سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ محقق راھب علي لاڙڪ جو تحقيق ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاھ لطيف جا شيدائي (حصو ٽيون)“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي عالمن، نقادن ۽ محققن بابت ڀرپور معلومات شامل آھي، جن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگي، شاعري ۽ فڪري اڏام جي مختلف پھلوئن کي وس آھر قلمي پورھيي سان نوازيو آھي. شاھ جي شيداين جي ڊگهي قطار مان ھن ڪتاب (ٽئين حصي) ۾ مير عبدالحسين سانگيءَ کان عثمان علي انصاري، جي ايم سيد کان سراج ۽ رسول بخش پليجي کان ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ تائين ڪيترن ئي محققن جي ڪم کي سھيڙيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 2020ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو. جنھن جي اسڪين ڪاپي راھب علي لاڙڪ جي ٿورن سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي