ناول

اسٽيل جا پنج گلاس

رسول ميمڻ  ھڪ اھڙو ليکڪ آھي جنھن جون ڪھاڻيون ۽ ناول الڳ مقام رکندڙ آهن. هي ناول ”اسٽيل جا پنج گلاس“ سندن ٻين ناولن کان ڪجهه مختلف آهي، ڇو تہ هن ناول ۾ سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي جھڙوڪر تاريخ ڏنل آهي. ڪردارن ۽ انھن جي زندگين ۾ ٿيندڙ واقعا اصل ۾ تاريخ آهن.  ناول جي اڻت اهڙي ڪئي وئي آهي جو سياست جھڙي خشڪ موضوع کي روزاني زندگيءَ جي وهنوار سان بيان ڪيو ويو آهي. 
 

  • 4.5/5.0
  • 77
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Esteel Ja Panj Gilass

حق ۽ واسطا

سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو : اسٽيل جا پنج گلاس
صنف : ناول
ليکڪ : رسول ميمڻ
ڇاپو : پهريون
ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار
سال : 2017ع
ڇپائيندڙ : ماءِ پبليڪيشن، سکر
ڪمپوزنگ : ڊجيٽل پبلشنگ هائوس
ٽنڊوالھيار
0307-3157667
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com


Esteel Ja Panj Gilass

Writen by : Rasool Memon
Composed by: Khadim Hussain jarwar
Year: 2017
Published by: My Publication Sukkur
Composed by: Digital Publishing House
Tando Allahyar
Jarwar1994@gmail.com

انتساب

سيرو چوڪ جي ڪٽجي ويل
اُن بڙ نالي
جنهن هيٺان
ٿڌي پاڻيءَ جو مٽ رکيل هوندو هيو.
هاڻي
پان جي پڙي آهي.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اسٽيل جا پنج گلاس“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جو لکيل ناول آھي.
رسول ميمڻ ھڪ اھڙو ليکڪ آھي جنھن جون ڪھاڻيون ۽ ناول الڳ مقام رکندڙ آهن. هي ناول ”اسٽيل جا پنج گلاس“ سندن ٻين ناولن کان ڪجهه مختلف آهي، ڇو تہ هن ناول ۾ سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي جھڙوڪر تاريخ ڏنل آهي. ڪردارن ۽ انھن جي زندگين ۾ ٿيندڙ واقعا اصل ۾ تاريخ آهن. ناول جي اڻت اهڙي ڪئي وئي آهي جو سياست جھڙي خشڪ موضوع کي روزاني زندگيءَ جي وهنوار سان بيان ڪيو ويو آهي.
دنيا ۾ مختلف شھرن جي حوالي سان ناول لکيا ويا آهن جن ۾ انھن شھرن جي اوسر واري تاريخ بہ جھڙوڪر بيان ڪئي وئي آهي. هن ناول ۾ بہ سنڌ جي شھرن جي اوسر انتھائي سيبتي انداز سان بيان ڪئي وئي آهي.
هي ڪتاب 2017ع ۾ ماءِ پبليڪيشن، سکر پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين رسول ميمڻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، پر پاڻ اوچتو اسان کان وڇڙي موت سان ملاقات ڪيائون. مھربانيون خادم حسين جروار جون جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻين ۽ ناول لکندڙن ۾ علامتي تخليقي طرز سان ادب تخليق ڪندڙن ۾ رسول ميمڻ سرفهرست آهي، جنهن جون ڪهاڻيون ۽ ناول الڳ مقام رکندڙ آهن. هي ناول “اسٽيل جا پنج گلاس” سندن ٻين ناولن کان ڪجهه مختلف آهي، ڇو ته هن ناول ۾ سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي جهڙوڪر تاريخ ڏنل آهي. ڪردارن ۽ انهن جي زندگين ۾ ٿيندڙ واقعا اصل ۾ تاريخ آهن.
ناول جي اڻت اهڙي ڪئي وئي آهي جو سياست جهڙي خشڪ موضوع کي روزاني زندگيءَ جي وهنوار سان بيان ڪيو ويو آهي. اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته رسول ميمڻ جي هن ناول ۾ هي انداز بنهه مختلف آهي.
دنيا ۾ مختلف شهرن جي حوالي سان ناول لکيا ويا آهن جن ۾ انهن شهرن جي اوسر واري تاريخ به جهڙوڪر بيان ڪئي وئي آهي. هن ناول ۾ به سنڌ جي شهرن جي اوسر انتهائي سيبتي انداز سان بيان ڪئي وئي آهي، هي ناول حقيقت نگاري ۽ جادوئي حقيقت نگاريءَ جي پيرائي ۾ لکيل آهي. ون يونٽ جي حوالي سان عام ماڻهن جي ڇا راءِ هوندي هئي يا وري ملڪ جي ٻين حڪمرانن جي دورن بابت عام زندگي ڪيئن هئي ان کي بيان ڪرڻ جو هي ڏانءُ بلڪل ئي نئون آهي.
رسول ميمڻ جو ناول هن دور جو اهو ناول آهي جيڪو ايندڙ دور سان ائين ڳنڍيل آهي جيئن ڪڙي منجهه ڪڙو، ناول جو تاثر ائين محسوس ٿيندو جهڙو اڄ جي دور جي فور ڊي موويز ڏسڻ مهل ٿيندو آهي، پر هي ناول اهڙو تاثر پڙهڻ سان ئي محسوس ڪرائي ٿو اها ئي ته ميجيڪل ريئلزم آهي.


پبلشر

پيش لفظ

ناول ادب جي اهڙي صنف آهي جنهن ۾ جذبن جو کليل اظهار هجي. ناول وقت جي بندش کان آزاد هوندو آهي، ان جو ڪنواس اتان شروع ٿئي ٿو جتي ڪائنات جو ڪنواس ختم ٿئي ٿو. ادبي تخليق، ڪائنات جي تخليق کان پوءِ جي ڪهاڻي آهي. بلزاڪ هيومن ڪاميڊيءَ جا ٻارهن جلد لکيا. برصغير ۾ قرت العين جو “آگ کا دريا” وسعت ۽ ٿولهه ۾ ڪنهن آسماني صحيفي کان گهٽ نه آهي.
تخليقڪار سنڌوءَ جيان وهي ٿو ۽ ان جو انجام سمنڊ آهي. شعور جي ڌارا جي وهڪري ۾ وهڻ لاءِ تخليقڪار کي پاڻيءَ جو روپ ڌارڻو پوي ٿو. فطرت پاران ان کي اها سگهه عطا ٿيل آهي ته اهو جيئن چاهي تيئن ٿي پوي. اهڙي حاصلات لاءِ تخليقڪار کي ڏنل فطرت جي سگهه وڏي اهميت رکي ٿي. مذهب ۾ انسان مٽيءَ جو ٺهيل هجي پر من جي مٽيءَ ساڳي نه آهي. انسانن جون شڪليون ۽ صلاحيتون الڳ آهن.
ناول Novus مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ “نئون” آهي. ادب ۾ موضوع کي نڀاهه کان وڌيڪ اهميت آهي. ورجهاءُ انڪري غير ضروري آهي جو اهو اصل تخليق جي اهميت وڌائي ميسارجي وڃي ٿو. ناول ۾ نئين ڳالهه ڪرڻي آهي، نئين ڳالهه جو نالو ناول آهي. بدقسمتيءَ سان جديد سنڌي ناول ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي ماحول کان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهي. پيار ڪهاڻي (Love Story) وڏو موضوع آهي. پر پيار ڪهاڻيءَ اندر ٻيا هزارين موضوع سمايل آهن. ايرڪ سيگل (Love Story) لکي وڏي شهرت ماڻي پر نقاد ان کي ادب جو حصو مڃڻ لاءِ تيار نه آهن. جڏهن ته گارشيا مارڪيز جي ناول (Love and other demons) ۾ تيرهن سالن جي ڇوڪريءَ سان پوڙهي پادريءَ جو پيار وڏي اهميت رکي ٿو. ناول فلم يا ڊرامي جو اسڪرپٽ نه آهي. دنيا جي عظيم ناولن جي فلم بندي ناممڪن آهي.
گارشيا مارڪيز اسان جي عهد جو اهم عظيم تخليقڪار آهي، جنهن ناول لکڻ لاءِ نئين مَسُ (Ink) متعارف ڪرائي. اها مَسُ ان جي شعور جي ذاتي ملڪيت آهي، سندس لکيل لفظ جادوئي وظيفو آهن.
اسان وٽ لوڪ ادب جا ديو مالائي ذخيرا آهن. انهن ذخيرن جو پسمنظر تخليقي نثر ۾ نظرانداز ڪيل ڏسجي ٿو. سحرانگيز جادوئي حقيقتون، طلسماتي منظر جيڪي جديد عالمي ناول جو عنصر آهن، اهي اسان جي ڏند ڪٿائن ۾ موجود آهن. جديد عالمي ناول قصا گوئي ۽ ناسٽلجيا جي ولين ۾ وڪوڙيل آهي، اسين ماضيءَ کي وساري ويٺا آهيون، لوڪ ادب جي قصن ۽ ڪٿائن جا گمنام مالڪ آهيون.
ڏکڻ آمريڪا جو اسپيني ناول، جنهن کي ڪامياب ناول چيو وڃي ٿو، اهو ديو مالائي ۽ ڏند ڪٿائي آهي. انسان پراسرار آهي. اهو حيرت مان نڪري حقيقت ماڻي نه سگهيو آهي. ڏندين آڱريون انڪري آهن جو عجب هڪ آسيب جي صورت ۾ سندس وجود اندر واسو ڪري ويٺل آهي. جادوئي حقيقتون، سرئلزم، علامتون، طلسم، ڪيوبز، ابسٽريڪٽ، خوابناڪ منظر نگاريون ان جي روح جي تسڪين ڪن ٿيون.
سنڌي نال کي عالمي سطح تي آڻڻ لاءِ اسان جي تخليقڪارن کي ڪجهه ڳالهيون نظر ۾ رکڻيون پونديون.
• ناول ۾ نظرين جي گنجائش نه هوندي آهي.
• هر ادبي تخليق ۾ ٻوليءَ کي ثانوي حيثيت آهي. اوليت شعور يا Thought کي آهي. لفظ ڌڻ جي صورت ۾ شعور پويان هلن ٿا. ڪنهن به تخليق کي لفظن سان سينگارڻ ان جو حسن برباد ڪرڻ آهي.
• جذبات پڻي جي بي ربط اپٽار(Sentimental over flow) ٻاراڻي ذهن کي متاثر ڪري ٿو، جڏهن ته وقت، عمر ۽ Maturity اهڙي احساس کي زائل ڪري وجهن ٿا.
• حقيقي حقيقت نگاري (Realistic Realism) بجا طور زندگيءَ جو سچ آهي پر انسان کي سڌو سچ متاثر نه ٿو ڪري، اخبار ۽ ادب ۾ اهو ئي فرق آهي. تذليل اثر وڃائي ويٺي آهي. عزت نفس معنا بدلائي ڇڏي آهي. انسان ڀوڳنائن کي ڀوڳ سمجهڻ لڳو آهي. “ماڻهو موٽر هيٺان اچي مري ويو.” عام رواجي جملو آهي پر ادب معنائون بدلائي وجهي ٿو. حقيقي حقيقت نگاري Realistic Realism صحافت آهي ۽ حقيقي حقيقت نگاريءَ جو صد باب (Re-Realistic Realism) جيڪو ادب آهي. روايتن کي تبديل ڪرڻو آهي. دل سيني اندر آهي، نظر نه ٿي اچي، پر سيني چيرڻ بنا دل جو نظارو ادب آهي.
• ناول ڊرامو نه آهي، ناول جو ڊرامائي انداز نه ناول آهي، نه ڊرامو.
• ڄاڻي واڻي متاثر پڻو (Intensional Impressionism) ناول کي مصنوعي بڻائي وجهي ٿو. تخليق ۾ قابليت ۽ ڄاڻ مڙهڻ واجب نه آهي. ناول شعور جو وهڪرو آهي جنهن ۾ تخليقڪار پاڻ وڃائي ويهي ٿو. تخليقڪار شعور هٿان بي وس نظر اچي ٿو. اهو ٻڏي ٿو، تري ٿو ۽ ڌارا Stream جي رحم ۽ ڪرم تي وهندو وڃي ٿو، جيڪو تارو آهي، اهو تخليقڪار نه آهي. ڏانءُ ڏات جي در جو غلام آهي. ڏات هيري جيان آهي ۽ ڏانءُ تراش، نکار تعليم ۽ تربيت آهي. سنڌ ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻڏي چڪو آهي، ڪهڙي تربيت ٿيندي؟
• قوم پرستي – ڌرتيءَ جو بي شعور باشندو به لاشعوري قومپرست آهي. روس، چين، ڪوريا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ اتان جي ٻولي پڙهائي ۽ ڳالهائي وڃي ٿي. ناول قوم جو ترجمان آهي. قوم جو ڪلچر خود بخود ناول ۾ سمائجي وڃي ٿو. ماڻهن جا مسئلا ناول جو حصو بڻجي وڃن ٿا. گوگول Dead Soul لکي ٿو ته اڻويهين صديءَ جو روس پنهنجو پاڻ سمائجي وڃي ٿو. سنڌي ناولن ۽ ٻين تخليقي لکڻين ۾ قوم پرستي ۽ پرچار نعري جي صورت ۾ موجود آهي جيڪو ناول جو الميو آهي. گورڪي روس جو نه پر سوويت يونين جو وڏو اديب هيو. ڪمال کي زوال آهي. مان مايوس آهيان، محسوس ٿيندو آهي، اسين ڪمال جي بلندين کي ڇُهي هاڻي زوال پذير آهيون. خوشفهميءَ اسان سنڌين کي انڌيرن ۾ برقرار رکيو آهي. نجات جو واحد ذريعو تعليم آهي. پڙهڻ پڻ ڏات آهي، پيغمبري آهي، پيغمبري پيدا ڪرڻ لاءِ نئون آسمان تخليق ڪرڻو پوندو. ڌرتيءَ کي علم سان اجاگر ڪرڻو پوندو، پوءِ سٺا ناول سرجڻ لڳندا، سٺا پڙهندڙ ملي سگهندا.
فريگمينٽري ناول (Fragmentary novel). ناول جي اهڙي صنف آهي، جيڪو ڇڙوڇڙ، نامڪمل، ٽٽل ۽ الڳ حصن تي مشتمل آهي. اهڙي ناول لاءِ ڪو مخصوص پلاٽ ضروري نه آهي. ناول جي مک ڪردار يا هيرو کي اهميت حاصل نه آهي پر واقعن کي اجاگر ڪيو ويندو آهي. اهڙا واقعا الڳ ڪهاڻين تي به مشتمل ٿي سگهن ٿا.
پهريون فريگمينٽري ناول سٽريڪون (Satyricon) آهي جيڪو روم جي حڪمران نيرو جي ڏينهن ۾ لکيو ويو. اهو ناول لاطيني زبان ۾ هيو ۽ پيٽرونس (Petronus) (27-66A.D) پهرين عيسوي صديءَ ۾ لکيو.
ڪافڪا جو جڳ مشهور ناول آمريڪا ۾ وڃايل (Amerika) پڻ فريگمينٽري ناول آهي جيڪو 1927ع ۾ لکيو.
ناول جي تاريخ ۾ سوين اهڙا ناول آهن جيڪي فريگمينٽري طرز تي لکيل آهن. انهن ناول نگارن ۾ هيمنگوي، وليم فاڪنر، ري براڊ بري، نباڪوف ۽ ٻيا شامل آهن.
آخري ناول جيني اوفل جو موسم (Weather) آهي جيڪو هن 2020ع ۾ لکيو.
اسٽيل جا پنج گلاس ساڳي فريگمينٽري انداز ۾ لکيل آهي.
ناول “اسٽيل جا پنج گلاس” جي باري ۾ ايترو چوندس ته اهو سوانحي يا آتم ڪٿائي ناول نه آهي پر اهو وسري ويل پراسرار يادن جي ناسٽلجيا (Nostalgia) آهي. ان جا ڪردار فرضي آهن. ٿي سگهي ٿو ياد ۾ رهجي ويل اهڙا ڪردار هجن جيڪي اڌمو کائي ٻاهر نڪتا هجن، انهن جو اظهار حقيقت کان پري هڪ اهڙي دنيا آهي جيڪا ناول کي تخليق جو روپ ڏئي ٿي.
يادون انسان جو سڀ کان وڏو سرمايو آهن، جيڪي دنيا ۾ نه آهن، اهي يادن ۾ محفوظ رهن ٿا. هيءُ ناول اهڙين يادن تي مشتمل آهي جيڪي وقت جي ڌوڙ ۾ پنهنجو چهرو وڃائي ويٺيون آهن. توهان کي هر چهرو وقت جو چهرو محسوس ٿيندو.

رسول ميمڻ
ڪراچي

باب پهريون

اهي اسٽيل جا پنج گلاس منهنجي پيدائش کان پهرين موجود هيا. مان تڏهن ڄائس جڏهن ايوب اقتدار سنڀاليو. سنڌ کي بريڪيٽس ۾ لکيو ويندو هو ۽ سنڌ کي بريڪيٽس ۾ ڏسي محسوس ٿيندو هيو ڄڻ اڃان ماءُ جي پيٽ ۾ آهيان. بابا ٻڌائيندو هيو ته جڏهن تون ڄائين ٻاهر پاڪستان زندهه آباد جا نعرا لڳي رهيا هئا. شايد اهو ئي سبب آهي جو مان سست، بدنصيب ۽ ڏتڙيل ثابت ٿيو آهيان.
ننڍي هوندي ڪلاس ۾ پوئين بينچ تي ويهندو هيس ۽ ماستر جنهن جي رول جو نالو “مولا بخش” هيو. ان ماري منهنجا ٻئي هٿ سجائي ڇڏيا هيا. مون کان منهنجو دوست دلدار، جيڪو ڪڏهن اسڪول نه ويو، اڪثر پڇندو هيو، “جڏهن تون ايڏو ڪمزور آهين ته تنهنجا هٿ صحتمند ڇو آهن؟”
مان هٿن ڏي ڏسي ڏک مان چوندو هيس، “بس جنهن کي مولا بخشي.”
اهي اسٽيل جا پنج گلاس ڪڏهن ڏاڏو شڪارپور جي بازار مان خريد ڪري آيو هيو. ائين چمڪندا هيا ڄڻ چاندي. ڏاڏيءَ انهن جي وڏي سنڀال ڪئي هئي، ڇو جو اسٽيل جا ٿانءَ عام نه هيا. بازار جست، ٽامي ۽ پتل جي ٿانون سان ڀريل هوندي هئي. ماڻهو اڪثر اهي خريد ڪندا هيا ۽ انهن تي پنهنجن پيارن جا نانءُ لکرائيندا هيا. هر دوڪان تي هڪ اهڙو شخص هوندو هيو جيڪو پيرن وچ ۾ ٿانءُ ڦاسائي، سوئو رکي هٿوڙيءَ سان ڌڪ هڻي پيو نانءُ لکندو هيو. پر انهن پنجن اسٽيل جي گلاسن تي ڪو نانءُ لکيل نه هوندو هيو. پڪ سان ڏاڏي ان وقت نانءُ لکندڙ شخص کي چيو هوندو.
“هنن پنجن گلاس تي منهنجي پنجن پٽن جا نالا لک.”
ان شخص وراڻيو هوندو، “سائين نالا جست، ٽامي ۽ پتل جي ٿانوَن تي لکي سگهبا آهن. مان هنن پنجن اسٽيل جي گلاسن تي نالو نه ٿو لکي سگهان، ڇو جو اسٽيل پاڪستان جيان مضبوط آهي. انهن پنجن گلاسن تي چگهه ڪرڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي.”
ڏاڏا ضرور مايوس ٿي ڳوٺ موٽيو هوندو ۽ ان محسوس ڪيو هوندو ڄڻ ٻارن جي پيدائش کانپوءِ انهن جي ڇٺي نه ٿي آهي. اهي بي نانءُ هجن ۽ ڪمري ۾ لڳل تختن تي چڙهي پير لڙڪائي ويٺل هجن. ساڳي تختي تي انهن جي ڀرسان سکڻي ڪُني رکيل هوندي هئي.
جڏهن ڏاڏي وفات ڪئي ته اڃان شيشي جا گلاس مارڪيٽ ۾ عام نه هيا. فرانس ۽ انگلينڊ جا ٺهيل شيشي جا گلاس ملندا هيا، جيڪي تمام مهانگا هيا ۽ عام ماڻهوءَ جي پهچ کان پري هيا. اهي خانبهادرن، راءِ بهادرن ۽ اهڙن بهادرن جي بنگلن اندر اوڪ جي خوبصورت ڪارين ٽيبلن تي رکيل هوندا هيا جن بهادرن عزت، غيرت ۽ وطن دوستيءَ کي مات ڏني هجي. اهو انهن شيشي جي گلاسن جو ئي ڪم هيو جن شراب اوتي انگريزن جي اڃ اجهائي. انهن تي شباب جي آڱرين جا نشان هيا ۽ اهڙن چپن جا نشان جن ملڪ جو خون چوسيو.
تن ڏينهن جست جا گلاس انڪري سٺا هيا جو ڏنگا، ڦڏا ۽ ميرا ته ٿيندا هيا پر انهن تي ڪٽ نه چڙهندي هئي. پتل ۽ ٽامي جا گلاس جيڪي اوائلي دور کان استعمال پئي ٿيندا آيا، ماڻهو انڪري پسند نه ڪندا هيا جو انهن تي ساول چڙهي ويندي هئي ۽ پاڻي پيئڻ سان ڪجهه اهڙي بوءِ ايندي هئي جيئن مٽ ۾ ڪو جيت مري ويو هجي.
هندستان کان آيل ماڻهن کي اهڙا پتل ۽ ٽامي جا ٿانوَ صفا نه وڻيا ڇو جو انهن تي چڙهيل ساول جو رنگ اسان جي پياري ملڪ جي جهنڊي جهڙو هيو. جنهن جهنڊي کي سينيمائن ۾ فلم ختم ٿيڻ کان پوءِ اهو چئي ڏيکاريو ويندو هيو ته “هاڻي توهان کي درخواست ٿي ڪجي ته قومي جهنڊي جي احترام ۾ اٿي بيهندا.”
ڪجهه ماڻهو بيهندا هيا ۽ ڪجهه اوٻاسيون ڏيندا، سينيما جو در کولي ٻاهر نڪري ويندا هيا. ڪڏهن وري سينيما ۾ خالي ڪرسين اڳيان پردي تي جهنڊو پيو لهرائيندو هيو. پوءِ حڪومت جهنڊي جي اهڙي توهين تي غور ڪيو ۽ فيصلو ڪيو ته جهنڊو فلم جي آخر ۾ نه پر شروع ۾ ڏيکارڻ گهرجي، جيئن ماڻهن لاءِ اهو ضروري ٿي پوي ته جهنڊي کي پردي تي لهرائيندي ڏسن ۽ اٿي بيهي قومي ترانو ٻڌن. ان صلاح تي عمل ڪيو ويو ۽ سينيمائن ۾ جهنڊو فلم شروع ٿيڻ کان اڳ ڏيکارجڻ لڳو. جهنڊي ڏيکارڻ کان اڳ ماڻهن کي اهو چيو ويو ته “هاڻي توهان قومي ترانو ٻڌندا. توهان تي لازم آهي ته ان جي احترام ۾ خاموش ۽ باادب بيهي رهو.”
اهڙي ترميم کانپوءِ به ماڻهو جيڪي شيرين ۽ فردوس اداڪارائن جو گوڏ ٻڌي رقص ڪرڻ ۽ وڏا ٽپا ڏيڻ جي آس کڻي سينيمائن ۾ داخل ٿيندا هيا، قومي تراني ڏسڻ وقت اڌ بيٺل ۽ اڌ ويٺل هوندا هيا. جيڪي بيٺل هوندا هيا، اهي قومي تراني ختم ٿيڻ کان اڳ ئي ويهي رهندا هيا. انهن جو جوش ۽ ولولو تڏهن جاڳندو هيو جڏهن اداڪارائون ٽپاڏينديون هيون ته کين ٻڌل گوڏ ٿلهن سترن کان مٿي اڏامي ويندي هئي.
ڏاڏي وٽ اهڙا پتل جا گلاس به هيا جن تي ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ڇڏي ويل هندن جا نالا لکيل هيا. اهي هندو ان آسري گهر بند ڪري لڏي ويا هيا ته ٻن چئن مهينن ۾ حالتون ٺيڪ ٿي وينديون ۽ اهي موٽي اچي پنهنجن گهرن ۾ رهندا. اهي ڪجهه قيمتي شيون پاڻ سان گڏ کڻي ويا ۽ ٻيو فالتو سامان جنهن ۾ کٽون، بستر، ٿانوَ، وڏيون پيٽيون، ٻهارا، پوچيون ۽ ڀڳوان جون مورتيون ڇڏي تالا هڻي هليا ويا. مقامي ماڻهو لياقت علي خان جي قانون موجب انهن جي گهرن ۽ دوڪانن تي قبضو نه ڪري سگهيا پر ڪجهه اوباش ۽ چور قسم جا ماڻهو اهي تالا ڀڃي سڄو سامان ڪڍي ويا. شايد اها ڀڳوان جي مورتيءَ جي طاقت هئي جنهن کي ڪنهن چور چوري نه ڪيو، پر جڏهن اهي گهر مهاجرن حوالي ڪيا ويا ته انهن سڀ کان پهريون انتقام ڀڳوان جي مورتيءَ کان ورتو. انهن اهي ڀڃي گهر کان ٻاهر اڇلايون. انهن ثابت ڪيو ته صرف ماڻهو مسلمان نه هوندا آهن پر روڊ، رستا، عمارتون، باغ، اسپتالون، اسڪول، يتيم خانا ۽ پاڻيءَ جون سبيلون به اسلام قبول ڪنديون آهن ۽ پنهنجا نالا بدلائي مسلمان ٿينديون آهن.
ڏاڏي وٽ اهي پتل جا گلاس گهڻو عرصو موجود رهيا. انهن تي عجيب ۽ غريب نالا لکيل هوندا هيا. هڪ گلاس تي لکيل هيو ڦڙو مل، ٻئي تي لکيل هيو جهڙو مل. مان سمجهي ويس ته ڦڙو مل ضرور جهڙو مل جو پٽ هوندو. ڇو جو ڦڙو جهڙ مان ئي جنم وٺندو آهي. هڪ گلاس تي لکيل هيو “هوا ٻائي” اهڙو مسلمانن جهڙو نالو پڙهي مان حيران ٿي ويس. هڪ ڏينهن قرآن پڙهائيندڙ مولويءَ کي گلاس ڏيکاريندي چيم “سائين هيءُ آهي ته هندن جو پوءِ نالو مسلمان عورت جو ڇو لکيل آهي؟”
استاد گلاس کي هٿ نه لاٿو ۽ منهنجن هٿن کي سوري اکين اڳيان ڪري نالي پڙهڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ پوءِ نفرت مان جواب ڏنائين “ڇورا تون نه سڌرين، هيءَ هوا ٻائي آهي، جيڪا هندو عورت هئي. جيڪڏهن وڏي “ح” سان حوا ٻائي لکيل هجي ها ته پوءِ مسلمان ٿي پئي سگهي.”
استاد مونکي پري ڪيو ۽ وري چيو “اڇلاءِ ڪافرن جي گلاس کي پري، متان هن ۾ پاڻي پي وات خراب ڪيو ٿي. ان ساڳي وات سان قرآن ڪيئن پڙهندين؟”
مون اهو گلاس واپس تختي تي رکيو ۽ سوچيندو رهيس. سڄي “هه” جي هيرا ڦيري آهي. “ح” حبشي جيڪو ڪاري رنگ جو آهي. “هه” لکڻ سان اڇو ٿي پوندو. ڏاڏي جي وفات کانپوءِ ڏاڏي اداس رهندي هئي ۽ ڪمري ۾ رکيل انهن اسٽيل جي گلاسن ۾ ڏاڏي جو عڪس ڏسندي هئي. اهو اڇي پڳ پائي بيٺل هوندو هيو، سندس منهن تي اڇي ڏاڙهي ۽ لڙڪندڙ اڇيون مڇون هيون. ڏاڏو سدائين مرڪندو هيو، اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس مرڪ وڏين مڇين ۾ لڪيل هوندي هئي. اهو قدر آور مڙس هيو، جنهن ڪري گهر جي چائنٺ ٽپڻ وقت کيس مٿو ٽڪرائجڻ ڪري اڪثر ڌڪ لڳندا هيا، پوءِ وقت هن کي ڪمزور ۽ ڪٻو ڪري وڌو. ان جو فائدو اهو ٿيو جو ڏاڏو جڏهن گهر جي چائنٺ ٽپندو هيو ته کيس ڌڪ نه لڳندا هيا.
اسٽيل جا پنج گلاس جن جي تري ۾ انگلينڊ جو ٺپو لڳل هوندو هيو، ڏسي محسوس ٿيندو هيو، اهي انگريزن خاص اسان مسلمانن لاءِ ٺاهيا هيا. ان اسٽيل جي سيٽ کي ورهائي ائين الڳ ڪيو ويو هيو، جيئن جڳ گلاسن کانسواءِ ڪنهن ڪم جو نه هجي ۽ گلاس جڳ کانسواءِ نامڪمل هجن.
غريب غربي وٽ مهمانن کي پاڻي پيئارڻ لاءِ جست جا گلاس ئي هوندا هيا. جڏهن ته ڏاڏي مهمانن کي اسٽيل جي گلاسن ۾ پاڻي پيئاري حيران ڪري ڇڏيندي هئي، جڏهن ڏاڏو جيئرو هيو ۽ ان جا دوست ڳوٺن کان ڪهي ايندا هيا ته ٻاهر اڱڻ ۾ برمي وٽ کٽ تي ويهي تازي پاڻيءَ جا ڍڪ ڀري برمي جي مٺي پاڻيءَ جي تعريف نه ڪندا هيا پر گلاسن جي چمڪ ڏسي ڏاڏي کي چوندا هيا “پريا مڙس، گلاس چانديءَ جا آهن؟”
ڏاڏو لڙڪندڙ مڇن تي هٿ ڦيري جواب ڏيندو هيو “چانديءَ جو زمانو ويو، اهي اسٽيل جا آهن.”
پوءِ وقت بدليو. چين ۾ انقلاب آيو ته سڀ کان پهريون پاڪستان ان کي تسليم ڪيو. چين اهڙي اڳرائيءَ جو پاڪستان کي سٺو سلو ڏنو. هن کي سستا رانديڪا ٺاهي ڏنا ۽ بازارون چيني سامان سان سٿجي ويون. ائين پئي لڳو ڄڻ چين ۾ انقلاب کان اڳ بغاوت جي ڏينهن ۾ چيني انقلاب جي تياري ائين ڪري رهيا هيا جو لڪي توبون، بم گولا ۽ بندوقون ٺاهڻ بجاءِ رانديڪا، چينيءَ جا برتن، ريڊيا، ٽوپي ڏيڻ واريون سيون، ٽاچينيون، پيچ ڪش ۽ شيشي جو سامان ٺاهي رهيا هيا. ڇو جو انقلاب کانپوءِ هڪدم ايڏي وڏي مقدار ۾ سامان ٻاهرن ملڪن ڏانهن موڪلڻ حيرت انگيز هيو.
شڪارپور جي بازار به اهڙن ٿانوَن سان سٿجي وئي جيڪي چين جا ٺهيل هيا. اهي قيمت ۾ ايڏا گهٽ هيا جو غريب ماڻهو انهن کي آسانيءَ سان خريد ڪري پئي سگهيو.
انگلينڊ ۽ فرانس جا ٿانوَ جيڪي قيمتي ۽ خوبصورت هيا، انهن جو وڪرو وڏن ماڻهن تائين محدود رهيو.
امڙ جي نظر جڏهن چين جي ٺهيل اهڙن شيشن جي گلاسن تي پئي ته اهي ان کي اسٽيل جي گلاسن کان سهڻا ۽ صاف نظر آيا. ان هڪ دفعي بابي کي فرمائش ڪئي ته اهو شڪارپور جي بازار مان کيس اهڙا شيشي جا گلاس آڻي ڏي، ڇو جو اها ڪالهه جڏهن جاڙي ماءُ جي گهر وئي هئي ته کيس اتي نظر آيا هئا. جاڙي ماءُ هن کي ٻڌايو ته اهي ايڏا مهانگا نه آهن. ٻن روپين ۾ ڇهه گلاس آرام سان ملي ويندا.
بابو جنهن تازو فائنل پاس ڪري ماستري ورتي هئي، ان جي ڪُل پگهار پنجونجاهه روپيا هئي. اهو ڀريل جسم وارو پهلوان شخص هيو. جيڪو آکاڙي ۾ ورزش ڪندو هيو ۽ ڪنهن ملهه جي مقابلي ۾ ڪنهن کي چت ڪري ڇهه ست روپيا انعام ۾ حاصل ڪري وٺندو هيو. ان به سوچيو، زمانو ترقي يافته ٿي ويو آهي ڇو جو شيشي جا گلاس مارڪيٽ ۾ سستا ٿي ويا آهن. زماني سان قدم قدم ۾ ملائڻ لاءِ شيشي جي گلاسن ۾ پاڻي پيئڻ ضروري آهي.
اهو هڪ ڏينهن شڪارپور ويو. نعيم احمد شيخ جيڪو پهريون بازار ۾ پرڀو مل جي نالي سان سڃاتو ويندو هيو ۽ تازو مسلمان ٿيو هو، بابو ان جي دوڪان تي ويو جيڪو ڳاڙهي گوڏ ٻڌي اتي ويٺل هيو. بابي ان جي اهڙي حالت ڏسي پهريون سوچيو ته شايد ان ڳاڙهي گوڏ چين ۾ انقلاب جي خوشيءَ ۾ ٻڌي آهي، ڇو جو چين جي سامان اچڻ ڪري سندس ڪاروبار چمڪي پيو هيو. پر پوءِ جڏهن ان کيس ڳاڙهي گوڏ جي حقيقت ٻڌائي ته بابا “الحمدالله” چئي شيشي جا گلاس ان کان ئي وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سوچيو ته ڀلي اهو چار پئسا مارڪيٽ کان منافعو وڌيڪ وٺي پر هو ڪنهن ٻئي دوڪان تي نه ويندو.
هونئن ته نعيم احمد شيخ جي دوڪان ۾ هر رنگ جا گلاس هيا جن ۾ اڪثريت نيرن گلاسن جي هئي پر ان بابا کي ساوا گلاس خريدڻ جي صلاح ڏني ۽ چيو “سائو اسلامي رنگ آهي. ماستر صاحب انهن ۾ پاڻي پيئندين ته ڄڻ آب جم جم (زم زم) پيئندين.” مسلمان ته پنهنجيءَ جاءِ تي پر سنڌ ۾ شل نه ڪو واڻيو مسلمان ٿئي پوءِ مسلمانيءَ ۾ سڀني کان گوءِ کڻي ويندو. جڏهن ڏس ٻاتي آواز ۾ ويٺو قرآن پڙهندو. ننڍپڻ ۾ مونکي دينو دال وارو ياد آهي جيڪو تازو مسلمان ٿيو هيو. پنج وقت نماز پڙهندو هيو. ان کي اڇي ٽوپي ۽ منهن تي سونهاري هوندي هئي. بڙ جي هيٺان ويهي دال وڪڻندو هيو. ان وٽ دال وٺندڙ ماڻهن جي رش هوندي هئي. اهو هر گراهڪ کي ڪنول جي پن تي دال رکي ڏيندو هيو. جڏهن ديڳڙيءَ مان چمچي سان دال ڪڍي پن تي رکندو هيو ته هر چمچي ڀرڻ مهل وڏي آواز سان ڪلمي جو پهريون حصو پڙهندو هيو. هڪ دفعي “ڪڪي” نالي شخص جيڪو موليدي هيو. ان دينو کي چيو “دين محمد ڪلمو ته پورو پڙهه نه.”
دين محمد منجهي پيو ۽ جڏهن وري ڪلمي پڙهڻ جي ڪوشش ڪيائين ته هن کان اچار صحيح نه پئي نڪتو. ڪڪي مولوديءَ هن جو تلفظ صحيح ڪرڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي، پر آخر ۾ بيزار ٿي دال وٺي ويندي هن کي چيائين “ادا پوءِ ائين ئي هوندو.”

باب ٻيون

جڏهن نعيم احمد شيخ کان بابو ساوا گلاس وٺي واپس پهتو ته شيشي جا اهڙا گلاس ڏسي امڙ کي ته خوشي ٿي پر ڏاڏي اداس ٿي وئي. امڙ ڇهه گلاس ڌوئي تختي تي رکيا ۽ ڏاڏيءَ مايوس ٿي اسٽيل جا پنج گلاس ڌوئي پاسيرا ڪري رکي ڇڏيا. ڏاڏيءَ سوچيو، وقت سان گڏ شايد اسٽيل جا گلاس به هن جيان پوڙها ٿي چڪا آهن ۽ پوڙهن جو وقت ختم ٿي چڪو آهي. اهي اسٽيل جا پنج گلاس رنڌڻي جي هڪ ڪنڊ ۾ ائين اونڌا پيا هوندا هيا جيئن زماني کان پنهنجو منهن لڪائيندا هجن. ائين انهن تي مٽي چڙهندي ويندي هئي ۽ ڪڏهن امڙ ان خيال کان انهن جي صفائي ڪندي هئي ته متان ڪنهن غريب غربي، نوڪر يا ڀنگيءَ کي پاڻي پيئارڻ مهل انهن جي ضرورت محسوس ٿئي. گهر ۾ شيشي جا گلاس استعمال ٿيندا هيا ۽ اسان ننڍا ٻار ڏسندا هيا سي جڏهن به ڪو اڃايل مهمان تڪڙ ۾ انهن کي وات تي چاڙهي ڍڪ ڀريندو هيو ته هيٺان بيهي نظر ايندڙ ان جا ڏند آڱرين جيڏا ڊگها ٿي ويندا هيا. امڙ شيشي جي گلاسن جو گهڻو خيال ڪندي هئي، جڏهن ننڍڙي ڀيڻ گلاس کڻي پاڻي ڀرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته امڙ رڙ ڪندي هئي. “اڙي غلامو، ڀيڻ کي پاڻي ڀري ڏي متان هٿن مان ڇڏائجي نه وڃينس.”
مان ڊڪندو ويندو هيس ۽ ننڍڙيءَ کي پاڻي ڀري ڏيندو هيس.
ايوب خان جي ڏينهن ۾ مارشلا جي وڏي دهشت هئي. ماڻهو پوليس کان ته ڊڄندا هيا پر فوج کي عزرائيل سمجهندا هيا. فوجي حڪومت ملاوٽ ڪندڙن خلاف باهه ٻاري ڏني هئي. هڪ حڪم ذريعي تنبيهه ڪئي وئي هئي ته “ان کان اڳ جو فوجي دوڪانن تي وڃي چڪاس ڪن هڪ هفتي اندر سڀ دوڪاندار ملاوٽ ٿيل مال هٽائي ڇڏين.” دوڪاندارن تي ان حڪم جي ايڏي دهشت طاري ٿي وئي جو انهن ملاوٽ ٿيل سڀ شيون سنڌوءَ ۾ اڇلايون ۽ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو رنگ اڇو ناسي ۽ ڳاڙهو ٿي ويو.
بابي جو دوست شفيع محمد جنهن جو پاڙي ۾ بقالڪو دوڪان هيو. اهو دوڪان بند ڪري ٻاهر دڪي تي ويهي روئي رهيو هيو. بابي ان کان روئڻ جو سبب پڇيو. ان وراڻيو “ماستر ڳالهه نه پڇ، ڪک نه رهيو.”
“پر اهو ڪيئن؟”
شفيع محمد هڪ آهه ڀري ۽ بابي کي چيو “ڳالهه نه پڇ، ڳالهائي نه ٿو سگهان، پهريون پاڻي پيئار ته پوءِ ٻڌايان.”
بابي مونکي هٿ جي اشاري سان پاڻيءَ جو گلاس آڻڻ لاءِ چيو. مان اندر ويس ۽ امڙ مون کي گلاس ڌوئي ڀري هٿ ۾ ڏنو، ٻاهر آيس، بابي وٽ پهچي گلاس ڏنم. شفيع محمد وات تي چاڙهي هڪ ساهيءَ ۾ پي ويو. مان به اتي ويهي رهيس ۽ گلاس پاسي کان پيو هيو. شفيع محمد کيس سرسري ڳالهه ٻڌائي “ماستر مون کان غلطي ٿي وئي. گودام ۾ اصلي مال ۽ ملاوٽ وارو مال گڏ رکيل هيا. تڪڙ ۾ اصلي مال سنڌوءَ ۾ اڇلي آيو آهيان ۽ ملاوٽ وارو گودام ۾ رکيل آهي.”
بابي اهڙي ڳالهه ٻڌي مٿي تي ڌڪ هنيو.
“اڙي چريا!” هن چيو “تڪڙ جو ڪهڙو ضرور هيو اجايو نقصان ڪري وڌئي.”
ڳالهين ۾ ڪنهن جو ڌيان ئي نه رهيو ته ڪو پاسي سان شيشي جو گلاس پيل آهي. شفيع محمد گودام ۾ واپس وڃڻ لاءِ افسوس مان اٿيو ته گلاس کي لت لڳي وئي ۽ گلاس دڪي تان اچي روڊ تي ڪريو. ٽي ٽڪر ٿي ويو. بابي ڪجهه دير افسوس مان ڀڳل گلاس جي ٽڪرن ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ اهي کڻي روڊ جي پاسي کان رکي ڇڏيا.
چون ٿا ايوب خان جي وهاڻي کي به فوجي شوَ پاتل هوندي هئي. هو جڏهن رات جو ان تي سمهي اوڀر ڏي منهن ڪري کونگهرا هڻندو هيو ته سندس وڏيون مڇون هندوستان ۽ افغانستان ڏي اشارو ڪنديون هيون. هو هندوستان کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏسندو هيو ۽ افغانستان هن لاءِ خطرو هيو، ڇو جو کيس هر حال ۾ سوويت يونين جي مخالفت ڪرڻي هئي. آمريڪا کيس خوابن ۾ سوويت يونين کان ائين ڊيڄاريندو هيو جيئن ماءُ ٻار کي جن کان ۽ جڏهن ننڊ ۾ پاسو ورائيندو هيو ته ڏکڻ ۽ اتر ۾ هن جون مڇون چين ۽ ايران ڏي اشارو ڪنديون هيون. خوابن ۾ هن کي مائوءَ جي هنج ۾ ويٺل ننڍڙو ذوالفقار علي ڀٽو ويٺل نظر ايندو هيو. جنهن کي مٿي تي ڳاڙهي ٽوپي پاتل هوندي هئي پر هٿ ۾ تسبيح لڙڪندي هئي. چيني نظريو ايوب خان لاءِ هڪ دوست جو ڪافر نظريو هيو پر ڀٽي ان نظريي کي مسلمان ڪيو. ايوب ايران جي رضا شاهه تي دل ۽ جان سان قربان هيو، ڇو جو اهو هڪ سهڻي ملڪا جو مڙس هيو. فرح ديبا پندرهن سئو سال پراڻو شراب آڇيندي هئي ۽ رضا شاهه فخر سان چوندو هيو.
“اسلام کان پهريون جو آهي، انڪري حلال سمجهڻ گهرجي.” ان جي اهڙن ٽوٽڪن تي سڀ کان وڌيڪ ٽهڪ ذوالفقار علي ڀٽو ڏيندو هيو، ڇو جو اهو اڃان نوجوان هيو ۽ سندس ٽهڪن جي عمر هئي. نوجوان ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن ايوب خان جو پرڏيهي وزير هيو، تقريبن روز هن جو ننڍڙو فوٽو عبرت اخبار ۾ شايع ٿيندو هيو. ننڍي هوندي جڏهن ڀٽي صاحب جو فوٽو ڏسندو هيس ته خبر نه آهي ڇو خوشي محسوس ٿيندي هئي. ڏاڍو سهڻو هيو ذوالفقار علي ڀٽو. دل ۾ اها حسرت هوندي هيم ته جيڪر ان کي سامهون ڏسي سگهان. ڀلو ٿئي فاطمه جناح جو جنهن جي صدقي مونکي ذوالفقار علي ڀٽو ڏسڻ نصيب ٿيو. ڇو جو ان کان اڳ حڪمرانن کي ڏسڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هيو. مان جڏهن پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هيس ته هڪدم حڪم نامي تحت شهر جي اسڪولن جا ٻار گڏ ڪري ورڪشاپ روڊ ڪنارن تي اهو چئي گڏ ڪيا ويا ته “ايوب خان اچي ٿو، ان جو استقبال ڪرڻو آهي.”
اسان سڀ ٻار صبح سان ورڪشاپ روڊ جي ڪنارن تي ڪٺا ٿياسون. مان گهران ٿڌي پاڻيءَ جي بوتل ۽ شيشي جو گلاس کڻي آيس ته متان پاڻيءَ جي ضرورت پوي. اس ۾ بيٺي يارهن ٿي ويا، ايوب خان نه آيو. روڊ تي گاڏين ۾ رعبدار فوجي اچن ۽ وڃن پيا. زور سان بينڊ وڳي پئي ۽ بينڊ ماسٽر هڪ ڊگهي لٺ کي هٿ جي آڱرين ۾ ائين ڦيرائي رهيو هيو جيئن مڇر هڪليندو هجي. اهو اوچتو لٺ کي هوا ۾ اڇلي وري جهپي سڀني کي حيران ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو. منهنجي دل دڙڪي رهي هئي، اهو تجسس ته الائي ڪيئن هوندو ايوب خان! فوٽوءَ ۾ ڏاڍو خوفناڪ ۽ رعبدار آهي. ان کي سامهون ڏسي سگهندس الاءِ نه. مان بوتل مان گلاس ڀري هر هر پي رهيو هيس. منهنجو دوست گوهر جعفري جيڪو ڀڪ ۾ بيٺل هيو، اهو به هر هر پاڻي گهري رهيو هيو. گهڻي وقت کانپوءِ خبر پئي ته ايوب خان جو قافلو اچي رهيو آهي. سيٽيون وڄڻ لڳيون ۽ ايوب خان جو قافلو سرڪٽ هائوس ويندي اکين کان ائين اوجهل ٿي ويو جيئن واءُ جو جهوٽو. سڀني گاڏين جا رنگين شيشا بند هيا. ايوب خان کي نه ڏسي مايوسي ٿي ۽ ان ڏک ۾ گلاس منهنجن هٿن مان ڇڏائجي روڊ تي ڪريو. مونکي تصور ۾ ايوب خان بجاءِ امڙ جو منهن گهمي ويو جيڪا ڀڄندڙ گلاس تي افسوس ڪري رهي هئي.
آمريڪا جي ڌمڪيءَ سبب جڏهن ملڪ ۾ لوڪل باڊيز جي چونڊ جو اعلان ٿيو ته فاطمه جناح ميدان ۾ آئي ۽ فوجي حڪومت سان مهاڏو اٽڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. شهر شهر ۾ جلسا ٿيڻ لڳا ۽ ايوب خان به برقعو لاهي سامهون آيو.
اها هڪ فوجي حڪمران لاءِ وڏي ڳالهه هئي. فوجي حڪمران ڏاڍا شرميلا پئي رهندا آيا. اهي عوام سامهون اچڻ عيب سمجهندا هيا. ريڊيو تي سال ٻن ۾ تقرير ڪندا هيا ته ڪڏهن ڏنل وقت تي تقرير نه ڪندا هيا. دير ڪري پنهنجي اهميت اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هيا. ٽائيم ڏيندا هيا نائين وڳي جو ته تقرير يارهين وڳي ڪندا هيا، جيڪا پنجن منٽن جي هوندي هئي، اهي ريڊيي تي ڳالهائيندا هيا ته ائين لڳندو هيو، “هيءَ ريڊيو منهنجو نه آهي، ريڊيو مغرور آهي. ريڊيو ظالم آهي، ڌاريو آهي، اهو ريڊيو ڪالي خان ڪاسائيءَ جو آهي، جيڪو مئل ڍور ڪهندو هيو.”
اهي ٿلهي رعبدار آواز ۾ ڳالهائيندا هيا جنهن ۾ تڪبر ۽ وڏائي هوندي هئي. ان کان پوءِ نور جهان جو فوجي گانو هلندو هيو. تپيل ريڊيي تي ڄڻ پاڻي پوندو هيو. هر طرف ٻاڦ ئي ٻاڦ هوندي هئي.
اهو هڪ وڏو جلسو هيو جنهن ۾ ايوب خان تقرير ڪئي. بابا اسان سڀني ٻارن کي تقرير ٻڌرائڻ لاءِ اسٽيڊيم وٺي ويو. بابا پاڻيءَ جي وڏي بوتل ۽ شيشي جو گلاس به ساڻ کنيو ته، “متان ٻارن کي اڃ لڳي ته رش ۾ پاڻيءَ چڪو ڪيڏانهن آڻيندس؟”
اسٽيڊيم ماڻهن سان ڀريل هيو. ايوب خان سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽو به آيل هيو. مون پهريون دفعو نوجوان ذوالفقار علي ڀٽي کي اسٽيج تي ڏٺو. ايوب جي تقرير کان اڳ هر هر ذوالفقار علي ڀٽو مائيڪ تي اچي سنڌيءَ ۾ چئي رهيو هيو. “ڀلي ڪري آيا.... جي ڪري آيا” وري هو وڏي آواز ۾ چئي رهيو هيو “اچي ويو، اچي ويو، ايوب خان اچي ويو.”
هن جي انداز تي جلسي ۾ ماڻهن جا ٽهڪ گونجي رهيا هيا. ايوب خان ڄاڻي واڻي دير ڪري رهيو هيو. جنهن جو سبب ٿي سگهي ٿو اهو هجي ته ڀل اڃان ماڻهو ڪٺا ٿين يا سندس اهو خيال هيو ته جيئن انتظار سبب ماڻهن کي اهميت جو احساس ٿئي. ڀٽو صاحب ماڻهن جي دل وندرائڻ لاءِ هر هر اسٽيج تي اچي اهڙي انداز ۾ ڳالهائي رهيو هيو جيئن ماڻهو خوش ٿين ۽ ڳالهين مان مزو وٺن.
جڏهن ايوب خان تقرير ڪرڻ آيو ته سڀ کان پهريون ڀٽي صاحب ايوب خان زنده آباد جا نعرا هنيا. ايوب خان تقرير ڪئي ته اها ڄڻ فوجين کي خطاب هئي، نه ڊائيس کي ڌڪ هنيائين، نه مائيڪ ڪيرايائين، نه ٻانهون هوا ۾ ڦيرائي آڱر عوام ڏي ڪيائين، ماڻهو چپ هيا ۽ ڀٽو صاحب اهڙي تقرير تي ڪنڊ ۾ ٽهڪ ڏئي رهيو هيو. ايوب خان جي تقرير ٻڌي منهنجي نڙي خشڪ ٿي وئي. بابا کان پاڻيءَ جو گلاس وٺي جيئن پيتم ته ڪنهن جي ٺوٺ لڳي وئي، گلاس وڃي پٽ تي پيو ۽ ڪناري وٽان ڀڃي پيو. هاڻي ڪمري ۾ لڳل تختي تي ٽي شيشي جا گلاس بچيا هيا.
امڙ اهو فيصلو ڪري ڇڏيو ته هوءَ جلسن، جلوسن ۽ استقبالن ۾ ڪڏهن به شيشي جو گلاس کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏيندي. اهي گهر ۾ به استعمال نه ٿيندا. هن اسٽيل جا گلاس صاف ڪري رکي ڇڏيا ۽ چيائين ته “اڄ کانپوءِ پاڻي اسٽيل جي گلاسن ۾ پيتو ويندو.” پر اسٽيل جا گلاس ڪنهن به گهر ڀاتيءَ کي نه پئي وڻيا. ڪجهه ڏينهن ته اسٽيل جا گلاس استعمال ٿيا، پر وري هر ڪنهن جي دل چاهيو ته پاڻي شيشي جي گلاسن ۾ پيتو وڃي.
اهو چوٿون شيشي جو گلاس هيو جيڪو ان وقت ڀڳو جڏهن ماستر نور دين هندوستان کان لڏي آيو.
ماستر نور دين رنگ روپ ۽ هڏ ڪاٺ ۾ ائين لڳندو هيو جيئن گجرات يا راجستان مان آيو هجي. ڪڻڪ رنگو ۽ جسم ۾ ڀريل هيو. سندس اڳيان ٺوڙهه هئي ۽ پاسن کان وڏا وار هيا. گهڻو ڪري ڪڙتو ۽ پاجامو پائيندو هيو. ماستر نور دين اهڙن مهاجرن مان هيو جن جي هجرت ورهاڱي کانپوءِ به جاري رهي. هن کي سنڌ پهچڻ ۾ ايتري دير ٿي وئي جو شهر ۾ هندن جا خالي ڪيل گهر ۽ دوڪان ڪليمن ۾ ٻين مهاجرن کي اچي چڪا هيا. خالي گهر ڀرجي چڪا هيا، هن کي تڪڙ ۾ ڪا اهڙي جاءِ نه ملي جيڪا ڪليم داخل ڪرڻ کانپوءِ هڪدم هن حوالي ڪئي وڃي. اهڙا ڏهه کن ڪٽنب هيا جيڪي پاڙي ۾ ڪوئٽا جي هڪ پٺاڻ جي جاين ۾ اچي ڪرايي تي رهيا. اهي جايون ننڍيون ۽ ڪچ سريون هيون، جيڪي قطارن ۾ آمهون سامهون ٺهيل هيون. انهن جي وچ مان گندي پاڻيءَ جي ڪسي وهندي هئي. اهو ڪوئٽا جو پٺاڻ ورهاڱي کان هڪ سال پهريون سنڌ ۾ آيو هيو ۽ هندن کان سستي اگهه تي جايون خريد ڪيون هيون. ميمڻ پاڙي وٽ زمين جو چڱو ٽڪر ان جي ملڪيت ۾ شامل هيو، جتي هن هوٽل ٺهرايو ۽ اهو هوٽل خاص ڪري سياري جي مند ۾ ڀريل هوندو هيو، ڇو جو ڪوئٽا ۾ برف باريءَ ڪري گهڻا پٺاڻ سنڌ جو رخ ڪندا هيا.
پاڙي وارن لاءِ اهو پٺاڻ سٺو ماڻهو نه هيو. طبيعت جو تيز ۽ گاريل هيو. ٿوري ڳالهه تي دونالي بندوق جا هوائي فائر ڪندو هيو. ان جا بازار ۾ ناس ۽ نسوار جا ٻه دوڪان هيا. جڏهن نسوار جي دوڪان اڳيان لنگهبو هيو ته ڌپ ايندي هئي ۽ جڏهن ناس جي دوڪان اڳيان لنگهبو هيو ته هلڪي خوشبوءِ ايندي هئي ۽ نڪ ۾ سُر سُر ڪري ڇڪيون اينديون هيون.
ماستر نور دين ان پٺاڻ جي جاءِ ۾ ڪرايي تي رهندو هيو. اتي گهر اندر بنيادي سهولتون موجود نه هونديون هيون، نه وهنجڻ لاءِ غسل خانو هيو ۽ نه ڍنگ جو رڌڻو. هڪ ڪوٺي هئي، ان اڳيان دالو ۽ ننڍو پڌر. ننڍپڻ ۾ مان ان جي گهر ويندو هيس، ان جا ٻه پٽ منهنجا دوست هيا، جن جي ٻولي ته گهٽ سمجهه ۾ ايندي هئي پر پوءِ به اهي پنهنجي زبان ۽ مان پنهنجي زبان ۾ ڳالهائي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا هياسين. ايترو ياد آهي ته اهي ٻار هوشيار هيا ۽ انهن کي ملڪي حالتن جي چڱي پروڙ هئي. گهر ۾ غسلخانو نه هجڻ ڪري اهي ململ جي گوڏ ٻڌي بالٽي پاڻيءَ جي ڀري ٻاهر گهٽيءَ ۾ وهنجندا هيا. سنهي آلي گوڏ انهن جي جسم سان چنبڙي گم ٿي ويندي هئي. صفا اگهاڙا ڏسبا هيا، هر ايندڙ ويندڙ جون اکيون انهن ڇوڪرن ۾ هونديون هيون. ٻوڙو حجم جيڪو پاڙي ۾ کٽ تي ويهي ماڻهن جي حجامت ڪندو هيو. ڪم مان ڌيان هٽجڻ ڪري ان ڪيترا دفعا گراهڪن جي مٿي ۽ منهن تي ناجائز ٽڪا ڏنا.
اهي مڪراڻي پاڙي جا ٻه اوباش قسم جا جوان هيا، جيڪي ڇوڪرن کي ڏسندي ڌيان پوئتي هجڻ ڪري هلندا پئي آيا. مان ان وقت واليڏني کان شيشي جي گلاس ۾ تخم بالن وارو فالودو وٺي گهر وڃي رهيو هيس. ڪا خبر نه پئي ته اهي اچي ٽڪرايا، مان گلاس سوڌو وڃي پري ڪريس ۽ گلاس ڀڄي پيو.

باب ٽيون

ايترو ضرور ٿيو، جڏهن هڪ دفعي ماستر نور دين اوطاق تي آيو ته ڪو گلاس نه ڀڳو. بابا هن کي خاص اوطاق تي گهرايو هيو ۽ شيشي جي گلاس ۾ ڪرن ڦلن جو شربت پياريو هيو. ماستر نور دين چڱو لکيل پڙهيل هيو، جنهن ڪري سنڌ سرڪار پرائمري اسڪولن جو سپروائيزر مقرر ڪيو هيو. مان ٽئين ڪلاس جو امتحان ڏنو هيو، ان کان اڳ جو نتيجو ظاهر ٿئي، بابا کي خبر پئي ته ماستر نور دين وٽ نتيجي جي لسٽ موجود آهي. بابا نور دين کي گهرائي کيس عرض ڪيو.
“ماستر صاحب ٻڌو آهي توهان وٽ ٽئين ڪلاس جو نتيجو آهي. منهنجي پٽ به امتحان ڏنو آهي. جيڪڏهن نتيجو ٻڌائيندا ته مهرباني ٿيندي.” ماستر نور دين مرڪندي اٿيو، کيس خوشي محسوس ٿي رهي هئي ته ٻئي ملڪ کان ايندي، نئين ملڪ ۾ عزت ۽ اهميت وڌي وئي آهي. هو گهر ويو ۽ ٿوري دير ۾ هڪ رجسٽر کڻي آيو، جنهن ۾ ناءُ ۽ ولديت ڏسي بابا کي مبارڪ ڏنائين ته “تنهنجو پٽ پاس ٿيو آهي.” ان ڏينهن اڳواٽ شام جو بابا منهنجي لاءِ چوٿين درجي جو ڪتاب وٺي آيو هيو، جنهن جي ڳاڙهي ٽائيٽل کي ڏسي مون کي نواڻ جو احساس ٿيو هيو. خوشيءَ کان ائين پئي محسوس ٿيو جيئن منهنجو قد هڪ فوٽ وڌي ويو هجي.
ان ڏينهن کانپوءِ منهنجي دل ۾ ماستر نور دين لاءِ عزت وڌي وئي. اهو پاڙي ۾ جڏهن به نظر ايندو هيو ته کيس نوڙي سلام ڪندو هيس. هڪ دفعي ان جي پٽن سان کيڏي رهيو هيس ته انهن مٽي گڏ ڪري وچ گهٽيءَ ۾ ٻه قبرون ٺاهيون ۽ پوءِ چپل لاهي انهن قبرن کي ڪٽڻ لڳا.
“نهرو ڪتا... هائي هائي”
“شاستري ڪتا... هائي هائي”
اهي مٽيءَ جي قبرن مٿان زور سان چپليون هڻي وڏي آواز ۾ چئي رهيا هيا. مون کي ڪا خبر نه هئي ته اهي ڪنهن جا نالا کڻي رهيا هيا ۽ سندن مقصد ڪهڙو هيو. اسان سڀ پاڙي جا ٻار انهن جي اهڙي حرڪت تي کلي رهيا هياسين. نهرو ۽ شاستريءَ جي نالا کڻڻ وقت انهن جا منهن نفرت ۽ ڪاوڙ کان ڳاڙها هيا.
ماستر نور دين جي گهر ڀرسان جنهن ٻئي مهاجر جو گهر هيو. اهو حلوو وڪڻندو هيو، مان روز صبح جو حلوو وٺڻ ان جي گهر ويندو هيس. اهو هڪ وڏي پتل جي ٿانوَ ۾ حلوو وجهي ان جي وچ ۾ تيل جو تلاءُ ٺاهيندو هيو. جڏهن به ڪنهن کي حلوو ڏيندو هيو ته پليٽ ۾ حلوو وجهي تيل جي تلاءَ مان ڏوئي ڀري مٿان وجهي ڏيندو هيو. جڏهن ڪو پاڙي جو ماڻهو ان کان حلوو وٺڻ ويندو هيو ته ٻين جي ڀيٽ ۾ ان کي پليٽ ڀري ڏيندو هيو. صبح جو اڃان هو حلوو ٿالهه ۾ وجهي مس بيهندو هيو ته مان پليٽ کڻي ان جي گهر ويندو هيس. هو هڪ آني ۾ ايڏو حلوو ڏيندو هيو جو اسان سڀ ڀاتي مانيءَ سان کائي ڀيٽ ڀريندا هياسين. سڀ کان ٻاهرين جاءِ جنهن جي دري روڊ سان کلندي هئي اتي هڪ بيواهه مهاجر عورت رهندي هئي، جنهن کي هڪ نوجوان نياڻي هئي، اتان ايندڙ ويندڙ کي ائين محسوس ٿيندو هيو ته اها نوجوان ڇوڪري لوهه جي گهاٽي ڄاريءَ پويان بيٺل آهي. ڇو جو اتي گهڻو ڪري چوڙين جي کڙڪڻ جو آواز ايندو هيو. پاڙي ۾ هڪ رياستي عورت هوندي هئي جنهن کي گوري رنگ ڪري مائي پٺاڻي چوندا هيا. مائي پٺاڻيءَ کي گهوڙن جو طنبيلو هيو جتي ڏهه پندرهن گهوڙا ٻڌل هوندا هيا، ان جو ڪم بگي گهوڙا ڪرايي تي ڏئي پئسا ڪمائڻ هيو. مائي پٺاڻيءَ جو نوڪر پاڙي ۾ گهوڙا ٻڌي انهن کي کرکڻو هڻندو هيو. اهو اڪثر گهوڙو ان دريءَ وٽ ٻڌندو هيو جتي اها نوجوان مهاجر ڇوڪري بيٺل هوندي هئي. اهو گهوڙي کي کرکڻو هڻندي دريءَ وٽ ويهي ائين چپ چوريندو هيو ڄڻ ڀت سان پيو ڳالهائي. نه دريءَ واري پاسي کان آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هيو ۽ نه گهوڙي کي کرکڻو هڻندڙ جو. اهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ اتي ويهي ڄڻ خود ڪلامي ڪندو هيو، مرڪندو هيو، کلندو هيو پر ان جا ٽهڪ ڪنهن نه ٻڌا. ڪوئٽا واري پٺاڻ جي انهن جاين ۾ نورو ۽ شڪورو به رهندا هيا. ٻئي ڀائر قد جا ڊگها ۽ سنها هيا، سندن هلڪيون مڇون هونديون هيون. سدائين سائي گوڏ ۽ ململ جي قميص ۾ نظر ايندا هيا. اهي سٽ رنگڻ جو ڪم ڪندا هيا. تن ڏينهن ميمڻ پاڙي ۾ هڪ گهر ڇڏي ٻئي ۾ ڪپڙي اڻڻ جي کڏي هوندي هئي. ڪپڙي اڻڻ وارا ڪاريگر ڪاٺ جي ڦٽن تي ويهي نار ائين هلائيندا هيا جيئن گهوڙي تي ويهي ريس پڄائيندا هجن.
نوري ۽ شڪوري کان سواءِ اتي گاجي خان جي سٽ رنگڻ جو ڪارخانو به هيو. اهو تڪ جي وڏن ڪارخانن مان هڪ هيو. اندر وڏي هال ۾ باهه جون چار بٺيون هيون، جن ۾ سدائين باهه پئي ٻرندي هئي. بٺين تي وڏا ٽينڪ رکيل هوندا هيا جن ۾ مختلف قسم جا رنگ ٽهڪندا هيا. پريان تختن تي تيزاب جون بوتلون ائين سجائي رکيل هونديون هيون جيئن بار ۾ شراب جون بوتلون، اهو تيزاب گاجي خان رنگ پڪو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو هيو. ڪارخاني جي وچ تي وڏو ڪاٺ جو صليب لڳل هوندو هيو. ٽانڪين مان سٽ رنگي ٻاهر ڪڍي صليب جي ٻانهن ۾ لڙڪائي ننڍن لڪڙن سان ويڙهي نيپوڙيو ويندو هيو. تن ڏينهن اهڙو ڪاروبار عروج تي هيو. گاجي خان زال سوڌو پاڻيءَ واري جهاز ۾ پنج حج ڪيا ۽ جڏهن به ايندو هيو ته سون جو ڳنڍو سندس کيسي ۾ پيل هوندو هيو. تن ڏينهن سعودي عرب ۾ سون سستو ۽ اسان وٽ مهانگو هوندو هيو. حاجي حج ڪري سون ضرور خريد ڪندا هيا. گاجي خان کي گهر ۾ ٻه ڀوريون مينهون ٻڌل هونديون هيون. هن جا ٻار صحتمند ۽ ٿلها هيا.
نورو ۽ شڪورو به ڪندا ته ساڳيو ڪم هيا پر انهن گاجي خان جهڙو اوج نه ڏٺو. گاجي خان جي وڏي ڏيٺ ويٺ هئي، پر نورو ۽ شڪورو گهرو مسئلن ۾ ڦاٿل هوندا هيا. اهي گرميءَ جا ڏينهن هيا جڏهن نوري جي گهر واري ٻار کي جنم ڏئي ٻار سوڌي دنيا مان هلي وئي. اها سڀني پاڙي وارن لاءِ ڏک ۽ صدمي جي گهڙي هئي. ڇو جو ماڻهو هڪ ٻئي کي ويجها هيا. گهر اندر ايڏيون سهولتون نه هونديون هيون. بجلي نه هئي، گيس نه هئي، هر ڪو ڇڻڪار ڪري گهر اڳيان کٽ وجهي ويهندو هيو. ڪي ريڊيو ٻڌندا هيا ته ڪي ڪچهرين ۾ مشغول هوندا هيا. نفسا نفسي نه هئي، جيڪو آڻيندا هيا سو چاڙهيندا هيا.
جڏهن نوري جي زال ۽ سندس تازو ڄاول ٻار گذاري ويا ته صبح سان ان پلنگ جي نوار جنهن تي ويم ٿيو هيو ڪڍي ٻاهر گهٽيءَ ۾ اڇلائي وئي. مان اٽڪل اٺن سالن جو هيس ۽ گند مٿان بيهي ان نوار کي ڏسي رهيو هيس. پاڻيءَ ۾ آلي هئي ۽ ان تي رت جا داڳ هيا. گهر اندران روڄ ۽ راڙو اچي رهيو هيو، گهٽيءَ ۾ ماڻهو گڏ هيا. مون کي نوار مان خوف محسوس ٿي رهيو هيو. مون اوڪارا ڏنا ۽ گهر هليو ويس. جڏهن نوري جي زال ۽ سندس ٻار جو جنازو گهٽيءَ مان لنگهي رهيو هيو ته مان گهر جي چائنٺ تي بيٺل هيس. جنازن پويان نوري کي ٻه شخص ٻانهن کان جهلي ڄڻ گهليندا پئي آيا. نورو هلي نه پئي سگهيو، هو روئي نه رهيو هيو چپ هيو، سندس اکيون ڪنهن انڌڙي جيان مٿي ڇڪيل هيون، ڄنگهن ۽ جسم ۾ طاقت نه هئي، اهو صفا لڙڪيل هيو.
نورو ۽ شڪورو هر محرم تي ملڪ روز جي سبيل هڻندا هيا. هڪ وڏي ڊرم ۾ کير ۽ پاڻي وجهي ان ۾ ڳاڙهو شربت ملائي کنڊ سان گڏ سيڪرين جي پڙي به ملائيندا هيا. شڪورو جڳ کي ٺوٺ تائين ڊرم ۾ وجهي ڀري مٿي کڻي ائين هاريندو هيو جو ملڪ روز آبشار جيان ڊرم ۾ واپس ڪرندو هيو. اهو عمل هو هر هر وڏي جوش ۽ ولولي سان ورجهائيندو هيو ۽ ان کان پوءِ هو شربت ورهائڻ شروع ڪندو هيو. ماڻهو گلاس، ديڳڙا ۽ جڳ کڻي هن سامهون بيٺل هوندا هيا. ملڪ روز هيٺ هارجڻ ڪري گپ هوندي هئي. هر ڪو ملڪ روز احتياط سان وٺندو هيو ته متان ترڪي نه پوي. شڪورو ڄاڻي واڻي برتن ڪنن تائين ڀريندو هيو جو اهي وهڻ لڳندا هيا. اهو ان ڪري ته جيئن وٺندڙن کي احساس ٿئي ته ورهائيندڙ وڏيءَ دل وارو آهي.
اهو منهنجو ننڍو ڀاءُ هيو جيڪو تڪڙ مان شيشي جو گلاس کڻي ٻاهر ڀڳو ته متان ملڪ روز ورهائجي ختم نه ٿي وڃي. پويان امڙ رڙ به ڪيس ته “اسٽيل جو گلاس کڻي وڃ متان ڀڄي نه پوي.”
هو تيستائين ڊڪندو در ٽپي ويو. جڏهن شڪوري هن کي گلاس ڀري ڏنو ته گپ ۾ ترڪڻ ڪري هيٺ وڃي ڪريو ۽ شيشي جو پنجون گلاس ڀڄي پيو.
ڇهين گلاس ڀڄڻ جو ڪارڻ مائي پٺاڻيءَ جو گهوڙو هيو. اهو سانجهيءَ جو وقت هيو جڏهن پاڙي ۾ ڇڻڪار ڪري هر ڪو کٽون ڪڍي ويٺل هيو. هزاري خان بابي سان اچي کٽ تي ويٺو ۽ بابي هن کي برف ۾ ڳڙ جو شربت پياريو. هزاري خان جو بئريج روڊ تي بقالڪو دوڪان هيو. اهو نالي ۾ بقالڪو دوڪان هوندو هيو. اندر سڀ دٻا ۽ ٻوريون خالي هوندا هيا، ڇڙو نقل ۽ ريوڙيون ملندا هيا. هزاري خان دوڪان اڳيان دوستن سان ويهي ڀنگ گهوٽي پيئندو هيو. هو ڳالهائيندو تمام گهڻو هيو. اهو مذاق جو ماهر هيو. وات مان ڏيڏرن ۽ گهوڙن جا آواز ڪڍندو هيو. پوڙهو مڙس هيو لٺ تي گهمندو هيو. اهو سخت اونهارو هيو ۽ هو بابي سان کٽ تي ڳڙ جو شربت پي رهيو هيو. ننڍي قد وارو شعبان جنهن کي گنجي ۽ گوڏ ٻڌل هوندي هئي. اتان لنگهيو ته سامهون طنبيلي مان هڪ گهوڙي جاري مان ڪنڌ ڪڍي کيس ٻانهن ۾ چڪ پاتو. گهوڙو به ڪو سڄو ڏينهن بگيءَ سان ٻڌجي سکر جي گرميءَ ۾ اچي ڇتو ٿيو هيو، ان چڪ اهڙو پاتس جو ڏند شعبان جي ماس ۾ گهڙي ويا. هن جي ٻانهن وٽان رت وهڻ لڳو. شعبان جنهن تي ابو الڪلام آزاد جو اثر هيو. اهو اتي جو اتي بيهجي ويو ۽ ان تقرير شروع ڪئي.
“آهي ڪو شريف ماڻهوءَ جو حال؟ پاڙي مان ڪو لنگهي نه ٿو سگهي؟”
اٺ ڏهه ماڻهو هن آڏو گڏ ٿي ويا ۽ هن جي ٻانهن مان وهندڙ رت کي ڏسڻ لڳا.
“پاڙي ۾ گهوڙا بيهارڻ ڪهڙو انصاف آهي؟” ان تقرير جاري رکندي چيو “جيڪڏهن گهوڙا بيهارڻ اهڙو ئي ضروري آهي ته ائين بيهارڻ گهرجن جيئن پاڙي وارن کي چڪ پائي نه سگهن.”
پوءِ هو پاڙي وارن تي ڏمريو ۽ چيو “ڪونهي حال پاڙي وارن ۾، صفا عورتون بڻجي گهرن ۾ لڪي ويهي رهيا آهن. جيڪڏهن پاڙي وارن ۾ ٻڌي هجي ها ته اڄ هيءُ ڏينهن ڏسڻو نه پوي ها.”
مائي پٺاڻيءَ جو پٽ قادر بخش جنهن کي “قادو” چوندا هيا. اهو شهر جو نامي گرامي غنڊو هيو. چرس وڪڻدو هيو ۽ ور ۾ چاڪو رکندو هيو. اهو ٻاهر نڪتو ۽ اچي شعبان کي ڪنڌ کان ورتو.
“اڙي ڇا ٿو بڪين ڊينڊا، بڪ بڪ بند ڪندين ڪن ڪڍان ور مان چاقو؟”
هزاري خان جيڪو کٽ تي ويهي ڳڙ جو شربت پي رهيو هيو، ان بهتري ان ۾ سمجهي ته شعبان کي سمجهائي، ڇو جو قادو سمجهائڻ جهڙو ماڻهو نه هيو. ان پنهنجي مسخريءَ واري انداز ۾ شعبان کي چيو “اڙي شعبان ڪا ڳالهه نه آهي. گهوڙي چڪ پاتو ٿي ته ڇا ٿي پيو. گهوڙن کان نفرت نه ڪر. انهن جي ويجهو ويندين ته براق پيدا ٿيندا.”
شعبان نه مڙيو. ان جوش ۾ چيو “مان گڏهن سان پيار ڪندس ته ڀل قادوءَ جهڙا ڄمن.” جهيڙو وڌي ويو. قادوءَ شعبان کي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي هيٺ دسيو، ٻئي هزاري خان مٿان ڪريا ۽ شيشي جو گلاس ڀڄي پيو.
جڏهن شيشي جا ڇهه ئي گلاس ڀڄي پيا ته ڄڻ وقت رڪجي ويو. هر شئي برف جيان ڄمي وئي. بئريج روڊ تي وڄندڙ فونن جا رڪارڊ بيهي ويا. روڊ تي لوٽا وڄائي خيرات گهرندڙ ميراثڻين جا هٿ ڄمي ويا.
اسان ٽي مهينا شيشي جا گلاس استعمال نه ڪيا. اسان امڙ کي چيو “بابي کي چئي ته شيشي جا گلاس وٺي اچي. زمانو بدلجي چڪو آهي. ماڻهو ڇا چوندا ته هنن جي گهر ۾ شيشي جا گلاس به نه آهن.”
امڙ هڪ ڏينهن بابي کي چيو “شيشي جا گلاس ڀڄي چڪا آهن، ٻيا وٺي اچ.”
بابي بيزاريءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو “جڏهن اسٽيل جا گلاس آهن ته شيشي جي گلاسن جو ڪهڙو ضرور.”

باب چوٿون

شيشي جي گلاسن جي ان وقت سخت ضرور محسوس ٿي جڏهن اها خبر پئي ته مخدوم شهاب الدين سکر اچي رهيو آهي. مخدوم سکر ايندو هيو ته اسان جي ويڙهي ۾ ضرور ايندو هيو. اسان جي گهر سميت سڀ پاڙي وارا غوث بهاؤ الدين ذڪريا ملتاني جا مريد هيا. اسان جا وڏڙا ڪنهن وقت غوث جي هٿ تي بيعت ڪري مسلمان ٿيا هيا. ڏاڏو هر سال غوث جي مزار تي حاضري ڀرڻ ويندو هيو ۽ موٽ تي ايڏو ته مزيدار حلوو وٺي ايندو هيو جو اسان سڀ ڀائر ۽ ڀينرون سياري ۾ سوڙ پائي کائيندا هياسون. جڏهن مان ڄايو هيس ته ڇهه مهينا منهنجي جهنڊ انڪري نه لهرائي وئي هئي جو انتظار ڪيو ويو ته پاڙي اوڙي ۾ ٻيا ٻار به ڄمن ته سڀني کي گڏ ڪري ملتان وڃي غوث جي مزار تي جهنڊ لهرائي اچون.
مخدوم شهاب الدين ايندو هيو ته اسان جي گهر جو اڱڻ ماڻهن سان ڀرجي ويندو هيو. سامهون هڪ ڪرسيءَ تي غوث کي ويهاري ان جو ديدار ڪيو ويندو هيو. ان کانپوءِ غوث ڪينچيءَ سان عورتن جي وارن جون چڳون ڪٽيندو هيو.
ان جا فقير جن جو تعداد ڏهه پندرهن هوندو هيو، هر ڇهين اٺين مهيني وڏيون پڳون پائي ساوا جهنڊا کڻي پاڙي ۾ هر در تي ويندا هيا ۽ ٻئي هٿ هوا ۾ هلائي زور سان چوندا هيا “هاهاها.... هاهاها... هاهاها”
انهن جي ٽي دفعا “ها” چوڻ سان ڄڻ آوازن جو اهڙو طوفان اڀرندو هيو جيڪو هر “انڪار” کي وهائي ويندو هيو. هر گهر مان انهن کي جهليل پاند ۾ ايڏا ته روپيا، اناج ۽ زيور ملندا هيا جو پاند ڳورو ٿي ويندو هيو ۽ ان جا فقير جهلي نه سگهندا هيا.
ڀلو ٿئي مخدوم شهاب الدين جو جيڪو اسان جي گهر آيو ۽ بابي کي شيشي جا ڇهه گلاس وٺڻا پيا.
هن دفعي هو سکر جي بازار ويو ۽ شيشي جي ڇهن گلاسن جو سيٽ وٺي آيو. هڪ گلاس ته ان ڏينهن ئي ڀڄي پيو جڏهن مخدوم صاحب ڪرسيءَ تي اڱڻ ۾ ويٺو هيو. ماڻهن جي پيهه ايڏي هئي جو ٻاهرين در وٽ چيباٽجڻ ڪري ٻارن جا ريهٽ هيا.
مخدوم کي گلاس ۾ برمي جو پاڻي پيئاريو ويو، جيڪو هن کي صاف نه وڻيو. سکر به عجيب شهر آهي. سنڌوءَ ڪناري هجڻ باوجود هن شهر ۾ پاڻيءَ جو مسئلو ڪڏهن حل نه ٿيو. هتي زمين دوز پاڻي ٻاڙو آهي، جيڪو اسان پيئندا هياسين ته ٻاڙو محسوس نه ٿيندو هيو پر جڏهن ڪو ٻاهريون ماڻهو ايندو هيو ته اهو پهرين ڍڪ سان منهن خراب ڪندو هيو. شڪر هيو جو ميونسپل واٽر سپلاءِ جو نانءُ نشان نه هيو نه ته گٽر جو پاڻي پيئڻو پوي ها. هر گهر ۾ برمو لڳل هوندو هيو جنهن هيٺان وهنجڻ سان صابڻ جي گج نه هجڻ برابر ٺهندي هئي ۽ وار ائين هوندا هيا جيئن پنجاهه سٺ وارن ملي هڪ وار ٺاهيو هجي.
مخدوم شهاب الدين به پاڻيءَ جو هڪ ڍڪ ڀري گلاس پاسي سان رکي ڇڏيو. بابي کي گلاس کڻڻ جي جريت نه ٿي ته متان مخدوم ٿوري دير کانپوءِ وري ڍڪ ڀري، گلاس اتي ئي پيو هيو. ماڻهن جي پيهه ۾ ڪنهن جو ٿڏو لڳي ويو. گلاس اونڌو ٿي ٻه ٽڪر ٿي ويو. رهيل پاڻي ائين هارجي ويو جيئن اڻويهه سوَ پنجهٺ جي جنگ ۾ شهيد ٿيل سپاهيءَ جو رت هجي.
شهادت جي ذڪر تي ياد ٿو اچي ته اڻويهه سو پنجهٺ جي جنگ به عجيب هئي. بليڪ آئوٽ جي راتين ۾ جڏهن ريڊيي تي ايوب خان جي تقرير جو خوفناڪ آواز اڀرندو هيو ته چور ان گهر کان پري ڀڄندا هيا، جنهن گهر ۾ ريڊيو هوندو هيو.
مون کي ياد آهي شهر جي هر چوڪ تي ڀونپوءَ جهڙا لائوڊ لڳل هوندا هيا، انهن تي قومي نغما هلندا هيا، هر شخص قومي جذبي سان سرشار هوندو هيو. سندس دل ۾ تمنا هوندي هئي ته جيڪر بارڊر تي وڃي شهادت حاصل ڪيان. خاڪسار خاڪي وردي پائي ڪلهن ۾ بندوقن بجاءِ بيلچا پائي گهمندا هيا. مون اهڙي خاڪسار جي ليوڪس پارڪ، جنهن کي محمد بن قاسم جي نالي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. اتي هڪ اهڙي تقرير ٻڌي جنهن ۾ هو فرمائي رهيو هيو.
“بيلچو ٻه ڪم ڪندو آهي هڪ ته اهو مورچا کوٽيندو آهي جيئن سپاهي دفاع ڪري پاڻ کي شهادت کان بچائين. ٻيو ڪم اهو ته جيڪڏهن ڪو شهيد ٿي وڃي ته ان کي قبر کوٽي دفنائڻ ۾ مدد ڪندو آهي. پر ياد رکو شهيد جيئرا آهن.”
ماڻهن کي جنگ ۾ شامل ٿيندڙن جي لسٽ ۾ پاڻ کي شامل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي وڃڻو پوندو هيو جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر هئي. شهري دفاع جي مشق ڪرائڻ لاءِ شهرين کي مورچن ۾ لڪڻ ۽ بمباريءَ وقت وات ۾ رومال وجهي اونڌو سمهي ڪنن کي آڱرين سان بند ڪري بم ڪرڻ جي انتظار جي مشق ڪرائي ويندي هئي ۽ انهن کي ڀڳل بندوقون ڏئي وڙهڻ جي تربيت ڏني ويندي هئي. اسان پاڙي جا ڇوڪرا به اهڙي ئي قومي جذبي سان سرشار هوندا هياسين. رات جو نڪري اڪثر گشت ڪندا هياسين ته برابر بليڪ آئوٽ تي عمل ٿئي ٿو يا نه. هڪ دفعي ڏٺوسي ته شهارا بازار ۾ ديوان گهنشيام ڪاٺ جو وڏو در بند ڪري گاسليٽ واري بتيءَ تي نوٽ ڳڻي رهيو هيو. روشني در جي وٿين کان ٻاهر نظر اچي رهي هئي. اسان سڀني پٿر کنيا ۽ ديوان جي در تي وسايا. ديوان جي در اندر بتي بند ٿي وئي.
ماڻهن جو جذبو ڏسڻ جهڙو هيو. چوراهن تي لڳل لائوڊن ۾ جڏهن ملڪ جي فوجن جي فتح جون خبرون نشر ٿينديون هيون ته ماڻهو تحسين جا نعرا بلند ڪندا هيا. مون ڪڏهن راجستان ۽ گجرات ۾ وڙهندڙ حرن جون خبرون ريڊيي تي نه ٻڌيون ۽ اهي پاڙي ۾ مائي زوار حقو ڇڪي ٻڌائيندي هئي. مائي زوار سدائين ڪارا ڪپڙا پائيندي هئي ۽ کيس ٻانهن ۾ قلندر جا ڪنگڻ پاتل هوندا هيا. اها ٻڌائيندي هئي ته “حر هندوستان ۾ اندر گهڙي ويا آهن. انهن کي ڪو به ٻائو نظر اچي ٿو ته ان کي چوٽيءَ کان وٺي ديڳ ۾ وجهن ٿا ۽ پوءِ پچائي کائي ٿا وڃن.”
مون کي ننڍي هوندي حرن کان خوف محسوس ٿيندو هيو. سڀ کان گهڻو خوف پير پاڳاري جي تصوير کان ٿيندو هيو. ڇو جو چوندا هيا ته هڪ دري آهي ۽ دريءَ هيٺان کوهه آهي. دريءَ ۾ بيهي پير صاحب ديدار ڪرائيندو آهي. مايون مرد ڳهه ڳٺا، روپيا پئسا پير صاحب جو ديدار ڪري کوهه ۾ اڇلائيندا آهن. پير صاحب پنج منٽ ديدار ڪرائيندو آهي ۽ کوهه خزاني سان ڀرجي ويندو آهي. پير صاحب متعلق ڪيتريون ڪوڙيون ڳالهيون هر طرف ڦهليل هونديون هيون. ڪنهن شخص اها ڳالهه ٻڌائي ته “پير صاحب ڳوٺ جي هڪ ڇوڪري کي پنڃري ۾ پکيءَ جيان قيد ڪيو آهي ۽ اهو ان کي ساوا مرچ کارائيندو آهي.”
جنگ ۾ وڙهندڙن حرن جون خبرون ريڊيي تي ته نه اينديون هيون پر انهن سپاهين ۽ پائليٽن جون خبرون هونديون هيون جن بم ٻڌي ٽينڪن هيٺيان سمهي انهن کي تباهه ڪيو يا جهاز جن هندستان ۾ گهڙي حملا ڪيا.
اها بليڪ آئوٽ جي رات هئي جڏهن آسمان ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ کڙيل هيو. اهو ساڳيو چنڊ هيو جيڪو هندوستان پاڪستان مٿان چانڊوڪي ڦهلائي رهيو هيو. چانڊوڪيءَ بليڪ آئوٽ جا سڀ قانون ٽوڙي وڌا هيا. چنڊ تي حڪمرانن جا حڪم نه هلندا آهن. چانڊوڪيءَ ۾ تاج محل چمڪي پوندو آهي. پليون ۽ بئريجون صاف ڏسڻ ۾ اينديون آهن. چانڊوڪي محبوب جي ملڻ وقت وڻندي آهي پر جنگ جي ڏينهن ۾ ساڳي رات خوفائتي ٿي پوندي آهي. اها چانڊوڪي رات هئي جڏهن اسان اونداهي ڪوٺيءَ ۾ ريڊيو ٻڌي رهيا هياسين. ريڊيي تي خبرن کانپوءِ لاهور ۽ سيالڪوٽ جي تعريف ۾ قومي نغما شروع ٿي ويا. اسان خوف ۾ ورتل هياسين، ڇو جو ٻڌايو ويو هيو ته چانڊوڪي رات ڪري هندوستان جا جهاز حملو ڪري سگهن ٿا. پنجهٺ واري جنگ ۾ هندوستان جي جهازن سکر ۽ روهڙيءَ تي ڪو به حملو نه ڪيو هيو. اها چانڊوڪي رات ڏاڍي خوفناڪ هئي. اسان سڀ گهر ڀاتي ڄڻ گهر جي آڱڻ ۾ بم ڪرڻ جو انتظار ڪري رهيا هياسين.
ريڊيو تي اهو ٻڌايو ويو هيو ته جيڪڏهن گهگهو گهٽ وڌ ٿي وڄڻ لڳي ته سمجهڻ گهرجي خطرو آهي ۽ ريڊار تي حملو ڪندڙ جهاز نظر آيا آهن پر جيڪڏهن گهگهو هڪ ڪرو ٿي وڄڻ لڳي ته ان جو مطلب خطرو ٽري ويو آهي.
ان رات اوچتو چانڊوڪيءَ ۾ گُهگهو گهٽ وڌ ٿي وڄڻ لڳو. گهٽيءَ ۾ ٻن چئن ماڻهن جي ڊڪڻ جو آواز آيو. اهو اسان جو ڀاءُ گلڻ هيو جيڪو کٽ تي ويڙهيل سوڙين مٿان بيٺل هيو. گهٽيءَ ۾ ڊوڙندڙ ماڻهن جي قدمن جا آواز ٻڌي ان سمجهيو ته بم ڪريو آهي. اهو به نه سوچيائين ته جي بم ڪرندو ته پهريون جهاز جي اچڻ جا آواز ايندا ۽ پوءِ ڌماڪو ٿيندو. گلڻ اوندهه ۾ ڇرڪ ڀري جيئن سڌو ٿيو ته سندس مٿو وڃي تختي سان لڳو. شيشي جا گلاس ڪريا ۽ اوندهه ۾ آواز آيو “يا الله بچاءِ.”
گهڙي گذري ته گهگهوءَ جو هڪ ڪرو آواز اڀريو. بابي ماچيس جي تيلي ٻاري تختي تي ڏٺو، سڀ گلاس اونڌا پيا هيا ۽ هڪ گلاس شهيد ٿي چڪو هيو. پوءِ بابي جنگ تي تبصرو ڪيو. “هڪ گلاس کي شهيد ڪرڻ لاءِ ايڏي جاکوڙ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ بليڪ آئوٽ ۽ گهگهن وڄائڻ جي ڪهڙي لوڙ هئي؟ جيڪڏهن جنگ شروع ڪرڻ کان پهريون ٻنهي ملڪن جون حڪومتون هن کي حڪم ڪن ها ته هو اهو گلاس پنهنجن هٿن سان ڀڃي پئي سگهيو. امن لاءِ هو هڪ گلاس جي قرباني ضرور پيش ڪري ها.”
بابي جي ڳالهه سئو سيڪڙو صحيح هئي. پنجهٺ جي جنگ جو آخر ڪهڙو سبب هيو؟ اها جنگ وڙهي پاڪستان ڪهڙو ڪشمير حاصل ڪيو؟ اسان دوست بجاءِ اهڙو دشمن پيدا ڪيو جنهن اسان جي ملڪ کي وڏو نقصان پهچايو. ايوب خان ون يونٽ ٺاهي نفرت جو ٻج ڇٽيو. ٻج ڦٽي ٻوٽو ٿيو ۽ وڌي وڻ ٿيو. نفرت جو وڻ اُس جهڙي ڇانوَ ڪندو آهي. نفرت جو وڻ پاڻيءَ تي نه ٿُڪ تي ڦٽندو آهي. صدين جي تهذيبن کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ننڍين قومن جي عوام ۾ عليحدگي جو رجحان تن ڏينهن کان ئي شامل ٿي چڪو هيو.
اسٽيل جا پنج گلاس ايڏا پراڻا به نه هيا، پر پوءِ به هر ڪو انهن کي استعمال ڪرڻ کان لنوائيندو هيو. اهي تختي جي هڪ ڪنڊ ۾ رکيل هوندا هيا. اسٽيل جي گلاسن جي قسمت سٺي نه هئي. اهي ڪنهن کي وڻندا نه هيا پر ڪرندا هيا ته شيشي جي گلاسن جيان ڀڄندا نه هيا. اهي اسٽيل جا گلاس امر هيا، انهن هوندي شيشي جا ڪيترائي گلاس گهر ۾آيا ۽ موڪلائي ويا. هڪ دفعي امڙ بابي کي صلاح ڏني ته انهن کي وڪڻي ڪو ڍنگ جو برتن وٺي اچي پر بابي کيس ٺپ جواب ڏنو.
“اهي اسان جي وڏڙن جي نشاني آهن.” پوءِ هن وري پنهنجو فڪر انگيز جملو ورجهايو. “مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اسٽيل جي گلاسن هوندي، شيشي جي گلاسن جو ڪهڙو ضرور آهي؟”
تن ڏينهن جست جا گلاس سبيلن تي استعمال ٿيندا هيا. هر چوسول تي پٿر جون پروقار سبيلون هونديون هيون جن جي ٽانڪين ۾ صاف ٿڌو پاڻي ڀريل هوندو هيو. هيٺ نلڪي وٽ سنهي زنجير سان جست جو گلاس ٻڌل هوندو هيو، منهنجين نظرن ۾ جست جي گلاس جو قدر تڏهن وڌي ويندو هيو، جڏهن زنجير سان ٻڌل ڏسندو هيس. جست جا گلاس وڏن وڻن هيٺان انهن سبيلن وٽ به رکيل هوندا هيا جتي مٽيءَ جا مٽ اڃايلن جو انتظار ڪندا هيا. مونکي شهارا مارڪيٽ ۾ هڪ هندوءَ جي دڪان اندر اها سبيل ياد آهي جنهن ۾ گهڙا منجيءَ تي ٻه مٽ رکيل هوندا هيا. مٽن مٿان تختيون لڳل هونديون هيون. هڪ تي لکيل هوندو هيو “هندن لاءِ” ٻئي تي “مسلمانن لاءِ” اهي جملا مون کي سٺا نه لڳندا هيا. مون سدائين هندن کي سٺو ڀانيو آهي. اهي صوفيت کي وڌيڪ ويجهو آهن جنهن ڪري انسان دوست آهن پر ننڍي هوندي محسوس ٿيندو هيو منهنجا ڪجهه هندو دوست ان گلاس ۾ پاڻي پيئڻ کان لهرائيندا هيا جنهن ۾ مان پاڻي پيئندو هيس. اهي چوندا هيا “مسلمان گائو ماتا کائين ٿا، جنهن ڪري اسان انهن جي وات هاڻيون شيون استعمال نه ٿا ڪري سگهون.” مذهب وڏي طاقتور شئي آهي. اهو قومن جي تهذيب بدلائي وجهي ٿو. مون کي ڪٽي بازار جي نارائڻ جو ويڙهو ياد آهي. مان بابي سان لوٽو کڻي نارائڻ جي دڪان تي ويندو هيس. ناني کي هڪ حڪيم ڳائو کير واپرائڻ جي صلاح ڏني هئي. شهر ۾ ڳئونءَ جو سٺو کير نارائڻ وٽ ئي ملندو هيو، جنهن جو ڪٽي بازار ۾ دڪان هيو. نارائڻ جي دڪان اندر تيل جو گهاڻو هوندو هيو، ان گهاڻي ۾ ڏاند ٻڌل هوندو هيو. ڏاند کي اکين تي پٽي چڙهيل هوندي هئي. اهو ڏاند گول ڦرندو هيو ۽ گهاڻي مان سرنهن جو تيل پيڙجي هيٺ رکيل ٽين جي دٻي ۾ ڪرندو هيو. بابو پتل جو لوٽو نارائڻ جي نوڪر کي ڏيندو هيو. اهو دڪان جي پاسي کان ڏاڪڻ تي مٿي وڃي کير کڻي ايندو هيو. ڪڏهن نوڪر نه هوندو هيو ته نارائڻ بابا کي چوندو هيو، “لوٽو ڇوڪر کي ڏي ته مٿي وڃي وٺي ايندو.” مان لوٽو کڻي مٿي ويندو هيس. چئن پاسن کان ويڪرو ڪوٺو ۽ وچ تي هيٺ سڄو ميدان ڳئن سان ڀريل هوندو هيو. ڪوٺي تي کٽ کٽ جي ڀرسان پيل هوندي هئي. جڏهن مان کٽن جي وچان لنگهندو ان نوجوان عورت وٽ پهچندو هيس جيڪا لوٽي ۾ کير وجهي ڏيندي ته اها مون کي ڏسي رئي ۾ منهن لڪائيندي هئي. مون کي ڏاڍي شرمساري ٿيندي هئي. ان وقت منهنجي عمر اٺ سال هئي. اها عورت هڪ لفظ به نه ڳالهائيندي هئي. منهن رئي سان ڍڪي لوٽو وٺي کير هٿ ۾ ڏيندي هئي. مان ندامت جي احساس کان گهٻرائي تيز وکون کڻندو کٽن جي وچ مان واپس لنگهي ويندو هيس. هڪ دفعي بابي سان کير کڻي گهر موٽي رهيو هيس ته رستي تي اميرو ٽانگي وارو مليو. اهو پاڙي جو ماڻهو هيو ۽ مائي پٺاڻيءَ کان ڪرايي تي وٺي بگي گهوڙو هلائيندو هيو. ان چيو “ويهو مان پاڙي وڃي رهيو آهيان.”
بابو ۽ مان لوٽي سوڌا بگيءَ جي پوئين سيٽ تي ويٺاسين. گهوڙو هليو ته پوئين سيٽ تي لوٽو سنڀالڻ ڏکيو ٿي ويو. بگيءَ جي ڦيٿا ڀڳل روڊ تي ڪڏهن هڪ پاسي ته ڪڏهن ٻي پاسي کامن ۾ هيٺ مٿي ٿي هلڻ لڳا، جهاڪن ڪري لوٽي مان کير ڇلڪي هر هر هيٺ پئي ڪريو. گهر پهتاسين ته لوٽو اڌ ٿي چڪو هيو. گهر پهچي جڏهن بابي امڙ کي کير ڏنو ۽ ان شيشي جي گلاس ۾ وڌو ته اهو اڌ کان به هيٺ هيو. امڙ کي حال احوال وٺي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ سوچڻ لڳي ته هوءَ اها کير ذري ناني کي ڪهڙي منهن سان پيش ڪندي؟ ناني جي طبيعت جي سڀني کي خبر هئي. وڏو توائي باز ماڻهو هيو. چوندا آهن جڏهن جوان هيو ته ڳوٺ ۾ ڪو هن جو نالو کڻي نه سگهندو هيو. ان کٽ کي ڍال جيان اڳيان ڏئي ڪهاڙيءَ سان اهو ڪتو ماريو هيو جنهن جي چڪ پائڻ سبب سندس ويجهي عزيز جو موت واقع ٿيو هيو. ناني کي منهن تي وڏيون وڪڙدار مڇون هونديون هيون. مان جڏهن ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندو هيس ته اتي هڪ اهڙي پينٽنگ لڳل هوندي هئي، جنهن ۾ راجا پورس هاٿيءَ تي هيو ۽ سڪندر ان سامهون گهوڙي تي تلوار جهلي بيٺل هيو. ان تصوير ۾ راجا پورس جون وڪڙدار مڇون صفا ناني جهڙيون هيون. مون کي راجا پورس وڌيڪ سگهارو ۽ بهادر لڳندو هيو جنهن سامهون بيٺل سڪندر ڪمزور ۽ هيڻو لڳندو هيو. ان جي شڪل اهڙي ڇوڪري سان ملندي هئي جيڪو سينيمائن تي ٽڪٽون بليڪ ڪندڙ دلوڪ مڪراڻيءَ سان گڏ گهمندو هيو.
نانو بيمار ٿيو ته صفا هيڻو ٿي ويو. توائيباز ته پهريون ئي هيو، بيماريءَ وڌيڪ چڙ چڙو ڪري وڌس. امڙ جڏهن کيس شيشي جي گلاس ۾ اهو کير چڪو وجهي ڏٺو ته کير ڏسي سندس منهن وڌيڪ هيڊو ٿي ويو.
“هاڻي توهان مذاق شروع ڪئي آهي.” ان چيو “سڌو سنئون ڇو نه ٿا چئو ته بيزار ٿيا آهيون. واپس ڳوٺ موٽي وڃان.” امڙ کيس کير جي گهٽ هجڻ جو سبب بيان ڪيو جيڪو هن غور سان نه ٻڌو. منهن پري ڪري ويهي رهيو. امڙ کيس زور ڀريو ته جيڪي آهي ان مان ٻه ڍڪ ڀري سڀاڻي احتياط سان کير آندو ويندو. هو نه مڙيو، زور ڀرڻ تي امڙ کان گلاس وٺي پري اڇلايائين. گلاس کير سوڌو پٽ تي پيو ۽ ائين ڀڄي پيو جيئن ڪو کير جون الٽيون ڪري مري ويو هجي.

باب پنجون

ناني ان ئي وقت ڳوٺ واپس وڃڻ جو ارادو ڪيو. ڪنهن جي هڪ نه ٻڌي، اها نماشام هئي. در تي وڃي واپس موٽي آيو، کيس احساس ٿيو ته هن وقت ڳوٺ لاءِ ڪا به سواري نه ملندي، واپس اچي کٽ تي ويٺو ۽ امڙ شيشي جا ٽڪر ميڙڻ لڳي، بابي اسان کي ڏک مان چيو “خيال سان گهمجو متان پير ۾ شيشو نه لڳي وڃيو.”
نماشام جو ڳوٺ ڏي هڪ به گاڏي نه ويندي هئي. سکر کان شڪارپور ويندڙ روڊ پندرهن فٽ ويڪرو مس هوندو هيو. اهو ڪٿي ڪچو ته ڪٿي پڪو هوندو هيو. جڏهن هڪ گاڏي لنگهندي ۽ سامهون ٻي گاڏي ايندي هئي ته هڪ گاڏيءَ کي روڊ جي پاسي کان بيهاري ٻي گاڏيءَ کي رستو ڏنو ويندو هيو. ڳوٺ مان لڏڻ کانپوءِ به ان سان رشتو ختم نه ٿيو هيو. مهيني ٻئي ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هيو. سکر ۾ شڪارپور بس اسٽينڊ تي لوهه جي چادرن وارو انتظار گاهه هوندو هيو، جنهن ۾ بسن جون ڀڳل سيٽون رکيل هونديون هيون. اتي ڊگهي منهن واريون ٽرڪ جهڙيون بسون هونديون هيون جيڪي چاٻيءَ سان اسٽارٽ ٿينديون هيون. جيڪڏهن چاٻيءَ سان اسٽارٽ نه ٿينديون هيون ته انهن کي ڌڪا ڏئي اسٽارٽ ڪيو ويندو هيو. هڪ دفعي ڳوٺ ۾ امڙ جو ڪو ويجهو عزيز فوت ٿي ويو. ان ڏينهن مينهن وسي رهيو هيو. ڳوٺ وڃڻ به ضروري هيو. مينهن جهڪو ٿيو ته اسان سڀ ٻار امڙ ۽ بابي سميت اچي بس اسٽاپ تي پهتاسين. قسمت سان ان ڏينهن بس به ملي وئي جنهن لکيءَ واري اسٽاپ تي ڇڏيو. اسان جو ڳوٺ اتان هڪ ميل پري اوڀر طرف هيو. مون کي ياد آهي اسان ٻارن مان ڪنهن کي پيٽي ساڻ هئي، ڪنهن کي مٿي تي هڙ رکيل هئي. مينهن ڪري ايڏي گپ هئي جو پير زمين تي نه پئي ٽڪيا. اهو هڪ ميل ڪچو رستو اسان ڏاڍو ڏکيو پار ڪيو. ڪو ٻار هڙ سوڌو هيٺ پيو آهي ته ڪو پيٽيءَ سوڌو. ٿيڙ کائيندا ڳوٺ پهتاسين. مرحوم جي ڪفن دفن کانپوءِ جڏهن سکر وڃڻ لاءِ واپس اسٽاپ تي پهتاسين ته اها ٽپهري هئي. پري پري تائين ڪنهن بس جو ناءُ نشان نه هو. اسان گهڻي دير اسٽاپ تي ويٺل هياسين. اتي هڪ گاڏي وارو هيو جنهن کان هر هر پيڙا وٺي پئي کاڌاسين. پيڙا اهڙا ته ذائقيدار هيا جو دل هر هر وٺي کائڻ پئي چاهيو. اهو پيڙن وارو هڪ مهاجر هيو جيڪو گهڻو عرصو ڳوٺ ۾ رهڻ ڪري صاف سنڌي ڳالهائي رهيو هيو. اها ڳالهه مون کي گهڻو وقت پوءِ ڳوٺ جي هڪ شخص ٻڌائي هئي. اهو مهاجر ڪٽنب هجرت کان پوءِ لکيءَ ۾ رهيو هيو ۽ سنڌين سان گڏ سنڌي ٿي ويو هيو. بس جي انتظار ۾ وقت ئي نه پئي گذريو. پترن مان ٺهيل انتظار گاهه ٻاهران بڙ جو وڻ هيو. اسان سڀ ٻار هر هر ان جون لڙڪندڙ پاڙون پٽي رهيا هياسين. امڙ دانهن پئي ڪئي “اها بڙ جي ڏاڙهي آهي نه پٽيو.” امڙ جي ان ڳالهه جو اسان تي ابتو اثر ٿيو. ڪاوڙ مان اسان اهي پاڙون اڃان به تيزيءَ سان پٽڻ لڳاسون. سج صفا لهي ويو، بس نه آئي. اسان سڀني کي واپس ڳوٺ موٽڻو پيو. ڳوٺ ۾ رهڻ سان ڏاڍي خوشي محسوس ٿيندي هئي. ڳوٺ ۾ اسان شهري ڇوڪرا ڄاڻي واڻي سٺا ڪپڙا پائي گهمندا هياسين، جنهن ڪري سڀ ٻار حسرت ۽ نماڻائيءَ مان ڏسندا هيا. انهن جا منهن ميرا ۽ وارن کي ڦڻي ڏنل نه هوندي هئي. پراڻي قميص ۽ لنڊي ڳوڏ ٻڌل هوندي هئي. انهن جا پير اگهاڙا ۽ ڌوڙ سان ڀريل هوندا هيا. پر ڪجهه ڏينهن رهڻ کانپوءِ اسان به انهن جهڙا ٿي ويندا هياسين. مٽيءَ ۾ وڙهي جڙي صفا ڀڀوت بڻجي ويندا هياسين. هڪ دفعي منهنجا ٻه ڀائر ڳوٺ جي ڇوڪرن سان ڪنهن ڍنڍ تي وڃي ننڍين مڇين جون جهوليون ڀري آيا. اهي کلندا پئي آيا ته امڙ ڏسي خوش ٿيندي. انهن جي جهولين مان چيڪڙ هيٺ پئي وهي. شايد انهن ڪنهن سڪل ڍنڍ جي ڪناري گپ مان اهي مڇيون ميڙيون هيون. امڙ جي نظر انهن تي پئي ته ڪاوڙ ۾ ڀرجي وئي، انهن کي ٿڦون وهائي ڪڍيائين ۽ مڇيون ٻاهر اڇلائي، برمي هيٺان ويهاري سندن لڱ صاف ڪيائين. اتي اسان قبرستان ۾ وڃي کٻڙن جي ڏارن ۾ سوراخن اندر هٿ وجهي طوطن جا آنا ٻاهر ڪڍي ڏسندا هياسين. جيئن طوطا خوبصورت پکي آهن ائين انهن جا آنا به خوبصورت آهن. سائي رنگ جا آنا دل کي وڻندا هيا. اسان جي اهڙي حرڪت تي ڳوٺاڻن سمجهايو ته “ائين نه ڪيو. ڪڏهن کٻڙن جي سوراخن ۾ نانگ به لڪيل هوندا آهن، جيڪي هٿ وجهڻ سان ڏنگي سگهن ٿا.”
اهو قبرستان ايڏو ته پراسرار لڳندو هيو جو مان ان کي وساري نه ٿو سگهان. اهو منهنجيءَ ڌڙ ڪندڙ دل تي نقش آهي. جڏهن به ڪا اهڙي ڪهاڻي لکندو آهيان جنهن ۾ قبرستان جو ذڪر هوندو آهي ته اهو ساڳيو قبرستان منهنجين نظرن اڳيان اچي ويندو آهي. اتي اسان جي وڏڙن جون قبرون آهن، جن تي ڪو به ڪتبو لڳل نه آهي، ڳوٺ ۾ گهڻو ڪري قبرن تي نالو نه لکيو ويندو آهي، اهي بي نانءُ قبرون هڪ جهڙيون ڏسبيون آهن. ڪن خاص نشانين سان قبرون سڃاتيون وينديون آهن. اسان جي پڙڏاڏي جي قبر قبرستان جي ٻين قبرن کان ڊگهي هئي. چون ٿا ان جو قد ستن فٽن جي لڳ ڀڳ هيو. وڏو سيلاني شخص هيو، سندس ڀيڏيون سجيل هونديون هيون جنهن ڪري اهو پيرن کان مٿي پٽيون ويڙهيندو هيو. ڪمائيندو ڪجهه نه هيو. ڏاڏي سانجهيءَ جو چلهه تي سکڻي ڪني چاڙهيندي هئي جيئن ماڻهو ائين نه سمجهن ته کين کائڻ لاءِ ڪجهه نه آهي پر ڏاڏيءَ کي اباڻا ڏيندا هيا، جيڪو کائي پيٽ گذر ڪندي هئي. ڏاڏو ڪم ڪرڻ جهڙو ٿيو ته ان مزدوري ڪئي، جڏهن محنت ڪري سکر ۾ ريشم جو ڪارخانو هنيائين ته هو پڳ لاهي اسان کي پنهنجو مٿو ڏيکاريندو هيو، جنهن تي تارونءَ وٽ زخمن جا نشان هوندا هيا. هو چوندو هيو “مون جوانيءَ ۾ مٿي تي تگاريون ڍوئيون. هي غربت جا ڇٽي ويل نشان آهن.”
پوءِ هو اسان کي پيار ڪري، سيني سان لائي چوندو هيو “توهان منهنجي سڀ کان وڏي ملڪيت آهيو.”
ڏاڏو اسٽيل جي گلاسن ۾ پاڻي پيئندي فخر محسوس ڪندو هيو. هو پاڻي پيئندي گلاس منهن اڳيان آڻي ان ۾ پنهنجو عڪس ڏسي مرڪندو هيو ۽ ڏاڙهي ۾ آڱريون ڦيري وار سڌا ڪندو هيو. ان جي ڇڏيل حسابن ڪتابن وارين ڳاڙهين بندين کي کولي جڏهن هاڻي ڏسندو آهيان ته منهنجا اکر صفا ڏاڏي جهڙا آهن. مان به اکرن کي ائين ونگوڙا ڏئي لکندو آهيان جيئن ڏاڏو لکندو هيو.
اهو عيد جو ڏينهن ئي ته هيو جو عيد نماز پڙهي اسان دعا گهرڻ ڏاڏي جي قبر تي ويا هياسين. واپسيءَ ۾ موٽياسين ته ڏاڍا اداس ۽ مايوس هياسين. اداسي ۽ مايوسيءَ جو سبب قبرستان ۾ ڏاڏي جي قبر جو نه ملڻ هيو. اها قبرن وچ ۾ ڪٿي وڃائجي چڪي هئي. ان تي ڪو به ڪتبو نه هيو. اهو ئي سبب هيو جو واپسي ۾ گهر پهچي بابا بي حال ٿي کٽ تي ڪري پيو. امڙ کيس شيشي جي گلاس ۾ پاڻي ڏنو. هن پاڻي پي گلاس ٽيبل تي رکڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو ڇڏائجي هيٺ ڪري پيو. امڙ چيو ته “عيد جي ڏينهن شيشي جو گلاس ڀڄڻ سٺو سنوڻ نه آهي.” پر بابي جي دل پهريون ئي ڏري پئي هئي. ڏاڏي جي قبر جو وڃائڻ ائين هيو جيئن ميلي ۾ ڪو ٻار وڇڙجي ويو هجي. عيد ڏينهن قبرستان ۾ قبرن جو ميلو ئي ته متل هوندو آهي. انهن وچ ۾ هڪ قبر کي ڳولهڻ ڪنهن کي ميلي ۾ ڳولڻ برابر ئي ته هيو. ڏاڏي جي قبر تي سال ۾ هڪ دفعو وڃڻ ٿيندو هيو. اها قبر چن جي پهاڙ کان چاليهن قدمن جي فاصلي تي هوندي هئي. چن جو پهاڙ ۽ فاصلو اهي نشانيون هونديون هيون جن تحت اسين ڏاڏي جي قبر کي ڳولهي لهندا هياسين. ٿيو ائين جو پهاڙ ڀرسان چن جو بٺو هيو. مزدور پهاڙ ۾ سوراخ ڪري انهن ۾ بارود وجهي ڌماڪي سان اڏائيندا هيا. پوءِ پٿرن جون ڇپون بٺي ۾ وجهي چن ٺاهيندا هيا. اهو پهاڙ ڏينهون ڏينهن ننڍو پئي ٿيندو ويو. آخر اهڙو ڏينهن به آيو جو اهو پهاڙ صفا مٽجي ختم ٿي ويو. ان عيد تي جڏهن اسان ڏاڏي جي قبر تي وياسين ۽ مٽيل پهاڙ جي نشان واري اندازي تي قبر مٿان بيهي دعا گهري رهيا هياسين ته ڪي ٻيا شخص اچي اتي پهتا. انهن چيو “ادا توهان ڀليا آهيو، هيءَ اسان جي پيءُ جي قبر آهي.”
اهڙي ڳالهه ٻڌي اسان منجهي پياسين ۽ پوءِ جڏهن غور ڪيوسين ته واقعي ئي اها ڏاڏي جي قبر نه هئي. قبرستان ۾ اندازي سان هيڏانهن هوڏانهن ڏاڏي جي قبر ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي سين، پر اسان جا سڀ اندازا شڪ ۾ بدلجي ويا ۽ ائين ان سال اسان مايوس ٿي گهر موٽياسين.
انسان جڏهن مايوس هوندو آهي ته ڪونه ڪو نقصان ضرور ڪندو آهي، ان ڏينهن اهو بدنصيب شيشي جو گلاس هيو جيڪو بابي جي مايوسيءَ جو شڪار ٿيو.
قبرن جي ميلي ۾ اسان ڏاڏي کي وڃائي ويٺاسين. اڄ به جڏهن ڏاڏي کي ياد ڪيان ٿو ته اکين ۾ پاڻي ۽ چپن تي مرڪ اچي وڃي ٿي. ان جڏهن ريشم جو ڪارخانو هنيو، اهي اسان جي ڪٽنب جا سٺا ڏينهن هيا. اسان پنجن ڄڻن جو جڏهن طهر ڪرايو ويو ته پلاءَ جون سترهن ديڳون چاڙهيون ويون هيون. اڌ گهٽيءَ جي ڊيگهه تائين سرن جا چلها ٺاهي هيٺان باهيون ٻاريون ويون هيون. پنجن ئي ڀائرن کي ڳاڙهيون گوڏيون ٻڌي عمر جي حساب سان قطار ۾ بيهاري طهر ڪيا ويا هيا. ٽئين نمبر تي بيٺل ڀاءُ سڀني جو وهندڙ رت ڏسي وٺي ڀڳو، هڪ مائيٽ ان کي وڃي جهليو. جيئن گهلڻ لڳس ته ان کي ويڻيءَ ۾ ايڏو ته زور سان چڪ پاتائين جو سندس ويڻيءَ تي نشان ٺهي ويو. جڏهن ڀاءُ سمجهه سان ٿيو ته اهو مائٽ کيس ويڻي ڏيکاري چوندو هيو “هيءُ ڏس جڏهن تنهنجي کل ڪٽجي رهي هئي ته تون منهنجيءَ کل ۾ چڪ پاتو هيو.”
کل تي ياد آيو، پاڙي ۾ جڏهن به طهر ٿيندو هيو. بابي سان دعوت ۾ ويندو هيس ته پلاءُ صفا نه وڻندو هيو. محسوس ٿيندو هيو پلاءَ ۾ گوشت سان گڏ کل به پيل آهي.
ڏاڏي جي ريشم جو ڪارخانو تباهه ٿيو ته کائڻ لاءِ ڪجهه نه بچيو. ڪارخاني ۾ کڏيون ائين خاموش هونديون هيون جيئن وقت انهن جي زبان ڪٽي ڇڏي هجي. هر طرف ڌوڙ ۽ ڄارا هوندا هيا. مان ٽپو ڏئي پيٽ جي زور سان مٿي چڙهي ڪنهن کڏيءَ جي ڦٽي تي ويهندو هيس ته ڦٽي تي چڙهيل دز منهنجن ڪپڙن سان صاف ٿي ويندي هئي. مان کڏيءَ جي هٿئي کي پڪڙي هلائڻ جي ڪوشش ڪندو هيس. خالي کڏيءَ ۾ نار بي مقصد هيڏانهن هوڏانهن پئي ٿيندي هئي. ڏاڏي جي ريشم جي ڪارخاني جي تباهيءَ ۾ هن جي هڪ دوست جو هٿ هيو. جنهن کي هن راز جي ڳالهه ٻڌائي هئي ته “ريشم جي ڪپڙي جي بازار ۾ ايڏي ته هلت آهي جو کيس ريشم جا پُڙا بليڪ تي وٺڻا پون ٿا.”
انهن ڏينهن سڀ کان سٺو ريشم جاپان کان ايندو هيو. ريشم محدود هجڻ ڪري هر ڪارخاني کي مخصوص ڪوٽا هوندي هئي. اهو ڪوٽا کان وڌيڪ ريشم رکي نه سگهندو هيو. ڏاڏي ڪجهه ريشم بليڪ تي وٺي گودام ۾ رکيو هيو. هن جي دوست کان ڏاڏي جي ترقي ڏٺي نه وئي. ان پوليس کي اطلاع ڏنو. ڇاپو لڳو، پوليس ڏاڏي کي پڪڙي سمورو ريشم کڻائي وئي. ڏاڏي جا سڀ پئسا مقدمي تي خرچ ٿي ويا. اڳتي هلي کڏين کي وڪيو ويو، ڪجهه پئسا قرض وٺي ڏاڏي شاهي بازار ۾ ڪپڙي جو دوڪان کوليو. هن اهو دوڪان حاجي خليل نالي هڪ مهاجر کان ڪرايي تي ورتو، جيڪو تازو هندوستان مان آيو هيو ۽ ان کي ڪليم ۾ شاهي بازار جا ٽي دوڪان مليا هيا. هڪ دوڪان پاڻ هلائيندو هيو ۽ ٻه دوڪان ڪرايي تي ڏنا هيائين.
ڏاڏو ڪڏهن مون کي دوڪان تي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هيو. هو کاري بسڪٽ سان تيز مٺي چانهه پيئاريندو هيو. دوڪان تي وٺي وڃڻ جو سبب اهو هوندو هيو ته ڏاڏي جي نظر ڪمزور هئي. اڪثر صبح جو سڃ ۾ ڪوئٽا جا ڪجهه پٺاڻ بازار ۾ ايندا هيا. هڪڙو دڪاندار سان ڳالهائيندو هيو ته ٻيا ور ۾ ڪپڙو لڪائيندا هيا. جڏهن اهڙا ڪي به پٺاڻ دوڪان تي چڙهندا هيا ته ڏاڏو مون کي چوندو هيو “هوشيار... پٽ نظر ڪجانءِ.”
ڏاڏو ڪپڙو ڏيکاريندو هيو ۽ مان پٺاڻن جي هر حرڪت تي نظر رکندو هيس. جنهن ڏينهن ڏاڏي جي وڪري گهڻي ٿيندي هئي ته شام جو واپسيءَ ۾ هو پپيتا، ڪيلا ۽ چيڪو وٺندو هيو. گهر ايندو هيو ۽ ڏاڏيءَ کي ٻڌائيندو هيو “مولوءَ جي ماءُ، اڄ هزار روپين جو وڪرو ٿيو آهي.”
هو اوطاق ۾ حقو پيئندو هيو. سوٽو هڻي ڪنڌ مٿي ڪري دونهون هوا ۾ ڇڏيندو هيو ۽ ٻارن کي سڏ ڪري خرچي ڏيندو هيو. ڪڏهن ائين به ٿيندو هيو ته وڪرو صفا نه ٿيندو هيو. هو مايوس موٽندو هيو. هن جي چيلهه جيڪا پوڙهائپ ڪري هيٺ جهڪيل هوندي هئي اها وڌيڪ جهڪي ويندي هئي. هو ان ڏينهن بازار مان پاروٿا بادرنگ وٺندو هيو جيڪي کائيندا هياسين ته انهن مان پڪا ٻج نڪرندا هيا. حقو ڇڪيندو هيو ته ان مان گڙ گڙ جا آواز ائين نڪرندا هيا جيئن بکايل جي پيٽ مان نڪرندا هجن. هو گهٽ ڳالهائيندو هيو ۽ ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڏاڏيءَ سان وڙهندو هيو. بازار ۾ جيئند نالي هڪ شخص جو دوڪان هيو جيڪو ان جي ملڪيت هيو. جيئند ڏسڻ ۾ صفا هيڊي رنگ جو ننڍي قد وارو شخص هيو. هن اهو دوڪان ورهاڱي کان ٿورو اڳ هڪ هندوءَ کان سستو خريد ڪري پنهنجي نالي ڪرايو هيو. جيئند جو دوڪان ڏاڏي جي دوڪان کان ٿورو پري هيو. ان مٿان جاءِ ٺهيل هوندي هئي جيڪا ويران هئي. ڪڏهن پيشاب لڳندو هيو ته ڏاڏو جيئند جي جاءِ ۾ موڪليندو هيو جتي ٽپڻ تي “پُئي” ٺهيل هوندي هئي. پُئيءَ ۾ ته بوءِ نه هوندي هئي پر جڏهن ٽپڻ جي ونگوڙي واري ڏاڪڻ لهي هيٺ اچبو هيو ته ڏاڪڻ هيٺان “حُوريءَ” ۾ ٺهيل رنڌڻي اندر اڃان به ان دال جي بوءِ ايندي هئي جيڪا ورهاڱي کان اڳ اتي چاڙهي وئي هئي. ان ڪچيءَ جاءِ جو ڪوٺو صفا ڌوڙ لڳو پيو هوندو هيو. ان جي ويرانيءَ ۾ خاموشي هر هنڌ اداس ويٺل هوندي هئي. پوري بازار مهاجرن سان ڀريل هوندي هئي، هر ڪو اردو ڳالهائيندو هيو. ڏاڏي کي اردو ڳالهائڻ نه ايندي هئي. هو اردو ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. هڪ دفعي حاجي خليل جا ٻار مٿان لهي دوڪان اڳيان گوڙ ڪري رهيا هيا. ڏاڏي کي ڳالهه نه وڻي. انهن کي اردوءَ ۾ چيائين “چلو اوپر ڏاڪڻ پي” مون کي اردو ٿوري گهڻي ڳالهائڻ ته ايندي هئي پر پڙهڻ ۾ منجهندو هيس. دوڪان جا بل جيڪي اردوءَ ۾ ڇپيل هوندا هيا. انهن کي ڏسي ڏاڏي کان پڇندو هيس.
“ڏاڏا هي بل جي آخر ۾ ڻوڻل ڇو لکيل آهي؟”
ڏاڏي کي اها خبر هئي. ان کلي وراڻيو “پٽ اهو ڻوڻل نه ٽوٽل آهي. جڏهن جوڙ ڪندا آهيون ته آخر ۾ اتي لکندا آهيون.”

باب ڇهون

ڏاڏو گهر واپس ورندي مون کي ان هوٽل تي وٺي ويندو هيو، جنهن هوٽل مٿان سيمنٽ جو وڏو گول روپيو ٺهيل هوندو هيو. ان هوٽل جو نالو “هڪ روپيو هوٽل” هيو. هوٽل جي خاص ڳالهه چدي واري بوتل هوندي هئي! جنهن جو ملهه هڪ روپيو هيو. اها چدي واري بوتل پيئڻ سان چدو هيٺ لهي ايندو هيو. جنهن ڪري پيئندڙ کي ساهي پٽي چدو واپس هيٺ لاهي وري پيئڻو پوندو هيو. ان جو مقصد اهو هوندو هيو ته ٻاهران گرميءَ مان آيل شخص هڪ ئي ساهيءَ ۾ ٿڌي بوتل نه پيئي پر ساهيءَ سان پيئي جنهن ڪري کيس صحت کي ڪو نقصان نه رسي. اهي چدي واريون بوتلون سٺيون هونديون هيون پر جڏهن پاڪولا، سيون اپ آيون ته ماڻهن جو رجحان اوڏانهن ٿي ويو. سو ڏاڏي به ان ڏينهن مون کي سيون اپ بوتل پيئاري، جيڪا مون پهريون دفعو پيتي، بوتل پيئڻ سان پيٽ ڦنڊي ويو ۽ محسوس ٿيو الٽي اچي رهي آهي. طبيعت گهڻي خراب ٿي ته سوچيم، اجايو الٽي ايندي سڀ بازار جا ماڻهو ڏسندا ته پريي مڙس جي پوٽي دڪان تي ڪِن ڪيو آهي. سو تڪڙ ۾ ڏاڏي کان موڪلائي ڀڳس ته ڪٿي پري وڃي الٽي ڪيان. جڏهن وچ شاهي بازار ۾ پهتس ته مون کي ايڏي وڏي اوڳرائي آئي جو نڪ ۽ وات مان دونهان نڪري آيا. ايڏي وڏي اوڳرائيءَ جي آواز تي بازار مان لنگهندڙ ڪيترائي ماڻهو مون ڏانهن متوجهه ٿيا. مون محسوس ڪيو طبيعت صفا هلڪي ٿي وئي آهي. هر شيءِ سلوموشن ۾ هلي رهي آهي. منهنجي وات مان نڪتل پاڻيءَ جي سنهين بوندن ۾ پائجامن وارا، اڇين ٽوپين وارا، ٻچين ڏاڙهين وارا، پان چٻاڙيندڙ ڳاڙهن واتن وارا، هوا ۾ آهستي هلندا، مون ڏانهن ڏسندا، ٽهڪ ڏيندا وڃي رهيا آهن.
انهن ڏينهن اسٽيل جا پنج گلاس ڪنهن ڪم جا نه هيا. هڪ گلاس سٺي حالت ۾ نه هيو. چئن گلاسن تي وقت جي ڌڪن جا نشان هيا. انهن کي پاسن کان چگهه هيا. مامون جيڪو اسڪول جو هيڊ ماستر هيو ان صفا حد ڪري ڇڏي، قائداعظم جي تصوير وارو فريم وٺي آيو. ڀت ۾ ٽنگڻ لاءِ جڏهن کيس هٿوڙو هٿ نه آيو ته اسٽيل جو گلاس کڻي تري سان ڪوڪو ٺوڪڻ جي ڪوشش ڪئي. گلاس جو ترو چٻو ٿي ويو. ڪوڪو ڀت ۾ مضبوط نه لڳو ۽ ٽنگڻ کانپوءِ تصوير هيٺ ڪري پئي. مامي توائيءَ ۾ پنجن ئي گلاسن کي هڪ ٻئي ۾ وجهي ڪنڊ ۾ رکي ڇڏيو ۽ چيائين “ون يونٽ زنده آباد.”
ايوب خان جي ڏينهن ۾ ماڻهن مٿان ڪيتريون ئي پابنديون مڙهيل هيون، پر گتا ۽ چڪلا کليل هيا. شهر ۾ هڪ گهٽي ڇڏي ٻي گهٽيءَ ۾ گتو هوندو هيو، جتي آفيم، ڀنگ، پست ۽ شراب وڪرو ٿيندا هيا. جيئن اڄڪلهه گهٽي گهٽيءَ ۾ چڪلو آهي ائين هڪ گهٽيءَ ۾ چڪلو هوندو هيو. چڪلي جي ڪنڊ تي جتي مسجد هوندي هئي جمعي جي نماز پڙهڻ ويندو هيس. اتي مون ڪڏهن مولويءَ کي رنڊين خلاف تقرير ڪندي نه ٻڌو. هر جمعي تي رنڊيون مسجد ٻاهران نماز کانپوءِ ٻارن کي ڏاڪن تي ويهاري چانور کارائينديون هيون. مان به اهي چانور کائيندو هيس. مون کي انهن جو ذائقو نه وڻندو هيو. ننڍي هوندي سگريٽن جا پاڪيٽ گڏ ڪري ڦاڙي پتي راند کيڏندا هياسين. سڀ کان وڌيڪ پاڪيٽ چڪلي ۾ ملندا هيا. شام جو ايڏي رش هوندي هئي جو پٽڪو پٽڪي سان گسندو هيو. ڪارا ڀڙوا ڳڀرن جيان ويڪريون ڇاتيون کولي بيٺل هوندا هيا. انهن جي ور ۾ چاڪو لڪيل هوندا هيا. جيڪڏهن ڪو به ڦڏو ڪندو هيو ته وهائيندي دير نه ڪندا هيا. جنهن کي چاقو لڳندو هيو اهو ٿاڻي تي وڃڻ بجاءِ گهر وڃڻ کي ترجيح ڏيندو هيو ڇو جو اهي ڀڙوا ٿاڻي تي منٿليون پهچائيندا هيا.
مان پاڪيٽ ميڙيندي ڏسندو هيس، ڪنهن در ٻاهران قطار هوندي هئي ۽ ڪو در خالي هوندو هيو. سوچيندو هيس چڪلي جي هر رنڊيءَ جو پنهنجو رزق لکيل آهي. ڪا واندي آهي ته ڪا مصروف. ڪنهن وٽ اڪيلائي، ڪنهن وٽ هجوم. ڪنهن جو ريٽ ٽي روپيا ته ڪنهن جو اڍائي آنا هوندو هيو. مونکي اها ننڍي قد واري وئشيا ياد آهي جنهن جو نڪ اندر هوندو هيو. پان وات ۾ هجڻ ڪري چٻي وات سان ڳالهائيندي هئي. ان جو گهر چڪلي جي آخر ۾ اهڙيءَ ڪنڊ وٽ هيو جتان شريفن جا محلا شروع پئي ٿيا. ان کان جڏهن به ڪو ريٽ پڇندو هيو ته هوءَ چوندي هئي “ڪو ريٽ نه آهي جيڪي اٿئي ڏي.”
چڪلي جي چڪر ۾ گلڻ گلاس وڪڻي چڱو ڪم نه ڪيو هيو. ان ڏينهن گلڻ گرفتار ٿي ويو. چڪلي ۾ مهاوئشيا دلبري جيڪا هر مهيني حساب ڪري هر رنڊيءَ کان پئسا وٺي ٿاڻي تي پهچائيندي هئي، ان هڪ مهيني پئسا وٺي ٿاڻي تي نه موڪليا پر نئون پلنگ ورتو جيڪو ان لاءِ ضروري هيو ته ويجهڙائيءَ ۾ ڪنهن وڏي آفيسر کي پروٽوڪول ڏيڻو هيو، ٿاڻي تي پئسا نه پهچڻ ڪري پوليس چڪلي تي ڇاپو هنيو. چڪلي کي چئن ڪنڊن کان سيل ڪري وٽ پڪڙ شروع ڪري ڏني. پوليس ماڻهن کي پڪڙي انهن جا پٽڪا لاهي کين چيلهه چوڌاري پٽڪن سان ٻڌو. ائين هڪ ڪلوميٽر تائين پٽڪن سان ٻڌل ماڻهن جي چين ٺهي وئي. روڊن تي ٽريفڪ بند ٿي وئي. انهن ڏينهن ڪارون، بسون يا موٽرون ته نه هونديون هيون پر ٽانگا ۽ گڏهه گاڏا هوندا هيا. جن جون قطارون لڳي ويون. سڄي شهر جا ماڻهو اچي ٿاڻي اڳيان ڪٺا ٿيا. صوبيدار وچ بئريج روڊ تي ٽيبل ڪرسي رکي پٽڪن ۾ ٻڌل هر شخص جي تلاشي وٺي جيڪو ان جي کيسي مان مليو ٽيبل تي گڏ ڪندو پئي ويو. هر شخص کي پٽڪي مان ڇورڻ کان اڳ کيس مٿان پادرن جو وسڪارو پئي ڪيو ويو. جڏهن گلڻ جو وارو آيو ته صوبيدار سندس تلاشي ورتي. ان جي کيسي مان ڪجهه نه نڪتو. صوبيدار صفا چڙي پيو. رڙ ڪري چيائين “اڙي ڪهڙو ڪم ڪندو آهين؟” گلڻ هٿ ٻڌي چيس “سائين ڪجهه نه”
صوبيدار کيس پويان پادر هڻندي چيو “اڙي اهڙو ڪم ڪراءِ جنهن مان ڪمائي ٿيئي.”
گلڻ کي جيئن پٽڪي مان ڇوڙيائون تيئن وٺي ڀڳو. چوڌاري فوٽ پاٿين تي بيٺل تماشائين ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. مهاوئشيا دلبريءَ کان منٿلي نه ملڻ ڪري پوليس پاران وچ روڊ تي ان اسٽيج شو جو اثر اهو ٿيو جو شهر جي ماڻهن کي تفريح جو سامان مفت ميسر ٿي ويو. اهو ماجرو ٽي ڪلاڪ هليو. جنهن ڪري سکر جي سينمائن ۾ ان ڏينهن ويراني ڇانيل رهي. اهي رش سبب قطارن ۾ بيهي ٽڪيٽ وٺڻ دوران دلوڪ مڪراڻيءَ جي هنٽرن ۽ پوليس جي لٺين کان بچي ويا.
شهر ۾ ماڻهن لاءِ تفريح جو واحد وسيلو اهي سينما گهر هوندا هيا جن اندر فلم ڏسڻ دوران ماڻهو تيل جي ڪڙهائين ۾ پيل پڪوڙن جيان ترندا هيا. جسم مان پگهر مٿي کان وهي پيرن تائين هيٺ وهندو هيو.
جڏهن فلم ڦٽندا هيا ته پگهر جي بوءِ ماڻهن کان پهريون دروازن مان نڪرندي هئي. ٽڪيٽ نه ملڻ ڪري ڪيترا ماڻهو بليڪ تي ٽڪيٽ وٺي انهن دوزخ جهڙين سينمائن ۾ ويهي باهه جو مزو وٺندا هيا. فلم ڦٽندو هيو ته اوچتو بئريج روڊ تي رش وڌي ويندي هئي ۽ ڦهليل پگهر جي بوءِ مان اندازو لڳائبو هيو ته اهي ڪهڙي قسم جي فلم ڏسي ٻاهر نڪتا آهن.
گلڻ سٺو ماڻهو نه هيو. ان هڪ ڏينهن مون کي برغلايو ته “تختي تان شيشي جا گلاس کڻي اچان ته وڪڻي مغل اعظم فلم ڏسي اچون.” مان به هن جي چوڻ ۾ اچي ويس ۽ امڙ کان اک بچائي ٻه گلاس کڻي ٻاهر آيس. اسان اهي ڪٻاڙي وٽ وڪڻي حفيظ سينما تي مغل اعظم فلم ڏسڻ وياسين. اتي ٽڪيٽ وٺندڙن جي ايڏي وڏي قطار هئي جو حفيظ سينما کان شروع ٿي امپريل سينما تائين پئي وئي. امپريل سينما ۾ هلاڪو خان فلم لڳل هئي. ٻنهي سينمائن تي فلم ڏسڻ لاءِ آيل شوقينن جون قطارون هڪ ٻئي ۾ ائين سمايل هيون جو ڪا خبر نه ٿي پئي ته مغل اعظم فلم ڪير ڏسڻ آيو آهي ۽ هلاڪو خان فلم ڏسڻ لاءِ آيل جي قطار ڪهڙي آهي؟
انهن ڏينهن اسان هلاڪو خان فلم ڏسي سگهياسين ڇو جو قسمت جي قطار اوڏانهن ڌڪي وئي جنهن دريءَ مان هلاڪو خان فلم جون ٽڪيٽون ملي رهيون هيون. تن ڏينهن وڏي حسرت هوندي هئي ته جيڪر مغل اعظم فلم ڏسي سگهان. افسوس زندگيءَ ۾ جيڪي به امتحان ڏنم سدائين فرسٽ ڊويزن ۾ ڪامياب ٿيس پر ڪڏهن مغل اعظم فلم جي ٽڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب نه ٿيس. اها فلم مون پوءِ وي سي آر تي ڏٺي.
باقي ايوب خان جي دور ۾ هلاڪو خان هر هر سينمائن ۾ لڳندي هئي. آخر اهڙو وقت به آيو جو ماڻهن هلاڪو خان کان ڊڄڻ ڇڏي ڏنو. باقي گلڻ تي “لوفر” فلم جو ايڏو اثر ٿيو جو بئريج روڊ تي داداگيرن جيان بٽڻ کولي ڇاتي ٻاهر ڪڍي گهمندو هيو سندس پاسيريون ظاهر ٿينديون هيون. جنهن ڪري هن کي خيرات ۾ ايترا پئسا ملي ويندا هيا جو وري نه ڪڏهن پاڻ ۽ نه ڪڏهن مون کي شيشي جا گلاس چورائڻ جي ضرورت محسوس ٿي.
جڏهن بابي کي اهل دل ڏاريندڙ خبر پهتي ته وقت جي گردش ۾ سڀ شيشي جا گلاس چڪنا چور ٿي چڪا آهن ته هن اسٽيل جا پنج گلاس کنيا جيڪي هڪ ٻئي ۾ ڦاٿل هيا. هن انهن کي الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
“انهن کي الڳ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪر.” امڙ جو آواز آيو، “گلاسن کي الڳ ڪري نئون مسئلو پيدا نه ڪر. شيشي جا گلاس وٺي اچ.” بابو نه مڙيو، ان مسڪينن جيان چيو.
“ڀلا اسٽيل جي گلاسن هوندي شيشي جي گلاسن جو ڪهڙو ڪم؟” پوءِ بابو سٽون ڏئي اسٽيل جا وچڙيل گلاس آزاد ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رهيو. جڏهن اهي الڳ نه ٿيا ته اٿيو ۽ ڪاوڙ مان هٿوڙو ۽ ڏاٽو کڻي آيو.

باب ستون

بابي جون سڀ ڪوششون بيڪار ويون، اسٽيل جا پنج گلاس الڳ نه ٿيا. هن ڏاٽي ۽ هٿوڙي جو استعمال ڪري انهن کي چٻو ڪري وڌو، اهي وڌيڪ ڦاسي ويا. آخر بابي مجبور ٿي ڪجهه ڪتاب لکيا. جن ۾ پنجن اسٽيل جي گلاسن جي آزاديءَ جا نسخا درج هيا. هڪ سانوڻ ۾ اهي قلمي نسخا گهڻا مينهن وسڻ ڪري اسٽور جي ڇت مان ٽمندڙ پاڻيءَ ۾ ڌوپجي صاف ٿي ويا. انهن مان وهندڙ مس فرش کي ڪارو ڪري ڇڏيو هيو ۽ ان مس مٿان گهمندڙ ماڪوڙا جمهوريت جي نافذ ٿيڻ تائين ڪنهن کي نظر نه آيا. اهي پنهنجي وزن کان وڌيڪ بار ڍوئيندڙ ماڪوڙا پيٽ نه هجڻ ڪري چيلهه وٽان ايڏا ته سنها هوندا هيا جو لڳندو هيو ڄڻ ٻه آهن.
بابي جڏهن ڏٺو ته ڪجهه هڙ حاصل نه ٿي رهيو آهي. هن هڪ ٻئي ۾ ڦاٿل اسٽيل جا پنج گلاس تختي تي ڦٽا ڪيا ۽ بازار مان اهڙا شيشي جا گلاس وٺي آيو جن تي چنڊ ستارا ٺهيل هيا. چوٿين تاريخ واري چنڊ ۾ پنجن ڪنڊن وارو ستارو ڄڻ پنجن آڱرين سان هڪ ٻئي ۾ ڦاٿل پنجن اسٽيل جي گلاسن ڏي اشارو ڪري بابي کي چيڙائي رهيو هيو ۽ چئي رهيو هيو ته “بيڪار بي نفس پنج گلاس جن کي هٿوڙا هڻي الڳ ڪري نه سگهين. اهڙا هٿوڙا اسان کي هڻين ها ته ڀڄي جان ڇڏايون ها.”
بابو سوچڻ لڳو “ڪهڙو ڀڄي؟ ڀڄي يا ڀڄي” (شهيد يا غازي). ننڍي هوندي شيشي مان ٺهيل شيون وڻنديون هيون. سنگ مرمر جا چدا جيڪي مهانگا هوندي به بي ڊولا لڳندا هيا. جڏهن سستا ۽ خوبصورت شيشي جا چدا آيا ته مون مٿي حوريءَ ۾ پيل هڪ پراڻي ٽيبل جو خانو انهن سان ڀري ڇڏيو. راند کيڏندي جڏهن چدا مٽيءَ ۾ ميرا ٿي ويندا هيا ته انهن کي برمي هيٺان ڌوئيندو هيس. چدن اندر گل ۽ ٻوٽا ٺهيل هوندا هيا. شيشي جا گلاس به ايڏائي وڻندا هيا. انهن تي ٺهيل گل پاڻي پيئڻ مهل ائين محسوس ٿيندا هيا ڄڻ پاڻيءَ ۾ پيل هجن. هڪ ٻئي ۾ ڦاٿل اسٽيل جا گلاس ڏسندو هيس ته دل ۾ نفرت ڀرجي ايندي هئي. اهو ئي سبب آهي جو مون کي شيشي جي هر ڀڄندڙ گلاس جو ڏک ٿيندو هيو. اهي سڀ اڄ به منهنجي دل تي نقش آهن. هونئن ته هر گهر ۾ شيشي جا گلاس عام ٿي چڪا هيا ۽ انهن جي ڀڄڻ جو ڪو خاص سبب نه هوندو هيو. اهي ماني کائڻ کانپوءِ پاڻي ڀرڻ وقت سڻڀن هٿن مان ترڪي ڀڄي پوندا هيا. ڪنهن جي ٺوٺ لڳڻ ڪري، ڪنهن جي هٿ لڳڻ ڪري، ڪڏهن تڪڙ ۾ اٿڻ سان ڪنهن جو پير لڳي ويو. هڪ گلاس کي کنيو ۽ ڀرسان وارو آڱريون لڳڻ سبب ڪري پيو.
هڪ دفعي ائين ٿيو جو رنڌڻي ۾ لوٽو پيل هيو جيڪو امڙ کان ڌوئڻ وسري ويو. لوٽي جي تري ۾ کير چڪو رهجي ويو هيو. رات جو جڏهن اسين سمهيل هياسين ڪو ٻلو ڀت ٽپي آيو ۽ رنڌڻي ۾ ويو. لوٽي جي تري ۾ کير چڪو ڏسي سندس من چاهيو ته جيڪر پيئان. جيئن لوٽي ۾ منهن وجهي زور ڏنائين ته لوٽي جو منهن سوڙهو هجڻ ڪري ٻلي جو منهن ڦاسي پيو. ٻلي گهڻا وس ڪيا پر لوٽو منهن مان ڪڍي نه سگهيو. لوٽو منهن ۾ ڦاٿل هجڻ ڪري ٻلي کي ڪا شيءِ ڏسجي نه رهي هئي. اهو ڪڏهن ڀت سان پئي ٽڪرايو ته ڪڏهن ٿانوَن سان. کڙڪي تي امڙ کي جاڳ ٿي وئي. امڙ ڏٺو، ٿانوَن سان ٽڪر هڻي ان ٻه شيشي جا گلاس ڀڃي وڌا هيا. بابو اٿيو ۽ ان ٻلي کي پڪڙي زور سان لوٽو منهن مان ڇڏايو.
گلاس جو مالڪ گهڻا ڏينهن ان جي خير جي دعا گهري سگهي ٿو؟ ان کي هڪ ڏينهن ڀڄڻو آهي. جيڪو گلاس ٺهيو آهي سو ضرور ڀڄندو؟ نه ته ان جي حالت اسٽيل جي گلاسن جهڙي ٿيندي، انهن جا جسم چٻا هوندا. داغ هوندا ۽ هڪ ٻئي ۾ ڦاٿل هوندا. ماڻهن جي گهرن ۾ شيشي جا گلاس ڀل ڀڄن، پر اسان جي گهر ۾ ڀڄندو هيو ته ڄڻ گهر هلندو هيو، وقت چرندو هيو، سج اڀرندو هيو، صبح ٿيندو هيو، شايد اسان جي گهر جا گلاس نه ڀڄن ها ته چنڊ نه اڀري ها، ستارا نه چمڪن ها، نه هندوستان ٽٽي ها، نه پاڪستان ٺهي ها، نه مهاجر اچن ها، نه ڏچا وڌن ها، نه مارشلائون لڳن ها، نه فوجي ڦٽڪا هڻن ها، نه اوڀر پاڪستان الڳ ٿئي ها، نه ڀٽي صاحب کي ڦاسي اچي ها، سنڌ جا مالڪ سنڌي هجن ها، ٻين کي پاسپورٽ ويزا ۽ اقاما جاري ڪيون ها. اسان ڌارين کي ورڪ پرمٽ ڏئي، ڪم ڪڍي جهازن ۾ واپس موڪليون ها. حيرت جي ڳالهه آهي عربن سنڌ تي حڪمراني ڪئي ۽ اسان انهن کان ڪجهه نه سکيو. اسان مسلمان ٿي وياسين ۽ عرب عرب آهن. ڇا ڪجي سڄو قصور انهن شيشي جي گلاسن جو آهي، جڏهن ڀڄن ٿا ته وقت وڌي ٿو. دنيا ۾ ايوب خان اچن ٿا ڇو جو اڃان ايوب خان جي وقت جي گلاسن جو ذڪر هلي رهيو آهي ۽ منهنجي عمر يارهن سال آهي.
ان وقت ڇهين درجي ۾ ماستر مطلباڻي پڙهائيندو گهٽ، ماريندو گهڻو هيو. ڪاري رنگ جي شاگردن کي ماري ڳاڙهو ڪري ڇڏيندو هيو جيئن سهڻا نظر اچن. اهو پنهنجي کٻي ڳٽي تي ويٺل مک هر هر هڪليندو هيو ۽ جڏهن ڳالهائيندو هيو ته ان جي وات جي ڪنڊن وٽ گج نظر ايندي هئي. هو چونڊ ڇوڪري کي گهر گهرائي ٽيوشن پڙهائيندو هيو. ڇوڪرا هن کي “سائين” ڪوٺيندا هيا ۽ هو زال کي “سائين” ڪوٺيندو هيو. ايوب خان جي فوجي دور جو اسان جي اسڪول تي وڏو اثر هيو. صبح سان اسيمبليءَ ۾ فوجي ڌنيون وڄائيون وينديون هيون. پوڙهو بينڊ ماسٽر جنهن کي وڏيون وڪڙدار مڇون هونديون هيون ۽ ترڪي ٽوپي پائيندو هيو. اهو ٽرمپٽ وات تي رکي ڦوڪ ڏيندو هيو ته ان جي آواز تي دل ڌڙڪندي هئي. اسان حيران ٿيندا هياسين ته ان پوڙهي جي سيني ۾ ايڏا مضبوط ڦڦڙ ڪيئن آهن. پوءِ اسان کي خبر پئي ته انگريز ان کي پاڻ سان گڏ انگلستان وٺي ويا هيا ۽ اتان ٻڪريءَ جا ڦڦڙ وجهرائي آيا آهن، اسان بينڊ جي ڌن تي قومي ترانو ڳائيندا هياسين ۽ اسيمبلي ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪلاسن ڏانهن روانا ٿيندا هياسين ته ان کان اڳ بينڊ ماسٽر وڏي آواز ۾ چوندو هيو “قيوڪ مارچ” اسان قطارن ۾ ڪلاس ڏانهن روانا ٿيندا هياسين ۽ بينڊ ماسٽر ڊرم واري کي اشارو ڏيندو هيو ته اهو ڊرم تيز وڄائڻ شروع ڪندو هيو. اسان تڪڙ مان هلندا هياسين ته پراڻن پاتل بوٽن مان ڌوڙ اڏامي بينڊ ماسٽر جي منهن ۾ پوندي هئي.
پي ٽيءَ جي پيرڊ ۾ هڪ رٽائرڊ فوجي جنهن جو نالو محمد صديق هيو. اسٽور کولي پراڻيون بندوقون ڪڍي سڀني کي ورهائي ڏيندو هيو. بندوقون گهٽ ۽ شاگرد وڌيڪ هوندا هيا. جن کي بندوقون ملنديون هيون، اهي پاڻ کي خوشقسمت ۽ باقي پاڻ کي بدنصيب سمجهندا هيا. ڪلهن تي بندوقون جهلي بيٺل پاڻ کي خوش ۽ بغير بندوقن وارا اداس ۽ سست هوندا هيا. انهن پهرين جنگ عظيم جي بندوقن کي ڏسي کل ايندي هئي ۽ خدا ۾ ايمان پختو ٿيندو هيو ته “مارڻ واري ذات رب جي آهي. باقي بندوقون ته بهانو آهن.”
ماسٽر محمد صديق جيڪو ٻي جنگ عظيم ۾ وڙهيو هيو. اهو مضبوط ڪردار ۽ اصول پرست شخص هيو. وڏو قابلِ احترام استاد هيو. ايوب خان جي ڏينهن ۾ مايوس ٿي رٽائرڊ ٿيو ته خبر نه آهي ڇا سوچي هن معصوم شاهه ميناري اڳيان ويندڙ گهٽيءَ ۾ چوڙين جو دوڪان کوليو. اسان جي ڪلاس تي به فوجي اثر هيو. جيڪو به ماستر ڪلاس ۾ داخل ٿيندو هيو، اچڻ سان اٿ ويهه ڪرائيندو هيو ۽ هوم ورڪ پورو نه هجڻ جي صورت ۾ تشدد ڪندو هيو. عربي ۽ اسلاميات جا استاد ان ڳالهه ۾ سڀني کان اڳرا هوندا هيا. عربيءَ جو استاد روز گهران اهڙو رول ٺاهي کڻي ايندو هيو جن تي جنڊيءَ جو ڪم ٿيل هوندو هيو، هو اهي ڀڃي وري ٻئي ڏينهن نوان ٺهرائي کڻي ايندو هيو. اهڙا استاد دنيا ۾ نه رهيا جنهن ڪري جنڊيءَ جي ڪم جو زوال اچي ويو. اسلاميات جو استاد وري شاگردن کي پٽي سان ماريندو هيو. هڪ دفعي منهنجو دوست گوهر علي هوم ورڪ نه ڪري آيو. اهو ڪتاب پٽي سان ٻڌي اسڪول ايندو هيو. ان پٽو ڇوڙي بينچ تي پاسي سان رکيو هيو. اسلاميات جي استاد نه ڪئي هم نه تم، پٽو کڻي پٺيءَ تي وهائي ڪڍيائينس. گوهر علي ٻيڻو ٽيڻو ٿي ويو. گوهر عليءَ جو پٽو هڪ دفعي گم ٿي ويو. هن اها دانهن ڪلاس ٽيچر ماستر مطلباڻيءَ کي ڏني. ڪلاس ٽيچر پڇيس، “ڪهڙو پٽو؟”
گوهر عليءَ قميص مٿي ڪري نشان ڏيکاري چيس “سائين او ههڙو پٽو.”
فوج جو اثر ڪلاس رومن تائين محدود نه هيو پر مذهب به ان جي زير اثر اچي چڪو هيو. ماستر مطلباڻي ڪڏهن موڊ ۾ هوندو هيو ته هڪ شاگرد عبدالغفار پاڻ ئي چوندو هيو، “سائين نعت ٻڌايان؟”
ماستر مطلباڻي ڪنڌ کي ها ۾ لوڏيندو هيو ۽ ڪلاس ۾ خاموشي ڇائنجي ويندي هئي. عبدالغفار فوجي ڌنين تي ٺهيل نعتون ٻڌائيندو هيو، جن کي ٻڌي دل مديني وڄڻ گهٽ ۽ فوج ۾ شامل ٿيڻ وڌيڪ چاهيندي هئي. نه ته ان کان پهريون اڪثر نعتون هندوستاني فلمن جي ڌنين تي ٺهيل هونديون هيون جيڪي پاڙي ۾ ڪڪو مولوي ڳائيندو هيو، جڏهن به ڪو حاجي حج ڪري موٽندو هيو ته سکر جي ريلوي اسٽيشن کان کيس گهر تائين ماڻهو جلوس جي صورت ۾ وٺي ايندا هيا. اڳيان حاجي هوندو هيو جنهن کي پنڌرهن سورهن گلن جون ڪنڍيون پاتل هونديون هيون. اهو حاجيءَ جي استقبال لاءِ ويل جلوس جڏهن روڊن ۽ گهٽين مان لنگهيندو هيو ته ڪڪو مولودي ڪن تي هٿ رکي نعتون ڳائيندو هلندو هيو. هن جي هڪ نعت مونکي ڏاڍي پرسوز ۽ اثرانگيز محسوس ٿيندي هئي جيڪا هن هندستاني گاني “گذرا هوا زمانا آتا نهين دوبارا، حافظ خدا تمهارا” جي ڌن تي ٺاهي هئي.
اهو قوم پرستيءَ جو دور نه هيو پر مذهبي جنونيت ڪر کڻي رهي هئي. ڪشمير جي مسئلي هر ڪنهن کي مومن ڪري وڌو هيو. مذهبي جماعتون وجود وٺي رهيون هيون. الله ڀلو ڪري استاد عبدالوهاب جو جيڪو اسڪول ۾ ٻارن جي آڱرين ۾ پينسلون وجهي زور ڏئي سزا ڏيندو هيو ۽ جڏهن عامل ٿيو ته ساڳي سزا آزمائي ماڻهن جا جِنَ ڪڍندو هيو. ان اسان جي گهر جو هڪ ڇوڪرو خاري وڌو. اڪبر جنهن کي اسان پيار مان اڪن چوندا هياسين اهو عبدالوهاب جي زير اثر ٿي ڪٽر ملو ٿي ويو. اسان کان عمر ۾ وڏو هجڻ ڪري کيس اهڙي ڏاڙهي هوندي هئي جيڪا هن ڄمڻ سان ڪڏهن نه ڪوڙي، جنهن ڪري سندس ڏاڙهيءَ جا وار ڇڊا ۽ وڪڙدار هوندا هيا. اها ايڏي نرم ڏسبي هئي جيڏو اڪوءَ جو سخت منهن. اهو جمعيت طلبا جو سرگرم ڪارڪن هيو ۽ استاد جي چوڻ تي گهر کان سڌارو شروع ڪيائين. حضرت ابراهيم جي قصي کان ايڏو ته متاثر هيو جو هڪ دفعي هٿوڙو کڻي گهر ۾ ٽي شيشي جا گلاس ڀڃي وڌائين ۽ چيائين “اسٽيل جي گلاسن هوندي شيشي جي گلاسن جو ڪهڙو ضرور آهي. اسٽيل جا پنج گلاس حق ۽ شيشي جا گلاس ڪفر آهن.”
امڙ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. بابو به افسوس مان ڏسڻ لڳو، اهو پهريون واقعو هيو جنهن ۾ هڪ مهل شيشي جا ٽي گلاس ڀڳا هيا. هڪ هڪ ٿي ڀڄندا هيا ته ايڏي ڏک جي ڳالهه نه هوندي هئي پر اوچتو ائين گلاسن تي حملو ڏسي بابا اڪوءَ کان هٿوڙو کسڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو “گلاسن تنهنجو ڪهڙو گناهه ڪيو، جيڪڏهن هٿوڙو هڻڻو هئي ته پاڻ کي مٿي ۾ هڻي ها.”
اڪوءَ جذباتي ٿيندي هٿوڙي کي هٿن ۾ مضبوطيءَ سان جهليو، “چاچا نه تون آذر آهين نه مان ابراهيم. پر ياد رک اصل طاقت اسٽيل جا گلاس آهن. دنيا وارن شيشي جا گلاس ٺاهي سٺو ڪم نه ڪيو آهي.”
بابو سمجهي ويو ته مذهب اڪوءَ جو مٿو ڦيري ڇڏيو آهي. هو مومن ٿي چڪو آهي ۽ هٿوڙو هڻندي دير نه ڪندو. امڙ ڀڳل شيشي جا ٽڪر ميڙي ٽوڪريءَ ۾ وڌا ۽ بابي اڪوءَ کي ان جي حال تي ڇڏي ڏنو. اها پوءِ خبر پئي ته هو ٻين ڪارڪنن سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ساڌ ٻيلي ويو ۽ اتي جيڪو بت نظر آيو، ان کي هٿوڙا وهائي ڪڍيائون، ڪنهن بت جو نڪ ڀڳو، ڪنهن جو ڪن، ڪنهن جو منهن چٽ ٿي ويو ته ڪنهن جي ٻانهن. واپس ايندي اڪو هٿوڙو ڪالي ماءُ جي ڪلهي تي رکي آيو جيئن سڀ سمجهن ته اها حرڪت ان جي آهي. جميعت طلبا وارن جي اهڙي حرڪت کان پوءِ هندن احتجاج ڪيو ۽ ساڌ ٻيلي کي پرمٽ کانسواءِ عام ماڻهن لاءِ بند ڪيو ويو. ان کانپوءِ ڪجهه ڏينهن ٻه سپاهي راج گهاٽ وٽ بيٺل هوندا هيا ته متان ڪو تخريبڪار ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ٻيلي ڏانهن نه وڃي، پر جڏهن انهن ٻن سپاهين کي ٽي وقت کائڻ لاءِ ڇڙو دال ڇولا ۽ پاپڙ نصيب ٿيا ته راڄ گهاٽ ڇڏي هليا ويا.
مسلمانن کي پرمٽ کانسواءِ ساڌ ٻيلي ۾ وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي. ننڍي هوندي مون کي ساڌ ٻيلي ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هيو. ڪنهن وقت راڄ گهاٽ کان ٿورو پري لانچون بيٺل هونديون هيون جيڪي روهڙي وڃڻ جو آسان ذريعو هيون. روهڙيءَ ۾ هر سال وار مبارڪ جو ميلو لڳندو هيو. اسان سڀ ٻار لانچ ۾ چڙهي بابي سان گڏ روهڙي ويندا هياسين. لانچ ۾ انجڻ اسٽارٽ ٿيندي هئي ته دونهي جي ڌپ ۾ اوڪارا ڏئي ساڻا ٿي پوندا هياسين. جڏهن لانچ وچ سنڌوءَ ۾ پهچندي هئي ته دونهي جو زور گهٽجي ويندو هيو ۽ وچ درياهه ۾ هر طرف پاڻي ۽ کليل ماحول ڏسي دل خوف ۽ خوشيءَ کان اڇلون ڏيندي هئي. اها جڏهن ساڌ ٻيلي اڳيان لنگهيندي هئي ته اتي مور اڏامندا هيا. جيڪي مندرن، وڻن ۽ ڀتين تي ويٺل هوندا هيا. ساڌ ٻيلي جو خوبصورت منظر ڏسي مان سوچيندو هيس ته ڪڏهن اها پراسرار جاءِ ضرور گهمندس. لانچ هلندي جڏهن انگريزن جي ٺاهيل لينسڊائون پل ۽ ايوب پل هيٺان گذرندي هئي ته محسوس ٿيندو هيو ايوب انگريزن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. اهو منظر ان وقت خوبصورت ٿي ويندو هيو جڏهن ستين جي آستان وٽان پلين تي ڪاري دونهي واري انجڻ لنگهيندي نظر ايندي هئي. ان جي سيٽي ايڏي ته زوردار ۽ خوفائتي هوندي هئي جو اسان ٻارن تي وحشت طاري ٿي ويندي هئي ۽ اهو سوچي ڊپ ٿيندو هيو ته متان پل هيٺان لنگهيندي ريل لانچ مٿان نه ڪري پوي.

باب اٺون

روهڙيءَ پهچي وار مبارڪ جي زيارت لاءِ ان جي سوڙهين گهٽين مان لنگهي گنبذ تائين پهچڻو پوندو هيو. روهڙيءَ جون گهٽيون هيٺ مٿي لاهيون چاڙهيون آهن. جايون ڪچيون ۽ پراسرار گهٽين مان لنگهندي جاين جا لٿل چاپڙ ڏسي انهن جي قديم هجڻ جو اندازو لڳائي سگهبو هيو. گهٽيون ماڻهن سان ڀريل هونديون هيون. بازار ۾ مٺائين جا دوڪان هوندا هيا. جن تي مکين کي ڏسي لڳندو هيو ماڻهن جي ميلي جيان انهن جو به ميلو لڳل آهي. گهٽين ۾ ٻهروپيا گهمندا هيا. اهي مهاجر ٻهروپيا جيڪي پنهنجو ميڪ اپ ڪجهه اهڙي طريقي سان ڪندا هيا جو کين ڪنڌ ۾ ڪاتي لڳل هوندي هئي. ڏند وڏا ۽ وات ڳاڙهي رنگ سان ڀريل هوندو هيو. اکين چوڌاري ڪارو ڪجل ائين ڦهليل هوندو هيو جو اهي وڏيون ۽ خوفناڪ نظر اينديون هيون. اهي ٻهروپيا سروٽو هٿ ۾ کڻي ماڻهن کي اولاريندا هيا. جيڪڏهن ڪو ڊڄي ڀڄندو هيو ته سروٽو کڻي ان جي ڪڍ ويندا هيا. اهي هڻندا نه هيا پر مزاحيا طريقي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪندا هيا. جيڪو ڊڄي ويندو هيو ان کان پئسا گهرندا هيا ۽ جيڪو نه ڊڄندو هيو انهن جي اهڙي حرڪت تي ٽهڪ ڏئي کين منهن ۾ ڀونڊو ڏيندو هيو. اهڙي ٻهروپئي هڪ دفعو ماڇي بدمعاش سان حرڪت ڪئي. ٻهروپئي کي خبر نه هئي ته ڪو ماڇي شهر جو داداگير ۽ چاقوباز آهي. ان سروٽو جيئن ماڇيءَ کي اولاريو ته ماڇيءَ کيسي ۾ هٿ وڌو. ٻهروپئي سمجهيو ته ڊڄي ويو آهي پئسا ٿو ڪڍي. گهڙي گذري ته کيسي مان چاقو ڪڍي ٻانهن ۾ وهائي ڌڪو ڏنائينس. ٻهروپئي جو سڄو ميڪ اپ وڃي هيٺ ڪريو. ٻهروپيو ظاهر ٿي پيو. اهو مسڪين صورت وارو هڪ دربدر مهاجر هيو،جنهن کي ڪليم ۾ اڃان ڪا ملڪيت نه نڪتي هئي. اهو روئڻ لڳو ۽ ٻانهن کي هٿ سان جهلي چيائين “خدا خانو خراب ڪريئي، سمجهين نه پيو ته اهو منهنجو روزگار آهي.”
روهڙيءَ جون گهٽيون اهڙيون ته سوڙهيون آهن جو شل نه ڪو ميلو لڳي يا محرم جو ماتم ٿئي. ماڻهو ائين ڦاسندا آهن جيئن غريب جي گهر ۾ ٻار.
بابي سان جڏهن به وار مبارڪ تي ويس ته چيڀاٽجندي بچيس. خاص ڪري گنبذ جي سوڙهي دروازي مان لنگهڻ وقت، جنهن جي چائنٺ تي گول چانديءَ جا روپيا لڳل هوندا هيا. اندر وڃبو هيو ته گنبذ نسبتن ويڪرو هوندو هيو جنهن جي وچ تي هڪ ڏوليءَ نما ڪاٺ جو ڪٽهڙو هوندو هيو جنهن ۾ خليفو ڪارا ڪپڙا پائي ويٺل هوندو هيو. جڏهن ماڻهو ڪٽهڙي چوڌاري گڏ ٿيندا هيا ته اهو هڪ چمڪندڙ پيٽي کولي ان مان سوني ڏيٽي ڪڍندو هيو ۽ پوءِ نڪ تي سائو رومال ڏئي وڏي احتياط سان مٿي کڻندو هيو ته متان ساهه کڻڻ ڪري ڏيٽيءَ ۾ پيل وار اڏامي نه وڃي. چوڌاري بيٺل ماڻهو “سبحان الله” چوندا هيا ۽ هٿ کڻي دعا گهرندا هيا. سڪن اڇلائڻ جو ٽڙڪو پئجي ويندو هيو ۽ خليفي جي ڏوليءَ چوڌاري سڪا ۽ نوٽ ائين پيل هوندا هيا جيئن صدين کان ڪنهن کنيائي نه هجن.
اسان هر سال وار مبارڪ جي زيارت تي ويندا هياسين ۽ جڏهن به لانچ ساڌ ٻيلي وٽان لنگهيندي هئي ته ڄڻ ان جي رفتار آهستي ٿي ويندي هئي. ساڌ ٻيلي جي ٻاهرين ڀت نظرن اڳيان گول ڦرندي هئي ۽ ان جا مور، وڻ، ٽڻ، عمارتون ۽ مندر هلندڙ لانچ مان ڪنڌ ورائيءَ ڏسبو هيو ته تجسس مان ڄڻ اسان ڏي نهاريندا هيا.
ستين ڪلاس ۾ موهن لال منهنجو دوست هيو جيڪو موچي بازار ۾ رهندو هيو. هيٺان فونن جي رڪارڊن جو دوڪان هيو ۽ مٿان گهر هيو. ڪڏهن موچي بازار مان لنگهڻ ٿيندو هيو ته موهن سان ضرور ملندو هيس. هيٺ دوڪان ۾ موهن جو پيءُ ويٺل هوندو هيو، جنهن جي فلاسافرن جهڙي پر فڪر ۽ اداس منهن جون ڏاڙهي مڇون ائين ڪوڙيل هونديون هيون جيئن تازو شيوو ڪري آيو آهي. اڳيان ٺوڙهه ۽ پاسن کان وڏا وار هوندا هيا جيڪي ذري گهٽ سندس ڪلهن تائين لڙڪندا هيا. ان کي پاجامو ۽ اڇو ڪڙتو پاتل هوندو هيو. مان دوڪان تي چڙهي ان سان هٿ ملائيندو هيس ۽ موهن سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪندو هيس. اهو دوڪان ۾ هڪ ڊگهي ڪائونٽر اڳيان مون کي اسٽول تي ويهڻ لاءِ چوندو هيو ۽ ان جو نوڪر مٿي ڏاڪڻ تي چڙهي وڃي موهن کي اطلاع ڏيندو هيو. مان ڏسندو هيس. رڪارڊن جو اهو دوڪان اجڙيل ۽ زبون حال هوندو هيو. هر طرف مٽي هوندي هئي ۽ ڪوئا گهمندا هيا. بي ترتيب رڪارڊ جيڪي اسڪولن ۾ استعمال ٿيندڙ سليٽن جهڙا هوندا هيا، هر طرف ڦهليل هوندا هيا. مون ڪڏهن ان دوڪان تي ڪنهن گراهڪ کي چڙهندي نه ڏٺو. اهو اداس پوڙهو ڪائونٽر پويان ڊگهي ڪرسيءَ تي ويهي دوڪان ٻاهران انهن سوچياڻين کي ويٺو ڏسندو هيو جيڪي جوتن ٺاهڻ ۾ مصروف هونديون هيون. رنگين ڪپڙا پاتل اهي سوچياڻيون بازار ۾ دوڪانن ٻاهران ٿلهن تي ويهي چمڙو سبنديون هيون ۽ انهن جي ڀرسان ڏاڍيون خوبصورت جتيون رکيل هونديون هيون. پوڙهو انهن ڏانهن حسرت مان ڏسي ڄڻ پنهنجا اهي ڏينهن ياد ڪندو هيو جڏهن گرامو فونن جو عروج هيو ۽ سندس رڪارڊ ٿوڪ جي حساب سان وڪرو ٿيندا هيا. ان جي آمدنيءَ جو ذريعو ختم ٿي چڪو هيو، بلڪل ان چراغ جي تيل جيان جيڪو ڪائونٽر تي ان سامهون رکيل هوندو هيو. اهو پتل جو الهدين جي جادوئي چراغ جهڙو ڏيئو مون کي ان پوڙهي جي ڪائونٽر کانسواءِ ڪٿي به نظر نه آيو. ريڪارڊن ۽ فونن جو دور ختم ٿي چڪو هيو نه ته مون کي ياد آهي جڏهن چئن سالن جو هيس ته اهو فوني جو عروج هيو.
بئراج روڊ تي محمدو ۽ مکڻي جا مشهور هوٽل هوندا هيا. صبح جي پهر انهن هوٽلن کي ٻهاري ڏني ويندي هئي ته سوين سئيون ميڙي هوٽل کان ٻاهر اڇلايون وينديون هيون. انهن هوٽلن ۾ فوني تي گانا وڄندا هيا ۽ سليٽ جهڙي هر رڪارڊ هلائڻ لاءِ فوني جي آرم ۾ نئين سئي وڌي ويندي هئي، ڇو جو هر رڪارڊ کانپوءِ ان جي چهنب گسي ويندي هئي ۽ ٻئي رڪارڊ تي استعمال ڪرڻ جي قابل نه هوندي هئي.
اهي گرينائيٽ جا رڪارڊ شيشي جي گلاسن کان گهٽ ڪونه هوندا هيا. ڪرندا هيا ته ڀڄندي دير نه ڪندا هيا ۽ جيڪڏهن هڪ دفعو انهن رڪارڊن ۾ گهاري پئجي وڃي ته سئي ان ۾ اٽڪي پوندي هئي ۽ رڪارڊ وڄندي گاني ۾ هر هر ساڳيو لفظ پيو ورجهائبو هيو. هڪ دفعو ائين ئي ٿيو. اسان صبح جي وقت محمدوءَ جي هوٽل ڀرسان بند پيل پان جي پڙيءَ جي دڪي تي ويهي گانا ٻڌي رهيا هياسين. رڪارڊ ۾ گهاري هجڻ ڪري گانو هڪ هنڌ اٽڪي پيو ۽ هر هر اهو لفظ ورجهائڻ لڳو. ان گاني جو مصرعو هن ريت هيو ته “آئي ملن کي رات پيا، ڌڙڪ رها هي موراجيا” جڏهن گاني ۾ ملن لفظ آيو ته ميم ڪٽجي ويو ۽ جيڪو لفظ ورجهائجي رهيو هيو. ان تي هوٽل ۾ ويٺل سڀني ماڻهن وٺي ٽهڪ ڏنا. محمدوءَ فوني جي آرم کي رڪارڊ تان هٽايو ۽ رڪارڊ کي هوٽل جي در کان ٻاهر ڦٽو ڪيو. در ٻاهران بيٺل ڪتا ان کي نوسڻ لڳا.
محمدو متارو مڙس هيو جيڪو سرائيڪي ڳالهائيندو هيو. ان کي وڏي گوڏ ٻڌل هوندي هئي ۽ گريبان جا بٽڻ کليل هوندا هيا. ڪنهن سان وڙهندو هيو ته هوٽل ۾ پيل سوڍا واٽر جي ڪريٽن مان بوتلون ڪڍي ان کي اڇلائي هڻندو هيو. پاڻ سٺو ماڻهو نه هيو پر ان جي اولاد نيڪ ۽ پرهيزگار ثابت ٿي جيڪا هن کي هڪ لوٽي وڄائيندڙ ميراثڻ مان ڄائي، سکر جي بئريج روڊ تي لوٽي وڄائيندڙ ميراثڻين جا ميڙ هوندا هيا. اهي ٽولي جي صورت ۾ هر دوڪان ۽ هوٽل تي وڃي جست جو لوٽو وڄائي ڳائينديون هيون. ماڻهن انهن کي خيرات ڏيندا هيا ۽ موج مستيون ڪندا هيا. محمدوءَ جو هڪ اهڙي لوٽي واريءَ سان عشق ٿي ويو ۽ اها عورت شاديءَ کان پوءِ مرڻ تائين شرافت سان ان جي گهر ۾ رهي.
چاچي وٽ به هڪ گرامو فون هيو جيڪو هڪ ڪاري آبنوسي ٽيبل تي رکيل هوندو هيو، جڏهن گرامو فون جي آرم ۾ سئي وجهي گول ڦرندڙ رڪارڊ تي رکندو هيو ته ڀونپوءَ جي ٿلهي نڙيءَ مان سنهو آواز اڀرندو هيو. اهو چاٻيءَ تي هلندو هيو. هڪ ڏينهن چاٻي ڏيندي ان جو اسپرنگ ڀڄي پيو ۽ چاچي کي اهو گرامو فون ڪنهن ڪٻاڙيءَ کي سستي اگهه تي وڪڻڻو پيو. باقي ان جو ڀونپو هڪ ويران ڪوٺيءَ ۾ پيل هوندو هيو جنهن کي اسان ٻار رمضان جي مهيني ۾ روزي رکڻ کانپوءِ بک محسوس ٿيڻ ڪري ٽپهريءَ جو منهن تي رکي گهگهو وڄڻ جهڙو آواز ڪڍي روزي کلڻ جو اعلان ڪندا هياسين. آبنوسي ٽيبل حوريءَ ۾ پيل هوندي هئي، جنهن جي هڪ ڄنگهه تي ماکيءَ پنهنجو ديرو ڄمايو. اتي هڪ وڏو ماکيءَ جو مانارو هوندو هيو. هڪ دفعي مان لڪي ماکيءَ جي ماناري کي پٿر هڻي رهيو هوس. ماکيءَ جي مکين مون تي حملو ڪيو ۽ منهن سڄي ويو. مون کي ماکيءَ جي مکين کان ايڏو خوف محسوس ٿيو جو جڏهن اهي آبنوسي ٽيبل تان اٿي هليون ويون ته مان ٽيبل کي ڏسي ڊڪ ڀريندو هيس جيئن مکيون ڪڍپيون هجن.
ساڌ ٻيلي جو اهو ميلو مون کي ياد آهي جڏهن اسان جي گهر ۾ شيشي جو گلاس ڀڳو. ان شيشي جي گلاس جي ڀڄڻ پويان منهنجو هٿ گهٽ ميلي جو وڌيڪ هيو. بابي ان رات افسوس ڪندي چيو، “ڇورا اهو ميلو لڳوئي ان ڪري جيئن اسان جي گهر ۾ شيشي جو گلاس ڀڄي.”
هڪ دفعي موهن لال صلاح ڪئي ته “مون سان گڏ ميلي ۾ هلو.” اسان جنهن ۾ مون کانسواءِ سوٽ ۽ عبدالقادر شامل هياسين. موهن لال جي صلاح تي غور ڪيوسين ته منجهي پياسين. “يار اسان مسلمان ميلي ۾ ڪيئن هلنداسين، ڪنهن پڪڙيو ته تون ڇڏائيندين؟”
موهن اعتماد سان چيو “پرواهه نه ڪيو، مان هوندس نه.”
اسان موهن جي ڳالهين ۾ اچي ميلي واري ڏينهن وڃي راڄ گهاٽ پهتاسين ته رش لڳي پئي هئي، موهن کي ڳولهيوسين. موهن ڪٿي مليو ئي ڪونه. گهڻي دير پتڻ تي ويهي ان جو انتظار ڪندا رهياسين ته متان هيڏانهن هوڏانهن ظاهر ٿي پر اهو نظر نه آيو. نيٺ اسان ٽنهي فيصلو ڪيو ته جڏهن گهر کان سنڀري نڪتا آهيون ته موٽڻ ڪهڙو؟ ٽنهي ڪنڊ ۾ وڃي صلاح ڪئي ته ميلي گهمڻ لاءِ واڻيو ٿيڻو پوندو، ان ڪري نالا مٽاياسين ته جيڪڏهن ڪو پڇي ته ان کي واڻڪا نالا ٻڌائي جان ڇڏائينداسين. مون پنهنجو نالو ڀڳت رام رکيو، سوٽ مهيش لال ۽ عبدالقادر کي چيو ته “تون لعل ڪمار آهين.”
اسان ٽهي سنڀري اچي پتڻ تي بيٺاسين. سڀ هندو ٽولا ٽولا ٿي پتڻ تان “جهولي لال” جا نعرا هڻي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي رهيا هيا. پتڻ تي هڪ ديوان ڪرسي وجهي ويٺو هيو، جيڪو ٻيڙيءَ ڏانهن ويندڙ ماڻهن جي چڪاس ڪري رهيو هيو. مان ۽ سئوٽ ته رش ۾ جهولي لال جا نعرا هڻندا ان ديوان کان اک بچائي وڃي ٻيڙيءَ ۾ ويٺاسين. پويان عبدالقادر ڊڄندو اچي رهيو هيو. ڪرسيءَ تي ويٺل ديوان کي شڪ پيو. هن عبدالقادر کي سڏ ڪيو.
“اڙي ڇورا هيڏي اچ.”
عبدالقادر گهٻرائجي ويو ۽ هوريان هوريان ان وٽ ويو.
ديوان پڇيس، “نالو ڇا ٿي؟”
ٺهه پهه جواب ڏنائين “لعل ڪمار”
ديوان وري پڇيس “پيءُ جو نالو ڇا ٿي؟”
عبدالقادر منجهي پيو ۽ تڪڙ ۾ چيائين “عبدالغفور”
ديوان کليو ۽ چيائينس “وڃ وڃي ٻيڙيءَ ۾ ويهه. هن دفعي ڇڏيان ٿو ٻئي دفعي اهڙي حرڪت نه ڪجانءِ.”
اندر وياسين ته موهن لال کي ڳولهي لڌوسين. جيڪو هڪ ڪنڊ ۾ ويٺو هيو ۽ گهڻي ڀنگ پيئڻ ڪري اسان کي وساري ويٺو هيو. اوچتو ٽنهي کي سامهون ڏسي ڇرڪ نڪري ويس. اٿيو ۽ هٿ ملائي ٽهڪ ڏيڻ لڳو. مان خاموش طبيعت واري موهن کي اڳ ايڏا ٽهڪ ڏيندي ڪڏهن نه ڏٺو هيو. مون ساڌ ٻيلو پهريون دفعو ان ميلي ۾ ڏٺو. وار مبارڪ تي روهڙيءَ ويندي لانچ مان ڏسڻ وقت جيڪا ان جي پراسراريت هئي اها اندر وڃي ڏسڻ سان ڪافور ٿي وئي. اندر ڪو به انتظام نه هيو. هر هنڌ ماڻهن جو گند پيل هيو. ويهڻ جي جاءِ نه هئي. اسان کي موهن لال ڪنول جي پن ۾ چانور وٺي کائڻ لاءِ ڏنا. جيڪي بي ذائقي ۽ اڻ وڻندڙ هيا. چانور عبدالقار جي نڙيءَ ۾ ڦاسي پيا. جنهن پاڻي پيئاريندڙ شخص کي زور سان سڏ ڪيو. “او ادا پاڻي ته پيئار.” موهن لال هن کي ٻانهن ۾ هٿ وجهي جهليو ۽ آهستي چيو “پاڻي نه جل چئه. نه ته ماڻهو سمجهندا تون مسلمان آهين.” عبدالقادر محتاط ٿي ويو ۽ پاڻي پي چانور پاسي کان ڦٽي ڪيائين. ساڌ ٻيلي اندر ڪو به بت سلامت نه هيو. هر ڪنهن جا عضوا ڀڳل هيا. جن جي سادي پلاسٽر سان مرمت ڪئي وئي هئي جنهن ڪري انهن جي بي ڍولائيءَ ۾ اضافو ٿي ويو هيو.
مون کي ساڌ ٻيلو تڏهن وڻيو هيو جڏهن گهڻي وقت کانپوءِ اسان سکر جا اديب پرمٽ وٺي گهمڻ وياسين. ان وقت ٻيلي جي سانت مون کي متاثر ڪيو هيو. اتي هڪ ٻائو ڪتي سان رهندو هيو جيڪو اڪيلائپ کان ايڏو ته بيزار هيو جو جڏهن اسان اتي پهتاسين ته وچ ۾ ويهي ٻائو ڳالهائي رهيو هيو ۽ اسان چپ هياسين. ائين ٿي محسوس ٿيو جيئن گهڻي وقت کانپوءِ ٻائي کي ڳالهائڻ جو موقعو مليو آهي. جڏهن ٻيلي ۾ گهميا هياسين ته هڪ لائبريري نظر آئي هئي، جنهن کي تالو لڳل هيو ۽ ڪٽ لڳڻ ڪري تالو ايڏو ته مضبوط ٿي چڪو هيو جو اسان اديبن وس ڪيا ته ان کي ٽوڙي اندر داخل ٿيون پر هر ڪوشش ناڪام ٿي وئي. هڪ اديب همت ڪري وڏي سر کڻي تالي کي ان سان ڀڃڻ جا جتن ڪيا پر تالي کي ڪٽ جڪڙي ڇڏيو هيو. ناڪاميءَ کي سامهون ڏسي ڪنهن اديب جي روشندان تي نظر پئي ته اتي ڪجهه ڪتاب رکيل هيا. هڪ ٻئي کي ڪلهن تي چاڙهي هڪ اديب کي روشندان تائين پهچايائون. ان جي ٻانهن اندر وئي، هڪ ٿلهو ڪتاب ان جي هٿ ۾ اچي ويو جنهن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي آيو. اسان ڏٺوسين اهو ديونا گري زبان ۾ هيو. اسان مان ڪنهن کي سمجهه ۾ نه آيو. گهڻي وقت کانپوءِ جڏهن هڪ اهڙي عالم سان ملاقات ٿي جيڪو ديونا گري پڙهڻ ڄاڻندو هيو ته ان کي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ گهرائي اهو ڪتاب ترجمو ڪري ٻڌائڻ لاءِ ڏنوسين. ان گڏجاڻيءَ ۾ اهو ڪتاب پڙهي ٻڌايو. ان جو ترجمو اهڙو هيو جيئن “بابا اخباري” جي تقرير جيڪا ٻڌندڙ کي صفا سمجهه ۾ نه ايندي هئي. اهو “بابا اخباري” جيڪو مهاجر هيو ۽ عمر اٽڪل سٺ سالن کان مٿي هيس. ان کي ويڙهيل اخبار سدائين هٿ ۾ هوندي هئي. جڏهن به اسڪول کان موٽندا هياسين ته اهو گهنٽا گهر تي حسيني بڪ اسٽال جي ڀرسان فٽ پاٿ تي اردوءَ ۾ تقرير ڪندو هيو. هندستاني ليڊرن کان ان حد تائين متاثر هيو جو سندس دماغ جي ڪل ٿڙي وئي هئي. اهو هٿ ۾ جهليل ويڙهيل اخبار هوا ۾ لهرائي اهڙي تقرير ڪندو هيو جو هڪ لفظ به سمجهه ۾ نه ايندو هيو. ان چوڌاري ماڻهو گڏ ٿيندا هيا ۽ ٿوري دير ٻڌي هليا ويندا هيا ۽ وري ٻيا گڏ ٿيندا هيا. “بابا اخباري” جون ڳالهيون ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه آيون. مون کي ان وقت حيرت لڳي. جڏهن هڪ ڏينهن پوليس “بابا اخباري” کي گرفتار ڪري وٺي پئي وئي. اهو ٽانگي جي پوئين سيٽ تي ويٺل هيو، کيس هٿ ڪڙيون لڳل هيون ۽ ٻنهي پاسن کان پوليس وارا ويٺل هيا.
اهو ساڌ ٻيلي جي لائبريريءَ مان چورايل ڪتاب پوءِ ڏونگر نالي هڪ اديب کي ادبي سنگت جي گڏ ٿيل چندي مان ڪرايو ڏئي ميونسپل وارن کان پرمٽ ڪٽرائي ڏنو ويو ته ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ساڌ ٻيلي جي لائبريريءَ ۾ واپس ڦٽي ڪري اچي. اهو ڏونگر نالي اديب جنهن “ڏاڪڻ” نالي ڪهاڻي لکي هئي ۽ دوستن کي پراڻي پيٽي کولي ان مان رنگ مليل پاڻيءَ واري اڌ ڀريل بوتل ڪڍي ڏيکاري چوندو هيو ته “رات پيتو اٿم ٿورو بچي پيو آهي.”
ان اديب ڪرايي جا پئسا کيسي ۾ وڌا ۽ پوءِ خبر پئي ته هن اهو ڪتاب راڄ گهاٽ وٽ سنڌوءَ ۾ اڇلايو هيو. اهو اديب ڪڏهن نه سڌريو. ان هڪ سال ۾ ٽي سو پنجهٺ نالا بدلايا ۽ سندس آخري نالو ڏونگر هيو. هفتي جا ست ڏينهن روز ان جي منهن جو رنگ بدليل هوندو هيو. سومر تي ڪارو، اڱاري تي ڳاڙهو، اربع تي نارنگي، خميس تي هيڊو، جمعي تي سائو، ڇنڇر تي ناسي ۽ آچر واري ڏينهن جڏهن سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ ايندو هيو ته منهن اڇو هوندو هيو. ان اديب پوءِ ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون ۽ هڪ مزار تي ويهي تعويذ لکندو هيو. هن جي تعويذن ۾ منهنجين ڪهاڻين جا جملا لکيل هوندا هيا، ڇو جو مان جڏهن به سنگت ۾ ڪهاڻي پڙهندو هيس ته هو تنقيد ڪندي پين کيسي مان ڪڍي ڪهاڻيءَ جي جملن هيٺان لڪيرون پائي چوندو هيو، “اهي غير ملڪي اديبن جا چورايل آهن.”
سو اهو شيشي جي گلاس ڀڄڻ جو قصو ائين آهي ته جڏهن مان موهن لال کان موڪلائي دير سان گهر موٽيس ته بابو سمهيل هيو. اڄ لڳي هئي. رنڌڻي ۾ وڃي گلاس کڻي پاڻي پي جيئن رکڻ وقت گهڻو احتياط ڪيم ته کڙڪو نه ٿي. گلاس هٿ مان ترڪي هيٺ ڪري پيو ۽ ڀڄي پيو، بابي اندران رڙ ڪئي “ڪنهن ڀڳو؟”
پوءِ اٿي ڏٺو. مان چپ ڪري بيٺل هيس.
“جيڪڏهن اسٽيل جي گلاسن هوندي اسان شيشي جا گلاس استعمال ڪنداسين پوءِ ائين ته ٿيندو.” هن چيو.
مان منهن خراب ڪري ڪمري ۾ ويس ته هو پويان آيو.
“ڪاڏي ويو هئين؟” هن پڇيو.
“ميلي ۾”
پوءِ هن ٿڌو ساهه کنيو ۽ واپس ويندي چيو “پٽ تنهنجو ڪهڙو ڏوهه، اهو ميلو لڳو ئي ان لاءِ هيو ته شيشي جو گلاس ڀڄي.”

باب نائون

شيشي جا گلاس ڀڄي پورا ٿيندا هيا ته ڪجهه نه ڀڄڻ ڪري ڄڻ دل ڀڄي پوندي هئي. گهر ۾ ڪنهن کي مزو ئي نه ايندو هيو، ائين لڳندو هيو هر طرف ويراني ڦهليل آهي، اسين ڪنهن اهڙي ريگستان ۾ ويٺا آهيون جتي مينهن نه وسڻ ڪري ڍور ڍڳا مري چڪا آهن، کوهه سڪي چڪا آهن ۽ اسين بي حد اڃايل آهيون. بابو اهڙي صورتحال ڏسي هڪ دفعي پاڪستاني گلاس وٺي آيو جيڪي بي ڍولا هيا، غور سان ڏسڻ کانپوءِ انهن اندر سنها بلبلا پئي ڏسڻ ۾ آيا جيڪي بناوٽ دوران هوا جي رهجي وڃڻ ڪري وجود ۾ آيا هيا. اهي ڀتا گلاس مٽيءَ جي انهن کونجن کان به بيڪار هيا جيڪي کونجا شيدي بادشاهه جي مزار ٻاهران مٽڪن تي رکيل هوندا هيا.
شيدي بادشاهه جي مزار بئراج روڊ تي چڪلي سامهون آهي. مان اسڪول ايندي ويندي ان مزار اڳيان لنگهيندو هيس. جڏهن به ڪو ٻار مزار اڳيان لنگهيندو هيو ته نوڙي شيدي بادشاهه کي سلام ضرور ڪندو هيو. ٻارن کي ڏسي مون به ٻه چار دفعا نوڙي سلام ڪيو. اڃ لڳندي هئي ته ٺڪر جو کونجو ڀري مزار ٻاهران ٿلهي تي رکيل مٽڪن مان پاڻي پيئندو هيس. اندر شيدي بادشاهه جي مزار هئي جنهن تي سدائين تازا گلاب چڙهيل هوندا هيا ۽ اگر بتيون ٻرنديون هيون. اهي اگر بتيون ۽ تازا گلاب “دلبري” پنهنجن هٿن سان چاڙهيندي هئي. مون “دلبريءَ” کي ڪيترا دفعا اتي دعا گهرندي ڏٺو. شايد انهن دعائن جي بدولت دلبريءَ وڏي ترقي ڪئي. انبالا هوٽل سامهون هن چڪلي ۾ ڇهه ماڙ عمارت تعمير ڪرائي، جنهن ۾ پنجويهه ڪمرا هوندا هيا. هر ڪمري اڳيان ستن اٺن ماڻهن جي قطار هوندي هئي ۽ قطار ۾ موجود هر ماڻهوءَ جي کيسي ۾ اٺ ڏهه روپيا ضرور هوندا هيا. جڏهن هجرت کان چوڏهن سئو سال پوءِ سکر ۾ اسلام نافذ ٿيو ته اها عمارت ويران ٿي وئي ۽ دلن بصرن جو ڪاروبار شروع ڪيو.
لال بازار جي کاٻي پاسي ڍورن جي اسپتال هئي. هيڊي پٿر مان ٺهيل اسپتال جي ٻن ڪمرن اڳيان وسيع ميدان هوندو هيو. صبح جي پهر ان ميدان ۾ ڍورن کي دسي هڪ ڊاڪٽر وڏيون پتل جون سيون ڀري هڻندو هيو ۽ شام جو ساڳيو ڊاڪٽر بئراج روڊ تي ماڻهن جو علاج ڪندو هيو. دوا ساڳي هوندي هئي، ڇڙو سئيءَ جو فرق هوندو هيو. ماڻهن کي اهو پتل جي ٿلهي سئيءَ بجاءِ ٻاٽلي ۾ ٽهڪايل شيشي جي سئي هڻندو هيو. ان کان ڍور گهٽ ۽ ماڻهو وڌيڪ علاج ڪرائيندا هيا. اهو ڊاڪٽر قد جو ننڍو ۽ ڦڙتيلو هوندو هيو. مٿي تي ٽوپلو ۽ بَو ٻڌل هوندي هيس. هن کي هٽلر جهڙيون مڇون هونديون هيون. تمام گهڻو ڳالهائيندو هيو ۽ هر ڳالهه کانپوءِ “صلي الله.... صلي الله” چوندو هيو. سندس دوڪان جي هڪ پاسي گاسليٽ جي چلهي تي ٻاٽلو رکيل هوندو هيو جنهن ۾ سدائين سُيون پيون ٽهڪنديون هيون ۽ مريض به تڏهن مطمئن ٿيندا هيا جڏهن کين سئي لڳندي هئي، جيڪڏهن ڪنهن کي سئي نه هڻندو هيو ته اهو پاڻ فرمائش ڪندو هيو، “ڊاڪٽر سئي نه هڻندين ته چاڪ چڱو ڀلو ڪيئن ٿيندس؟”
ان ڊاڪٽر جي “ڀولي واري سئي” تمام مشهور هئي. ماڻهو پري پري کان ڀولي واري سئي هڻائڻ ايندا هيا. ان سئيءَ جي دٻي مٿان هڪ ڀولي جي تصوير هوندي هئي. اهو ڀولو ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي ويٺل هوندو هيو ۽ سندس ڪنڌ هيٺ ائين جهڪيل هوندو هيو جيئن فڪرمنديءَ مان پنهنجي انگ ڏانهن ڏسندو هجي. ڀولي واري سئي لڳڻ ڪري مڙسيءَ کان ويهجي ويل ماڻهو چاڪ چوبند ٿي ويندا هيا. شهر جا کدڙا فقير هر دوڪان تي تاڙيون وڄائي خيرات وٺندا هيا پر ڊاڪٽر جي دوڪان تي نه ايندا هيا، اهي پاسيرا ٿي لنگهي ويندا هيا. ڊاڪٽر ڪنهن مريض کي سئي هڻندي انهن کي ڏسندو هيو ته پريان سئي ڏيکاري کين چوندو هيو “کدڙن جو علاج... هڪ سئي.”
هو سئي هڻي دٻيءَ کي ڌاڳي ۾ لڙڪائي ڇڏيندو هيو. ان جي دوڪان ۾ سئين جون دٻيون جهنڊين جيان لڙڪنديون هيون. تڏهن ايم بي بي ايس ڊاڪٽر نه هجڻ جي برابر هوندا هيا ۽ اهو ڍورن جو ڊاڪٽر بئراج روڊ تي وڏو ڊاڪٽر هيو. جڏهن ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آيا ته ان جي ڪلينڪ ويران ٿي وئي. کيس سهڪي جي بيماري ٿي پئي، ڪنهن کيس ڏس ڏنو ته گجرانوالا ۾ هڪ اهڙو سرجن آهي جيڪو ڳچيءَ وٽان نَس ڪٽي ٿو ته ماڻهوءَ جو سهڪو ختم ٿي وڃي ٿو. هن کي خبر نه هئي ته ڪو گجرانوالا جو اهو ڊاڪٽر به عطائي آهي. جڏهن ان کان نَس ڪٽائي موٽيو ته مهيني اندر مري ويو. ڍورن جي اها اسپتال بند ٿي وئي. ميونسپل وارن اسپتال کي سبزي منڊيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جتي بصر، پٽاٽن ۽ هنداڻن جا ڍير لڳل هوندا هيا.
“دلبريءَ” جا سڀ دلال سبزي منڊيءَ جا دلال بڻجي ويا ۽ اهي بصرن مٿان بيهي انهن کي ائين نيلام ڪندا هيا جيئن مصر جي بازار ۾ جسم نيلام ٿيندا هجن. ماڻهن جا ميڙ واڪ ڏيندا هيا. “هڪ... ٻه... ٽي.” ڳڻڻ کانپوءِ اهو بصرن جو ڍير وڪامي ويندو هيو.
لال بازار جي سڄي پاسي پير ڳوٺ اسٽينڊ ڏي ويندڙ رستي تي هڪ وڏي ٽانڪي ٺهيل هوندي هئي. اها ٽانڪي ڏسڻ ۾ صفا ٿڌي پاڻيءَ جي سبيل جهڙي هوندي هئي پر اها سبيل نه، تاڙيءَ جي ٽانڪي هئي. جنهن هيٺان هڪ نل لڳل هوندو هيو ۽ پاسي سان ويٺل هڪ شخص پئسا وٺي تاڙي ڀري ڏيندو هيو. ماڻهو اتي بيهي پيئندا هيا يا گهران برتن کڻي ايند اهيا. اهو شخص چئن آنن ۾ دلي ڀري ڏيندو هيو. تاڙي ڇڊي ڏڌ جهڙي هوندي هئي، جنهن جي پيئڻ سان نشو طاري ٿيندو هيو. تاڙي سنڌ جو تاريخي بيئر آهي. سکر جي ڀرپاسي کجين جا باغ آهن جيڪي خيرپور ۽ گمبٽ تائين ڦهليل آهن. اهي انهن ڏينهن جا يادگار آهن جڏهن محمد بن قاسم اروڙ تي حملو ڪيو. عرب فوجن کارڪون کائي کوکڙيون اڇلايون ته اهي وڻ ٿي پيا. سنڌ جي موسم عرب جهڙي آهي جنهن ڪري هتي به رسيل کارڪون عام آهن. تاڙي کجين جي پيداوار آهي. کجيءَ جي ٿڙ ۾ سوراخ ڪري برتن ٻڌو ويندو آهي. تاڙي کير جيان ٽيپو ٽيپو وهي برتن ۾ گڏ ٿيندي آهي. ننڍي هوندي مون هڪ ٻار کي گهٽيءَ ۾ ڪريل ڏٺو هيو، ان جي پيءُ جنهن جو نالو “بادل” هيو تاڙي پيئندو هيو، سندس گهر ۾ هڪ دلي سدائين تاڙيءَ سان ڀريل هوندي هئي. ٻار به گلاس ڀري پيتو هيو ۽ نشي ۾ اونڌي منهن ڪري پيو هيو. ائين اونڌي منهن ڪريل مون “سڪندر” کي به ڏٺو هيو، جيڪو ذات جو ڊکڻ ۽ ڪاٺ جو لاجواب ڪاريگر هيو، ان اسان کي هڪ خوبصورت مڇرداني ٺاهي ڏني هئي جنهن ۾ کاڌو محفوظ رکيل هوندو هيو. مان رسيس مهل اسڪول کان ڀڄندو گهر ايندو هيس ۽ اها مڇر داني کولي ماني ڪڍي کنڊ وجهي گول ڪري کائيندو هيس. سڪندر جي ماءُ مري وئي ۽ ماءُ جي غم ۾ هو صفا چريو ٿي پيو. نشو ڪندو هيو ۽ پاڙي ۾ اونڌي منهن پيل هوندو هيو. هڪ دفعي جڏهن اونڌي منهن پيل هيو ۽ اسان ٻار ان چوڌاري بيٺل هياسين ته مائي زليخان جيڪا منجهند وقت کٽاڻ ورتيون پئي وئي ته کيس سڪندر تي رحم اچي ويو. سوچيائين، جوان ڇوڪرو آهي، ڇو نه کٽاڻ کارايان، سندس نشو ٽٽي ۽ گهمڻ ڦرڻ جهڙو ٿئي. مائي زليخان کٽاڻ وٽيءَ ۾ وجهي سڪندر کي ڏني ۽ چيائينس “پٽ بک لڳي هوندئي، کاءُ.”
سڪندر سمجهيو، شايد ٻوڙ آهي جيئن ڍڪ ڀري ڳيت ڏنائين ته وٺي رڙيون ڪيائين.
“پاڻي ڏيو... پاڻي ڏيو.”
مان ڊڪندو گهر ويس ۽ شيشي جي گلاس ۾ پاڻي ڀري آيس. هن پاڻي پي، شيشي جو گلاس مائي زليخان کي وهائي ڪڍيو.
“خدا جي مار پوئي رن، منهنجا نشا ئي ٽوڙي ڇڏيئي.”
گلاس مائي زليخان کي ڄنگهه ۾ لڳو ۽ روڊ تي ڪري ڀڄي پيو.
زليخان ڄنگهه مهٽيندي چيو.
“اڙي ابا پٽ جيڏو آهين، ڇو ٿو جواني برباد ڪرين.”
مان سوچڻ لڳس. ان جي جوانيءَ کي لڳي باهه، اسان جو شيشي جو گلاس ڀڄي پيو.
سکر ۾ کجيون گهڻيون هجڻ ڪري کارڪون جام ٿينديون هيون. تڏهن پيڪنگ ڪرڻ واريون فيڪٽريون نه هيون ۽ نه ئي کوکڙيون ڪڍي انهن ۾ بادام وڌا ويندا هيا. بازارون کارڪن سان ڀريل هونديون هيون. گهٽين ۾ ٽاڪ منجهند جو جڏهن ڪانءَ جي اک نڪرندي هئي. گاڏي وارا هوڪا ڏيندا هيا.
“پئسي پاءُ، جهول ڀري کاءُ.”
سکر جي گرميءَ ۾ گاڏن تي کارڪون ائين رجنديون هيون جو گاڏي جي پاسن کان رسُ ماکيءَ جي لار جيان ٽيپو ٽيپو ٿي گرم روڊ تي ڳڙندي هئي. کپت کان اپت وڌيڪ هئڻ ڪري مارڪيٽ ۾ ڌپ ڪري ويل کارڪن جا ڍير هوندا هيا. ٽرانسپورٽ نه هجڻ ڪري اهي شهر ۽ پسگردائيءَ تائين محدود هونديون هيون. مون تڏهن بازار ۾ کارڪن جا اهڙا قسم ڏٺا جيڪي اڄڪلهه ناياب آهن. مون کي ياد آهي کارڪ جو هڪ قسم صوف جيڏو هوندو هيو جنهن ۾ تمام ننڍي کوکڙي هوندي هئي. ان کوپي قسم جي کارڪ کي جهنجڻ جيان وڄائيندا هياسين ته اندر کوکڙي کڙڪندي هئي. مون نٽهڻ اس ۾ غريب ڳوٺاڻا جيڪي کجيءَ جو مٿيون ٿڙ چيري ان مان تر مغزي ڪڍندا هيا، اڪثر شهر جي سنڌي پاڙن ۾ نظر ايندا هيا. مهاجرن کي تر مغزيءَ جي خبر نه هئي. اهي نه بهه کائيندا هيا، نه ڏوڏيون. اهي لوڙهن ۽ قمن جي نالن کان واقف نه هيا. انهن کي صرف کارڪون وڻنديون هيون. جيڪي اسلامي ڦل هيون ۽ اهو سڀ اسلام جو ڦل هيو جو کين اچڻ شرط حلوي سان ماني ملي. شهر جو گودو انهن حوالي ڪيو ويو ۽ سنڌي کل تائين محدود رهيا. مان محسوس ڪندو هيس، اهي مهاجر سنڌ ۾ اچڻ کانپوءِ ڏاڍا خوش هيا پر انهن ۾ اهڙا به هيا جن اچڻ ۾دير ڪئي ۽ سندس زندگي ڏاڍي ڏکي گذري.
ننڍي هوندي مان تر مغزي ڏاڍي شوق سان کائيندو هيس. نٽهڻ اس ۾ ان تر مغزيءَ جو ذائقو برف جهڙو هوندو هيو. اهو مون کي ڇُريءَ سان چاپ جهڙا ٽڪر ڪٽي ڏيندو هيو ۽ مان کيس فرمائش ڪندو هيس.
“تر مغزيءَ سان گڏ ٿورا ڳرڪون ڪٽي ڏي.”
اهي ڳرڪون تر مغزيءَ مٿان بيٺل هوندا هيا. ڇو جو تر مغزيءَ کي ٿڙ مٿان ان جاءِ تان ڪڍيو ويندو هيو جتان وڻ جون ڇڙيون نڪرنديون آهن.
اهي پيرون ۽ ڄانگرا ٻير جيڪي انهن ڏينهن نصيب ٿيا وري نظر نه آيا. اهي پيرون جيڪي رس سان ايڏا ته ڀريل هوندا هيا جو انهن مٿان کل ڦاٽل هوندي هئي ۽ ڄانڳرا ٻير جن ۾ رس کانسواءِ ڪجهه نه هوندو هيو. مون کي ڪنول جا گل، گلاب جي گلن کان وڌيڪ وڻندا هيا. نيري رنگ جا ڪنول هوندا هيا ۽ انهن ۾ آڙيون ترنديون هيون.
مون کي اهو جوڳي ياد آهي جنهن مون سان دوکي بازي ڪئي هئي. اهو منجهند جو مرلي وڄائيندو پئي آيو. مون در کولي ماني کيس خيرات ۾ ڏني هئي. ان جوڳيءَ ٽٻڻو کولي، مرلي وڄائي واسينگ جي لهر ڏيکاري هئي ۽ پوءِ پيار مان چيو هيو “مان ڪن ڦاڙ جوڳي آهيان. مون وٽ تو لاءِ خاص سوکڙي آهي.” منجهند جو وقت هيو. گرميءَ ڪري سڃ لڳي پئي هئي. مان جوڳيءَ جي ڳالهين ۾ اچي ويس.
“ڪهڙي سوکڙي! ڏيکار.”
جوڳيءَ هڪ اِڳڙي ڪڍي جنهن کي ڳنڍ ڏنل هئي، هن ڳنڍ ڏيکاريندي چيو، “ڏس... تون ڪيڏو نه ڪمزور ۽ هيڊو آهين. هيءَ ڳنڍ ڪپڙي ۾ سبي، ٻانهن ۾ ٻڌندين ته پيران پير توکي پناهه ڏيندو. تون ڳاڙهو ڳٽول ٿي پوندين.”
مون کي ڳالهه دل سان لڳي. مان ننڍي هوندي ڏاڍو ڪمزور هوندو هيس. پاسيريون ظاهر ٿينديون هيون. مون سوچيو جوڳي آهي، ڪوڙ ڇو ڳالهائيندو؟ مون کيس چيو “اها سوکڙي ڏي ته ڀل صحتمند ٿيان.”
جوڳي مرڪيو ۽ چيائين.
“ته پوءِ توکي به ڪا سوکڙي ڏيڻي پوندي.”
مان گهر ويس ۽ شيشي جو گلاس آڻي کيس ڏنم. جوڳيءَ ٻنهي هٿن سان گلاس ورتو، ڳنڍ مون حوالي ڪئي ۽ مرلي وڄائيندو هليو ويو.
جڏهن امڙ کي اها ڳنڍ ڏيکاريم، ٻڌايو مانس ته “اها جوڳيءَ ڏني آهي، تعويذ وانگر ڪپڙي ۾ سبي ڏي ته ٻانهن ۾ ٻڌان، ڇو جو ان چيو آهي ته ڳنڍ تعويذ جيان ٻڌڻ کان پوءِ تازو توانو ٿي ويندس.”
پهريان ته امڙ به خوش ٿي ڇو جو کيس خبر هئي ته منهنجي صحت ٺيڪ نه آهي ۽ جيڪڏهن جوڳيءَ جي دعا سان صحتمند ٿي وڃان ٿو ته ان مٿان هڪ درزن شيشي جا گلاس به قربان.
امڙ کي اها ڳنڍ ڪپڙي ۾ سبڻ کان اڳ خيال آيو ته ڇو نه کولي ڏسان ته ان ۾ آهي ڇا؟ مان امڙ کي گهڻو سمجهايو ته جوڳيءَ منع ڪئي آهي جيڪڏهن گنڍ کولينديءَ ته ان جو اثر ختم ٿي ويندو، پر امڙ هر هر آڱرين سان ڳنڍ اندر موجود شيءِ کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. اها نه مڙي ۽ نيٺ گنڍ کوليائين. ان ۾ اندر هڪ لونگ، ٻه ڪارا مرچ، ننڍو فوٽو، جيرو ۽ دالچيني پيل هيا. اهو ڏسي امڙ مايوس ٿي وئي ۽ ڏک مان مٿي تي هٿ رکي چيائين.
“ها پٽ، ڪڏهن گرم مصالحو به صحت لاءِ سٺو هوندو آهي.”

باب ڏهون

دراصل گلاسن جي ارتقا، انسانن جي ارتقا آهي. ڪو وقت هيو انسان ڪک پن ڍڪي جانورن جيان نهر مان نوڙي پاڻي پيئندو هيو. پوءِ هڪ ٻڪ ڀري پيتو ۽ گرڙي ڪئي. گرڙي ڪرڻ سان کيس صفائيءَ جو خيال آيو. جڏهن وهنجندو هيو ته نهر جي چيڪي مٽي بدن کي هڻندو هيو. هن کي چيڪي مٽيءَ جي اهميت جي خبر پئي. هن چيڪي مٽيءَ جو گهر ٺاهيو ۽ چيڪي مٽيءَ جو گلاس ٺاهي جيئن پاڻي پيئڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو رجي ويو. هن سمجهيو شايد خدا ناراض آهي. خدا ناراض ٿيندو آهي ته سج گرهڻ ٿيندي آهي، چنڊ گرهڻ ٿيندي آهي، زلزلا ايندا آهن، آنڌيون اينديون آهن، آسمان ۾ وڄ چمڪندي آهي، گجگوڙ ٿيندا آهن ۽ جيڪڏهن حد کان وڌيڪ ناراض ٿئي ته مٽيءَ جا گلاس پاڻي ڀرڻ سان رجي ويندا آهن.
پروميٿيس کي انسانن جي پيڙائن تي رحم آيو. هن ديوتائن جي باهه چورائي انسانن حوالي ڪئي. سزا طور پروميٿيس کي پٿر سان ٻڌي ڳجهون ڇڏيون ويون جيڪي هن جو جيرو کائينديون هيون ۽ سندس جيرو وري ڄمندو هيو. هزارين سالن کانپوءِ انسان کي خبر پئي ته جيري کي ٻيهر ڄمڻ جي شڪتي آهي. سائنسدانن انسانن جو بيمار جيرو ڪڍي، اندر نئين جيري پيدا ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ورتي آهي. انسانن کي پروميٿيس جي بخشيل باهه جتي گهر ساڙيا اتي رنڌڻن ۾ به دونهيون دکائيون ۽ اهڙي آوي ايجاد ٿي جنهن ۾ چيڪي مٽيءَ جا ڪچا گلاس پڪا ٿي ويا. اهو ٺڪر جي گلاسن جو دور هيو جيڪو وقت جي لحاظ کان ترقي يافته دور هيو. اهي جڏهن ٺڪر جي گلاسن ۾ پاڻي پيئندا هيا ته سجدو ڪري رب جا ٿورا مڃيندا هيا، سمجهندا هيا ته خدا راضي آهي جنهن ٺڪر جا گلاس عطا ڪيا.
اهو سوچي انهن عبادت ڪئي، رب سامهون بيهندي کين اوگهڙ محسوس ٿي، وونئڻن جا فصل عام ٿيا، ڪپهه لٿي، انهن ڪپڙا پاتا، سوم رس ڳولهي لڌو ويو ته هڪ شخص ٺڪر جي گلاس مان ڍڪ ڀريندي چيو “اسان ان هستيءَ کي وساري ويٺا آهيون جنهن اهي، ڪک ڪانا ۽ ٺڪر جا گلاس عطا ڪيا. اچو ته ان کي راضي ڪيون ۽ سوم رس جا ڀريل گلاس آڇيون.” هڪ ننڍي قد واري شخص جنهن جا ڪن وڏا هيا، ان جلدي ٻڌو ۽ لبيڪ چئي عجلت مان پڇيو، “اهو ڪٿي آهي؟ ڪيئن آهي؟”
“اهو ضرور ڀاڱيوان آهي.” ڪنهن چيو.
“ڀاڱيوان مان مطلب؟” ڪنهن سوال ڪيو.
“اهو ڏاتار آهي جيڪو ڏئي ٿو، ان ڀاڱيوان جيان جيڪو ڪنهن شيءِ کي ڀاڱا ڪري انصاف سان ورهائي ڏئي ٿو.”
انهن آويءَ ۾ پچائي ڀاڱيوان جي ٺڪر جي مورتي ٺاهي، انهن ٺڪر جي مورتيءَ مٿان ڇت جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪنهن اعتراض ڪيو، “ڇت ڇو ٿا ٺاهيو؟ ڀاڱيوان ته ٻين جي ڇتين جي حفاظت ڪندو آهي.”
ڪنهن کيس سمجهايو “اهو ڀاڱيوان پاڻ نه، پر ڀاڱيوان جي مورتي آهي. اصل ۾ ڀاڱيوان عرش ۾ آهي، طوفانن ۾ آهي، زلزلن ۾ آهي، وڄ ۾ آهي، بيماري ۽ موت ۾ آهي.”
ماڻهن کي ان شخص جي ڳالهه ايڏي ته وڻي جو سندس وار، ڀرون، ڏاڙهي ۽ مڇون ڪوڙائي اوتار جو درجو ڏئي، کيس نرڙ تي عقيدت جو تلڪ هڻي عبادتگاهه ۽ ويهاريائون. عقيدت مند ٺڪر جي گلاس ۾ سوم رس وجهي ڀڳوان اڳيان رکي هليا ويندا هيا ۽ اوتار رات جي وقت اندر وڃي اهي پئي ڇڏيندو هيو ۽ ڏينهن جو ننڊ ڪري خوابن ۾ مذهب جي تبليغ ڪندو هيو. تن ڏينهن ڪنهن ڪاٺ جو گلاس ايجاد ڪري هر ڪنهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. اهو زمانو ڪاٺ جو دور هيو. ان ٻيلي جي مختلف وڻن جي ڪاٺ مان اهڙا گلاس ايجاد ڪيا جن ۾ پاڻي پيئڻ سان مختلف بيمارين ۾ ورتل مريض صحتياب ٿيڻ لڳا. هر ڪاٺ جي گلاس جو پنهنجو اثر هيو. ائين هر شهر ۽ واهڻ ۾ ويڄ ظاهر ٿيا، جيڪي مريضن کان حال وٺي سندن بيماريءَ جي نسبت سان ڪاٺ جو گلاس ڏئي تاڪيد ڪندا هيا ته “رات جو گلاس ۾ پاڻي وجهي رکجانءِ ۽ نيراني پيئجان.”
اهي ڪاٺ جا گلاس جيڪي ٺڪر جي گلاسن کان مضبوط ۽ چٽساليءَ جي ڪري وڻندڙ هيا. انهن جو دنيا تي سٺو اثر نه پيو. ڪاٺ جي اهميت جو اندازو ائين ٿيو جو اهڙو ڪاٺ ايجاد ٿيو جيڪو ڳٺ جي ماڻهوءَ جي ڳچيءَ ۾ وجهي غلام بڻائي سوگهو ڪري کيس احڪامن تي عمل لاءِ چيو ويو. اهو غلاميءَ جو دور هيو. ماڻهو سالن جا سال ڪاٺ ۾ پيل هوندا هيا ۽ انهن کي جڏهن اڃ لڳندي هئي ته کين زبردستي ڪاٺ جي گلاس ۾ پاڻي پيئاريو ويندو هيو. غلامن کي ڪاٺ کان ايڏي نفرت هئي جو هڪ غلام اٿي احتجاج ڪيو. “اهو ظلم آهي، اسان ڪاٺ جي گلاسن کان نفرت ڪيون ٿا ڇو جو ڪاٺ اسان کي غلام بڻايو آهي.” ماڻهن ۾ نفرت ڦهلجي وئي ۽ انهن بغاوت جو اعلان ڪيو. ڪاٺ جا گلاس ساڙي باهه جي عبادت ڪئي وئي، اهو زرتشت جو دور هيو. هونئن ته لوهه زرتشت کان پهريون لڌو ويو هيو، پر لوهه جا گلاس ڪامياب نه ويا. پاڻي پيئڻ کانپوءِ انهن تي ڪٽ چڙهي ويندي هئي. اها دنيا جي بدنصيبي آهي جو لوهه جا گلاس پاڻي پيئڻ جي ڪم نه آيا ۽ لوهرن روزگار ختم ٿيندو ڏسي لوهه مان تير ۽ تلوارون ٺاهيا، جنهن ڪري جنگيون لڳيون، لوهه جا گلاس ٺاهڻ لاءِ ان کي پائيدار بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. اها ڪوشش ڪامياب ته نه وئي پر لوهه جا گلاس روپ بدلائي ٽامي ۽ پتل ۾ تبديل ٿي ويا.
عيسيٰ جي اچڻ کان پندرهن سئو سال پهريون سپارٽا جا ماڻهو پتل ۽ ٽامي جا گلاس استعمال ڪندا هيا. جيڪي ٽامي جا گلاس استعمال ڪندا هيا، انهن اعتراض ڪيو، “جڏهن ملڪ ۾ اشتراڪيت آهي ته جنرلن کي پتل ۽ سپاهين کي ٽامي جي گلاسن ۾ ڇو ڏنو وڃي ٿو؟”
انهن جي اهڙي احتجاج تي کين گرفتار ڪيو ويو. جن جيل مان ڀڄي پنهنجي الڳ فوج ٺاهي. جڏهن بحر مردار وٽ سپارٽين ۽ ايرانين جي جنگ لڳي ته سپارٽا جي ان باغي فوج ايرانين جو ساٿ ڏنو ۽ سپارٽا کي شڪست آئي. ايرانين سپارٽا جي باغي فوج جي سپهه سالار کي سونو گلاس انعام ۾ ڏنو. جيڪو ڏسي فوجي دنگ رهجي ويا. انهن ان کان اڳ سونو گلاس نه ڏنو هيو. گلاس جي سونهن ۽ چمڪ ڏسي انهن ايراني حڪمران کي عرض ڪيو ته “اهڙا گلاس فوج جي سڀني سپاهين کي ڏنا وڃن.”
ايرانين انهن کي سمجهايو “اهو ممڪن نه آهي. انعام ۾ ڪجهه سون جا ۽ باقي پتل جا گلاس ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.”
سپارٽا جي باغي فوجين ۾ پتل ۽ سون جا گلاس ورهايا ويا. سپارٽا جي فوجي اشتراڪيت ۾ هر شخص فوجي هوندو هيو. هر ملڪيت حڪومت جي هوندي هئي. ماڻهو گهرن ۾ نه پچائيندا هيا پر کاڌي وقت هڪ نغارو وڄائي اعلان ڪيو ويندو هيو ته “کاڌو تيار آهي، سڀ ميس ۾ اچن.”
سڀ شخص هر ويلي ميس ۾ ويندا هيا ۽ ٻارن سميت گڏجي کائيندا هيا. جڏهن ميس ۾ ڪجهه فوجي سون جي گلاسن ۽ باقي پتل جي گلاسن ۾ پئي رهيا هيا ته هڪ فوجي جنهن جي ٻانهن ڪٽيل هئي. ان اعتراض ڪيو “اها اشتراڪيت جي توهين آهي. ايرانين اهڙا گلاس ورهائي. اسان سپارٽين کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.”
هن جي ڳالهه تي هڪ فوجي جنرل ٽهڪ ڏيندي چيو، “اشتراڪيت جو اهو مطلب نه آهي ته جيڪڏهن تنهنجي هڪ ٻانهن ڪٽيل آهي ته سڀني جون ٻانهون ڪٽيل هجن.”
ان بحث دوران هڪ مصلحت پسند سپاهي اٿي بيٺو ۽ ان موقعي جي مناسبت سان چيو “شڪر ڪيو ٽامي جي گلاسن مان جان ڇٽي.”
ان جي اهڙي جملي تي سڀ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا ۽ سپارٽا هڪ دفعو وري فوجي بغاوت کان بچي ويو.
سون جا گلاس عام نه ٿي سگهيا پر چانديءَ جي گلاسن جو اهڙو دور آيو جيڪو ڪڏهن ختم نه ٿيو. ڪو وقت هيو جڏهن چاندي عزت جيان سستي هوندي هئي ۽ ان جو قدر نه هيو، چون ٿا بازارون چانديءَ سان ڀريل هونديون هيون ۽ ماڻهو خريد نه ڪري پئسو ائين بچائيندا هيا جيئن عزت بچائيندا هجن. اهو مغلن جو دور هيو، جڏهن حڪمران هٿن سان ٽوپيون ٺاهي پيٽ گذر ڪندا هيا ۽ هروڀرو بک مرڻ جي ڪوشش ڪندا هيا، ڇو جو حڪمران ڪاريگر نه هيا ۽ اهي ڏنگيون ڦڏيون غلط سبيل ٽوپيون بازار ۾ وٺڻ وارو ڪو به نه هيو. هڪ حڪمران کوهه کوٽايا جيئن کيس شڪست اچي ته فوج سميت کوهن ۾ ٽپو ڏئي جان بچائي سگهي. ٻئي حڪمران وڻ پوکايا جيئن دشمنن جون فوجون ڳولهينديون پويان اچن تي ٻيلي ۾ لڪي انهن جي نظرن کان اوجهل رهي سگهي.
اڄ ڏينهن تائين دنيا سون جي دور کان محروم رهي آهي ڇو جو اهڙي دور اچڻ سان محروميون وڌي وينديون. ماڻهو هڪ ٻئي تي حسد ڪندا ۽ پالڻهار کي دانهن ڏيندا. “يا رب هن وٽ سون جا پنج گلاس، مان وٽ سون جا ٻه گلاس، اهو ڪٿان جو انصاف آهي؟”
اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه ڪاغذ جو دور آهي. ڪاغذ جا گلاس پئي روڊ تي اڇلائي ڇڏيو، نه ڀڄندا، نه ڪير کڻندو. جڏهن مان ننڍو هيس تڏهن به ڪاغذ جا گلاس هيا. ايوب جي دور ۾ مارشلا هجڻ ڪري ڪاغذ جي ڪتابن تي ته بندش هئي پر ڪاغذ جي گلاسن تي نه هئي. اهو ئي سبب آهي جو ڪاغذ جا گلاس ڪتابن جيان عام نه هيا. تن ڏينهن بئراج روڊ تي هڪ بازيگر جنهن جا وار ڪلهن تائين لڙڪندا هيا ۽ مضبوط جسم وارو هيو، پنهنجي زال سان گڏ ڪرتب ڏيکاريندو هيو. هڪ وڏو مجموعو چوڌاري مڙيل هوندو هيو ۽ وچ تي ٽيبل رکيل هوندي هئي، جنهن تي ڊرم ۾ هيٺان ٻجيءَ وارو نلڪو لڳل هوندو هيو. ان ۾ ٿڌي چانهه پيل هوندي هئي ۽ پاسي سان ڪاغذ جا گلاس رکيل هوندا هيا. اهو زال کي ڏوليءَ ۾ ويهاري وارن سان ٻڌي مٿي کڻندو هيو. ان جي زال ڀالو هٿ ۾ جهليندي هئي ۽ اهو بازيگر ڀالي تي سينو رکي زور ڏئي ان کي چٻو ڪري ڇڏيندو هيو. ڪرتب ڏيکاريندي بازيگر چوڌاري بيٺل ماڻهن کي زال جو تعارف ڪرائيندي چوندو هيو “اي مجموعي ۾ بيٺل جوانو، هن عورت جي عمر پنجاهه سال آهي. اها منهنجي ماءُ آهي. هن جي صحت ڏسي دوکو نه کائجو. ان جي صحت پويان هڪ راز آهي، ڪاڏي نه وڃجو ڇو جو مان توهان کي اهڙو راز ٻڌائڻ وارو آهيان.” ماڻهو اهو راز ڄاڻڻ لاءِ پنهنجين جاين تي ڄمي بيهي رهندا هيا ۽ پوءِ اهو وري هر ڪرتب کانپوءِ ڊرم وٽ وڃي نلڪي مان ڪاغذ جي گلاس ۾ ٿڌي چانهه ڀري پيئندو هيو. جڏهن سڀ ڪرتب ڏيکاري پورا ڪندو هيو ته ٿڌي چانهه ڪاغذ جي گلاس ۾ ڀري هجوم کي مخاطب ٿيندو هيو، “منهنجي ۽ منهنجيءَ ماءُ جي صحت جو راز هيءَ ٿڌي چانهه آهي، هيءَ ٿڌي انڪري آهي جو هيءَ عام چانهه نه آهي پر خاص جڙي ٻوٽيءَ مان ٺهيل آهي، جنهن جي پيئڻ سان توهان جي صحت برقرار رهندي ۽ سڀ بيماريون ختم ٿي وينديون، هڪ دفعو ضرور آزمائيندا، هن جي قيمت آهي چار آنا... چار آنا”
ماڻهو سندس ڳالهين جي سحر ۾ ڦاسي پوندا هيا. ڏسندي ئي ڏسندي ان جي چانهه وڪامي ويندي هئي. ماڻهو چانهه پئي ڪاغذ جا گلاس گهر کڻي ويندا هيا ۽ گهرن ۾ اهي گلاس ايستائين استعمال ٿيندا هيا جيستائين ڏنگا ڦڏا ٿي ميرا نه ٿي وڃن. مون به هڪ دفعي ان کان چانهه وٺي پيتي هئي. اها عام چانهه جهڙي هئي، جنهن کي ٿڌي رکڻ جو سبب شايد اهو هيو ته بازيگر ڪاٺين ۽ ڇيڻن جي جهنجهٽ کان بچڻ لاءِ ان کي ٿڌي حالت ۾ رکيو هيو. چانهه پيئڻ کانپوءِ مان ان ڪاغذ جي گلاس کي سانڀي رکندو هوس. اهو اڇي رنگ جو خوبصورت گلاس هيو جنهن تي ڪارٽون ٺهيل هيا. روز رات جو ان ۾ کير پيئندو هيس. هڪ دفعي اهو ننڍي ڀاءُ چورايو. مون کي ان رات شيشي جي گلاس ۾ کير پيئڻو پيو. جڏهن ننڍي ڀاءُ کي لڪي ڪاغذ جي گلاس ۾ کير پيئندي ڏٺم ته ٻنهي ۾ ويڙهه شروع ٿي وئي. ان ويڙهه جو نتيجو اهو نڪتو جو شيشي جو گلاس ڀڄي پيو ۽ ڪاغذ جو گلاس لتاڙجي ڪنهن ڪم جو نه رهيو.

باب يارهون

بئراج روڊ تي ڪرتب ڏيکاريندڙ گهڻو ڪري هندوستان کان لڏي آيل مهاجر هيا. ڪڏهن ڪو پنجابي يا پٺاڻ به نظر ايندو هيو، انهن جي بازيگريءَ جا هنر الڳ هوندا هيا. پٺاڻ پاڻ سان گڏ وڏيون ڪاٺ جون پيٽيون کڻي ايندا هيا ۽ انهن کي کولي مختلف قسمن جا اجگر ڏيکاريندا هيا. اهي اجگر تمام وڏا ۽ ٿلها هوندا هيا. انهن جو وزن ڏسڻ ۾ به ماڻهوءَ کان وڌيڪ لڳندو هيو. اهي سامهون پت ۾ هڪ وڏي تصوير ٽنگيندا هيا جنهن ۾ جبلن تي باندر ويٺل هوندا هيا ۽ انهن جي هٿن ۾ صلاجيت جا وڏا پٿر هوندا هيا. اهي پٺاڻ هڪ لٺ کڻي جبلن ڏي اشارو ڪري چوندا هيا، “هي اجگر انهن پهاڙن جا رهاڪو آهن. خدا انهن کي ڏنگڻ جي صلاحيت کان محروم رکيو آهي، پر اهي شڪار کي چڪ هڻي ڳهي ويندا آهن. انهن ئي خطرناڪ پهاڙن مان صلاجيت حاصل ٿئي ٿي. اهو هڪ ناياب مادو آهي، ان مادي کي واپرائڻ سان اوهان جي جوڙن جو سُور ختم ٿي ويندو ۽ ڀولڙن جهڙي توانائي اچي ويندي. صلاجيت قوتِ باهه کي وڌائي ٿو، هڪ دفعو ضرور آزمائيندا ته سدائين ڳولهيندا ۽ ائين چوندا ته پر سال جيڪي پٺاڻ آيا اهي ڪاڏي ويا.”
سنڌي ماڻهو ڀل بخار جي دوا نه وٺي پر پئسا بچائي قوتِ باهه جي دوا ضرور وٺندو. مان هڪ اهڙي مريض کي سڃاڻان جنهن قوتِ باهه تي ايڏو خرچ ڪيو هيو جو هن جي رنڌڻي جي باهه وسامي وئي. هن جا ٻارنهن ٻار سکڻي ڪنيءَ چوڌاري بک کان رڙيون ڪندا هيا ۽ سندن ماءُ پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ کين هر هر پاڻي پيئاريندي هئي.
پنجابي بازيگرن ۾ اهي مداري شامل هوندا هيا جيڪي ڊبڪڻي وڄائي بنسري وڄائيندا هيا ۽ هڪ ڀولڙو ڊگهو ٽوپ پائي قلابازيون کائيندو هيو. انهن وٽ ماڻهن کي کلائڻ جا گر هوندا هيا. اهڙيون ڳالهيون ڪندا هيا جو چوڌاري بيٺل هجوم ٽهڪن سان گونجندو هيو. هر ٿوري ڳالهه تي ماڻهن کان تاڙيون وڄرائيندا هيا ۽ ٽرڪسال ڪري ڪجهه اهڙا ڪرتب ڏيکاريندا هيا جن کي ڏسي ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويندا هيا. اهي پنهنجي هڪ خاص چيلي جنهن کي “بيٽا جمهورا” چوندا هيا ان جي زبان ڪٽي ماڻهن کي ڏيکاريندا هيا.
انهن جي اهڙي حرڪت تي اسان جي هڪ ڪامريڊ دوست عجيب تبصرو ڪندي چيو هيو، “اهي پنجابي فوج جا حامي ۽ جمهوريت جا دشمن آهن. اهڙا ڪرتب ڏيکاري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جمهوريت انهن جي چيلي جيان آهي. چيلو جيڪو مسخرو ۽ جاهل آهي، اهي جمهورا جي روپ ۾ جمهوريت جي زبان ڪٽي عوام کي ڏيکاري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن ڪنهن جمهوريت جو نعرو هنيو ته ان جي سرعام زبان ڪٽي اڇلائي ويندي.”
ايوب جي دور ۾ اهو ڪامريڊ منهنجو دوست هيو. هڪ دفعي جڏهن مان مداريءَ جا ڪرتب ڏسي آخر ۾ پئسو ان دٻي ۾ وجهڻ وارو هيس جنهن کي ڀولڙو مٿي تي رکي مجموعي چوڌاري گول ڦري پئسا گڏ ڪري رهيو هيو ته ان ڪامريڊ منهنجي هٿ کي روڪيو. “خبردار، توکي ياد رکڻ گهرجي ته تون فوج جي مالي مدد ڪري مارشلا جي حمايت ڪري رهيو آهين.”
منهنجو هٿ رڪجي ويو ۽ مٿي تي دٻو جهلي ڀولڙو منهنجي منهن ڏانهن ڏسڻ لڳو. مان ڀولڙي جي منهن ۾ نفرت مان ڏسي ڪامريڊ جي اشاري تي نعرو هنيو، “جمهوريت زندهه باد” اهڙي نعري تي سڀ تاڙيون وڄائڻ لڳا. انهن سمجهيو ته مون “بيٽا جمهورا” جي تعريف ۾ نعرو هنيو آهي. دراصل تن ڏينهن لفظ جمهوريت ان ڪري عام نه هيو جو ڀٽو صاحب اڃان وزير خارجه هيو.
مون کي هڪ اهڙو مهاجر بازيگر ياد آهي جيڪو ڄنگهن سان لڪڙا ٻڌي گهمندو هيو. ان کي ڊگهو پاجامو پاتل هوندو هيو ۽ ايڏو ته ڊگهو نظر ايندو هيو جو روڊ تي ان جي قد جيتري ڪا به عمارت نه هئي. اهو جڏهن جاگيراڻين جي پاڙي مان لنگهيو ته سندس نظر گهرن ۾ پئي. عورت جي بي حرمتي ٿيندي ڏسي هڪ جاگيراڻي گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ چاقو کولي لڪڙن تي گهمندڙ ان شخص کي وهائي ڏنائين. جيڪو کيس لڪڙي ۾ لڳو ۽ ان جو توازن خراب ٿي ويو.
مهاجر حيرت انگيز جادوءَ جا ڪرتب ڏيکاريندا هيا. شهارا منڊيءَ ۾ مون اهڙي جادوگر جا ڪرتب ڏٺا هيا، جيڪو وات مان لوهه جا گولا ڪڍي آسمان ڏي اڇلي رهيو هيو ۽ اهي مٿي وڃي گم پي ٿيا. ان مهاجر جادوگر کي وڏن وارن وارو ٽوپ هوندو هيو، جنهن کي پاسن کان هرڻ جا ڊگها سڱ هيا. مون کي ان کان ڏاڍو خوف محسوس ٿيندو هيو. اهو ٻار کي هيٺ ويهاري مٿان پردو وجهي جادو پڙهي گم ڪري ڇڏيندو هيو. آخر ۾ وچ مجموعي ۾ ڪپڙو وڇائي ماڻهن کي چوندو هيو، “هن ڪپڙي تي جنهن پئسا نه اڇلايا ته اهڙو جادو پڙهندس جو ان جي ماءُ مري ويندي.”
مان اهي پئسا ان ڪپڙي ۾ اڇلايا جيڪي امڙ مون کي بازار مان سبزي آڻڻ لاءِ ڏنا هيا. سبزي نه آڻڻ تي امڙ ناراض ٿي هئي پر مون رکي ماني کائي دل ۾ چيو هيو، “امڙ تنهنجي ناراضگي پنهنجيءَ جاءِ تي پر توکي ڪهڙي خبر ته اڄ مان رکي ماني کائي تنهنجي جان بچائي آهي.”
مون ڪڏهن ڪنهن سنڌيءَ کي ڪرتب ڏيکاريندي ڪونه ڏٺو پر ڪرتب ڏسندڙ سڀ سنڌي هوندا هيا. مان طبيعت جي لحاظ کان ننڍي هوندي کان ئي حضور شرم ۽ منجهيل پئي رهيو آهيان. هڪ اهڙي ئي مجموعي ۾ هڪ مهاجر وٽ بوتل جي ٻوجي هئي ۽ وڏي آواز ۾ چئي رهيو هيو، “حضور مهربان، قدر دان، هن ٻوجيءَ ۾ سڀ ڪجهه نظر ايندو آهي، ڪو چور چوري ڪري، ڪو قاتل قتل ڪري، توهان کي ڄاڻ نه هجي، هن ٻوجيءَ ۾ اک وجهي توهان ڏسي سگهو ٿا ته چوري ڪنهن ڪئي آهي؟ قتل ڪنهن ڪيو آهي؟ هن ٻوجيءَ ۾ هر اها شيءِ نظر ايندي جنهن جي توهان خواهش ڪندا، هن جي قيمت آهي پنجاهه روپيا. جنهن به ڀاءُ کي گهرجي آواز ڏي.”
مجموعي مان ڪنهن چيس، “ڀلا ڏي ته ڏسان.”
هن هٿ جي اشاري سان کيس روڪيو.
“نه... اهو توکي نظر نه ايندو، پر ننڍي ٻار کي نظر ايندو.”
مان مجموعي ۾ بيٺل هيس. مهاجر مون کي سڏ ڪيو، “پٽ تون هيڏي آ.”
مان وچ مجموعي ۾ ويس ته چوڌاري ماڻهو ڏسي هيسجي ويس. مهاجر ٻوجي منهنجي اک تي چاڙهي پڇيو “توکي ٻوجيءَ ۾ هڪ مالهي نظر اچي ٿو جيڪو ٻوٽن کي پاڻي ڏئي رهيو آهي.”
مون کي ڪجهه نه نظر اچي رهيو هيو پر اهو سوچي ته هڪ معزز ماڻهو ڪوڙ ڇو ڳالهائيندو. شايد مان ننڍو آهيان متان هجي ۽ مون کي نظر نه ايندو هجي. اهو سوچي مون چيو، “ها بلڪل هڪ مالهي آهي، اهو ٻوٽن کي پاڻي ڏئي رهيو آهي.”
مهاجر ٻوجي منهنجي اک تان هٽائي، مجموعي کي مخاطب ٿيو “توهان ڏٺو، هن معصوم ٻار ڪيئن گواهي ڏني.”
چاچو واليڏنو جيڪو پاڙي ۾ رهان وڪڻندو هيو. ان تصديق ڪرڻ لاءِ وري مون کان پڇيو، “پٽ برابر ائين هيو، ڪن ڪوڙ ٿو ڳالهائين؟”
مان ڊڄندي وراڻيو، “نه چاچا، بلڪل ائين هيو.”
مان مجموعي مان ٻاهر نڪري وٺي ڀڳس. خدا منهنجي جان ڇڏائي. پويان ماڻهن جا ڀاڳ، گهر پهتس ته نڙي خشڪ ٿي وئي، شيشي جو گلاس ڀري ڏڪندڙ هٿن سان پيئڻ جي ڪوشش ڪيم ته گلاس ڇڏائجي پٽ تي ڪري پيو ۽ شيشي ڪرڻ جو آواز ائين ٿيو جيئن ٿيندو هيو، ڇو جو اهو آواز نئون نه هيو.
شيشي جا گلاس اسان جي گهر ۾ ائين ڪرندا هيا جيئن ڀٽي صاحب جي استيفيٰ کانپوءِ سندس جلسن ۾ آنسو گيس جا گولا، پنجهٺ جي جنگ جهڙي لڳي، تهڙي نه لڳي، اها جنگ ائين هئي جيئن هڪ دفعي ڪلاس ۾ گلزار منگي ۽ هاشم بوزدار وڙهي پيا. اهي ساڳي بينچ تي گڏ ويهندا هيا پر سدائين هڪ ٻئي کي پٺيءَ ۾ پينسلون هڻي ماستر کي پيا دانهون ڏيندا هيا. ماستر انهن جي ويڙهه جو جڏهن ڪو خاص ازالو نه ڪيو ته هڪ ڏينهن اهڙو وڙهيا جو ذري گهٽ ٻنهي مان هڪ مرندي بچيو ۽ خدا انهن کي حياتي ڏني. ڀلو ٿئي عبدالغفار جو جيڪو هڪ پيش امام جو پٽ هيو، جنهن قسم قرآن ڏئي انهن جو عارضي صلح نامو ڪرايو. ٻئي ڏينهن پٽيون ٻڌي ساڳي بينچ تي گڏ ويٺا هيا، ڇو جو انهن کي ٻيو ڪو ڀرسان ويهارڻ لاءِ تيار نه هيو. مان سمجهان ٿو ڏوهه هاشم بوزدار جو هيو جنهن اڳرائي ڪئي هئي. ان ڏينهن کان پوءِ گلزار منگي ويٺل ته سندس ڀر ۾ هيو پر پاڪي ور ۾ لڪيل هوندي هيس.
تاشقند ۾ هندستان ۽ پاڪستان جو صلح نامو ڪنهن پيش امام جي پٽ ته نه ڪرايو پر سوويت يونين ڪرايو، ان سوويت يونين جنهن کي اڳتي هلي اسان جي تختي تي پيل شيشي جا گلاسن جيان هڪ ڏينهن ٽٽڻو هيو. سوويت يونين ائين ٽٽو جيئن غلام علي گويو شيشي جو گلاس سامهون رکي ٺمري ڳائي ڀڃندو هيو ۽ ماڻهو کيس داد ڏيندا هيا، جن ڏينهن سوويت يونين اڃان نه ٽٽو هيو ته معنيٰ ڏاڍو مضبوط هيو ۽ ٻين ملڪن جا فيصلا ڪندو هيو. ان جنگ جي صلح نامي لاءِ شاستري ۽ ايوب کي تاشقند گهرايو. صلح نامي کان اڳ تاشقند جي هڪ تائفي ۾ ڳڀرو ڇوڪرن جو ناچ ڏسي ايوب خان صلح نامي تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ فارسيءَ جو شعر ٻڌايائين جنهن جو سنڌي ترجمو آهي:
سهڻا تنهنجي تِر تي، حاضر منهنجي جان،
سمر قند بخارا ته ڇا، ڪشمير به قربان.
ڀٽو صاحب ان وقت تاشقند ۾ ايوب خان سان گڏ هيو. نتيجو اهو نڪتو جو ڀٽي صاحب استعيفا ڏني ۽ شاستري هندستان پهچي شرم ۾ ٻئي ڏينهن مري ويو.
اهي ساڳيا ڏينهن هيا جڏهن ملڪ ۾ جمهوريت جي جدوجهد شروع ٿيڻ واري هئي ۽ بابي کي ڇهه شيشي جا گلاس وٺڻا پيا. شيشي جي گلاسن ۽ جمهوريت جو ساٿ ائين آهي جيئن چولو ۽ کيسو. کيسو ڦاٽل هجي ته چولو وٺي نه سگهبو آهي ۽ جيڪڏهن چولو ڦاٽل هجي ته کيسو خالي هوندو آهي. گهرن ۾ گلاسن جو هجڻ ائين ضروري آهي جيئن ملڪ ۾ جمهوريت جو هجڻ. ڇو جو ڪجهه پيئڻ لاءِ جمهوريت جي ضرورت پوندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪو پيئندو ته کائيندو ضرور.
جڏهن مون هوش سنڀاليو ته ڪميونزم جي حمايت ڪئي ڇو جو ان ۾ کائڻ پيئڻ جي ضرورت نه هئي. اهو بکايل ماڻهن جو نظريو هيو، اهو اهڙن مظلوم ماڻهن جو نظريو هيو جيڪي اڃايل هوندا هيا. ان نظريي جي دانشورن کي پاڻي نصيب نه ٿيندو هيو. ڏک مٽائڻ لاءِ ووڊڪا پي، سگريٽ پيئندا هيا. کائيندا ان وقت هيا جڏهن ٻي جي پليٽ ۾ ڪجهه هوندو هيو. مون کي پڙهڻ دوران هاسٽل ۾ هڪ ڪامريڊ ياد آهي جيڪو ڀڳڙا کائي اهو سوچيندو هيو ته رتي ديري جو مائو کيس ڪڏهن نصيب ٿيندو. ان کي فيض صاحب جا ڪلام ڏاڍا وڻندا هيا. هڪ دفعي جڏهن ڪمري ۾ ٽيپ تي فيض صاحب جو مشهور ڪلام، جنهن جا ٻول هيا، “تنهنجي اکڙين کانسواءِ دنيا ۾ رکيو ڇا آهي.” ٻڌي هو جذبات ۾ ايڏو ته ڀرجي ويو جو سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ بي ساختا چيائين، “افسوس اهڙي ماڻهوءَ کي چار سال ڦاسيءَ جي سزا آئي” ۽ مان جيڪو گاني جي ڌُن تي ڪنڌ لوڏي مستيءَ ۾ مگن هيس. ان جي اهڙي غلط جذباتي جملي تي کلي ويٺس ۽ ٽهڪ ڏيندو، در کولي ٻاهر نڪري ويس. ٻاهر مينهن وسي رهيو هيو. سڃ لڳي پئي هئي، ڪو ماڻهو ڪونه هيو. گجگوڙن تي هڪ ڪتو ڀونڪي رهيو هيو، اندر آيس ۽ ڪامريڊ مون کان پڇيو.
“ڪتو ڇو ڀونڪي رهيو آهي؟ ٻاهر ڪير آهي؟”
مون آڱوٺو سڌو ڪري کيس ڏيکاريندي چيو.
“آڱوٺي کانسواءِ دنيا ۾ رکيو ڇا آهي.”
منهنجي ان جملي تي ڪامريڊ ٽيپ رڪارڊ جو ٻٽڻ بند ڪري افسوس مان چيو، “نه دوست ائين نه آهي. چار آڱريون ٻيون به ته آهن.”
مان ان سان متفق نه ٿيس.
“نه ڪامريڊ! اڃان ون يونٽ جاري آهي. خدا آڱوٺي کي حياتي ڏي. جيڪڏهن آڱوٺو ڪٽجي ويو ته رونڊا ٿي وينداسين.”
ون يونٽ تڏهن ٽٽو جڏهن ڪاڪي قادن هٿوڙن جا ڌڪ هڻي تختي تي پيل اسٽيل جا پنج گلاس الڳ ڪري وڌا. گهر ۾ شيشي جا سڀ گلاس ڀڄي پيا. بابي وٽ وٺڻ لاءِ پئسا نه هيا، ڪم هلائڻ لاءِ ضروري ٿي پيو ته هڪ ٻئي ۾ ڦاٿل اسٽيل جا گلاس الڳ ڪري استعمال ڪيا وڃن. ڪاڪي قادن به گلاسن کي اهڙا هٿوڙا هنيا جو انهن جا هڪ ٻئي ۾ ڦاٿل هٿ ڄڻ ڇڏائجي ويا. هڪ گلاس کي ته ايڏا ڌڪ لڳا جو سکر کان شڪارپور ڏانهن ويندڙ روڊ جهڙو ٿي ويو، سڄو کڏا کٻا، هيٺ مٿي. اهو ان روڊ جهڙو ٿي ويو جنهن تي بشيرآباد جا رهواسي عورت کي ٻار نه ٿيڻ جي صورت ۾ کيس رڪشي ۾ وجهي روڊ تي تيز هلائڻ لاءِ چوندا هيا ۽ اهڙو وقت ايندو هيو جو ڳورهاريءَ جي پيٽ مان ٻار رڙيون ڪندو اچي هيٺ ڪرندو هيو.
بشير آباد جو ڳوٺ سکر ۾ مليٽري روڊ جي اولهه ۾ آهي. اهو ڀيلن جو ڳوٺ هيو جيڪي رائيس ڪينال مان ڪميون پڪڙي کائيندا هيا. جڏهن پنجاب ۾ ڊيم ٺاهيا ۽ درياهه سڪي ويا ته ڪميون ناياب ٿي ويون. جنهن ڪري کين مذهب مٽائڻو پيو ۽ اهي مسلمان ٿيا. جڏهن هڪ پاڻيءَ جي ماهر پنجاب کان پاڻي بند ڪرڻ جو سبب پڇيو ته هڪ اسلامي مفڪر اهو جواب ڏنو.
“جيئن پاڻي بند ڪرڻ ڪري سنڌ ۾ اسلام ڦهلجي.”
چون ٿا سنڌ ۾ اسلام ائين ڦهليو هيو جو ڏسندي ئي ڏسندي سڀ اسلام جي محبت ۾ مبتلا ٿي ويا هيا. محمد بن قاسم ڏاڍو سٺو ماڻهو هيو ان هندن کي اجازت ڏني ته “ڀل سندس بت ٺاهي ان جي عبادت ڪن.”
اسان سنڌي برصغير جا سڀ کان اوائلي مسلمان آهيون، پر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ايناٽاميءَ جو هڪ پنجابي پروفيسر هوندو هيو، جيڪو اسان سنڌين کي پڪو مسلمان نه سمجهندو هيو. اهو چوندو هيو، “پنجابيءَ ۾ “پ” ته پڪي مسلمان ۾ “پ” ته وري پاڪستان ۾ به “پ”. مون ان محترم استاد کي عرض ڪيو ته “سائين توهان هي ڪهڙيون ڳالهيون ٿا ڪيو، پڪيون ته محمد بخش مراد واهڻ واري جي بٺي جون سرون هوندين آهن. اسلام صرف اسلام آهي، اهو ڪچو پڪو نه هوندو آهي، ڪچا پڪا صرف پاپڙ هوندا آهن.”
ان محترم پروفيسر جو تعلق ميرپورخاص سان هيو جتي هڪ ڳوٺ ۾ کين حڪومت زمينون عطا ڪيون هيون. ان کي منهنجي ڳالهه نه وڻي ۽ چيائين، “توهان سنڌي ڪاهل ۽ جاهل آهيو. صدين کان زمينون ويران پيون هيون. اسان انهن کي آباد ڪيو ۽ سنڌين کي هر هلائڻ سيکاريو.”
اهو ايناٽاميءَ جو پروفيسر جنهن کي خدا حياتي ڏي، اڄڪلهه دنيا مان موڪلائي ويو آهي. ڏاڍو سٺو ماڻهو هيو، خبر نه آهي ڇو هڪ دفعي جاويد ڀٽو ان جي بنگلي ۾ بم اڇلائي ويو.

باب ٻارهون

مليٽري روڊ بشير آباد جا نوان مسلمان ڏسڻ ۾ ڪارا هوندا هيا پر اندر جا اهڙا اڇا جيئن مينهن جو ڏڌل تازو کير جنهن ۾ مک پيل هجي. مون ٻه سال ان پاڙي ۾ ڪلينڪ هلائي ۽ ڪيترائي شيشي جا گلاس گم ٿي ويا. اسٽيٿو اسڪوپ ڪنن ۾ وجهي کٻي پاسي ڪنڌ ورائي مريض کي چڪاسيندو هيس ته سڄي پاسي ٽيبل تي رکيل گلاس گم ٿي ويندو هيو ۽ جيڪڏهن سڄي پاسي ڪنڌ ورائي مريضن کي چڪاسيندو هيس ته کٻي پاسي ٽيبل تي رکيل گلاس گم ٿي ويندو هيو. جڏهن ڊسپينسر کان پڇندو هيس ته “ڪا دوا کٽل ته نه آهي؟”
هو چوندو هيو، “دوائون ته آهن، گلاس جي سخت ضرورت آهي.” مان ڪيترا دفعا بابا جا تاريخي جملا ورجهائي چڪو هيس ته “اسٽيل جي گلاسن هوندي، شيشي جي گلاسن جي ڪهڙي ضرورت آهي.”
پوءِ هن کي چوندو هيس ته “تختي تان اهي اسٽيل جا گلاس کڻي اچ جيڪي تازو هڪ ٻئي مان آزاد ٿيا آهن.”
هو چوندو هيو، “ڊاڪٽر صاحب گلاس گم ٿين ٿا، ڀڄن نه ٿا. ڇا اسٽيل جا گلاس گم نه ٿا ٿي سگهن؟”
مان ان جي ڳالهه تي غور ڪندو هيس ۽ ان سان متفق ٿي چوندو هيس، “بلڪل انهن کي ڪير به ملڪ جيان ڦٻائي سگهي ٿو.”
پوءِ کيس نصيحت ڪندو هيس ته “جڏهن مان کٻي پاسي مريض ڏسان ته تون سڄي پاسي ڏسندو ڪر ۽ جڏهن مان سڄي پاسي مريض ڏسان ته تون کٻي پاسي ڏسندو ڪر.”
منهنجي ڳالهه تي ناراض ٿي ويو ۽ چيائين، “ته پوءِ مريض کي دوا عبدالوحيد ڪٽپر ڏيندو؟”
ڪٽپر صاحب تڏهن صحت جو وزير هيو. خدا کيس صحت به اهڙي عطا ڪئي هئي جو هميشه هشاش بشاش نظر ايندو هيو. وڏي آواز ۾ ڳالهائيندو هيو، رڙ آفيس ۾ ڪندو هيو ته هاءِ ڪورٽ جي چورنگيءَ تي ويٺل ڪبوتر ڀڙڪو کائي اڏامندا هيا ۽ اڏري وري وري ويهندا هيا. چاليهن سالن کانپوءِ به ان جو قد ڪاٺ نه بدليو. جڏهن مون کيس سٺ جي آخري سالن ۾ ڏٺو هيو ته اڳيان ٺوڙهه ۽ پاسن کان اڇا وار هوندا هيا، سندس ننڍڙي مضبوط جسم تي ناسي فل سوٽ پاتل هوندو هيو. مان گذريل چاليهن سالن کان وقفي وقفي سان کيس ڏسندو آيس، آخر تائين اڳيان ٽوڙهو، پاسن کان اڇا وار ۽ ننڍڙي مضبوط جسم تي ناسي فل سوٽ پاتل هوندو هيو.
ڪٽپر صاحب زبردست ماڻهو هيو. پيپلزپارٽي ٺهڻ کان اڳ هن لاڙڪاڻي ۾ هڪ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ٺاهي هئي، جڏهن اڳتي هلي پيپلزپارٽيءَ جي پهرين دور ۾ محنت جو وزير ٿيو ته هن اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي ڪجهه شاگردن کي ميڊيڪل ڪاليج ۾ سيٽون ڏنيون. اهي شاگرد بي اي پاس هيا.
ڪٽپر صاحب جون ڳالهيون ياد ڪندي مون ڊسپينسر کي چيو، “جلدي ڪر پاڻي پيئار.”
شيشي جو گلاس نه هجڻ ڪري، ڊسپينسر مون کي پاڻي ان بيڪر ۾ ڏنو جنهن ۾ دوا ماپي مريضن جو بوتل ۾ وجهندو هيو. مان بيڪر مان ٽيهه ايم ايل پاڻي پي، ٻيو کيس واپس ڪندي چيو، “پاڻي بچائيندين ته هٿ ڌوئڻ جي ڪم ايندو.”
ڊسپينسر منهنجي ڳالهه تي ٽهڪ ڏنو ۽ اهو جڏهن به ٽهڪ ڏيندو هيو ته گرڙي ضرور ڪندو هيو. بچيل پاڻي گرڙيءَ ۾ ضايع ٿي ويو.
انهن نون مسلمانن جي وچ ۾ ويهي علاج ڪندي منهنجي ڪلينڪ ٻه سال پراڻي ٿي وئي پر انهن کي پنجاهه سال گذرڻ باوجود به نئون مسلمان ڪوٺيو وڃي ٿو. اهو ڀيلن جو ڳوٺ جڏهن مسلمان ٿيو ته ڪامريڊن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا، کين ڳاڙهي جهنڊي ٺاهڻ لاءِ بازار مان ڪپڙي ٽڪر نه مليو. سڀ تاڪيا وڪامي ويا ۽ ڳوٺ جي هر ننڍي وڏي فرد کي ڳاڙهي گوڏ ٻڌل هئي. سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڏهن ڏينهن کانپوءِ جڏهن انهن ڳاڙهيون گوڏيون ڇوڙي اڇليون ته ڪامريڊن اهي گڏ ڪري ڳاڙها جهنڊا ٺاهي سکر – شڪارپور روڊ تي ڏاند گاڏين ۾ ويهي جلوس ڪڍيو هيو. انهن کان جڏهن مودوديءَ جي هڪ مريد پڇيو ته “جهنڊن تي داغ ڇا جا آهن؟”
ته هڪ ڪامريڊ سينو ٻاهر ڪڍي فخر سان چيو “اسان جي دل جي خون جا نشان آهن.”
قدرت جو ڪمال آهي، اهو ڪامريڊ جنهن سينو تاڻي اهي لفظ چيا هڪ ڏينهن مودوديءَ جو مريد ٿي ويو. جنهن اهڙو سوال ڪيو هڪ ڏينهن وڏو ڪامريڊ ثابت ٿيو. ان جي هڪ تقرير مون کي ياد آهي جنهن ۾ پنهنجي پوري تقرير جو تت ڪڍندي آخر ۾ اعتماد سان چيو هيو ته “هو هڪ ڏينهن ڪميونزم کي سوويت يونين جي تسلط کان آزاد ڪرائيندو.”
شاگرديءَ واري زماني ۾ اسان کي به ڪميونزم جو شوق هوندو هيو. پر سنڌ سان محبت ڪري نيشلزم تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه هوندا هياسين. جيئن ڀٽي صاحب اسلامي سوشلزم ٺاهي تيئن اسان نيشلسٽ سوشلسٽ انقلاب جون ڳالهيون ڪندا هياسين. ڪميونزم جي صحيح ڄاڻ ڪنهن کي به ڪونه هئي. هر ڪو پنهنجي ليکي تقريرون ڪري آکاڙي ۾ جاٺا هڻي پيو ملهه وڙهندو هيو، جيڪو وڏو پهلوان هيو، اهو وڏو ڪميونسٽ هيو، پر اسان جو پهلوان وري صفا تيليءَ جهڙو “شمسل” هوندو هيو. جنهن جو نالو ته شمس هيو پر بنگال جي شاعر نذرل الاسلام کان ايڏو ته متاثر هيو جو ان جي “نذرل” سڏائڻ کان متاثر ٿي چوندو هيو، “مون کي شمسل ڪوٺيو.” اسان هن کي شمسل ڪوٺي پيا شرمائيندا هياسين ته متان ماڻهو اهو نه سمجهن ته اها ڪا عورت آهي ۽ اسين عورت جي اشارن تي هلي رهيا آهيون. نظريي جي ڄاڻ هوندي نه هئي ڪڏهن منجهندا هياسين ته صلاح لاءِ اسان پنج ڄڻا شمسل جي سربراهيءَ ۾ وڃي سوڀي صاحب جو در کڙڪائيندا هياسين. سوڀو صاحب اسان کي پٽ ڪنعيي جهڙو سمجهي ويهاري پيار مان چانهه پيئاريندو هيو. اسان جڏهن هن سان بحث ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪندا هياسين ته سوڀو صاحب سامهون ويهي ڇڙو مرڪندو رهندو هيو. ڄڻ چوندو هجي، “ڀتين کي به ڪن هوندا آهن.”
لاڙڪاڻي جي پاڪستان چوڪ تي مان هڪ حجم کان وار ٺهرائيندو هيس. مون هڪ دفعي ان کي “حجم” ڪوٺيو. اهو چڙي پيو ۽ چيائين، “توکي خبر نه آهي مان ڀٽي صاحب جا وار ٺاهيندو آهيان. جنهن سوشل اعظم جو نعرو هنيو آهي. مهرباني ڪري مون کي حجم نه، باربر ڪوٺيندو ڪر.”
مون ان کي باربر ڪوٺيندي پڇيو، “ڀلا اهو ته ٻڌاءِ جيڪو سوشل اعظم آهي، ڇا اهو قائداعظم جو مائٽ آهي.”
جواب ڏنائين، “اهو عظيم نظريو آهي جنهن تحت اڳتي هلي هارين جي حڪمراني ٿيندي ۽ اهي پابنديءَ سان پنج وقت نماز پڙهندا.”
هن جو ڏوهه نه هيو. دراصل اسان جي ملڪ ۾ اعظم ايڏا ته آهن جو جيڪڏهن قائداعظم کي اها خبر هجي ها ته ڇڙو محمد علي سڏائي ها. باقي جناح ته سندس صحت هئي، ڇو جو جهرڪن جي ڳوٺ ۾ ڊگهن ۽ سنهن کي “جهيڻا” ڪوٺيندا هيا، جيڪو لفظ پوءِ جناح ۾ بدلجي پيو.
ان حجم جيڪو باربر سڏائيندو هيو. ان سوشلزم کي سوشل اعظم چئي ان جي حوصلا افزائي ڪئي هئي، ڇو جو ان نظريي کي مٿانهون ۽ معتبر هجڻ گهرجي.
پر شابس آهي ان حجم کي جنهن ڪڏهن پاڻ کي ڀٽي صاحب جو باربر نه سڏايو ۽ اڄ کان پنجاهه سال اڳ پاڪيءَ سان پنجيانوي گهر ڀيلن جا مسلمان ڪيا. اهي ڀيل جيڪي اوستا ۽ مزدور هيا. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ پاڻ کي شيخ سڏايو ۽ سڀ کان پهريون ڪم اهو ڪيو جو ڳوٺ ۾ مسجد ٺاهي ۽ ان مسجد ۾ ميمڻن کانسواءِ ڪو نماز نه پڙهندو هيو. اهي شيخ جهڙا مسلمان ٿيا تهڙا نه. منهنجي ڪلينڪ تي جڏهن به دونهي جي ڌپ ايندي هئي ته سمجهي ويندو هيس شيخن ڪميون کائڻ شروع ڪيون آهن ۽ سنڌوءَ ۾ پنجاب کان پاڻي پهچي ويو آهي. اهي شيخ مزدوري مان واندا ٿي شام جو گهر پهچي عورتن ۽ ٻارن سميت چرس پيئندا هيا ۽ انهن کي ٿيلهي چاڙهائڻ جي عادت هوندي هئي، کين وهم هيو ته اس ۾ ڪم ڪرڻ ڪري جسم جي گرمي گهٽائڻ لاءِ ڊاڪٽر کان ٿيلهي چاڙهائڻ ضروري آهي. اهي هڪ ٻئي جي عورتن کي پيار ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسندا هيا. هر عورت هر موسم ۾ ٻار ڄڻيندي هئي. ان ڳوٺ ۾ ٻار مينهن وانگر وسندا هيا ۽ ائين محسوس ٿيندو هيو ڳوٺ ٻارن جي ٻوڏ ۾ ٻڏڻ وارو آهي.
جڏهن نئي ڪلينڪ کولي هيم ته هڪ شيخ آيو، ان سڀني جي سامهون وڏي آواز ۾ بي باڪ چيو هيو، “ڊاڪٽر صاحب گهر هلو.”
“ڇو؟”
هن چيو هيو، “ٻار ڪيرائڻو آهي.”
مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هئي، مون ڪنن ۾ اسٽيٿو اسڪوپ وجهي ٻئي مريض ڏانهن ڌيان ڏيندي چيو هيو، “ته پوءِ ڊاڪٽر جي هلڻ جو ڪهڙو ضرور آهي، ڌڪو ڏيوس پاڻ ئي ڪري پوندو.” جڏهن ننڍو هيس ته مون کي ياد آهي، الائي ڪنهن جو ٻار هيو جيڪو ڇٻلاڻي اسپتال جي نالي ۾ پيو هيو. سڄي نالي بند ٿي وئي هئي ۽ پاڻيءَ معصوم شاهه جي مناري اڳيان روڊ تي گڏ ٿي احتجاج ڪيو هيو ۽ چيو هيو، “ڀل مان گٽر جو پاڻي هجان پر گناهه رستو روڪي نه ٿا سگهن.”
پاڻيءَ جي احتجاج ڪري ٽريفڪ بند ٿي وئي هئي ۽ جڏهن اهو ڦاٿل ٻار ڪڍي دفنايو ويو هيو ته رستا کلي ويا هيا. مارشلا هوندي پوليس لاٺي چارج ۽ آنسو گيس جا گولا نه اڇلايا هيا ڇو جو صوبيدار کي خبر هئي ته گٽر جي پاڻيءَ تي انهن جو ڪو اثر نه ٿيندو آهي، ان واقعي کانپوءِ ميونسپل سربراهه جيڪو فوجي هيو ان سخت آرڊر ڪڍيو هيو، جنهن ۾ افسوس جو اظهار ڪيو هيو ته “شهر ڪيڏو نه بي حس ٿي چڪو آهي جيڪڏهن ڪو ٻار نالي ۾ ڪري ٿو ته ان کي ڪو ڪڍڻ وارو ڪونه آهي. اڄ کانپوءِ ڪنهن به احتجاج ڪيو ته انکي ساڙيو ويندو، ڀل اهو پاڻي ئي ڇو نه هجي.”
سکر جي روڊن تي گپ ۾ شيشي جا ذرا ضرور هوندا آهن، اهي شيشي جا گلاس ڀڄڻ سبب هوندا آهن. گهنٽا گهر وٽ هڪ مهاجر ڪنهن سنڌيءَ کان رلهي اڌاري وٺي وڇائي ويٺل هوندو هيو. ان اڳيان پاڻيءَ جو ڀريل جڳ ۽ شيشي جا گلاس رکيل هوندا هيا. اهو جڳ مان گلاس ڀري پاڻي پيئندو هيو ۽ پوءِ خالي گلاس کائڻ شروع ڪندو هيو. هجوم ۾ سڀ ان کي حيرت مان ڏسندا هيا. اهو ڪناري وٽ چڪ هڻي گلاس کائڻ شروع ڪندو هيو ۽ آهستي آهستي سمورو گلاس کائي ويندو هيو، پوءِ چولو مٿي ڪري پيٽ کي ڌڪ هڻندو هيو ته ان مان شيشي کڙڪڻ جا آواز ايندا هيا. مان سوچيندو هيس ته جيڪڏهن سڀني ائين شيشي جا گلاس کائڻ شروع ڪيا ته پوءِ گلاس ناياب ٿي ويندا ۽ اسان کي هڪ ڏينهن وري اسٽيل جي گلاسن ۾ پاڻي پيئڻو پوندو. اسٽيل جا چار گلاس اسان وٽ بچيا هيا. پنجون گلاس چوري ٿي چڪو هيو. اهو پنجون گلاس ان وقت چوري ٿيو هيو جڏهن بنگلاديش ٺهيو. چوندا آهن ته ٺاهڻ واري رب جي ذات آهي پر اهو بنگالين ٺاهيو. هندستان ان کي ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي ۽ جڏهن اهو جڙي راس ٿيو ته بنگالين بدلي ۾ بنگلاديش ٺاهڻ ۾ مدد دوران هندستان جا ميرا ٿي ويل هٿ ڳئونءَ جي مُٽ سان ڌوئاريا.
سياست کي پاسي رکي منهنجي دل جو حال پڇو ته بنگلاديش پاڻ نه ٺهيو پر اهو ان ڪري ٺهيو جو پاڪستان ڊهيو ۽ پاڪستان کي ڊاهڻ ۾ پنجاب جو هٿ آهي. مون کي اهڙي وارتا ياد ڪندي اروڙ جو قلعو ذهن ۾ اچي رهيو آهي. اسان سنڌي مزارن کي ڇڏي، ويران کنڊرن جون سرون ڪڍي انهن مان گهر جوڙيندا آهيون. لاوارث اروڙ جون سرون به ائين چوري ٿي اتي اڏجندڙ ڳوٺ جي ڀتين ۾ مڙهجي ويون. مون کي خبر آهي ته ڏاهر جي محل جون سرون منهنجي دوست عبدالرؤف جي مامي عطا محمد جي اوتاري ۾ لڳل آهن، جتي ڳوٺ جا واندا بک تي ٽي ويلا چرس پي، هوش ۾ راجا ڏاهر کي گاريون ڏيندا آهن. سو ائين ئي هڪ دفعي سکر جي بازار مان مون پنج آنن ۾ پنج زردالو خريد ڪيا. گاڏي واري اهي ننڍڙي لفافي ۾ وجهي مون حوالي ڪيا. ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهي بئراج روڊ تي آيس ته دل چيو هڪ ٻه ڪڍي کاوان، جيئن ئي لفافو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيم ته اهو ڦاٽي پيو ۽ پنج ئي زردالو هيٺ ڪري پيا. پاڙي جو ڇوڪرو جنهن جو نالو “عالم” هيو، اتان لنگهيو پئي. اهو ڀڄندو آيو، مون سمجهيو ته شايد زردالو ميڙڻ ۾ منهنجي مدد ڪندو، پر هن اچڻ سان هيٺ نوڙي زردالو کنيو ۽ قميض سان اگهي وات ۾ وڌو ۽ چٻاڙڻ لڳو. مون چار زردالو کڻي کيسي ۾ وڌا ۽ کيس چيم، “اڙي عالم شرم ڪر، زردالو ته ائين کائي وئين جيئن حرام جو هيو.”
عالم جي منهن تي شرم ۽ حياءَ جو ڪو تاثر نه هيو. چيائين “سنڀالي نه سگهين ته هيٺ ڪريل ڪنهن جي ملڪيت نه هوندا آهن.” سو بنگلاديش پاڪستان جي ويران کنڊر مان چوري ٿيل تاريخي سرن جو ٺهيل آهي ۽ اهو پنجين زردالوءَ جيان آهي جنهن کي منهنجي بي ڌيانيءَ سبب پاڙيسري عالم کائي ويو.

باب تيرهون

پاڪستان بنگالين سان ڪيڏيون نه چڱايون ڪيون. انهن جا پوڙها اديب بندوقون هڻي ماريا جيئن نوجوان اديبن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملي سگهي. بنگلاديش جو نئون نسل پهريون کان رنگ جو اڇو ۽ قدآور آهي. آزاديءَ کان پوءِ وري اهي پڪا مسلمان ثابت ٿيا آهن. قاضي نذر الاسلام جنهن لاهور جي شاهي قلعي ۾ ڀت تي پنهنجي خون سان تازو ڪلام لکيو. ان کي پاڪستاني ايجنسين چريو قرار ڏنو. بنگلاديش جي آزاديءَ کانپوءِ واقعي چريو ٿي پيو. ان عظيم اديب جي عزت جيڪا اسان وٽ آهي شايد بنگالين وٽ به هجي يا نه، ڇو جو اسين کيس پنهنجي شاعر شيخ اياز سان ڀيٽيندا آهيون. مون سعودي عرب ۾ ملازمت دوران هڪ بنگالي ٽيڪنيشن کان پڇيو، “ڇا تون ٽئگور کي سڃاڻين ٿو؟”
هو سوچ ۾ پئجي ويو ۽ چيائين “ٽئگور ته ڪونهي پر ٺاڪر آهي.”
جنهن جي جواب ۾ مون چيو، “ٽئگور کي سڃاڻان، ٺاڪر جي خبر مونکي نه آهي.”
ساڳي ريت اتي ئي مون هڪ عرب کان پڇيو، “ڇا تون محمد بن قاسم کي سڃاڻين ٿو؟”
اهو عرب به سوچ ۾ پئجي ويو ۽ چيائين، “الائي ڪهڙي محمد بن قاسم جي ڳالهه ٿو ڪرين، اسان سعودي صرف الله کي ياد ڪندا آهيون.”
مان ان کي ٻڌايو ته، “برابر تنهنجي ڳالهه صحيح آهي، پر اسان سنڌي چوٿين ڪلاس کان سي ايس ايس تائين پيا محمد بن قاسم، محمد بن قاسم ڪندا آهيون. ماڻهو توهان جو، توهان کي ياد نه آهي. باقي اسان سنڌي ڪلمو پڙهي محمد بن قاسم کي ياد نه ڪيون ته ڄڻ اڌ مسلمان ٿيا آهيون.”
وري ان عرب سڳوري کان پڇيم، “ڀلا سنڌ کان واقف آهيو؟”
عرب سڳورو وري گهري سوچ ۾ هليو ويو ۽ وراڻيائين، “اڙي ها... ها سنڌ جنهن لاءِ منهنجو ڏاڏو ڪنهن ڏورانهين ڏيهه لاءِ مثال ڏيندو هيو ته اهو ايڏو پري آهي جيڏي سنڌ.”
سو ضروري نه آهي ته ملڪ جو عوام پنهنجي هيروز کي ياد ڪري، ڇو جو هيروز ساڳي عوام جي مخصوص آدمشماريءَ جا وئلنس به هوندا آهن. ڪڏهن وقت هيروز پيدا ڪندو آهي ۽ وقت کانپوءِ ساڳيا هيروز اهميت وڃائي ويهندا آهن. نظريا ختم ٿي ويندا آهن. انقلاب ڪوڙا ثابت ٿيندا آهن. ڪڏهن قربانيون رائيگان وينديون آهن. ڪڏهن وقت جا گناهگار غدار ۽ ڏوهي اڳتي هلي مظلوم ۽ شهيد ثابت ٿيندا آهن.
مون کي اهي ڏينهن ياد آهن جڏهن اڃا اسٽيل جو پنجون گلاس چوري نه ٿيو هيو. اهو اوڻويهه سئو اڪهتر جو سال هيو. منهنجي منهن تي هلڪيون سايون مڇون هونديون هيون ۽ اڳڻ ۾ لڳل سائي نم تي ويٺل ساوا طوطا اکين کي سٺا لڳندا هيا. مون کي طوطن جي تيز ڳاڙهي چهنب انڪري نه وڻندي هئي جو پاڙي ۾ فتل ماءُ نالي هڪ ويڙهاڪ عورت رهندي هئي جنهن جي ٿلهن چپن تي سرخي ٿڦيل هوندي هئي. ان هڪ دفعي منهنجي دوست حاڪم عليءَ کي بيگناهه مٿي ۾ ڏانداري هنئي هئي. مان ڏسي رهيو هيس. حاڪم عليءَ جي مٿي مان اهڙو ئي ڳاڙهو رت وهيو هيو، جهڙي سرخي اها خارباز عورت پنهنجن چپن تي هڻندي هئي. مون کي ڪيترائي ڏينهن حاڪم عليءَ جو کليل زخم ان عورت جي چپن جهڙو لڳندو هيو، جنهن مان اهي آواز ايندا هيا ته “فتل ماءُ خدا ڪري تنهنجيون مينهيون مرن.”
ٿيو به ائين، اوڻويهه سئو ايڪهتر ۾ جڏهن مائي فتل جون مينهون سکر واري پل وٽ سنڌوءَ ۾ وهنجي ٻاهر نڪتيون ته مٿان جنگي جهاز مان بم ڪرڻ ڪري هن جون ٽي مينهون مري ويون ۽ ڌنار جي ٻانهن وڃي پري پئي.
حاڪم علي ان هندوستاني حملي تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين، چڱو ٿيو فتل ماءُ جون ٽي مينهون مريون. خدا ڪندو ٽي طلاقون به ايندس.” مان حاڪم عليءَ کان پڇيو، “يار اهو چڱو ڪم ٿيو يا خراب پر ويچاري ڌنار جو ڪهڙو ڏوهه هيو.”
“ڌوڙ پئي آهي ڌنار کي.” حاڪم عليءَ چيو، “نه اهو ڌنار هجي ها، نه هجن ها مينهون نه هجي ها کير، نه هجي ها کير جي ڪمائي، نه هجي ها پئسو، نه هجي ها فتل ماءُ کي مستي، نه هجي ها ڦوسن ميڙڻ واري ڏانداري، نه لڳي ها مٿي ۾.”
اوڻويهه سئو ايڪهتر واري جنگ دوران هڪ دفعي بليڪ آئوٽ ۾ حاڪم علي گهر ٻاهران اوطاق جون دريون ۽ دروازا بند ڪري اندر اوندهه ۾ چنگ وڄائي رهيو هيو. شهري دفاع وارا خاڪي ورديءَ ۾ اچي اوطاق ٻاهران بيٺس، انهن در کڙڪائي چيس، “توکي خبر هجڻ گهرجي ته حملي کي روڪڻ لاءِ صرف بليڪ آئوٽ ڪافي نه آهي. تنهنجي چنگ مان ساز جون لهرون مٿي پهچي جنگي جهازن کي اهڙو پيغام ڏئي سگهن ٿيون ته هتي آبادي آهي.”
انهن زبردستي حاڪم عليءَ کان چنگ کسڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ شهري دفاع واري خالص اردوءَ ۾ اهڙي گار وهائي ڪڍي جيڪا ميزائيل جيان حاڪم عليءَ جي ڪن وٽان گسي وئي.
“اڙي هندستان جا جاسوس.” هڪ ٻئي کيس چيو، “اهو چنگ اسان حوالي ڪر، نه ته ٻي صورت ۾ توکي فوج حوالي ڪيو ويندو.” حاڪم علي قسم قرآن کڻي ويو.
“ادا قسم آهي حاجن شاهه حضوريءَ جو مون وٽ چنگ آهي ئي ڪونه. مان چپن سان ست ساز وڄائي سگهندو آهيان. جنهن ۾ چنگ، چپڙي، بين، تبلو، توتلي ۽ شهنائي شامل آهن. چئو ته مان توهان کي وڄائي ڏيکاريان.”
ائين چئي حاڪم علي بليڪ آئوٽ ۾ ٻيهر چپن کي چوري اهڙو ته چنگ وڄايو جو اوچتو هندوستان جا جنگي جهاز اچي ويا ۽ حملو شروع ٿي ويو. شهري دفاع وارا وٺي ڀڳا ۽ ان مورچي ۾ پناهه ورتائون جنهن ۾ پاڙي وارا ڦٿل سبزيون ۽ بصرن جون کلون اڇلائيندا هيا. هندستان جا جنگي جهاز آرام سان حملو ڪري هليا ويا. انهن کي ڪو به روڪڻ وارو نه هيو. سکر بئراج مٿان بيٺل توپ مان ڪئي گولا هڪ ٻئي پويان ڇٽا جن سان آسمان ڳاڙهو ٿي ويو، پر جنگي جهاز روهڙيءَ جي ريلوي اسٽيشن ۽ ملازمن جا بريڪن نما گهر تباهه ڪري هليا ويا. اهي جنگي جهاز اسر جو ۽ سانجهيءَ وقت جڏهن هلڪي روشني هوندي هئي، سکر ۽ روهڙيءَ جي خاص هنڌن تي حملو ڪندا هيا. انهن جو نشانو سکر بئراج، سکر روهڙيءَ کي ملائيندڙ ٻه پليون ۽ ريلوي لائين هوندا هيا. سکر بئراج تي اينٽي ايئر ڪرافٽ گنون نصب ٿيل هونديون هيون پر سکر ۽ روهڙيءَ کي ملائيندڙ پليون، انهن پلين وچ ۾ ٺهيل پير صدرالدين شاهه جي مزار حوالي هونديون هيون. پوري جنگ دوران هڪ به بم انهن پلين کي نه لڳو. عقيدتمند چوندا هيا ته سکر ۽ روهڙيءَ وچ تي پلين مٿان بمباريءَ دوران پير صدرالدين شاهه مزار مان نڪري انهن پلين وٽ اچي بيهندو هيو ۽ بم جهپي هيٺ سنڌوءَ ۾ لوڙهي ڇڏيندو هيو. شابس آهي صدرالدين شاهه کي پر منهنجي خيال ۾ هندستاني پائلٽ انڌا هيا. ڇو جو جهڙا هيٺ تهڙا مٿي، انڌو انڌي کي سو ڪوهه تي ڳولهي لهي.
انهن ڏينهن ۾ گليل سان نشانا پڪا ڪندو هيس. جهرڪين مارڻ کان اڳ مٽيءَ مان ڳوڙها ٺاهي. باهه ۾ پچائي ڳاڙها ڪري سامهون اسٽيل جو پنجون گلاس رکي ان کي پيو چٽيندو هيس. هر ڌڪ سان اسٽيل جو گلاس آواز ڪري پوئتي سري نيٺ ڦٽي تان هيٺ ڪري پوندو هيو ۽ کڙڪي تي خوف جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي، لاڏلو هجڻ ڪري ڪو منع نه ڪندو هيو پر گليل جا ڌڪ هڻي مون اسٽيل جي گلاس ۾ چاليهه چگهه ڪري وڌا. اهو ساڳيو گلاس هيو، جنهن کي ڌوئي مون ڳوٺ کان آيل محمد وريل کي برمي جو تازو پاڻي ڀري ڏنو جنهن ڪوڙو منهن ڪندي چيو، “پاڻي ٻاڙو آهي يا گلاس جي شڪل ڏسي ٻاڙو ٿو محسوس ٿي.”
مون محمد وريل کي پوءِ انهن گلاسن جي تازي سيٽ جي ڪهاڻي ٻڌائي جيڪي جنگ کان هفتو پهريون بابو بازار مان وٺي آيو هيو ۽ جڏهن جنگي جهازن پهريون حملو ڪيو ته روهڙي اوريان ڪرندڙ ڪنهن وڏي بم جي ڌماڪي کانپوءِ اٿندڙ زلزلي جهڙين لهرن ۾ ڪمري اندر لڳل تختو گلاسن سوڌو اچي هيٺ ڪريو ۽ ورتل تازي سيٽ جا ڇهه گلاس هڪ مهل ڀڄي پيا. اهڙي ڳالهه ٻڌي محمد وريل کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اهو اکيون ٻوٽي ان چچريل اسٽيل جي گلاس ۾ ٻاڙو پاڻي هڪ ئي ساهيءَ ۾ پي ويو.
“شڪر آهي رب جو.” هن چيو، “جنهن اسٽيل جا گلاس ٺاهيا، نه ته ڪهڙو آهي حال شيشي جي گلاسن جو.”
جڏهن روهڙيءَ جي اسٽيشن تي بمباري ٿي ته اسان پاڙي جا ٻار تباهي ڏسڻ اسٽيشن تي وياسون. اتي سڙيل مال گاڏيون بيٺيون هيون ۽ ڏاڪڻين مٿان ٺهيل لوهه جي چادرن ۾ ننڍا وڏا سوراخ هيا جيڪي بمن جي اڏامندڙ ٽڪرن ڪري ٺهيا هيا. ان پل مٿان ٺهيل لوهي چادرن واري ڇت ۾ اهي سوراخ اڄ به موجود آهن. اتي ئي ڀرسان هڪ ڪوارٽر تي بم ڪرڻ سبب هڪ خاڪسار جو پورو ڪٽنب تباهه ٿي ويو. ان جون ٻه ڌيئر، هڪ پٽ ۽ زال مارجي ويا. ان وقت پاڻ سرڪاري بندوق کڻي شهر ۾ گشت ڪري رهيو هيو. اهڙي خبر ٻڌڻ شرط ان بازار جو رخ ڪيو ۽ جيڪو به هندو کيس نظر آيو ان کي گولي وهائي ڪڍيائين، ڪپڙي مارڪيٽ ۾ هندن جون ڪوٺيون هونديون هيون جتي هو گراهڪن کي مارڪيٽ مان رعايتي ڪپڙو خريد ڪري ڏيندا هيا ۽ ڪميشن وٺندا هيا. ان خاڪسار ٽي هندو ماريا ۽ ست زخمي ڪيا. مون اهڙي هڪ هندوءَ کي اکين سان ڏٺو جنهن کي اهو خاڪسار گولي هڻي هليو ويو هيو، ماڻهو ان زخمي هندوءَ کي ٽانگي ۾ ويهاري رهيا هيا جيئن کيس سول اسپتال پهچايو وڃي. انهن ڏينهن ايمبولنسون ۽ گاڏيون يا رڪشا نه هيا. اهو هندو جڏهن ماڻهن جي مدد سان ٽانگي ۾ چڙهي رهيو هيو ته رت ان جي ڄنگهه کان پيرن تائين نيساري جيان وهي رهي هيو.
ميڊيا تي حڪومت جو قبضو هجڻ ڪري صحيح خبرون عوام تائين نه پهچنديون هيون. عوام کي ان جنگ دوران اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پاڪستاني فوج بهادريءَ سان وڙهي رهي آهي ۽ شڪست هندوستان جو مقدر آهي. جنرل يحييٰ جيڪو ايوب خان کانپوءِ اقتدار ۾ آيو هيو، ان جي تقرير جو خماريل آواز جڏهن ريڊيو تي اڀرندو هيو ته ٻڌندڙ کي به جهوٽا ايندا هيا. جنگ ختم ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ جڏهن پاڪستاني فوج هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري هئي تڏهن جنرل يحييٰ شراب جي نشي ۾ ڌت ڏاڍي مزيدار تقرير ڪري رهيو هيو. هو چئي رهيو هيو، “اسان شهرن، ڳوٺن ۽ ٻنين ۾ جنگ وڙهنداسين. اسان جا بهادر فوجي دشمن کي ڪاري ضرب هڻي رهيا آهن. اسان وڙهنداسون جنگ جاري رهندي، اسان جا حوصلا بلند آهن.”
ٺيڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ خبر پئي ته اوڀر پاڪستان الڳ ٿي چڪو آهي ۽ پاڪستاني فوجين هٿيار ڦٽا ڪيا آهن. ميڊيا تي حڪومتي قبضي سبب ماڻهو سومهڻي مهل بي بي سي لنڊن ٻڌندا هيا. ان تي هڪ مخصوص ڌن کانپوءِ خبرون نشر ٿينديون هيون. مون کي ياد آهي جڏهن جنگ شروع ٿئي اڃان هڪ ڏينهن مس گذريو هيو، اسان سڀ اوطاق ۾ اوندهه اندر بي بي سي لنڊن ٻڌي رهيا هياسين ته اتان موتي مسجد جو پيش امام استاد عطا محمد لنگهيو، جيڪو لٺ تي منڊڪائي گهمندو هيو، اهو به اچي ڀرسان ويٺو ۽ جڏهن بي بي سيءَ تي اها خبر پئي ته هندستان جون فوجون بنگالي باغين سان گڏ اوڀر پاڪستان ۾ اٺ ميل اندر گهڙي آيون آهن ته استاد عطا محمد ان تي تبصرو ڪندي چيو، “پاڪستاني فوجين انهن کي پاڻ رستو ڏنو آهي ته اندر اچو ته توهان کي مزو چکايون.”
استاد جي تبصري تي تصبرو ڪرڻ فضول آهي، ڇو جو هندستاني فوجون بنگالي باغين سان اندر گهڙيون ته اڳتي وڌنديون ويون ۽ انهن پندرهن ڏينهن ۾ پورو اوڀر پاڪستان الڳ ڪري وڌو، اولهه پاڪستان جي اها حالت هئي جو هتي هندستاني فوجون لڳ ڀڳ سڄي ٿرپارڪر تي قبضو ڪري ويون ۽ مٺيءَ کان پري اسلام ڪوٽ تائين اچي پهتيون. امر جليل ان وقت “سرد لاش جو سفر” لکي جنگ کي نفرت لائق ۽ انسان سوز بنائي وڌو.
مون کي اها چانڊوڪي رات ياد آهي جنهن چوڏهينءَ جو چنڊ پنهنجي آب ۽ تاب سان آسمان ۾ چمڪي رهيو هو. شهر جون بتيون ته بند هيون پر چنڊ جو بٽڻ بند ڪرڻ ڪنهن جي وس ڪونه هيو، اوچتو جهازن جا گجگوڙ ٿيا، پوءِ اينٽي ائر ڪرافٽ گنين جا گولا آسمان ۾ ٻرندا هڪ طرف ڊوڙڻ لڳا. بمباري شروع ٿي وئي ۽ پوءِ اوطاق لڏي وئي، اسين سڀ هيٺ ڪري پياسين. ائين محسوس ٿيو بم اوطاق جي ڪوٺي تي ڪريو آهي ۽ مرڻ وارا آهيون. اسين سڀ کٽن هيٺان ڪن بند ڪري ڏندن ۾ رومال ڏئي اونڌا سمهيل هياسون. ٿوري دير کانپوءِ رمضان ڳالهايو، “مان مٿي وڃي ڏسي ٿو اچان، شايد بم ڪريو آهي پر ڦاٽو نه آهي.”
هن همت ڪئي ۽ ڏاڪڻ تي مٿي چڙهي ويو. چانڊوڪيءَ ۾ هيڏي هوڏي ڏٺائين. هن کي ڪا سڙيل شيءِ نظر آئي. کڻي هيٺ آيو. احتياط سان تيلي ٻاري ڏٺوسي، اهو ڇيڻو هيو. ڏسي شڪر ڪيوسين ته بم نه هيو. پوءِ ان سڙيل ڇيڻي کي احتياط سان پاسي رکيوسين ته متان بم جيان ڦاٽي نه پوي. دراصل اوطاق جي لڏڻ جو سبب پل ڀرسان ڪريل هڪ طاقتور بم هيو، جنهن جي ڦاٽڻ ڪري ڌرتيءَ ۾ پيدا ٿيل لهرن سبب شهر جي هر عمارت لڏي وئي هئي.
سانجهيءَ کانپوءِ جڏهن هلڪي اوندهه هوندي هئي ۽ شهر بليڪ آئوٽ ۾ ٻڏل هوندو هيو ته سنڌوءَ جي ٻئي پار کان کارڪن جي باغن مان ڪڏهن ڪو رنگين گولو اڏامي مٿي ويندو هيو ۽ هڪدم سڄو شهر روشن ٿي ويندو هيو. سڀني جو خيال هيو ته اتي هندستاني جاسوس لڪيل آهي جيڪو روشني ڪري جنگي جهازن جي رهنمائي ڪري ٿو. شهر ۾ خوف جي ڪيفيت هوندي هئي ۽ هر ماڻهو ٻئي کي هندستان جو جاسوس لڳندو هيو. نشاط سينيما جي سامهون هڪ اهڙي مهاجر کي پڪڙيائون جيڪو قد جو ننڍو هيو. سڀني جو چوڻ هيو ته اهو هندستاني جاسوس آهي ۽ ان وٽ اهڙي ڳجهي ڪيمرا آهي جنهن سان حساس جاين جا فوٽو ڪڍي ٿو. نشاط سينيما مان دلوڪ مڪراڻي ٻاهر نڪتو جيڪو ٽڪيٽون بليڪ ڪندو هيو. ان اچڻ سان مهاجر کي کڻي هنج ۾ ويهاريو ۽ چيو، “ڇڏيوس، مان اندر ڪوٺيءَ ۾ وڃي ڏسانس ٿو، هن جو طهر ٿيل آهي يا نه.”
دلوڪ مڪراڻي جيڪو قد جو ڊگهو ۽ مضبوط جسم جو مالڪ هيو، ان ۾ هر برائي هوندي هئي. ٻين برائين سان گڏ اهو هم جنس پرست به هيو. جڏهن مهاجر کي کڻي اندر ويو ته نواب جاگيراڻيءَ چيو، “جاسوسن هندستان جا بم ڏٺا آهن، انهن کي بم جي خبر نه آهي.”
اتي رحيم بخش صديقي بيٺل هيو، ان چيو، “جيڪڏهن جاسوس نه هجي ته پوءِ.”
جاگيراڻيءَ کيس کلندي جواب ڏنو، “جڏهن بم ڪرندا آهن ته پوءِ اهو نه ڏسندا آهن، ڪير ڏوهي آهي ڪير نه.”
جنگ ختم ٿي وئي ۽ سڀني سڪون جو ساهه کنيو. بابا خوشيءَ مان گلاسن جو نئون سيٽ وٺي آيو.

باب چوڏهون

اسٽيل جي ڪوڪن سان ڀت ۾ تختو هڻي ان تي ڇهه گلاس ائين سينگاري رکيا ويا جيئن نئون وقت شروع ٿي چڪو هجي. سانوڻ جا مينهن وسيا هجن، سنڌو ڪنارن تائين گجگوڙ ڪري وهندو هجي ۽ ٻنين ۾ رونبي کانپوءِ سارين ۾ نوان چانور جوانيءَ کان ڦاٽ کائي ٻاهر نڪرڻ جي تياري ڪندا هجن. بابي نئين گلاس ۾ پاڻيءَ جو ڍڪ ڀريندي چيو، “شڪر آهي جنگ ختم ٿي. گلاسن جو مقدر آهي ڀڄڻ ۽ ٽڪر ٿيڻ.” مون کي بابي جي ڳالهه تي حيرت ٿي.
“پر بابا ملڪن ۽ گلاسن ۾ ڪجهه ته فرق هوندو؟” مون پڇيو.
“پٽ جيڪي ملڪ گلاسن جيان هوندا آهن ضرور ڀڄندا آهن. ان ۾ حيرت جي ڳالهه نه آهي.”
“پر ملڪ گلاسن جيان ڪيئن هوندا آهن؟” مون وري پڇيو.
“دنيا ۾ ڪي فيڪٽريون ملڪ ٺاهينديون آهن ۽ وڪري لاءِ هوندا آهن.” بابي چيو.
مون کي بابي جي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ چيم، “پوءِ اسٽيل جا گلاس؟”
“وفادار هوندا آهن.” بابي چيو، “تڏهن ته چوندو آهيان اسٽيل جي گلاسن هوندي شيشي جي گلاسن جو ڪهڙو ضرور آهي؟”
مون بابي کي ڏک جي خبر ٻڌائي.
“توهان کي اهو ٻڌي افسوس ٿيندو ته اسٽيل جي پنجن گلاسن مان هڪ گلاس چوري ٿي چڪو آهي.”
بابي کي ڪو ڏک نه ٿيو.
“مون کي خبر آهي.” هن چيو، “شل اسين باقي بچيل اسٽيل جي چئن گلاسن جي حفاظت ڪري سگهون.”
تن ڏينهن مان سياسي طرح باشعور ٿي چڪو هوس. جڏهن نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هيس ته مون پهرين ڪهاڻي لکي جنهن جو نالو هيو “خضاب” جيڪا هڪ پوڙهي جي ڪهاڻي هئي جيڪو حجم کان وار ٺهرائي ٿو ۽ اڳيان ڪرندڙ اڇن وارن کي ڏسي ان جا جيڪي احساس آهن مون انهن کي چٽيو هيو. ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ اهو ڪردار سوچي ٿو ته اڇن وارن جو حل خضاب آهي. مون اها ڪهاڻي مَس سان لکي هئي جنهن جا پنا مينهن ۾ ڪارا ٿي ويا.
انهن ڏينهن خبر پئي هئي ته جي ايم سيد سکر ايئرپورٽ تي اچي رهيو آهي. مان به ان جلوس ۾ شامل ٿي ويس جيڪو سکر ايئرپورٽ جي ايم سيد جو استقبال ڪرڻ وڃي رهيو هيو. جڏهن نئين ڳوٺ وارو ڦاٽڪ ٽپياسين ته ماڪن واري ڳوٺ کان ٻنيون شروع ٿي ويون. سڀني کي ڏاڍي بک لڳي هئي. ٻنين ۾ گوبيون ۽ گوگڙو پوکيل هيا. سڄو جلوس ٻنين ۾ ڪاهي پيو، سڀني گوبيون ۽ گوگڙو کائي ڍو ڪيا. پريان ويچارا هاري ڏسندا رهيا، انڪري ويجهو نه آيا ته متان جلوس وارا نقصان نه پهچائين، جڏهن ايئرپورٽ پهتاسين ته سڀني کي قطار ۾ بيهاريو ويو. جي ايم سيد آيو. ان واري اچڻ تي سڀني سان هٿ ملايو. جي ايم سيد سان هٿ ملائڻ وقت مون محسوس ڪيو. سائينءَ جو هٿ ڪپهه کان به نرم هيو. اهڙو نرم هٿ منهنجي تجربي ۾ نه آهي.
ون يونٽ وقت سائين جي ايم سيد جو نانءُ سنڌ جي لکيل پڙهيل ۽ دانشور طبقي جي زبان تي ائين هوندو هيو جيئن بُسريءَ ۾ ڳڙ. سائينءَ جا لکيل ڪتاب هٿئون هٿ وڪامي ويندا هيا. اسان نوجوان هڪ ٻئي کان پڇندا هياسين ته “سائينءَ جو ڪتاب “جيئن ڏٺو آهي مون” پڙهيو ٿي؟”
جيڪڏهن ڪو ائين چوندو هيو، “اڃان نه پڙهيو آهي.” ته کيس چيو ويندو هيو.
“معنيٰ نه ڪجهه ڏٺو ٿي، نه پڙهيو ٿي.”
سنڌ جي اها بدقسمتي آهي جو ڀٽو ۽ سيد ساڳي دور ۾ هيا. اڳتي پوئتي ٿين ها ته ڪو کڙ تيل نڪري پئي سگهيو. جيڪڏهن ساڳي دور ۾ ڀٽو نه هجي ها ته بنگلاديش جي آزاديءَ کانپوءِ سنڌ کي آجپو ملي پي سگهيو، پر ڀٽي صاحب جو رهيل پاڪستان بچائڻ ۾ وڏو ڪردار آهي. هن سنڌ ۾ قومپرستيءَ کي ڪچلڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. جي ايم سيد جو اثر لکيل پڙهيل طبقي تائين محدود رهيو جيڪي تعداد ۾ گهٽ هيا. ڀٽي جي شخصيت عام ماڻهوءَ ۾ اندر داخل ٿي وئي. هاسٽلن ۾ رهندڙ هر شاگرد جي ايم سيد جو مداح هيو. ان جي ديو مالائي شخصيت هر ڪنهن جي چپن تي هوندي هئي. اهي سيد بابت ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ٻڌائيندا هيا. تنهن وقت ڪنهن شاگرد ٻڌايو هيو ته “شيخ اياز سائين جي ايم سيد کي زور ڏيندو آهي. هڪ دفعي سائين سمهيو پيو هيو ۽ شيخ اياز کيس ڄنگهن جا زور ڏئي رهيو هيو. ٻئي ڪنهن ڳالهه تي بحث ڪري رهيا هيا. جي ايم سيد، شيخ اياز سان متفق نه ٿيو ۽ هن کي اهڙي لت هنيائين جو پري وڃي ڪريو.” جيئي سنڌ جو صدر رمضان سنڌي جيڪو ڊاڪٽر ٿيڻ کانپوءِ فوج ۾ ڪيپٽن ٿيو ۽ هاڻي برگيڊيئر آهي. اهو ڪاڇي ۾ رهندو هيو ۽ سن وڃي جي ايم سيد جي حاضري ضرور ڀريندو هيو، تنهن جي ايم سيد جي سُرمي ۽ سرائيءَ جو لطيفو ٻڌايو هيو جيڪو لکڻ مناسب نه ٿو سمجهان. سندس چوڻ هيو ته “سائين پر مزاح شخصيت جو مالڪ هيو. هو ڪاوڙ ۾ به اهڙي ڳالهه ڪندو هيو جو ٻڌندڙ جي چپن تي مرڪ اچي وڃي.” سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ جيئي سنڌ جو عروج هيو. تنهن وقت ان تحريڪ جا ڪارڪن سلجهيل ۽ سچا هيا. مون کي ياد آهي رمضان سنڌي ٻئي سال ايم بي بي ايس ۾ ٽي دفعا فيل ٿيو. هن جو سال ضايع ٿي ويو. رمضان پاس ٿيڻ لاءِ تحريڪ کي استعمال نه ڪيو. هن محنت ڪئي ۽ پوءِ اڳتي ڪامياب ٿيو. تڏهن اڃان سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو بنياد نه پيو هيو. ان فيڊريشن کان پوءِ سنڌي شاگرد ورهائجي ويا ۽ انهن ۾ ويڙهه شروع ٿي وئي.
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي پهرين شاگرد يونين جي چونڊن ۾ سنڌي شاگردن جا ووٽ ورهائجي ويا ۽ اسلامي جمعيت طلبا کٽي وئي. ڀٽي صاحب جي اقتدار ۾ سندس شهر مان جمعيت جو کٽڻ هڪ وڏي ڳالهه هئي. مان جيئي سنڌ پاران واحد اميدوار هيس جنهن ان يونين ۾ مئگزين سيڪريٽريءَ جي پوسٽ کٽي. مون ڊاڪٽر ثناءُ الله کوکر جي مدد سان يونين جي پهرين مئگزين آندي. جنهن جو نالو “موهن جو دڙو” مئگزين هيو. جيئن ته اها سرڪاري مئگزين هئي، ان ۾ جي ايم سيد جو پيغام ته نه اچي سگهيو پر ان وقت جيڪي اقتدار جي ايوانن ۾ هيا انهن پنهنجا پيغام شايع ڪرائڻ لاءِ موڪلي ڏنا. انهن ۾ ڀٽي صاحب جو پيغام به شامل هيو، جنهن جا هٿ اکر مون وٽ محفوظ آهن.
لاڙڪاڻي ۾ مون ويهه سال گذاريا. اڻويهه سئو ٻاهتر کان اڻويهه سئو ٻيانوي تائين. شاگرديءَ جي زماني کانپوءِ مان اتي ئي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊمانسٽريٽر مقرر ٿيس. مون ڀٽي صاحب کي ويجهي کان ڏٺو. جڏهن ڪجهه شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ هڙتال ڪري ڪاليج پندرهن ڏينهن بند رهيو ته ڀٽي صاحب دل تي پٿر رکي جمعيت جي ان يونين کي پنهنجي سامهون برداشت ڪيو پر تنهن هوندي به ڳالهائڻ وقت سندس منهن تي مرڪ ۽ شفقت هئي. هن ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ رڙ ڪري پنڃل ايس پيءَ کي گار ڏني.
“اڙي پنڃان ڀيڻ جا... ڇڏ شاگردن کي.”
پنڃل ڪجهه ڪڇي نه سگهيو. هيٺ ڪنڌ ڪري چيائين، “حاضر سائين.”
ان وقت سڀ شاگرد آزاد ٿيا ۽ ڪاليج کلي ويو.
مون لاڙڪاڻي شهر ۾ ايران جي شهنشاهه جو استقبال ڏٺو، زندگيءَ ۾ ايڏا ٽمڪندڙ بلب اڄ ڏينهن تائين نه ڏٺا آهن جيڪي ان رات لاڙڪاڻي جي روڊن تي ڏٺا. روڊن تي بيٺل بيد مشڪ جا ڊگها وڻ پنهنجين اوچائين تائين ٽمٽائيندڙ بلبن سان سينگاريل هيا. هر هنڌ جنريٽر هلي رهيا هيا ۽ امن امان جي صورتحال بهتر هجڻ ڪري روڊن تي ڪا به سيڪيورٽي نه هئي. المرتضيٰ ۾ اندر وڃي ته نه سگهيس پر خبر پئي ته اتي اداڪارا ممتاز آيل آهي ۽ اڄ رات ڀٽي صاحب ۽ ايران جي شهنشاهه اڳيان ناچ پيش ڪندي. اها ساڳي رات هئي جڏهن حبيب جالب پنهنجو مشهور شعر لکيو هيو.
لاڙڪاني چلو
ورنا ٿاني چلو
اپني هونٽون کي هنسي
لٽاني چلو
لاڙڪاني چلو.
لک شابس آهي حبيب جالب کي، خرچ به ڀٽي صاحب جو کائيندو هيو ۽ لکندو به ان جي خلاف هيو. ٻڌڻ ۾ ايندو هيو، جڏهن ڀٽو صاحب ايران جي دوري تي ويندو هيو ته شاهه کيس ست سئو سال پراڻو شراب پيئاريندو هيو. چون ٿا رکيل شراب ۾ نشو ڏينهون ڏينهن وڌندو ويندو آهي. جيئن پوڙها انب پوکيندا آهن ۽ چوندا آهن، “اهي انب اسان ته کائي نه سگهنداسين پر اسان جا پويان کائيندا.”
ائين شايد بادشاهن جا وڏا به شراب جا مٽ ڇڏي ويندا هوندا ۽ چوندا هوندا “جيئن اسان پنهنجن وڏڙن جو ست سئو سال پراڻو ڇڏيل شراب پيتو آهي، ائين اسان هي ڀريل مٽ انهن لاءِ ڇڏيو وڃون ٿا جيڪي ست سئو سالن کان پوءِ انهن جو ڍڪڻ لاهيندا.”
خوشنصيب هيو ڀٽو صاحب جنهن کي عظيم شهادت نصيب ٿي ۽ ان جيئري ست سئو سال پراڻي شراب جا ڍڪ ڀريا. پر ان رات المرتضيٰ ۾ ڀٽو صاحب شهنشاهه کي ايڏو پراڻو شراب پياري نه سگهيو هوندو ڇو جو پاڪستان جو پراڻو شراب ڌپ ڪري ويندو آهي ۽ پيئڻ سان ماڻهو بيهوش ٿي اسپتالن ۾ گذاري ويندا آهن.
سائين جي ايم سيد جو اهو سمورو عرصو جيل ۾ گذريو ۽ ان کانپوءِ جيڪو حڪمران ايندو هيو ائين چئي سيد کي جيل ۾ رکندو هيو ته “اهو اسان کي پهرين حڪمرانن کان تحفي ۾ مليو آهي.”
ميرن جي ان لطيفي وانگر ته ڪو عالم ڪوٽڏيجيءَ جي قلعي جو مطالعو ڪرڻ اندر ويو ته کيس قيدي سمجهي جيل ۾ واڙي ڇڏيائون. ان گهڻيون رڙيون ڪيون ته “مان قيدي نه عالم آهيان، جيل جو مطالعو ڪري مقالو لکڻ پئي چاهيو.” هن جي ڪنهن نه ٻڌي، اهو ڪئي سال قلعي ۾ قيد رهيو. جڏهن مير صاحب گذاري ويو ۽ سندس ولي عهد تخت تي ويٺو ته اهو هڪ ڏينهن قلعي اندر جيل جي دوري تي ويو. جڏهن عالم ڏٺو ته وقت چڱو آهي مير صاحب کي دانهن ڏيان. مير صاحب جڏهن ان وٽ پهتو ته عالم چيس “مير صاحب مان بي ڏوهي آهيان. قلعي جو مطالعو ڪرڻ آيو هيس ته غلطي سان ڪيترن سالن کان بي گناهه سزا ڀوڳي رهيو آهيان. مون تي رحم ڪيو ۽ جيل کان ٻاهر ڪڍو.” مير صاحب جڏهن جاچ ڪئي ته کيس اهو واقعي بيگناهه نظر آيو، سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ روئيندي چيائين، “بيشڪ آهين ته بي ڏوهي پر توکي جيل کان ڪيئن ڪڍان، تون ته منهنجن وڏڙن جي نشاني آهين.”
سو جي ايم سيد به زندگيءَ جي آخري ساهه تائين حڪمرانن جي وڏڙن جي نشاني طور جيل ۾ رهيو. لاڙڪاڻي ۾ شاگرديءَ جي زماني ۾ هڪ ڪارڪن اڇي لفافي ۾ جنهن جي قيمت ڏهه روپيا هئي. سائين جي سيد جا چار فوٽو وڪڻي رهيو هيو. اهو تحريڪ لاءِ فنڊ ڪٺو ڪرڻ جو طريقو هيو. سائينءَ جا اهي چار فوٽو ڪنهن بيڪار ڪيمرا سان قابلِ اعتراض حالت ۾ نڪتل هيا، جيڪي ڪنهن ردي پريس مان ڇپرائڻ ڪري ڌنڌلڪا ۽ غير واضح هيا. انهن ۾ ڪنهن بيوقوف ڪيمرا مين سائينءَ جا فوٽو ڪنهن دانشوراڻي انداز ۾ ڪڍڻ بجاءِ فلمي انداز ۾ ڪڍيا هيا ۽ ڏسڻ سان سندس سٺو اثر نه پئجي رهيو هيو. مون ان ڪارڪن کان اهي چار فوٽو خريد ڪيا پر ڦاڙي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽي ڪيا. اها سائينءَ جي وڏي توهين هئي جيڪا مون کان برداشت نه ٿي. ون يونٽ کانپوءِ اوڻيوهه سئو پنجاهسيءَ تائين سنڌ ۾ قومپرستيءَ جو عروج هيو. سنڌي اڳواڻ ان بحث ۾ رڌل هوندا هيا ته سنڌ جي آزادي ڪهڙي نظريي تحت ٿيڻ گهرجي. اها قومپرست تحريڪ ذريعي ممڪن آهي؟ سوشلسٽ تحريڪ ذريعي يا نيشنلسٽ سوشلسٽ انقلاب ذريعي؟ اهڙن بحثن جو مرڪز عام ماڻهو نه پر شاگرد هاسٽلون هونديون هيون يا دانشور طبقو هوندو هيو، جنهن ۾ ان وقت جا وڏا اديب ۽ شاعر به شامل هيا، جن قومپرستيءَ کي پنهنجين لکڻين ۾ فوقيت ڏني. وڏيري جي ڪردار کي ننديو ويو ۽ هارين جي حقن جي ڳالهه ڪئي وئي. ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کانپوءِ مون ائين محسوس ڪيو سنڌ هڪ سال اندر آزاد ٿي ويندي پر ائين نه ٿيو.
اوڻويهه سئو ٽياسيءَ ۾ ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ کانپوءِ جنرل ضيا سنڌين جون همدريون حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، هن محمد خان جوڻيجي کي وزيراعظم بڻايو، جنهن جي اچڻ کانپوءِ سنڌ ۾ هڪ واضح تبديلي آئي. ماڻهن کي نوڪريون مليون. ترقياتي ڪم ٿيا ۽ حيرت انگيز طور اظهار جي آزاديءَ جي ان حد تائين اجازت ڏني وئي جو ان جو مثال نه پئي نظر آيو. ڀٽو صاحب ڀل سنڌ لئي سون هجي پر اظهار جي آزاديءَ جي حوالي سان سندس دل پتل جي هئي. مون کي ياد آهي جنرل ضيا جڏهن سکر جي دوري تي آيو هيو ته خيرپور جي هڪ وڏي شاعر وفد وٺي ان سان ملاقات ڪئي هئي. ان ملاقات ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڪجهه ٻين شهرن جا اديب به هيا. جنرل ضيا ايجنسين ذريعي ڪجهه سنڌي قومپرست اڳواڻ پيدا ڪيا جيڪي اڄ ڏينهن تائين پگهاردار آهن ۽ ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جو بنياد وجهي سنڌ جي طاقت کي ٽوڙي وڌو.
جنهن رات ڀٽي صاحب کي ڦاسي آئي ان صبح جي اس جو رنگ سرءُ ۾ ڇڙندڙ پنن جهڙو هيڊو هيو. شهر ۾ خاموشي ۽ ڏک جي لهر هئي. ٽريفڪ روان دوان هئي، نه بازارون بند ٿيون، نه ٽائر سڙيا، ڪو اهڙو جلوس نه نڪتو جنهن ۾ اڳواڻن تقريرون ڪري اهڙي عمل کي ننديو هجي. مون کي ۽ منهنجي دوست هدايت الله کي ايڏو ڏک ٿيو جو اسان ٻئي سکر جي بازار مان گلاسن جو سيٽ انڪري خريد ڪرڻ وياسين جو ان رات شراب پيئڻو هيو. مون هدايت الله کي چيو، “يار ڇو ٿو خرچ ڪرائين، چار اسٽيل جا گلاس موجود آهن. سوچ پاڻ ٻه ڄڻا آهيون ۽ اسٽيل جا گلاس چار.”
هن مون ڏي ڏٺو، سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀريل هيا.
“تنهنجا اهي اسٽيل جا گلاس ڪنهن ڪم جا نه رهيا آهن. انهن کي سنڌو درياهه ۾ اڇلي اچ جيئن ڏيڏر استعمال ڪن.”
مون هن جي جواب تي غور ڪيو ۽ پوءِ چيو، “ائين نه چئو هدايت الله، اهي اسان جي وڏڙن جي نشاني آهن.”
منهنجي جواب تي کيس ڪاوڙ لڳي.
“ڌوڙپئي آهي وڏڙن کي.” هن چيو، “نه وڏڙا اهڙو ڪم ڪن ها، نه اهي اسٽيل جا چار گلاس اسان جي ڳچيءَ ۾ پون ها.”
مون به اهو ئي سوچيو وڃي کڏ ۾ پون اسٽيل جا گلاس، اڄ رات شيشي جي گلاسن جو سيٽ ٿا وٺي اچون. جڏهن بازار پهتاسين ته مٺائيون ورهائجي رهيون هيون. سکر جي سڄي بازار ذري گهٽ مهاجرن جي حوالي آهي ۽ خبر نه آهي ڇو مهاجر ملڪ ۾ ڏک جي موقعي تي مٺاهي ورهائيندا آهن ۽ خوشيءَ جي موقعي تي روئندا آهن. ڀٽي صاحب کي ڦاسي آئي ته انهن مٺايون ورهايون. جنرل ضيا جو جهاز ڪريو ته انهن جا منهن لٿل هيا. جڏهن هدايت الله ۽ مان گلاس وٺي موٽي رهيا هياسين ته هڪ ٿلهو جوان اسان اڳيان سنڌي ٽوپي پائي هلي رهيو هيو. بازار ۾ هڪ دوڪان جي دڪي تي ويٺل مهاجر ان کي ڏسي چيو، “اڇا هوا گنجي ڪو ڦانسي هو گئي.”
ايترو چوڻ ان صحتمند سنڌيءَ ٽوپي لاهي ڀرسان بيٺل موٽر سائيڪل جي گديءَ تي رکي ۽ مهاجر کي ڳچيءَ کان وٺي زور سان ٻه لپاٽون وهائي ڪڍيون. سنڌيءَ جي اهڙي عمل تي مهاجر ائين هيسجي ويو جيئن ڀت. چپ ڪري بيهي، هن کي ڏسندو رهيو. ٻيا مهاجر به وچ ۾ نه آيا. هر طرف ان جي هيبت طاري ٿي وئي. ان سنڌيءَ موٽر سائيڪل جي گديءَ تان ٽوپي کڻي ڇنڊي پاتي ۽ اڳتي هليو ته اسان ٻئي ان پويان وياسين.
“سائين بيهجو.” هدايت الله ان کي آواز ڏنو.
ان سنڌي ٽوپيءَ واري جوان ڪنڌ ورائي اسان کي ڏٺو ۽ چيو، “حڪم ڪيو.”
هدايت الله نه ڪئي هم نه تم هٿن ۾ جهليل شيشي جي گلاسن جو سيٽ هن ڏانهن وڌائيندي چيائين، “منهنجي دل چوي ٿي هي گلاسن جو نئون سيٽ اوهان کي انعام ۾ ڏيان.”
سنڌي ٽوپيءَ واري جوان جي منهن تي مرڪ اچي وئي.
“پر ڇو؟” هن چيو.
“انڪري ته توهان وچ بازار ۾ اڪيلا هوندي به وڏي دليريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي.” مون چيو.
“ڏک جي موقعي تي ان ڳالهه ئي اهڙي ڪئي جو مون کي ڪاوڙ وٺي وئي، الائي ڪڏهن انهن کي عقل ايندو!”
پوءِ ان اسان ڏانهن همدريءَ مان ڏٺو ۽ چيو، “هن ڏک جي موقعي تي مان توهان کان اهي گلاس تحفي ۾ نه وٺندس. مون وٽ اسٽيل جا گلاس آهن. جيڪي انهن شيشي جي گلاسن کان سئو دفعا سٺا آهن.”
اسان ٻئي حيرت مان ان ڏانهن ڏسڻ لڳاسين.
“ته ڇا توهان وٽ به اسٽيل جا گلاس آهن؟” مون پڇيو.
“ها ڇو نه” هن جواب ڏنو، “ٽي اسٽيل جا گلاس آهن.”
“چوٿون ڪاڏي ويو؟” مون وري پڇيو.
منهنجي سوال تي هو به حيرت ۾ پئجي ويو.
“توکي ڪيئن خبر پئي ته اسٽيل جو چوٿون گلاس به هيو؟”
“اهو ته مون اندازي سان پڇيو، ڇو جو اسٽيل جا ٽي گلاس بغاوت جي نشاني آهي.”
هن اسان سان وڌيڪ بحث ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ۽ چيو، “اسٽيل جو چوٿون گلاس پراڻو ٿي وڃڻ سبب پالش تي ڏنو اٿم، ٺهيو ته ٺيڪ آهي نه ته ڪنهن قومپرست کي خيرات ۾ ڏئي ڇڏيندم.” جڏهن اسين ان همراهه کان موڪلائي اوطاق تي آياسون ته ان رات شيشي جي گلاسن ۾ شراب پيتوسين. هدايت الله نشي ۾ آئوٽ ٿي ضيا کي گاريون ڏيندي ڪاوڙ ۾ ٻه گلاس ڀڃي وڌا. باقي چار گلاس مون بابي کي ڏيکاريندي چيو، “گهر ۾ گلاس نه هيا. نئون سيٽ وٺي آيو آهيان.” هن ڏٺو ۽ گلاس ڳڻيا.
“باقي ٻه گلاس ڪاڏي ويا؟” هن پڇيو،
“اهي ڀڄي پيا.” مون چيو.
“ڪيئن؟”
“گلاسن جو سيٽ وٺي گهر اچي رهيو هيس، رستي ۾ خبر پئي ته ڀٽي صاحب کي ڦاسي اچي وئي آهي. صدمي ۾ گلاسن جو سيٽ هٿن مان ڇڏائجي هيٺ وڃي ڪريو ٻه گلاس ڀڄي پيا.”
اهڙي ڳالهه ٻڌي بابو ٿڌو ٿي ويو. افسوس مان چيائين، “پٽ چڱو ٿيو، ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ ۾ ٻيو ته ڪجهه نه ٿيو، گهٽ ۾ گهٽ اسان جا ٻه گلاس ته ڀڳا.”
پوءِ هن پيار مان چيو، “وڃي تختي تي رک.”
مون شيشي جي چئن گلاسن کي تختي تي رکيو ۽ اتي پيل اسٽيل جي چئن گلاسن کي نفرت مان ڏسندي چيو، “کڏ ۾ پون اسٽيل جا گلاس” ڪيئن به هجي پر اسٽيل جا چار گلاس هيا مضبوط. هيٺ ڪرن، پٿر لڳن، ڳوڙها گيس جا گولا لڳن، ڀڄڻ وارا نه هيا. انهن ۾ هر تشدد برداشت ڪرڻ جي سگهه هئي. اهي چار گلاس ائين هيا جيئن اسان چار دوست، ثناءُ الله کوکر، اشرف آصف مصراڻي، نواز پيرزادو ۽ مان. ڏينهن تتي جو لاڙڪاڻي جي روڊن تي ائين رلندا هياسين جو اُس به پناهه وٺندي هئي. هاسٽل کان ٽي ميل پري ڪاري اس ۾ پنڌ ڪري رائل سينيما ڀرسان هڪ هوٽل تي ويهي چانهه پي مڪيش جي گانن جي فرمائش ڪندا هياسين.
هاسٽل جي ڪمري ۾ مون وٽ ريڊيو رکيل هوندو هيو، جنهن تي دير سان انڊيا جا پراڻا گانا هلندا هيا. هڪ دفعي ٻڌي رهيا هياسين ته نواز جو ريڊيي کي هٿ لڳي ويو، چينل بدلجي ويو ۽ ان تي جنرل ضيا جي راولپنڊيءَ جي دوري جي رپورٽ نشر ٿي رهي هئي. اها رپورٽ ڪجهه هيئن هئي.
“اڄ جنرل ضيا هڪ کليل جيپ ۾ اڪيلي سر راولپنڊي شهر جو دورو ڪيو. ماڻهن تاڙيون وڄائي سندس استقبال ڪيو. جنرل ضيا هڪ هنڌ ماڻهن جي گڏ ٿيل هجوم کي خطاب ڪندي فرمايو:
پوءِ ريڊيو تي ضيا جو آواز اڀريو.
“پيارا هم وطنو، السلام عليڪم”
هجوم مان آواز آيو، “وعليڪم سلام”
“اسلام اسان جو دين آهي.” جنرل ضيا چيو ۽ پوءِ هجوم کان سوال ڪيو، “ڪهڙو دين آهي؟”
“اسلام” هجوم مان آواز آيو.
“اسان تي ڪلمو، نماز، روزو، زڪوات ۽ حج فرض آهن.” هن چيو ۽ وري سوال ڪيو، “ڇا فرض آهن؟”
“ڪلمو، نماز، روزو، زڪوات ۽ حج” هجوم چيو.
“نماز ڏينهن ۾ پنج وقت ضرور پڙهبي آهي.” هن چيو ۽ وري سوال ڪيو “گهڻا دفعا؟”
“پنج دفعا” هجوم جواب ڏنو.
“جيڪڏهن اسان سٺا ڪم ڪنداسين ته رب انهن جو اجورو ڏيندو.” وري سوال ڪيو “ڪير اجورو ڏيندو؟”
“رب” هجوم جواب ڏنو.
اسان چارئي دوست جنرل ضيا جو خطاب ٻڌي کل ۾ اونڌا پيا هياسين. جنرل ضيا کي خطاب ڪرڻ نه ايندو هيو. ڀٽي صاحب جي طوفاني تقريرن کانپوءِ، اهڙيون تقريرون ٻڌي ائين لڳندو هيو جيئن پهرين در جي جي ڪلاس ۾ ماسترن کي ٻار پڙهائيندو هجي.

باب پندرهون

اپريل جو مهينو به عجيب مهينو آهي. ان جو سِر ٻاڪرو ۽ ڌڙ ڳائو آهي. پهريان پنڌرهن ڏينهن سياري سان ڳنڍيل هوندا آهن ۽ پويان پنڌرهن ڏينهن اونهاري سان. اپريل جو مهينو اهڙي پل آهي جنهن تان چڙهي مئي جي دوزخ ۾ داخل ٿبو آهي. اهو مهينو ٻه منهين بلا آهي جنهن جي هڪ منهن ۾ امرت ۽ ٻئي ۾ زهر آهي. گرم علائقي جي ماڻهن لاءِ سيارو سٺو آهي. لوڊشيڊنگ جي دنيا ۾ رهندي اسان بغير پاڻيءَ جي تڙ ڪرڻ واري قوم آهيون، ايڏا باضمير آهيون جو پاڪستاني سڏائيندي پيشانيءَ جو پگهر سڪي ئي ڪونه ٿو. سيارو پوءِ به سٺو، شرم پرچائڻ جو موقعو ملي ٿو پگهر کان بچي وڃون ٿا.
سائنسي طور گرم موسم جو انساني جسم تي گهڻو اثر آهي. گرمي عمر کي ننڍو ڪري ٿي. گرميءَ ڪري جيئن گهڻا ماڻهو مرن ٿا، تيئن گهڻا ماڻهو ڄمن ٿا.
اپريل مهيني ۾ جيڪو ٻيو نقصان ٿيو، اها ڀٽي صاحب جي ڦاسي هئي. جيڪڏهن اپريل مهينو نه هجي ها ته شايد ڀٽي صاحب کي ڦاسي نه اچي ها. ان جو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته اپريل سال جي ٻن موسمن کي الڳ ڪري ٿو، جيئن سانجهي ڏينهن ۽ رات کي الڳ ڪندي آهي. جڏهن سانجهي ٿيندي آهي ته جهنگ جا سڀ شينهن، هاٿي، بگهڙ، چرخ ۽ ٻيا خانبهادر جانور اوٻاسيون ڏئي سمهي پوندا آهن. ائين شايد اپريل جي مهيني ۾ سڄو سال سياست ۾ ڊاڙون هڻندڙ سياستدان گهرن کان ٻاهر نه نڪرندا آهن. جڏهن چار اپريل تي ڀٽي صاحب کي ڦاسي آئي ته سواءِ ملڪ جي هڪ ٻن ڀنگين جي، جن پاڻ کي باهه ڏني، ٻيو ڪو به گهر کان نه نڪتو. ڀٽي جي ڦاسيءَ تي احتجاج ڪندي پاڻ ساڙيندڙ ڀنگين جي نالن پويان به لفظ “مسيح” هيو ته جنهن ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏني ان جلاد جي نالي پويان به لفظ “مسيح” هيو.
سُو ان تي اهو پهاڪو ٺهڪي اچي ٿو ته “ڪري به مسيح، سهي به مسيح” هونئن به مذهبي جوڪ آهي ته “عيسيٰ کي ڪنهن صليب تي نه چاڙهيو، هو پاڻ چڙهيو.” واڻ وٽيندڙ کي ڪرتب ڏيکاري خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته اهو رسو ئي انعام ۾ ڏئي سگهي ٿو. اسين واڻ وٽيندڙ قوم آهيون، اسان جون کٽون ڇڳل آهن. ڏوهه اسان جو نه آهي کٽن جو آهي، جيڪي وراثت ۾ مليل آهن، پراڻيون ٿي چڪيون آهن ڀڳيون ناهن.
چون ٿا سياڻي کي عقل نه هوندو آهي. ماڻهو چريو ٿيندو ئي تڏهن آهي، جڏهن کيس عقل عطا ٿيندو آهي. ضيا به عقل سان سينگاريل هيو، کيس ٻه اکيون هيون. هڪ اڳيان هڪ پويان، پاڪستان ان جي اڳئين اک ڏٺي جنهن ڪري کيس “ڪاڻو” ڪوٺيندا هيا. پوئين اک افغانين لاءِ هئي، ڪي وري کيس قادياني ڪوٺيندا هيا ۽ ضيا هر هر چوندو هيو، “الحمد الله مان قادياني نه آهيان.” معاشري ۾ چورن پاران لڳايل تهمت ته “تون چور نه آهين!” ۽ ان جي جواب ۾ وري ڪو قسم کڻي چوي ته “مان چور نه آهيان.” پوءِ پڪ ڄاڻو ته اهو چورن جو سردار آهي. سچائيءَ کي تصديق يا ترديد جي ضرورت نه پوندي آهي. سچائي پاڻ ثابت ڪرڻ لاءِ وقت جو انتظار ڪندي آهي. پاڪستان ۾ خلافت جو سنگ بنياد رکندڙ امير المؤمنين ضيا الحق جيڪو حڪمرانيءَ جا ٻارنهن سال ڀٽي جو لاش رسي ۾ ٻڌي ڳچيءَ ۾ پائي گهمندو رهيو جڏهن سڙي مئو ته سڙيل رسي جا وٽ ساڳيا هيا. ضيا اڳين اک سان ماڻهوءَ جي پٺ ڏسندو هيو ۽ پوئين اک سان ماڻهوءَ جو اڳ. هن جون مڇون قطب نما هيون ۽ وات ٽهڪ ڏيندڙ ڏندن جو قبرستان. جهاز سميت ڪري مئو ته سڙڻ کانپوءِ کيس ڏندن تي سڃاتائون.
عقلمند ضيا ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ لاءِ اپريل مهيني جي چونڊ ڪئي. ڇو جو اپريل جي پهرين تاريخ ۽ چوڏهين آگسٽ ۾ اهو فرق آهي ته فرسٽ اپريل، فرسٽ اپريل آهي ۽ چوڏهين آگسٽ چوڏهين آگسٽ!
مون کي ياد آهي هاسٽل ۾ رهڻ دوران اپريل فول ملهائيندا هياسين. حيرت ٿيندي هئي، دشمن ۽ دوست هڪ ٻئي جي اهڙين حرڪتن کي درگذر ڪري ٽهڪن ۾ اڏاري ڇڏيندا هيا، جن حرڪتن تي هونئن جيڪر فساد ٿي پون. سو ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کي به درگذر ڪيو ويو.
مسلمانن کي جيئن سال ۾ هڪ مهينو روزا رکڻا پون ٿا ائين هڪ مهينو اهڙو به هجڻ گهرجي جو يارهن مهينا روئڻ کانپوءِ ان مهيني ۾ روئڻ کان توبا تائب ٿجي ۽ شايد اپريل جو مهينو ان لاءِ موزون آهي. چار اپريل تي ذهني مريض مٺايون ورهائي ۽ کائي شگر جا مريض ٿي پيا. اسان سنڌي ٻه چار ڳوڙها وهائي سمهي پياسون. جڏهن سَوڙ پيا پايون ته گرمي پئي ٿي ۽ جڏهن چادر پيا پايون ته سيءُ پيو ٿي. ڇا ڪجي اپريل جو مهينو سال جو انفرادي مهينو آهي. گرم پاڻي پيءُ ته هانءُ سڙي، ٿڌو پاڻي پيءُ ته زڪام ٿي پوي.
انهن ڏينهن اسٽيل جا بچيل چار گلاس قوم جي حالت ڏسي تختي تي کلي کلي ڌوڙ ۾ اونڌا پيا هوندا هيا. ويچارا اسٽيل جا چار گلاس ڄڻ هڪ ٻئي جا ناراض ڀائر هيا. هڪ گلاس جيڪو چوري ٿي چڪو هيو. اها پوءِ خبر پئي ته ڀائرن کان ناراض ٿي هليو ويو هيو. گهر جي ڪجهه ڀاتين کي اڃان به اعتراض آهن ته اهو گلاس چوري ٿي ويو هيو، پر ڪجهه ڀاتي چون ٿا ته اهو ناراض ٿي هليو ويو آهي. “مگن مست” جيڪو ننڍڙي عبدالقادر جو دوست ۽ شيدي بادشاهه جي مجاور جو پٽ آهي. ان مست واهه جي ڳالهه ڪئي، چيائين “ڀلا اسٽيل جو گلاس ماڻهو آهي ڇا جو ناراض ٿيندو؟”
ماسات جنهن جمعيت وارن سان گڏ ساڌ ٻيلي جا بت ڀڳا هيا، ان ڳالهايو ۽ چيو، “خدا ناراض ٿئي ته پوءِ اسٽيل جا گلاس به ناراض ٿي سگهن ٿا.” پوءِ ان مگن مست کي چيو، “پيارا مست گهڻي مستي نه ڪر، مستي ڪفر آهي.”
ان کان اڳ جو ڳالهه وڌي وڃي، مامي “مفڪر” وچ ۾ ٽپو ڏنو ۽ چيو، “ادا اهو پراڻو اسٽيل جو گلاس ڪير چوري ڪندو؟” ڀلا عاشقن جون ڀڳل دليون ڪهڙي ڪم جون؟”
غلام سرور “سادو” جيڪو مائي پٺاڻيءَ جي گهوڙن جو مالشي هيو، ان سادگيءَ سان چيو، “بيشڪ ڳالهه ساڳي آهي. ڀڳل دليون ڪهڙي ڪم جون، پاڻي ڀر ته وهي ويندو.”
دراصل ان سادي شخص عاشقن جي دلين کي پاڻي ڀرڻ واريون دليون سمجهيو هيو، ڇو جو اهو مالشيءَ سان گڏ پکالي به هيو ۽ روز شام جو پکال ڀري شيدي بادشاهه جون دليون ڀريندو هيو. پير جي مزار ۾ پيل چندي جي پيٽيءَ جون چاٻيون هن جي پيٽ سان ٻڌل هونديون هيون ۽ هو ايمانداريءَ سان چاٻيون ڇوڙي چندي جي پيٽيءَ مان ايترا پئسا کڻندو هيو جيترو معاوضو هيو. ٻيا پئسا اتي ويٺل فقيرن ۾ ورهائي ڇڏيندو هيو جيڪي فقير وري رات جو واپس ويندي عقيدت مان چندي جي پيٽيءَ ۾ واپس وجهي ڇڏيندا هيا ته ائين ڪرڻ سان کين خيرات ۾ وڏا پئسا ملندا ۽ اهي هڪ ڏينهن ايڏا پئسي وارا ٿي ويندا جو اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهندا.
دنيا جا ڪيترائي نامور ڏاها، اديب، موسيقار ۽ آرٽسٽ اهڙا آهن جن جي جنازي ۾ چئن يا چئن کان ڪجهه وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. وقت جي لحاظ کان کڻي انهن جو قدر نه ٿيو ۽ جڏهن دفن ٿي ويا ته مرڻ کان پوءِ انهن جا هزارين عقيدتمند پيدا ٿي پيا، جن اهڙن عظيم انسانن جي ناقدريءَ تي ڏک جو اظهار ڪيو. انهن ملامت محسوس ڪئي ۽ انهن عظيم انسانن کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪري کين وڏو درجو ڏنو.
اڄ به انگلينڊ ۾ هر سال عظيم شاعر ۽ اديب “ايلن پو” جو جنم ڏينهن ملهائڻ لاءِ ان جا سوين مداح سندس علامتي جنازو کڻي گهٽين ۾ گهمائين ٿا ڇو جو “ايلن پو” جي جنازي ۾ چار پنج ماڻهو شريڪ ٿيا هيا. ايلن پو جو مشهور نظم جنهن ۾ ڪانءُ هن جي در تي ويهي شيشي کي ٺونگا هڻي ٿو اڄ به مشهور آهي.
عظيم موسيقار “موزارٽ” به اهڙي ئي ناقدريءَ جو شڪار ٿيو. سندس جنازي ۾ چار ماڻهو شريڪ ٿيا جن ۾ هڪ بگي گهوڙي هلائيندڙ به شامل هيو. بگيءَ ۾ موزارٽ جو جنازو وجهي جڏهن قبرستان وڃي رهيا هيا ته رستي تي مينهن وسي پيو. اهڙي صورتحال ڏسي ٽي ڄڻا ڀڄي ويا ۽ بگيءَ وارو موزارٽ جو مڙهه اڪيلي سِر کڏ ۾ اڇلي مٿان مٽي وجهي هليو ويو. ٻيا به گهڻا اهڙا مثال آهن جن ۾ سن فلاور جهڙي ناياب تصوير ٺاهيندڙ وان گوگ پڻ شامل آهي. جنهن جي جنازي ۾ ڏهه ماڻهو مس شريڪ ٿيا.
مان گواهه آهيان ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کانپوءِ چوٿين ڏينهن جڏهن هدايت الله سان گڏ ڳڙهي خدا بخش روانو ٿيس ته اپريل جي مهيني ۾ ايڏي گرمي نه هئي پر پوءِ به مون بوتل پاڻيءَ جي ساڻ کنئين ۽ تختي تان هڪ اسٽيل جو گلاس لاهي اهو سوچي کينم ته جيڪڏهن بوتل منهن تي چاڙهيندس ته هدايت الله اعتراض ڪندو ته “درد ئي درد آ تنهنجي دل ۾، تنهنجي اوڀر ڪير پيئندو اي دوست” ان لاءِ مون اسٽيل جو گلاس ڌوئي هدايت الله کي ڏنو ته “يار اسٽيل جو گلاس تمام ضروري آهي. ڇو جو ڪڏهن تون پيئندين ۽ ڪڏهن مان، جيڪڏهن ساڳي بوتل وات تي چاڙهي پيئنداسين ته بوتل مٽ يار ٿي پونداسين. انڪري بهتر آهي ته پاڻ پڳ مٽ يار هجون ڇو جو بوتل مٽ يار، ڀٽو صاحب ۽ ايران جو شهنشاهه رضا شاهه پهلوي به هيا جيڪي ڏکي وقت هڪ ٻئي جي ڪم اچي نه سگهيا.” هدايت الله ۽ مان صبح جو سوير گهر کان نڪتاسين ۽ جڏهن بس اسٽاپ تي پهتاسين ته سڀ ڊرائيور ڪنڊيڪٽرن سان سمهيل هيا. ماڻهن تي خوف طاري هيو. ضيا جا ڦٽڪا اهو نه ڏسندا هيا ته پٺي ماڻهوءَ جي آهي يا گڏهه جي. سکر کان لاڙڪاڻيءَ باءِ پاس جنهن جي پيڙهه جو پٿر ڀٽي صاحب رکيو هيو ان جو باقاعدي افتتاح ضيا جي ڏينهن ۾ ٿيو. ان روڊ تي سڃ ائين هوندي هئي جيئن ڌاڙيل سنگهي ويا هجن. هڪ دفعي سکر کان لاڙڪاڻي ويندي مان اهڙي ويگن ۾ سوار ٿيو هيس جيڪا ان روڊ تان هلي رهي هئي. ڊرائيور گاڏي اسٽارٽ ڪري اسٽرنگ تي هٿ رکي سمهي پيو. پوئين سيٽ تي ويٺل ماڻهن جي نظر ڊرائيور مٿان لڳل شيشي تي پئي جنهن ۾ سندس بند اکيون ڏسي هڪ همراهه رڙ ڪئي. “ادا ان کي جاڳايوس.” ڊرائيور جي ڀرسان ويٺل شخص اوٻاسي ڏئي ڪنڌ ورائي ڏٺو ته ڊرائيور واقعي ئي ننڊ ۾ گاڏي هلائي رهيو هيو. ان ٺوٺ هنيس.
“ميان ماڻهو رڙيون ٿا ڪن. اکيون کولي گاڏي چڱيءَ طرح هلاءِ.” ڊرائيور ڇرڪ ڀري جاڳيو ۽ گاڏي ان جي ڪنٽرول مان نڪري ڪچي ۾ هيٺ لهي وئي. ڊرائيور هوش سنڀاليندي ماڻهن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“هيءُ روڊ ٺهيو ئي ان لاءِ آهي ته اکيون ٻوٽي گاڏي هلائجي. آخر ملڪ به هلي ٿو يا نه؟” جڏهن گاڏي روڊ تي واپس آئي ته ڊرائيور جي ڀڪ ۾ ويٺل همراهه تي اها ڊيوٽي رکي وئي ته اهو هر پنجن منٽن کانپوءِ ڊرائيور کي ڪک ۾ آڱر هڻي جيئن اهو جاڳندو رهي ۽ ڪنهن نقصان کان بچي وڃون.
هدايت الله ۽ مان هن دفعي ويگن ۾ ته نه ويٺاسون پر بس ۾ سوار ٿياسين. جيڪا اٽڪل يارهين وڳي اسٽاپ تان هلي ۽ ٻن ڪلاڪن کانپوءِ نئين ديري پهچايو. تن ڏينهن نئين ديري اچڻ کان اڳ سڃ ڪري هڪ ڪلوميٽر پري کان سارين ڇڙڻ جي ڪارخاني مان “ٽپ... ٽپ... ٽپ” جا آواز ايندا هيا ۽ سمجهي ويندا هياسين ته نئين ديري پهچڻ وارا آهيون. ان سيلر مان ايندڙ اهي آواز ائين لڳندا هيا ڄڻ سياست کي “ٽي بي” ٿي پئي هجي ۽ سندس کنگهه بند ٿيڻ جو نالو نه وٺندي هجي. نئين ديري لهي اسان کي ٽانگي تي چڙهڻو پيو جو انهن ڏينهن نئين ديري کان ڳڙهي خدا بخش تائين، ڪراچي شهر جي ڪنهن روڊ جي پاسي کان بلاڪن سان ڍڪيل گندي پاڻيءَ جي نالي جي ويڪر جيترو ڀڳل روڊ هوندو هيو، جنهن تي ٽانگو ائين هلندو هيو جو پوئين سيٽ تي ويٺل همراهه جهاڪن تي لڏي ڪڏهن “نه نه” ڪندا هيا ته ڪڏهن “ها ها” ڪندا هيا. اهي ٽانگا سنڌ پوليس ايجاد ڪرايا هيا جيئن ماڻهو نه ڪيل ڏوهن جو اعتراف ڪري سگهن. سڄو رستو جهنگ هيو جنهن تي اڪ ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ ائين نظر ايندا هيا جيئن فطرت ڊيڄاريندي هجي ته “اهو جهاڪن وارو رستو ڇڏي سڌي رستي تي اچ.” جهاڙين ۾ هر هنڌ سانڊا ڊڪندي نظر ايندا هيا. جيڪي هڪ ڪامريڊ ٻڌايو ته “اهي وڏيرن پاليا آهن جيئن انهن جو تيل استعمال ڪري سگهن.”
ٽانگو هلي رهيو هيو ته هدايت الله کي اڃ لڳي. مان کيس بوتل مان اسٽيل جو گلاس ڀري ڏنو. هدايت الله اهو گلاس ڏکيائيءَ سان چپن تائين آندو جڏهن پي رهيو هيو ته اهو ڪڏهن کٻيءَ واڇ کان ته ڪڏهن ساڄي واڇ کان هيٺ پئي وهيس. ڳڙهي خدا بخش پهتاسين ته منجهند ٿي وئي، “شڪر آهي بکايل هياسين، اڃايل نه.” شڪر ڪرڻ باوجود ٽانگي تان لهي هوٽل ڳولهيوسين ته ڪٿي مانيءَ جا ٻه چار گرهه کائون. پر هوٽل ته ڇا “نه پکي نه پکو.” سوَڪهڙي جي سڀ کان پهريون خبر پکين کي پوندي آهي ۽ پوءِ پکا ويران ٿي ويندا آهن. شايد توهان يقين نه ڪيو پر اها حقيقت آهي ته جڏهن مان ۽ هدايت الله ڀٽي صاحب جي قبر ڳولهي رهيا هياسين ته گهٽيون ويران هيون. اسان کي ڳوٺ ۾ گهمندي ٻه ماڻهو ٻيا به نظر آيا جيڪي ٻاهران آيل هيا. نه انهن حال احوال ورتو ۽ نه اسان ڏنو. هڪ پوڙهو جيڪو ڳوٺ جو رهواسي هيو ۽ گهٽيءَ ۾ ويٺو هيو، ان کان معلوم ٿيو ته ڀٽي صاحب جي اباڻي جاءِ ڪهڙي آهي. اها هڪ عام رواجي ڪچين ۽ پڪين سرن سان ٺهيل جاءِ هئي، جنهن جي ٻاهرين ڀت کي گاري سان ليپو ڏنل هيو ۽ ڪوٺي جو پلوڙو جنهن ۾ تاس جي پتي تي ٺهيل چڙيا نما جارا هيا. اسان کي قبرستان پڇائڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي. اهو اڳتي هلندي پنهنجو پاڻ اچي ويو. ڳوٺ ڇا هيو؟ ٻه چار گهٽيون جن ۾ ڌوڙ اڏامي رهي هئي. ڪچيون ڀڳل جايون، ٽي نم جا وڻ جن تي ڳيرا “گهگهو گهو... موسا کوهه” ڪري رهيا هيا. قبرستان پهتاسين ته ڀٽي صاحب جي قبر بلڪل واضح هئي. ٻيون سڀ قبرون پڪيون اڇي رنگ جون هيون ۽ ڀٽي صاحب جي قبر تازي مٽيءَ جو اڀار، جنهن تي مٽيءَ کوٽيل ڳنڍا اڃان آلا هيا. شاگرد سياست ۾ مان ڀٽي جو مخالف رهيس پر اهو منظر ڏسي منهنجين اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. مان ڀٽي صاحب جي قبر تان تازيءَ مٽيءَ جو ڳنڍو هٿ ۾ کڻي آڱرين سان مهٽي سُڏڪندو رهيس. اتي مون ۽ هدايت کانسواءِ ڪنڊ ۾ هڪ فقير ڦاٽل ڪاري قميض پائي ويٺل هيو. اهو هر هر چئي رهيو هيو، “آهي ڪو سخي جيڪو مان غريب جي مدد ڪري، مان وٽ گهر نه آهي، منهنجا ٻچا بکايل آهن.” اهو ڦاٽل ڪپڙن وارو فقير هر هر صدا هڻي رهيو هيو.
منهنجي ذهن ۾ ڀٽي صاحب جو “روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان” وارو نعرو گونجي رهيو هيو. هدايت الله زارو قطار روئي رهيو هيو. هن روئندي ڪاوڙ مان هٿ ۾ جهليل اسٽيل جو گلاس زور سان پري اڇلايو ۽ ضيا کي گار ڏني. اسٽيل جو گلاس ڌرتيءَ سان لڳو، ائين آواز ٿيو جيئن اهو ڪَوڪَو نڪري ويو هجي جنهن ۾ گهڙيال ٽنگيل هجي. مون دل ۾ سوچيو:
“هدايت الله چڱو ڪيو، خدا خانو خراب ڪري اسٽيل جي گلاس جو، سڄي حرڪت ان جي هئي.”


باب سورهون

خبر نه آهي اسٽيل کي سنڌيءَ ۾ ڇا چئجي پر لوهه ۽ فولاد ٻه الڳ شيون آهن. عربيءَ ۾ لوهه کي حديد ۽ اسٽيل کي فولاد چيو ويندو آهي، پر اهي بچيل چار اسٽيل جا گلاس اڃان سلامت هيا. اهي پاڪستان جهڙا مضبوط گلاس جن کي ٺهڻ کانپوءِ ڪڏهن پالش نه ڪئي وئي هئي، ميرا ۽ ڪوجها نظر ايندا هيا. هڪ گلاس کي ڇڏي باقي ٽن گلاسن کي ڳجها چگهه هيا. وڏڙن جي نشاني هيا انڪري کين دل سانڍڻ پئي چاهيو.
پاڪستان اسٽيل مل جو ڀٽي جي دور ۾ سوويت يونين جي تعاون سان بنياد پيو، مل جڏهن باقاعده هلڻ شروع ڪيو ته دور بدلجي چڪو هيو. سنڌي صحيح معنيٰ ۾ اسٽيل جي نالي کان تڏهن واقف ٿيا. مون به سوچيو ته پڪ ان ۾ اسٽيل جا گلاس ٺهندا. سوويت يونين جو انهن ڏينهن ۾ ڪم ئي اسٽيل جا گلاس ٺاهڻ هوندو هيو. ان لاطيني آمريڪا کان ويندي آفريڪا ۽ ايشيا جي ڏورانهن ملڪن ڏانهن وڏيون امدادون ۽ ماهر موڪلي نوان اسٽيل جا گلاس ٺاهيا هيا. ڪامريڊ چي گويرا ۽ فدل ڪاسترو سگار پي مٿان اسٽيل جي گلاسن ۾ ووڊڪا پيئدا هيا. اهي گلاس اڄ به چمڪي رهيا آهن ۽ انهن جي روشنيءَ سڄي لاطيني آمريڪا کي متاثر ڪيو. مون سوچيو هيو پاڪستان اسٽيل مل ۾ ضرور اهڙو سسٽم هوندو جو پراڻا اسٽيل جا گلاس رجائي نوان ٺاهيا ويندا، پر ائين نه ٿيو. مون کي اها خبر نه هئي ته ڪو اسان جا پنجابي ڀائر لوهه کي به اسٽيل چوندا آهن، ڇو جو پنجاب ۾ چوڌرين پنهنجين ننڍين فيڪٽرين کي به اسٽيل مل جو نالو ڏنو. جن ٽيئر، گارڊر ۽ سيخان ٺهنديون هيون. پاڪستان اسٽيل مل ۾ ڪي نوان اسٽيل جا گلاس ته نه ٺهيا پر اتان ٺهيل لوهه جي مصنوعات تي اسٽيل جو ٺپو هوندو هيو. اهو ڏسي ڏک ٿيندو هيو ته عمارت سازيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لوهه جي سيخن تي اسٽيل جو ٺپو ڇو آهي؟ اسان سدائين لوهه ۽ اسٽيل کي ساڳيو سمجهيو آهي جنهن ڪري خطائون کاڌيون آهن. جيڪڏهن لوهه کي لوهه سمجهون ته اهڙي سچائيءَ سان اسان جي ايمان کي ڪهڙو خطرو آهي؟ لوهه کي ڪٽ لڳي ٿي ته بيشڪ لڳي، ڇو جو آهي ئي لوهه! باقي ان کي اسٽيل جو نانءُ ڏئي اسان مقدس ڌاتوءَ جي توهين ڪئي آهي ۽ ان جو ڀوڳي رهيا آهيون.
شابس آهي سکر جي نبي بخش جوکيي کي جنهن جو پيراڊائيز سينما ڀرسان لوهه جو ڪارخانو هوندو هيو، جنهن ڪارخاني مٿان هڪ وڏي بورڊ تي ٿلهن اکرن ۾ “نبي بخش فونڊري” لکيل هوندو هيو. اهو پنهنجي لوهه جي ٺهيل سامان کي لوهه ڪوٺيندو هيو. سندس ايمان محفوظ هيو ۽ ڪڏهن لوهه کي اسٽيل نه چيائين. هو اڃان به وڌيڪ ايمانداريءَ جو مظاهرو ڪندي چوندو هيو، “لوهه جا نه بير آهن.” بير گهٽ درجي ملاوٽ وارو لوهه هوندو آهي جيڪو باهه تي پگهرجي پاڻي ٿي پوندو آهي ۽ ڍلائي ڪري ان مان ضرورت جو سامان گهرج موجب ٺاهي سگهبو آهي. ان ڍلائيءَ جي ڪارخاني کي وڏو در هوندو هيو جتي در تي ويهي مان اندر ڪم ڪندڙ مزدورن کي ڏسندو هيس. اهي هڪ وڏي کوري ۾ بير جا ٽڪر وجهي گرم ڪري واريءَ جي ٺاهيل قالبن ۾ هاريندا هيا. اهو بير پاڻيءَ وانگر وهي ٿوري دير ۾ قالبن اندر ڄمي ويندو هيو ۽ ٺرڻ کان پوءِ ان قالب مان ڪڍيو ويندو هيو. مان سوچيندو هيس ماڻهو ڀل لوهه هجي پر ان جي دل پاڻي نه هجي ته گهٽ ۾ گهٽ بير جهڙي هجڻ گهرجي. اسٽيل جي دل اسٽالن جي ٿي سگهي ٿي. مسولينيءَ جو مٿو اسٽيل جو هيو، ڇو جو جڏهن عوام ان کي مارڻ لاءِ مٿي جا ڌڪ هنيا ته مري ئي نه پيو، مجبور ٿي کيس رسو وجهي چوسول تي لڙڪائي ڇڏيائون. سنڌ جا دانشور ڀٽي صاحب کي اسپين جي جنرل فرانڪو سان ڀيٽيندا هيا. ان وقت جا اديب ۽ دانشور جيڪي خدا کي پيارا ٿي چڪا آهن. تن ڏينهن کين خدا پيارو نه هيو. جڏهن سندن من ۾ خدا جو پيار جاڳيو ته اهي خدا کي پيارا ٿي ويا.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڀٽو صاحب جنرل هيو جنهن وٽ مئل ماڻهن جي فوج هئي. هو کين عزت مان “عوام” ڪوٺيندو هيو ۽ عوام پاڻ کي “عام” سمجهندو هيو. عام معنيٰ عام رواجي جنهن جي ڪا حيثيت نه هجي، پر ايجنسين ان کي اڳتي هلي “آم” سمجهيو ۽ ضيا جي جهاز ۾ انبن جا ٽوڪرا رکائي انهن ۾ بم لڪائي کيس فنا فلا ڪري ڇڏيو.
چار اسٽيل جا امر گلاس سفر ۾ وڏو ساٿ ڏيندا هيا. شيشي جا گلاس جيڪي سدائين ڪوشش ڪندا آهن ته ڀڄي جان ڇڏايون. سو فرق اهو آهي ته ماڻهوءَ تي مصيبت نازل ٿيندي آهي ته اهو ڀڄي جان ڇڏائيندو آهي ۽ شيشي جا گلاس به ائين بيزار هوندا آهن جيئن بي جان نه هجن پر انهن اندر ڪو شفاف روح هجي ۽ انتظار ۾ هجي ته ماڻهو غلطي ڪري ته ڀڄي جان ڇڏايون.
لک شابس هئي بالي ڀنگياڻيءَ جي مڙس چمن کي جنهن سورنهن سال ان ننڍڙي شيشي جي گلاس جي حفاظت ڪئي جنهن ۾ اهو پاڻيءَ ۾ آفيم ملائي رکندو هيو ۽ پوءِ ململ جي ڪپڙي سان ڇاڻي پيئندو هيو. اهو تختي تي رکيل ان گلاس وٽ ٻوهارو جهلي ائين بيٺل هوندو هيو جيئن ڪنهن سربراهه جو گارڊ هجي. ٻارن کي گلاس ويجهو نه وڃڻ ڏيندو هيو ته متان عوام وانگر کيچل نه ڪن ڇو جو کيچل سبب اسٽيل جا گلاس ئي محفوظ رهي سگهندا آهن. شيشي جا گلاس ڪڏهن هوا تي هيٺ ڪري ڀڄي پوندا آهن ۽ انهن کي ميڙڻ لاءِ ٻهاري جي ضرورت پوندي آهي. تنهن لاءِ “چمن” ٻهاري کي به اهڙو ئي هٿيار سمجهندو هيو جهڙو ٻي جنگ عظيم جو بلڊوزر، جنهن سان لاتعداد لاش ريڙهي کڏن ۾ اڇلايا ويندا هيا.
سفر ۾ مون شيشي جو گلاس گڏ کڻڻ ڇڏي ڏنو هيو، ان دفعي اسٽيل جو گلاس ۽ پاڻيءَ جي ٿڌي بوتل کڻي جڏهن مان نواز پيرزادي سان ملڻ لاءِ لکيءَ روانو ٿيس ته ائين پئي لڳو ڄڻ سج بس مٿان ڇت تي ويهي. اسان سان گڏ سفر ڪندو هجي. هڪ ڏينهن اڳ آنڌي آئي هئي، جنهن ۾ وڻ جو ڏار نواز پيرزادي جي پڌر ۾ سمهيل ڀاڄائيءَ مٿان ڪريو هيو ۽ اها فوت ٿي وئي هئي. لکيءَ پهچي مان هن سان عذر خواهي ڪئي، سندس وڏو ڀاءُ ربنواز ڏاڍو غمگين پئي نظر آيو. مون جڏهن ان کان وارتا پڇي ته سادن لفظن ۾ جواب ڏنائين، “ادا پڌر ۾ سمهيل هياسين. اڌ رات جو آنڌي آئي، جيسين اٿون، آنڌي ايڏي ته تيز هئي جو وڻ جو ڏار اوچتو ٽڙڪاٽ ڪندو هيٺ مائيءَ مٿان اچي ڪريو ۽ مائي مري وئي.”
نواز جو وڏو ڀاءُ ربنواز ڪيترا ڏينهن زال جي غم ۾ اڪيلو ويٺو هوندو هيو. هڪ دفعي نواز ان کي پروفيسر نظير وٽ وٺي آيو، جنهن وٽ اسان هائوس جاب ڪندا هياسين. پروفيسر نظير ان جي هسٽري وٺي کيس ڊپريشن جو مريض قرار ڏنو. هن ڪجهه سيمپل ٽيبل جي خاني مان ڪڍي نواز کي ڏنا. جنهن کيس هڪ ڪيپسول پاڻيءَ سان کارائي اسپتال جي ڪينٽين ۾ ڪرسيءَ تي وڻ هيٺان ويهاري چانهه جو آرڊر ڏنو. هر طرف گرميءَ ڪري اوڙاهه ۽ حبس هيو. اسان سڀ پگهر ۾ شل هياسون. ڪيپسول کائڻ کانپوءِ ربنواز تي ايڏو اثر ٿيو جو کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکائي سوٽو هڻي چانهه جي سپ ڀريائين ۽ پوءِ لاشعوري طور ڪرسيءَ جي ٻانهن تي طبلي جيان هٿ هڻي سريلي آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيائين.
يي هوا، يي رات، يي چاندني،
تيري اڪ ادا پي نثار هئي.
سندس گانو ٻڌي “واهه واهه” ٿي وئي. نواز کي خوشي ٿي ته دوا جلد اثر ڏيکاريو آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته ان ٻي شادي ڪئي آهي.
سو جڏهن لکيءَ پهتو هيس ته لکي اها لکي نه هئي جيڪا مون ننڍي لاءِ ڏٺي، وڏا چوندا هيا “لکي لک لهڻي” اها لکي لهڻي هاڻي صفا سکڻي هئي. نه اهي هٻڪار، نه اهي پکي، نه وڻ، نه ڍنڍون، نه ڪنول، نه آڙيون، نه اهو بڙ جيڪو بس اسٽاپ تي هوندو هيو ۽ هيٺان ٿڌي پاڻيءَ جون مٽڪيون ڀريل هونديون هيون.
انگريزن کانپوءِ ماڻهن ڪجهه نه سکيو، سواءِ ان جي ته اهي به انگريزن جيان قبضو ڪن. انگريز ملڪن تي قبضا ڪندا هيا ۽ آزاديءَ کانپوءِ ماڻهن پلاٽن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. زمين تي قبضا، روڊ جي پاسن کان قبضا ۽ هاڻي قبرستانن تي به قبضا ٿي رهيا آهن. قبضي لاءِ زمين ناياب ٿي چڪي آهي. ڪراچيءَ ۾ ڪجهه ماڻهو پئسا ڏئي اهو معلوم ڪندا آهن ته “آهي ڪا جاءِ جنهن تي قبضو ڪري سگهون.” شاعرن به حد ڪري ڇڏي آهي. محبوب کي اطلاع ٿا ڏين ته “تنهنجي دل تي قبضو ڪيو آهي تون پنهنجي وجود جو دعويدار نه آهين.” سو وتائي فقير جهڙي هڪ ماڻهوءَ قبرستان ۾ وڃي هڪ قبر جيتري جاءِ تي ان لاءِ قبضو ڪيو ته کيس ڪٿي به جهڳيءَ ٺاهڻ جيتري جاءِ نه پئي ملي. ان جي اهڙي حرڪت تي بلڊر مافيا جي هڪ بندوق باز کيس ٽوڪيندي چيو، “اهو قبضو نه آهي قبضي آ.”
ان تي فقير جواب ڏنس، “قبضي سٺي، اهي اسهال توهان کي مبارڪ هجن.”
هر ڪو مايا جي ڄار ۾ ڦاسي چڪو آهي. اڳي سيٺين وٽ پئسو هوندو هيو ته کين لڪائڻ لاءِ جاءِ نه ملندي هئي. بينڪون نه هيون، گنين جا ماٽا ڀري ڀتين ۾ دفنائي ڇڏيندا هيا.
لکي جو مشهور قصو آهي. لکيءَ کي حڪيم غلام شاهه پويان سڃاتو ويندو آهي. جنهن ڪري ڳوٺ جو پورو نالو لکي غلام شاهه آهي. چون ٿا غلام شاهه وقت جو وڏو حڪيم هيو. هڪ دفعي کيس گهٽيءَ مان لنگهندڙ ڪو شخص اهڙو نظر آيو جنهن کي مٿي تي گيهه جو ٽين رکيل هيو، سندس هٿ وٽ لڳل گيهه ڄميل هيو. حڪيم صاحب اتي ويٺل هڪ ٻن شخصن کي ٻڌايو ته “هيءُ شخص جيئن گهر پهچندو ۽ گيهه جو ٽين لاهي ويهندو مس ته مري ويندو.”
ماڻهو ان شخص پويان ويا، جڏهن اهو گهر پهتو ۽ گيهه جو ٽين لاهي جيئن ويٺو ته مري ويو. حڪيم صاحب جي حڪمت کي آزمائڻ لاءِ ڪي ڳوٺاڻا هن وٽ آيا ۽ عرض ڪيائون، “مائي سخت بيمار آهي، اسين پرديدار آهيون، مائيءَ جو منهن نه ڏيکارينداسين ان لاءِ کيس ويڻيءَ ۾ ڌاڳو ٻڌي توهان کي ڏينداسين ته ان تي نبض سڄاڻي سندس علاج ڪيو.” حڪيم انهن وٽ ويو. ڳوٺاڻن هڪ ٻليءَ جي ٻانهن ۾ ڌاڳو ٻڌي ڇڪي آڻي حڪيم صاحب جي هٿ ۾ ڏنو. حڪيم صاحب ڌاڳي تي نبض سڃاڻي مرڪيو ۽ چيائين، “بابا هيءُ ته ٻلي آهي، ڇڇڙا ٿي گهري.”
“واهه واهه” ٿي وئي. حڪيم غلام شاهه پاڪستان ٺهڻ وقت، خوف کان هندستان ڀڄي ويل هڪ هندوءَ جي جاءِ تي قبضو ڪيو. جاءِ تمام پراڻي ۽ ڪچين ٿلهين ڀتين سان اڏيل هئي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ حڪيم صاحب کي خيال آيو ته اها ڊهرائي نئين ٺهرايان. هن ڪجهه مزدور جاءِ ۾ ڇڏيا جن ڊاهڻ شروع ڪيو. جيئن ته اها جاءِ حڪيم صاحب جي جاءِ جي صفا سامهون هئي ۽ هو دواخاني جي دريءَ مان مزدورن کي ڪم ڪندي ڏسندو هيو. هڪ ڏينهن هن محسوس ڪيو جاءِ ڊاهيندڙ مزدور بي چين ٿي ويا آهن. اهي هر هر سس، پس ڪري هڪ ٻئي جي ويجهو اچي ڳالهائي رهيا آهن. انهن جي ڪم جي رفتار به ڍري ٿي وئي آهي. حڪيم صاحب دواخاني مان اٿي اتي ويو ۽ انهن کان حال احوال پڇيائين، مزدور حڪيم صاحب اڳيان ڪوڙ ڳالهائي نه سگهيا ۽ انهن ٻڌايو ته کين ڀت ڀڃڻ دوران هڪ ماٽو هٿ آيو آهي جيڪو سونين گنين سان ڀريل آهي. مزدورن ماٽو آڻي حڪيم صاحب کي پيش ڪيو. حڪيم ماڻو کڻي دواخاني جي ڀت ۾ دفنائي ڇڏيو. سو چوندا آهن ڀتين کي به ڪن هوندا آهن ۽ انهن ڪنن ۾ ڪڏهن سونيون واليون هونديون آهن.
حڪيم غلام شاهه کانپوءِ سندس پٽ پير شاهه لکيءَ جو مشهور حڪيم ٿيو. جڏهن ننڍو هيس ته مون کي پيٽ ۾ سور نه ڇڏيندو هيو. سکر کان مائٽ لکيءَ وٺي ويا ته توکي پير شاهه کان دوا ٿا وٺي ڏيون. پير شاهه جو دواخانو ائين هيو جيئن هاءِ اسڪول جو ڪلاس. هو ماستر جيان ٽيبل ڪرسي رکي سامهون ويٺل هوندو هيو ۽ مريض ٻارن جيان ان سامهون بينچن تي ويٺل هوندا هيا. هو هر مريض کي آڱر جي اشاري سان سڏ ڪري ڀرسان بيهاري سڀني جي سامهون تپاسيندو هيو. منهنجو وارو آيو ته سڀني جي سامهون پيٽ تان چولو مٿي ڪري ڏسي ٻڌايائين ته “ڇوڪر جي پيٽ جو سڄو پاسو ٺيڪ آهي، کٻو پاسو خراب آهي.” دوا اهڙي ڏنائين جو جڙي ٻوٽيون سڄي رات ديڳڙيءَ ۾ وجهي رکيون، صبح سان پيئڻيون پيون. صبح تائين جڙي ٻوٽيون رجي اهڙيون ٿي ويون جو جيئن اسٽيل جي گلاس ۾ وجهي ڏنائون ته ڍڪ ڀري اڳري نه سگهيس. مون امڙ کان منهن لڪائي اها دوا ان ڪونڊيءَ مان هاري ڇڏي جنهن ۾ زمبڪ جو ٻوٽو هيو. دوا جو اثر ٻوٽي مٿان اهڙو ٿيو جو زمبڪ جو ٻوٽو ٿوهر جو ٻوٽو ٿي ويو. جڏهن ڏاڏو بيمار هيو ته ان جو علاج به حڪيم پير شاهه ڪيو هيو. دواخاني ڀرسان اوطاقون ٺهيل هونديون هيون جتي مريض داخل ڪندو هيو. هڪ اهڙي اوطاق ۾ ڏاڏو هن وٽ هڪ هفتو داخل رهيو. جڏهن ڏاڏي جي مرض جي تشخيص ڪري رهيو هيو ته کيس پيٽ کي زور ڏئي چيائين، “هن جا ڦڦڙ خراب آهن.” مان هاڻي سوچيندو آهيان ته ڦڦر سيني ۾ هوندا آهن، ڏاڏي جا پيٽ ۾ ڪيئن هيا؟”
حڪيم وڏو توائي باز ماڻهو هيو. مرضي پوندي هيس ته دوا ڏيندو هيو نه ته مريض کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو هيو. هڪ دفعي ڪنهن ڳوٺ کان ماڻهو اويلا مريض کڻي سندس در تي پهتا. گهڻي وقت کانپوءِ جاءِ جي مٿين گيلريءَ مان ظاهر ٿيو. ماڻهن کي ڇڻڀيندي چيائين،“هيءُ مريض ڏسڻ جو وقت آهي؟ جيڪڏهن هن وقت موت جو فرشتو به آيو ته موٽائي ڇڏيندو مانس.” خدا جي قدرت اهي مريض ته واقعي ئي موت جا فرشتا هيا جيڪي مريضن جو روپ ڌاري سندس در تي پهتا. حڪيم بيمار ٿي پيو ۽ سکر سول اسپتال ۾ گذاري ويو.
حڪيم صاحب جي وفات کانپوءِ سندس پٽ گادي نشين ٿيو. جيڪو منشيات جو عادي هيو. هڪ وڏي پاڻيءَ جي ٽٻ ۾ ويٺو هوندو هيو ۽ نوڪر کيس جسم کي مالش ڪندا هيا. جيڪڏهن ڪو اڙيو ٿڙيو مريض اچي ويو ته سڀني کي هڪڙي ننڍڙي بوتل مان ميري رنگ جي ناس ڪڍي ڏيندو هيو.
لک شابس آهي مان واري دوست ڊاڪٽر عبدالغفار کي جيڪو ڊاڪٽر هوندي هڪ دفعي ان کان علاج ڪرائڻ ويو. ڊاڪٽر صاحب کي اڌ مٿي ۾ سور هيو. گهڻا ئي وس ڪيائين اهو ختم نه پئي ٿيو. ڪنهن کيس صلاح ڏني ته لکيءَ واري حڪيم کان علاج ڪرائي. لکيءَ ويو ۽ حڪيم صاحب سان مليو. حڪيم صاحب کيس تريءَ تي ڪک جيتري ميري رنگ جي ناس رکي ڏني ۽ چيو ته “اها ان پاسي کان ڏئي جنهن پاسي کان مٿي ۾ سور آهي.” هن کٻي پاسي کان ڏني ته سندس ساڳيو سور سڄي پاسي کان پئجي ويو. حڪيم اهڙي حالت ڏسي کيس وڌيڪ ناس ڏيندي چيو، “ڀلا هڪ ئي وقت نڪ جي ٻنهي پاسن کان ڏي.” ڏنائين ته سڄي مٿي ۾ سور پئجي ويو. حڪيم هٿ ٻڌي عرض ڪيس، “ڊاڪٽر صاحب معافي ڏي، وڏڙن کان مليل اهو ئي نسخو مان وٽ بچيو هيو جيڪو تو مٿان آزمايم. ٻيا سڀ نسخا جيڪي ڪاغذن تي لکيل هيا اهي اڏوهي کائي وئي.”
پوءِ حڪيم صاحب دواخاني اڳيان واڙي ۾ ٻڌل پنجويهه مينهن طرف اشارو ڪندي چيس، “انهن نسخن کائڻ جو اثر اڏوهيءَ تي اهو ٿيو جو اهي ٿلهيون ٿي مينهون ٿي پيون آهن. انهن جي کير ۾ به وڏي شفا آهي. گهران لوٽو کڻي اچ ته ڏنهين ڏيانءِ.”
ڊاڪٽر عبدالغفار ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي وٺي ڀڳو ۽ ڳالهه رکڻ لاءِ دوستن کي ٻڌائيندو هيو، “ادا ڏاڍو سٺو ٿيو، اڌ مٿي کان سڄي مٿي جو سور سٺو.”
مون سان گڏ ميڊيڪل ڪاليج ۾ لکيءَ جو هڪ سيد زادو پڙهندو هيو. اهو به انهن حڪيمن منجهان هيو. هڪ دفعي لکيءَ ان سان ملاقات لاءِ ويس. هڪ دوڪان تي ڏاڍي مزيدار قلفي کارايائين. بازار ۾ گهمندي هڪ گاڏي وارو نظر آيو. جنهن جي گاڏي تي رنگ برنگي شربت جا شيشا رکيل هيا. مون سمجهيو اهو برف سنگ گولي وارو آهي ۽ شاهه صاحب هاڻي سنگ گولو کارائيندو. پر ٻڌايائين ته اهو سندس والد صاحب حڪيم حضور بخش آهي ۽ اهو گاڏو ان جو دواخانو آهي. گاڏي ڀرسان بينچ تي ڪافي مريض ويٺل هيا جن کان حال احوال وٺي حڪيم صاحب بوتل ۾ مختلف رنگن جا شربت ملائي ڏئي رهيو هيو. لکيءَ جي اهميت ان جي حڪيمن ڪري هئي. اهي حڪمت جا نسخا عام نه ٿيڻ ڪري تباهه ۽ برباد ٿي ويا.

باب سترهون

ڪڏهن ملڪ ۾ کنڊ جي کوٽ ائين هوندي هئي جيئن اڄڪلهه بجليءَ جي کوٽ آهي.کنڊ جي کوٽ ماڻهوءَ جي صحت لاءِ سٺي هئي، پر بجليءَ جي کوٽ ماڻهوءَ جي صحت بگاڙي وجهي ٿي.
هر ڪٽنب کي حڪومت پاران راشن ڪارڊ مليل هوندو هيو، جنهن ۾ ڄاڻايل ڀاتين جي حساب سان کنڊ خريد ڪري سگهبي هئي، ماڻهو ڳڙ جي مٺائي واپرائيندا هيا، جيڪا بي مزي هوندي هئي. ننڍي هوندي چانورن مٿان ڳڙ جي مٺائي ٻُرڪي کائيندو هيس ته لڳندو هيو چانورن ۾ مٺا پٿر پيل هجن. ڳڙ جي چانهه پيئڻ سان منهن ڪوڙو ٿي ويندو هيو. ماڻهو مٺاڻ گهٽ واپرائيندا هيا، نه هيا ڪسٽرڊ جيليون، نه پڊنگ نه دود دلاريون. مٺائي ڳڙ کي چوندا هيا. اڄڪلهه جي مٺائي جنهن ۾ گلاب جامن، امرتي، ميسو، چم چم يا ٻيون شيون شامل آهن عام نه هئي. عورتون شادين مرادين ۾ ڪاج ڏيکارڻ کانپوءِ ڳڙ جي مٺائي ورهائينديون هيون جيڪا رئي جي پاند ۾ ورتي ويندي هئي. جڏهن چوٿين درجي جو امتحان پاس ڪيو هيم ته استاد عبدالرزاق مٺائي کارائڻ لاءِ چيو هيو. سڀ ٻار گهران ڳڙ جي مٺائي کڻي آيا هيا. جيڪا استاد هڪ لفافي ۾ گڏ ڪري کڻي ويو هيو. سکيا ستابا ماڻهو نقطي يا لڏون ورهائيندا هيا، کيرڻي خاص ڏڻن تي پچندي هئي. ماڻهو شگر جا مريض هيا، يا نه، چئي نه ٿو سگهجي، پر پڪ سان شگر جو مرض نه هجڻ برابر هيو.
سکر جي سخت گرميءَ ۾ ڳڙ جو شربت تيار ڪري اسلام الدين واري آئيس فيڪٽري جي ميري برف جو ڳنڍو وجهي پيئندا هياسين ۽ اسٽيل جو گلاس ڀري ڏاڏيءَ کي به ڏيندا هياسين ته اها پي چوندي هئي، “اڙي ابا هيانءَ ئي ٺري پيو.”
شگر جي مرض کان اڄڪلهه لکيل پڙهيل ماڻهو مٺائي ائين کائيندا آهن جيئن ڪنهن وقت بادشاهه کائڻ کان اڳ کاڌو غلامن کان چيڪ ڪرائيندا هيا. غلام چونڊي ڀري کائيندا هيا ته متان زهر مليل نه هجي.
جڏهن شگر مليون لڳيون ته ڳنڍيريون مهانگيون ٿي ويون. بابو چوندو هيو، “پٽ ڳنڍيريون کاءُ ڏند مضبوط ٿيندئي.” بک هجي، جسم ۾ توانائي نه هجي ته ماڻهو کاڌو چٻاڙي نه سگهندو. کاڌي چٻاڙڻ لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو مسلسل کائيندو رهي. ڳنڍيرين کائڻ سان ڏند مضبوط ٿين، نه ٿين، پر شگر زندگي به آهي ته زهر به. گاڏي هلائڻ لاءِ پيٽرول ۽ ماڻهو هلائڻ لاءِ شگر جي ضرورت پوي ٿي. شگر حد کان وڌي وڃي ته بيماريءَ جي صورت ظاهر ٿئي ٿي.
جڏهن شگر مليون لڳيون ته راشن ڪارڊ ختم ٿي ويا. کنڊ بازار ۾ ملڻ لڳي. سن 1974ع ۾ چانڊڪا ۾ پڙهندو هيس. سکر کان لاڙڪاڻي ريل ڪار هلندي هئي. اها خوبصورت ريل ڀٽي صاحب طرفان تڪ جي ماڻهن لاءِ تحفو هئي. سکر کان لاڙڪاڻي تائين ٽڪيٽ چيڪر گاڏي ۾ نه ايندو هيو. سڀ بغير ٽڪيٽ هوندا هيا. اهو نعرو عام هيو ته “جيئي ڀٽو، ڀاڙو ڇٽو.”
اسان به ان ۾ سفر ڪندا هياسين، تن ڏينهن نئون ديرو شگر مل ٺهي رهي هئي جنهن ۾ چيني انجنيئر ڪم ڪندا هيا. هڪ دفعي اسان سان گڏ ٻه چيني انجنيئر سفر ڪري رهيا هيا. جون جو مهينو هيو، آسمان مان باهه پئي وسي. چينين “رڪ” پليٽ فارم تان هنداڻو ورتو. هنداڻو ڪٽي ٻه حصا ڪرايا. ريلي هلي ته انهن کائڻ شروع ڪيو. کائي پورو ڪيائون ته خالي اڌ ٽوپلي وانگر مٿي تي رکي ويهي رهيا. اسان شاگرد ٽهڪن ۾ اونڌا پيا هياسين، پر انهن کي ڪا پرواهه نه هئي، نئين ديري تائين مٿي تان اهي نه لاٿائون.
سنڌ ۾ اها شگر مل ٺهي ته ڇا پوءِ شگر ملين جو ميلو لڳي ويو. ريل جي پٽڙين سان شگر مليون ٺهڻ شروع ٿي ويون. ريل ۾ سفر ڪندي ڪا زهريلي بوءِ محسوس ٿيندي آهي ته سمجهي ويندا آهيون ڪا شگر مل اچڻ واري آهي.
ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ تائين ڪڏهن شگر جي کوٽ محسوس نه ٿي، پر ڦاسيءَ کانپوءِ وري شگر جي کوٽ ٿي وئي. ان جو سبب اهو هيو ته شهرن ۾ ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کانپوءِ ايڏي ته مٺائي ورهائي وئي جو وڌيڪ مٺائي ورهائڻ لاءِ شگر نه بچي.
ان ڳالهه کان ناراض ٿي ضيا آرڊر پاس ڪيو، “شگر جي کوٽ جو سبب ذخيرا اندوزي آهي. جيڪڏهن ڪنهن گودام مان شگر هٿ آئي ته ان جي مالڪ کي سر عام ڪوڙا هنيا ويندا.” ضيا اهڙو آرڊر مٺائي کائيندي، ٽشو پيپر سان هٿ اگهندي صحيح ڪيو.
سکر جي بازار ۾ کنڊ اڻ لڀ ٿي وئي. ماڻهن وري ڳڙ جي مٺائي استعمال ڪئي. انهن ڏينهن هڪ فلاسافر، جيڪو علامتي انداز ۾ ڳالهائيندو هيو. ضيا کي صلاح ڏني، “جيترو ظلم ڪندين، پير مضبوط ٿيندا.” ان علامتي انداز ۾ چيو، “جتنا گڙ ڊالو گي اتنا ميٺا هوگا.” مون اسٽيل جو گلاس کنيو. پاڻي ڀري ڳڙ وڌو، ڳڙ ڳري ويو، وري وڌو وري ڳري ويو. هر شيءِ جي حد هوندي آهي. پورو اسٽيل جو گلاس ڳڙ ٿي ويو. مون جهڙي صوفيءَ سمجهيو اسٽيل جو گلاس “رب... رب” ڪندو ڄڻ پاڻ رب ٿي ويو.
ضيا جي آرڊر کانپوءِ به ڪٿان کنڊ ظاهر نه ٿي. ايجنسين جا ماڻهو گهرن، گهٽين، رستن روڊن، دوڪانن ۽ گودامن ۾ پيا “نُوس نُوس” ڪندا هيا. اهڙا ماڻهو کنڊ سنگهي ۽ آفيم چکي سڃاڻيندا هيا. انهن جي خاص تربيت هئي. چکڻ واريون شيون سنگهي ۽ سنگهڻ واريون شيون چکي سڃاڻندا هيا. انهن ۾ بي روزگار لوهرن جو ٽولو به شامل هيو جيڪي هٿوڙن سان لاوارث فوٽ پاٿين تي سمهيل ۽ الڳ ٿلڳ زال جي دهشت کان ڀڄي نڪتل سڃ ۾ رهندڙ ناراض ماڻهن جا مٿا ڦاڙي ماري وجهندا هيا. ضيا پاران شروع ڪيل ان “هٿوڙا مار تحريڪ” وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. ماڻهو خوف ۾ ورتل هوندا هيا، انهن جو ذهن ڪڏهن بغاوت طرف مائل نه ٿيو. ضيا اسلام نافذ ڪندي ملڪ جي سينيمائن ۾ فحش فلمن جي اجازت ڏني، جنهن ڪري عوام اگهاڙيون فلمون ڏسي موج ۾ اچي فوج کي دعائون ڏيندو هيو.
حڪومت ڪرڻ به هڪ آرٽ آهي، جادوگر وڏا آرٽسٽ آهن، ڪنهن کي اکين هوندي انڌو ڪرڻ فن جو عروج آهي. فن اهڙو ڌن آهي جيڪو ڪارو به آهي ته اڇو به، نشي سنگهائڻ بنا ڪنهن جو پيٽ چيري کاڌو چورائڻ وڏي حڪمت عملي آهي.
انهن ڏينهن ۾ جڏهن آمريڪا جي اسڪاءِ ليب خلا مان ڌرتيءَ تي ڪري رهي هئي ته سڀ کان وڌيڪ خوف پاڪستان تي ڇانيل هيو. ٽي ويءَ تي هر هر اعلان ٿي رهيا هيا، “اسڪاءِ ليب ڪرڻ واري آهي، ڪو به گهر کان ٻاهر نه نڪري، نه ته ڪنهن نٽ بلٽ جو نشانو ٿي ويندو.”
ماڻهو خوف کان گهرن ۾ بند رهيا، مان ان کٽ تي ويٺل هيس جنهن مٿان اسٽيل جا چار گلاس رکيل هيا. اوچتو ڪو ڪوئو ڪٿان ظاهر ٿيو، جيڪو مهمان ٿي آيل چاچي علي نواز جي ڪنڊ ۾ پيل لٺ تي چڙهي مٿي تختي تي هليو ويو ۽ ان هڪ اسٽيل جو گلاس ڪيرائي وڌو. گلاس کٽ تي پيل اونڌي ٿالهه تي اچي ڪريو. سڀني وٺي رڙيون ڪيون، “اسڪائي ليب... اسڪائي ليب.”
مون گلاس هٿ ۾ کنيو ۽ کين ڏيکاريندي چيو ته “اسٽيل جو گلاس آهي.” پوءِ مٿي اشارو ڪيو “باقي ٽي بچيا آهن.” چاچو علي نواز جيڪو چانهه ۾ پاپو ٻوڙي کائي رهيو هيو، ان گلاس ڏي ڏسي کيس دعائون ڏنيون.
“ابا الله بچائي ان گلاس کي، باقي اسٽيل جا گلاس اڄ ڪلهه شيشي جي گلاسن وانگر ڀڄندي دير ئي ڪونه ٿا ڪن.”
پوءِ چيو، “مون کي ان ۾ پاڻي ڀري ڏي.”
مون کيس صلاح ڏيندي چيو، “چاچا علي نواز چانهه مٿان پاڻي نه پيئبو آهي پر پاڻيءَ مٿان چانهه پيئبي آهي.”
چاچي علي نواز مٿي اشارو ڪندي چيو، “پٽ اسٽيل جو گلاس ڪريو آهي. اڃان اسڪائي ليب نه ڪري آهي. مان پاڻي پيئندس نه، گرڙي ڪندس، ڇو جو تسبيح پڙهڻي آهي. خدا اسڪاءِ ليب کان ملڪ کي بچائي، انڪري ته جيڪڏهن ملڪ تي ڪرندي ته ضرور اسان جي گهر تي ڪرندي.”
مان حيران ٿي ويس، اکيون ڦوٽاري سوال ڪيو.
“اهو وري ڪيئن؟”
چاچي علي نواز ٿڌو ساهه کنيو ۽ چيو، “انڪري ته پٽ هن ملڪ جو نزلو اسان جي گهر تي ئي ڪرندو آهي.” اڃان ڳالهائي ئي رهيا هيا سون ته سوٽ نبي بخش خوش خبري کڻي آيو، “اسڪاءِ ليب هزارين ميل پري آسٽريليا ڀرسان سمنڊ ۾ ڪري آهي.”
اهڙي خبر ٻڌي مون کي خوشي ته ٿي پر افسوس به ٿيو انڪري ته پاڪستان ۾ ڪٻاڙين جو نقصان ٿيو هيو، جيڪڏهن اها اسڪاءِ ليب پاڪستان تي ڪري ها ته ڪٻاڙين جي عيد ٿي وڃي ها. ڇو جو پاڪستان جي تعمير ڪٻاڙڪي سامان سان ٿي رهي هئي.
چاچي علي نواز اهڙي خبر ٻڌڻ سان تسبيح ويڙهي کيسي ۾ وڌي ۽ چيو “ڪم نڪتو ڊکڻ وسريو.” هن وڏڙن کي قل بخشيا جن اسٽيل جا گلاس عطا ڪيا هيا ۽ پوءِ وضو ڪري گهمڻ هليو ويو، انڪري ته رستا کلي چڪا هيا. پاڪستان ٺهيو ئي ضيا جهڙن حڪمرانن لاءِ هيو. گهوڙا ڊڪندا آهن ته ويٺل جي... سڄاڻيندا آهن نه ته اٽون هڻي ڪيرائي وجهندا آهن. گهوڙي سواري فن آهي ڇو جو گهوڙي کي جنهن جي وڻي!
اسڪاءِ ليب جي خوف کان جڏهن چاچو علي نواز گهر ۾ لڪيل هيو ته کنڊ جي اڻاٺ ڪري ان ڳڙ واري چانهه پيتي هئي، جنهن سندس طبيعت ۾ اهڙو ته سڌارو آندو جو جنهن سان ملي رهيو هيو ڀاڪر پائي چمي ڏئي رهيو هيو پر “بجلي” کدڙي کي گهٽيءَ ۾ پريان ايندو ڏسي گهر ڀڄي ويو، ڇو جو سندس طبيعت ۾ سڌارو آيو هيو پر کدڙن لاءِ نه. هن کدڙي کي ڏسي گهر ۾ ائين پناهه ورتي جيئن اسڪاءِ ليب جي خوف کان پناهه ورتي هئي، چاچي علي نواز پوءِ اهو سبق پرايو ته “هر خوف جو سبب هڪ کدڙو هوندو آهي.”
سکر ۾ ڇاپا هڻندي نيٺ هڪ هنڌان کنڊ نڪتي، اها ڏيڍ ٻوري هئي جيڪا گهنٽا گهر وٽ مهراڻ سويٽ هائوس واري دوڪان ۾ لڪائي رکي هئي. ڇاپا هڻندڙ ٽيم کي اهڙو اطلاع “الادين تيليءَ” ڏنو هيو، جيڪو ڪڏهن ڏيئو ٻاري گهاڻي ۾ سرنهه پيهي تيل وڪڻندو هيو. پوءِ ملڪ ۾ مارشلا لڳي ته سندس ڏيئي مان “ديو” نڪري آيو، جنهن کيس صلاح ڏني ته “هو هاڻي سرنهه بدران گهاڻي ۾ کنڊ پيهي، ڳئونءَ جا ٻه قطرا ملائي شربت “روح النفس” تيار ڪري جنهن جي پيئڻ کانپوءِ ضيا هن تي مهربان ٿي کيس “ڳئون شالا” جو پروانو ڏيندو جنهن ۾ هو آسانيءَ سان ماڻهن جو واڙو کولي سگهندو.” الادين تيليءَ وٽ گودام ۾ اهڙو ڏيئو ٻرندو هيو جو کنڊ جون ٻوريون، لوڻ جون ٻوريون نظر اينديون هيون. ان ڇاپا مار ٽيم کي شربت “روح النفس” پياري دماغ تي قبضو ڪيو ۽ آڱر سان گهنٽا گهر واري مهراڻ سويٽ هائوس ڏانهن اشارو ڏنو. جڏهن ڇاپو لڳو ته سول ڊريس ۾ ڪجهه ماڻهو ان مٺائيءَ جي دوڪاندار کي سندس شگر ٽيسٽ ڪرائڻ جي بهاني سول اسپتال وٺي وڃڻ جو دولاب ڏئي ان خوليءَ ۾ وٺي ويا جتي ماڪوڙا گذريل گهڻن سالن کان مٺائي نه ملڻ ڪري پريشان گهمي رهيا هئا.
انهن ڏينهن ماڻهو شگر ٽيسٽ نه ڪرائيندا هيا انڪري ته متان سندن شگر وڌيل اچي ۽ اهڙي رپورٽ ڏسي گرفتار نه ڪيو وڃي. پاڙي ۾ هڪ ڪاٺيا واڙي سيٺ جنهن جي گهر ۾ کنڊ ختم ٿي وئي هئي گهران پيشاب کڻي نڪتو ته حڪيم عارفين کان ٽيسٽ ڪرايان. حڪيم عارفين پهتل بندو هيو. رضا ڪارانه پيشاب ۾ شگر ٽيسٽ ڪندو هيو جيئن خبر پوي ته مارشلا گهڻا “پلس” آهي. ٿوري دير کانپوءِ مون ڏٺو ته اهو ڪاٺياواڙي مرڪندو پيشاب جي بوتل موٽائي کڻي پيو اچي. مون ان کان پڇيو، “ڇو سيٺ بوتل واپس ٿو کڻي وڃي.”
ڀرسان اچي چيائين، “ان ۾ شگر نڪتي آهي.”
مهراڻ سويٽ هائوس واري کي فوجي عدالت ۾ پيش ڪيائون، جن خاڪي ڪتاب کولي کيس ساڍن ستن ڦٽڪن جي سزا ٻڌائي، ڇو جو فوجي قانون موجب هڪ ٻوريءَ تي پنجن ڦٽڪن جي سزا هئي ۽ هن وٽان ڏيڍ ٻوري نڪتي هئي. حڪم ۾ اهو به لکيو ويو ته ان ذخيرا اندوز کي سکر جي اسٽيڊيم ۾ سرعام ڦٽڪا هنيا وڃن جيئن عوام سبق حاصل ڪري ته آخر ذخيرا اندوزيءَ لاءِ جڏهن ٻيون شيون به موجود آهن ته صرف کنڊ جي ذخيرا اندوزي ڇو؟”
اهو ڏينهن محشر جو ميدان هيو جڏهن مهراڻ سويٽ واري کي سرعام اسٽيڊيم ۾ ڦٽڪا لڳا. مان اسٽيل جو گلاس ۽ پاڻيءَ جي بوتل ساڻ کنئي، اهو سوچي ته صدمو صرف اسٽيل جو گلاس ئي برداشت ڪري سگهي ٿو باقي ويچارو شيشي جو گلاس ته ڦٽڪن تي رڙين کانپوءِ دل نه جهلي ذرا ذرا ٿي ويندو. جڏهن اسٽيڊيم پهتس ته پير پائڻ جي جاءِ نه هئي، هر طرف مٿا ئي مٿا نظر اچي رهيا هيا. اسٽيڊيم ۾ پيهه کان هيٺ ڇٻر ۾ گهمندڙ ماڪوڙن مٺاڻ کائڻ کان توبهه ڪري سوراخن ۾ پناهه ورتي هئي. اسٽيڊيم جي وچ تي هڪ ٽڪٽڪي رکيل هئي جنهن تي ماڻهن جون نظرون ٽڪيل هيون ته ڄاڻ ان سان ٻڌي مهراڻ سويٽ هائوس واري کي ڦٽڪا هنيائون. ٿوري دير گذري ته هڪ ايمبولينس ٽڪٽڪيءَ وٽ اچي بيٺي. ان مان هڪ نوجوان کي ٻاهر ڪڍيائون جنهن جو رنگ لڏونءَ وانگر هيڊو هيو. پوءِ خبر پئي ته ان جوان پوڙهي پيءُ کي بچائڻ لاءِ اٺ ڪلو مٺائي رشوت ۾ ڏئي عرض ڪيو هيو ته “پوڙهو شگر جو مريض آهي. اهو هڪ ڦٽڪي کانپوءِ خدا کي پيارو ٿي ويندو ۽ ساڍا ڇهه ڦٽڪا گواهي ڏيندا ته فوجي قانون تي عمل نه ٿيو آهي، ان ڪري پوڙهي کي ڇڏي سندس پٽ کي ٽڪٽڪيءَ تي چاڙهيو وڃي. لال بجهڪڙ جو ڳاڙهو ڪتاب کولي قانون ۾ گنجائش پيدا ڪئي وئي ته “ڦاهي ان کي ڏيو جنهن جي ڳچيءَ ۾ ڦاهو پورو اچي.” پوڙهي جي جان چٽي ۽ سندس وڏي پٽ کي ٽڪٽڪيءَ سان ٻڌائون. کيس سرعام سٿڻ لاهي ويهڪ واري جاءِ تي ململ جو ڪپڙو رکي سپاهيءَ کي اشارو ڏنائون. سپاهيءَ ڊگهو بيد جو ڦٽڪو هٿ ۾ جهلي به چار دفعا ان کي هوا ۾ زوڪٽ ڪرائي ويهڪ واري جاءِ تي ٺڪاءَ ڪرايس، نوجوان چپ هيو، هجوم مان آواز آيو.
“گهوڙا ڙي.”
وري ڦٽڪو هوا ۾ لهرائي ٺڪاءُ ڪرايس. نوجوان چپ هيو، هجوم مان آواز آيو.
“الله ڙي.”
جڏهن ست ڦٽڪا پورا ٿيا ۽ اڌ ڦٽڪو رهجي ويو. ماڻهن سمجهيو هاڻي خير آهي. اهو سهي ويندو. جڏهن سپاهيءَ هوا ۾ ڦٽڪو گهمائي هنيس ته سڀ چپ هيا. نوجوان رڙ ڪئي ۽ بيهوش ٿي ويو. کيس ٽڪٽڪيءَ تان لاهي ايمبولينس ۾ وڌائون. ايمبولنس سائرن وڄائندي هلي وئي. اهڙو منظر ڏسي هجوم ۾ موجود سڀ ماڻهو خوف ۾ وٺجي ويا. مون ڏٺو هڪ هنڌ ماڻهن جي وچ ۾ ان نوجوان جو پوڙهو پيءُ اهڙو منظر ڏسي بيهوش پيو هيو، سندس ننڍو پٽ رڙيون ڪري رهيو هيو، “بابي جي شگر گهٽجي وئي آهي، ڪنهن وٽ ٽافي يا چاڪليٽ هجي ته ڏي.”
ڪنهن ٽافي يا چاڪليٽ ته ڪونه ڏنس. مان اسٽيل جي گلاس ۾ پاڻي ڀري ان جي پٽ کي ڏنو. اسٽيل جو ڀريل گلاس پوڙهي جي چپن تي آندائون. ان اڌ پيتو، اڌ ڏاڙهيءَ کان وهي ويس، سهارو ڏئي اٿاريائونس، هڪ هڪڙي ٻانهن کي ورتس، ٻي ٻئيءَ ٻانهن کان، گهليندا وٺي ويس، اسٽيل جو گلاس ڇٻر تي ماڻهن جي پيرن هيٺان لتاڙجي ويو. مان کڻڻ لاءِ هر هيڏي پيو نوڙان ته ڪڏهن هوڏي. گلاس ويو قدمن ۾ رلندو ۽ ٺوڪرون کائي گاڏيءَ هيٺان آيل ڪنهن گلر جيان چيڀاٽبو ۽ چچربو. مان نيٺ وڃي هٿ وجهي کنيو ۽ گپ اگهندي چيو، “معاف ڪجانءِ پيارا اسٽيل جا گلاس، تنهنجي قسمت ئي اهڙي آهي.”

