتو پيو لڳندو هو. سڄي پوشاڪ هٿ جي اڻيل کاڏيءَ جي، گانڌي ٽوپي، ڪڙتو ۽ ڌوتي، پير ۾ اڇو سليپر ۽ بت تي چادر ويڙهيل، جنسي مهاپرش پيو لڳندو هو. ڳالهائيندو ته آهستي، مٺي آواز ۽ لهجي سان، ”ادا“، ”ڀائو“، ”مَنَ“ ڪري مخاطب ڪندو. پاڪستان ٿيو، تڏهن به وطن ڪونه ڇڏيائين. پڇاڙيءَ ۾ ڏک به سٺائين، ليڪن دل کڻي نه سگهيو. مان (1948ع) ۾ کيس آخري مرتبو ”هارڊلي هائوس“ ۾ ڏٺو، جڏهن پير پاڳاري سان ملڻ آيو هو. هڪ هٿ ۾ لڪڻ، ٻيو هٿ رام جي ڪلهي تي، سڄو ڪـُـٻو، وک کڻي پيو، ته سهڪو پيو ٿئيس. سکر وارا جوش ۽ جذبا، مانَ ۽ مرتبا ياد ڪري ۽ وري اِهي ڏينهن ڏسي گهڻي گهڻي تائين مون کي ويسورو وٺي ويو!
اصل ۾ سيٺ، ليڪن قومي ڪم ڪندي مهاشيو، ٿلهو متارو موتيرام، پري کان لڏندو ۽ کلندو ايندو، ويجهو ايندو ته کڻي ڀاڪر وجهندو. جيترو وقت ويهندو ته کل چرچو ڀوڳ. مسلمانن جي ڇنڇري لاهڻ جون ڳالهيون به خود مسلمانن کي ئي کلندي کلندي اهڙيءَ طرح چئي ويندو، جو پنهنجو موت انهن کي به پيو وڻندو. آزاد ميدان وٽ اَنَ جي وڏي ڪوٺي هوندي هيس. ڪوٺيءَ جي طول وهاڻن ۽ اڇن گاديلن تان اٿي، سامهون آزاد ميدان ۾ پيل اسٽيج تي چڙهي جڏهن تقرير ڪندو هو، ته ڪيترا هندو جيل وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيهندا هئا. قومي تحريڪن ۾ ڪئي دفعا قيد به ڪاٽي چڪو هو. ٽوپي بخمل جي ڪاري پائيندو هو ۽ ڪڏهن کاڌيءَ جي گانڌي ڪئپ. لٽا اُهي ئي، هٿ جي اڻيل جوڙيءَ جا، هيٺ تي ڌوتي، بت ڪڙتو. نظر علي خان مهاشيه ويرومل کان به وڌيڪ ويري کيس سمجهندو هو. پر هو مڙس لاکيڻون، لوڏئي لک لهندي هـُـيس. پاڪستان ٿيڻ بعد لڏي ويو. خدا ڄاڻي جيئرو به آهي، الائي سرڳواسي ٿيو.
شريت وليڇا، نوجوان وڪيل، قد جو بندرو، شڪل صورت جو ٺاهوڪو، مڇان پوپٽ جي مثل هونديون هيس. شروع کان پڇاڙيءَ تائين ڪانگريس ۾ رهيو. ڪيترا دفعا جيل به ويو. شريت ويرومل ۽ ڀائي موتيرام جڏهن نظر علي خان کي ڏسندا هئا، ته سندن اکين ۾ ’لوهو‘[21] تري ايندو هو ۽ دل ”سنسار سماچار“ جي محاوري مطابق ”ڌڪو“ کائي ويندي هين. ليڪن وليڇا نيت ۾ ته هوندو کڻي الائي ڪيئن به هو، پر ظاهر ۾ هـُـنن ٻنهي کان زياده مٺ ۽ محبت سان ساڻس ملندو هو، تنهنڪري ان جي باري ۾ نظر علي خان جي راءِ هميشهه ”محفوظ“[22]رهي. اهائي حالت هئي اسان جي دوست ’هندو ليگ گزيٽ‘ جي ايڊيٽر مهاشيه آرت مل پنجاپيءَ جي. متعصب مهاسڀائي ذهنيت ۾ ۽ ڪٽر آريه سماجي مذهب ۾. مسلمانن لاءِ اخبار ۾ کڏون کوٽيندو وتندو، ليڪن شخصي دوستي هندن سان نه بلڪ مسلمانن سان هوندي هيس. کائيندو پيئندو به مسلمانن سان هو. سندس وقت ٽن حصن ۾ ورهايل هوندو هو: صبح جو اخبار ۾ مسلمانن کي گاريون ڏيندو، منجهندو جو زناني ويم گهر جي دروازي کي اکئين لايون معصوم شاهه جي مناري واريءَ ڇانوَ ۾ ڌوتيءَ جي پَلوَ کي پيو هيٺ مٿي ڪندو، ۽ شام کان پوءِ رات جي مانيءَ تائين اسان وٽ هوندو. دل جي درد جا داستان، ڪڏهن اکين ۾ ڳوڙها، ڪڏهن ٿڌا ڇوڪارا، ڪڏهن وصال جي ورق ورائڻ لاءِ رٿان ۽ اسڪيمان. بهرحال دوست منٺار هو. پريس پنهنجي هيس. اصل ’جاڳڻ‘ جو هو. سردار خالقداد خان[23] مرحوم سان دوستي هيس. پهريون اتان گڏجي هڪ هفتيوار اخبار ڪڍي هئائون، ليڪن جڏهن خالقداد رحلت ڪئي، تڏهن ڀائي آرت مل اتان لڏي اچي سکر ۾ ويٺو. قد جو ٿورو بندرو هو، ليڪن شڪل صورت ۾ جنسي مورت. اردوءَ سان خاص دلچسپي هيس. عبدالحليم شرر ۽ ٻين مسلمان اديبن جا سمورا ناول پڙهيا هئائين، تنهنڪري سندس زبان فارسي آميز ۽ نهايت شسته هئي. ”نمڪدان ظرافت“ نالي هڪ مزاحيه ڪالم لکندو هو، جنهن تي ’نمڪ‘ کي هميشه زيريون ڏئي چوندو هو ”نِمِڪِدان ظرافت“. اسان جڏهن کلندا هئاسي ته ڏاڍو شڪي به ٿيندو هو، ليڪن اُچار پڇاڙيءَ تائين سڌاري ڪونه سگهيو. جيتوڻيڪ رات ڏينهن اسان سان گڏ هوندو هو، ماني به گڏ کائيندو هو، تاهم جڏهن نظر علي خان کيس پري کان ايندو ڏسندو هو، ته وڏي واڪي چوندو: ”آغا منهنجا! اجهو اچيوَ ٿو دجال، هندو جاتيءَ جو دلال!“ آرت مل کي روبرو چوڻ ۾ به حجاب ڪونه ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته بيتڪلفي جو هئي. اهي لقب ويچاري تان تڏهن لٿا، جڏهن سکر جي هندن آغا تي سوئي سان [24] هندوءَ کي مارڻ وارو ڪيس ڪيو، جنهن ۾ هندو جاتيءَ جي مخالفت هوندي به آرت مل سچي شاهدي ڏئي، نظر علي خان جي جند آزاد ڪرائي. مسين مسين ان کان پوءِ وڃي ٿيو ”برادرم ديوان آرت مل صاحب!“
نظر علي خان مرحوم جي پـَـئـِـي ته ”ڌرم وير“ جي مالڪ ٻائي امرداس سان به ڪانه هئي پر ان لاءِ چئي ڪجهه ڪونه سگهندو هو. هڪ ته هو ماڻهو هو سانتيڪو ۽ مذهبي، قومي تحريڪن سان دلچسپي ضرور هيس، ليڪن ٻاهر نڪري حصو ڪونه وٺندو هو، ۽ ٻيو وڏو سبب ٽارو ڪري وڃڻ جو اهو هو، جو هفتي ۾ ٻه دفعا نظر علي خان اوڌر تي کانئس اخباري پنو [25] وٺندو هو. جڏهن ٽائيپ جو ڪو ڪيس وٺڻو هوندو هيس، تڏهن ته نظر علي خان ٻه گهڙيون ويهي ساڻس ڪچهري به ڪندو هو، ۽ ان وقت کيس اها به دعوت ڏيندو هو ته جيڪڏهن ٻائو صاحب پاڻ ميدان ۾ نڪري هندو - مسلم ٺاهه جي ڪوشش ڪري، ته هوند نظر علي خان سندس هٿ هيٺ انهيءَ ڪارج ۾ ساڻس ڏاڍي مدد ڪري! نظر علي خان هندو - مسلم اتحاد تي زور ڏيندي، ور ور ڪيون پيو کيس يقين ڏياريندو هو ته ٻائي صاحب جي سهڻي ۽ سانتيڪي سڀاءَ سبب مسلمان کيس ڏاڍو چاهين ٿا، هو سندس چيو هرگز نه موٽائيندا، خود کهڙو صاحب به انهيءَ ڪم ۾ اڻ پڇو سندس پوئلڳ ٿي پوندو- نه ”سنڌ زميندار“ ۾ ايترو پئسو ٿيو، جو روڪ رپيا ڏئي پنا وٺي سگهجن ۽ نه نظر علي خان ئي پڇاڙيءَ تائين انهيءَ قسم جي دعوتن ڏيڻ کان باز آيو، نه اڻ پڇو کهڙو صاحب ئي ٻائي صاحب جي ڪڍ لڳو. بهرحال جيسين مرحوم جيئرو هو، تيسين انهيءَ صورت ۾ پنن ۽ ٽائيپ وارو ڪم واه جو ٽپائيندو آيو. ڀايان پڇاڙيءَ تائين ٻائو صاحب اها رمز پروڙي ڪونه سگهيو، ورنه سکر جو هندو ۽ مسلمان کي اوڌر ڏئي، سو به انهيءَ اخبار لاءِ جيڪا هندو جاتيءَ جي مخالف هجي، اِها اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي!
* * *
افسوس آهي، جو سنڌ جي مسلمانن، باوجود مرده پرست هجڻ جي به، نظر علي خان جهڙي مخلص خدمتگار کي نه ڇڙو جلدي وساري ڇڏيو بلڪ مرڳوئي دل جي ڦـَـرهيءَ تان ڌوئي ڇڏيو. حالانڪه گهرئون پنهنجي کائي، سڄي عمر، مرحوم ڳـُـڻ سندن ڳاتا. سندس جذبو ۽ جدوجهد ڪجهه ڪري سگهيا يا نه، ليڪن هن وٽ جيڪا وٿ هئي، سا هميشہ پيش پرين جي ڪندو آيو. مڙس هو مسڪين ۽ دوالي بند، قوم کي ٻيو ڇا ٿي ڏئي سگهيو! هڪ زبان هيس، ٻه هٿ ٻه پير، سندس اهي ئي پنج عضوا هميشہ مسلمانن جي خدمت ۾ متحرڪ رهيا. ڇهون هيس جسم، جيڪو پڻ ڏجها ۽ ڏاکڙا سهي، آخر ايترو نجهري ويو، جو وقت کان اڳي کيس هتان وڃڻو پيو.
آغا نظر علي خان مرحوم جي شخصيت، خوبيون ۽ خصوصيتون، وضع قطع ۽ اُٿي ويٺي، قومي محبت خواهه ذاتي ڪردار ۽ گفتار، اهي سڀ ايتريقدر سـُـهائيندڙ ۽ دلچسپ هئا، جو هوند کيس اسان جي قومي تاريخ ۾ جاءِ ملڻ کپي. خير، ٻين تي ڪهڙو ڏوهه، خود.
جنين ڪاڻ مياس، سي ڪانڌي مئي جا ڪونه ٿيا!
جڏهن انتقال ڪيائين، تڏهن ماڻهن جو خيال هو ته خانبهادر صاحب کهڙو مٿانئس ڇپر جهـُـلائي رکندو- ڪفن دفن، پٿر پوتي، ڏنو ورتو، ملو موراڻو، جمائو چاليهو، سڀ پاڻ ڪندو. ليڪن ميت سينگارجي سنوارجي، نماز لاءِ جڏهن وڃي جنازي گاهه ڀيڙو ٿيو، تيسين ڪو اُنهيءَ طرف کان وانگي به ڪونه وريو. ماڻهن سمجهيو متان ’صاحب‘ جن کي وقت جي خبر هجي، سو ات ڀؤ ڪري، ڳاڙهي بنگلي ڏانهن ماڻهو به سيڙائي موڪليائون. ليڪن افسوس! کهڙو صاحب ان وقت جوڌ پوري برجيس پائي، جناب ڪمشنر صاحب بهادر ممالڪ سنڌ سان ڪچي ۾ شڪار تي وڃڻ لاءِ بنگلي جي ٻاهرئين دروازي تي پهچي چڪو هو. نصيب جي ڳالهه هئي موقعو اهڙو ٿي پيو. مرحوم جي قسمت ۾ لکيل ڪونه هو ته جڏهن سندس مامرو مٽيءَ سان ٿئي، ان وقت جنازي نماز ۾ اهو ماڻهو شريڪ ٿي سگهي، جنهن کي سڄي زندگي هو ’اسلام اخلاق‘ جو پيڪر ظاهر ڪندو رهيو. ماڻهن ۾ ان تي چرپر به ٿي، سرٻاٽ سس پس ۽ ڪـَـنَ - ڳالهيون هليون، مرحوم جي گهر واريءَ کي به ڪن ماڻهن تڏي تي مهڻا ڏيئي ورتا. سندس يتيم ننڍڙن نينگرن کي به ڪن صاحبن مٿي تي هٿ گهمائيندي صاف چئي ڏنو. ليڪن اهو سڀڪجهه هو ته سراسر اجايو ۽ صفا بيسود- ڀلا آسمان ۽ زمين جو ڪهڙو ميلاپ؟ عرش ۽ فرش جو ڪهڙو ميل؟ پست ۽ بلند جي ڪهڙي نسبت؟ غريب به ڪو امير جو دوست ٿئي ڇا؟ ننڍو ماڻهو وڏي ماڻهوءَ جو ڪو شاني شريڪ ٿئي ڇا؟ ڀل هزار خدمتون ڪري، ڀل رت به ڏئي، ڀلي کڻي سر جي بازي به کيڏي، پوءِ ڇا ٿي پيو! اهو ته سندس مَرَڪُ آهي، اها ته سندس ڊيوٽي آهي، اهو ته مٿس ڏاڍيءَ سرڪار طرفان فرض آهي، ان لاءِ ته غريب هن دنيا ۾ خلقيو ويو آهي، نه ته امير جي خدائي هوند ڪيئن هلي سگهي! پنج آڱريون برابر آهن ڇا؟ سياڻن انهيءَ ڪري ’فرق مراتب‘ جو لفظ لغت ۾ آندو آهي!
* * *
”سنڌ زميندار“ جي آفيس سکر جي مارواڙي محلي ۾، ٽـَـڪر تي هوندي هئي، مسٽر محمد ابراهيم سيلاٽي جي جاءِ کان ٻه، چار جايون اورتي ڏکڻ ڏي، نم جي لاهيءَ طرف، ”الحق“ پريس سان گڏ، ۽ سکر جي مدرسة الاسلام جي سامهون.
انهيءَ جاءِ ۾ ڪيئي لطيفا ٿي گذريا- پريس ۾ ايتري اپت هوندي ئي ڪانه هئي، جو وقت سر ملازمن کي پگهارون ملي سگهن، يا ڪنهن ڏکئي سکئي وقت ائڊوانس ڏئي سگهجي. ”آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ وارو قصو هوندو هو. ڪنهن مت جي موڙهي خريدار چندي جا ڏهه رپيا موڪليا يا ڪنهن سرڪاري نوٽيس جي ڇپائيءَ جو پنجاهه - پنجويهه اچي ويو، ته واهه، ورنه مهينن جا مهينا پيو ٽنگ ٽپي تي ڪم ڪڍبو هو. منهنجي پگهار پنجاهه رپيا هئي، ليڪن پنجن سالن ۾ مون کي ياد نه آهي ته ڪڏهن ڪي ڏهه رپيا به گڏ مليا هوندا، ۽ نه اهوئي ڪو چئي سگهندس ته پگهارن جو حساب پڇاڙيءَ تائين چڪتو ٿي سگهيو. جڏهن سخت ضرورت هوندي هئي، تڏهن نظر علي خان مرحوم رپيو ٻه هٿ تي رکي چوندو هو: ”آغا منهنجا! اجهو وٺ، وڃي هاڻي اڏاءِ!“ واقعي مان به سمجهندو هيس ته ڄڻ لک ملي ويا. مرحوم جو پنهنجو گذر به، خدا سان ڪم پوندو، اهڙيءَ طرح ٿڪ ٿنبڻ ۽ تير تڪلي تي هلندو رهندو هو. اسان ٻنهي جو ته خير معاملو اور هو، پيو وقت ٽپائبو هو، ليڪن معرڪا تڏهن ٿي چڪندا هئا جڏهن ڪمپازيٽرن کي وقت تي پيسو ڪونه ملندو هو. ابوبڪر ته خير عمر رسيدو ۽ سنجيدو به هو، ليلا رام مشين مين به هندو هو، پٽ سٽ ڪيون پيو وقت ڪڍندو هو، نظر علي خان جي حالت دراصل خراب ڪندو هو خانيو ڪمپازيٽر - نوجوان، گرم خون، قوم جو سيلاٽو، ڪاوڙ هيمشہ ڪن تي. مهينو- اڌ دم دلاسي تي گذاري ڇڏيندو هو، ليڪن جڏهن ٻئي مهيني کان به ڳالهه مٿي چڙهي هلندي، ان وقت گارگند کان نوبت ٽپي، لڙائيءَ جهڳڙي تائين پهچندي هئي. ڪمري ۾ اندر نظر علي خان بند ۽ ٻاهران در تي خانيو ڪمپازيٽر مع راجسي چاقوءَ جي، ڏاڍيان پيو چوندو.
”نڪر ٻاهر، ته تو اسان جي خبر پوي! ڪيستائين اندر هوندين؟ غريبن جا گهڻا ڏينهن پئسا کاڌئي. اچ ڇڙو ٻاهر، ته ڇـُـرو هڻين پيٽ ڦاڙيندو سانءِ!“
اهي ٻول ٻڌي، نظر علي خان اندر ويٺو ”يا حفيط يا حفيظ!“ پڙهندو هو. پٺئين دروازي کان ٽپي، جڏهن ڪو ماڻهو وڃي مسٽر محمد ابراهيم سيلاٽي کي وٺي ايندو هو، تڏهن وڃي نظر علي خان جي جند ڇٽندي، ڪمري جا در کلندا، ۽ ٻاهر اچي تازي هوا کائيندو. عيد براد ۽ ننڍي وڏي ڏينهن تي جنسي ڪاري قيام ٿي ويندي هئي، سڄو پاڙو پنبو ڪٺو ٿي، اچي تماشو ڏسندو هو. ان وقت ابوبڪر به متانت ۽ سنجيدگيءَ کي پٺيءَ پاڏنهن اڇلي چوندو هو، ”آغا صاحب، اها شرافت ڪانه آهي! عيد سندي ڏينهن به اسان بک مرون!“ ڪڏهن ته اهڙا موقعا به آيا، جو ليلارام، رامو ۽ گيلو جڏهن پٽ سٽ ڪري ڪجهه رپيا کڻي آيا، تڏهن وڃي آغا مرحوم جا ڇِڪ ڇـَـٻيڙ مان پلوَ آجا ٿيا. اهو نمونو سالن جا سال هليو. جڏهن حالتون سڌري نه سگهيون، تڏهن اهي مامرا ۽ مذڪور اسان جي عادت ۾ داخل ٿي ويا.
* * *
مون کي جيڪا کٽ سمهڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ کان ورثي ۾ ملي هئي، ان جو واڻ وچ مان ڇڳل هو. گهڻو ئي منجهانس ڪم ڪڍيم، ليڪن ڳالهه وس کان انهيءَ وقت نڪري وئي، جڏهن چيلهه وڃي زمين سان لڳي. نظر علي خان جي پنهنجي کٽ ته اُها هئي، جيڪا مرحوم عبدالوهاب خان گهران کڻي آيو هو. انهيءَ تي احمد علي خان به سمهيو ۽ ان کان پوءِ نظر علي خان به استراحت فرمائي، گهريلو، مضبوط ۽ پائدار، ليڪن مان واري هئي بازاري، ڪچي واڻ جي، جنهن جي جوانيءَ ۾ جملي قيمت ٻه رپيا مس هوندي. بهرحال هڪ ڏينهن نظر علي خان پنج رپيا هڙ ۾ وجهي اخباري پنا خريد ڪرڻ بازار ڏانهن هليو. مون کي چوندو ويو ته ”آغا منهنجا! کـَـٽائي يار، اڄ تنهنجي قسمت! جي دجال پنن جي اوڌر ڪئي، ته هنن پئسن مان تنهنجي کٽ آڻبي!“، يعني،
جيڪڏهن ٻائو امرداس آغا صاحب جي ڏاڪي تي چڙهي آيو،
جيڪڏهن آغا صاحب جي ڪا تقرير دلپذير[1] کيس لڳي وئي،
جيڪڏهن ان کان پوءِ هن جي منهن تي مرڪ آئي،
جيڪڏهن ان کان پوءِ هن مئنيجر کي اشارو ڏنو،
جيڪڏهن مئنيجر به في الحال اڳيون قرض نظر انداز ڪيو،
جيڪڏهن ان کان پوءِ ٻه ريم آغا صاحب کي رکت تي ڏنا ويا،
مطلب ته جيڪڏهن اهي سڀ مرحلا حسب منشا خوش اسلوبيءَ ۽ خير خوبيءَ سان طيءِ ٿي ويا ۽ آغا صاحب پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ۽ ڪامران ٿي ڌرم وير پريس مان ٻاهر نڪتو، ته پوءِ! وڃي اسان جي کٽ جو موک ٿيندو، ۽ پوءِ ان جي گويا معنيٰ اها هئي ته منهنجو ڀاڳ کلي پيو! سو گهڙيءَ کان پوءِ ڏٺم ته واقعي ڀاڳ ڀڙايو. نظر علي خان شادان ۽ خندان، ٽلندو، ٽهڪ ڏيندو، کٽ کڻائي اچي پهتو. چي، ”آغا منهنجا! اجها هيءَ تنهنجي کٽ!“ کٽ کي سـَـلائي، ٺوڪائي، واڻائي اوڏانهن ئي ٺيڪ ڪرايون آيو: ”آغا! واهه جي کٽ آهي! پائدار، مضبوط، واڻيل ڏاڍيءَ ڪاريگريءَ سان، ۽ آغا منهنجا، ملي به ڏاڍي سببائتي وئي! ڪم خرچ بالانشين!“ رات جو خبر پئي ته هئي برابر بالانشين، ليڪن منهنجي سائيز کان گهڻي ڪجهه گهٽ، يعني اڳ چيلهه پٽ تي هوندي هئي، هاڻي پير پـِـنن تائين کٽ کان ٻاهر لڙڪاڻ لڳا. جڏهن نظر علي خان اهو رنگ ڏٺو، تڏهن چيائين، ”آغا! فڪر نه آهي. اصل نازڪ جاءِ انسان جي چيلهه آهي، پير لڙڪيا ته پرواه ناهي.“
”آغا! چيلهه ته محبوبن جي نازڪ ٿيندي آهي.“
وڏو ٽهڪ ڏئي چوندو: ”آغا منهنجا! تون به ته اڃا شڪر پشم آهين! ها! ها! ها!“
”آغا! تو پٺاڻڪي ڪانه ڇڏي. ها، هاڻي ڪو پشتو غزل ٻڌاءِ.“
”وُئي، وُئي، وُئي، وُئي،
الڪا نه غي پزوڙ ما پزڙڪي الا!
الڪا نه غي!
وُئي، وُئي، وُئي، وُئي!!
الڪانه غي!“
ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويندا! اهڙا چرچا ڀوڳ ڪندي، کل خوشيءَ ۽ ٽهڪن جي گود ۾ اکيون ٻوٽجي وينديون. اک تڏهن کلندي، جڏهن پرڀات جو ڏسندس ته آغا مصلي تي سجدي ۾ پنهنجي رب جي حضور ۾ جهڪيو پيو آهي.
سوخيتم و هيچڪس بر سوز ما واقف نشد،
چون چراغانِ شبِ مهتاب بيجا سوختيم.
* * *
سکر سنهاري جي ڳالهه ڪڍڻ مان اصل مقصد ته ٻيو هو، ليڪن قصن مان قصا نڪري ويا، برسبيل تذڪره! ۽ ارتجالاً! هاڻي به حاصل مطلب تي اچان، ان کان اڳ انهن ٻن اکرن جو شان نزول ٻڌائڻ ضروري ٿي پيو- ’برسبيل تذڪره‘ ۽ ’ارتجالاً‘. اهي ٻئي اکر اخباري دنيا ۾ ڪثرت سان استعال ٿيندا پهريون دفعو مون سکر ۾ ڏٺا.
’گانڌي - اِرِون پيڪٽ‘ ٿي چڪو هو، گول ميز ڪانفرنس جي شروع ٿيڻ وارو زمانو مٿان هو [2]، هندو مسلمانن کي انگريزن اهڙو اٽڪائي ڇڏيو، جو حقن حاصل ڪرڻ جي نالي ۾ هڪٻئي جا بر ميچڻ ۽ پوتيون ڪڇڻ لڳا، پاڪستان ان وقت ڪنهن کي خيال ۾ به ڪونه هو، ۽ نه جناح صاحب ئي مسلمانن ۾ مقبول ٿيو هو، سواءِ هن جي ته گاهي ماهي سندس چوڏنهن نڪات پيا ٻڌبا هئا. اهو دور مولانا شوڪت عليءَ ۽ مولانا محمد عليءَ جو هو - جذبات ۽ هيجان جو دور، ڌوان ڌار تقريرن ۽ تحريرن جو دور، جلسن ۽ جلوسن جو دور، پُر شوڪت لفظن ۽ پُر هيبت عبارتن جو دور. پنجاب ۾ مولانا ظفرالملت والدين يعني ظفر علي خان جي ڌاڪ هئي:
نعرهِّ تڪبير!
الله اڪبر!
حضرت ظفر الملت والدين!
زنده باد!
مولانا لٺ کڻي اٿندو. عربي عبا اچڪن مٿان، اڻ پڇو اچي ميدان تي پهچندو. انگريزن جي هِتئون گهڙي وڃي هُتئون نڪرندو. هندن تي هڪ لهندي ٻي چڙهندي. جوش جذبو، گرماگرمي ۽ هماهمي ايڏي، جو ڪڏهن ڪڏهن ته تقرير اڃا ختم ئي ڪونه ڪندو هو، جو اتان ئي پوليس وارا ڪاهي وڃي ڪاٺ ۾ وجهندا هئس، ۽ ڪڏهن جي پاڻ سلامت موٽندو ته دفتر ۾ پهچي ”زميندار“ ۾ ڪجهه نه ڪجهه اهڙو لکي ڇڏيندو، جو پريس به چٽ ته اخبار جي ضمانت به ضبط.
* * *
مولانا مهر جو قول آهي ته جڏهن انگريز ڏسندا هئا ته هاڻي مولانا جو ٻاهر رهڻ مفيد نه آهي، ته هو پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن ڇاڙتي کي اشارو ڪري ڇڏيندا هئا، جيڪو گورمينٽ ڪاليج جي چند مٿي ڦريل ڇوڪرن کي گهرائي چوندو ته ’فلاڻي مسئلي متعلق ضرور مسلمانن کي جلسو ڪرڻ گهرجي ۽ مولانا کي ان ۾ تقرير ڪري انگريزن کي چتاءُ ڏيڻ کپي، ورنه مسلمان تباه ٿي ويندا!‘- بس ايتري دير هوندي، ڇورا وڃي مولانا جي در تي پهچندا.
نعرهء تڪبير!
الله اڪبر!
مولانا ٻاهر نڪري ايندو.
مولانا ظفر علي خان!
زندهه باد!
زميندار اخبار!
پائنده باد!
انگريز!
مرده باد!
مولانا يڪدم انگريزن تي هلان شروع ڪري ڏيندو. سي. آءِ. ڊي نوٽ وٺندي. ٻئي ڏينهن مولانا شاهي قلعي جي جيل خاني ۾ هوندو. ”زميندار“ ۾ سرخي ايندي:
”حضرت ظفر الملت والدين ڪو گرفتار ڪيا گيا،
مولانا ڪي فرمود سي انگريز تلملا اٺا“
واه! واه! ٿي ويندي! 5-6 مهينن بعد انگريز ڏسندا ته مولانا کي هاڻي اندر رکڻ جي ضرورت نه آهي، تڏهن ٻاهر ڪڍي ڇڏيندس. مولانا جيل جي دروازي تي نڪري، مجمعي اڳيان وري هڪ تقرير ڪندو ۽ جلوس جي وچ ۾ هار پائي، وڏي وقار ۽ دٻدٻي سان اچي ”زميندار“ جي دفتر وٽ پهچندو، اتي به هڪ ڌوان ڌار تقرير ڪندو. ”زميندار“ ۾ خبر شايع ٿيندي:
”حضرت ظفر الملت ڪي رهائي، اسلاميان لاهور ڪي طرف ســي
شاندار استقبال، انسانون ڪا ٺاٺين مارتا هوا سمندر! ’الله اڪبر‘
اور ’زنده باد‘ ڪــي فلڪ شگاف نعرون ڪــي درميان مولانا جيل
ســي دفتر تڪ تشريف لائي.“
بهرحال مولانا مرحوم جي اخبار جون سرخيون انهيءَ زماني ۾ هي هيون: جلسه او جلوس، الله اڪبر، زنده باد اور پائنده باد، ظفر الملت و الدين، نيلي پوش، ٽوڊي بچا هاءِ! هاءِ! خيبر ســي راس ڪماري تڪ زلزله، هماليه ڪي چوٽيان لرز اٺين، وغيره وغيره الغرض اسلام ۽ آزاديءَ جو پروانو سڀڪجهه سهي ويندو، ليڪن هندو ۽ انگريزن کي ڪڏهن معاف نه ڪندو. هندن کي البت ڪڏهن لٺ ڪڏهن چٺ. جي راضي ٿيندو ته چوندو:
............................ بادِ بهاري هــي،
صبا ڪــي دوش پر آج جواهر ڪي سواري هــي!
جي ڪنهن ڳالهه تي ناراض ٿيو، ته پوءِ الامان والحفيظ! چوندو:
ڪانپتــي تهــي اس ڪي هيبت ســي زمين و آسمان
جب مسلمان گهر سـي نڪلا بانده ڪر سر پر ڪفن
شيخ ڪي تهمد نــي گــانڌي ڪي لنگوٽي ســي ڪها
مين پــــرستــارِ خدا هــــون تــــو پـــرستــــارِ وطـــن.
بهرحال جي پرتل آ، ته آسمان تي پهچائي ڇڏيندو، جي رٺل ته زمين کان ست گز هيٺ نهوڙي نيندو.
گول ميز ڪانفرنس تي جڏهن هندوستاني نمائندن جو انتخاب پئي ٿيو، تڏهن مولانا به ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته پاڻ به جنهن صورت ۾ مسلمانن جو رهنما آهي، تنهنڪري ضرور نامزد ٿيڻ کپي. تارون، پيغام، جلسا، ٺهراءَ، ايڊيٽوريل، مطلب ته مولانا وس ڪري ڇڏيا. ليڪن انگريزن کيس ڇُهيو به ڪين. شايد نه مولانا جي بالغ نظريءَ تي کين اعتماد هو ۽ نه اهوئي کين يقين هو ته مولانا ڪانفرنس هلندي ڪو پنهنجي جذبات تي قبضو رکي، سنجيدگيءَ سان بحث ڪري سگهندو، ممڪن آهي ته اوچتو اٿي بيهي ڪو خُلم ڪري رکي! تنهنڪري پنجاب مان هنن سرشفيع، سر فضل حسين ۽ سر اقبال جهڙا اصحابِ فڪر و نظر کنيا. مولانا شايد اهو سور پي وڃي ها، ليڪن غضب هي ٿيو، جو هندستان مان سندس ٻين ڪيترن معاصرن سان گڏ مولانا محمد علي ۽ مولانا شفيع دائودي پارا به نمائندن ۾ شريڪ ڪيا ويا. ويتر جو وري ڪيون ”ميلاپ“ ۽ ”پرتاب“ ڇيڙون، سو ڄڻ ڀولي جي پڇ کي اچي باهه لڳي. مولانا صفا مـَـٽجي ويو، ڄڻ ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو، جنهن جا ٽانڊا هندستان کان وٺي لنڊن تائين ساڙٻار ڪرڻ لڳا. غضب، ڪاوڙ ۽ غصي سان ڀريل ايڊيٽوريل روز لکڻ لڳو. ايتري تي به اڪتفا نه ڪيائين، جوش ۽ جذبي ۾ ايڏو بي قابو، جو عام سنهو اخباري خط ڇڏي، ’جلي حروف‘ يعني ٿلهن اکرن ۾ ڊبل ڪالم اندر انهن مضمونن کي ڇپڻ شروع ڪيائين. زبان، محاورا، ترڪيبون، جملا ۽ جوڙ، عنوان ۽ سرخيون ڏسڻ وٽان هونديون هيون، نثر ۾ نظم وارو رس آڻي ڇڏيندو هو، جوش ۽ جولان ايترو جو پڙهندڙن جا ماشا ئي ڦري ويندا هئا، سکر جي گرم گوديءَ جا پنجابي ۽ شهر جا چنيوٽي چرم فروش، پنهنجا حقا ڇڏي، کٽن تان اٿي کڙا ٿيندا هئا، ٻيو وس نه پڄندن ته پڇاڙيءَ ۾ سکر جي هندن کي ئي ٻه، چار ٻول ٻڌائي ڇڏيندا هئا.
مولانا پنهنجن اهڙن خاص نوشتن کي، جن کي جلي خط ۾ شايع ڪندو هو، ’ايڊيٽوريل‘ يا ’ليڊر‘ ڪونه سڏيندو هو، بلڪ انهن تي نالو رکيو هئائين: ”مقالہ خصوصي“ يا ”مقالہ افتتاحيه“. ”مقالہ خصوصي“ اهو هوندو هو، جنهن ۾ ڪنهن خاص ڳالهه يا ڪنهن خاص شخصيت تي بحث ڪيو ويندو هو، ۽ عام مسئلن تي لکيل ايڊيٽوريل ”مقالہ افتتاحيه“ سڏبو هو. اهي ٻئي ترڪيبون درحقيقت مولانا مرحوم جي ذاتي لغت خاص جون آهن، جيڪي پوءِ اخباري دنيا ۾ عام طرح مستعمل ٿي ويون.
انهن ئي خصوصي مقالن ۾ جڏهن مولانا مسلمانن جي حقن تي قلم کڻندو هو، تڏهن انگريزن جي اسلام دشمنيءَ ۽ هندن جي مسلم آزارين جا قصا انهن ۾ ”برسبيل تذڪره“ بيان ڪندي ڪندي، گول ميز ڪانفرنس ۾ کيس نه چونڊي انگريزن جيڪا ’اسلاميان هند‘ جي جذبات سان راند کيڏي هئي، ان ڏانهن به ”برسبيل تذڪره“ اشارو ڪري ويندو هو.
