لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اترادي ٻولي

سنڌي ٻوليءَ جي جغرافيائي محاورن ۽ ٻولين جي مطالعي جي سلسلي جي ڪڙي ھيٺ ڇپايل ھي ڪتاب اٺن بابن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ اترادي ٻوليءَ جي لھجي جو تعارف ۽ حدون بيان ڪيل آھن. ان کان علاوھ اترادي لھجن جي صوتياتي، صرفياتي ۽ نحولياتي ڇنڊ ڇاڻ ٿيل آھي. اترادي لھجي تي سرائيڪي، بلوچي ۽ براھوي ٻولين جي اثر، اترادي لھجي جو لوڪ ادب ۾ حصو، اترادي لھجي جا خاص لفظ، پھاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح پڻ ڏنا ويا آھن. 

Title Cover of book اترادي ٻولي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران  تحقيقي ڪتاب ”اترادي ٻولي“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مصنف ھدايت پريم آھي.
سنڌي ٻوليءَ جي جغرافيائي محاورن ۽ ٻولين جي مطالعي جي سلسلي جي ڪڙي ھيٺ ڇپايل ھي ڪتاب اٺن بابن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ اترادي ٻوليءَ جي لھجي جو تعارف ۽ حدون بيان ڪيل آھن. ان کان علاوھ اترادي لھجن جي صوتياتي، صرفياتي ۽ نحولياتي ڇنڊ ڇاڻ ٿيل آھي. اترادي لھجي تي سرائيڪي، بلوچي ۽ براھوي ٻولين جي اثر، اترادي لھجي جو لوڪ ادب ۾ حصو، اترادي لھجي جا خاص لفظ، پھاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح پڻ ڏنا ويا آھن. 
ھي ڪتاب 1995ع ۾ سنڌي لينگيوئيج  اٿارٽي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان ھتي شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي