ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سياستدان، دانشور ۽ اديب سائين جي ايم سيد جي تصوف جي نظريي بابت ڪتاب ”تصوف عشق ۽ سائين جي ايم سيد“ پيش آھي، جنھن جو ليکڪ الطاف ملڪاڻي آھي.
جي ايم سيد لکيو آھي تہ ”آئون تصوف جي نظريي کي سچ جو گلدستو سمجهان ٿو جنھن ۾ سڀني رنگن ۽ خوشبوئن جا سھڻا ۽ خوبصورت گل ڪٺا ٿيا آھن.“ ھن ڪتاب ۾ تصوف ۽ عشق جي عالمگير پيغام کي سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشنيءَ ۾ دنيا کي پيغامِ سنڌ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيل آھي. ھن ڪتاب ۾ موجود پيغام آزادي، امن، انصاف، سونھن، سچ، عشق ۽ اتحاد انسانيءَ جو اعليٰ آدرش آھي ۽ نفرت، نفاق ۽ غلامي جي اونداھيءَ کي ختم ڪندڙ روشنيءَ مثل آھي. 
 ھي ڪتاب 2005ع ۾ سنڌ بڪ ڪلب، نوابشاھ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