خصوصي مقالن، ڊبل ڪالم ۽ جلي قلم کان سواءِ مولانا ٻيو ڪم هي ڪندو هو، جو روزانو هڪڙي معرڪي جي نظم ٺاهي، پهرئين پيج جي پوريءَ تخطيءَ تي شايع ڪندو هو. اهي ئي ٿلها اکر، اهوئي جلي قلم. ڪڏهن گانڌيءَ جي خلاف، ڪڏهن نهروءَ تي نوڪ، ڪڏهن مهاشيه ڪرشن ۽ خوشحال چند خرسند تي ٽوڪ، ڪڏهن گول ميز ڪانفرنس تي هـَـجو ته ڪڏهن انگريزن جي اقتدار تي ضرب، مطلب ته هلندڙ مسئلن تي، سچ اهو آهي، ته سندس نظمون بي پناه هونديون هيون، زبان، رديف، قافيا، زمين، عجيب و غريب ترڪيبون، مطلب ته ماڻهو جڏهن پڙهندو هو، تڏهن ائين پيو ڀانئبو ته اهي بيت ۽ مصرعه نه بلڪ شڪرقند آهن، مصريءَ جون ڳڙيون يا ماکيءَ جون لاران. انهن نظمن مٿان نوٽ هوندو هو ته ”اڄ صبح جو حضرت ظفرالملت و الدين ناشتي کان پوءِ حقو ڇڪيندي هيٺين نظم ارتجالاً چئي، جيڪا ناظرين ڪرام جي ملاحظي لاءِ هيٺ ڏجي ٿي.“ يعني، حضرت مولانا صاحب جن جو نظم چوڻ جو ارادو اصل ڪونه هو، ليڪن حقي جي وزم کان پوءِ دونهين سان گڏ شعر به پنهنجو پاڻ ئي ٺڪ ٺڪ ڪندا ٻاهر نڪرندا ويا. اهو درحقيقت وڌاءُ به ڪونه هو. مولانا نظم چوندو ئي ائين هو: هر وَزَمَ پٺيان هڪ شعر، جيترا وزم اوترا بيت. اهي نظمون، جن ۾ مسلمانن جي بهادريءَ ۽ فتوحات جو ذڪر هوندو هو، تن کي نه ڇڙو جلي حروف ۾ بلڪ خاص اهتمام سان ڳاڙهيءَ مـَـسُ ۾ شايع ڪرائيندو هو، تاڪه ڀل انهيءَ کي پڙهي، ”پرتاب“ ۽ ”ميلاپ“ جي ايڊيٽرن کي خصوصي طرح ۽ عام هندن کي عام طرح پنهنجو حشر ياد اچي وڃي، ڀل سندن جسمن ۾ سياندو ۽ دلين ۾ ڌڌڪو جاڳي، ۽ ڀل ته سندن اوسان خطا ٿين. بهرحال مطلب اهو آهي ته ”ارتجالا“ جي اکر جي ابتدا اُتنهن ٿي، جنهن کان پوءِ اردوءَ جو هر شاعر ’ارتجالا‘ ڪلام چوڻ لڳو. هاڻي ته خير ماءُ پيٽان ئي ارتجالاً اردو غزل چوندا ٻاهر نڪرن ٿا.
مولانا کي شل مولا سائين جنت ۾ جايون ڏئي، عجيب و غريب ۽ عاليشان انسان هو. جي ڇڙو شاعري ۽ نثرنگاري ڪري ها، ته هوند اردو ادب جي خزانن کي هيرن جواهرن سان پـُـر ڪري ڇڏي ها، پر ندوريءَ سياست سان پاند اٽڪايائين، ۽ وريو به ائين ڪجهه ڪونه ۽ پاڻ کي به اجايو ڏٺو ڪيائين ۽ ادب کي به نقصان پهچايائين. مولانا سياست جي ڏانءَ جو اصل ڪونه هو. محض عظيم شاعر ۽ بي مثل ليڪن جذباتي نثر نگار هو.
”رب ڪعبه ڪي قسم، راسڪماري ســي ليڪر بندهيا چل ڪي چوٽيون تڪ ڪي سر زمين روند ڊالي جائيگي، تهه و بالا ڪي جائيگي، الٽ دي جائيگي- زير و زبر هو جائيگي، خون ڪي نديان بهه چلينگي، جن ڪا ڌارا فرنٽيئر ڪـي پهاڙون سي نڪل ڪر هماليه ڪي دامن“ تڪ چلا جائيگا اسلامي شهسوارون ڪــي گهوڙون ڪي ٽاپين اڀي تڪ هند ڪــي واديون مين گونج رهي هين، ڪيا سمجهه رکا هــي هند ڪــي لنگوٽي بند نــي؟ انگريز ڪون هوتا هــي؟ ملڪ راصل همارا هــي- يه فرنگي ڪون هــي جو تصفيه ڪرنــي بيٺا هــي؟ يه جاڪــي ڦر مانچسٽر ۾ اپني ترازو سنڀالــي مين اعلان ڪرتا هون ڪه اسڪو ملڪ ســي نڪل جانا چاهئي! فرنگي استعمار ڪيڌجيان ضائــي آسمان مين بکير دونگا“
وغيره وغيره. انهيءَ نموني جا دڙڪا ۽ دهمان هندن کي ٻڌائي، سندن ڌوتي پسائڻ جي پيو ڪوشش ڪندو هو، ۽ اهڙيءَ طرح للڪار ڪندو هو، جو گورن جي هتي رهڻ جو سڄو دارومدار ڄڻ فقط مولانا جي ذات گراميءَ تي وڃي ٿيو هو! انگريزن جڏهن مولانا کي گول ميز ڪانفرنس تي نه چونڊيو، ان وقت جيڪي چونڊجي ويا انهن تي مولانا فقرو چست ڪيو: ‘ٽوڊي بچه هاءِ! هاءِ!‘ بس پوءِ ته سڄي ملڪ ۾ هوءِ هوءِ پئجي وئي: ”ٽوڊي بچه هاءِ! هاءِ!“
جڏهن قاديانن سان وڙهيو ۽ قادياني تحريڪ شروع ڪيائين ان وقت فقرو مشهور ٿيو: ’مرزا ٽيچي!‘[3] پوءِ ته قاديانن جو اُٿڻ ويهڻ بند ٿي ويو، جتان وڃن، جنهن محلي جو پاسو ڏئي لنگهن، ننڍو وڏو پڪاريندو:
”مرزا ٽيچي، هاءِ هاءِ!“
”مرزا ٽيچي هاءِ هاءِ!“
الغرض مولانا جنهن کي ڪو لقب لاتو، بس ان جو ٻيڙو غرق، ستياناس. ”زميندار“ اُن زماني ۾ گويا قوم جي زبان هئي. جيڪا ڳالهه ان ۾ شايع ٿي، سا قوم جي زبان تي چڙهي.
* * *
مولانا جيڪي تقريرون ڪندو هو، انهن ۾ هندن کي تنبيهه ڪرڻ لاءِ، انگريزن کي دٻائڻ جا، ۽ مسلمانن کي اڀارڻ جي ڪاڻ، ٺهيل ٺڪيل لفظ، فقرا، جوڙ ۽ جملا هوندا هئا، ۽ انهن تي سندس زبان اهڙو هري وئي هئي، جو جيڪڏهن ڪنهن ٻئي موضوع تي تقرير ڪندو هو، تڏهن به هلي هلي، وچ مان ٿڙڪي، وڃي ساڳين انهن فقرن تي بيهندو هو. اها عادت انهيءَ زماني ۾ هرهڪ تقرير ڪندڙ جي هئي. عطاءُ الله شاهه بخاري، احسان احمد شجاع آبادي، مولانا حبيب الرحمان لڌيانوي، مولانا ظفر علي خان جو فرزند مولانا اختر علي خان مرحوم، سڀني جون تقريرون گويا هڪ سانچي ۾ ڍليل هونديون هيون. پوئين زماني ۾ جڏهن ليگ زور ورتو، ۽ مولانا جي بقول حسن بن صباح جي پيالي مان گويا هندستان جي مسلمانن حشيش جو چـُـڪو چاڙهيو، تڏهن ته گارگند، هلان ۽ هڪلن جي حد ٿي وئي، انگريز وچ مان نڪري ويو، روءِ سخن وڃي ڇڙو ٿيو هندوءَ ڏانهن، سالن جا سال، زبانون وري انهيءَ تي هري ويون!
مون کي ياد آهي، نهرو - لياقت پيڪٽ کان پوءِ، اخبار نويسن جو هڪ خير سـَـلهي وفد برادرم علي محمد شاهه راشدي صاحب جي سرڪردگيءَ هيٺ دهليءَ ويو- اُن وفد سان اختر علي خان به شريڪ هجي. هندن سکن ڏاڍيون مرحبائون ڪيون، هڪٻئي کي ڏسي، ڀاڪر وجهي اوڇگارون ڏئي رنا، هرڪو پنهنجي ڪئي تي پشيمان ۽ نادم هو. هڪ ڏينهن دهليءَ ۾ سکن اتنهن جي وڏي گردواري ۾ سڀني ايڊيٽرن کي گهرايو. مرد عورتون، جوان پوڙها هزارن جي تعداد ۾ اچي گڏ ٿيا، تقريران شروع ٿيون، سڄي جلسي ۾ روڄ پئجي ويو. سکن التجا ڪئي ته پنجابي زبان ۾ مولانا اختر علي خان تقرير ڪري. مولانا تقرير شروع ڪئي. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جڏهن مولانا جي تقرير جوش ۽ جذبي ۾ چوٽ چڙهي وئي، ۽ مولانا جذبات جي وهڪري تي اچي پهتو، ان وقت تقرير جو اصل موضوع دماغ مان نڪري ويس. وساري ويٺو ته ڪو خير سـَـلهه تي آيل آهي، ڀلي ويو ته سکن جو جلسو آهي، اها به خبر نه رهيس ته هرڪو روئي رهيو آهي، زبان هڪ دفعو وري ڪروٽ کاڌي، پاسو بدلايو، اهي سالن جا دهرايل فقرا بي اختيار زبان مان نڪرڻ لڳا:
”ڪون هوتا هــي سکه اور هندو، گودا نڪال ڪــي باهر رکدونگا“
اوچتو خاموشي ٿي وئي. ان کان پوءِ سس پس، جنهن بعد سڄي ايوان ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. مولانا جي نرڙ تي پگهر نڪري آيو. دل جو صاف، نيڪ ۽ نيت جو کُندو ڪين هو، مجلس به اهڙي هئي، کِلي تقرير هلائيندي چيائين: مون کي معاف ڪجو، سالن جا سال هڪٻئي کي گاريون ڏيندي زبان هري وئي آهي، اڄ پهريون دفعو آهي جو مٺ محبت، پيار ۽ رس رهاڻ جي ڳالهه زبان کي ڪرڻي پئي آهي، ڪڏهن ڪڏهن پراڻي عادت تي تقرير رستي تان ٿڙڪيو وڃيو ٻاهر پوي.
اهڙيءَ طرح تحريرن ۽ تقريرن جو رڪارڊ ڀريل هوندو هو- گويا سُئي چڙهي ۽ ساڳيو آواز، ساڳيا لفظ، ساڳيا دڙڪا، ساڳيا دهمان. اها حالت ڇڙو مسلمانن جي ڪانه هئي، بلڪ انهيءَ دور جا هندو ۽ سک مقرر به پير پٺتي ڪونه هئا. فرق فقط هي هو ته مولانا کي خدا زبان ڏني هئي، ان ۾ قوت هئي، ان ۾ قدرت هئي، جملا، لفظ، فقرا ۽ بندشون، سندس ٻانهن ٻڌا ٻيلي ۽ خريد ٿيل خانه زاد هئا، تقرير ڪندو هو ته زمين آسمان جو سڄو وچ زيرو زبر ٿيڻ لڳندو هو، لکندو هو ته دماغن ۾ هلچل اچي ويندي هئي، نظم چوندو هو ته زبان ان جي حلاوت ۽ شيرينيءَ جا مزا پئي ماڻيندي هئي.
خدا بخشيس، هر چند دماغ تي دل غالب هيس، عقل تي جذبو حاوي هئس، پر هو قوم جو سچو سپاهي. سپاهين لاءِ هونءَ به عقل کان زياده ٿئي جذبي جي ضرورت ٿي. سڄي زندگي آرام نه ڪيائين، لڙندو رهيو، ڪڏهن هـِـن ميدان تي ڪڏهن هـُـن ميدان تي، اڄ هڪ فرنٽ تي سڀاڻي ٻئي فرنٽ تي، بلڪ هڪ ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه جهيڙا به جوٽي وجهندو هو. هڪ ئي وقت انگريز، هندو، قادياني، احرار، شهيد گنج، پنهنجا، پراوا، ”انقلاب“، ”ميلاپ“، ”پرتاب“، گانڌي، نهرو، شوڪت علي، محمد علي، مسئلو ڪٿان جو به هوندو، اشرق جو هجي چاهي مشرق جو، مولانا سڀ جي اڳ ۾. نظام جي پٽ کي انگريز برار ڏين يا نه ڏين، ليڪن مولانا ان کي ”هزرايل هائينس پرنس آف برار“ ضرور لکيو ويٺو هوندو. هڪ طرف جيش اسلامي تيار ڪندو، ٻئي طرف اسلامي بازار ٺاهيندو. مطلب ته ايڏي عجلت، ايترو جوش، اهڙي بيچيني ۽ بيقراري، انهيءَ حد تائين جذبو ۽ ان سان گڏ حرارت ۽ حدت، جو تحريڪ مٿان تحريڪ پئي ٺڪاءُ ڪندي، ليڪن اسلام جو هر حالت ۾ بول بالا. الله جو پڪو ٻانهون، رسول عربيءَ جو شيدائي. الله، رسول، اسلام ۽ عرب جو نالو آيو ته مولانا تاب جهلي نه سگهندو، لونءَ لونءَ ڪنڊارجي ويندس، اکيون ڳاڙهيون ٿي ايندس، مڇ پئي ڦڙڪندس. ڪا چڱي ڳالهه ٻڌندو جنهن ۾ اسلام جي سرفرازيءَ جي اميد هوندي، ته اکيون چمڪڻ لڳندس، چپن تي فاتحانه مرڪ نروار ٿي ويندس، پوءِ جهل نه ڏيندو. جهٽ اٿي يا ته قلم کڻي ڪو ”خصوصي مقالو“ لکندو يا حقو ٺاهي وزم ويهي هڻندو ۽ شان اسلاميءَ ۾ شعر ٺاهيندو. مصلحت، دورانديشيءَ ۽ تدبر جا لفظ مولانا جي اڳيان بي جان ۽ بي معنيٰ هئا. وقت جي تقاضا ڇا آهي، ان کي به نه ڏسندو. ڪندو فقط اهو هو جيڪو دل چاهيندي هيس. گردن وڏ وڏيرن اڳيان به ڪانه جهڪيس، جي جهڪيس ته فقط پنهنجي خالق اڳيان. ٻين اڳيان هميشہ لڪڻ هٿ ۾ کڻي، سينو ڪڍي هليو. اکيون نراڙ ۾ ۽ ڪياڙ آسمان تي. خدا جا سپاهي ٿيندا به ائين آهن، سواءِ پنهنجي مالڪ جي ٻين کان ڊڄن ئي ڪونه.
ڪراچيءَ ۾ ڪانگريس جو اجلاس ٿيو- انهيءَ ميدان تي جتي هاڻي مولانا عثمان ۽ سيد سليمان ندويءَ جون قبرون آهن. مولانا وڏي طمطراق ۽ بلند آهنگيءَ سان، لاهور کان سڀني پوئلڳن کي ڪڍ لائي، هلي اچي شامل ٿيو. پهرئين ڏينهن ئي کليل اجلاس ۾ تڪرار ڪري وڌائين. چي، سڄو اجلاس نماز جي وقت بند ٿيڻ گهرجي. مسلمان فقط 3-4، ٻيو سڀ هندو عالم. گانڌي جيءَ چيو ته مسلمان بيشڪ وڃي نماز پڙهن، ليڪن اجلاس بند ٿيڻ نه گهرجي، البت ان وچ ۾ معمولي مسئلن تي ڪم ٿيندو، اهم مسئلا تڏهن کڻبا، جڏهن مسلمان نماز مان فارغ ٿي ايندا. پر مولانا ڳالهه ڪري ۽ اها نه مڃي وڃي! گانڌي نه هجي کڻي ڪير به هجي، ڪانگريس جو اجلاس نه هجي ڪنهن جو به هجي، مسلمان پنج هجن يا پنج هزار، هتي سوال هو حق جو، اسلامي شان جو، ۽ مولانا ظفر علي خان جي سخن جو. مولانا اٿي بيهي ڌوان ڌار تقرير ڪئي، ان کان پوءِ مولانا جي ساٿين ڪيو:
نعرهء تڪبير!
الله اڪبر!
مولانا ظفر علي خان!
زنده باد!
اسلام!
پائنده باد!
بس، مولانا ڏنڊو کڻي اٿيو. صفان هٽائيندو، اجلاس ڇڏي، سڌو ريلوي اسٽيشن تي، اتان سڌو لاهور. پوءِ ته هڪ طرف ڪانگريس ٻئي طرف مولانا، وچ ۾ غريب اسلام. ڪيئي ڏينهن رونشو هليو. جڏهن وري ڪو ٻيو مسئلو پيدا ٿيو ۽ مولانا جو توجهه اوڏانهن ڇڪيو، تڏهن وڃي گانڌيءَ ۽ اسلام جي جند ڇٽي.
مولانا جون اهي سڀ چـِـلولايون اوستائين هليون، جيسين ليگ وجود ۾ ڪانه آئي هئي. جڏهن هندستان جي مسلمانن اهو نئون راه ۽ رند تراشيو، تڏهن مولانا ماند پئجي ويو.
1940ع ۾ جڏهن ليگ جو لاهور ۾ اجلاس ٿيو، تڏهن مان سياسي اسٽيج تي آخري مرتبو مولانا کي ڏٺو. ڪاري عبا پائي، نيلي پوشن جي ننگين تلوارن جي جلو ۾ جلسي کي چيريندو، اچي اسٽيج تي چڙهيو. نه ’الله اڪبر‘ ٿيو، نه ڪنهن ’زنده باد‘ ڪيو. اهي نعرا اڄ ڪنهن ٻيءَ شخصيت جي قبضي ۽ قدرت ۾ اچي چڪا هئا. مولانا تقرير شروع ڪئي. جناح صاحب ڪرسيءَ تي فروڪش هو. پنجن منٽن بعد جناب جي نراڙ تي گهنڊ نروار ٿيو. ڇهين منٽ بعد مسلمانن ڪيو:
”بيٺ جائو!“
”بيٺ جائو!“
”نهين سنتـي!“
”نهين سنتي!“
مولانا خاموشيءَ سان لهي هليو. نيلي پوشن ننگيون تلوارون کڻي اچي وري کيس وچ ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن مولانا خبر نه آهي ڇا سوچيندو، تڪڙي تڪڙي وک کڻندو، نيلي پوشن کان به اڳ پنڊال مان نڪتو هليو ويو. اسلاميان هند جي سياسي اسٽيج تي ”ظفر الملت والدين“ جي نمودار ٿيڻ جو اهو پويون ڏينهن هو. پاڪستان جڏهن ٿي ويو، پوءِ ته مولانا ڪومائجي ويو. پويان ڏينهن بلڪل بيهوشيءَ ۾ گذاريائين. هوش ۽ حواس- جيڪي ٿي رهيو هو يا جيڪي ٿي چڪو هو، ان کي، محسوس ڪرڻ کان جواب ڏئي بيٺا هئا.
آخري دفعو مولانا کي مان لاهور ۾ ڏٺو، جڏهن اخباري وفد هندستان ٿي ويو. لياقت، نهرو پيڪٽ کان پوءِ ”زميندار“ جي دفتر ۾ مولانا سان ملاقات ڪئي وئي. زارو نزار، جهور، اهو آواز جنهن جي گونج منيءَ صديءَ تائين هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچندي رهي، ان ۾ اهو زور ڪونه، زبان جنهن سڄي زندگي موتي ۽ لعل بخشيا، ان ۾ اها طاقت ڪانه، اهي هٿ، جن سڄي زندگي ادب ۾ رنگ ڀريا، انهن جون آڱريون نستيون. مطلب ته يقين ڪونه آيو ته اهو مولانا ظفر علي خان آهي: جادو بيان مقرر، شيرين سخن شاعر ۽ عظيم الشان نثر نگار. اکين ۾ اها چمڪ، تيک ۽ تيزي ئي ڪانه رهي هئي!
* * *
سکر ۾ ”زميندار“ به ايندي هئي ۽ ”سياست“ به ۽ ”انقلاب“ به. ”سياست“ وقت بچندو هو ته پڙهبي هئي. گرم گرم فقرا، رنگين بياني، لفظن جو شڪوه ۽ شوڪت، نظم جو لطف، دڙڪن ۽ دهمانن جو مزو ڏسڻو هوندو هو، ته ”زميندار“ اڳيان ڪبي هئي. پر جيڪڏهن ضرورت پوندي هئي ته پيدا ٿيل مسئلي تي تدبر ۽ دانشمنديءَ سان بحث ٿيل ڏسجي- سياست ۽ سياسي شعور ڇاکي چئبو آهي، فراست جي تقاضا ڇا آهي، مسلمانن جو برو ۽ ڀلو ڇا ۾ آهي؟ ته پوءِ هٿ وجهبو هو ”انقلاب“ ۾. ان جو لفظ لفظ ويهي غور ۽ فڪر سان پڙهبو هو. مولانا مهر جا سنجيدا ۽ پرمغز ايڊيٽوريل دماغ ۾ اوجر آڻي ڇڏيندا هئا، سياسي سمجهه ۽ سوچ جو شعور پيدا ڪري ڇڏيندا هئا، ۽ ملڪي مسئلن جي تهه تائين ائين پهچائي ڇڏيندا هئا، جيئن تـِـکا تارو سيکڙاٽن کي هٿ مان وٺي تار ۽ تانگهو ٽپائي وڃي توڙ رسائن. جي انهيءَ زماني ۾ ”انقلاب“ نه هجي ها، ته هوند مولانا ظفر علي خان سڄيءَ قوم جي دماغ ۽ شعور ڊانوان ڊول ڪري ڇڏي ها. ”زميندار“ جي مسهل جو ”انقلاب“ ڄڻ مصلح هئي. انهيءَ ئي اخبار ۾ مولانا سالڪ جا ’افکارو حوادث‘ پڙهي، ماڻهوءَ جي روح ۾ تازگي ۽ توانائي اچي ويندي هئي. پوءِ چراغ حسن ”حسرت“ ميدان ۾ آيو، ان سان گڏ جوڙيدار ٿيو حاجي لقلق. اهو پنجاب جي اوج جو زمانو هو ۽ اتنهن جي ايڊيٽرن ۽ اخبارن جي به اقبال جو دور هو. هاڻي ته نه اهو مولانا ظفر علي، نه سيد حبيب، نه مولانا سالڪ، نه چراغ حسن حسرت، نه مرتضيٰ خان ميڪش ۽ نه ”ميلاپ“ ۽ ”پرتاب“. باقي هڪ وڃي رهيو آهي غلام رسول مهر، جنهن جو سڄو چهرو جهـُـريون جـُـهريون ۽ ڪمر ايترو ڪـَـوَ کائي وئي اٿس، جو ڪرسيءَ تان اٿي ٿو ته ”هاءِ هاءِ“ ڪري، ڪم رکي سڌي ڪرڻ ۾ کيس ڪيئي ڪشالا ڪرڻا پون ٿا[4].
هندو به ويا، جن سان مقابلو هوندو هو، انگريزن به ملڪ ڇڏيو، جن تي جهٽ ڪاوڙ وٺندي هئي، هاڻي ته ملڪ سڄوئي ملير- خودي بلند، جي ڪجهه چئبو ته موچڙا، جي ڪڇبو ته ’کلا ۽ کوسڙا‘. تنهنڪري مِٺي به ماٺ ته مـُـٺي به ماٺ.
* * *
اجهو وري اچي ’خوديءَ‘ جي ڳالهه وچ ۾ ڪاهي پئي. اصل قصو ڪيئن ڪجي؟ اهڙا اکر ۽ اشارا جو اچي ويندا، پوءِ ڳالهه ڪرڻ ڪيئن نه ضروري ٿي پوندي!
جنهن زماني جو ذڪر پيو ڪيان، انهيءَ ۾ خودي ته خير، خود علامہ اقبال مرحوم به سنڌ ۾ مشهور ڪونه ٿيو هو. مان ”بانگ درا“ سڀ کان پهريون، مناري جي چاڙهيءَ تي، مستري محمدالدين وٽ ڏٺو هو، لوهه تپائڻ واريءَ ڌمڻ جي ڀڪ ۾، تڏي تي، حقي سان گڏ.
مستري مرحوم هو ته پنجاب جو، پر رهيو سڄي عمر سکر ۾. چاڙهيءَ واريءَ انهيءَ جاءِ ۾، بندوقن جي مرمت ڪندي، ڦوهه جوانيءَ مان اڌڙڪ، اڌڙڪ مان موٽ کائيندي اچي پوڙهو ٿيو، ۽ ان کان پوءِ جڏهن جهور ٿيو، تڏهن ڪم ڇڏي کٽ تي آهليو، ۽ پوءِ اتان ئي ٻئي جهان لاڏاڻو ڪيائين. پنهنجي فن ۾ شاهه ڪاريگر هو. بندوق جي مرمت ٿي، مستري مرحوم جو هٿ لڳو، ڄڻ بندوق ۾ نئون ساه پئجي ويو، گويا هاڻي ’هالنڊ ائنڊ هالنڊ‘، ’پرڊي‘ ۽ ’گرينر‘ کان اچي نڪتي. اهڙو هٿ، ڪاريگر اِن ڪم جو وري نه ڄائو نه ڄمندو، نه ٿيو نه ٿيندو. سنڌ جو ذات وڏيرو، جنهن کي شڪار جو شوق هوندو هو، جنهن وٽ هٿيار هوندا هئا، تنهن لاءِ مستريءَ جو در ڄڻ درگاهه هو. هرڪو اتنهن جو پانڌبئڙو. هرڪو پيو سلام ۽ ڪلام ڪندو. هرڪو پيو ڏيج ۽ ڏن ڀريندو.
* * *
زمانو هو، اُهي اُهي شاهه شڪاري، جو چئي کڻي بس ڪجي. جيڪب آباد وارو سردار عبدالرحيم خان کوسو، سوين هٿيار، سيڪڙا بندوقن جا، سڄو ڏينهن يا شڪار ۾ يا بندوقن ۽ هٿيارن جي ڳالهين ۾، خانبهادر شاهنواز خان ڊکڻ ۽ خانبهادر محمد پناهه خان ڊکڻ، ڀلئون ڀل، کٻيءَ سڄيءَ پيا هڻندا، چرندو پکي ڪونه ڇڏيندا. ڪيئي ’ويبلي‘ ۽ ’پرڊي‘ جون ريفلان ۽ بندوقان وٽن موجود. خانبهادر سردار الهه بخش خان ڪاڪيپوٽو شڪاري به واهه ته هٿيارن جو به ڄڻ مريض، سٺي بندوق دڪانن تي نه ڇڏيندو. پير پير شاهه ۽ پير حامد شاهه، پراڻا ۽ بنيائتا شوقين بندوقان ’پرڊي‘، ’هالنڊ‘ ۽ ’ويبلي‘ کان خاص مذاق ۽ پسند مطابق سڌيون سَيون ٺهرائيندا. هتان خريد ڪرڻ سندن لاءِ عيب هو. بندوق تي پير شاهه جو نالو پيو ته اها بندوق ڄڻ شوقينن لاءِ تبرڪ ٿي ويندي.
”واه! واه“
”سائين پير شاهه جي آهي؟“
”سبحان الله!“
”ها سائين.“
”واهه جو سائين ”ناز پري“ بندوق آهي؟“
”هوءَ ٻٽن نالن واري جوڙيدار بندوق ۽ ريفل ڪينءَ؟“
”سائين ڇا چئجي، پير سائين چار سال لکپڙهه هلائي، خاص ٺهرائي آهي؟“
”بندوقان اهي چئجن!“
وڏيرو رسول بخش خان ڀٽو، هاءِ! هاءِ! هاٿيءَ جيڏو ڪونڌر مڙس، شڪل صورت جو جهڙو ببر شينهن، تتر اٿيو ناهي، ٺڪ ٿي ناهي، تتر مٿان ئي رومال ٿيو اچي سندس پيرن ۾ پوندو. نه ڪڏهن تتر ويو نه ڇرو گٿو، جوڙا پيو جهٽيندو، هَرَ سڄي هَرَ کٻي، ٻنهي طرفن کان آيا ته ٺا! ٺا! ٻئي اچي ڦهه پٽيءَ تي ڪرندا. سنڌ ۾ شڪار جو شاهه ٿي گذريو. اهڙو شوق وري ڪير ڪندو.
* * *
نواب سر غيبي خان، 4 لک ايڪڙ جاگير، جهنگ ان ۾، پٽ ان ۾، ڍوريون ۽ ڍنڍان ان ۾، هيٺاهيون به ان ۾ ته جبل به ان ۾، ڪاٿنهن ساوڪ ته ڪاٿنهن سڪ، ڪٿي پاڻي ته ڪٿي واري، ڪٿي ويءُ ته ڪٿي واهڙ. چوندا آهن ته ڳيري جي وک تي زمين وَرِنُ بدلائيندي آهي، پر هتي ته ورن سان گڏ هر قسم جو ڍنگ ۽ رنگ موجود هو: تتر اتي- بگڙا خواهه ڪارا- ٻٽيرا به موجود ته پٽ تتر به جام. اسناف اڪيچار، ۽ بدڪون، نيرڳ، آڙيون، ڪارڙا ۽ ٻولاهيون به موجود. سرنهن ۽ ڪڻڪن ۾ ڪونجن جا به ولر اچي ويلا ڪن. واريءَ جي دڙن ۽ بٺن ۾ تلوريون به عام. هرڻ ڳاڙها به ته ڪاريهر به. ڦاڙها به ملندا ته پهاڙن تي سرهه ۽ گڊ به اچي سر ڏيندا. مطلب ته هر قسم جا چرند خواه پرند. دل جيڪي گهري سو موجود، جيڪي وڻي سو مار.
سيارو پوندو، ناتال جي موسم ايندي، ڪٽڪ صاحبلوڪن جا اچي ڪٺا ٿيندا، مِسيون ۽ مڊمان به ساڻ، بٽلر، بورچي، پٽيوالا ۽ اردلي به ڪڍ، تنبو ۽ تولان، شاميانا ۽ رانئتيون اچي وينديون، غيبي ديري ۾ منزلان لڳي وينديون، جهنگ جهر چانڊاڻ ٿي ويندو، اڄ ڪليڪٽر آيو، سڀان ڪمشنر آيو، پرينءَ آءِ. جي. اچي ٿو، پڇاڙيءَ بمبئيءَ مان ۽ پوءِ ڪراچيءَ مان گورنر صاحب به مهمانن جا پرا ڪاهي اچي پهچندو. مطلب ته جيسين شڪار جي سيزن هلندي، تيسين پيا گورا ڳاهٽ ڏيندا ۽ آفيسر ڪُتِر ٿيندا. ڪڪڙ، ڇيلا، آنا، کير، مکڻ، ماکيون نه ڪنهن کان کٽايا پڄن ته کاڌا پهچن- سڄو راڄ ۽ تـَـرُ گهرن کي ٻهاري ڏيو اتي پيو پهچائيندو. صاحبلوڪ قاعدي قانون جا ڏاڍا پابند هئا. ليتيءَ ڏيتيءَ کان صفا پري. نه ڪنهن کان وٺندا نه ڪنهن جو بار کڻندا. پئسا ڏئي سڀئي بل چڪتو ڪري ڇڏيندا. البته اها جدا شيءِ آهي، جو خرچ ٿيندو هو ڏهه هزار ته وٺبو هو ڪُل سَؤ سوا! گهه ملندو پنجين رپئي ته بل ۾ ڏيکاربو سوا رپئي، کَتو مڻ ته لکبو سير، آنا کپندا سؤ درجن ته ٻڌائبا هڪ درجن. ڪٿي تعداد گهٽ ته ڪٿي قيمت ڪم. اهڙيءَ طرح هزارن جي خرچ کي سوري پوري وڃي سوکن جي شرعي انگ اندر بيهاربو. خير، اهي ته ٿيون خانگي ڳالهيون، پر رڪارڊ خاطر بل چڪتو ڪيون، پَلَوَ ڇڏايون پوءِ پيا منزلان پٽيندا. ڪنهن جو احسان ڇو کڻن! اڄ ٿورا کڻن، ته سڀان اک لڄي!
هر موسم ۾ منزل جو سامان نئون ايندو، ٽِي سيٽ، ڊنر سيٽ، ڪانٽا ڇريون، ٽوال، ٽيبل پوش، چيني ۽ چاندي سڄي اچي نئين نڪرندي. پڇاڙيءَ ۾ تنبو به ”رولدوءَ“ کان نوان نڪور اچي ويندا، ۽ فرنيچر به خالص ساڳوان جو نئون گهرائبو، قالين ايراني، ۽ ڪونچن ۽ صوفن تي ڪيمخوابن ۽ بنارسين جون ٽيپسٽريون، ڳاڙهيون، سايون، پيليون، زرديون، چلڪيدار ۽ چمڪندڙ. جڏهن منزلان پوريون ٿينديون ته ان ڌوتل ٿانو، ڀريل برتن ۽ اڻ صفا ٿيل ديڳڙا، چوسيل هڏا، ڇيلن جي رانن جون سڄون نريون، ڊبل روٽن جا اڌ، نانن ۽ نانختائن جا مـُـنا ۽ چوٿاڙ، گڏي سڏي سڀ هڪ ڪوٺيءَ ۾ هڪٻئي مٿان اڇلي ڇڏبا. پڇاڙيءَ ۾ غلاظت ۾ ڀريل ڪموڊ به اتي ئي ڪنهن پاسي ۾ رکي، انهن مٿان گلم ۽ قالين وجهي ڇڏبا، جيئن بدبوءِ هروڀرو ٻاهر نه نڪري. ٻئي ڪمري ۾ ٽيبل ۽ ڪرسيون، ٽپايون ۽ ڪونچ هڪٻئي تي چاڙهي ائين رکي ڇڏبا، ڄڻ غيبي خان نواب جو مهمان خانو نه آهي، بلڪ ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪٻاڙي جو دڪان آهي. هڪ دفعو، جو در ايندو ته وري کلندو تڏهن جڏهن سيارو اچي منهن ڪڍندو ۽ منزلن جون تاريخان مقرر ٿي وينديون. انهيءَ وقت خبر پوندي ته سڀئي ڪمائتا ٽپڙ کڄي ويا آهن، باقي وڃي ڀَڳَ ڀُرَ ڪنڊ پاسي بچي آهي. نواب صاحب کي ڀلا ڪهڙو يادگيرو. وڏا ماڻهو، سوين خيال، واڻيا وڪال ته هئا ڪين، جو هڪ هڪ شيءِ جي وچون ويهي ڪن ۽ ساهه ڏين. سونو خان عرض ڪندو:
”قبلا سائين! سائينجن جي سِر بخت جو خير، ڪجهه نوان ٽپڙ ڪاراچيءَ مان گهرائبا!“
”اڳئين سال به ته ڪي ٽپڙ ڳڌا هئاسي؟“
”جيئندا سائين! انهن مان جيڪي خاص هئا، سي ميمان کڻي ويون!“
”اهڙا سٺا هئا ڇا؟“
”ڇا چئجي سائين! منڊمان ڏسي چريون ٿي پيون. مڙئي مالڪن جو اقبال آهي!“
”چڱو ڀلا، ڪو ڪاراچيءَ ماڻهو موڪليو. سيٺ ڏوسل جي ڇاپ تان به وٺي ۽ ٻين وٽ به ڏسي، پر وٺي سيبائتا ۽ سٺا!“
”جيئندا قبلا! ائين منهنجا سردار!“
اهڙيءَ طرح هر سيزن ۾ ملازمن جي به پئي سيزن ٿيندي، ۽ نواب صاحب به خوش ته جيڪي ٽپڙ اچن ٿا، سي اهڙا ته اڻ لڀ آهن جو منڊمان جنسي ڇتيون ٿي پون ٿيون. جيسين مرحوم خير سان حال حيات هو، تيسين غيبي ديري اندر اهي رنگ هر سال رسندا رهيا. پنهنجي سر به مرحوم شاهوڙ شڪاري هو، ۽ ٻين کي به شڪار ڪرائيندو هو. پر شڪار ڪرائيندو ڇڙو ڀورن کي، بگن کي، اڇن کي- ديسين کي نه پر پرديسين کي- يعني ڪارن جي ڪاڻ ڪانه هيس.
* * *
حقيقت هيءَ آهي ته ٽالپر حڪمرانن کي انگريزن اجايو بدنام ڪيو هو [5]، ورنه سنڌ ۾ انگريزن به ڪين گهٽايو. گرو گنجو انگريز، سيزن ٿيندي، زميندار وٽ اچي منزل ڪندو. خلق پاهه، خرچن ۾ زميندار قرضي، پکي پرنڀ ڪينڪال. انهيءَ زماني ۾ زميندارن وٽ به حڪمرانن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جو وڏو ذريعو شڪار هوندو هو. هر وقت ڪمرڪشيون بيٺا رهندا هئا.
اهو مرض انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ به پاڪستان اندر زور وٺي ويو. نئين سر شڪار جون مهاڙيون تيار ٿي ويون، پَرا ٺهي ويا ۽ دَنگا نڪري ويا. انهيءَ بدعت جي ابتدا خواجه ناظم الدين پنهنجي گورنر جنرليءَ جي زماني ۾ ڪئي. بندوق لڳي نه لڳي، شڪار ۾ پنڌ ڪري سگهي نه سگهي، ليڪن خواجه صاحب وڃي ضرور. ان کان پوءِ وري جناب ميجر جنرل اسڪندر مرزا، پريزيڊنٽ مملڪت اسلاميه پاڪستان. هر وڏيرو ڄڻ جمعدار حـَـسـُـو بڻجي پيو. اڄ...صاحب وٽ. اڄ خانبهادر...وٽ. مطلب ته هڪٻئي جي ريس تي وڏيرن وسئون ڪين گهٽايو. سٺيءَ بندوق جو پاڻ وٽ هجڻ ۽ شڪار جو سٺو بندوبست ڪري سگهڻ. صدر صاحب وٽ رسائيءَ جو واحد ذريعو ۽ شرافت خواه نجابت لاءِ خصوصي سند هئي. هتي آءٌ منيلا ۾ ئي هيس، جو هڪ زميندار جو خط پهتو، جنهن جو هي فقرو نه فقط منهنجي لکڻ جي تصديق ڪري ٿو، بلڪ سنڌي زميندار جي غلامانه ذهنيت جي پوري عڪاسي ڪري ٿو.
”گورنر جنرل صاحب جن مهرباني ڪري شڪار تي آيا. گوٿ گهڻي ٿي پر تتر اٿيو اڪيچار. مزمان به گڏ هيس سڀئي گودر سٽيا ويا. خدا جو شڪر جو دل گهريا پکي اٿيا. سڀئي خوش ٿي ويا. ڀاڙي وارن کي سو ڳالهه ڪانه وڻي حالي ته وهه واهه ٿي وئي پوءِ ڏٺو ويندو.“
خير، اهو ته هو جملو معترضه. وري اچون ٿا شڪار جي شوقينن تي.
* * *
هيڏنهن غيبي خان هو، ته هوڏنهن انهيءَ ڪڙيءَ تي هوندو هو سردار واحد بخش خان ڀٽو. غضب جو توپچي، هٿيارن پهنوارن جو شوقين، شڪار جو خفتي. هو گورن کي اصل ڪونه گهرائيندو هو. ديسي دوستن سميت پاڻ پيو مزا ماڻيندو هو. سيارو آيو، ڪڻڪن ڦوڙيءَ مان منهن ڪڍيو، سرنهن جي سـَـلن ڌرتيءَ مان جند ڇڏائي ڪـَـرُ مٿي کنيو، ۽ چڻن مٽرن جي پوکن ۾ پـَـلي ٿي، ته ڪچي جيِ ڪيٽين ۾، ڇَنائن اوطاقن ڀرسان آڇا آڇا خيما کـُـپي ويندا. ماڻهو درياءُ ٽپي هِن ڀر ٿيندا، ته ٻيٽ مان ئي ائين پيو معلوم ٿيندو، ڄڻ اڇن ڪونجن ڪَرَ مٿي کنيان آهن. سڀئي سمجهندا ته ٻيلي ڀـُـٽي مئزل [6] ڪئي آهي. شام جو تترن تي پئي ٺڪا ٺڪي ٿيندي. جهنگن جا گودر ۽ پوکن جا پاسا پَلَو سنوان ڪري، اچي هڪل ٿيندي پوکن ۾. شام جو سج لٿي کان اڳ پکي پوکن ۾ سٿ ٿيو پيو هوندو. بس بڇ شروع ٿي ۽ ”اَچي! اَچي!“ پئجي ويندي. بگڙا ڀڙڪا ڏيون پيا اٿندا. ڪارو تتر زمين تان ئي ذيل منجهان لاٽ ڪري آسمان ڏي اٿندو. اڃا سڌو ٿيندو ئي مس ته ٺڪ ٿي ويندي. بُجَ اتي ئي آسمان ۾، پاڻ ويڙههبو سيڙهبو ڦهه اچي پٽ تي ڪندو. ”واه واه!“ ٿي ويندي. ايتري ۾ وري ٿيندي. ”اچي! اچي! اهو! اهو!“ ولر اٿي کڙا ٿيندا. ٺا! ٺا! جاڙيون پيون ڇُٽنديون ۽ تتر ائين پيا سٽڪا ڪندا، ڄڻ ڦُلا ٿا ڀُڄن. تتر ڪري، سو توپچيءَ جي شان وٽان ڪونه هو. اتان ئي گُدَ ٿيو ايندو، ڄڻ کينهونءَ اچي سٽڪو ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن باوجود ٿَڪَ جي، ڇيڙَن کي به اهڙو مزو اچي ويندو، جو پيا ڪندا. ”واهه خان، واهه!“ ”واهه سردار، واهه! کينهون ٿي آيو“، ”ير، گد ٿي ويو!“ ”ير، رومال ٿي ويو!“ ”واهه سائين واهه!“ ”ها سائين، توبچي اهي چئجن!“
صبح جو ڪنهن ڍنڍ تي آڙين مٿان ڌوڙيو هوندو ۽ وڏي اَسـُـرَ جو وڃي کُڏِڻن ڀيڙو ٿبو. پهرين اَسـُـرَ جو جڏهن جانور گودرن ۽ پوکن مان چرڳ چري، چارئي ڪکيون سيون ڪري، اچي جهنگ ۾ پوندا. ان وقت چوڌاري ڪڙو چڙهي ويندو، گهٽ گهير وٺجي ويندا، قناتان لڳي وينديون، ۽ باهيون ٻري وينديون. جانور سڀ جهنگ ۾ مـُـوڙهه. اهو گويا اوسَرُ ٿيو. اڃا اونداهه هوندي، جو توبچي کڏڻن ۾ ويهجي ويندا ۽ ڪي ملازم بندوقان کڻي وڃي مـُـهاڙيون جهليندا. جڏهن دنگن ۾ اک سوجهرو ٿيندو، ان وقت ”الاتهار“[7] ٿيندي. جهنگ جهر ۽ ٻوڙي ڪانهن ۾ داسا هڻندا، هڪلان ڪندا، جانورن کي گاريون ڏيندا، ڇيڙا اڳتي وڌندا ايندا. پهريون ڪڙو چاڙهيندا، پوءِ ڏيندا، جهنگ کي سيران ۽ هڻندا گهوٻيون. ان کان پوءِ جهنگ سنئون ڪري، وڏيءَ هڪل کي وٺندا. رونشي لاءِ دهلاري به گڏ ته شرنائن وارا به ساڻ. سڄي جهنگ ۾ هُڙُ بگَهاڙيو ٿي ويندو. بَڇَ وارا هڪٻئي جا نالا کڻي پيا هڪٻئي کي ”ڀيڻهان“ ”ماڻهان“ ڪندا. چي:
”رُگهو هڻ ڀيڻهان!“
”سست ٿي پيو آهين!“
”زور سان!“
”لُڙُ ڪَرِ لُڙ!“
”وِ ٿي نه ڪيو وچ ۾ ڙي! وِٿي نه ڪيو!! جانور نڪري ويندا!“
شڪار جو جمعدار سڏ ڪري سڀني کي هوشيار ڪندو:
”اڙي انهيءَ ٿَمَ ۾ لڪو اَٿَو!“
”رگها هڻونِ! ڀيڻهان، رگها!“
”چڱيءَ طرح!“
”وارو ڪجانءِ!“
”اِهو! اِهو!“
”نِڪتو ٿو وَڃئي!“
”اولاهون ٿو آچئي!“
”اڙي عدلو[8] خبردار ٿجانءِ!“
”ايڏنهن ٿِي ايڏنهن!“
”بدو[9] ڀيڻهان بگهاڙهو ڪر بگهاڙهو!“
”ڇو ڍرا ٿيا آهيو!“
”ڪَن وٺجانءِ ڪَن!“
جيئن هڪل سوڙهي ٿيندي ايندي، تيئن جانور پريشان ٿي ڀڄڻ شروع ڪندا، سڌا اچي دنگن ۾ منهن ڪڍندا. جهنگ جي ويڪر مطابق کڏڻا هوندا ۽ هر کڏڻي ۾ هڪ - هڪ ٻه - ٻه توبچي، ريفلان هٿن ۾ ۽ ٻارهين بور واريون دوناليون، ايس. جي. ڪارتوسن سان ڀريل پاسي ۾. نر ڦاڙها هڪٻئي پٺيان سهڻن سڱن جا تاج مٿن تي رکيون، سڌو اچي قهري ڪانن ۾ پوندا. دنگي مان منهن ڪڍيو ناهي ۽ ڊسڪو ٿيو ناهي.
ٺا!
سڄي جهنگ ۾ پرلاءُ پئجي ويندو، ڄڻ گولي سڀني جي ڪن کان لنگهي وئي. گهڙيءَ لاءِ ماٺ ٿي ويندي. جمعدار کي جهٽ معلوم ٿي ويندو ته ڪهڙي کـُـڏ تان ڪهڙي شڪاريءَ بندوق هنئين، ٺڪاءَ جي انداز مان سَهيو ڪري ويندو ته جانور کي لڳي يا گولي گٿي.
جڏهن هڪل جو پرو سوڙهو ٿيندو ٿيندو مورڳوئي اچي ويجهو پوندو، تڏهن ته ڪٽڪو پئجي ويندو. هيڏهن ٺڪاءَ پيا ٿيندا، هوڏنهن دهلن جو ڌڌڪو ڌم ٻاريندو. شرنائن وارا پنهنجي ليکي ليءِ کي چوٽ چاڙهي ڇڏيندا. هڪل جو هوڪرو جدا وڃي آسمان کڻندو. بس پوءِ ته جهنگل ۾ منگل لڳي ويندا. الاهيِ رنگ، لکين مزا. جي ڪو ان وچ ۾ يارنهن اڱرو مرون هٿ اچي ويندو ۽ ٿَمَ مان نڪرڻ جي نه ڪندو ته ڪتائي لوڌ جون رسيون ڪڍي ڇڏيندا. ’باهو‘، ’ڳولهو‘، ’ورائو‘، ’ڪاڍو‘ ۽ ’واٺو‘[10] سڀئي اچي ٿم وٽ ڪٺا ٿيندا. جڏهن سوئر ڪڍي ميدان تي آڻيندا، تڏهن باهڙ بند ٿيندي. سوئر، جي توبچين کان ڦٽجي نڪتو، تڏهن به ڪتا ڪڍ لائبس. جڏهن وڃي باهڙجي بيهندو، تڏهن ڏڦي وارو اچي پاسو وٺندس.
مطلب ته نيرن مهل اوسر جو اهو مامرو مسين مسين وڃي پورو ٿيندو. ڪايءَ ۾ جانور کڻائي هرڪو توبچي پنهنجي کڏڻي تان اٿيو جهنگ کان ٻاهر ايندو. ڇيڙا به سيءَ ۾ ڪـُـرنڊا ٿيا، ماڪ ۾ سارا پسيا هـُـڙڪندا ۽ هـُـڙ هـُـڙ ڪندا، اچي پري کان پاسو ڏئي بيهندا، جيئن اُچيءَ ذات وارن اڳيان مليڇ بيهن، چهڙا يا چمار بيهن! هونءَ به دستور آهي، غريب ماڻهو کي وڏي ماڻهوءَ کان هٽي بيهڻ کپي. خدا پنج ئي آڱريون برابر ڪونه ڪيون آهن- چڱن جو چوڻ آهي- انهيءَ کي ادب چئبو آهي. ان کان سواءِ سندن لٽن ۽ بت ۾ به ته پگهر جي ڌپ هوندي آهي، جنهن جي ڇـَـٽَ وڏن ماڻهن جي نازڪ حس کي وڃي ڏکوئيندي آهي، توڙي هزار عطر عنبير وڏا ماڻهو ڇو نه لائي اچن! اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو پگهر سندن ئي عيش عشرت جي ساز سامان مهيا ڪرڻ ۾ انهن کان نڪتو آهي، پر آهي ته تنهن هوندي به پگهر، ڇٽ وارو ۽ بدبودار! اميرن جو پسينو ته ڪونه آهي، جنهن کي قصيده گو شاعرن عرق گلاب سان تشبيهه ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ ليوينڊر ۽ لوشن جا اجزا گڏيل هجن، خس ۽ مشڪ جي عطر جي آميزش هجي! هتي ته ڪنهن کي ڦاٽل رلي لڱن تي، ڪنهن کي پهرينءَ لام جي ڪنهن مئل فوجيءَ جو نيلامي ڪوٽ بت تي، خاڪي رنگ جو ميرو ۽ ڪـِـڻُ ڄميل، پتل جي بٽڻن سان، جن تي فوجي نشان چٽيل، جن مان ڪجهه غائب ته ڪجهه اڃا لڳل، ڪن کي ميم صاحبن جا لاٿل ولائتي ڪوٽ بدن تي، بجرا، وڏن ۽ رنگا رنگي بٽڻن وارا، هنڌان هنڌ کاڌل ۽ چتين سان چٽيل، ڪن جي ڪياڙي ۽ ڪفن تي کٿور ٻلن ۽ ولايتي لونبڙن جون کلون لڳل، نرم نرم ۽ گرم گرم، جي بٽڻ ڀڳل ته انهن جي جاءِ تي سوراخن ۾ وٽيل سٽ جا ڌاڳا وڌل، جن کي وري اهي به نصيب ۾ ڪونه هئا، تن کي نياڻين يا پنهنجن ننگن جون پوتيون ۽ روا مٿئين ڌڙ کي ويڙهيل- سيءَ اولو جو ڪرڻو ٿيو! ڪوٽ نه پڳو ته رئو پوتي ئي سهي! هيٺ تي اَلبت سڀني کي گوڏيون، ڪي نيليون گـَـهريون ته ڪي هلڪيون، ڪي سايون ته ڪي مونڱيون، ڪن جو رنگ بنيادي طرح ته اڇو هيو، ليڪن مسلسل استعمال ۾ رهڻ سبب رنگ مٽجي اهڙو ٿي ويو هيو جو انهيءَ جو نالو ٻڌائڻ ئي مشڪل آهي- اهڙي رنگ جو اڃا نالو ئي رٿيل ڪونه آهي. رنگن جا نالا به ته وڏن ماڻهن جا رکيل آهن، انهن ڀلا اهڙو رنگ ڏٺو ئي ڪونه ته نالو ڪيئن رکن؟ خير اهي گوڏيون به هڪ جهڙيون ڪونه. ڪي وڏيون ته ڪي ننڍيون، ڪي سٿر تي ته ڪي گوڏي تي، ڪن کي ويهڪ واريءَ جاءِ تي وڏي چـَـتي لڳل ته ڪن کي وچان ڇڙو ٽوپو ڏنل، ڪا ورلي انهن عيبن کان خالي، نه ته گهڻو ڪري ڪانه ڪا لنجڻ مڙئي سڀني ۾ هوندي. تازيون ته ورتيون ڪونه هوندئون، ڪن سارن جي ٻار کڻي ورتي هوندي، ڪنهن سرءُ جي ٻار کڻي ڳڌي هوندي- ڪنهن کي ته چئن مندن کان به اڳ جي هوندي- وچ ۾ ٻار جو اَنُ جو ليکي چوکي کان ڪونه بچيو ته ڪٿان وٺندو! ڪنهن ڪنهن جي پير ۾ ڪا پراڻي کٿل جتي هوندي جيڪا استعمال ٿيندي ٿيندي سڪي باٺر ٿي وئي هوندي، ورنه عام طرح سڀني جا پير اگهاڙا، جن جي کل تتيءَ ٿڌيءَ ۾ گهمي گهمي جنسي ڪاٺ ٿي ويل. اهڙن پيرن کي جـُـتيءَ جي ضرورت هئي به ڪانه. هي پير انهيءَ حد تي وڃي پهتا هيا، جتي نه سرديءَ جو گذر نه گرميءَ جو، جنهن تي نه ٻاٻرو ڪنڊو اثر ڪري نه نانگ جو ڏنگ، جنسي ڇوڏو، جهڙو هڏو، سـُـوئو کڻي ٽنب، جي سيسراٽي اُڀري! سومهياڻيءَ جو گهران ڀور وجهي هليا هئا ته وري هن مهل تائين نه اَن وات ۾ نه پاڻي پيٽ ۾.
وڏيرا صاحب ته پنهنجي معزز مهمانن سميت چانهن، آنن، حلون ۽ پڪوانن سان ٿورو گهڻو منهن اولو ڪري نڪتا هئا ۽ وري به ناشتي لاءِ ست رڇيون تيار هونديون. ڄاڻ وڃي پنهنجي الله جا احسان بجا آڻي واپرائيندا. سرديءَ جي انهن کي ڪهڙي ڪاڻ! اندر گنجيون، مٿان قميصون، انهن تي اوني سئيٽر، تنهن تي وري ڪوٽ ۽ ڪوٽن مٿان به اوور ڪوٽ. ڳچيءَ ۾ مفلر ۽ هيٺ تي گرم گبارڊين جون برجيسان. جورابا، انهن تي لانگ بوٽ ۽ بوٽن تان جون پٽيون هليون ته سڌيون وڃي گوڏن تي نڪتيون. سيءَ جي ماءُ ويائي آهي، جو اتي ايندو! مالڪ نيٺ مالڪ، ڇيڙا نيٺ ڇيڙا ڪنهن نه جهڙا! انهن لاءِ ديڳ ڀـَـت جي لڙيءَ ٻي پهريءَ تائين اچي لهندي، جنهن ۾ ڪانگڙي جو ڏارو ۽ ڏڪرو رڌل هوندو. تاهري ٿي ته عيدان ٿي وينديون، ۽ جي ڇڙو مٺائيءَ جو ٻرڪو پيو ته به لک لائق، ورنه بنان گيهه جي گانبيءَ دار گارو به اکين تي، ڄڻ سون آ. مڙئي مالڪن جون مهربانيون، نه ته هو انهيءَ جا لائق به ڪونه هئا! هنن کي پيٽ ٿورو ڀرڻو هيو! هنن کي ته مڙوئي بک جي باه مارڻي ۽ سڙئي پيٽ جي آڳ اجهائڻي- جيڪا اميرن جي ته ماهين کيرن، چاهين ۽ شربتن سان وسامندي هوندي، پر هنن جي ته گانبيءَ جو گرهه ۽ مٿان پاڻيءَ جو ڍڪ به ٺاري سگهي ٿو. هنن وٽ سوال هيو وقت ٽپائڻ ۽ ويلي ٽارڻ جو. شام جو وري جو تترن جي بڇ سامنهن هئي، اسر جو ”سوڀي جي پڙن“ وارو اوسر، پرينءَ ”ڏنوءَ جي ڦير“ وارو شڪار، تنهن پرينءَ ”پنهونءَ واري“ هڪل. اهڙيءَ طرح ساندهه ڇهه ڏينهن صبح، شام ۽ اسر کين پنهنجي زميندار جي ڇيڙ ڏيڻي پئي هئي. رعيت ۽ راڄ جو ٿيو! ديهه ۾ ويٺل ڪڙمي ڪامي جو ٿيا! سڏ صلح اهي نه ڏيندا، ته ٻيا ڪير ڏيندا! شيل شڪار، اهي ئي جڏهن هوندا تڏهن ته رنگ رکي بيهندا.
* * *
ڪوٽ مير محمد خان جا ٽالپر، سرڪار مير مير محمد خان، حضور مير سائين مير رضا محمد خان، مير سائين مير راز محمد خان، ڪوٽ ڏيجيءَ وارن مان مير سائين غلام حسن خان ۽ مير سائين غلام حسين خان، خود خيرپور جو والي هزهائنس حضور مير علي نواز خان ٽالپر، جنهن جي شڪار جو ڇڙو مهتم حسو خان جمعدار ئي چئي کڻي بس ڪجي- جهنگ جهر مٿان پاڇو، اصل چهڙو پوءِ مسلمان ٿي شيخ سڏجڻ لڳو، معمولي ماڻهو هيو، ليڪن مير سائين سرڪار جو راز جو ٿي ويو. ته ڪنڌ وڃي آسمان تي پهتو زمين تي نظر ڪٿي پوندي؟
باليءَ واري بگي خان جي خيرپور جي شهر ۾ رات هئي ته حسو خان جو ٻاهرين ملڪ مٿان ڌاڪو. شڪار لاءِ خاص چوڪڙيون ۽ مهاڙيون مخصوص. مجال آهي، جو ڪو ڍور اندر ٽپي يا ڪو ماڻهو لام مُڇي. حسو خان جي ڪـُـڇڻ جي دير، سڌو ڏيجيءَ جي ڪوٽ تي. سڌيون ڪاروايون ڪري چڪندو هو. مير صاحب کي ڪو دانهن به کڻي ڏئي، تڌهن به ٿيندو ڇا؟ حق ته هميشہ ۽ هر حالت ۾ ائين به حسو خان جو پاسو کڻي بيهندو هو. شڪار جي سڄي چانچ [11] سندس حوالي جو هئي، تنهنڪري ٻڌيءَ ڇڙيءَ جو مالڪ پاڻ هو.
* * *
ڏِنون شيخ؟
حسو خان جي جاءِ تي؟ يَرَ ڇا ٿا چئو!
حسو خان جي جتيءَ ۾ ڪو ماءُ ٻچو پير وجهي سگهندو؟
کڻي سؤ دفعا سندس سؤٽ هجي!
جهنگ جي ماڻهن جون جـَـهونَڙيون [12] هن لاٿيون. ٻئي کي مجال آهي! اها ته يَرَ برابر ڳالهه آهي. ماڻهو ته ماڻهو، پر لئي لاڻون به پيو کانئس ڪَنَو کائيندو هو.
شل مرهيات کي بشت [13] نصيب هجي! ڏسؤن مير سائين ڇا ٿو ڪري؟
مير سائينءَ جي ڪامپ[14] جي ڪامِن، باهه جي مَچَ تي سياري جو سيءَ لاهيندي اهوئي مذڪور ڪيو، جڏهن وٽن خبر پهتي ته ڪالهه سانجيءَ جو جمعدار حسو ڪَڻِسَ [15] ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
* * *
اِهي هئا اُهي زمانا، جنهن ۾ شوقين توپچين جا هٿيار مستري محمد الدين وٽ مرت لاءِ ايندا هئا. مستري مرمت ڪندو به دل سان هو ته پيسو به کڙڪائي دل تي وٺندو هو. پورهيا ڪڙمين جا، ڪمايون سڄيون زميندار جي کيسن ۾، پوءِ مـَـن گهريا پيسا مستري صاحب کي ڇو نه پيا ملندا.
ٻٽوان وار ڪياڙيءَ تائين، ٿلهيون مـُـڇان، ڏاڙهي فرينچ ڪٽ جي نموني تي چاپئين، جنهن کي کاڏيءَ وٽ چير ڏنل، اهڙو پيو لڳندو هو ڄڻ فوج جو جمعدار يا صوبيدار ميجر آهي. ڪم ڪندي ڪندي جڏهن ساهي کڻندو هو، ان وقت حقي جو نڙ جنهن جي چوڌاري واڻ ويڙهيل هو وات ۾ وجهندو، ۽ پاسي مان ’بانگ درا‘ کڻي، ان جوبه مطالعو ڪندو. ’شڪوه ۽ جواب شڪوه‘ به سڄو ياد هيس:
دشت تو دشت، دريا ڀي نه ڇوڙي هم ني،
بحر ظلمات مين دوڙا دئي گهوڙي هم ني!
جڏهن انهيءَ قسم جا بيت پڙهندو هو، تڏهن سندس خيال بندوقن جي ڪندن، ريفل جي ماشن ۾ دونالِن جي جوهردار نرين تان- بلڪ کڻي چئجي ته حال تان هٽي وڃي ماضيءَ جي ڪٻاڙخاني ۾ پهچندو هو- دمشق، بغداد، غرناطو، دهلي، اسلام جو غازي سلطان محمود غزنوي، محي الدين و الملت عالمگير غازي! جڏهن ڪتاب ٻوٽي، ڌمڻ ۾ هٿ وجهندو، تڏهن ٿڌو ساهه کڻي چوندو:
”هائي! هائي! اجي ڪيا دن ٿي!“
ڌمڻ منجهان نڪتل هوا سان گڏ مستري مرحوم جي ٿڌي ساهه جو ڇوڪارو به تتل نـَـريءَ تي وڃي ٺهڪو ڪندو هو.
”اسرارِ خودي“ ۽ ”رموز بيخودي“ ڪڏهن شايع ٿيا، انهن جي خبر ڪانه هئي. نه ’خودي‘ ئي سموسٽو ٽپي سنڌ ڏي آئي هئي. اصل ۾ ‘خوديءَ’ جي ڪل ته اسان کي تڏهن پئي، جڏهن ون يونٽ کان پوءِ پنجاب ۾ هر ’شاهين بچي‘ جي خودي ايڏو بلند ٿي وئي، جو نه فقط يزدان جي ڳچيءَ ۾ ڪمند پئجي ويو، بلڪ خود خدا کي به پنجابي بندن جي رضا جوئيءَ کان سواءِ ٻيو چارو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. ڊاڪٽر صاحب جو ”بال جبريل“ سو انهيءَ زماني ۾ تازو نڪتو هو، جنهن تي ڪڏهن ڪڏهن مرحوم محمد اسحاق [16] سٽي ماجسٽريٽ جي علمي خواه غير علمي مجلس ۾ شام جو بنگلي جي پٺئين اڱڻ ۾ بحث ٿيندو هو. علمي هن ڪري چيم، جو ڪي علم دوست به وٽس ايندا هئا ۽ غير علمي هن ڪري جو سرڪاري ڪامورن جو مڙهه مقام به شام ڌاري اتي هوندو هو. اِهو اُهو زمانو هو، جڏهن مرحوم شاعر نه اڃا ’حڪيم الامت‘ بڻيو هو ۽ نه ساڻس مراسم هجڻ واريءَ ڳالهه کي ڪنهن باعث عزت سمجهيو ٿي. اهي سڀ ڳالهيون هن جي هـِـن جهان ڇڏڻ کان پوءِ جون آهن. پاڪستان جي مملڪت خداداد جو قومي شاعر، خدا جنت نصيب ڪريس، تڏهن ٿيو، جڏهن مولوي شبير احمد عثمانيءَ کي به ”شيخ الاسلامي“ عطا ٿي.
* * *
سکر ۾ لاڙڪاڻي جي مقابلي ۾ فضا ئي اور ڏٺم. گرم گوديءَ، سکر براج ۽ ريلوي هيڊ ڪوارٽر هجڻ سبب پنجابين جو شهر ۾ چڱو تعداد هو. چنيوٽ جا چرم فروش به زماني کان رسوخ ڪري ويا هئا. پهريون دفعو مون اتي گهريتيون عورتون رنگارنگي ۽ سهڻن پوشاڪن ۾ کلئي منهن رستن تي سيل سپاٽا ڪنديون ڏٺيون - پنجابين جون بلڪ سنڌين جون به. مسلمانن جو مڊل ڪلاس به اتي ئي پهريون ڀيرو ڏٺم. ورنه لاڙڪاڻي ۾ ته اکيون هڪ وڏيري تان ٿڙي ٻئي تي پونديون هيون، ۽ ٻئي تان ٿڙڪي ٽئين زميندار يا جاگيردار تي چڙهنديون هيون[1]. هونءَ ته ضلعي اندر هتي به ڪو گهٽ زميندار ۽ جاگيردار ڪونه هئا، ليڪن انهن جو شهر تي اثر ڪونه هو. ڪمين ڪارين ايندا هئا ته ائين ڄڻ مزمان - اهڙيءَ طرح جيئن مسافر، صبح آيا سانجهيءَ ويا. نه ڀٽو ڪالونيون هيون نه وڏيرن جون محل ۽ ماڙيون هيون. فقط ٻن زميندارن جا بنگلا هئا- هڪ خانبهادر درمحمد خان ڳڙهيءَ واري جو ۽ ٻيو خانبهادر جان محمد خان ڪوٽ سلطان واري جو. جڏهن پاڻ ايندا هئا، ته انهيءَ ۾ رهي ڪم ڪار لاهي، وري هليا ويندا هئا. زميندار جيئن لاڙڪاڻي ۾ شان شوڪت ۽ لاءِ لشڪر سان ايندا ۽ رهندا هئا، تيئن هتي ڪونه هو. نه ڪٽڪ ماڻهن جا ڪڍ، نه مانين جا دستر خوان ۽ نه نوڪرن جا ولر. ڪنهن کي ڪن نه جن. ڪو آيو ته ڇا، جي ڪو ويو ته ڇا. دڳ سير ۾ ڪنهن سان چار چشمي ٿي وئي، ته ”مابخير، شمابسلامت“ ٿيندي، ورنه ٿيو ڀلو. هرڪنهن ڏي خير.
* * *
منهنجي وڃڻ کان پوءِ البته ڪن زميندارن جي آمدرفت گهڻي ٿيڻ لڳي، ليڪن شهر سان تڏهن به انهن واسطو وجهه ڪونه رکيو. مثلاً، مرحوم خانبهادر جان محمد خان پٺاڻ بمبئي ڪونسل جو ميمبر هو- نهايت نيڪ، ڏاڍو سنجيدو، پٺاڻڪي تيز ۽ تک اصل ڪانه، عقل ۽ سمجهه سان به بهرور، ائين ڀانئبو هو ڄڻ ڪوٽائي پٺاڻن مان آهي ئي ڪونه. قد جو بندرو، پٽ جي ٽوپيءَ تي پشوري لـُـنگي ڏاڍي سهڻي نموني ٻڌل، قميص ۽ شارٽ ڪوٽ، سلوار ۽ سليپر. هڪ ته ڪوٽ جي ماحول سان سندس مزاج مناسبت ڪانه ٿي کاڌي. ٻيو ٻارن کي پڙهائڻ جو سک به سکر ۾ هو، تنهنڪري پارسي ڪالونيءَ ۾، ڪليڪٽريءَ جي پٺيان، پنهنجي بنگلي ۾ اچي رهڻ لڳو. جڏهن ملندو هو، ته ڏاڍي قرب ۽ محبت سان، ليڪن گهـَـري پوڻ جي طبيعت ڪانه هيس، تنهنڪري هميشہ دورباش خوش باش تي عمل ڪندو رهيو.
* * *
خانبهادر محمد پناهه خان ڊکڻ- رب شل جنت ۾ جايون ڏئيس، وڏي اوج، اقبال ۽ طمطراق جو صاحب هوندو هو. سنڌ انهيءَ رنگ ۽ ڍنگ جو پٽ وري پيدا ڪري نه سگهندي. هيو تعلقي ڳڙهي ياسين جي آخري ڪنڊ جو وچولو زميندار، ليڪن ڌاڪو سڄيءَ سنڌ تي هيس. ٿلهو متارو قداور سهڻو مڙس، هلندو ته ڄڻ ڪنهن مملڪت جو مالڪ گلگشت ڪندو اچي ٿو. سهڻي ڪٽ تي سلوار، اعليٰ درجي جي جورابن تي ولايتي شو بوٽ، شارٽ ڪوٽ، قميص تي بو ٻڌل، ترڪي ٽوپيءَ کي پاسي تي موڙو ڏئي ڪجڪلاهيءَ جو شان پيدا ڪندو هو.
هر نازنين ڪہ بينم جلوه ڪنان براهي،
آهي ز دل برارم بر ياد ڪجڪلاهي.
خوش خوشاڪ، خوش خوراڪ، مجلس جو شوقين، يارن جو يار، ماڻهن کان سواءِ منٽ به رهي نه سگهندو. کل چرچو، ڀوڳ ٺڪاءُ، مانيون چاهيون، ڪيڪ مٺايون، مطلب ته جيڪو وٽس ويندو ته موڪلائڻ مهل ٻه ڳوڙها ڳاڙي پوءِ جدا ٿيندو. جنهن ڏينهن وٽس ڪو مهمان ڪونه هوندو، پنهنجي حياتيءَ جو اهو نڀاڳو ڏينهن ليکيندو. ماني هر ويلي تي ٻه - ٽي قسم پچندي هئي. مهمان ڪونه هوندو ته ڳوٺ مان ڪنهن کي سڏي پاڻ سان گڏ کارائيندو. ٻئي کي کارائڻ ۾ جيڪا خوشي مان ان بزرگ کي ڏٺي، سا ٻئي ڪنهن کي ڪانه ڏٺيم. ليڪن سندس ڪڙيءَ جو ٻيو ڪو درياه دل مهمان نواز ٿيو به ته ڪونه. رهڻ ڪرڻ، اُٿڻ ويهڻ، رک رکاءُ ۽ هلڻ چلڻ جو جيڪو کيس ڍنگ هو، سو لک خرچي به ڪنهن کي ڪونه نصيب ٿيو. شان، دوستي ۽ مهمان داري، اهي ٽئي وصفون محمد پناهه خان سان گڏ لحد ۾ لٿيون. جڏهن سندس قضيو ٿيو [2] ان وقت دوستن جي دلين کي ته خير ڌڌڪو پهچڻو هو سو پهتو، ليڪن دشمنن کان به دانهن نڪري وئي:
”محمد پناهه خان!“
”ڊکڻن وارو؟“
”سچ ٻڌاءِ!“
”گذاري ويو؟“
”ابوءِ!“
”مڙئي يَر ڪاريگر جا ڪم آهن!“
”الله سائين بخشيس، واه جو مڙس هو!“
”هائو ڀائو! وري ڪي اهڙا مڙس پيدا ٿيندا ڇا؟“
مرد اهي چئجن، مرن ته دشمن کان به دانهن نڪري وڃي ۽ چئي ته ٻيلي واه جو مڙس ويو.
چوندا آهن سـِـرَ سـِـرَ ڪل آهي ۽ سڄي بخت جي بازي آهي،ماڻهن ڊکڻن جو ڳوٺ سندس هوندي به ڏٺو ۽ هاڻي به ڏسندا هوندا. جڏهن خير سان پاڻ جيئرو هو، ته سڄو شهر ڄڻ جيئرو هو، ماڻهو ڇا، در ديواريون ۽ وڻ ٽڻ پيا ٻهڪندا هئا، هڪ تحرڪ ۽ هڪ چرپر هوندي هئي. انهيءَ زماني ۾ صبح ته صبح پر ڊکڻن جون سانجهيون ۽ راتيون به صبح کان وڌيڪ پيون تجلا ڏينديون هيون.
مير سد بادِ صبا، از يار يادم ميد هد،
زان خرامان سرو خوش رفتار، يادم ميدهد. (جامي)
اڄ ته ڊکن جي ٽاڪ منجهند به ڄڻ شام غريبان پئي لڳي، سڄو شهر اُداس، ڄڻ ڪنهن رَن جوءِ جو وٿاڻ آهي- ويران، گويا مڙس جو مڪان نه پر مـُـردن جو مقام آهي. هڪ ماڻهو هو ليڪن بختاور، اهو ويو ته سڄي شهر جي قسمت، خوشي ۽ خرمي پاڻ سان کنيون ويو.
در ديار خوبرويان دلربائي يافت نيست،
يا به شهر عشقبازان هيچ صاحبدل نماند. (جامي)
ڪنهن زماني ۾ مرحوم وائسراءِ جي اسيمبليءَ جو ميمبر به هو. دهليءَ ۾ اهڙي شان شوڪت سان رهيو، جو هندستاني راجائون ۽ نواب به ڪنڌ ڦيرائي ٻه دفعا پيا پڇندا ته هي ڪٿان جو مڙس آهي؟ سنڌ جو نالو حقيقت ۾ سندس انهيءَ هلت چلت دهليءَ ۾ مشهور ڪيو. لوڪلبورڊ جو ميمبر ۽ اسڪول بورڊ جو چيئرمن پڻ هو. سکر ۾ انهيءَ سلسلي ۾ گهڻو اچڻ ٿيندو هيس. ڪجهه مهمان پاڻ سان ورتيون ايندو هو ۽ باقي ميڙا چونڊي سکر ۽ سکر جي آسپاس مان ٿيندي هئي. بس جيترا ڏينهن رهندو، اوترا ڏينهن رونق لڳي ويندي. در تي بگيون، موٽران، بورچيخاني مان داغن جا هڳاءَ پيا اٿندا، محلي جي ويشنو هندن جو به هڪ لڱا ساهه گهرندو ته هوند ماس ذرو واپرائي ڏسن! مطلب ته:
خوش داشت خويش را، دوسه روزي که زنده بود!
* * *
ٽيون زميندار هوندو هو ڳڙهيءَ جو خان شمس الدين خان عليہ الرحمة، جنهن کي اسان سڀ ”خان وڏو“ سڏيندا هئاسين. سنڌ جي زميندارن ۾ اهڙو عجيب و غريب ماڻهو نه ٿيندو. اهوئي پهريون زميندار هو، جنهن آمدنيءَ ۽ خرچ جي بجيٽ ٺاهي، جنهن حساب ڪتاب رکيو، جنهن روانگيءَ جي هڪ هڪ پائيءَ تي نظر رکي، جنهن پئسا بچايا، جنهن خود هندن کي به وقت تي اوڌر پاڌر ڏني. اهو پهريون وڏو ماڻهو آهي، جنهن پنهنجي سموري زندگي يڪسان ۽ بنان عيب جي گذاري ۽ ڏاڍي اطمينان ۽ آرام سان بسر ڪئي. مجلس جو مور، ڳالهين جو ڳهير، راڳ رنگ جو شوقين، سـُـرَن ۽ سازن جو ڄاڻو، واڄي ۽ وڄت جو پارکو. جوانيءَ ۾ ته پاڻ به ساز سرود وڄائيندو هو، راڳ ڳائيندو هو، ۽ ڳائڻ وڄائڻ وارن جي هڪ سنگت ٺاهي چوڪيون ڪندو هو. مون سان پاڻ ڳالهه ڪيائين ته ڪيترا ڀيرا مرحوم مولانا عبدالغفور همايونيءَ کيس سنگت سميت گهرائي، ڏينهن جا ڏينهن پاڻ وٽ رهائي راڳ ٻڌو.
حاجي خانڻ شاعر سان ڀائپيءَ جو رستو هيس. لاڙڪاڻي مان گهوڙيءَ تي چڙهي، وٽس اچي مهينن جا مهينا رهندو هو: اڇي چاپئين سنهاري، جنهن کي ميندي لڳل، لنگي مٿي سان، نيرو وڏو پيراهن، ٻه تختي ڪائنچ ۽ سنڌي جـُـتي پير ۾، جڏهن ويهندو ته چادر ۽ گوڏن کي ويڙهي ڪانڀ ڪڍي ويندو، اهو حاجي خانڻ جو حليو خان وڏي پاڻ مون کي ٻڌايو. حاجي خانڻ جي ڳالهه ڪري خان وڏو هي ڪلام ڏاڍي مزي سان ٻڌائيندو هو:
چيٽ توڙي ڪـَـتي، اسان داوَن تنهن جي وتي!
1- ساريون، جوئر، آڀون، ڳنان، پڪيون پوکان ٻڌن ٻـَـنان،
لائيءَ لاباري هلن رَنان، انڌي ڪاڻي متي!
اسان داوَن.....
2- سرنهه، ڄانڀو، مـَـٽر، چڻان، آلہِ ڪندو سنڌ ۾ گهڻان،
پيسي کاري مڇي کـَـتي، جهڙو چيٽ تهڙي ڪـَـتي،
اسان داوَن.....
3- حاجي خانڻ هلندو هل تون، ڀلو ڪندئي ڀـَـلي،
جيڪو گري گنجي پلي، گڏه تنهن جي ڪانهين گَتي،
اسان داوَن.....
حاجيءَ جي هيءَ ڪافي پڻ وڏيءَ لئي سان خان ٻڌائي موج ۾ اچي ويندو هو:
ڏک ڏولاوا ڏاج، ڏئي ويا ڏير مئيءَ کي، الا!
1- گهوريا گهر ڀنڀور جا ڀيلا، ويهي گذاريان تهن ۾ ڪينءَ ويلا،
مولا ڪندو محبن سان ميلا، ڪوڙين ڪنديس پوءِ ڪاج،
ڏئي ويا......
2- سسئي ڀنڀور ڪندس مون بيزاري، پنهل ڪندو پاڻهي مون پوئواري،
ڳل ڳچيءَ ۾ پائيندس ڳاري، جو هٿئون پيڙم هاج،
ڏئي ويا......
3- حاجي خانڻ انهن جي آهيان، چوريءَ ويا تڀي نابر ناهيان،
آس اميد اڃان نٿي لاهيان، ملندم يار ڪنديس معراج،
ڏئي ويا......
خان وڏو اهلِ دل هو. سٺو بيت ٻڌندو، سُرَ جو آلاپ سڻندو، وڄت جو سـُـر تال ڪن تي پوندس، بس روح ۾ ڄڻ تراوت اچي ويندس، سڄي منهن تي رونق اچي ويندس ۽ چپن تي مرڪ نروار ٿي اينديس. پيو چوندو:
”واه! ميان حسام الدين شاه، واه!...
”واه! واه!...
”ڏسو ته ڇا ٿو پيو چئي!...
”سبحان الله! سبحان الله!!“
وڄت جو پنهنجي سر پاڻ به ڪاريگر هو. انهيءَ جوانيءَ واري دور ۾ ساز سرود سان گڏ دلي، مردنگ، مـِـشـِـڪ، سارنگي، ڍولڪ، يڪتاري ۽ طبلي کي به واه جو وڄايائين. ليڪن جڏهن اهي زمانا گذريا، اهي ماڻهو ۽ سنگتيون ويون، تڏهن پاڻ به صفا هٿ ڪڍي ڇڏيائين. ڪڏهن ڪڏهن موج اچي ويندي هيس، ته ٽيٻل تي ويٺي ويٺي چار آڱريون هلائي وٺندو هو. بس مزو اچي ويندو، گهڙي ساعت موج لڳي ويندي.
هڪ دفعي اسان ٻئي ڪراچيءَ واري ريواچند موٽومل جي ڇاپ ۾ وياسين (جنهن دڪان ۾ هاڻي ايڇ. غلام محمد ائنڊ برادرس جو دڪان آهي). شام جو وقت هو، کٻي هٿ تي ڊگهو شوڪيس اڄ به ائين رکيو آهي، جيئن انهيءَ وقت هو. انهيءَ زماني ۾ ڪراچيءَ جو به اوج هو، حاجي ڏوسل جي زوال کان پوءِ اهوئي هڪ دڪان هو، جتي هر شيءِ ملندي هئي. منڊمان، صاحبلوڪ، پرديسي، ديسي- مطلب ته سڄو دڪان خريدارن سان جهنجهيو پيو هو. خان جي طبيعت ۾ به ڪا اوچتو موج اچي وئي، شوڪيس جي هڪ طرف کان شيشي تي ٻنهي هٿن سان وڄت ڪندو وڃي ٻئي سري تي پهتو. اڃا پنج - ڇهه هٿ ئي مس کيان هيائين، جو دڪان ۾ بيٺل سڀني خريدارن جا ڪن کڙا ٿي ويا، خريد فروخت بند، انگريز، ميمان، ديسي، پرديسي جتي هئا، اتي ڄمي ويا. ڏهه - ٻارهن منٽ سڄو دڪان ڄڻ خان وڏي جي آڱرين تي نچيو ٿي! جڏهن وڄت کي وڃي توڙ ڪرائي، پويون هٿ هيائين، تڏهن سڀني وٺي ڏاڍيان تاڙيون وڄايون. انهيءَ شام جو خان وڏي جي طبيعت تي ڪا خاص بهاري هئي. وري اهڙو موقعو نصيب ڪونه ٿيو.
اسان ٻنهي جي پاڻ ۾ دوستي نه هئي، بلڪ عشق هو. ڏاڍو قرب ڏيندو هو، تمام گهڻو ڀائيندو هو، جيڪا شيءِ وٺندو سا ضرور ڏيکاريندو، لٽو چڱو ڏسندو صلاح ڪندو، سٺو سوٽ سڀرائيندو، پائي پهريون اچي مون کي ڏيکاريندو. زميندارن ۾ اسانجن وڏن ۽ ڀٽن کان پوءِ هي ٻيو زميندار هو، جنهن انگريزي لٽا پائڻ شروع ڪيا. لٽي ڪپڙي جو ڏاڍو شوقين هو، لٽا ديسي هجن چاهي انگريزي، بت جو سنهون ڇڙڪ ۽ سرو جهڙو سڌو هوندو هو، تنهنڪري پوشاڪ جسم تي ڏاڍو جوڙ ۽ جنسار رکي بيهندي هيس. شڪل، صورت، رنگ ۽ روپ جو به پٺاڻ هو، سهڻو، سفيد، ڳاڙهو، تنهنڪري جيڪي پهريندو هو، سوڄڻ پيو منهن تي پوندو هيس. ڏاڙهيءَ تي پاڪي گهميل، مڇان ڪينچيءَ تي ورتل. منهنجي جڏهن ساڻس واقفيت ٿي، ان وقت ئي وار اڇا جهڙا کير هيس.
پوئين زماني ۾ ڳڙهيءَ ۾ ڏاڍيون ڪچهريون ڪيونسين. منهنجو نوديري ٻڌندو ته هڪدم موٽر موڪليندو. هڪ طرف مون ڏي موٽر ايندي، ٻئي طرف مرحوم غلام صديق خان عيسانيءَ ڏانهن بگي بڊي ويندي. ٻئي وڃي ڪٺا ٿينداسين. ڏينهن تي ويٺي گذري ويندا، پر راتيون به اکين ۾ ڪاٽي ڇڏينداسين.
* * *
مرحوم عيساني به پنهنجو مت پاڻ هو. اهڙو ماءُ ٻچو وري ڪونه ٿيندو. جيد عالم، ڪتابن جو ڪيڙو، وڏو مفڪر، صورت ۾ خواه سيرت ۾ فلاسوفر، طبيعت جو، دل جو، رهڻي ڪهڻيءَ ۽ اٿيءَ ويٺيءَ جو درويش ۽ ڏاڍو سيرچشم، بلڪ سچو پچو ۽ صحيح معنيٰ ۾ اهل دل هو. هميشـ* خاڪي نـِـڪر پائيندو ۽ قميص به ٽؤيل جي خاڪي، جنهن کي ٻه کيسا سيني تي ڍڪ سان ۽ ڪالر. اها هميشہ جي عادت هيس. ماپ تي نه نڪر سبرائيندو هو ۽ نه قميص. قميص جي ڳچي چار آڱر کن وڏي هوندي هئي، جنهن کي پٺيان سيفٽي پـِـن هڻي ڇڏيندو هو، ٻانهان ڊگهيون، تن کي ڪلهي وٽ ور ڏئي پاڻ ئي اڇي ڌاڳي سان ٿلهو ٽوپو ڏئي ڇڏيندو، نڪر ايڏي موڪري، جو منجهس ٻه عيساني اچي وڃن، تنهن ۾ هڪ پراڻو پٽو هوندو هيس، سو ٻڌي ڇڏيندو هو، پٽي هيٺان نڪر کي ايترا گهنج ۽ وڪڙ اچي ويندا هئا، جو نه اڳ پـُـٺ جي خبر پوندي هئي، نه شيپ ۽ شڪل صورت جي. چوندو هو:
”ڀائو! مڙئي اگهاڙي انسان جا عيب لڪائڻا آهن، ان لاءِ ڪهڙا ويهي اهتمام ڪجن. جسم ايترو لهي ئي ڪونه، جو ان تي ايترو وقت ۽ ذهن ضايع ڪجي. اصل شيءِ اٿـِـي روح! ميان روح!! جنهن جي پـَـرَ گهـُـورَ ڏاڍي ضروري آهي.“
تنهائيءَ ۾ رهڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ پسند ڪندو هو. ملندو فقط انهن ماڻهن سان هو، جن سان روح ريڌل هيس يا وري جن جي ڳالهائڻ مان کيس ڪتاب جو مزو ايندو هو، ورنه عامي ماڻهن کان- پوءِ ڪيڏو به کڻي لاٽ ڇو نه هجي- سخت پهلوتهي بلڪ هڪ معنيٰ ۾ نفرت ڪندو هو. چوندو هو:
”ڀائو! انسان خوفناڪ جانور آهي ۽ ساڳئي وقت فضول به. تنهنڪري ان سان ايترو وقت نه وڃائجي. ملجي ڇڙو انهن سان جن مان ڪا حاصلات ٿئي، جنهن جي موڙيءَ ۾ ڪجهه هجي، جنهن کان ڪجهه پرائي سگهجي، يا جنهن جي فطرت جو مطالعو ڪري ڪنهن نئين نتيجي تي پهچي سگهجي.“
بدجنس ۽ خسيس مزاج ماڻهو کان هميشه پاسو ڪندو رهيو. جڏهن رٽائر ڪري ڳوٺ آيو، تڏهن جدا ماڙي ٺهرائي، ان جي مٿئين طبقي ۾ رهڻ لڳو. چهل قدمي به انهيءَ جي اڱڻ ۾ ڪندو هو. پلويڙو ايڏو ڪڍرايو هئائين، جو نه مٿس ڪنهن جي نظر پئجي سگهي ۽ نه سندس ڪنهن تي نگاهه پوي. 5-6 سال پنهنجي ڳوٺ ۾ رهيو، ليڪن انهيءَ نوڪر کان سواءِ ڪنهن جو منهن نه ڏٺائين، جيڪو وقت تي سندس ضرورت جو ٽپڙ آڻي سندس اڳيان رکي ويندو هو - سيرب جو سامان، ماني ٽڪي، لسي ۽ کير، انهن وقتن کان سواءِ نوڪر کي مجال نه هئي ته وٽس اچي، ڪڏهن ڪڏهن پٽ کي اجازت هوندي هئي ته سخت ضرورت جي وقت ساڻس اچي پنج ڏهه منٽ ملي وڃي، يا سندس ڀاءُ غلام مرتضيٰ کي موڪل هئي ته ڪراچيءَ کان جڏهن اچي ته صبح شام ساڻس ملندو ڪري، يا راز هوندو هيس آغا شمس الدين خان سان، سو به جڏهن گهرائيندو هيس ته ويندو، ورنه ڇه ماهيون بلڪ سال به ٿي ويندو ته ڏاڪڻ تان هيٺ نه لهندو. ڪڏهن ڪڏهن روح گهرندو هيس، ته ڊکڻن ۾ وڃي محمد پناهه خان جي گهرٻار جي خبر رکي، ماني کائي، شام جو موٽي ايندو هو. ڪليڪٽر ٿي رٽائر ڪيائين. پهريون پگهار ۽ پوءِ پينشن، جڏهن ايندس ته کاڌي، ڪتابن جي خرچ ۽ پنهنجي خاص ملازم جي تنخواهه جا پيسا ڪڍي، باقي سڄي رقم مخفي طور رنن زالن ڏي، يتيم ٻارن ڏي، ۽ ڪن غريب عزيزن ڏي موڪلي ڇڏيندو. سندس پنهنجي کاڌ خوراڪ جو خرچ مشڪل سان پنجاهه کن هوندو هو. گوشت ورلي، ورنه هميشه ڀاڄيون کائيندو هو، لسي سڄو ڏينهن پيو پيئندو، سرنهه جو مٺو تيل مٿي ۽ بت کي ايترو هڻندو، جو پري کان ان جو جرڪاٽ ڏسڻ ۾ پيو ايندو، فروٽ سالٽ جا کوکا وٺي رکيا هئائين، ان جو استعمال صحت لاءِ ضروري سمجهندو هو.
ڪتاب، اخبارون جٿان ڪٿان هر مهيني پيو گهرائيندو. ڪتاب جو هر ورق ۽ هڪ هڪ حاشيو نوٽن ۽ لـيـِـڪـُـن سان ڀري ڇڏيندو. اخبار پڙهندو، ضروري خبر ڏسندو ته ڪٽنگ ڪري رکندو. انگريزن جو سخت ترين دشمن هو. ايڏيءَ شدت جي نفرت اسان ٻئي ڪنهن کي ڪانه ڏٺي. خود انگريزن جي وڏن وڏن قومي مخالفن کي به ساڻن ايڏي دشمني ڪانه هوندي. عيساني صاحب سندن قومي تاريخ جو تمام چڱيءَ پر مطالعو ڪيو هو. هرهڪ انگريز گهراڻي، بلڪ ان جي ستن پيڙهين مان، واقف هوندو هو. انهن جي قومي خصائلن جو، ڪردار ۽ فطرت جو، سندن سياست ۽ حڪمرانيءَ جي عيبن ثوابن جو، مطلب ته ايڏو واقف خود انگريز پاڻ به پنهنجو ڪونه هوندو، جيترو عيساني مرحوم هو. تنهنڪري سوچي سمجهي، وڏي تجربي، ذاتي مشاهدي ۽ گهري مطالعي بعد هن اها نفرت پيدا ڪئي هئي.
عيساني صاحب هندستان جي تاريخ جو به غور سان مطالعو ڪيو هو. سندس راءِ هئي ته مغلن جو زوال عالمگير کان پوءِ نه ٿيو، بلڪ ان جي شروعات عالمگير جي تخت نشينيءَ واري جدوجهد کان ٿي، ان جي ابتدا تڏهن ٿي، جڏهن هـُـن پيءُ کي تخت تان لاهي ڪاٺ ۾ وڌو ۽ برادرڪشيءَ جو آغاز ڪيو. کانئس پوءِ جيڪا شهزادن ۾ ڪشت و خون هلي، سا سندس انهيءَ پاليسيءَ جي صداءِ بازگشت هئي. جڏهن کيس ڪو ٻڌائيندو هو ته عالمگير ته هندي مسلمانن ۾ ’غازي‘ ٿو سڏيو وڃي، تڏهن ڏاڍيان ٽهڪ ڏيئي کلندو هو. چوندو هو:
”اسان جي قوم خواه اسان جا مورخ طبعاً شاهه پرست آهن. ڏٺو ڪونه اٿو ته هر فاسق ۽ فاجر، ظالم ۽ بدڪردار بادشاهه کي اسان جي مورخن ‘ظل الله’ سڏيو آهي!“
چئبو هئس ته: ”سائين! علامه اقبال به سندس لاءِ چئي ويو آهي:
ترڪشِ مارا خدنگِ آخرين!“
چوندو هو: ”ير ميان حسام الدين، ڇڏيو! اوهان به شاعرن جي قول کي کڻي اهميت ڏني آهي. شاعر ڪڏهن رنگ ۾ ته ڪڏهن ڀنگ ۾!“ وڏا ٽهڪ ڏيندو، انکان پوءِ سنهڙيون اکيون ڪجهه ٻوٽجي ويندَس. انهن اڌ کليل اکين سان تکي گهور وجهي چوندو:
”ڀائو، ساڳي اقبال صاحب انگلنڊ جي بادشاهه جي تعريف ڪانه ڪئي آهي!“ مون ڏي منهنجي ڪري چوندو:
”ير، ميان حسام الدين! اهو بيت ڪيئن پڙهندو آهين؟ پر، پاڻ کي ته اڙدو ڦڙدو ڪانه ايندي آهي.“
اڙدوءُ کي هميشه زوال [3] جي دور جي زبان سمجهندو هو، تنهنڪري جڏهن به ’اڙدوءَ‘ جو نالو کڻدو هو، تڏهن ’ڦڙدوءَ‘ جو اکر پٺيان ضرور لائي ڇڏيندو هئس.
”صاحب، ڪهڙوِ شعر؟“
”يار، هو!...
”ها سائين، ٻڌو خان وڏا!...
”ڀائو، هو ٻڌاءِ امان الله وارو!“
”اُهو جنهن ۾ امان الله جي تعريف ٿيل آهي!“
”ها، ها! ڀائو!“
”اي اميرِ ڪامگار! اي شهريار! نوجوان و مثل پيران، پخته ڪار؟“
”اِهو ڀائو! اِهو!“
”جڏهن امان الله ويو ته وري نادر خان جي به تعريف ڪئي اٿائين؟...
”پير! ٻڌائجانءِ ته يار!“
”نادر، آن دانائي رمزِ اتحاد با مسلمان داد پيغامِ وداد.“
----
”نادر، آن سرمايہ درانيان آن نظامِ ملت افغانيان.“
”آغا وڏا! ٻڌندو وڃ، ير! جيڪو تخت تي ويٺو، تنهن جي تعريف!...
”اڃان ٻيو ٻڌ، خان وڏا!...
”ير، معاف ڪجانءِ! هو ڀوپال واري حميد الله وارو ته چئجانءِ!“
عيساني صاحب وڏن ماڻهن، اميرن ۽ جاگيردارن يا نوابن جي سخت خلاف هوندو هو. چوندو هو ته اهي انسان ذات لاءِ ’ڪينسر‘ آهن.
”ادا ڀائو! اسان جي خان وڏي کي اهو بيت ٻڌاءِ ته سهي!“
”ها سائين، ياد ڪيان.“
* * *
عيساني صاحب جون سنهيون اکيون، جن جا ننڍڙا تارا ايترو تيزيءَ سان چمڪندا هئا، جو انهن جي تاب ۽ تيک جي سامهون ٻين جون وڏيون وڏيون اکيون پاڻ جهلي نه سگهنديون هيون، يڪدم ڦوٽارجي ويون، بلڪ پنهنجي ظرف ۽ وسعت کان به زيادهه کلي ويون. چوڻ لڳو:
”خان، ٻڌ!...
”هيڏي پير، ٻڌ! تون به پاڻ کي ڪا چيز سمجهندو آهين!“
عيساني صاحب بس جوش ۾ هوندو. عام حالتن ۾ ٽنگ ٽنگ تي چاڙهيون ويٺو هوندو، ليڪن جڏهن ڪو اهڙو موقعو ٿيندو هو، ته ٽنگ لاهي هيٺ ڪندو، نيٽ وارو لڪڻ، جنهن جي مـُـٺ تي مـَـرُ چڙهي ويل چمڙو چڙهيل هوندو، ان کي هر هر پيو زمين تي هڻندو، ۽ سڄي هٿ جي اشهد آڱر بار بار نّڪ تائين پهچي، ان کي پئي ڇهندي. جڏهن عيساني صاحب تي اها ڪيفيت طاري ٿيندي هئي، تڏهن ڪچهريءَ جا سڀئي ماڻهو هوشيار ٿي، ڏانهس متوجهه ٿي ويندا هئا. اهو گويا سندن لاءِ الارم هو. چوندو:
”خان وڏا! امان الله جيسين تخت تي تيسين اهو به چڱو مڙس، نادر خان انگريزن آندو ته اقبال صاحب لاءِ اهو به اکين جو نور، ۽ پنج سؤ رپيا ڀوپال جي نواب ماهواري مقرر ڪيا ته اهو به اسلام جو ستارو- اقبال صاحب کي اها خبر نه هئي ته حميدالله جي رياست ۾ هزارين مسلمان انگ اگهاڙا پيٽ بکيا رهن ٿا؟ انهن جي خوشحاليءَ جو مٿس اسلام جي طرفان ڪو ذمو هو يا نه؟ ڀلا پوءِ اهو ڪيئن اسلام جو نگهبان ٿيو؟ اڃا سائين ٻڌو ته سهي...“
انهيءَ وقت وري مون ڏي منهن ڪندو:
”معاف ڪجانءِ، ير! هڪ ته اسان کي شعر ياد رکڻ به ڏانوَ نٿا اچن... هو ته ٻڌاءِ جنهن ۾ خوشحال خٽڪ لاءِ چيل آهي!“
خوش سرود آن شاعر، افغان شناس، آنڪه بيند، باز گويد بي هراس،
آن حڪــــــيم مـــلتِ افغــــــانيـــــان، آن طــبيب علتِ افـــغانيــــــان
اتي صاحب کلي ويهندو - سنهڙيون اکيون، جيڪي هن وقت تائين کليل هيون، سي ٻوٽجي وينديون - ڏاڍيان ٽهه ٽهه ڪري چوندو:
”ير، الله تنهنجو ڀلو ڪري، وري ته چئجانءِ!“
راز قومي ديد و بي باڪانه گفت، حرف حق با شوخيءَ رندانه گفت،
اشتري يابد اگـــر افغان حر، يايراق و ساز و با انبار دُر،
“جهت دونش ازان انبار در، ميشود خود شنود بازنگِ شتر“.
”اهوئي خٽڪ آهي نه جنهن عالمگير تي سخت ملامت ڪئي آهي ۽ چيو اٿائين ته تعجب آهي، جنهن پيءُ جيل ۾ وڌو، جنهن ڀائر ڪُٺا، جنهن اسلام جي قانونن کي ڀڳو، تنهن کي مسلمانن ’محي الدين‘ جو لقب ڏنو آهي. مان به ير راورٽيءَ ۾ ان جو ترجمو پڙهيو آهي. پشتو ته پاڻ کي ايندي ڪانه آهي!“
آغا بدر الدين خان تائيد ڪندي چوندو:
”هائو صاحب، هائو، مان به ان جو ترجمو پڙهيو آهي.“
”يار، ائين ته چئجانءِ!...
”الله شل توکي حياتي ڏئي!“
”هائو سائين، هائو!“
”ٻـُڌئي خان وڏا؟... هي تنهنجو پٽ به ڪتابن جو ڪيڙو اٿئي...
”ٻڌين ٿو؟...
”ڪيڙو! ڪيڙو! هائو ڪتابن جو...
”رات ڏينهن منهن ڪتابن ۾ اٿس...
”ڪڏهن هِن جي لائبرريءَ ۾ويو آهين!“
”نه ير!“
”سچ ته چؤ!“
”ها! ها! ها!“
وري ٽهڪ ڏئي چوندو:
”ٻڌ سائين، هاڻي. جي عالمگير خدنگ آخرين، ته خٽڪ شهباز ڇو، ٻنهي مان هڪ ته ڪوڙو هجڻ کپي. پر ڪهڙيون ڳالهيون ٿو پڇين! شاهه پرست قوم جا جهڙا مؤرخ باشاهه تهڙا شاعر بادشاهه. سڀئي شاه پرست، مڙئي دٻو گل آهي.“
پوءِ سڀني کي کلي چوندو:
”ڀائو، شاعرن جي ڳالهين تي اعتبار نه ڪرڻ کپي. هنن جي فقط ڪاريگريءَ کي ڏسڻ کپي، ان مان لذت حاصل ڪرڻ گهرجي. هنن جي ڳالهين کي ٻڌبو آهي، انهن تي هلبو نه آهي.“
اهڙيءَ طرح صاحب ڪڏهن ڪڏهن جوش ۾ اچي ويندو هو ته ٻين سان گڏ علامه مرحوم مان به ٻــِـسـَـٽِ ٻاهر ٿي ويندو هو. انگريزي ادب جي واهه جو ڄاڻ هئس، باقي مشرقي شاعريءَ جي مزاج جي پروڙ ڪانه هُئس.
عيساني صاحب سنڌ جي هر ضلعي ۾ رهيو. جتي رهيو، اتي هن پنهنجو وقت رائگان ڪونه وڃايو. انهن جي حالتن جو مطالعو ڪيائين، تاريخ جو مطالعو ڪيائين، ماڻهن جي رسم رواج، عادتن، اخلاقن ۽ طبيعتن جو اڀياس ڪيائين. تنهنڪري هن کي هر ڪنهن لاءِ پنهنجي خاص راءِ هوندي هئي. هڪ دفعو وڏي سوچ ويچار ۽ تجربي بعد جيڪا راءِ قائم ڪيائين، ان ۾ وري هڪ زير زبر جي بدل سدل جي به کيس ضرورت ڪانه پئي. ڄڻ پٿر تي ليڪو اچي ويو. اڻويهين صديءَ جي اختتام ۽ ويهينءَ صديءَ جي هـِـن اڌ جو هُو وڏي ۾ وڏو ماهر ۽ ڄاڻو هو. سنڌ جا مشاهير ياد، انهن جي عيبن ثوابن مان واقف، انهن لاءِ مخصوص راءِ، پراڻن خاندانن جي شجرن ۽ مٽن مائٽن جي خبر، شخصن جي ذاتي ڪردارن جو ڄاڻو، سنڌ ۾ ٿيل سڀني وڏن واقعن جي تفصيل جو ياد حافظ. مطلب ته مشاهدي ۽ مطالعي جي منجهس ڏاڍي قدرت ۽ قوت هئي. چوندو هو:
”ڀائو! انسان کي سڄي عمر شاگرد ٿي رهڻ گهرجي، هميشهه پيو پرائجي، هميشهه پيو سکجي. هن ڪائنات ۾ ايڏا اونهان اسرار آهن، جو ههڙيون سوين زندگيون هجن، تڏهن به پوري پروڙ پئجي نه سگهندي. وقت ٿورو، معاملا وڏا، تنهنڪري هڪ هڪ منٽ قيمتي سمجهڻ گهرجي. خدا ڪفر معاف ڪري ڇڏيندو، ليڪن وقت جي زيان جو گناهه ڪڏهن ڪونه بخشيندو.“
سنڌ ۾ ڪن خاص شخصن ۽ خاندانن سان سندس دلبري هئي. تمام وڏي تجربي بعد هن اهي ماڻهو ۽ گهراڻا منتخب ڪيا هئا. اپر سنڌ ۾ محمد پناهه ڊکڻ جو گهر، آغا شمس الدين ۽ خانبهادر در محمد خان جو گهر، هيڏانهن اسان جو گهر. جڏهن انهن گهراڻن مان ڪنهن سان ويهندو، تڏهن خوش به ٿيندو ۽ کـُـلي به ڳالهائيندو. مجلس ۾ جو وقت ويٺو هوندو، پاڻ گهٽ ٻڌائيندو، ٻين کان گهڻو ٻڌڻ گهرندو. ڳالهه ڪبي، وڻنديس، دل کي لڳنديس، طبيعت کي آئڙجي اينديس، سندس پنهنجي راءِ سان ڀـِـچي ۽ ٺهڪي اينديس، ته ٽهڪ ڏئي کلي ويهندو. سندس سنهڙيون اکيون، جيڪي ٻن ننڍڙن ستارن وانگر هميشه پيون ٽمڪنديون هيون، ۽ جڏهن پنهنجا تمام سنها ٻئي چـَـپ ڀيڪوڙي ڪنهن ڏي غور سان گهور پچائي ڏسندو هو، تڏهن ماڻهوءَ جي روح تائين اهي وڃي رسنديون هيون، ۽ خوشيءَ مان ٻوٽجي وينديون هيون. يڪدم ڪرسيءَ تان اٿي اچي ڀاڪر پائيندو، مـِـٺيون ڏيندو، مٿي کي ٻنهي هٿن سان وٺي ڌوڻيندو، ٻئي ڪَنَ پٽيندو ۽ پڇاڙيءَ ۾ جوش ۽ جذبي منجهان جڏهن چهنڊي پائيندو، تڏهن سمجهبو ته اها ڳالهه عيساني صاحب جي دل ۾ اصل گهر ڪري ويئي. چوندو:
”جهل ڀائو! جهل!...
”وري ٻڌائجانءِ!...
”هان؟...
”سچ سچ؟...
”ير، واهه جو ٻڌايئي؟...
”واهه ڀائو، واهه!...
”شل خوش هجين!“
مون سان ڏاڍي محبت هيس. هڪ دفعي[4] خان وڏي مون ڏي موٽر موڪلي، ڏانهس به جيپ موڪلي. وٽس جيپ صبح جو انهيءَ وقت پهتي، جڏهن خضاب لائي ۽ اڌ ڏاڙهي ڪوڙي بيٺو هو. بس هر شيءِ اتي. خضاب مٿي ۽ مڇن تي موجود، اڌ سنهاري صاف، اڌ جا بـُـج ٻاهر، جن تي صابڻ لڳل، سڌو، لڪڻ هٿ ۾، ڌُو اچي ڳڙهيءَ پهتو. مان شام جو ڏينهن ٺاري پهتس، ڏٺم ته عيساني مرحوم اهڙي حال ۾ منتظر ويٺو آهي!
”اڙي صاحب، هي ڇا؟
”بس ميان حسام الدين، خان وڏي جي موٽر آئي، تنهنجي خبر پئي، چيم اهو وقت به هتي ڇو وڃايان؟“
”پر صاحب! هتي پهچي ته سيرب لاهي تڙ ڪيو ها؟“
”ڀائو تنهنجو انتظار هو. مان غسلخاني ۾ هجان ۽ تون جو اچي وڃين، پوءِ ڇا ٿئي؟“
بس پوءِ ته نه خوش، نه خير عافيت، نه حال نه احوال،
”ها ڀائو، ڀلا هيءَ ڳالهه ڪيئن؟“
ڌڪڙ تي ڄڻ اٽو لڳي ويو. ڪچهري شروع ٿي وئي- چميون، ڀاڪر، چهنڊيون، ڪن پٽڻ، مٿو ڌوڻڻ. خان وڏو کلي چوندو:
”صاحب! ٿڪ ته پَٽڻُ ڏينس!“
”خان وڏا بس ته ڪر، ههڙا موقعا ڪي روز ملندا آهن ڇا!“
اُنهيءَ رات اسان ٻين بجي رات تائين ويٺاسين. جڏهن مٿو صفا خالي ٿي ويو، تڏهن عيساني صاحب کي عرض ڪيم ته ’باقي آئينده ڪري، هاڻي سمهڻ گهرجي.‘
ڳڙهيءَ جي رات ٿڌي هئي، ليڪن مڇر غضب جا. خدا پيو پناهه ۾ رکي. آغا بدرالدين خان منهنجي کـَـٽ تي مڇرداني ٻڌرائي ڇڏي هئي. مون کي ڪهڙي خبر ته مڇرداني اڄ ئي پنهنجي صحيح معنيٰ کي سمجهي، واقعي ’مڇرداني‘ ٿي پوندي. اڃان گهِلَ اچي ته ٺڪ چڪ، وري اک لڳي ته ’ڀون، ڀون‘... چڪ، ٿورڙو ننڊ جو گهيرٽ وٺي ته ڪن ۾ ’زان زان زان...‘ ٺا ٿي ويو ڪن جي پاپڙي ۾ الغرض ٻي وڳي تائين ته عيساني صاحب سان صحبت رهي ۽ ٻين کان وٺي صبح تائين مڇرن ۽ منهنجي مابين موازنو ۽ معرڪو ٿيندو رهيو. جڏهن روشني ٿي، ته ڏٺم سوين مڇر اندر موجود. مڇرداني صحيح معنيٰ ۾ مڇرداني هئي- اهڙيءَ طرح جيئن کير داني، کنڊ داني ۽ چانهه داني. مان اڃا انهيءَ ڪبيدگيءَ ۾ ويٺو هيس، اڃا مڇردانيءَ جي ’دان‘ مان ٻاهر نڪري، هٿ منهن به ڪونه ڌوتم، ته اجهو ڏسان ته عيساني صاحب موجود.
لڪڻ، قميص، نڪر، ڄنگهان اگهاڙيون، جن تي سرنهن جي تيل جو جَرڪو، ڪالهه واري اڌ ڪوڙيل سنهاري صاف، ۽ خضاب جا چـُـٽا ۽ ليوڙا به لٿل، منهن ۽ وارن تي به تيل جي چمڪ، اڃا سچو صبح به ڪونه ٿيو هو، ڇڙو پرهه جي نور جي جاڏي ڪاڏي روشني ٿي هئي، ڪيترا ستارا به ڪونه ٻڏا هئا.
”ها ڀائو! اٿيا آهيو؟“
”ڀلا هي ته ٻڌائجانءِ!“
”ير عيساني صاحب، خدا جي نالي گهڙي کن ته ڇڏ!“
”چڱو ڀلا، پوءِ ٿا ڳالهايون.“
اهو چوندو صاحب اٿيو هليو ويو. جڏهن ونهتس، اوجاڳي جي ٿڪاوٽ بت تان لٿي، تڏهن شرمندو ٿيس. انهيءَ انفعالي ڪيفيت ۾ وڏي هال ۾ جو وڃان، ته خان وڏو ۽ عيساني صاحب هڪٻئي سان جوٽ لايون ويٺا آهن. مون ڏي ڏسي، صاحب کلي ويٺو:
”ڀائو، تڙ ٻڙ ڪيئي؟“
گهڻا اٻوجهه کيس ديوانو ليکيندا هئا، ليڪن هـُـو پاڻ- پنهنجي تجربي مطابق سڀني کي چريو سمجهندو هو ۽ سچ پڇو ته حقيقت به اها هئي. جي دنيا ديواني نه هجي ها، ته هو بيوقوف ٿورو هو جو درَ ڏئي ويهي ها؟
سنڌ جي سياست ۾ مجيد، سيد، راشدي ۽ کهڙي کان سواءِ باقي ٻين سڀني کي ڳنڍي ڪپ ۽ چاقومار سمجهندو هو. ڪن لاءِ چوندو هو ته اهي اڻ گهڙيا ڪاٺ آهن. شيخ صاحب جي سياسي فراست جو قائل هو، سيد جي سنڌ دوستيءَ تي عاشق هو، راشديءَ جي ذهن ۽ غربانوازيءَ تي راضي هو، ۽ کهڙي جي انتظامي قابليت وڻندي هيس. سنڌ کان ٻاهر بادشاه خان (خان عبدالغفار خان) سان بيحد دلچسپي هئس ۽ سندس مرتبو سڀني کان اتاهون سمجهندو هو. مسلمانن ۾ قربانيءَ ۽ انگريز دشمنيءَ جي لحاظ کان ڪنهن کي سندس ثاني شريڪ نٿي سمجهائين.
جڏهن ملڪ ٻه حصا ٿيو، تڏهن ٻه سال کن بلڪل خاموش رهيو. پڇبو هئس ته نٽائي ويندو هو. آخر جڏهن کليو، تڏهن پڇيوسين:
”صاحب، ڪيو خبر؟“
”ڀائو حيران آهيان؟“
”ڇو صاحب؟“
”پاڪستان ان لاءِ ٿيو ته انگريزن جي چند پراڻن پٺن جو مڪو مچي ۽ ڪن ڪامورن لاءِ چرڳ[5] ٿئي ايڏو نقصان ۽ هي نتيجو؟ واه ڀائو واهه!“
هڪ دفعي ڪراچيءَ کان ڳوٺ ايندي سندس ننڍو ڀاءُ غلام مصطفيٰ خان باقراڻن وٽ هلنديءَ ريل مان ڪـِـري پيو. هـَـڏُ گـُـڏُ چڪنا چور ٿي ويس. لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ آڻي وڌائونس. مان به اتفاق سان اتي هئس. شام جو عيساني صاحب به اچي پهتو. ڀاڻس کٽ تي نيم بيهوشيءَ ۾ پيو هو. کٽ جي هڪ پاسي کان مان ويٺو هئس، ٻئي کان پاڻ اچي ويٺو. نه ڀاءُ کي پورو ڏٺائين، نه سندس حالت دريافت ڪيائين. ويهندي سان چيائين:
”ڀائو، تون هتي ڪيئنءَ؟...
”ير، ڏاڍو مزو ٿي ويو!...
”پوءِ ڀلا، ٻي ڪهڙي خبر؟“
مون کي لـڄ وٺي وئي، ڀاڻس جو ههڙو حال ۽ صاحب کي اچي خبر چار جي لڳي آهي! عزيز خويش ڇا خيال ڪندا. ڇهين شام کان اٺين بجي رات تائين مريض جي کٽ وٽ ويٺي ويٺي ڪچهري ڪئيسون ۽ ان کان پوءِ وڃي رايل هوٽل ۾ ويٺاسون. مان اڳ ئي اتي رهيل هئس. منهنجي سانگي پاڻ به اتي اچي رهيو. چيائين:
”ير، واه جو رنگ لڳي ويا!“
آيو ڀاءُ کي ڏسڻ هو، ليڪن ٻه ڏينهن جيڪي رهيو، سو هوٽل کان ٻاهر نه نڪتو، نه مون کي ئي ڇڏيائين ته غلام مصطفيٰ کي ڏسي اچان. ماڻهن جي ذريعي پيو پڇا ڪرائيندو هو. چوندو هو:
”مڙئي الله خير ڪندو!...
”حياتي هونديس ته ڪاڏي ويندو؟“
کيس هڪڙو پٽ هو. ٻي ڪابه اولاد ڪانه هيس. پهرين جوانيءَ ۾ جو گهرواري وفات ڪري ويس، ته وري عورت ڏي ڪونه تڪيائين. ڪتاب، اخبارون، ڪائنات جي اسرارن جو مطالعو، ۽ ڪن خاص يارن سان ڪچهري- بس کيس ڪنهن ٻيءَ سنگت جي سڄي حياتيءَ ۾ ضرورت ڪانه پئي. چاليهن پنجيتاليهن جي ڄمار ۾ سندس اهو هڪ فرزند به اوچتو هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. مان ڏاڍي ڏک مان وٽس عذر خواهيءَ لاءِ ويس. در تي اچي ڀاڪر وڌائين. لٽا اهي ئي- ٽؤيل جي ڪشادي خاڪي قميص، نڪر، ان تي پراڻو پٽو، سرنهن جو تيل مٿي ۽ بت کي لڳل. ڪرسيءَ تي ويهي، دستور مطابق چيم:
”صاحب جيڪا مرضي...“
ڳالهه پوري ڪرڻ به نه ڏنائين، چيائين:
”ڀائو، مڙئي خير آ، اهي ڳالهيون پيون ٿين، تون ٻي ڪا خبر ٻڌاءِ!“
چار ڪلاڪ ويٺو رهيس. مجال آهي، جو هن عظيم المرتبت شخص جي انداز مان ڏک ۽ صدمي جي ڪا لکا پوي. ايڏو صبر، ايڏو طبيعت تي قبضو ۽ اختيار!، اهي سڀئي حادثا، ڳالهيون ۽ واقعا زماني جي دستور ۽ رسم کان زياده وٽس ڪا اهميت ڪانه رکندا هئا.
سال 1957ع ۾ فيصلو ڪيائين ته هاڻي مرڻو آهي. هن کان پوءِ مطالعو به اجايو ته زندگي به بيڪار. يڪدم ڪتاب صندوقن ۾ بند ڪرائي، اخبار وارن ڏانهن بندش جا ڪارڊ لکي، پاڻ کٽ تي آهلي پيو. نڪا بيماري نڪا ڪڻس. مائٽ سمجهائي بيٺا، دوست زور ڏئي ٿڪا، ڊاڪٽرن سوين يقين ڏياريا، ليڪن کٽ تان اصل ڪونه اٿيو. پوين ڏينهن ۾ ڪراچيءَ اچي پنهنجي ڀاءُ غلام مرتضيٰ وٽ رهيو. مان ٻڌو ته ماڻهن سان ملڻ بند ڪري ڇڏيو اٿائين. فقط هڪ سندس خاص ملازم ۽ ٻيو سندس ڀاءُ وٽس اچي وڃي ٿو. دوستن يارن کي به ڏسڻ نٿو پسند ڪري. ان هوندي به روح نه رهيو، دل جهلي نه سگهياسي. آغا بدر الدين خان ۽ مان هڪ شام جو وٽس وياسي. گهرائي ويهاريائين. اڄ نـِـڪر ڪانه هيس. ان جي بجاءِ هڪ معمولي گوڏ، ليڪن قميص ساڳي خاڪي ٽؤيل جي، ٻه کيسا ڍَڪ سان ۽ ڪالر جي پٺيان سيفٽي پن لڳل. کٽ تي ليٽيل هو. آڌر ڀاءُ ڏنائين. جيترو وقت ويٺاسي کلي ڳالهائيندو رهيو، ليڪن ڀانيوسي ائين پئي، ڄڻ هي ماڻهو هاڻي هن دنيا جو آهي ئي ڪونه - اوپرو، ڌاريو ۽ مسافر، ڄڻ هاڻي هن ماڳ مڪان جي سراءِ ۾ ڇڙو اچي شب باش ٿيو آهي، وڏو اَسـُـر هوندو هو پلاڻيندو. جڏهن اٿياسي، تڏهن چيائين:
”ميان حسام الدين، وري تڪليف نه ڪجو. هاڻي مون کان پورو آدرڀاءُ يار پڳو نٿو ٿئي. دل سٽ ڏيندي، ته پاڻهين اوهان ڏي ماڻهو موڪليندس.“
مان ڳوٺ هئس، جو اتي خبر پئي ته عيساني صاحب جيڪو فيصلو ڪيو اهو پورو ٿيو، جيڪو قول ڪيو هئائين ان کي نڀايائين، يعني انسانن جي هن ڪائنات مان نڪري اڳتي هليو، ڏور ڪنهن اڻ ڏٺي ڏيهه تي، اتي جتي بيوفا ۽ اجاين انسانن جي بوءِ بڻاس به ڪانه هوندي. اهڙيءَ طرح سنڌ جو اهو بلبل هزار داستان هميشهه لاءِ خاموش ٿي ويو[6].
* * *
عيسائين جي سڄي گهراڻي جو ڪردار عجيب و غريب ۽ بلڪل نرالو رهيو آهي. اصل ذات جا سومرا، وڏن ڊکاڻڪي ڪئي تنهنڪري آل ڊکڻ. ملا عثمان جا فرزند [7] جڏهن پڙهي پاس ٿيا [8] تڏهن ’سَر نيم‘ ڪيائون ’عثمان‘ مان ’عيساني‘ ڳڙهيءَ ۽ ڊکڻن جي وچ ۾ هڪ ننڍڙو واهڻ ”بڊو“ آهي، جنهن ۾ ڄاوا نپنا ۽ اتي ئي سندن زمينداري، ماءُ بسم الله ڪري سڀني ڀائرن کي ٿڃ ڏني هئي، سندن نيڪ ۽ نمازي والد الله کان الاهان ڪري پنيا هئا، اهوئي سبب هو، جو سڀئي صالح، سڀئي قابل، سڀئي فطرت جا نيڪ ۽ دل جا پاڪ ۽ سڀئي سيرت خواه صورت ۾ بي داغ، موچارا، جنسي مور.
غلام مصطفيٰ خان سڀني ڀائرن ۾ وڏو، دل جو بادشاهه، طبيعت جو شهنشاهه، ڌاڪي وارو ڪليڪٽر، يارن جو يار ۽ محتاجن جو مددگار، ڪو منجهيل سنجهيل ڪهي ايندس ته تيسين ننڊ حرام، جيسين اها مونجهه نه سلجهائي سنئين ڪندو. جيسين رهيو، تيسين احسان ڪندو رهيو. دوست دشمن جي نه وچور نه خيال، نه واقف جو حساب نه اڻ واقف جي سنڀال، در لنگي جيڪو آيو سو سر جو سائين، ان جو ڪم ڪرڻ فرض ٿي پوندو. اهو وقت سندس لاءِ ڄڻ عيد جو هوندو هو، عين راحت، ڏاڍو خوش، ڏاڍو فرحت ۾. جڏهن ڪم پورو ڪندو، تڏهن ان کان به زيادهه بهاري. جيسين وري ڪو ٻيو موڙهل هٿ نه ايندس، تيسين ڄڻ ويڳاڻو، وتندو هر هر در ڏي تڪيندو. هڪ ماڻهوءَ جوڪم ڪري گهر ڏي پيو موٽندو، واٽ تي ڪو ٻيو ملي ويس ته وري اتهين ئي انهيءَ سان الاتهار. مانيءَ جو ويلو اچي ويو يا بک لڳس ته يڪدم ڪنهن دڪان ۾ گهڙي ويندو. نه پڇا نه ڳاڇا، جيڪي سامهن ڏسندو، سو بنا پڇي جي کائڻ شروع ڪندو. آچار جو ڪولو ملي ويس ته اهو به ٺيڪ، جي ڀڳڙن ۽ لائيءَ جي ڪـُـني هٿ چڙهي ويس ته اها به الاتهار. جڏهن بس ڪندو، تڏهن قيمت جي ڪٿ ڪرائيندو. کيسي مان ٻه پيسا زيادهه ڏئي، پوءِ ٻاهر نڪرندو. ڀاڙو، خرچ، مانيون ٽڪيون سڀ پنهنجي هڙان، بلڪ ڪم واري جا سڄا خرچ به پنهنجي سر تي.
هڪ دفعي سکر جي پليٽ فارم تي اچي روح سٽ ڏنس. چانهه جي اسٽال تي بصرن جي آچار جي هڪ وڏي برني پئي هئي. ڍڪڻ لاهي بيهجي ويو. يڪيءَ ساهيءَ اڌ برني چٽ ڪري ويو. جڏهن زوريءَ مان ڇڪي پري ڪيو مانس، تڏهن مشڪي چوڻ لڳو:
”ميان، قيمت ته ڏيڻ ڏي! ڏاڍو لستي آهي. تون به ته وير ڪري ڏس.“
هڪ دفعي روهڙي تعلقي ۾ اليڪشن جي سلسلي ۾ ٻئي گڏ هياسي. عالي واهڻ ۾ جڏهن پهتاسي، تڏهن چوڌاري رڙ پئجي وئي:
”اڙي وڏو عيساني صاحب! ڀڄي اچو ڙي، صاحب اچي ويو!“
سڀني سان آدرڀاءُ ڪندو، هر ڪنهن کي کيڪر ڪندو، اچي هڪ هٽ تي ويٺو. ڀائيءَ کٽ ڪڍي، ان تي گندي ۽ وهاڻو اچي رکيو، ليڪن صاحب هٽ جي تڏي تي پلٿ ماري ويهي رهيو. هيڏي ڏٺائين، سامهون ٻه - ٽي ڪـُـنيون پيون هيون. ڀائيءَ کان پڇيائين:
”سيٺ، هنن ۾ ڇاهي؟“
”ڌڻي، ڪنهن ۾ لائيءَ ذرو پيو آهي، ڪنهن ۾ ڀڳڙن مٺ آهي. مڙئي ٿيو جو پيٽ گذر ڪرڻو، ڌڻي منهنجا!“
”ٿورو هيڏي ته کڻي وٺ!“
بس ڍڪڻ لاهي، اچي صاحب ويٺو لائي، سڱر ۽ ڀڳڙا کائڻ. ڀڳڙن جو ڦڪ به هڻندو وڃي ۽ ماڻهن سان به ڳالهائيندو وڃي:
”اڙي قادو ڪاٿي آهي؟“
”صاحب، زمين تي. تون جو مهرباني ڪري وئينس!“
”اَئُون [9] الهه ورايو؟“
”مڙ ئي صاحب تنهنجو ڀلايون. ٺيڪا ڏئي پـُـرِ ڪري وئينس، نه ته لٽي لوڻ به ڪونه هيس!“
”ڌنون؟“
”اهو به خوش آهي. اڄ ڪاڏنهن ٻاهر آهي. تو پيسا ڏنس، ٻه، ٽي ڳئون ورتائين. هاڻي ته ڇانگ جو ڌڻي آهي. کير مکڻ جام پيو وڪڻي.“
ٻئي هڪ وراڻي ڏني:
”مڙئي صاحب تنهنجي سر بخت جو خير. اسان سڀني کي لولي لائق ڪري وئين...“ ماڻهو جنسي فدا ڏٺم. صاحب ڀڳڙا ۽ لائي کائيندو رهيو، حال احوال به ڏيندو وٺندو رهيو. جڏهن روهڙي ڊويزن جو ڊپٽي هو، تڏهن انهن سان پير ڀريا هئائين. ڪنهن کي زمين، ڪنهن کي ٺيڪو، ڪنهن کي پئسا، ڪنهن کي نوڪري. ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ سڀني جي روح ۾ عيساني صاحب رچيل آهي. ڄڻ مڙني جي دل ۾ سندس ديرو آهي. مون کي چوندو هو:
”حسام الدين، هميشه غريبن تي ٿورو ڪجي.“
”صاحب ڇو؟“
”اهي ٿوري کي به گهڻو ڪري ڀائيندا ۽ هميشهه ياد رکندا.“
” ۽ وڏا ماڻهو؟“
”اهي ڪم ڪڍي، جڏهن چانئٺ ڇڏيندا، تڏهن اتي ئي وساريون ويندا. سمجهندا ته پنهنجي عقل جي آڌار تي ڪم ڪڍي آياسي.“
جڏهن لائي، ڀڳڙن ۽ سڱر کان پوءِ ٻه، ٽي داڻا ڪتل جا به وات ۾ وجهي بيٺو، تڏهن ڀائيءَ کي چيائين: ”سيٺ، پاڻي آڻ!“ مسلمانن گهڻو چيو: ”اسان ٿا گهرئون کڻي اچون.“ ليڪن انڪار ڪندي، ڀائيءَ اڳيان کڻي ٻُڪُ جهليائين. سڄو گَڏو پي، پوءِ سڀني ڏي منهن ڪري چيائين:
”اڙي ووٽ ڪنهن کي ڏيندؤ؟“
”صاحب، جنهن لاءِ تون حڪم ڏين!“
”...کي؟“
”حاضر صاحب!“
”اڙي! ياد رکجو متان وساري ڇڏيو.“
جڏهن پيتيون کليون، تڏهن معلوم ٿيو ته فقط اتنهن جا ووٽ مليا، جتان عيساني صاحب گهمي آيو هو. اها ٻي ڳالهه هئي ته عيساني صاحب گهڻو گهمي ڪونه سگهيو، تنهنڪري مقابلي ۾ سندس اميدوار هارائي ويٺو.
موڙهل جي موک کي چوندو هو ‘خير جو ڪم’. پڇاڙيءَ ۾ انهيءَ ئي هڪ خير جي ڪم ڪندي پنهنجا هٿ به ساڙائي ويٺو، يعني هڪ ماڻهوءَ جو ڪم ڪندي، احمد آباد جي ڪليڪٽريءَ تان ڊسمس ٿيو.
زميندار هو، پرواهه نه ڪيائين. پاڻ ڳوٺ پهچي، نوڪريءَ جي پابندين کان آجو ٿي، سڄو وقت ماڻهن جي ڪم سان ماڻهن جي ئي پٺيان گهمندو وتيو. انگريزي سوٽ بت تي، صاحبلوڪي ٽوپلو مٿي تي، ۽ ٿلهو نيٽ جو لڪڻ ونگوڙي سان هٿ ۾، ڪڍ ولر سوالـِـن جا. ڪڏهن ٽنگن تي، ته ڪڏهن ٽانگي تي. ڪڏهن ريل ۾ هوندو، ڪڏهن رستي تي. ڏاڍو رعبائتو مڙس هو. انگريزي پوشاڪ سـَـڄُ رکي بيهندي هيس. گهر ۾ هميشهه وڏي ڪاري يا آسماني سلوار چڻن تي پائيندو هو، ان ۾ په لـُـڏَڻُ پيو لڳندو هو. دل ايڏي مضبوط هيس، جيڏو جسم توانو، جگر ايڏو جيڏو شينهن جو. سڄي زندگي نه ڪنهن جي پرواهه ڪڍيائين نه ڪنهن جي اڳيان سر جهڪايائين، ڳاٽ هميشهه اوچو. وڏن ماڻهن سان اصل ڪانه پيل هوندي هيس. وڏن اڳيان ڪنڌ ۾ ڪلي ۽ ننڍن جي سامهون ڪنڌ نويل. غريبن جو سو يار هو، جڏهن فوت ٿيو [10] تڏهن ڪيترن مسڪينن جون واهون بند ٿي ويون. کانئس پوءِ موڙهن جي موک ڪرڻ وارو ڪو رهيوئي ڪونه.
ٻئي ڀائر نيڪ ۽ نيڪيءَ جا پتلا. احسان ڪرڻ ۽ ورک کڻڻ ۽ پـَـهر وَهڻ جو جذبو ٻنهي ۾ هڪجهڙو، بلڪ هڪٻئي کان ڪثر. فطرت ٻنهي جي پارس، جنهن سان لڳي تنهن کي سون ڪيائون. ملڪ جا بادشاهه ته خير ٻيا هئا، ليڪن پنهنجي ڪائنات جا هي پاڻ ئي شهنشاهه هئا، سندن مرضيءَ ۽ سندن ضمير ۽ راءِ تي ڪنهن جو زور هلي ڪونه سگهيو. خود سندن بالا عملدارن کي به ڪڏهن جرات ڪانه ٿي سگهي، جو کين ڪو ڪڌو ڪم چئي سگهن. ٻئي ڀائر طبيعت جا دهقان، دماغ جا خاقان، مزاج جا جاني ۽ ذهن جا لاثاني هئا.
جملي چار ڀائر هئا، انهيءَ سڄي ڇانگ مان هاڻي ڇڙو وڃي غلام مرتضيٰ [11] هڪ بچيو آهي. حقيقت ۾ سنڌ ڏاڍي سڀاڳي آهي، هن چوڏهين صديءَ ۾ به، جڏهن ماڻهن جو ايڏو ڏڪار آهي، منجهس اهڙا امل ماڻڪ موجود هئا.
* * *
_
قصو اصل خان وڏي جو ٿي ڪيوسين، جو وچ ۾ عيسانين جو مذڪور اچي ويو، اهو به هڪ ضروري داستان هو. سنڌ جو سينگار ته اصل اهڙا ڪردار هئا. سنڌ دراصل عبارت ته انهن ماڻهن سان هئي. مثلاً خان وڏي جو مثال وٺو- پٺاڻن ۾ اهڙا سٻاجها سنوان ۽ سريلا انسان وري ڪٿان لڀندا - دلنواز، دلدار، روح پرور ۽ راحت رسان. پاڻ به خوش ته جڳ جهان به خوش. الله به راضي ته بندو به راضي. زندگيءَ جي سڄي سفر کي اهڙيءَ سبڪ سيريءَ سان طيءِ ڪري وڃي پار پهتا، جو منجهانِ ڪک کي به رنج ڪونه رسيو. ماڻهو ته ماڻهو پر جيت کي به کانئنِ جو کو ڪونه پهتو. اهڙيءَ طرح دامن بچائيندا، گريبان سلامت رکندا، پاسو ڏيندا، پهلوتهي ڪندا، پير پير ۾ وجهندا، سمورو سير سهنجو ڪيو هليا ويا حقيقيت ۾ اصلي پلصراط ته خود هيءَ دنيا آهي، جيڪو ان مان خير سان ويو، تنهن جا ڄڻ سڀئي ڪارج سـِـڌ ٿيا.
مان 15-16 سيپٽمبر 1958ع جو آخري مرتبو کيس ڪراچيءَ ۾ ڏٺو. 17 تاريخ ته خود مون تي دل حملو ڪري، چئين ڪنڊين چت ڪيرائي وڌو. ڊسمبر ۾ کٽ تان اٿي سڌو منيلا هليو آيس. مون کي ڪهڙي ڪل هئي ته ڪو اهو قيامت سندو وڇوڙو ٿيندو. تازو منيلا منجهه مونکي ڪراچيءَ کان هڪ ئي ڏينهن ٻه خط پهتا. هڪ دوست لکيو ته ”اسان ڪالهه خان وڏي سان ملياسين، ڏاڍو خوش خورم هو، توڏي گهڻا گهڻا سلام ڏنائين.“ ساڳيءَ تاريخ جو لکيل ٻيو خط جو کڻي کوليان، ته ٻئي دوست جو اطلاع هو ته: ”خان وڏو مرحوم رات رحلت ڪري ويو. انالله واناعليہ راجعون!“، شام جو خوش خورم، رات جو الاتهار! دل جا دستور اجهي ٿيندائي ائين آهن. پوءِ ڇا ڪجي! پاڻ به ته دل جو ئي مريض هو!
ايڏو مهربان وڃائي ويٺس، جو وري ملڻ مشڪل، بلڪ ناممڪن آهي. مون سان ايڏو دل جوپرچو، جو ٻڌندو ته صبح جو ايندس، بس اَسـُـر ڏئي اٿندو. هٿ منهن ڌوئي، چانهه پاڻي ڪري، ٻاهر اچي رستي کي اکئين لائي ويهي رهندو. دير ٿيندي، کيسي مان واچ ڪڍي، پيو وقت ڏسندو. هـَـرهـَـر حاجيءَ کان پيو پڇندو:
”او حاجي! او حاجي صاحب!! موٽر اڃا سوڌي ڇو نه آئي؟ اسٽيشن تي ته گاڏي اچي وئي هوندي، پوءِ دير ڇو ٿين؟...
”خير، الله خير سان آڻيندن.“
موٽر مان لهندس، پري کان کلي ڪو ڏوهيڙو ڏيندو، بيت پڙهندو، بهار بهار ٿي ويندو. جڏهن ويجهو ايندس، ته ٻئي ٻانهون ڳچيءَ ۾ وجهي، سينو سيني سان لائي، چڱو وقت پيو ڪندو:
”هاءِ! هاءِ!...
”بلي آئيو! جيءُ آئيو!...
”واه صاحب واه!...
”لک ڀلايون، سوين قرب!“
هڪ دفعي موٽر مان اچي لٿس. سامهون صندل تي ويٺو هو. اٿي اتان ئي ٻئي ٻانهون کوليائين. چيائين:
اتي ئي آهين، جتي توهان ڇڏيون،
شابس انهن اکين کي، جو ماڳ نه مٽائين،
ٻئي در واجهائين، ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان.
هڪ دفعي هڪٻئي کي ڏٺي ڏينهن ٿي ويا. پاڻ ڳڙهيءَ مان ڪراچيءَ چوارائي موڪليائين:
ننگر ۽ ناڙيون، پڳهه کڻي پنڌ ٿيا،
بندر بازاريون، سُڃان سامونڊن ري!
ڪڏهن طبعيت ۾ جولان ايندس ته ڳالهه ڳالهه تي مثال طور ڏوهيڙو ڏيندو هلندو، ڪنهن ڪافيءَ جو بيت پڙهندو هلندو. ڪڏهن ڪڏهن ته پهرن تائين پيو گمنام سنڌي شاعرن جا بيت، ڏوهيڙا ۽ ڪافيون ٻڌائيندو. پڙهڻ جو انداز ڏاڍو موزون ۽ مناسب، اکر اکر ۾ ساهه وجهي ڇڏيندو. ڪامان، فل اسٽاپ ڏئي، بيت کي اهڙيءَ ريت ٽڪرا ٽڪرا ڪري پڙهندو، جو نشو چڙهي ويندو. ڪافين جا سُر ياد، ڏوهيڙن ڏيڻ جا مقام ۽ موقعا ياد. مصرعي مصرعي پٺيان ڪندو هلندو:
”هاءِ! هاءِ! ميان حسام الدين شاهه سائين!...
”اکر چونڊبا آهن، نڪتا ڳولبا آهن! منهنجا مٺا!!..
”ڏس ته سهي، ڪاريگر ڇا ته چئي ويا آهن!...
”واهه! واهه! سبحان الله!“
جڏهن جذبو جهڪو ٿيندس، ان وقت کِلي، منهن ۾ منهن وجهي، چتائي ڏسندو ۽ چوندو:
”ڪو دل سان لڳئي، ميان حسام الدين؟“
خان وڏي مون کي مختلف وقتن تي سنڌي شاعرن جو گهڻوئي ڪلام ٻڌايو، ليڪن وقت تي سرت ڪانه پوندي آهي. اڄ ته سارو دفتر ئي پاڻ سيني ۾ سانڍيون هليو ويو. جي ان وقت کانئس لکي وٺجي ها، ته هوند اڄ پاڻ وٽ ڪيترن انهن ڪاريگرن جا ڪلام محفوظ ٿي وڃن ها، جن کي زماني سان گڏ اسان به وساري ڇڏيو آهي. ڪي بيت ياد اٿم، مثلاً:
مـَـڪـَـج ڍول ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،
ڪونهين ڪميڻيءَ جو، بغر تو بـِـلو،
تنهنجو نام نـِـلو، وٺيو ويٺي وندران.
------
هڪ دفعي چيائين:
اکين ۾ ٿي ويهه ته آءٌ واري ڍڪيان،
تون کي نه ڏسي ڏيهه، آءٌ نه ڏسان ڪو ٻيو.
-----
28 جنوري 1957ع جي صبح جو ملياسين، چيائين:
چـُـپ ڪر چـَـپ نه چور، ٻوٽ اکيون ٻـَـڌ ڪـَـنَ،
صبر جي شمشير سان، مـَـردَ! مـَـري ٿيءُ رَنَ.
-----
پاڻي پيج، ٿورڙو کاءُ، اڌيڪو اَنُ،
پوءِ محب تنهنجي مـَـنَ، پيهي ايندو پاڻهي!
-----
هڪ دفعي ٻڌايائين:
لوڪان لڪي هرڪو، تون لڪڻ کئون لڪيج،
ڳالهه پريان جي ڳڻن جي، ڪنن ريءَ ٻڌيج،
پنڌ پريان جي پار ڏي، پيرين ريءَ ڪريج،
انڌو ٿي پسيج، مشاهدو محبوب جو.
-----
ڳوليانءِ ڦوليانءِ مَ لهانءِ، شل نه ملين بلوچَ،
متان هئين سنڌي لوچ، ملڻ مئون ماٺي ٿئي.
-----
حاڪم ٿيوان حڪم چلاوان، عشق اجاري سر پاوان،
جو ڪوئي عشق نه ڄاڻي، سو سڀ قتل ڪراوان!
-----
ڳڙهيءَ ۾ هئس، 11 اپريل 1957ع جو جيئن مون تي نظر پيس، کلي چيائين:
سَوَ هزار تنان تؤن صدقي، دل جني جي هـِـڪي،
لک ڪروڙ تنان تؤ صدقي، من جني جي جهـِـڪي،
پَدَم نيل تنان تؤن صدقي، جيڪي مُکَ مون ٻولن نه ڦِڪي،
ڏونهين جهان تنان تؤ صدقي، جيڪي هُوَن سونُ، سڏاون سِڪي.
خان وڏي وقت بوقت سوين ڪافيون يادگيريءَ مان ٻڌايون. هيٺيون ڪافيون مون نوٽ ڪيون. انهن مان ڪيتريون ڪافيون خود منهنجو ڏاڏو ۽ والد بزرگوار به جهونگاريندا رهندا هئا ۽ انهيءَ دور ۾ اهي ڪافيون ڏاڍيون مقبول ۽ مشهور هيون:
مِٺا مارو! اسان کئون ڇو، مـَـٽي مـُـنهڙو رهيا ويهي.
مِٺا مارو...!
1- لوئي ٿيم لال هِيءَ ليڙون، جِهڄي هِينئڙو ٿيم جيهڙون،
سوين ٿا سور ڏين ڀيڙون، تَنين جي ڪل پُڇو ڪيهي!
مِٺا مارو...!
2- قضا جي قلم جون ڳالهيون، سَڙيءَ قسمت سڀئي پاريون،
جدا ٿا ڏينهڙا جالِيؤن، پرين ايندو پکي پيهي!
مِٺا مارو...!
3- قضا هت قيد قسمت ڪيس، مِٺن مارن کئون وسري ويس،
پڇايان روز ڏوٿِن ڏَسُ، سَنڀالي دل سڙي سي هي!
مِٺا مارو...!
*
ڳڻتيون اباڻن جون ڳارن ٿيون، مون کي عمر ميارون مارن ٿيون!
1- مـَـهيون پيتم جن سان مـَـٽن ۾، چاريم گهيٽا تن سان گهـَـٽن ۾،
پنهور سدائين رهن پٽن ۾، سي ته سنگهارون سارن ٿيون،
مون کي عمر ميارون...!
2- ساڻيهه سرتن ڪيا سـِـرَ تي سيلها، مـِـلي انهن سان ڪندي هئس ميلا،
ڇَنَن ۾ ڇوڙي اچي ير ڇيلا، وڙڪي ولهارن ۾ وارن ٿيون،
مون کي عمر ميارون...!
3- ڪينءَ غلط ٿي مارن جو غـَـم، ڪوٽن سان ناهي منهنجو ڪم،
حيف انهن جي حال تي هردم، جيڪي ور ته پنهنجا وسارن ٿيون،
مون کي عمر ميارون...!
4- صاحبڏنا جڏهن وطن آءٌ ويندس، ڀيڙي ٿاريلن سان ٿر ۾ ٿيندس،
وراپا اتي انهن کي ڏيندس، پرت پکن ۾ جي پارن ٿيون،
مون کي عمر ميارون...!
*
ڏاڍا لِڪڙا ڪيتئي لِئي پاوڻ دا، ڪيها غرض پيُئي اِٿي آوڻ دا!
ڏاڍا لڪڙا...!
1- ڏاڏي آدم دا باپ نه مائي، ڏاڏي حوا ول ڪيڏون آئي؟
بهشتان وچئون ڪنهن لوڌائي، پوءِ عذر ڪيتس داڻي کاوڻ دا!
ڏاڍا لڪڙا...!
2- ڪُن فَيَڪونُ، ايوين فرمايئي، زمين آسمان جوڙ بنايئي!
هر جاءِ اپنا حڪم هلايئي، برهُ نهَ ٿيا ساڏي چاوڻ دا،
ڏاڍا لڪڙا...!
3- شاهه منصور تون سوليءَ چاڙهايـُـئي، ذڪريا سِرُ ڪَرٽ رکايـُـئي،
شمس الحق دي کَلڙي کلايئي، سرمد سيس ڪٽاوڻ دا،
ڏاڍا لڪڙا...!
4- اِهي عثمان ديان اُلٽيان بازيان، وفي انفسکم، ڳجهڙيان ڳالهيان،
نيڙي وسندا ورق وصاليان، الانسان سـِـر الاوڻ دا،
ڏاڍا لڪڙا...!
*
ڏاڍا ڏئي ويا ٿم ڏير، او اوجاڳا مون اکين کي!
1- نانءُ سڏايئين سسئي، ذات نه ڄاڻان آهِ ڪير؟
ڏئي ويا ٿم ڏير...
2- ڪُنگوءَ رتس ڪپڙا، مينديءَ رتڙس پير،
ڏئي ويا ٿم ڏير...
3- واهَ مڪي جون ماڙيون، سرها سندن سير،
ڏئي ويا ٿم ڏير...
4- هيڏيءَ ويل وڻن ۾، هيءَ چوڙيلي آهي ڪير!
ڏئي ويا ٿم ڏير...
5- اديون عبداللطيف چوي، گهٽ نهاريان گهير،
ڏئي ويا ٿم ڏير...
*
پيرين پونديسانِ چوندي سانِ، وو! رهجو رات ڀنڀور ۾!
پيرين...
1- مهارون مـَـيـَـن جون، مان واڳان وٺندي سان، چوندي سانِ،
وو! رهجو رات...!
2- پڃرو پاڪ رسول جو، مان پيهي پسندي سان، چوندي سانِ،
وو! رهجو رات...!
3- اديون عبداللطيف چئي، نئين ماڳين ملندي سان، چوندي سانِ،
وو! رهجو رات...!
*
خوش ٿو گذارين منهنجا پرين، عاشق تنهنجو آ عذاب ۾!
1- ٻَنِ پيو جدائيءَ جو جيئڻ، آهي زهر جو پيالو پيئڻ،
پنهنجي يار کان دم ڌار ٿيڻ، لکيو ڪهڙي آ ڪتاب ۾!
خوش ٿو...!
2- جن کي لڳي جـِـيءَ ۾ جـَـڙي، سڪ سوز ۾ ويڙا سڙي،
مون وٽ اچو هيڪر وري، منهنڙو ڏيکاريو خواب ۾!
خوش ٿو...!
3- ليڙو پاتئي لو ڪئون لڪي، هئي! هئي! عمر ويڙي سڪي،
قدير رب ڏهن جا لکي، هـُـئي هـِـيءَ انهن جي ته باب ۾!
خوش ٿو...!
4- پيرل چوي پڪ ڄاڻ تون، ڏکيا گذاريا ڏينهن مون،
سرڪار رب جي روبرو، هرڪو ايندو ته حساب ۾!
خوش ٿو...!
*
يـــــــاد پون ماروئڙا! وڃان جئري شـال وري،
وڃان جئري شال وري، ڏسي اکڙيــــون پون ٺري!
ياد پون ماروئڙا...!
1- ٿر واريون پٽُ نا ڪن، ٻن پيو پٽُ سونُ سري،
زيب ڪڙيون زينت جون، ظلم ڀــــايـــــان آءٌ ذري،
ياد پون ماروئڙا...
2- گلم، غاليچا، غـُـنچا، پلنگن پيا گل سڙي،
گل ڦل گولاڙن جا ويون ولڙيون واڌ وري،
ياد پون ماروئڙا...!
3- ڏٿ ڏونئرا جن ڏٺا، ڦوڳن پاسي ڦري،
سڱر جي کائن سرتيون تن آه ڳالهه ڳري،
ياد پون ماروئڙا...!
4- حاجي خانڻ چئي حب مئون، پيتمِ ڪيف ڪڙي،
پرين مون کي مانَ ملن، آهيان عيب ڀري،
ياد پون ماروئڙا...!
*
تو لئي سڪندي ٿيڙم سال، ميان،
ساريون صحبت، پئي ٿي سخت گذاريان، يار!
تو لئي...!
1- تنهنجي ڪارڻ سهڻل سائين! هـِـهـِـڙا ڪيڙم حال، ميان،
پايون آلفي ويٺي عشق اجاريان، يار!
تو لئي...!
2- ڪڏهن پرين جو قاصد ايندو، ويٺي وجهايان فال، ميان،
ويٺي واٽن تي جر وهايان، يار!
تو لئي...!
3- دَم ته حياتيءَ جي سـُـڌِ نه آهي، جيئن ڀايان جنجال ميان،
ويهي واٽن تي مان رندڙا نهاريان، يار!
تو لئي...!
*
پنهل کان پوءِ پاڙيچون، ڪـَـتي ڪهڙا ڪاجَ ڪاريندس!
پنهل کان پوءِ ...!
1- نڪو ٿم سنڱ، نڪو سياپو، آهيان گولي گگهيرن جي،
ڳچيءَ ڳل پاندڙو پائي، ميارون معاف ڪاريندس،
پنهل کان پوءِ ...!
2- ازل کئون اصل هو جيڏيون، برو ٿيو بخت ڙي ڀينر،
نه ڏيندس ڏوهه ڏيرن کي، نڪي ڪَرها ڪُهائيندس.
پنهل کان پوءِ ...!
3- اميد علي آهيان ٻانهون، ڌڻيءَ جي در ڀريان جانو،
اڱڻ جي خاڪ اکڙين سان، ٻاروچل جي ٻهاريندس.
پنهل کان پوءِ ...!
*
دل منهنجيءَ کي درد لايون، ڪـَـهه ڪندا ويا ڪيچ ڏي ڪاهيون!
1- ٿي اڻڄاڻ مون نينهڙو لاتو، چئي ڪنهن کي مون ڪين ٻڌايو،
باهه ڀنڀور کي ويندس لايون-
ڪَهه ڪندا ويا ڪيچ...
2- ڇا ڪندس تنهنجا پٽ پٽيهر، ڇا ڪندس تنهنجون محل ۽ ماڙيون،
نٿا وڻن تنهنجا کائڻ ۽ جايون-
ڪَهه ڪندا ويا ڪيچ...
3- چوي فقيرو ڏيرن ڏاڍ جو ڪيڙو، ڇا کئون ڇڏي پنهون ڪيچ جو ويڙو،
سنڱ سڙيءَ جو ناهي، ڪهڙي دعوا الايون،
ڪَهه ڪندا ويا ڪيچ...
*
ويندس آءٌ محب مري، تنهنجي ميان درد فراق ۾!
1- تنهنجي درد فراق ۾، چارئي پهر چري ڙي چري، ميان-
تنهنجي درد-
2- اچي منهنجي سور جي، کولـج دوست دري ڙي دري، ميان،
تنهنجي درد-
3- پيرون چونڊيندس پاند ۾، کٻڙن لام لڙي وو لڙي، ميان،
تنهنجي درد-
4- اديون شاهه لطيف چوي، ملندا محب وري ڙي وري، ميان-
تنهنجي درد-
*
لاڳاپا ويا لهي لهي ميان، شاهه حُسن واري شوق ۾!
1- بهشت دلاسو دوزخ دڙڪو، ڪوڙو آهي قبر جو کڙڪو،
ڊپ ڊاءُ ويا سڀ ڊهي ڊَهي، ميان،
شاهه حـُـسن واري شوق ۾...
2- عزرائيل کان اڳ هواسي، موتو قبل مري جياسي،
سير ڪيو سي سَهي سَهي، ميان-
شاهه حُسن واري شوق ۾...
3- شاهه نصير ميدان انهيءَ ۾، صوفن واري صاف صحن ۾،
خان ايندا ڪي کَهي کَهي، ميان-
شاهه حُسن واري شوق ۾
لاڳاپا ويا لهي...
*
عمر دير لائي ڇو اباڻن، ڏسي ڏوهه ڪهڙو ڏمر ڪيو ڏاڏاڻن-
عمر دير لائي...
1- جدا ٿئي جيڏين کئون سڪندي سال ٿيڙا،
وڇوڙي ويچاريءَ جا هيڻان حال ڪيڙا،
پري کئون پونهاريون ساهيڙيون سڃاڻن-
عمر دير لائي...
2- ڏکن ڪئي ڏهاڳڻ، جلي ويو آ جيرو،
مارو مائٽ مـُـئيءَ جا، ڪيئون ڪونه ڀيرو،
لُڇان روز روئي پڇان پيئي پيڪاڻن-
عمر دير لائي...
3- وساري ولهيءَ کي ڇني ڇو ڇڏيائون،
ڪري ڌار ڌاري گولي نا گڏيائون،
آهيان ننگ انهن جو سچ ڪري جي ڄاڻن-
عمر دير لائي...
4- لُلر ۽ لوڻڪ ٻيو مريڙو مٺو آه،
مکڻ ۽ ماکيءَ کئون، چکي جنهن ڏٺو آه،
کنڀيون کاڄَ خاصا مٺا کئو مٺاڻن-
عمر دير لائي...
5- الله پاڪ پرور اميدان پڄائيندو،
ميلو شير خان سانگن ساڻ ٿيندو،
امانت سلامت پڄايو نماڻن-
عمر دير لائي...
*
سانگي سانگ ويڙا! آلہُ تن کي آڻي،
ناهي ننڊ نيڻن کي نبي پاڪ ڄاڻي!
1- پکي ٿي- پرين ڏي وڃان جي اُڏامي،
سگهان ڪين اُڏري اندر بي آرامي،
سري ڪين ساعت ڳاري دل ڳاراڻي!
سانگي سانگ...
2- پڃري پائبند ٿيل قابو ڪوٽن آهيان،
ڪيس قيد قسمت پنهنجي وس آنءُ ناهيان،
دونهان درد دکن ٿا وسِ ڪين هاڻي!
سانگي سانگ...
3- شير خان دم دم آنءُ سانگين کي ساريان،
ڏکيا ڏينهن گوندر ۾ ويٺي گذاريان،
ويا سور سرتيون سيد جي ساماڻي!
سانگي سانگ...
*
جيڪي سـُـهڻو پاڻ سـَـڏايون ويا، اربيلون اکڙيون اڙايون ويا!
1- استاد اُهي جن پاڙهيو ٿي، درس محبت ڪاڙهيوءُ ٿي،
سـُـتي سورن ڀي سيکاريو ٿي، سـِـٽون سورن جون سمجهايون ويا!
جيڪي سهڻو پاڻ...
2- عاشق اُهي اڙٻنگ هئا، دوست اُهي گلرنگ هئا،
وجهي واسينگ وارا ونگ ويا، سي ته سر تي ورهُ وسايون ويا!
جيڪي سهڻو پاڻ...
3- جاتي دردن جا دڪان هئا، ڏک سورن جا سامان هئا،
وڏا عشق سندا اتي شان هئا، اُهي ماڳ هتئون ته مٽايون ويا!
جيڪي سهڻو پاڻ...
*
جنجل نينهن نباهيو مون، پاڻئون ڏاڍن سان نينهن لايو مون!
1- آءٌ ڇا ڄاڻان انهن ڏکن مئون، سورن ساٿ سمايو مون!
پاڻئون ڏاڍن...
2- آءٌ اياڻي عشق نه ڄاڻان، عشق عجب سـِـر آيو مون!
پاڻئون ڏاڍن...
3- ستي پئي هئس سيج پلنگ تي، جانب ڪين جاڳايو مون!
پاڻئون ڏاڍن...
4- بيدل سان اچي مل مٺڙا، تنهنجي طلب تپايو مون!
پاڻئون ڏاڍن...
*
اچ آرياڻي اچ ميان، پنهل ڄام پـَـهچ ميان، موٽ وڇوڙو ٿو ماري!
1- آءٌ تان ڪوڙي آهيان، سيد آهين سچ ميان، لڳس تنهنجي لاري!
پنهل ڄام...
2- پنڌ اڻانگا ڀـِـٽون ڀاڻان، کنيم ڪونه خرچ ميان، پيڙس تنهنجي پناري!
پنهل ڄام...
3- آءُ ته پرچئون پاڻ ۾، ڪيئون ڳالهن ڳچ ميان، سڀ اندر جون ساري!
پنهل ڄام...
4- ايڏو شهر ڀنڀور جو، چيم ڪنهن نه سچ ميان، اهو مرم ٿو ماري!
پنهل ڄام...
5- سرتيون شاه لطيف چئي! من مئيءَ جي تي مـَـچ ميان، ويو ٻاروچل ٻاري!
پنهل ڄام...
*
هي مولود آڌيءَ رات جو چيو ويندو هو ۽ انهيءَ وقت سموريءَ فضا تي هڪ عجيب ڪيفيت اچي ويندي هئي:
مير مديني جو ڄام، اَلهه کڻي آندو،
ضعيفن جو زمان، مولا کڻي آندو!
1- قـَـد ڪريمن جي مٽُ نه جيڏيون، سرو سنوت ۾ نه آهي،
زلف ڏسي ٿي خجل کٿوري، مشڪ خـُـتن جو ڇاهي،
بره جو بستان، آلہَ کڻي آندو!
ضعيفن جو...
2- آهوءَ کان وڌ عين عجيبن، نازڪ نڪ نوراني،
جوڙ شفيع جو گل نه گلابي، پاڪ سندن پيشاني،
صورت جو سلطان، آلہَ کڻي آندو!
ضعيفن جو...
3- دوست بنان دل درد وڇوڙي، جيڪس ڪئي آهي ماندي،
سو ته دلين جو دلبر منهنجو، جنهن لئي هيڙس گهوري،
مون وٽ سو مهمان، اَلہَ کڻي آندو!
ضعيفن جو...
4- اڄ عجيب اڱڻ مون آيا، ڀال ڀلي جا مون ٿي ڀايان،
پريل چوي تن پرين تئون، ڪهڙي مان گهور گهمايان،
سر ڪيان قربان، آلہَ کڻي آندو!
ضعيفن جو...
*
ويڙ هيچن جا وڳر، آءٌ ڙي عمر!
ويهي هِتڙي ڪينءَ وساريان.
ويڙهيچن...
1- سيج پلنگ تنهنجا ميان، الا! آڇ نه عطر عنبر-
آءٌ ڙي عمر...
2- معاف ڪرايان مِيڙن سان ميان، الا! ڏيهاين جا ڏمر-
آءٌ ڙي عمر...
3- ڏکيا سکيا ڏينهڙا ميان، الا! گذري ويندا گذر-
آءٌ ڙي عمر...
4- لاه اَلہَ لڳ لوهَ جا ميان، الا! نور الحق [1] چئي نِيَر-
آءٌ ڙي عمر...
*
مارن ڌاران موت ووءِ، مون کي ماڙن ۾ آئيو-
ووءِ! ووءِ! ووءِ! مو ن کي ماڙن ۾...
1- مٿي جنازي جڏيءَ جي، مانَ هلي اچي هوت-
مارن ڌاران.... مون کي ماڙن ۾...
2- نجو مڙهه ملير ڏي، هت ٿيان جي فوت،
مارن ڌاران.....مون کي ماڙن ۾...
3- عبدالقادر ڪيئنءَ جيان، هت بنان مون هوت،
مارن ڌاران .....مون کي ماڙن ۾...
*
هن معذور مُئيءَ مٿا الا، ڀيرڙو هوت ڀڃي ويا!
1- ويٺي آهيان واٽ تي، ايندم هوت هتا، الا-
ڀيرڙو هوت...
2- چڙهي جبل چوٽئين، پاڻ ڪندس پرزا، الا-
ڀيرڙو هوت...
3- درد منهنجي دل کي، آهن اهنج اپا، الا-
ڀيرڙو هوت...
4- ڏسي عيب عجيب ميان، ويو ويچاريءَ وٽا، الا-
ڀيرڙو هوت...
5- اشرف چئي ان لاءِ، روئي نيڻ رتا، الا-
ڀيرڙو هوت...
*
ڇپر ۾ ڇوري الا، هوت ڇڏي ويا هيڪلي!
1- اديون هوت پنهل جي، مون کي لڳي آه لوري، الا-
هوت ڇڏي ويا هيڪلي!
2- ڪارڻ هوت پنهل جي، گهـَـٽَ گهمان گهوري، الا،-
هوت ڇڏي ويا هيڪلي!
3- ٻڌي ٻاروچو ويو، ڏکن جي ڏوري، الا-
هوت ڇڏي ويا هيڪلي!
4- اديون عبداللطيف چئي، هـُـئي برهمڻ ڀوري، الا-
هوت ڇڏي ويا هيڪلي!
ڇپر ۾...
*
وئي وهامي رات، الا، جاڳينءَ ڇونه جتن لاءِ!
1- ساٿ لڏيندي سڏ ڪـَـيئي، پنهل پنهنجي وات، الا-
جاڳينءَ ڇو نه...
2- مئي ماري هليا، ڪـُـهي ويا سان ڪات، الا-
جاڳينءَ ڇو نه...
3- توکي ڳـَـهـَـر ڳرو ڪيو، سنجهي ڪياءُ سات، الا-
جاڳينءَ ڇو نه...
4- اديون عبداللطيف چئي، جت زور آور ذات، الا-
جاڳينءَ ڇو نه...
*
هوتن ڌاران هاڻ، الا، ڪينءَ جيئندس آءٌ جيڏيون!
1- ڏٺي جن کي ڏينهن ٿيا، الله سي ئي آڻ، الا-
ڪيئن جيئندس آءٌ...
2- سڪندي مون سال ٿيا، ڪا ڪيون ڪيچن ڪاڻ، الا-
ڪيئن جيئندس آءٌ...
3- صبر، سـُـک وڃائيو، رانول جي رهاڻ، الا-
ڪيئن جيئندس آءٌ...
4- اميدون اٿم احمد شاه چئي، پرين ايندم پاڻ، الا-
ڪيئن جيئندس آءٌ...
*
مئي ڪري معذور، الا! ڪيچي ڪالهه لنگهي ويا!
1- ڪوهيارو ڪانڌ ڪري، ڪيڏا پرايم سور، الا،
ڪيچي ڪالهه...
2- جانب جت ڪري ويا، مون سان ڪيس ڪلور، الا،
ڪيچي ڪالهه...
3- ساريو سپرين کي هتي، وڃين ٿي وهلور، الا،
ڪيچي ڪالهه...
4- ويا سُک سيد چوي، سنگت ٿيڙم سور، الا،
ڪيچي ڪالهه...
*
آءُ ورتيا [2] وجهه فار، وو پوٿيدار،
منهنجي پرين دير ڇو لاتي!
1- آءُ ورتيا سائين توکئون پڇان ٿي، ايندو جانب ڪي هوندو اوڏاهين،
تن ۾ اٿم ڏاڍي تار!
منهنجي پرين...
2- ڏور وڃڻ جي ڪر نه ڏاڍائي، جاڙ هڻي وئين جيءَ ۾ جائي،
نيڻين وهايان نار!
منهنجي پرين...
3- انس فقير چوي آهيان اداسي، ساهه سڄڻ وٽ بت هت باقي،
باري پيا سر بار!
منهنجي پرين...
*
ستي پرايم سور، ڙي، جاڳو! جاڳو! اَوَهي جيڏيون!
جاڳو جاڳو...
1- جاڳڻ سان مون جار نه ڪيڙو، پنهل مـُـئي جو تنهائون ويڙو،
يار ملاقي جن سان ٿيڙو، ٿيو حاصل تن کي حضور، ڙي!
جاڳو جاڳو...
2- اصل کان مان هيس اربيلي، سورن جندڙي ڪئي اٽڪيلي،
ڪل نه لڌڙيم سـُـتيس سويلي، آهي مون ڏاهن ڪل قصور، ڙي!
جاڳو جاڳو...
3- ننڊ نڀاڳيءَ وڌو نهوڙي، ڇوري ڇپر ۾ ڇڏي ويا ڇوڙي،
قلم رباني ڪير ٿو موڙي، ماريس انهيءَ مذڪور، ڙي!
جاڳو جاڳو...
4- حاجي خانڻ حق هڪوئي، مثل سيد جي ڀايان نه ڪوئي،
حال اوريندس تن سان روئي، پل پل پون پرين جا پور، ڙي!
جاڳو جاڳو...
*
جوڳي ٻيا ڀي گهڻان الا، سامي ٻيا ڀي گهڻان، الا-
منهنجو لکيو لاهوتن سان!
1- پورب کان پيدا ٿيا الا، جن کي منهن منجهه مڻيان، الا-
منهنجو لکيو...
2- سينَ هيائون سـُـڃَ ۾ الا، جاتي گهرڙا گهڻان، الا-
منهنجو لکيو...
3- اديون شاه لطيف چئي الا، اڳتئون شال وڻان، الا-
منهنجو لکيو...
*
جوڳين هـُـئي ڪَل ڪا جا!
ڪيائون رمز سهي سندي رام ريجهائڻ!
1- ويٺا پڙهن ”وفي انفسڪم“ طرف ڇڏيائون طمعا جا-
ڪيائون رمز...
2- پـَـهيون ٻنهي جهانن کئون، رهن آديسي آجا-
ڪيائون رمز...
3- پايو منهن مونن ۾، ويٺا فڪر ڪن فنا جا-
ڪيائون رمز...
4- گـُـرَ وٽان تن گودڙيـَـن، سبق پڙهيا ”لا“ جا-
ڪيائون رمز...
5- عبدالله عاشق عجيب اُهي ئي، سامي سليم سٻاجها-
ڪيائون رمز...
*
عاشق نام سڏاوَڻ سؤکا، اؤکا اُس پر رهڻان، جـِـي!
1- عشق سراسر خوني خنجر، سدا سيني وچ سهڻان، جـِـي!
عاشق...
2- طعنا تهمت ڪـُـلَ جي ملامت، عاشقان دي ڳل ڳهڻان، جـِـي!
عاشق...
3- باه بره دي ابراهيم والي، ٻلنديءَ وچ ۾ ٻهڻان، جـِـي!
عاشق...
4- عبدالله ڪسڻ قبوليا، لاشڪ هي سر لهڻان، جـِـي!
عاشق...
*
مست پيالا محبت والا، پيوين ته سر دا سانگا ڇوڙ!
مست پيالا...
1- ڪات ڪنون ڪنڌ ڪڍڻ ڪچائي، مرڻ ڪـَـنون هڻ منهن نا موڙ!
مست پيالا...
2- عاشقي چاوڻ سري لڪاوڻ، ورهَ دي وچ هئي وڏا وڳوڙ!
مست پيالا...
3- تيغ عشق دي تيز تکيري، ڏئي جند عاشق تنهن نون ڇوڙ!
مست پيالا...
4- ڏئي سر عاشق عشق بازيءَ ۾، ٽـَـڳا دنيا جا سڀ تون ٽوڙ!
مست پيالا...
5- عبدالله صلاح اهائي، لاوڻ نينهن نڀاوڻ توڙ!
مست پيالا...
*
عشق ڪيس عريان، صبر سڀوئي سڪ وڃايو!
1- حنفي حنبلي عشق نه ڄاڻي، شافعي مالڪ فرقَ ڏي تاڻي،
ڪيا ڄاڻي نعمان!
صبر سڀوئي...
2- ميم لٿي ير احمد ڇاهي، سڪ وارا ويا اوڏانهن ڪاهي،
قرب ڪيا قربان!
صبر سڀوئي...
3- عرب عين ريءَ سمجهه ته ڇاهي، عبدالله[3] ڇڏ عبد کي لاهي،
ترڪ سنت طغيان!
صبر سڀوئي...
* * *
خان وڏي کي لطيفا، مثالي ٽوٽڪا ۽ قابليت جا قول پڻ سون مـَـنهن ياد هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙو ٽوٽڪو هڻي وجهندو هو، جو ويٺلن کان ٽهڪ نڪري ويندا. ارمان آهي جو انڌو ارواح هڪ لطيفو به ياد رکي ڪونه سگهيس.
خان وڏي جي عمر جو سج نيرڙيءَ ٽپهريءَ تي اچي پهتو هو، ليڪن هن ڪڏهن اهو محسوس ڪونه ڪيو ته صبح ويو، سج مٿي آيو، منجهند ٿي، پاڇا لڙيا، ٻپهريءَ مان به ٽپي سج اچي لاڙون ٿيو آهي. هميشہ خوش، هردم جوان، هر وقت شگفته، ڀائيندو هو ته عمر جي اڃا هاڻي باک ڦٽي آهي. ڳالهه نڪرندي ته چوندو:
”بابا! جسم جهريو ته ڇا ٿيو؟ دل جوان هجڻ گهرجي. مزاج تي بهار رهڻ کپي. مايوسي بزدلي آهي. گوشہ نشيني ڀاڄِ Escape آهي. جيسين جئرو رهجي، تيسين منهن ڏبو اچجي. موت اچي ته به مرڪي منهن ڏجي. ميان حسام الدين! موت به آسان انهن جو ئي ٿيندو آهي، جيڪي مڙس هوندا آهن، جن جي حياتي مرڪندي گذرندي آهي.“
خدا جو شان، پاڻ به اها منزل ڏاڍيءَ آسانيءَ سان ٽپي وڃي پار پيو. دستور اهو آهي ته گذريل زمانن کي ياد ڪيون هر ڪو ٿڌا شوڪارا ڀري پيو ڪندو آهي.
”هاءِ هاءِ! ڪهڙا ڏينهن هئا!“
ليڪن خان وڏو چوندو هو:
”ير، ڪهڙا ويهي شوڪارا ڀرجن ۽ ٿڌا ساه کڻجن. ماضي، حال، مستقبل، سڀ هڪجهڙا آهن. انسان ويچارو ويساري جوگهر آهي، يادگيريءَ جو ڪچو آهي، نه ته ميان حسام الدين شاه سائين! حال ۽ ماضيءَ ۾ ڪو فرق ٿئي ٿو ڇا؟ حال کان ڪو ماضي چڱو هوندو آهي ڇا؟ ماڻهو اجايون حال کان بيزار ٿي ماضيءَ تي پيا شوڪارا ڀرايندا آهن! نه! نه! ڪهڙو ڪم؟ اها بلڪل اٻوجهائي آهي.“
مان چوندس:
”آغا سائين! يعني چئبو ته اهو چوتياپو آهي؟“
کلي ويهندو:
”ير، ائين ڪو چئبو؟ ڪيترا سمجهه جا صاحب به چـُـڪ ڪندا آهن!“
ڪيترن پاڻ جيڏن سان سنگت هوندي هئس، ليڪن پنهنجي سامنهنن خان وڏو انهن کي به نه ٿڌا شوڪارا ڀرڻ ڏيندو نه گذريل زماني تي آهان ڀري ياد ڪرڻ ڏيندو. ويٺو انهن کي به کلائيندو، لطيفا ٻڌائيندو، عقلمندن جا قول ۽ نڪتا سڻائيندو. ڪوشش اها هوندي ته پوڙهن جي دلين تي جيڪا مايوسي آهي، سندن طبيعت تي جيڪا ٿڪاوٽ آهي، هنن جي مزاج ۾ جيڪا بيزاري، ترشي ۽ نراسائي آهي ان جي اثر کي زائل ڪندو رهي.
سندس ننڍي فرزند صدرالدين خان جي شادي ٿي. مرحوم باغ باغ هجي. مون کي ڪراچيءَ کان خاص طرح گهرايائين. ڏٺم ته خان وڏو پنهنجي بنگلي جي وڏي ڪمري ۾ هڪ کٽ تي ڦـَـڻ ڪڍيون ويٺو آهي. سندس چوڌاري پنج - ست سفيد ريش کٽن تي آهليان پيا آهن- ڪي آسيرا، ڪي پاسيرا، ته ڪي شرط سنوان نوان. ڪن جو لٺيون پاسي ۾ رکيون آهن ته ڪن جا لڪڻ کٽن جي تانگهن ۾ اڀا ٿيا پيا آهن. خان وڏو مون کي ڏسي در تي نڪري آيو:
”اچي وَيئو!...
”لک ڀلايون! سوين قرب!...
”ڏاڍو چڱو ٿيو!“
عرض ڪيم:
”آغا سائين، ٽپهري ٿي وئي آهي، پاڇا اچي لڙيا آهن. هلو ته ٻاهر ويهون.“ کلي، منهن ڪَنَ ويجهو آڻي چيائين:
”هي ڪونه ٿو ڏسين، سڀ اڄ، سُڀهن تي آهن. مان توسان هلان ۽ پٺيان ڪو گهرڪي پوي؟ ڇا ڪجي يَرَ، آغا [4] جو چارج ۾ ڏئي ويو آهي.“
گل حسن خان[5] اندران رڙ ڪئي:
”خان! ضرور اسان جي گلا ڪندو هوندين؟“
”ها! ها! ها! ها!“
پٽ ٿي پرڻيس. دل جون مرادون ٿي پـُـنس، سو ان ڏينهن خان وڏو سچ پچ ته جوان هو. ڀلا پوڙهن تي ڪيئن ٿي اک ٻـُـڏَس؟
* * *
ڪراچيءَ جي راڻي باغ ۾ ڪيترن سالن کان ڪراچيءَ جا عمر رسيدا بزرگ شام جو اچي گڏ ٿيندا هئا. اصل ۾ ته پهريون هرڪو گهران باغ ۾ چهل قدمي ڪرڻ ايندو هو. گهمندي ڦرندي هڪٻئي سان واقفيت ٿي. پوءِ راهل مائل ٿيا. ان کان پوءِ واهپو وڌيو ۽ آخر ۾ هڪٻئي جا سنگتي ٿي ويا. هاڻي چهل قدمي ڪرڻ جي بجاءِ باغ ۾ هر روز گڏ ٿي، بينچن تي ويهي، پراڻي زماني جا قصا ڪٽيندا هئا.
”ڇا ته ڏينهن هئا!...
”هاءِ ڙي زمانا!...
”ها سائين، ويا ڏينهن گذري!...
”هاڻي ڇا ٿيندو!...
”اهي ڪي ڏينهن هئا!“
آهون...
ٿڌا شوڪارا- ۽
هاءِ! واءِ!
اهي بزرگ شام جو ويهي جيڪا مجلس ڪندا هئا، ان جو اجهو اهو ماحول هو. ايندڙ ويندڙ کي پيو ائين لڳندو هو ته سڀئي ڄڻ پنهنجي بت مان بيزار آهن. جوان مردن ۽ نوجوان زالن تي جڏهن نگاهه پوندي هـُـين، تڏهن سندن چهرن تي ڪيترا وڪڙ نمودار ٿي ويندا هئا- حسرت غصي جو روپ اختيار ڪندي هئي. بي وسي مـَـسهائپ جو ڌارڻ وٺندي هئي. کل يا ٽهڪڙو سالن جا سال لنگهي ويا، ايندڙ ويندڙ ته ٺهيو پر خود مستقل رهندڙ ماڻهن ۽ چوڪيدارن کي به ياد ڪونه هو ته ڪو هنن جي ڪن پيو. البت ڪن جي منهن تي مشڪ، اها به ڪڏهن ڪڏهن مهني ماسي لحظي کن لاءِ ظاهر ٿي پوندي هئي- سا به ائين جيئن ڄڻ ڪڪرن ڀريءَ ڪاريءَ رات ۾ چنڊ جو ڪو ڪرڻو ڪڪر جي ڪنهن سوراخ مان لياڪو پائي وري لڪي وڃي، اوچتو، ذري ساعت ۽ اک ڇنڀ لاءِ.
بِلا ناغي، هرروز، جهـُـڙ هجي چاهي مينهن، ڳڙو هجي چاهي طوفان، گرمي هجي چاهي سردي، لڪڻ يا لٺ هٿ ۾ کنيون، ڪو منڊڪائيندو، ڪو چيلهه کي موڙا ڏيندو، ڪو هڪ هٿ لڪڻ ۾ ۽ ٻيو ڪمر تي رکيون، ڪو ڪنجهندو، ڪو ڪڻنڪندو، کنگهندو ۽ کانگهارا اڇليندو اچي راڻي باغ ۾ رسندو. باغ جا مالهي به واقف ته چوڪيدار به سڃاڻو. ’چنان جور گرم‘ وارا به شناس ته سگريٽن ۽ پان ٻيڙيءَ وارا گهورڙيا به آشنا. ڀلا روز جو چار چشمي پـِـئي ٿي، بـِـلا ناغي! سامهون ڪيبن ۾ جيڪو مڪراني چانهه وارو هو، سو ته ابتدا ۾ منجهن ڏاڍي دلچسپي وٺڻ لڳو، ليڪن جڏهن ڇهن - ٻارنهن مهينن ۾ به کيس ’ٻوهڻي‘ نصيب نه ٿي، تڏهن هن جي پاليسي بدلجي ويئي، بلڪ جڏهن کين ايندو ڏسندو هو، ان وقت خارون وٺي وينديون هيس ۽ باٽليءَ جي ميري پاڻيءَ مان جيڪو ڇوڪرو ڪوپ ٻوڙي وري ڪيٽليءَ جي ڀڪ ۾ پيو رکندو هو، ان کي چوندو هو:
”اڙي! اچن ٿا!“
”هائو، روز ڀڳا بيٺا آهن.“
”ٿيا جو گهر کان واڌارا.“
”جائي ٿو چوين، گهر ۾ ڪير ليکيندو هوندن!“
جڏهن ڪارپوريشن جو ديسي ايڊمنسٽريٽر بدلجي ويو ۽ انگريز اچي راڻي باغ مان دخل پٽايا، تڏهن هن چانهه واري مڪرانيءَ جي ڪيبن به کڄي ويئي. انهيءَ وقت مڪرانيءَ کي اچي سوسو ٿيو ته شايد انهن بزرگن جي ادب نه ڪرڻ سبب کيس اهو نقصان پهتو!
پهريون اهي پريامڙس ڇُڳا ڇُڳا ٿي، پري پري پيل بينچن تي ويهندا هئا. جڏهن ماڻهن ۽ چوڪيدارن کي ڪهل آئي ۽ هنن محسوس ڪيو ته ايترو فاصلو وجهي ويهڻ به ويچارن جي هم آهنگيءَ ۾ بي ربطي پيدا ٿو ڪري، تڏهن هنن باغ جا دستور پاسيرو رکي، سڀئي بينچون سوري، کين هڪ جاءِ تي ڪري ڏنيون. پوءِ ته ڄڻ سندن لاءِ بهاريون ٿي پيون. نيٺ هو به ته راڻي باغ جو جزو ٿي ويا هئا، ائين جيئن راڻي باغ جي ”زُو“ جو حصو. ماڻهو جيڪي زُو ڏسي، اتان اچي لنگهندا هئا، سي هڪ نظر هنن تي به وجهيون پوءِ پيا اڳتي وڌندا هئا.
ڪنهن کي زريءَ جي پراڻي بنارسي پڳڙي ته ڪنهن کي رنگارنگي ٽوپي، ڪو ترڪي ٽوپيءَ ۾، ڪنهن کي ڪـُـلي تي پشوري پٽڪو، ڪنهن جو ڪوٽ چوغي نما ڪنهن جو شارٽ ته ڪنهن کي خاڪي ڊرل جو فوجي نمونو، ڪنهن جي هيٺ تي پتلون، ڪنهن کي پاجامو، ڪنهن کي شلوار ته ڪنهن کي پـُـليسي پينٽ. عينڪون گهڻو ڪري سڀن جي اکين تي چڙهيل. ڪنهن جي نور کي گهٽ نقصان ته ڪنهن جو صفا نـِـستُ، تنهنڪري ڪنهن جا شيشا ٿلها ته ڪن جا ٿورا سنها. ڪن جا ته مورڳو ٻنهي اکين جا شيشا هڪٻئي کان مختلف، هڪ اک ٻئي کان زياده ڪمزور! لٽا ڪپڙا سڀن کي، کٿل ڪونه البته پراڻي وضع قطع جا. قميصون ۽ هيٺ جو لٽو هر جمعي تي بدلائيندا هئا، ليڪن ڪوٽ ۽ مٿي جي پوشاڪ کي هٿ نه لاتائون. ڪن جا ڪوٽ تڏهن جا هئا، جڏهن هو نوان نوان صوبيدار برٿي ٿيا هئا. ڪن رٽائر ٿيڻ کان ٿورو اڳ سبايا هئا. ڪن جي ڪوٽن کي ايڏو عرصو گذري چڪو هو، جو خود مالڪن کي به ياد ڪونه هو ته هنن ڪڏهن ۽ ڪنهن کان ٺهرايا. ڪي ڪوٽ ته ايترو پراڻا ٿي لڳا، جو انهن جو اصلي رنگ - زمانا ٿيا جو ڦٽي چڪو هو، ۽ استعمال ٿي ٿي ڪپڙو به گاٺ ڪري ويو هين. ڪالر ۽ ڪفن تي گهڻو ڪري ڌاريون چتيون پيل هيون. بوٽ سڀني کي انگريزي نموني جا هئا، پر اهڙا اولڊ ماڊل، جن کي نئينءَ پوشِ ته - جڏهن کان سانڀر ۾ آئي هئي تڏهن کان، بازار ۾ وڪامندو ڪونه ڏٺو هو. ڪن جا منهن ٿلها بلٽاڪ جهڙا بدزيبا، جن کي پرين مڙسن ’گرگابي‘ سڏيو ٿي. ڪن جي ٽو سنهي، ڪي ڪـَـهـِـن سان ٻڌل ته ڪي ڪَهِن جي بجاءِ ڪلپ سان بند ٿيل. ڪن کي ڪارو پيٽنٽ پمپ، جنهن جو به بو اُڏي ويل، ته روغن جون به چتيون چتيون لٿل. ڪن کي لانگ بوٽ، ٿلهي چمڙي جا نه بلڪ گليسڪـِـڊ جا، جيڪي جڏهن خريد ٿيل هئا، تڏهن ته ڏاڍا نرم جهڙا ريشم هئا، ليڪن هاڻي ايامن پڄاڻا گهڻي قدر سخت ٿي ويا هئا ۽ ڪٿان ڪٿان موچيءَ جا موٽا ٽوپا به ڏنل هين. بهرحال نمونا مختلف ليڪن سڀئي هڪجهڙا رسيدا ۽ سرد گرم چشيدا، ۽ حال ۾ به هڪٻئي کان ڪو ٿورو ڪَسُ ڪَسر، يعني نه صفائي نه رنگ روغن! ڪن ته سڄيءَ عمر ۾ رنگ جو منهن نه ڏٺو هو ۽ ڪن کي جيڪڏهن هڪ - اڌ دفعو نصيب ٿيو ته به انهيءَ زماني ۾ جڏهن ڪوبرا پالش Cobra Polish اڃا نئين نئين ڪراچيءَ جي مارڪيٽ ۾ آئي هئي، جنهن جي چوڪنڊين شيشين تي لکيل هوندو هو ’ميڊ اِن انگلنڊ‘. خير، اهو ته ٿيو معاملو پهر پوشاڪ جو، جنهن جو اونو جوان ڪن، هي ويچارا عمر جي شام ۾، ڪهڙا ويٺا ٺٺ ٺانگر ڪن! مڙئي ٿيو کين انگ ڍڪڻو. انهن وڏجـُـڳاين بزرگن جا جسم ته جهور هئا، ليڪن سندن منهن جي تختي به اهڙو بدلجي ويل هئي، جو چتائي ڏسڻ کان پوءِ به پتو ڪونه پوندو هو ته جوانيءَ ۾ نڪ نقشو ۽ خط خال ڪهڙو هين! سڄو منهن گهنج گهنج. کل کي قدرتي روغن جيڪو نرم ۽ چمڪيدار ڪيون بيٺو هوندو آهي، سو ڪن ايامن کان ختم ٿي چڪو هو ۽ هاڻي کَلَ سڪي اُبڙٺ ٿي پئي هئي. مسام به ڪڏهن جا بند ٿي چڪا هئا، جنهن ڪري سردين ۾ منهن کي جيڪو تيل لائيندا هئا، اهو جذب ٿي ڪونه سگهندو هو ۽ هميشہ پيو سندن منهن تي جرڪندو هو. اکيون عينڪن جي اندران ائين ٿي لڳيون ڄڻ ڪڏهن انهن ۾ نه اوجر هو، نه نور ۽ نه نظر، جهڙيون مـُـرديون، ڄڻ ڪنهن ساهه نڪتل ماڻهوءَ جون آهن، ويران، اڇيون ۽ ڀوائتيون. سندن سُنهارين ۽ مٿي جي وارن کي به ڪو شيپ ڪونه هو. جن کي ڏاڙهيون هيون، انهن جي به سـُـڌ ڪانه ٿي پئي ته اصل ۾ هنن جي طبيعت ڪهڙيءَ ڪَٽَ تي هريل آهي، ۽ جن تي صافي گهميل هئي، تن جا وار به هميشہ کل کان ٻاهر پيا ڏسبا هئا ته ڪـَـرَ ڪڍيون بيٺا آهن. عمر ۾ به انهن بزرگن جي ڪو زياده فرق ڪونه هو. ڪو سال اڌ هيڏي يا هوڏي، ورنه گهڻو ڪري سڀئي يڪ سـَـنان. جڏهن مولو مسافرخانو ٺهيو پئي، ان وقت ڪنهن کي شايد ريخ ٿي لٿي. جڏهن پورٽ ٽرسٽ واري جاءِ جڙي بيٺي هئي، تڏهن ڪنهن اسڪول ۾ ستون درجو پاس ڪيو هو. جڏهن بندر روڊ وارو ٽرام پٽو نڪتو ۽ ٽرامون گهوڙن تي هلڻ شروع ٿيون، ڪو ان وقت ڪچ بالغ هو. جهونا مارڪيٽ ۽ کڏي جي وچ ۾ جيڪي پاڙا آهن، سي اڃا ٺهيائي ڪونه هئا، ته ڪو ان وقت ڏاڙهي مڇن جي ساوڪ ۾ هو. لارينس روڊ واري ايڊلجي ڊنشا هاسپٽل جا اڃا کڏا ٿي کنيا، جو ڪنهن مـَـس پاڪي کنئي هئي. مطلب ته اهي سڀئي صورتون انهيءَ تـُـور جون هيون، جيڪو انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ستت ئي مائن جي پيٽ مان نڪتو هو. منجهان ڪنهن کي ميريٽ روڊ تي لوهه جو دڪان هو، جنهن ۾ هاڻي سندس پوٽو ويهندو هو. ڪو بيلجمي شيشي جو واپاري هو، ليڪن تقريباً ويهن سالن کان سڄو مال ملڪيت پٽن ۾ ورهائي، پاڻ ڌنڌو ڇڏي، گهر ۾ الله الله ڪري رهيو هو. ڪنهن سنڌ مدرسة الاسلام جي ماستريءَ تان مدت ٿي، جو پنشن ورتي هئي. ڪنهن کي پوليس جي سپريڊنٽيءَ تان رٽائر ڪئي 25 سال ٿي چڪا هئا. ڪو جوانيءَ ۾ فوج اندر ميجر صوبيدار هو ۽ ”پهرينءَ لام“[6] کان اڳ ئي پاڻ آن فٽ ڪرائي، اچي گهر ويهي رهيو هو. ڪنهن کي اصل ته ڪپهه جو وڏو ڌنڌو هو ۽ شروع ۾ ’راليءَ‘ وارن سان به ڀائيواري هيس، ليڪن پوءِ سٽا هڻندي کـُـٽي پيو هو ۽ بس ايترو بچايو هيائين، جنهن مان مرندي تائين لولو مکي کائي! انهن مان پوليس صوبيدار به رهي چڪو هو ۽ انهيءَ ئي سپريڊنٽ جي هيٺان رهي چڪو هو، جيڪو هاڻي ساڻن گڏ بينچن تي ويٺو ٿي. هن وقت سڀ هڪجهڙا هئا. منجهن ڪوبه فرق ڪونه هو. انهن پرين مڙسن ۾ هڪ ٻه ميمڻ به هئا، جن کي ڪنهن زماني ۾ صدر بازار اندر وڏيون ڇاپان هيون، ۽ هنن سنڌ جي زميندارن کي جيڪو اوڌر تي مال ڏنو، ان جا پيسا وصول ٿي ڪونه سگهيا، جنهنڪري پاڻ قرضي ٿي، آخر ۾ ڏيوالو ڏيئي ويٺا هئا، ۽ انهن کنڌن جون بنديون ۽ لکي ڏنل پرامزري نوٽ اگرچ مدي خارج هئا، ليڪن بطور يادگار اڃا به سانڍيون ٿي آيا. هاڻي فقط ايترو هين، جو مانيءَ ٽڪر پورو ڪري سگهيا ٿي.
انهن وڏ- جُڳائن جي هڪٻئي سان ڏاڍي محبت ۽ خاطري هئي ۽ هڪٻئي جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. ۽ هڪٻئي کي جڏهن مخاطب ڪندا هئا، ته اصلي عهدي جي لحاظ سان، يعني ’سيٺ صاحب‘، ’ماستر صاحب‘، ’سپريڊنٽ صاحب‘، ’صوبيدار صاحب‘، ’ميجر صاحب‘، ’سردار صاحب‘، ’خان صاحب‘. اهو تخاطب هنن کي هر وقت پنهنجي اقبال منديءَ وارو زمانو ياد ڏياري سرور پهچائيندو رهيو ٿي. ازان سواءِ وڏي ڳالهه اها هئي ته رٽائر ٿيڻ يا ڌنڌن بند ٿي وڃڻ بعد جيڪو منجهن احساس ڪمتري پيدا ٿيو هو، سو به انهيءَ طرز تخاطب سان زائل ٿي ويو ٿي، ڇاڪاڻ ته اڃا به هو پنهنجن اصلوڪن عهدن ۽ منصبن جي لحاظ سان مخاطب ڪيا ٿي ويا.
حاصل مطلب اهو ته هن عجيب غريب سنگت ۾، ۽ پرين مڙسن جي انهيءَ رنگارنگي مجموعي ۾، سڀني قسمن جا ماڻهو هئا. سڀئي تجربي جا صاحب، سڀئي پڙهيل ڪڙهيل، ۽ مڙني زمانو ايترو طويل گذاري پار ڪيو هو، جو کين پنهنجي عقل جي پختگيءَ تي پورو پورو بانور هو- ايترو اعتماد ۽ يقين جيڏو کين انهيءَ آفريڪي چٻري جي موجود هجڻ تي هو، جيڪو کانئن ٿوري فاصلي تي زوءَ ۾ هڪ وڏي پڃري اندر بند هو ۽ جنهن جو آواز پنهنجي ويٺي تائين اهي بزرگ پنج ڏهه دفعا روز ٻڌندا هئا- بلڪ هڪ ٻه دفعو ته سڀني صلاح ڪري گڏجي وڃي ان کي ڏٺو به هو، ايڏي ذوق ۽ حضور قلب سان، ڄڻ ٻنهي ڌرين ۾ ڪو روحاني تعلق آهي. آفريڪي چٻرو- عجيب و غريب ڪنڌ هيٺ، هر وقت اکيون بند، ڄڻ ڪنهن وڏي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي، مٿو وڏو، جنهن ۾ گمان پئي ٿيو ته وڏي جڳ جو آهي، تنهنڪري تجربو به اوڏوئي هوندس، ڪڏهن ڪڏهن فڪرات مان جڏهن ڪنڌ مٿي کڻي، اکيون کولي، ڏاڍيان وٺي ٿي ڪيائين ’گُهرُڙ...گُهرُڙ...گهُرُڙ... گهُرڙُ‘، تڏهن نه ڇڙو زوءَ جي سڀني رهاڪن جا ڪن کڙا ٿي ويا ٿي، بلڪ اسان جي هنن پرين مڙسن به گهڙي کن لاءِ زير بحث مسئلي کي نظرانداز ڪري اوڏنهن توجهه ڪيو ٿي.
اهي سڀئي صاحب در حقيقت، سواءِ انهن چند بزرگن جي، جيڪي منجهند تائين به ”ضروري حاجتن“ کان فارغ ٿي نه سگهندا هئا، باقي سڀ گهر ۾ ٿورو وقت گذاريندا هئا، ڇاڪاڻ ته کين گهر ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه هئي. اها ٻي ڳالهه هئي ته گهر وارا به کين پاڻ تي بار سمجهي هميشهه پيا سندن سامنهن اچڻ کان نٽائيندا ۽ ڪيٻائيندا هئا. هو سويرو نڪري وڃي فٽ پاٿن جي انهن بئنچن تي ويهي رهندا هئا، جيڪي وڏن وڏن وڻ جي ڇانوهري هيٺ پيون هونديون هيون ۽ منجهند تائين ويٺا خدا جي جهان جو رنگ ڏسندا ۽ دل وندرائيندا هئا. اهڙيون بئنچون ڪي ”سعيد منزل“ وٽ پيل آهن، ڪي ماما پارسي گرلس اسڪول جي سامهون، ته ڪي جانورن جي اسپتال جي قريب .ڪي صاحب وري صدر ۾ ڪنهن دڪان جي وڌاوڙن تي ويهڪ رکي پيا وندر ڪندا هئا. انهن سڀني کي هلندڙ زماني جي دلچسپ واقعن سان به دلچسپي هوندي هئي، ليڪن اهڙن واقعن کي معلوم ڪرڻ لاءِ هو اخبار ڪونه خريد ڪندا هئا، بلڪ انهيءَ ئي اخبار مان ڏٻيءَ اک سان ڏسي ڪم ڪڍي وٺندا هئا، جنهن کي ساڳيءَ بئنچ تي پاسي ۾ ويٺل ڪو اخباري شوقين پيو غور سان پڙهندو هو، يا ڪن کي صدر جي ايلفنسٽن اسٽريٽ ۾ دڪانن جي اُنهن وڌاوڙن تي ويٺي ويٺي ئي، وڏا وڏا واقعا لنگهيندڙ پائيندڙ کان معلوم ٿي ويندا هئا. شام جو جڏهن سڄي سنگت گڏ ٿيندي هئي، تڏهن انهن واقعن تي پنهنجي عقل ۽ وسيع تجربن جي روشنيءَ ۾ ويهي غور ڪندا هئا، ۽ آخر ۾ گهڻو ڪري متفقه راءِ ٿي اٿندا هئا. هڪ اڌ کي ڪڏهن ڪڏهن اختلاف راءِ به ٿي پوندو هو، جنهن لاءِ وٽن ڪي ئي دليل هوندا هئا ۽ اڳ ۾ به هو ڪيترن ئي واقعن کي ساڳين دليلن جي ڪسوٽيءَ تي پرکي چڪا هئا! پر موجوده دور جي واقعن تي کين توجهه ڏيڻ جو گهٽ موقعو ملندو هو. هنن وٽ ته گذريل زمانن جا ئي ايترا داستان سانڍيل هئا، جو جڏهن ڪا ڳالهه اچي نڪرندي ته هرڪو پيو ڪندو:
”هائو سائين، هائو!“
”ڪاڏي اُهي زمانا، ڪاڏي هي!“
”اُهي ماڻهو ئي مري ويا!“
”مڙئي قادر جي قدرت آهي!“
”هاءِ! هاءِ!“
هر ڪنهن جي ذهن ۾ پراڻي زماني جا نقش اڀري ايندا. ان وقت گهڙيءَ کن لاءِ ماٺ ٿي ويندي. هرڪو ڪنڌ هيٺ ڪري گَهريءَ سوچ ۾ پئجي ويندو. جڏهن اوچتو سامنهن آفريڪي ڊُول چٻرو وٺي ڪندو گهرُڙ... گهرُڙ... گهرُڙ، ان وقت سندن ڪنڌ ڌيري ڌيري مٿي ٿيڻ شروع ٿيندا، ڄڻ اوچتو کين ڪنهن ڌونڌاڙي ننڊ مان اٿاريو. ڪن کان ٿڌا شوڪارا نڪري ويندا، ڪي پنهنجي آهـُـن کي وات تي آڻي وري کائي ويندا، ڪن ويچارن کان ته بي اختيار نڪري ويندو:
”ايس، پي صاحب! ڇا ڪجي، هي ڏينهن به پاڻ کي ڏسڻا پيا!“
دراصل انهن بزرگن جون عمريون ضرورت کان زيادهه تجاوز ڪري چڪيون هيون، ۽ ڪابه ڳالهه جڏهن حد کان ٽپي ويندي آهي، تڏهن اها غير طبعي ٿي پوندي آهي، سو هي پريا مڙس به هاڻي انهيءَ غير طبعي دور مان گذري رهيا هئا، ۽ اهوئي دور آهي جنهن ۾ پنهنجا به ڪڪ ته پرايا به بيزار هوندا آهن.
* * *
اسان جي خان وڏي، راڻي باغ گهمندي، زوءَ مان ٿيندي، انهيءَ آفريڪي چٻري کي تعجب مان ڏسندي، جڏهن هنن بزرگن سان اچي ’چهار چشمي‘ ڪئي، ان وقت سڀن تي استغراق جو عالم هو. ڪن جا ڪنڌ هيٺ، ڪن جون اکيون بند، ڪو آهستي جهوٽيو ٿي، ۽ سامنهن واري بينچ تي جيڪي ٽي ڄڻا ويٺا هئا، انهن مان ٻه مٿي کي هٿ ڏيون ڪنهن وڏي فڪرات ۾ محو هئا- مايوسي، اندوهه، ياس، حسرت، تلخي، ڪرختگي، بيزاري، ۽ آخر ۾ سرد آهون، ٿڌا شوڪار، ۽ هاءِ! واءِ! اهي انهيءَ ماحول جا مختلف عنوان هئا، جنهن کي خان وڏي وڃي ڏٺو. خان وڏي انهيءَ سڄي مذڪور جو جائزو وٺي سڀ کان پهريون ته انهن بزرگن جي بينام مجلس کي نالو ڏنو:
’مجلس محققين!‘
اسان کي جڏهن سڌ پئي، تڏهن پڇيوسي:
”خان وڏا اهو نالو ڇو؟“
خان جيڪي دليل ڏنا، سي برابر دل سان ٺهڪي آيا. واقعي اهي سڀئي محقق هئا. جڏهن ڪوبه مسئلو درپيش ٿيو ٿي، ان وقت هرهڪ ايڏي Authoritative نموني سان بحث ٿي ڪيو، ڄڻ انهيءَ خاص موضوع تي هن سڄي زندگي پئي تحقيق ڪئي آهي ۽ سندس قول هن وقت سَنَد جي حيثيت رکي ٿو.
مستقل طرح جڏهن خان وڏي انهيءَ مجلس ۾ اچڻ وڃڻ شروع ڪيو، تڏهن ماحول ۾ وڏي تبديلي اچي وئي. سڀ کان پهريون لطيفا ٻڌائي انهن بزرگن جي رڳن ۾ نئون ساهه خان وڌو. سڪل جسمن ۾ جان ان کان پوءِ آئي. طبيعتن تي چڙهي ويل ڪٽ انهيءَ بعد ئي لٿي. دماغن تي جيڪو سـُـڪـُـر ۽ دلين تي جيڪا غنودگي هئي، اها تڏهن لٿي جڏهن خان قول اقوال ٻڌائڻ ۽ مثالي مصراع، بيت ۽ ڏوهيڙا ڏيڻ شروع ڪيا. ذهنن ۾ شگفتگي تڏهن آئي، جڏهن خان وڏي جا دلچسپ فقرا ۽ ننڍڙا نڪتا، لفظن جون مزيدار معنائون پهريندا، ٽهڪن ٽهڪڙن جي جهوليءَ ۾ جهوٽا کائيندا، فضا ۾ منتشر ٿيا. انهيءَ کان پوءِ ئي ماضيءَ جي اندوهناڪ يادن جو نقش دماغن تان مٽجڻ لڳو، روح ۾ شگفتگي اچي وئي، جسم توانائي محسوس ڪئي ۽ گفتگوءَ جا نه فقط موضوع بدليا ۽ عنوانن جو دائرو وسيع ٿي ويو، بلڪ انهن ۾ انڊلٺ جهڙا رنگ ڀرجي ويا. خان وڏو گويا سڀني کي ماضيءَ جي اونداهن غارن مان، جتي فقط چٻرن جا گهر، چمڙن جون وٺيون ۽ انهن جون ويهڪان هيون، ڪڍي، زوريءَ ٻاهر جهٽي آيو، جتي هاڻي روشني هئي، تازي هوا هئي، ان کان وڌ ته زندگي ۽ زندگيءَ جون گهڻيون ئي رعنائيون ۽ رونقان اڃا باقي هيون. ان وقت سڀني ائين محسوس ڪيو جيئن ڪو نٽهڻ اُس مان نڪري اچي پاڇي ۾ پيو، ڪنهن وڏي وڻ جي ڇانوهري هيٺ، جتي ٿڌڪار هجي ۽ ٿڌي هير پئي هلي، جتي رڳ رڳ ٺري پوي ۽ لونءَ لونءَ ۾ للڪار اچي وڃي، ڄڻ سڄي من جي مونجهه لهي پوي ۽ مسئلن تي منجهن ”ڊسڪسشن“ ٿيڻ لڳو. سياسي معاملا، انٽرنيشنل مسئلا، ملڪي ڳالهيون، مذهبي ۽ شرعي مسائل، نه فقط اسلامي بلڪ غير اسلامي مذهبن تي به ٽيڪا ٽپڻي ٿيڻ لڳي. مسلمانن جي ٻاهتر فرقن جا اختلاف به سامنهن اچي ويا. سني، شيعن جي اختلافن ۽ خلافت راشده جي چونڊن ۾ ٿيل گهوٻين تي پڻ اظهار خيال ٿيڻ لڳو. مذهبي معاملن تي زياده تر رٽائر ٿيل پوليس جو سپريڊنٽ تفصيلي ۽ يقيني بحث ڪندو هو. خان وڏو چوندو هو:
”ميان حسام الدين شاهه سائين! ايس، پي صاحب ڄڻ شريعت جو صاحب پيو معلوم ٿئي! ڀانئجي پيو ته سڄي زندگي پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪانه ڪئي اٿس، بلڪ مولوي صاحب همايونيءَ جي شاگرديءَ ۾ رهيو آهي!“
”آهي ڪٿان جو؟...“
”هائو! پنجابي آهي!“
”تڏهن ته...!“
”هائو يَرَ، سچ ٿو چئين. رٽائر ڪرڻ بعد حق تي دين جو ماهر ۽ اسلام جو مبلغ ٿي پيو آهي!“
خان وڏو چوندو هو ته:
”ايمان، ايمانداري، حق ۽ انصاف جي سلسلي ۾، آغا منهنجا، اُهي اُهي آيتون ۽ حديثان بيان ڪندو آهي، جو چئي کڻي بس ڪر! اسان جي مولوي محمد قاسم صاحب[7] کي ياد هجن ته ٺهيو، ٻئي کي ڪهڙي مجال آهي؟“
”ايمانداري ۽ ايس، پي؟“
”هائو، تڏهن ته حيرت وٺندي آهي. پر ميان حسام الدين شاه سائين! خانصاحب (سنڌ مدرسي جو رٽائرڊ ماستر) منهن تي چئي ڏيندو اٿس، ڀوڳن ۾، ته ’ست ڪئا کائي هاڻي ٻلي حج چڙهي آهي‘!“
”يعني، آغا سائين! قحبہ چون پير شود پيشه ڪند دلالي!“
وڏو ٽهڪ ڏئي، خان وڏو کلي ويهندو ۽ چوندو هو ته:
”در اصل رٽائرڊ سب انسپيڪٽر سندس افعالن کي چڱو سڃاڻندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن کيس غير حاضر ڏسي کـُـلي پوندو آهي:
’الله جو شان آهي يَرَ، هاڻي ٿو ايمانداريءَ جون ڳالهيون ڪري! ڇڏيائين مئو ڪڪڙ به ڪين. اصل ۾ ته گجرانوالا جي چڪ نمبر 110 جو معمولي ماڻهو هو‘!“
خان چوندو هو ته اسان کانئس پڇندا آهيون ته:
”ڀلا هي پاڻ کي ست پشتيو خاندان ڇو ٿو سڏائي، جي اهڙو معمولي ماڻهو هو؟“
صوبيدار کلي چوندو آهي ته:
”خان وڏا، سمي سٽي کان اورتي جيڪو ٽپندو آهي، سو يڪدم سيد ٿي پوندو آهي! ٻڌو ڪونه اٿوَ جو سياڻان چئي ويا آهن:“
’غلہ گر ارزان شود امسال سيد ميشوم!‘
صوبيدار ته هن جي سوانح عمري بيان ڪندي ڪندي، وڃي شهه ۾ پوندو آهي. چي:
”مولوي صاحب جو ڀلو ٿئي، جنهن پاڻ سان پنجاپي آڻي، سنڌ ويچاريءَ ۾ ڪٺا ڪيا. هيڊ ڪنسٽيبل مان وڃي ايس - پي ٿيو. سڄي زندگي غريبن جو حق کائيندو رهيو. هائو! ڀائو! چرندي آئٺ ڪانه ڇڏيائين، هاڻي بڻيو آهي مولوي. تڏهن ته! رڻ ٻاري ڇڏيائين. ڪنهن جي هـَـڙَ ۾ پائي به نه ڇڏيائين.‘“
خان وڏو چوندو هو ته ”جڏهن ٻئي ڏينهن تي اسان کيس پري کان ايندو ڏسندا آهيون، تڏهن اچي صوبيدار صاحب واريون ڳالهيون ياد پونديون آهن ۽ دل ۾ پيا کلندا آهيون.“
* * *
اهڙيءَ طرح انهيءَ مجلس ۾ شعر سخن جو چرچو به خان وڏي جي شرڪت بعد ئي پيدا ٿيو. هن ئي اچي بيتن، ڪلامن، ڏوهيڙن ۽ مثالي شعرن جي ابتدا ڪئي. خان وڏو جڏهن کُلندو هو، تڏهن ٻڌائيندو هو ته:
”صدر واري ميمڻ سيٺ، ميريٽ روڊ واري بوهري واپاريءَ، جهونا مارڪيٽ واري خوجي ۽ جمشيد ڪالونيءَ واري پارسي صاحب تي شعرن جو ڪوبه اثر ڪونه ٿو ٿئي.“
مرحوم چوندو هو ته:
”کين هزار دفعا ور ور ڏئي معنيٰ سمجهائجي ٿي، ان هوندي به سندن دماغ ۾ ڪانه ٿي ويهي. ميمڻ سيٺ آخر ۾ چوندو آهي: ’ڪُرو باوا، پان کي معاف ڪجو، پان کي مغز ۾ نٿو ويهي‘!“
خير، اها ٻي ڳالهه هئي ته اهي چارئي بزرگ انهن قومن مان هئا، جن وٽ شعر و سخن جو خانو ئي خالي ٿيندو آهي، ورنه ٻيءَ حالت ۾ خان وڏي جي اچ وڃ بعد انهيءَ سموريءَ سنگت جي ماحول ۾ هڪ تازگي ۽ رونق ضرور اچي وئي هئي. ڪيترن بزرگن کي ته پنهنجي جوانيءَ جا ڪي رنگين ۽ الهڙ حادثا پڻ دل تي تري آيا، جن جي ڪري سندن سـُـڪي ويل رڳن ۾ هيڪر نئين سر ساهه پئجي ويو. بدن ۾ انهن يادن سبب سيسراٽيون اڀرڻ لڳن ۽ ڄڻ کين ڪنهن ڪتڪتاڙي ڏئيِ ورتي. اڳ فقط هڪٻئي جو لحاظ ۽ عزت ڪندا هئا، ليڪن هاڻي، جو منجهن روح از سرنو رواني اختيار ڪئي، ته ٿورا بي تڪلف ٿي، هڪٻئي سان چرچا ڀوڳ به ڪرڻ لڳا. کين به ڪيترا نڪتا ۽ لطيفا اچي ياد پيا، جيڪي سالن کان وٺي، سندن يادِن جي دفتر ۾ ائين ڪنڊائتا ٿي ويا هئا، جيئن سرڪاري آفيسن ۾ بي واهن جون لکپڙهون هزارن فائيلن جي بوجهه هيٺ دٻجي وينديون آهن.
ماضيءَ جون يادگيريون کين هاڻي به اينديون هيون، ليڪن فقط ان وقت، جڏهن ڪو بحث ڇڙي پوندو هو ۽ کين پنهنجن پنهنجن تجربن جا دليل پيش ڪرڻا پوندا هئا يا مثالن سان واقعي جي تائيد يا ترديد ڪرڻي پوندي هئي، ورنه هونءَ سمورو وقت کل چرچو، ڀوڳ شوڳ ۽ ٺڙو ٺڪاءُ پيو هلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته اچي رونشي تي چڙهندا هئا ته خان وڏي جي قول مطابق، سپريڊنٽ صاحب جون جهَوڻِيون [8] لاهي ڇڏيندا هئا. هرڪا لاهڻي پئي مٿس لهندي هئي. ڪو چوندو:
”ادا تڏهن ته سياڻن چيو آهي ته ’پنجاپي ايڪ ته ڏون - ڪري ڀاءِ، جي هوَن ڏون ته هي جهڳا ۽ تون!‘“
ٽهڪ نڪري ويندا. گهڻي گهڻي تائين وري انهيءَ مثال جي نوعيت ۽ شان جي نوعيت نزول تي پيو بحث هلندو، مثال پيا ڏبا ۽ تجربا پيا بيان ٿيندا. ڪنهن کي وري فارسيءَ جو مثال ياد ايندو. سپريڊنٽ صاحب ڏي منهن ڪري چوندو:
”ها! خانصاحب، هي ڪيئن؟...
...چشم نيڪي مدار! وارو پهاڪو؟“
اتي خان وڏو وري لفظن جي تشڪيل جون موشگافيون ڪرڻ لڳندو هو. چوندو هو: ”پنجابي... پنج آبي“- ٻيا وري ٽهڪڙو ڏئي چوندا هئا: ”هائو، برابر.“ خان وڏي هڪ ڏينهن اهو به ٻڌايو ته جڏهن هن انهيءَ لفظ جي مجلس ۾ تشريح ٿي ڪئي، تڏهن سنڌ مدرسي جي رٽائرڊ ماستر هڪ فارسي شعر به پڙهيو هو، ياد نه آهي پر انهيءَ ۾ ”يڪ آبيند ۽ پنج آبيند“ جا لفظ هئا.
اتي آغا بدرالدين پڇندو هيس ته:
”بابا سائين! پوءِ ڪجهه جناب ايس، پي صاحب کي خيال ٿيندو آهي؟“ خان وڏو مشڪي ڏاڍيون معنيٰ خيز نگاهون پٽ ڏي کڻي چوندو هو:
”آغا ڏاڍا زوراور آهيو!“
خير، ڪڏهن ڪڏهن چرچو چوٽ به چڙهي ويندو هو، پر دل ۾ ڪنهن کي ڪونه ٿيندو هو. ٻي واه به ته ڪانه هين، تنهنڪري هڪٻئي کان ڪاوڙجي جدا ٿيڻ سندن لاءِ ڏاڍو مشڪل هو. جي ڪو اتان ڇڄي، ته ٻيو ڪير کيس پاڻ وٽ ويهڻ ڏيندو! گهر وارا ته اڳ ئي منجهانِ بيزار هئا. سڀن لاءِ جاءِ پناهه فقط راڻي باغ جو اهو حصو هو، جتي مالـِـهن جي مهربانيءَ سان کين بئنچون هڪٻئي سان لڳو لڳ پئجي مليون هيون.
* * *
خان وڏي جي شرڪت کان پوءِ سڀئي گهڻو ڪري بهاريءَ ۾ هوندا هئا. هرڪو کلي، ڳالهائي، خوش ٿي، گهرن ڏانهن پيو موٽندو هو. انهيءَ ڏينهن البته سڀني جا ڪنڌ وري جهـُـڪي ويندا هئا ۽ ٻيهر مٿن اها ساڳي غنودگي، اندوهه ۽ آلام ڇانئجي ويندو هو، جيڪو خان وڏي جي شرڪت کان اڳ دائمي طرح مٿن مسلط رهندو هو، جڏهن سندن ڪو سنگتي حضرت عزرائيل جي جهـَـٽَ ۾ اچي ويندو هو. عمريون سڀن جون انهيءَ ڪڙيءَ تي آيل هيون، جتي موت کي بيماريءَ يا ڪنهن ٻئي سبب اسباب جو انتظار ڪرڻو نه پوندو آهي. بس اوچتو ۽ اڻ پڇو سٽ لڳي، دم نڪتو ۽ جنازو قبرستان طرف رجوع ٿيو. تنهنڪري کين اها سـُـڌ ئي نه پوندي هئي ته ڪو بيمار آهي يا ان جي حالت خراب آهي. اڄ شام جو گڏ هو، رات جو سٽ آئي، صبح جو ڄڻ همراهه هيوئي ڪونه! پنجن ڇهن ڏينهن جي مسلسل غير حاضريءَ بعد خود ئي سمجهي ويندا هئا ته لاشڪ ته رب ڏي راهي ٿيو. هڪٻئي جي گهرن ۾ وڃي، هڪٻئي سان ملڻ جو، مزاج پرسيءَ جو، حال احوال جاچڻ جو، منجهن شروع کان وٺي دستور ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته هر ڪو پنهنجي دوستن کي گهر ۾ آڻڻ کان پيو نٽائيندو ۽ ڪيٻائيندو هو. ان ۾ گهر وارا ناراض ٿيندا هئا. نوجوان نُهَرُ ته ڀڻڪا ڏينديون وتنديون هيون، ”آيا ٿِي ماريا، ڄڻ هچائون آهن!“ شروع ۾ هڪ اڌ کي جڏهن اهڙو تجربو ٿيو، تنهن بعد سڀڪنهن پنهنجي راه و رسم ۽ دوستيءَ کي راڻي باغ تائين محدود ڪري ڇڏيو. اهو به هڪ مکيه سبب هو، جو کين پنهنجي سنگتيءَ جي ”هالاڻي“ جي بروقت خير پئجي نه سگهندي هئي. اهڙي حادثي کان پوءِ ٻه ٽي ڏينهن مسلسل خوف، هراس ۽ مايوسيءَ جو وايو منڊل پيدا ٿي پوندو هو ۽ ٻين موضوعن کان هٽي فقط عبرت پيدا ڪندڙ عنوانن ۽ سبق آموز سرخين تي ٿوري گفتگو ٿيندي هئي، جنهن ۾ پڻ رٽائرڊ سپريڊنٽ صاحب سڀني کان زياده حصو وٺندو هو، سهڻا اعمال، فاني دنيا، منڪر نڪير، عملن جا دفتر، فنا ۽ بقا، روزو نماز، فرائض ۽ سنتون، ايمان، ايمانداري، مظلومن جي داد رسي ۽ يتيمن جو خيال رکڻ، گناه ثواب، پل صراط، روز قيامت...
انهن موضوعن تي هو معلومات افزا ۽ نهايت مستند ۽ مدلل يعني آيتن ۾ حديثن جي پهري هيٺ واعظانه رنگ ۾ تقريرون ڪندو هو. جنهن وقت اهي نصيحت جا نڪتا ٻڌي ٻيا سڀ ٿڌا شوڪارا ڏيڻ شروع ڪندا هئا، ان وقت رٽائرڊ صوبيدار، جنهن کي دعويٰ هئي ته هن ايس. پي. صاحب جي ماتحت گهڻو وقت گذاريو آهي، کيس ڏٻيءَ اک سان ڏسي، منهن کڻي ٻئي پاسي ڪندو هو. انهيءَ وقت ئي آفريڪي ڊول چٻري جو آواز ايندو هو ته ”گهرُڙ...گهرُڙ...گهرڙ“. ليڪن انهيءَ موقعي تي ائين پيو معلوم ٿيندو ته سندس آواز ۾ ڄڻ تلخي آهي، جيڪا حقارت ۽ نفرت جي وقت سڀڪنهن جي آواز ۾ پيدا ٿي پوندي آهي.
* * *
اها پرين مڙسن جي ڪچهري، جنهن تي خان وڏي نالو رکيو هو ”مجلس محققين“، سالن جا سال هلي، ۽ جيترو وقت خان وڏو ڪراچيءَ ۾ رهندو هو، شام جو اڪثر وڃي ان ۾ شريڪ ٿيندو هو. حقيقت ۾ راڻي باغ (پوءِ گانڌي گارڊن، هاڻي جناح گارڊن هن کان پوءِ الائي ڇا...) کان ٻاهر خان وڏي ان کي مشهور ڪيو، ورنه انهيءَ مجلس مان خواه ان جي افاديت مان ٻيو ڪوبه واقف ڪونه هو. خان وڏي کي به اڄ وصال ڪئي تقريباً ڏيڍ سال ٿي ويو، خبر نه آهي انهيءَ ”مجلس محققين“ جو حال هاڻي ڪهڙو هوندو! ڪيترن محققن راهه رباني ورتي ۽ باقي ڪيترا وڃي رهيا آهن.
* * *
خان وڏي کي پنهنجي ٻن فرزندن سان ڏاڍي محبت هئي. پٽ ته ٻين کي به پيارا ٿين ٿا، ليڪن خان وڏي جي محبت ۾ دوستيءَ وارو دم هو. هو پنهنجي پٽن کي پنهنجو سنگتي، دوست، همدم ۽ محرم راز به سمجهندو هو. هو پٽن تي مفتون هو ۽ پٽ هن تي گهور پيا ٿيندا هئا. خان وڏو ويٺو هوندو، پري کان آغا بدرالدين خان ڪنڌ هيٺ ڪيون، پنهنجي مخصوص انداز ۾ آهستي آهستي جهولندو ۽ جهومندو ائين پيو ايندو، ڄڻ ميخاني مان پيالا پيون پـُـر ٿيو اچي ٿو. خان جي نگاهه مٿس هوندي. خان ائين ويٺو ڏسندس، جيئن عاشق پنهنجي معشوق جي قدم قدم ۾ اکيون وجهي ويهندو آهي. سندس چهري تي خوشي، مسرت ۽ اطمينان جا آثار نمودار ٿي ايندا ۽ ويٺو ڏسندو به ۽ مشڪندو به. تيسين اکيون اوڏنهن هونديون، جيسين آغا بدرالدين سلام ڪري، وٽس اچي ويهندو. اچڻ سان پڇندس:
”بدرالدين خان، خوش آهيو نه سائين!...
”ٻيو مڙئي خير آ نه؟...
”ڀلا شڪر ٿيو، لک ڀلايون الله جون!“
صدرالدين خان ايندو، خوبصورت وجيهه جوان، منهن تي شگفتگي، اکين ۾ حياءُ ۽ حجاب، چهري تي اها رونق، جيڪا صالح نوجوانن جو مخصوص حصو ٿيندي آهي، مشڪندو ايندو، هٿ ۾ ڪنجن جو ڇلو لوڏيندو ايندو. خان وڏو بهار بهار پيو ٿيندو. خدا جي احسانن جا دل ئي دل ۾ پيو شڪرانا بجا آڻيندو. جڏهن صدرالدين خان کلي، اچي سلام ڏيندو، ته خان وڏو چوندو:
”جيءُ آيئو، ڀلي آيئو، ويهو سائين منهنجا ويهو!“
سنڌ جي زميندار کي اهڙا نيڪ، صالح ۽ فرمانبردار، عقيل ۽ صاحبِ شعور پٽ ٿين؟ حقيقت ۾ خان وڏي کي ڏسندي انهيءَ اتفاق تي اچرج ڪونه ٿيندو هو. اهو خان وڏي کي پنهنجي خالق وٽان معاوضو مليل هو، انهن اخلاقن جو، جن تي خان سڄي زندگي ڪاربند رهيو، انهن سهڻن عادتن جو، جيڪي خان جي زندگيءَ جو جزو هيون، ۽ انهيءَ ذاتي ڪردار جو، جيڪو خان پيش ڪيو، ۽ انهيءَ دامن ۽ آستين جو، جيڪا مـُـني صديءَ تائين زميندارن جي برادريءَ ۾ رهندي به بي داغ رهي- اهڙي صاف ۽ سفيد جهڙو کير، ۽ اِها ڪرامت هئي انهيءَ شريفاڻي، نيڪ ۽ صالح ماحول جي، جنهن کي خان پنهنجي ڪائنات لاءِ پاڻ تخليق ڪيو هو، ۽ اها برڪت هئي انهيءَ تربيت جي، جيڪا خان پاڻ پنهنجي پٽن کي ڏني هئي.
* * *
حقيقت ۾ ڳڙهي ياسين جي ڪائنات ۾ جيڪو سڪون، اطمينان، خوشي، شادماني ۽ مسرت مان ڏٺي، اها مون سڄيءَ سنڌ ۾ ڪانه ڏٺي .زميندارن جو سمورو ماحول تاريڪ هو، مردود هو، ۽ سڄو سماج گناهه آلود هو. اصراف، اجايا خرچ، بريون عادتان، سيہ ڪاري، بدڪاري، پنهنجن پراين عورتن سان انهيءَ حد تائين هٿ ڇـُـهائي، جو اخلاق، ننگ ۽ شرم جا سڀئي ليڪا لنگهي بيهڻ- اهي سنڌ جي زميندارن جا روزانا ۽ بنيادي مشغلا هئا، اهي سندن سيرت ۽ صحبت جا مکيه عنوان هئا.
مون کي ياد آهي، هڪ دفعي مان هڪ تمام وڏي زميندار جي بنگلي ۾ ويس، جيڪو انهيءَ طبقي ۾ طبيعت جي لحاظ سان نهايت سٻاجهو ۽ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ نهايت متمدن سمجهيو ويندو هو. ڪجهه تعليم به هيس ۽ اسيمبلين ۾ مسلمانن جي نمائندگي به ڪندو هو. ڏٺم ته نوڪرن چاڪرن جا ڪٽڪ ورانڊي ۾ ويٺا آهن. هڪ آرٽسٽ شرناءِ ويٺو وڄائي، جنهن جي آواز ۾ سـُـر سان سڄو بنگلو ڄڻ ڀريو پيو هو. معلوم ٿيو ته صاحب پاڻ بيڊروم ۾ لاهور جي ڪنهن طوائف سان ”خلاصو ويٺو“ آهي. نينگر لاءِ معلوم ڪيم، خبر پئي ته ٻئي بيڊروم ۾ اهو وري پنهنجيءَ آشنا کي ورتيون ويٺو، خدا جي نعمتن جا شڪرانا بجا آڻي. ٻاهر شهنائيءَ تي مومل راڻو ۽ اندر سينڌيون ۽ سريتان! صبح جا ان وقت ڏهه کن هئا، يعني عين اهو وقت، جنهن مهل ڪڙمي وڏيري صاحب جي زمينن کي هر ڏئي رهيا هئا. پيشانيءَ تان پسيني وهي اچي سندن کڙيون ورتيون هيون. ڏاندن تي باٺا ٿي اُٺا ۽ گهر ڌياڻيون گهرن جا ڪم ڪار لاهي، زمينن تي مانيون ۽ دکيون لسـِـن جون مٿن تي کڻي اڃا هاڻي اچي وڻن جي ڇانوهرن هيٺ ويٺيون هيون. ڪڙمين اڃا جاٽان پوريون ڪونه ڪيون هيون، جو هر مان هٿ ڪڍي اچي نيرن ڳڀو وات ۾ وجهن. بنگلو محل نما هو، سهڻو، وسيع ۽ ڏاڍو سينگاريل ۽ سنواريل، ليڪن منهنجو دم گهٽجڻ لڳو. مان ائين محسوس ڪيم ڄڻ ساهه کڻي نٿو سگهان، ساهه ۾ اچي سوڙهه ٿي آهي. شرناءِ جو آواز ماتمي معلوم ٿيڻ لڳو. منهنجو دماغ چڪر کائڻ لڳو ۽ اکين اڳيان ائين پيو ڀايان، ڄڻ سڄو بنگلو زلزلي ۾ آهي. ايڏو سامان، ايترو تزڪ ۽ احتشام، ليڪن مون کي بلڪل ويران ڏسڻ ۾ آيو. ايترا خدام ۽ ملازم ۽ خواجه سرا، ليڪن منهنجي نظرن آڏو سڀئي غائب ٿي ويا. مان ته هليو آيس، ليڪن اهو واقعو سالن تائين منهنجي دل ۽ دماغ ۾ هيبت پيدا ڪندو رهيو. پيءُ پٽ جي سامهون، پٽ پيءُ جي آڏو سينڌين ۽ سريتن جي ڪڇ ۾! سوبه ڏينهن ڏٺي جو، جڏهن سج سوا نيزي تي، ڏينهن جي ڏهين بجي، دهلن دمامن، سازن ۽ شرنائن جي وچ ۾، کلم کلا، بلڪل برملا، عام جي اڳيان، خدا جو خوف ته ٺهيو، پر ماڻهن جي لڄ ۽ خلق جو لحاظ به ڪونه! اهڙو ناحق، ايڏو انڌير! الامان والحفيظ.
* * *
”تنهنجي ماءُ کي...“
(چُپ)
”تنهنجي ڀيڻ کي...“
(چُپ)
”اڙي تنهنجي جوءِ کي...“
(چُپ)
”هلان موٽي... تنهنجي سڄي ٻار ضبط ڪندس!“
(چُپ)
”تون دلجاءِ ڪر...“
لُنگي لاهي، فرسٽ ڪلاس جي سيٽ تي رکيائين- اهڙي ئي ساڳي پشوري لـُـنگي، ريشمي، نرم نرم، جهڙي خانبهادر جان محمد خان پٺاڻ ٻڌندو هو. وار شرعي، وچ تي سينڌ، مـُـٺ جيڏي سنهاري، جنهن تي راولپنڊيءَ واري وسمه مهندي اڃا اڄ جي لڳل ۽ چنبيليءَ جي تيل جو منجهس چمڪو ۽ هڳاءُ. قداور، متارو، شينهن جهڙو مڙس. نالي جي اڳيان پويان ”خان“ جي جز ڳنڍيل.
”شاهه صاحب جوڙ آهيو؟“
فوراً مون کان منهن ڦيرائي.
”تنهنجي... ننڍڙيءَ کي...“
(ڪنڌ هيٺ، چپ)
”...جا پٽ، رک خدا تي!“
(ماٺ جهڙي ڀِت)
”لان ڳوٺ!“
(چُپ، ٻانهون ائين ٻڌل، جيئن قيام ۾ نمازي ٻڌن.)
”ڙو مان کي موٽڻ ڏي...“
(خاموشي)
”اهه صاحب جوڙ آهيو؟“
وري مون تان توجهه هٽائي،-
”ڙي سوئر جا تخم...!“
(چُپ)
”ڙي ڪڇين ڇو نه ٿو؟“
”جيءُ سائين!“
”جيءُ سائينءَ جا پٽ، مان کي ڳوٺ هلڻ ڏي!“
(چُپ)
”تنهنجو ڄـَـڻ ٻچو ٿو ٻڌرايان!“
(چُپ)
”...تو سمجهو ڇا آهي، ماءُ جا...“
(ماٺ)
کٿل ۽ ميرو پٽڪو مٿي سان، قميص البت کار جي ڌوتل، جنهن کي سوٽيءَ سان داٻڙي تي رکي ڪالهه جوڻس ڌوتو هو. گـُـليءَ جي ريک به ڏنل، پر هڪ ڪري نه- ڪٿي تمام گهڻي، ڪٿي ٿوري ۽ ڪٿي ته اصل ڪانه. هيٺ تي پوتڙو، پر اڻ ڌوتل. جـُـتي موچڪي، ليڪن اڌوراڻي ۽ سڄي مٽيءَ ۾ ڀريل. گاڏي جي ڪنڊ ۾ اُڀو بيٺل، جيئن ڪورٽ ۾ مجرم. ٻـَـئي هٿ ائين دُن تي ٻڌل، جيئن خدا جا نيڪ ٻانها نماز جي قيام ۾ پنهنجي خالق اڳيان ٻڌي بيهندا آهن. ڪنڌ هيٺ جيئن بيگناهه ڦاٿَل، پوليس ٿاڻي تي خوف ۽ هراس کان، صوبيدار صاحب جي اڳيان جهڪيل هوندا آهن.
”توکي ڏسي وٺندس...“
(چُپ)
”ڇڙو موٽي پهچڻ ڏي...“
(چُپ)
”شاهه صاحب ڪاڏي ٿا وڃو؟“
”تنهنجي ڙي...“
يا الله! سوال جي پڇڙيءَ ۾ اهڙيءَ طرح گار ڳنڍي ڇڏيائين، جو منهنجي منهن جو پنو لهي ويو. مان خيال ڪيو ته شايد مان به آوه ۾ اچي ويس. پوءِ ڏٺم ته سوال مون کان ٿي ڪيائين، پر سندس اکيون گاڏي جي ڪنڊ ۾ اُڀي بيٺل ماڻهوءَ تي ائين کتل هيون، جيئن بگهڙ جون ٻڪريءَ تي.
”رک الله تي...تنهنجي...“
(چُپ)
”تنهنجي سڄي آڪهه...“
(چُپ)
”تنهنجون ننڍيون وڏيون...“
(چُپ)
منهن ڦڪو جهڙو هيڊ، چپن تي ڪـَـلـَـرُ، اکين ۾ پاڻي تري آيل، جنهن کي تمام وڏي جـُـهدَ سان ٻاهر نڪرڻ کان روڪي رهيو هو، متان قطرا ڪري فرش تي پون. وڏن ماڻهن جا خيال آهن. انهيءَ کان به زياده ڪاوڙ نه چڙهي وڃي.
اهو ڊرامو جيڪب آباد تائين ٻڌندو ويس. واٽ تي هڪ اسٽيشن آئي جنهن جي هڪ طرف زميندارن جا ڳاڙها پڪ سرا محل ۽ ماڙيون اهڙيءَ طرح ڳاٽ اوچا ڪيون ۽ ڪـَـر ڪڍيون بيٺا آهن، ڄڻ خدائيءَ ۾ ڪنهن کي پنهنجو شاني شريڪ ڪونه ٿا سمجهن، ڪنهن تي به سندن اک ڪانه ٿي ٻڏي. چوندا آهن ته عرش عظيم سڀ کان مٿي آهي، پر هي ان کان به چار آڱر ڪسر هيون. چوڻ آهي ته ڇڙو خدا کي چوٽي آهي ٻيو سڀ هيچ، ليڪن هنن جي هڪ چوٽي نه بلڪ ڪيتريون چوٽيون ان کان به اتاهيون هيون، ريلوي لائين جي ٻئي طرف زميندارن جون حد نگاهه تائين زمينان جن ۾ هاري هر ٻڌيون بيٺا جاٽان ڏين. سندن اگهاڙن ۽ ڪارن پٺن تي نڪتل پگهر مٿان سج جا ڪـِـرڻا پـَـئي، ايڏو چمڪو اٿارن ٿا، جو ڄڻ شعلا ٿا نڪرن، ريل گاڏيءَ ۾ ويٺل پيسينجر جي اکين ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ترورا وجهي ڇڏن ٿا.
* * *
سنڌ جي ڪيترن زميندارن ۾ اهو دستور هو، جو هو پگهاردار نوڪر ڪونه رکندا هئا. گهر جو سڄو ڪم ڪڙمين جون زالون واري تي اچي ڪري وڃن، ۽ ٻاهر جو سمورو ڪم ڌنڌو ڪڙمين کان وٺن- واري وٽيءَ تي اڄ هڪ کان سـُـڀان ٻئي کان. غلامن وانگر زالين مردين دروازن تي پيا دِلا ڀريندا هئا. ان کي چئبو هو ”بيگر“. جڏهن زميندار ٻاهر هلندا هئا ته ان وقت به هڪ ٻه ڪڙمي بطور ملازم جي بيگر ۾ هيون هلندا هئا. انهن جي عزت ڪانه هوندي هئي. گارگند، ٿڪ بجو، لعنت ملامت، صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين قسمت ۾، ۽ ڪڙمت سان گڏ اها بيگر به سندن سر تي.
هيءَ غريب جيڪو جيڪب آباد تائين مسلسل، هڪٻئي سان لڳو لڳ، سلسليوار، بلڪل تواتر سان ماءُ ڀيڻ، جوءِ ۽ ڌيءُ تي صلواتون سڻندو ٿي هليو، سو به ڪو ڪڙمي ٿي ڏٺو جيڪو بيگر ۾ هيون ويو هو. قصور ڇا هو؟ اهو غصو ڇاجي ڪري هو: نه اهو معلوم ٿي سگهيو، نه مون کي ئي پڇڻ جي جرات ٿي، ليڪن مان اهو ڏٺو ته انسانيت جي تذليل جي حد هئي ۽ انسان جي مظلوميءَ ۽ محڪوميءَ جي انتها هئي. ڏاڍي ۽ هيڻي، زيردست ۽ زبردست، حاڪم ۽ محڪوم، ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ ڪهڙو فرق مراتب ٿئي ٿو، ان جي ننگ ڌڙنگ تصوير مان اُنهيءَ ڏينهن ڏٺي، اهڙو قهر ۽ ايترو ڪِيسُ مان اُتهن ڏٺو!
* * *
دادوءَ جي ڪڪڙ تعلقي ۾ هڪ زميندار جي اوطاق ۾ ويٺو هئس. اليڪشن هئي، ووٽ گهربا هئا. ويٺي حال احوال ڏنم. ڏٺم ته هڏن جي آسري تي شهر جو رولاڪ ڪتو ۽ حويليءَ جي جنڊ ڪتِي، جنهن جاءِ تي ڪيتري وقت کان زبان ڪڍي سهڪي رهيا هئا، اسان کان اوتروئي پري، اُنهن کان ٿورو پرڀرو سرڪي، پر انهن جي ئي سنوت تي، هڪ انسان اچي ڌرتيءَ تي ويٺو. گهڻي گهڻي کان پوءِ زميندار، جنهن کي انگريز سرڪار وٽان ”خانصاحبيءَ“ جو لقب به مليل هو، پاڻ به وڏو تجربيڪار، سفيد ريش ۽ تعليمي ڇا بلڪ سڄي ضلعي اندر نهايت سمجهدار ۽ وڏي عقل جو صاحب ليکيو ويندو هو، ان ڏانهن متوجهه ٿيو:
”اڙي ڌَنون ڇو آيو آهين؟“
”سائين ڀاءُ مرڻينگ ٿي پيو آهي. هاڻي نياپو آيو آهي ته اچي منهن ڏسي وڃ.“
گار ڏَئي: ”... رونبن جي وقت رُلبو آهي ڇا!“
”سائين لاچاري حالت آهي. اڪيلو ڀاءُ هڪ ابي اما جو!“
وري گار ڏَئي: ”... چڱو وڃ، پر ... سڀاڻي موٽجانءِ، نه ته رونبي ۾ مزور ڇڏينداسي.“
”سائين خرچ لاءِ پنج رپيا گهرجن!“
”... هتي پڻهين خزانو ڇڏي ويو آهي!“
”سائين لاچاري آهي.“
گار ڏيندي: ”... توتي اڳ ئي تقاوي گهڻي چڙهيل آهي. اڃا تازو ڏاري جو مڻ ورتو اٿئي!“
ڀايان گار خانصاحب جو تڪيو ڪلام هئي. هر جواب جي بسم الله گار سان ٿي ٿـِـئي. هاريءَ هٿ ٻڌي چيو:
”خاوند سائين! هيءُ دفعو ايسان[9] ڪيو. ڏاڍي لاچاري آهي. وقت اچي مٿان پيو آهي.“
”چل چل ... ڇڏ لُڙُ. اجايو مغز نه کاءُ!“
”سائين ڀلائي ڪيو. منجهي پيو آهيان. ڪاڏنهن سڻائي ڪانه ٿي ٿئي.“
”... آسودي مل کان ڇو نه ٿو وٺين؟ اهو ماڻهين جو مڙس جو ويٺو آهي!“
”سائين منهنجا، ان به جباب ڏنو.“
”... ڪنهن ٻئي کان اوڌر وٺ!“
”سڄو اوڙو پاڙو هنيو اٿم، ڪاٿهون سؤلي ڪانه ٿي. ڪنهن وٽان پائي ڪانه لڌي.“
”... ڪارو مٿو لاهه!
”سائين واسطي رب جي! هڪڙو ڀاءُ اٿم!“
”اڙي نڪر... اجايو مٿو کاڌو اٿئي!“
غريب، جنهن کي ليڙان ليڙان پٽڪو مٿي سان ٻڌل، ڪاري صدري بت تي ۽ نيرو پوتڙو سٿرن تائين هو، سو چپ ٿي ويو. ڪنڌ هيٺ ڪري، ڪاٺيءَ سان زمين کوٽڻ لڳو، جيڪا تمام گهڻي ڇڻڪار سبب سيڪجي وئي هئي. ڪڙميءَ جو ڪم ئي زمين کوٽڻ هو، سڪل هجي چاهي سيڪيل. گهڻي گهڻي کان پوءِ ڪنڌ مٿي ڪري، هن زبان کولڻ جي ڪوشش ڪئي. ڏاڍيءَ ڪشمڪش بعد به ڪي اکر هئا، جو زبان جي نوڪ تي ته آيا ٿي، ليڪن چپن کان چري نٿي سگهيا. آخر هٻڪي، هٿ ٻڌي، ڏاڍي نيزاريءَ منجهان هڪ دفعو هو چند لفظن کي هڪ ساهيءَ ۾ ٻاهر آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو:
”ڀلا سائين، ڇڙو ڏيڍ رپيو ڀاڙي لاءِ ڏيو!“
خان صاحب جي صبر کي آفرين هئي. ايترو وقت هن سڀڪجهه ويٺي برداشت ڪيو. هاڻي ڳالهه زور ٿي وئي هئي. ڄٽ اصل چنبڙي پيو هو:
”غلام رسول! وٺي مادرچود کي ڏاڙهيءَ کان ڪڍ ٻاهر!“
هڪ در کان خومچا مانين جا ٻه ٽي ماڻهو مٿن تي کڻي اندر آيا، ٻئي در کان غلام رسول ڄٽ کي ٻانهن کان وٺي ٻاهر ڪيو. جڏهن غلام رسول ٻانهن مان هٿ ڪڍيس، تڏهن هن ٿڌو ساه ڀريو ۽ چيائين:
”اي قادر، مڙئي تنهنجا کيڏ آهن!“
انهن اکرن جو اسان ڇڙو ڀڻڪو اندر ورانڊي ۾ ٻڌو، ڇاڪاڻ ته ان وقت نوڪرن تي خانصاحب جي گارين جو ڌوڙيو پئي پيو:
”مادر چودئو، ڏسو ڇا ٿا؟ رکو ماني!“
گارين جي انهيءَ انبوهه ۾ اهو ڀڻڪو به گهُٽجي گم ٿي ويو. ڄٽ جي پٽ درحقيقت چيو ته سچ! ڀلا جي اهي سڀئي کيڏ قادر جا نه هجن ها، ته هوند هن کي ڏيڍ رپئي لاءِ محتاج ڇو ڪري ها ۽ اسان لاءِ ست رڇيون ڇو؟ ڳالهه غور ڪرڻ جي قابل آهي!
* * *
اهو ماحول انهيءَ طبقي جو، جنهن جو خان وڏو به هڪ فرد هو. اهوئي سبب هو، جو منهنجي دل ۾ خان وڏي لاءِ نه ڇڙو محبت هئي، بلڪ عظمت به هئي. هو پنهنجي دؤر جو عظيم ماڻهو هو، ان ڪري جو هن پنهنجي سڄي ماحول سان بغاوت ڪئي هئي، هن پنهنجي نفس سان جهاد ڪيو هو، هن پنهنجي هٿن ۽ پيرن، اکين ۽ ڪنن سان جدوجهد ڪيو هو، وڏن ڪشالن ۽ ڏاڍن رياضتن بعد خان وڏي انسانيت جي انهن سڀني دشمنن تي فتح حاصل ڪئي هئي. انهيءَ کان پوءِ ئي ته هن زندگيءَ جو سڄو سفر اطمينان قلب سان کلندي، ٽهڪ ڏيندي، بيت ڏوهيڙا ٻڌائيندي، لطيفا ۽ نڪتا سڻائيندي، خوشيءَ ۽ خورميءَ سان طيءِ ڪرڻ شروع ڪيو. سندس دنيا ۾ روڳ ۽ رنج ڪونه هو، رت ۽ پونءِ ڪانه هئي، انڌيرنگري ڪانه هئي. هر وقت چانڊوڪيون، هر وقت ستارن جون سيجون، هر وقت ٿڌيون هِيران ۽ هميشهه ماکيون ۽ مصريون. هو هر وقت، هر جمال ۽ هر هنڌ تي بهاريءَ ۾ رهيو.
هاڻي خان وڏو اڻ ڏٺي ڏيهه تي آهي. الله ڪندو شل اتي به سدائين خوش ۽ خوشحال هوندو. قسمت ٿي ته پيا ميلا ٿيندا!
لنگهيا لڊاڻون، ڪاڪ ڇڏيائون پوئتي،
تاتي وڃي رسيا، جاتي مومل نه راڻون،
نه ڪا مسجد تڪيو، نه ڪو ٽڪاڻون،
تاتي ٿين ٿاڻون، جاتي مون! تون! ناهه ڪا!
___________
[1] پريس جي جاءِ ”سنڌ زميندار“ سان لڳ، مارواڙين جي پاڙي ۾، مدرسي بورڊنگ هائوس جي ڀر ۾ هئي. جاءِ ٻه - طبقي هئي، هيٺ پريس ۽ مٿي مالڪ پاڻ رهندا هئا. شيخ سليمان جو وڏو فرزند شيخ عبدالعزيز خلافت تحريڪ جو مکيو ڪارڪن ۽ قومي ورڪر هو. راقم الحروف کيس 41- 1942ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڏٺو. ڀائن کان ڌار، هڪ ننڍيءَ ليٿو پريس تي گذربسر ڪندو هو. شيخ عبدالباقي، سندس ٽيون نمبر ڀاءُ، حال حيات سنڌ سرڪار جي زرعي محڪمي جو مکيو عملدار آهي.
[2] مئي 1928ع ۾ نظر علي خان مقرر ٿيو. ٻن ٽن مهينن اندر احمد علي خان عليگ ۽ سندس وچ ۾ جهڳڙو ٿي پيو. احمد علي خان استعفا ڏني ۽ راشدي صاحب ايڊيٽر ٿيو.
[3] لارڊ ارون جو زمانو: 1926ع - 1931ع. گانڌي - ارون پئڪٽ جو سال: 1931ع.
[4] سائمن ڪميشن 1928ع ۾ آئي.
[5] سرحد جي انهيءَ هلچل تي ظفر علي خان پنهنجو هڪ نظم ”زميندار“ ۾ ڇپيو، جنهن جو عنوان هو ”فرزندان سرحد“، اُن جا چند شعر هي آهن:
مــــــلــڪ الــــمــــوت ڪــــــو خـــــاطر مـــيـــن نـــه لانــــي والــي
گوليان، تانـــــي هـــــوئــــــي ســيــــنــــون په کهانــي والــي
قبر تــــڪ جبر ڪــــو ســــهــــتــي هـــــــوئــي جـــــانــي والــي
صبر ڪــــــــــا معجزه دنـــــــيـــا ڪــــــــو دکانــي والــي
جانتــي بهي هو ڪه ڪس خاڪ ســي اڻهي هــي يه قوم
جس ڪــي گن گاتــي هين اور گــائين گــي گانــي والــي
فــــــــــــــخـــــر هـــــي صـوبه سرحد ڪــــــــو، ڪه ان کــي ذري
هين خمير اس ڪــــي شــجاعــــت ڪــــــا اٺانــي والــي .
(گجرات جيل ۾ چيل - 1930ع)
[6] ”سنڌ زميندار“ يا سکر جون ٻيون هندو اخبارون گهڻو ڪري خبرون انهن اخبارن تان نقل ڪنديون هيون. انهيءَ زماني ۾ ٽيلي پرنٽر به ڪونه هئا ۽ سڌين خبرن گهرائڻ جو رواج به ڪن خاص اخبارن کان سواءِ ٻين ۾ ڪونه هو.
[7] مرحوم اهو بيت ڪڏهن ڪڏهن سر سان ڳائيندو هو. اسان به ڳائڻ ۾ سندس همنوائي ڪندا هئاسي. مرحوم ان تي ڏاڍو کلندو هو. گهڻن ڏينهن بعد جڏهن معنيٰ معلوم ٿي، تڏهن مرحوم جي کلڻ جو راز وڃي سمجهه ۾ آيو.
[8] مسٽر يار محمد ميمڻ ان وقت دفتردار هو.
[9] امان الله ۽ سندس گهر واريءَ جون اعتراض جوڳيون ليڪن فرضي تصويرون افغانستان ۾ تقسيم ڪيون ويون، جن ۾ ڏيکاريل هو ته امان الله ۽ سندس بيبي شراب پين ٿا، يورپ ۾ غير مردن ۽ عورتن سان ناچ ڪن ٿا، راڻي ثريا اهڙي پوشاڪ پائي ٿي،جنهن ۾ نيم ننگي پئي لڳي!
[10] اُنهيءَ خط جي ڪاپي ”زميندار“ کان سواءِ لاهور جي ”انقلاب“ اخبار ڏانهن به آئي هئي، ليڪن مولانا غلام رسول مهر ٻن سببن ڪري ان کي شايع نه ڪيو- هڪ ته نادر خان سان سندس ذاتي تعلقات هئا، ٻيو ته هن سمجهيو ته افغانستان ٻن خوني انقلابن مان مسين مسين ٽپي هاڻي پار پيو آهي- هن وقت اهو خط ڇپي ماڻهن جي جذباتن کي وري هيجان ۾ آڻي، ٽئين انقلاب جو آغاز ڪرائجي، اهو مناسب نه ٿيندو، اُها نه عقلمندي آهي ۽ نه مسلم دوستي. مولانا ظفر علي خان مرحوم ته هو ڇڙو جذباتي، نه خيال ۾ رکندو هو مصلحت ۽ نه ڏسندو هو وقت، جيڪي دل ۾ آيس سو ڪري وڃي پار پوندو هو، پوءِ نتيجو کڻي ڇا به نڪري.
[11] ديناناٿ سهگل کي پاڪستان بنجڻ کان پوءِ مان ڪراچيءَ ۾ ڏٺو، جڏهن هو ’ڦر بسائو ڪميٽيءَ‘ جي وفد سان گڏ آيو هو- قد جو ننڍو، سٺ ورهيه کن ڄمار، ڏاڙهي مڇان ڪوڙيل، بدن تي ڪارا لٽا مان کانئس پڇيو: ”هاڻي ته آزادي ملي آهي، ڪارن لٽن کي ته هن وقت لاهڻ گهرجي!“ ڏاڍي ڏکويل لهجي ۾ چيائين- ”ليڪن منهنجو ماتم ته اڃا جاري آهي، هي جو هندو مسلمانن جو نفاق هليو اچي!“ هيءُ مقدمو چار سال هليو- 29- 1933ع هن ۾ ٻيا به ڪيترا ملزم هئا، جهڙوڪ: ايس. اي. ڊانگي، ايم. آر. گهاٽي، ايڇ. سي. وتسائنا، مظفر احمد، ايم- اي- مجيد، ۽ ٽي غير ملڪي به هئا، جن مان هڪ انگريز هو، جملي 40 کن مجاهد گرفتار هئا.
[12] 1929ع جو اسيمبليءَ ۾ بم هنيو ويو. محمد پناهه خان ڊکڻ ان وقت بحثيت ميمبر جي موجود هو، جنهن چشم ديد قصو ۽ پيدا ٿيل فضا جو بيان ڪيو.
[13] 23- مارچ 1931ع جي اڌ رات جو کين راويءَ جي ڪناري تي ڦاسي ڏني وئي .
[14] 31- ڊسمبر 1931ع جي ان رات جو پهريون دفعو ڪانگريس مڪمل آزاديءَ جو ٺهراءُ پاس ڪيو.
[15] ايڊيٽر مجيد ملڪ صاحب.
[16] منهنجي ڳوٺ جي ريلوي اسٽيشن.
[17] ”الحقيقت“ اخبار سڀ کان پهريون سر ڀٽي کي ”فخر قوم“ لکڻ شروع ڪيو هو، جنهن جي جواب ۾ ”سنڌ زميندار“ ۾ کهڙي لاءِ نظر علي خان مرحوم ”محترم قوم“ جو خطاب ايجاد ڪيو.
[18] منزل گاهه تي مولانا طفر علي خان جو هي نظم زميندار ۾ ڇپيو:
غيرکــي تحـــــويل مـــــيــــن مسجــــــــد هــي منزل گاه کي
قبضئہ طـــــــــــــــاغوت مـين هـــــي جائــــــداد الله کي
يه وه گهرهــي جس مـيـــن ملتا هـــــي سبق توحــــيــد کــــا
اور اڻها دي هــي تميز اس نــي گـــــــــــدا و شــاه کي
يه وه گهر هــي جس نــي پهيلائي هــــــي ايــمان کي ضيا
روشني پـــــڙتي هــــي جـــس ســي مـانــد، مهروماه کي
يون پڙا هـــوتـــــــا نه تـــــالا گــــهـــر مـــــيـــــــن رب کعبه کــي
حکمــــراني سندهه مين هــــــــــوتــــي گر آصف جــــاه کي
اي مـسلمـــانو! نـــــشـــــان ”مـعـصـوم“ کــــــــــا مڻنــي نه دو
تاکه هــو آســــوده روح اس مـــرد حـــق آگـــــــاه کـــــــــــي
آج سکـــهر مــين هــــي دنــــگــل کــفـــــر اور اســــــلام کـــا
ديکــــهه لـــــي هندوستان کشتي يه کـــــوه وکـــــــاه کي
مزده هــــــــــو اســـــــلام کـــو باطل کي شـــه رگ ڪـــٽ گئي
جب لـــگــــائي هـــم نــي آکــــــر ضــــرب الاالله کـــــــــي
کافرون ســــي جاکــي کـــهـدو نکته چين ديـــــــن پرنه هــون
دين مين گنجـــــايـــــش نهين هــي جبر اور اکراه کـــــي
اس سمنـــدر کا شنـاور زادهء تــــــــوحــــــيـــد هـــــــي
لا نهين سکتا خبر گــــــــردون بهـي جسکــي تهاه کي
کهدو گـانـــــدهــــــــي ســـــي نه الهجي مـــلـت اسلام سي
عـــرش تـــک پـــرواز هــي اسکــي جهـان سوز آه کـــي
سلسبيــــــل و ڪوثر و تســــنيــم کــــــــا هــي اتصــــال
سنده کــــــا دريـــــا هــي يــــا رحـــمـت رسول الله کـــــــي
ميــري نظـــمِ گـــــــوهــــريــــن هــي آفــــرين ســي بــي نيـــــاز
وه ســـــخنور هـــــــون نهيـــن پـرواه جسکو واه کــــــــــــي
سندهيون کو جاکــي دو پيغام مسلم ليگ کا
هــي تلاش ان کوگر آزادي کي سيدهي راه کي.
منزل گاهه جي هٿرادو پيدا ڪرايل فساد کان اڳ، جي- ايم- سيد، الهه بخش شهيد جي وزارت کي ڪترائڻ لاءِ، مسلم ليگ کي دعوت ڏئي، جناح صاحب کي سنڌ ۾ گهرائي، 1939ع وارو اجلاس سڏائي، پاڪستان وارو ريزوليشن پاس ڪرايو. جنهن بعد سنڌ جي سياست ۽ سموري هندوستان جي هندو- مسلم سياست جو رخ ۽ هواءِ بدلجي وئي.
[19] فردوسيءَ جو مشهور شعر ۽ بشار بن برد يا متوڪلي شاعر جو عربي شعر يا انهيءَ دور جي ٻين شاعرن جا عربي توسيع پسنديءَ جي خلاف چيل شعر ڏسڻ گهرجن، (مفاج اول ص 23 تا 30) انهن شعرن مان ظاهر آهي ته جن ملڪن کي عربن فتح ڪيو، اتنهن مذهب کان زيادهه سلطنتي ڦهلاءَ جو جذبو ڪارفرما هو، ۽ مقامي ماڻهن سندن انهيءَ جذبي خلاف نهايت شدت سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
[20] ”بدڪي“ انهيءَ کي چئبو آهي، جنهن لٽي ۾ هندو پنهنجا ٽپڙ ٻڌندا آهن - بجاءِ بيگ جي هو بدڪي کڻندا هئا.
[21] اهو سکر جي هندن جو اکر هو، ’لوهو‘ معنيٰ لَهو، رت.
[22] مرحوم پنهنجي راءِ ظاهر ڪرڻ نه گهرندو هو ته چوندو هو ”منهنجي راءِ محفوظ آهي.“
[23] سردار جاڳڻ خان ڀئي جو ننڍو ڀاءُ. جي عمر وفا ڪريس ها، ته سنڌ جي مسلمانن ۾ موتي ٿئي ها، پر 22-23 جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويو. نيڪ ۽ سلڇڻو نوجوان هو. حيرت هئي ته زميندارن جي آڪهه ۾ اهڙو امل ماڻڪ ڪيئن پيدا ٿيو! شايد اهوئي سبب هو، جو آب و هوا راس نه آيس. مکڙي ٽڙندي ئي ڪومائجي ويئي ۽ ٽاريءَ مان ڇڻي اچي زمين تي پئي.
يه ڦول اپني لطافت ڪي داد پا نه سڪا،
کلا ضرور، مگر کل ڪــي مسڪرا نه سڪا!
[24] سکر جي پهرين فسادن ۾ هندن نظر علي خان تي ڪيس ڪيو هو ته هن ڳوڻين جي سبڻ وارو سوئو هڻي، هڪڙي هندوءَ کي ماريو آهي. سي. آءِ. ڊيءَ. ۾ جاچ هلي. جنرل لائبريريءَ جي لائبريرين مسٽر ماکيجاڻيءَ، ريمگٽن ٽائيپ رائيٽر جي ايجنٽ مسٽر ٽنڊن ۽ آرت مل شاهديون ڏنيون ته جنهن تاريخ تي اهو قتل چيو وڃي ٿو ته ٿيو آهي، ان تاريخ تي نظر علي خان سکر ۾ هوئي ڪونه. هندن ڏاڍا زوربار آندن، ليڪن اهي ٽيئي هندو دوست سچ کان منهن موڙي نه سگهيا. انهن جي ئي شاهديءَ تي نظر علي خان جي جند ڇٽي.
[25] اخبار جي پني جو هڪ ريم. 0- 14- 1 ملندو هو. پريس ۾ ڪڏهن ته ايترا پئسا به ڪونه ٿيندا هئا، جو پنو وٺي سگهون.
__________
[1] لاڙڪاڻو حسن ۽ حسن پرستي ۾ هونءَ به برک ۽ مشهور هو، جهڙيءَ ريت ڪنهن واهڻائي شاعر چيو آهي:
لاڙڪاڻو ساه سيباڻو معشوقن جو مڪان آهه،
عاشقن لاءِ برهه جو بستان آهه.
کليون بازاريون حسن واريون، بندر بي بيان آهه.
محب موچارا وتن سينگاريا، شاهي ته جن جو شان آهه.
باغ بهاري چمن چوڌاري، گلن جو گلستان آهه.
عندليبن عاشقن سائين، نينهن جو نيشان آهه.
اهڙو شهر برهه بحر، ڪاٿئين ڪونه عيان آهه.
صورت سيرت هلڻ چلڻ، صفت ۾ سلطان آهه.
امير بخش جائي ملڪ خدائي، جوڙيو ته جوڙ جوان آهه.
ڪل نفس ذائقة الموت جو پر جهان آهه.
ساوڪ، سبزو، واهه، وڻراهه، ماڻهو ڏسڻا وائسڻان، حسين ۽ شوقين، ڪمي ڪنهن ڳالهه جي ڪانه هئي؛ پر هرڪنهن شهر کي وصف ۽ خصوصيتون پنهنجيون پنهنجيون آهن، تيئن سکر کي پنهنجون جدا خوبيون هيون.
[2] محمد پناهه خان بيمار ٿي شڪارپور ۾ علاج خاطر رهيو، خانبهادر احمد خان ڀـُـٽو ۽ مان نوديري مان گڏجي کيس ڏسڻ وياسين- جمعي ڏينهن 3 مارچ 1950ع (13- جمادي الاول 1329 هه) تي. اهو آخري ديدار هو. ڪلاڪ کن رهاڻ ڪري موٽي آياسين. اسان ڏسندي ئي حياتيءَ مان اميد لاٿي هئي. پوءِ ڊکڻن ۾ آندو ويو، جتي 8- اپريل 1950ع (ڇنڇر 19- جمادي الثاني 1329 هه) جو هي جهان ڇڏيائين. سندس ڄم آگسٽ 1894ع ۾ ٿيو. غلام قادر خان سندس والد جو نالو هو، جيڪو 1845ع ڌاري ڄائو ۽ سندس وفات 1899ع ۾ ٿي. خانبهادر جي وڏي ڀاءُ جو نالوخانبهادر شاهنواز خان هو- بي انتها حسين جميل ۽ نازڪ اندام، اهڙو جهڙو گلاب جو گل. ڏاڏي مرحوم سان سندس ٻٽيهه دليون هيون. مون کي سندس وفات وارو ڏينهن چٽيءَ طرح ياد آهي 21- جنوري 1918ع جو شام ڌاري ٿي.
[3] انگريزن جو اگرچ دشمن هيو، ليڪن انگريزيءَ جو عاشق ۽ تاريخي لحاظ سان محمد شاهه رنگيلي ۽ لال ڪـُـنوار نچڻيءَ جي دور جو ڄاڻون هيو.
[4] هيءَ يادگار مجلس 7 اپريل 1955ع جو ڳڙهي ياسين ۾ ٿي.
[5] چراگاهه
[6] 22- اپريل 1957ع رات جو 8 بجي فوت ٿيو. سنڌي مسلم سوسائٽيءَ جي قبرستان، ڪراچيءَ ۾ دفن ٿيل آهي. پاڻ 1- آگسٽ 1887ع ۾ پيدا ٿيو. ملازمت مارچ يا اپريل 1913ع ۾ شروع ڪيائين.
[7] ملا عثمان 31 جنوري 1906ع جو قريباً ٽيونجاهه ورهين جي ڄمار ۾ انتقال ڪيو.
[8] سڀئي ڀائر بي. اي؛ ايم. اي؛ ايل. ايل. بي، هئا. غلام مصطفيٰ خان بي. اي؛ ايل. ايل. بي؛ ايم. اي. 1911ع جو فراغت حاصل ڪئي، نوڪريءَ مان 1934ع جو نڪتو.
غلام صديق خان 1911ع ۾ بي. اي؛ ايل. ايل. بي. پاس ڪئي.
غلام مرتضيٰ بي. اي. 1921ع ۾ پاس ڪئي، پهرين سکر ۾ پرئڪٽس شروع ڪيائين، پوءِ ڪراچيءَ م آيو.
غلام مجتبيٰ ننڍو هو 1898ع ۾ ڄائو، علي ڳڙهه ۾ بي. اي؛ ايل. ايل. بي. 1929ع ۾ پاس ڪيائين، 7 مارچ 1957ع جو مديجي اسٽيشن تي دل جي دوري ۾ هلندي فوت ٿيو.
[9] ’۽‘ جو اُتراڌي اُچار.
[10] پئدائش 1885ع، ملازمت 1912ع ۾ شروع ڪيائين، وفات 9 سپٽمبر 1943ع جو سکر ۾ ڪيائين، ٻانهن جو آپريشن ڪرائي فوت ٿيو، دفن بڊي ۾.
[11] پئدائش جنوري - فيبروري 1894ع، ڪراچيءَ ۾ وڪالت نومبر 1938ع ۾ شروع ڪيائين. بيحد دلچسپ، سچو، هڏڏوکي ۽ مجلسي ماڻهو هو. سموري زندگي اسان جي گهر سان نيبهه ڪيائين. آخر ۾ دل جي بيماري ٿيس، ٺيڪ ٿيڻ تي ڳوٺ ويو ۽ پهچڻ سان فوت ٿي ويو، ڀاءُ جي پهلوءَ ۾ آسودو ٿيو.
__________
[1] هيءَ ڪافي منهنجي چاچي پير نورالحق شاهه جي چيل آهي.
[2] ورتيو = فال وجهندڙ.
[3] عبدالله فقير بابي مرحوم جي ناني پير سائين پاڳاري (پير حزب الله شاه تخت واري) جو مريد هيو. سندس تربت پير ڳوٺ ۾ آهي.
[4] آغا بدر الدين خان، سندس فرزند ڪبير.
[5] آغا صوفي شڪارپوريءَ جو والد.
[6] پهرين لڙائي 1914ع-1918ع؛ لڙائيءَ کي ”لام“ سڏيو ويندو هو.
[7] ڳڙهي ياسين جو بزرگ عالم باعمل.
[8] جهَوَڻ، ڇنڇري لاهڻ، ڇوڏا لاهڻ.
[9] ”احسان“ جو ڳوٺاڻو اُچار.
____________