باب ارڙهون

پرويز مشرف اهڙو جنريل هيو، جنهن اسان سنڌين کي سڃاتو. ان هڪ تقرير ۾ چيو هيو، “سنڌي عقل ۾ گهٽ ۽ جاهل آهن، انهن جي سوچ محدود آهي.”
اهڙن خيالن جو اظهار ان سنڌين کي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت جي ڪري ڪيو هيو. ان جنريل هڪ ٻيو به نيڪيءَ جو ڪم ڪيو. اڪبر بگٽيءَ کي ميزائيل هڻي شهيد ڪيو جيئن پاڪستان ٽٽڻ ۾ مدد ملي سگهي.
مان پرويز مشرف سان متفق آهيان ڇو جو اسان سنڌي پڪا مسلمان ۽ پاڪستاني آهيون. پرويز مشرف کي هڪ جنريل جي حيثيت سان اهو حق حاصل هيو ته اسان سنڌين کي ڀل جاهل ڪوٺي، ڇو جو سنڌين پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن جنريل سان ها ۾ ها نه ملائي آهي. ڌرتيءَ جي تختي تي ملڪن جي تاريخ ۽ وجود صدين تي محيط هوندا آهن. نظام تبديل ٿيندا آهن، ملڪ تبديل نه ٿيندا آهن پر ستهٺ سالن جي ڄمار ۾ پاڪستان پوڙهو ٿي چڪو آهي، ان جا هٿ اهڙي فقير جيان ڏڪي رهيا آهن، جيڪو خيرات جو ٻوجهه جهلي ٿڪجي پيو آهي. ان جو رت ضيا ۽ پرويز مشرف جهڙا جنريل چوسي چڪا آهن. اسان جاهلن جي قوم آهيون جنهن سڀ کان پهريون پاڪستان جي قرارداد سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي.
جڏهن اسٽيل جا گلاس نه هيا ته سنڌي اجرڪ ويڙهي ٺڪر جي کونجن ۾ پاڻي پيئندا هيا. دنيا جي قديم قومن ۾ چادر ويڙهڻ جو رواج رهيو آهي. يوناني، رومي چادرون اوڍيندا هيا. پارسي ۽ ڪنعاني قومون چادر کي تقدس سمجهنديون هيون. سنڌين حضرت محمد (ص) کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو. محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو ته سنڌين ان جو هٿيارن سان نه، اجرڪ سان آڌرڀاءُ ڪيو. ڏاهر اقتدار جي جنگ وڙهندي عربن کي ٽوٽا چٻايا ۽ نيٺ اهو برهمڻ بادشاهه عوام جي مدد حاصل نه هجڻ ڪري بقول نبي بخش بلوچ جي “جهنم رسيد ٿيو.”
اسٽيل جا گلاس لافاني ٿي سگهن ٿا پر ٺڪر جا کونجا به امر آهن. موهن جي دڙي مان هٿ آيل سامان توهان لنڊن يا لاهور جي عجائب گهرن ۾ ڏسي سگهون ٿا. باقي موهن جي دڙي جي عجائب گهر ۾ رکيل شيون گهڻو ڪري نقلي آهن. پنج هزار سال پراڻا ٺڪر جا کونجا اڄ به استعمال جي قابل ٿي سگهن ٿا جيڪڏهن اسان پنج هزار سال پراڻا ٿي وڃون. اسان سنڌين جي ترقي اڳتي وڌڻ ۾ نه، پر پوئتي موٽڻ ۾ آهي. اهو غلط آهي ته قومون اڳتي وڌي ترقي ڪنديون آهن. اسان اڳتي وڌي تباهه ۽ برباد ٿيا آهيون، اچو ته پوئتي موٽي ڏسون.
تازو لاهور وڃڻ ٿيو، عجائب گهر ويس اسٽيل جو گلاس ۽ پاڻيءَ جي بوتل ساڻ کنيم. عجائب گهر جي در تي اسٽيل جو گلاس پنهنجي قبضي ۾ ڪيائون. اتي ويٺل مائي جيڪا مرداڻي آواز ۾ ڳالهائي رهي هئي، ان چيو، “اسٽيل جو گلاس ۽ ڪيمرا کڻي وڃڻ جي اجازت نه آهي.”
مون چيو، “ڪيمرا ته مون وٽ نه آهي، باقي اسٽيل جو گلاس قبضي ۾ وٺڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟”
چيائين، “پهريون به ائين ٿي چڪو آهي، هڪ کي اسٽيل جو گلاس کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني سون. اهو اندر وڃي تاريخي کونجي سان تبديل ڪري هليو ويو.”
مون مرڪندي چيو، “پوءِ مون کي اسٽيل جو گلاس اندر کڻي وڃڻ جي اجازت ڏي. مان ڪنهن کونجي سان تبديل نه ڪندس، پر ان اسٽيل جي گلاس سان تبديل ڪندس جيڪو کونجي سان تبديل ٿي چڪو آهي.”
مائي مرڪي ۽ مرداڻي آواز ۾ چيائين.
“وڃي ٿو، يا هڻانءِ گلاس.”
مان گلاس ڇڏي اندر ويس، سوچڻ لڳس، ان پاڻيءَ جي بوتل جي اجازت ڇو ڏني. شايد انڪري ته ميوزم ۾ تاريخ جو ظلم ڏسي پاڻيءَ جي ٻن ڍڪن جي ضرورت پوي. اتي رکيل بادشاهن جا ڪپڙا ڏسي رحم پئي آيو، نامي گرامي بي رحم بادشاهه اهڙا ڪنا ڪپڙا پائيندا هيا. لاهور جي سک گيلريءَ ۾ شو ڪيسن اندر گلن جي پنکڙين جيان ترتيب ڏنل تلوارون ڏسندي، هڪ گائيڊ تلوار ڏانهن اشارو ڏيندي چيو، “ڏس اتي رت لڳل آهي.”
مون غور سان ڏٺو، اتي رت جا هلڪا داغ هيا. گائيڊ کي سوءَ جو نوٽ انعام ۾ ڏنو، ڇو جو اها سک گيلري مون ان کان اڳ ٽي دفعا ڏٺي هئي ۽ رت جي داغن ڏانهن غور نه ڪيو هيو. رت جا اهي داغ ضرور ڪنهن مظلوم جا هوندا ۽ مظلوم جي رت جي نشاندهي نيڪيءَ جو ڪم آهي. مان ان گائيڊ کي انعام ڏيندي چيو، “انعام جي لالچ کان مٿانهون ٿي، غريب غربي کي به رت ڏيکاريندو ڪر جيئن کين مظلوميت جو احساس ٿئي.”
گائيڊ کلندي چيو، “مان ائين ڪندو هيس، پر غريب غربو رت ڏسي چوندو هيو اها ڪا ڏيکارڻ جي شيءِ آهي. اهڙي شيءِ ڏيکار جيڪا اسان نه ڏٺي هجي.”
لاهور جي ميوزم ۾ گهمندي سوچڻ لڳس، آخرڪار انهن بيڪار لباسن، ڪٽ لڳل ڪٽلين، پيالن ۽ رانديڪي جهڙين تلوارن لاءِ ايڏين جنگين جو ڪهڙو ضرور هيو. مون کي “هادن هٽ وارو” ياد اچي ويو، جنهن کي پاڙي ۾ بقالڪو دوڪان آهي. ان جي ڀاتين کي بادشاهن ۽ راڻين جي ڀيٽ ۾ سٺا ڪپڙا آهن. گهر ۾ فرج ۽ ايئرڪنڊيشنڊ آهن. ڍڪيل واش روم، دريون ۽ ڇت ۾ پکا لڳل آهن. ويچارن مغلن جون شاهي قلعي ۾ جايون ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. هڪڙو شيش محل جنهن جي تعريف ۾ مغل ثقافت جو چرچو آهي، ڏس کل پئي آئي، ان کان خوبصورت گلڻ آئيس ڪريم واري جو دوڪان آهي جتي ويهي پستا آئيس ڪريم کائڻ سان لڳندو، ڀتين ۾ ننڍن شيشن اندر هزارين ماڻهو آئيس ڪريم کائي رهيا آهن. ميوزم ۾ موهن جي دڙي جو ڪارنر ڏسي حيرت ٿي، سنڌ جو عظيم ورثو وڏي مقدار ۾ موجود هيو پر سنڌين کي اهو ڏسڻ لاءِ ميوزم جي ٽڪيٽ وٺڻ کان اڳ ريل جي ٽڪيٽ وٺڻي پوندي، مون ميوزيم گهميو، ڍڪ ڍڪ ڪري بوتل ختم ڪئي ته اها هڪ مجسمي جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي. بوتل ان جي هٿ ۾ ايڏي ته سهڻي پئي لڳي جو پورو ميوزم چڱو، پر منهنجي بوتل واهه واهه.
موٽندي گيٽ ڀرسان ويٺل مائيءَ کان اسٽيل جو گلاس واپس گهريو. ان زنانين نظرن سان ڏٺو ۽ پوءِ مرداڻي آواز ۾ چيو، “ڪهڙو اسٽيل جو گلاس؟”
مون هڪدم چيو، “جيڪو ون يونٽ جي آخري نشاني آهي.”
سمجهي وئي ۽ پوءِ مرڪندي مرداني آواز ۾ چيائين، “ان جي حفاظت ڪر.”
“حاضر” مون چيو، “اهو توکان نه گهران ها، پر ان کي ميوزم جو حصو ٿيڻ ۾ اڃان دير آهي.”
اسان سنڌي پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي گهوڙا گهوڙا ڪندا آهيون. مسجد منزل گاهه جي فسادن ۾ اسان جي وڏڙن جو ڏوهه هيو. اسان جنت جي شوق ۾ پنهنجو وطن دوزخ بڻائي وڌو آهي. سنڌين کي “سڀ کان پهريون” سڏائڻ جو شوق آهي. “مامو موسو” هڪ دفعي اسان وٽ آيو، کيس اسٽيل جي گلاس ۾ ٿاڌل پيئاري ته مٿو گرم ٿي ويس. چيائين “اسان سنڌين سڀ کان پهريون کوهه کوٽيا، سڀ کان پهريون ناليون ٺاهيون. سڀ کان پهريون اسلام قبوليو، سڀ کان پهريون قرآن جو ترجمو ڪيو، سڀ کان پهريون اسيمبليءَ مان پاڪستان جي قرارداد پاس ڪرائي، سڀ کان پهريون...” ان کان اڳ جو هو چوي قادن وچ ۾ ڳالهايو، ۽ سڀ کان، پهريون موچڙا کاڌا.”
بقول پرويز مشرف جي “اسان سنڌي ننڍي سوچ وارا ماڻهو آهيون.” ڇو جو جمهوريت پسند آهيون، ڪڏهن به فوجي آمريت کي قبول نه ڪيو آهي، يحيٰ خان جي دور ۾ اوڀر پاڪستان وڏي عتاب ۾ هيو، اتي جيڪي ظلم ٿيا انهن جي هاڻي سڀني کي خبر آهي، پر ان دور ۾ جڏهن ظلم ٿي رهيا هيا ته اها ڪنهن کي خبر نه هئي. اولهه پاڪستان جي اردو پريس بنگالين کي غدار ۽ هندوستان جو ايجنٽ قرار ڏئي رهي هئي. هتان جون سياسي پارٽيون عوام آڏو صحيح منظر پيش نه ڪري رهيون هيون. جماعت اسلامي دهشتگرد پارٽيءَ جو ڪردار ادا ڪيو. تڏهن بنگالين جي حق ۾ سڀ کان پهريون آواز سنڌي دانشورن اٿاريو. ترقي پسند تنظيمن احتجاج ڪيا. سنڌي دانشورن، اديبن ۽ شاعرن کي جيل جو منهن ڏسڻو پيو.
ڏهين ڪلاس ۾ مان اهڙي احتجاج ۾ شريڪ ٿيو هيس. گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماسٽر سراج الدين هيو. اهو رعب تاب وارو شخص هيو، کيس فل سوٽن جا انبار هيا. سدائين فل سوٽ ۽ ٽاءِ ۾ ڏسبو هيو. صبح جو گاڏيءَ ۾ ايندو هيو. ڊرائيور در کوليندو هيو، هو غرور ۾ هيٺ لهي ڏسڻ بنا ڳاڙهين سرن واري ڏاڪڻ چڙهي آفيس ويندو هيو. اتي بيٺل ماستر، پٽيوالا ۽ مالهي هن کي سلام ڪندا هيا. هو سلام جو جواب نه ڏيندو هيو. ڪلاس ۾ پڙهائيندڙ ماستر، سراج الدين جي ساراهه ڪندا هيا. هڪ ماستر جيڪو تاريخ پڙهائيندو هيو، ان چيو، “گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. سراج الدين صاحب وڏو مفڪر ۽ داناءُ آهي.” پوءِ ماستر کنگهي ڳلو صاف ڪندي چيو، “مون ان کان پڇيو، سائين ڪميشن جو امتحان ڇو نه ٿا ڏيو؟”
جواب ڏنائين “امتحان ته ڏيان پر منهنجا پيپر جاچيندو ڪير؟”
مان سوچيندو هيس. هيڊ ماستر پئسي وارو ماڻهو هوندو آهي. جڏهن ڪو هيڊ ماستر ٿيندو آهي ته ان وٽ سٺا ڪپڙا، گاڏي، ڊرائيور ۽ بنگلو هوندو آهي، پر پوءِ خبر پئي ته سراج الدين زميندار هيو. ان جي آمدنيءَ جو ذريعو پگهار نه هئي. اوڻويهه سئو اٺهٺ ۾ جڏهن سنڌ اندر بنگالين جي حق ۾ مظاهرا ٿيا ته هڪ اهڙو ئي احتجاجي مظاهرو هيڊ ماستر سراج الدين جي آفيس ٻاهران انهن ڳاڙهين سرن واري ڏاڪڻ وٽ به ٿيو جتي هڪ جذباتي جوان تقرير ڪري رهيو هيو. ان سامهون شاگرد بيٺل هيا. جڏهن ان فوج خلاف ڳالهايو ته لٺ بازي شروع ٿي وئي. هڪ ٻه لٺيون جوان کي وهائي ڪڍيائون. اسان شاگرد ڇڙوڇڙ ٿي وياسين. هڪ لٺ مون سان گڏ پڙهندڙ منظور منگيءَ کي لڳي. ماستر رومال ڪڍي کيس مٿي تي رکيو جيئن وڌيڪ رت نه وهي سگهي. پوليس تقرير ڪندڙ جوان کي ساڻ وٺي وئي. ايڏو وڏو حادثو ٿيو، هيڊ ماستر آفيس مان نه نڪتو.
بنگالين جي حق ۾ وڏو مظاهرو سکر جي وڪيلن پاران ڪيو ويو. هڪ ٻيو مظاهرو جنهن ۾ شاگرد شريڪ هيا، جڏهن فريئر روڊ کان اڳتي پهتو ته مٿان سُڪ پل تان پٿراءُ ڪيو ويو جنهن ۾ گهڻن جا مٿا ڦاٽي پيا. اهو پٿراءُ اسلامي جمعيت طلبا پاران ڪيو ويو هيو. جيئن ته مان هر احتجاج ۽ جلسي ۾ اسٽيل جو گلاس ۽ پاڻيءَ جي بوتل ساڻ کڻندو هيس، انڪري بچاءُ ٿي ويو. مون ٻئي شيون مٿي کي ڏئي ڇڏيون. پاڻيءَ جي بوتل پٿر لڳڻ ڪري ڦاٽي پئي، جنهن مان وهندڙ ٿڌو پاڻي ائين محسوس ڪيم جيئن قوم جي جسم جو رت پاڻيءَ وانگر ڇڊو ۽ ٿڌو ٿي چڪو هجي. پٿراءَ کانپوءِ ڇڙوڇڙ ٿي وياسين ته هڪ شاگرد مون کي هٿ ۾ اسٽيل جو گلاس ڏسي چيو، “پٿر کائي ٿڪجي پيا آهيون، ٿورو پاڻي پيئار ته پٿر هضم ٿين.”
مون ندامت محسوس ڪئي، ڇو جو پاڻي بوتل مان وهي چڪو هيو. خشڪ ڇپن تي زبان ڦيريندي چيم، “دوست ويچارو اسٽيل جو گلاس بوتل بنا اڌورو آهي.”
هڪ شاگرد پيشانيءَ جي رت اگهندي چيو، “گلاس آهي يا عاشق، عاشق محبوب بنا اڌورو هوندو آهي.”
مون ڳالهه کي ٻيو رخ ڏيندي چيو، “گلاس عاشق نه آهي، معشوق آهي ڇو جو چمڪي ٿو.”
“گلاس جي چمڪ ڪڏهن ختم ٿيندي؟” هڪ شاگرد پڇيو.
“جڏهن ملڪ مان پاڻي ختم ٿيندو.” مون جواب ڏنو.
“پوءِ گلاس ڪاڏي ڪندين؟” آچر گهٽيءَ جي هڪ گهنڊڙي وارن واري شاگرد پڇيو.
مون بيزار ٿي جان ڇڏائڻ لاءِ چيو، “شيدين کي تحفي ۾ ڏيندس.”
بنگلا ديش ٺهڻ کانپوءِ پاڪستاني انتظار ڪندا رهيا ته ڄاڻ ٿا بنگالي هندوستان کان بغاوت ڪري پاڪستان ۾ شامل ٿين. پاڪستانين کي آخر تائين خبر نه پئي، اهي سمجهندا رهيا ته هندستان اوڀر پاڪستان تي قبضو ڪيو آهي. ان جو سبب ميڊيا تي حڪومت ۽ اردو پريس تي رجعت پسندن جو قبضو هيو. پاڪستانين کي حقيقت سمجهڻ ۾ وڏو وقت لڳي ويو ته اها بنگالين جي آزاديءَ جي جنگ هئي. سنڌين جي بنگالين جي حق ۾ اٿاريل صدا پاڪستان بچائڻ جي ڪوشش هئي. جيڪڏهن ان واويلا تي ڌيان ڏنو وڃي ها ته اوڀر پاڪستان اڄ به پاڪستان جو حصو هجي ها.
پاڪستان اوڻويهه سئو ايڪهتر ۾ ختم ٿي چڪو آهي. ڇو جو ٻه قومي نظريو جنهن تحت مسلمانن هڪ قوم جي صورت ۾ آزادي ورتي انجام کي پهچي چڪو آهي. بنگالين جي آزادي ٻه قومي نظريي جي غلامي آهي. بقول پرويز مشرف جي سنڌي ڪند ذهن آهن، ٿي سگهي ٿو انڪري جو سنڌين پاڪستان ٺاهيو ۽ ان جو دفاع ڪيو. سياسي طور سنڌي وفاق پرست آهن.
پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ وفاقي پارٽي آهي. سنڌين سدائين ان کي ووٽ ڏنا. ضيا جي ڏينهن ۾ جڏهن ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ هلي ته اها پاڪستان بچائڻ جي جدوجهد هئي. ضيا پنهنجي پاران پاڪستان ٽوڙڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. سنڌي عوام جي جدوجهد سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ نه هئي. اها جمهوريت لاءِ هئي جيئن فوجي راڄ ختم ٿي سگهي. هر ملڪ جي بقا عوام جي امنگن سان هوندي آهي. فوج جو ڪم عوام جي حفاظت آهي ۽ عوام جو ڪم ملڪ جي بقا. پاڪستان جي تاريخ ۾ سنڌين جو هر فعل ملڪ جو استحڪام رهيو آهي. پوءِ به سنڌين کي تعصب پرست سمجهيو ويو. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران سنڌين تي نسل پرستي ۽ ملڪ ٽوڙڻ جا الزام لڳايا ويا. اردو پريس سنڌين لاءِ سدائين زهر اوڳاڇيو آهي. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سنڌي قوم پرستن حصو ورتو، جن اڻ سڌيءَ طرح پاڪستان جي حمايت ڪئي. سنڌي وفاق پرستن سان گڏ، قومپرستن به جيل ڪاٽيا. اها عظيم جدوجهد جيڪا سنڌين جو نه وسرندڙ باب آهي، تاريخ ۾ سدائين ياد رکي ويندي.
ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ دوران بئراج روڊ ماڻهن سان سٿيل هوندو هيو. شمس آباد کان نشاط سينما ۽ گلستان هوٽل تائين سنڌي عوام جوش ۽ جذبي سان ڀريل هوندو هيو. اتي نعرا لڳندا هيا ۽ جمهوريت جي حق ۾ تقريرون ٿينديون هيون. فوجي بڪتر بند گاڏيون لنگهنديون هيون ته عوام هٿن مان نڪري ويندو هيو. پوليس بندوقن سان تيار بيٺل هوندي هئي.
مون کي ياد آهي جڏهن بئراج روڊ تي لٺ بازي ٿي ۽ ڳوڙها گيس جا گولا ڪريا، ماڻهو ميمڻ محلي ۽ ڀٽا روڊ ڏي ڀڳا. جاڳيراڻي محلو جتي گهوڙا بيٺل هوندا هيا. جڏهن ڳوڙها گيس جا گولا گهوڙن ڀرسان ڪريا ته انهن هڻڪار ڪري رسا ڇنائي پوليس تي يلغار ڪئي. گهوڙن کي ڪهڙي خبر ته پوليس ڇا ٿيندي آهي؟ انهن لتون هڻي ٻه چار پوليس وارا ڪيرائي وڌا. فوجين هوائي فائرنگ ڪئي. گهوڙا ٽاهه کائي ڀڳا ۽ پوليس جي پوري نفريءَ کي لتاڙيندا هليا ويا. جڏهن ميمڻ محلي ۾ ڳوڙها گيس وسي رهي هئي ته اسان گهر جا ڀاتي رومال آلا ڪري اکين تي گهمائي رهيا هياسين. ٻار روئي رهيا هيا. پوليس وارا لوهي ٽوپلا پائي گهٽيءَ ۾ گهمي رهيا هيا. مون وٽ ڪو هٿيار نه هيو. مون تختي تان هڪ اسٽيل جو گلاس کنيو ۽ گهٽيءَ ۾ ڳوڙها گيس اڇلائيندڙ سپاهيءَ کي ٽوپلي ۾ وهائي ڪڍيو. سپاهيءَ سمجهيو ڪنهن بم اڇلايو آهي، سپاهي وٺي ڀڳو. مون ٻاهر نڪري اسٽيل جي گلاس کي کڻي چمندي چيو، “اسٽيل جا گلاس اهڙيون ڪرامتون ڏيکاريندين ته پوءِ توکي مون کان ڪو الڳ ڪري نه سگهندو.”

اڻويهون

سوچيندو هيس، چڱو ٿيو جو اسٽيل جو هڪ گلاس اڻويهه سو ايڪهتر ۾ وڃائجي ويو. بچيل چار گلاس ڏچي ۾ هيا. انهن وڏو وقت ڏٺو. گهر ۾ ڪير آيا، ڪير ويا؟ ڪنهن کاڌو، ڪنهن پيتو؟ اها سڀ اسٽيل جي گلاسن کي خبر هئي انهن کي زبان هجي ها ته داستان ٻڌي ڌرتي چئن حصن ۾ ورهائجي وڃي ها!
اسٽيل جا گلاس جڏهن نوان هيا ته انهن جي چمڪ ۾ هر عڪس نظر ايندو هيو. ڪو شخص جڏهن پاڻي پي انهن ۾ نهاريندو هيو ته پنهنجو بگڙيل عڪس ڏسي پريشان ٿي ويندو هيو. ان جو نڪ وڏو ۽ وات ويڪرو ڏسبو هيو پر پوءِ حفاظت نه ٿيڻ ڪري اهي اسٽيل جا گلاس پنهنجي چمڪ وڃائي ويٺا. هاڻي انهن تي ڌنڌ ڇائنجي ويو هيو، ميرا ۽ ڪوجها ٿي چڪا هيا، انهن تي چگهه ائين هيا جيئن کين ڪنهن تشدد جو نشانو بڻايو هجي.
ستر سالن جو عرصو اسٽيل جي گلاسن لاءِ ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟ جيڪڏهن شيشي جي گلاسن جي حفاظت ڪئي وڃي ته اهي سئو سال ڀڄڻ کان محفوظ رهي سگهن ٿا. دنيا ۾ اسٽيل جو ڌاتو خدا جو ڏنل ناياب تحفو آهي. اسٽيل پيدا ئي انڪري ٿيو جيئن مضبوطيءَ ڪري قيامت تائين موجود رهي سگهي، ڇو جو اسٽيل جا ٿانوَ قيامت تائين جيئرا رهي اها گواهي ڏئي سگهندا ته انهن ۾ ڇا کاڌو ۽ پيتو ويو؟ حلال، حرام، غريبن جو رت يا مظلومن جو گوشت؟ اسٽيل جا ٿانوَ رهندڙ دنيا تائين اعمالن جيان دنيا جي بورچي خانن ۾ رهڻا هيا، پر اسان جي گهر ۾ بچيل چار اسٽيل جا گلاس ستر سالن ۾ هيڻا ٿي چڪا هيا. ان ۾ شايد اسٽيل جي گلاسن جو ايڏو ڏوهه نه هيو جيترو حالتن جو، جيڪي انهن مٿان گذريون.
جڏهن ڪراچيءَ آيس ته اهي اسٽيل جا چار گلاس پاڻ سان اهو سوچي کنيم ته پيءُ ڪراڙو ٿي وڃي ته ان جو ساٿ نه ڇڏبو آهي. مان انهن بيمار گلاسن کي ڪيئن پيو ڇڏي سگهان؟ اهي منهنجن وڏڙن جي نشاني هيا. منهنجو ننڍپڻ ۽ جواني انهن سان گڏ گذريو هيو. ڪيترا شيشي جا بيوفا گلاس ساٿ ڇڏيا ويا پر اهي اسٽيل جا گلاس هر دور ۾ زخم کائي مون سان گڏ رهيا.
ڪراچيءَ جي جناح اسپتال آيس ته انهن ڏينهن ۾ پورو شهر قتل گاهه ۾ تبديل ٿي چڪو هيو. شهر ۾ ڍور گهٽ ماڻهو وڌيڪ ڪسجندا هيا. ڍورن جو گوشت رستن تي وڪامبو هيو ۽ ماڻهن جو گوشت ڪانءَ ۽ هليون انڪري نه کائيندا هيا جو ان ۾ بارود جي بوءِ هوندي هئي.
ملڪ ۾ مون کي ڪڏهن جمهوريت ۽ فوجي حڪومت ۾ ڪو فرق نظر نه آيو. هي اهڙو ملڪ آهي جيڪو پراڻي ريل جيان هلي ٿو، جنهن ۾ ڪوئلن جي جاءِ تي ماڻهو سڙن ٿا ۽ ريل جي پٽڙي تبديل ٿيڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي. پراڻي ريل ڌڪا ٿاٻا کائي هلندي رهي ٿي. ڪو آخري پليٽ فارم نه آهي، ڪو اسٽاپ نه آهي ۽ ڪا منزل نه آهي. ٻارڻ لئي ڪوئلن جا ڍير ملڪ جي آدمشماريءَ جيان جام آهن. اسان جي ملڪ جا فورسز ڌارين کان گهٽ پنهنجن کان وڌيڪ ڊڄندا آهن. انهن جا وڏا معرڪا پنهنجي ئي عوام سان ٿيا آهن. پهريون بنگالين سان، پوءِ بلوچن ۽ سنڌين سان.
شطرنج جي راند ڪنهن بيوقوف جي ايجاد آهي، ان ۾ عوام جو ڪو ڪردار نه آهي. راند جو مقصد بادشاهه کي بچائڻ آهي. ڪراچيءَ جي روڊن تي مون جيترو پريشان بلٽ پروف گاڏين ۾ ايندڙ ويندڙ فورسز جي اهلڪارن کي ڏٺو آهي، ايترو پريشان ڪڏهن مينهن کان اڳ ڌرتيءَ جي سوراخن ڏانهن کاڌو کڻي ويندڙ ڪولين جي قطارن کي نه ڏٺو آهي. لوهي ٽوپلن سان گنيون سڌيون ڪري ويٺل اهلڪار ڀرسان ايندڙ ويندڙ گاڏين ۾ لنگهيندڙ ماڻهن کي ائين ڏسندا آهن ڄڻ سڄو شهر انهن تي حملو ڪرڻ وارو آهي.
بادشاهه جي جان کي خطرو هجي ته عوام جي جان جي حفاظت ڪير ڪندو؟
مان رات جو گهر موٽي جڏهن شيشي جي گلاس ۾ پاڻي پيئندي تختي تان اسٽيل جو گلاس هٿ ۾ کڻي سوچيندو هيس ته ڪاوڙ وٺي ويندي هئي. دل چوندي هئي اسٽيل جي گلاس کي ڀت تي وهائي ڪڍان ۽ شل اهو شيشي جيان ڀڄي پوي. اهو ممڪن نه هيو، اسٽيل جو گلاس ڀت تي لڳڻ سان ڀڄندو نه آهي پر کڙڪو ٿيندو آهي ۽ کڙڪي تي اجايو ٻار جاڳي پوندا. وري سوچيندو هيس، شيشي جي گلاس کي ڀت تي وهائي ڪڍان. پوءِ اهو سوچي شيشي جو گلاس ڀت تي وهائي نه ڪڍندو هيس ته شيشي جو گلاس، اسٽيل جو گلاس نه آهي جو ڀت سان لڳي ڀڄي نه پوي. اهو ڀڄندي دير نه ڪندو ۽ شيشي جا ذرا زخمي ڪري وجهندا. عوام جا زخم حڪمرانن لاءِ گلن جا تحفا هوندا آهن حڪمرانن لاءِ اهي خوبصورت گل ڏسڻ لاءِ هوندا آهن باقي بوءِ انهن کي پسند نه آهي.
مون جناح اسپتال ۾ ٻه سال پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سائنسز ۾ گذاريا. اسپتال ۾ جيڪي آپريشن ٿيندا هيا ته جسم جا ڪٽيل حصا اسان ڏانهن موڪلي ڏيندا هيا. اسان انهن حصن جو تجزيو ڪري اهو ٻڌائيندا هياسين ته ان ڪٽيل حصي ۾ ڪهڙي بيماري آهي! انهن حصن ۾ گهڻو ڪري ڪينسر هوندي هئي. ڪڏهن ائين به ٿيندو هيو جو جسم جي ڪٽيل حصي ۾ ڪا بيماري موجود نه هوندي هئي. اهڙي ئي هڪ ڳالهه تي ٻن پروفيسرن ۾ جهڳڙو ٿي پيو. سرجن جيڪو وڏو پروفيسر هيو ان هڪ جوان عورت جو ٿڻ ڪٽي موڪليو، کيس پڪ هئي ته ان ٿڻ اندر ڪينسر جو ڳوڙهو آهي. جڏهن اسان جي ڊيپارٽمينٽ جي پروفيسر ان جو تجزيو ڪيو ته اهو ڪينسر جو ڳوڙهو نه هيو پر هڪ عام رواجي سوج هئي، جنهن جو علاج دوائن سان ممڪن هيو. اسان وارو پروفيسر ڪاوڙجي پيو ته آخر ان ٿڻ ڪٽڻ ۾ ايڏي تڪڙ ڇو ڪئي! پهريون بنيادي ٽيسٽ ڪرائي ها جڏهن پڪ ٿي وڃي ها ته پوءِ ٿڻ ڪٽي موڪلي ها. ٻنهي پروفيسرن فون تي هڪ ٻئي کي پخيون ڏنيون ۽ ڪاوڙ ۾ فون بند ڪري ڇڏيا. هفتي کانپوءِ شيريٽن هوٽل ۾ دوائن جي ڪمپنيءَ طرفان مليل ڊنر ۾ شريڪ ٿيا ۽ ڀاڪر پائي مليا. ٿڻ جي ڳالهه نه هن کي ياد هئي، نه هن کي. ويچاري عورت ٿڻ ڪٽائي ڳوٺ پهتي ته ڳوٺ وارن سندس مڙس کي مبارڪ ڏيندي چيو، “خدا الهبچائيءَ جي جان بچائي.” عوام کي هر حال ۾ شڪر گذار رهڻ گهرجي، اهو ته ٿڻ هيو جيڪو ڪٽجي ويو جيڪڏهن ٻيو ڪجهه هجي ها ته عوام ڇا پئي ڪري سگهيو. ننڍي هوندي طهر ٿيو هيو ته اسان پنجن ڀائرن کي عمر جي حساب سان قطار ۾ بيهاري پنج اسٽيل جا گلاس مصري وجهي اهو سوچي تيار ڪيا ويا هيا ته جيئن ڇوڪرن جي حجم مان جان ڇٽي ته کين مصريءَ جو پاڻي پيئاريون. اسان چار صدورا ته چپ ڪري ڍڪ ڀري وياسون پر وڏي جڏي کي جيئن مٺي پاڻيءَ جو گلاس وات تي چاڙهيائون ته پيئارڻ واري کي گرڙي ٺڪاءُ منهن ۾ ڪرايائين. مرد کي مسلمان ٿيڻ لاءِ ننڍي هوندي سور سهڻو پوي ٿو. جڏهن مرد کي مسلمان ٿي وڏي هوندي سور سهڻو پوي ته پوءِ سوچ ۾ پئجي ويندو ته شايد اڃان پڪو مسلمان نه ٿيو آهي، کيس پڪي مسلمان ٿيڻ لاءِ بم چيلهه سان ٻڌڻو پوندو ۽ لڙڪندڙ بم ان ڳالهه جي گواهي ڏيندو ته هاڻي کيس پڪي مسلمان ٿيڻ لاءِ ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي ضرورت نه آهي، ڇو جو جنت جو سرٽيفڪيٽ اهو بم هڻي حاصل ڪري وٺندو.
اسٽيل جا چار گلاس انڪري اداس هيا ته پنجون گلاس به ان ٿڻ جيان الڳ ڪيو ويو هيو جنهن ٿڻ اندر ڪا ڪينسر نه هئي پر هڪ اهڙي بيماري هئي جنهن جو علاج ڪو سٺو ڊاڪٽر دوائن سان ڪري پئي سگهيو. سوال پيدا ٿو ٿئي ته سٺو ڊاڪٽر اچي ڪيڏانهن؟ ماڻهو اڇو ڪوٽ پائي ڊاڪٽر نه ٿيندو آهي. ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ ڪڏهن خاڪي ڊريس پاتي وڃي ٿي. ڇو جو گهڻين بيمارين جو علاج گوليون سمجهيو وڃي ٿو. هڪڙيون گوليون پاڻيءَ سان کائبيون آهن ۽ ٻيون بندوق سان.
هڪ دفعي ڪنهن مريض کي کٽيءَ کنيو ۽ اهو بلوچستان کان اچي اسپتال ۾ داخل ٿيو، سندس پيٽ ائين سُجيل هيو جيئن ڪنهن تازي مٽي وجهائي قبر مضبوط ڪئي هجي. همراهه پيٽ جي وزن کان گهمي نه پئي سگهيو. الٽراسائونڊ رپورٽ ۾ اهو آيو هيو ته تري ايڏي وڌي وئي آهي جو ان جي ڦهلاءَ کان پيٽ جا ٻيا عضوا سڄي پاسي واري ڪنڊ ۾ ڌڪجي ويا آهن. اسپتال ۾ رش ڪري ٻيون ٽيسٽون ڪرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي وئي ۽ ان جي تري ڪڍي اسان جي ڊيپارٽمينٽ ۾ موڪلي وئي ته تجزيو ڪري تريءَ جي وڌڻ جو سبب ٻڌائي سگهن.
ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ويچارن ڊاڪٽرن جو به ڏوهه نه آهي. وڏين خيراتي اسپتالن جي اڻاٺ ڪري غريبن جي ايڏي رش هوندي آهي جو هڪ ڊاڪٽر کي ٻئي ڊاڪٽر سان ملڻ لاءِ مريضن کي مکين جيان هڪلي ملڻو پوندو آهي. هر ڪو پئسي وارو نه آهي جو آغا خان سان ملاقات ڪري سگهي. آغا خان وٽ وقت ئي نه آهي جو هر غريب سان هٿ ملائي سگهي. جناح اسپتال ۽ سول اسپتال ائين محسوس ٿينديون آهن جيئن انهن جون ڀتيون غريبن جي ڪپڙن جيان ميريون هجن ۽ غريبن جي گهر جيان مُٽ جي ڌپ هجي.
ڪتي سان گڏ رڻ ۾ رلندڙ فقير ولهه ۾ جهوپڙي ڳولهي لهي ته وڏي ڳالهه آهي ۽ جهوپڙيءَ ۾ پاڻيءَ جو مٽ ۽ مٽ مٿان اسٽيل جو پراڻو گلاس جنهن کي لوهه جو زنجير ٻڌل هجي ۽ زنجير جنهن کي سٽون ڏئي ته صفا نه ڇڏي. پوءِ ڀلا ان کان وڌيڪ هڪ فقير ۽ ڪتي لاءِ ڪهڙي عياشي ٿي سگهي ٿي. ولهه ۾ جتي اهو اسٽيل جي گلاس ۾ مٽ جو پاڻي پيئندو. اتي سندس ڪتو ان آسري زندگي گذاريندو ته هڪ نه هڪ ڏينهن فقير کي قربانيءَ جو گوشت ملندو ۽ ان قربانيءَ جي گوشت ۾ هڏي موجود هوندي، جڏهن اهو هڏي کائيندو ته ان جي رڙڪي تي فقير جي ننڊ ڦٽندي ۽ فقير لٺ اولاري چوندو ته “کائڻو اٿئي ته ائين کاءُ جيئن ماڻهو ملڪ کائيندا آهن. وات هڪڙا هلائيندا آهن ويندو ٻين جي پيٽ ۾ آهي.” تڪڙ ۾ ڪڍيل اها تِري جڏهن ترازيءَ ۾ توري سون ته ان جو وزن پنجٽيهه ڪلو هيو، جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي پيٽ مان نڪتل ترين جو نئون رڪارڊ هيو. ان کان اڳ پنجويهه ڪلو وزن جي تِري رڪارڊ تي موجود هئي. ان نئين رڪارڊ تي ڪرڪيٽ جي راند وانگر ڪو جشن ته نه ملهايو ويو پر اهو ڏسي ڏک ٿيو ته آخر هڪ انسان ايڏي وڏي تريءَ کي پيٽ ۾ سانڍيو ڪيئن؟ وڌيڪ ڏک جي ڳالهه اها هئي ته جڏهن تريءَ کي تپاسيو ويو ته ان اندر ڪا وڏي بيماري نه هئي پر ان تريءَ جي وڌي وڃڻ جو سبب ليشمينياسز (Leishmaniasis) نالي بيماري هئي جيڪا پهاڙي علائقن ۾ هڪ خاص مڇر جي چڪ پائڻ سان ٿيندي آهي ۽ ان جو علاج دوائن سان ممڪن آهي. جيڪڏهن ان مريض کي بيماريءَ جون سيون لڳن ها ته سندس تري پنهنجي اصلي حالت ۾ اچي ها ۽ ان کي ڪڍڻ جي ضرورت نه پوي ها. ڪڏهن تڪڙ ۾ ڪڍيل اهڙا اپينڊڪس (Appendix) ايندا هيا جن ۾ ڪا بيماري موجود نه هوندي هئي. جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرن وٽ وقت نه آهي، ڇو جو سڄو وقت مريضن وٽ آهي ۽ مريضن وقت تي قبضو ڪيو آهي. ڊاڪٽرن وٽ ڪار آهي ۽ ڪار انهن وٽ هوندي آهي جن وٽ وقت نه هوندو آهي، ڇو جو ڪار وقت بچائيندي آهي ۽ ڊاڪٽر ڪوشش ڪندا آهن ته وقت سان گڏ جان بچائين پوءِ اها پنهنجي هجي يا مريضن جي. ڊاڪٽر کي جان بچائڻ لاءِ پئسي جي ضرورت پوندي آهي ۽ مريضن کي جان بچائڻ لاءِ ڊاڪٽر جي. جڏهن مريض وٽ پئسو نه هوندو آهي ته ڊاڪٽر ڀڄي جان بچائيندو آهي. جن اسپتالن ۾ مريض امير هوندا آهن اتي ڊاڪٽر غريب هوندا آهن. ڊاڪٽرن جي غربت جو اندازو ان مان لڳائي سگهبو آهي ته سندن فيس ايڏي هوندي آهي جيئن انهن پئسو ڏٺو ئي نه هجي. ڪڏهن مڊل ڪلاس مريض سفيد پوشيءَ خاطر بنگلو وڪڻي ڪار ۾ ايندا آهن ۽ واپسيءَ ۾ صحتياب تي ٽيڪسيءَ ۾ ويندا آهن، ڪراچيءَ ۾ آغا خان جو نالو ايڏو ته وڏو آهي جيئن حبيب بينڪ پلازا. ان پلازا جا مٿيان در بند هوندا آهن متان ڪو ٽپو ڏئي خودڪشي نه ڪري، جيڪڏهن آغا خان اها اسپتال نه ٺهرائي ها ته غريب ڪڏهن بيمار نه ٿين ها، ڇو جو اڪثر غريب اميرن جون علاج ڏسي بيمار ٿي پون ٿا. غريبن جا جسم ڏيڏر جيان آهن، جن تي تجربا ڪري اميرن جا ڪامياب آپريشن ڪيا وڃن ٿا، بلڪل ائين جيئن اسان اسٽيل جي پنجين گلاس گم ٿيڻ مان ڪو سبق حاصل نه ڪيو آهي. هونئن ته گلاسن جي سيٽ ۾ ڇهه گلاس هوندا آهن. هڪ گلاس پهريون ئي قدرتي طور کٽيل هيو، جيڪي پنج گلاس هيا، اسان انهن جي حفاظت نه ڪري سگهياسون، بچيل چار گلاس هر ڪنهن لاءِ عبرت جو باعث آهن.
جيڪڏهن حالتون اهڙيون رهيون ته پوءِ علامه اقبال جيان خواب ڏسڻو پوندو. ڇو جو خواب ۾ مان قائم ڪٻاڙيءَ کي ڏسندو آهيان. جڏهن ننڍو هيس ته قائم ڪٻاڙي نوان ٿانوَ گهٽيءَ ۾ کڻي ايندو هيو ۽ هوڪو ڏيندو هيو، “پراڻا ڏيو، نوان وٺو.” ماڻهو گهرن مان پراڻا ٿانءَ آڻي کيس ڏيندا هيا ۽ گهڻن پراڻن ٿانون جي بدلي هو هڪ نئون ٿانو ڏيندو هيو. ڪجهه وقت کان قائم ڪٻاڙي منهنجن خوابن ۾ اچي رهيو آهي. مان علامه اقبال جو انڪري مداح آهيان جو ان “شاهين” جي تعريف ڪئي آهي. اهو ساڳيو شاهين هيو جيڪو هڪ دفعي جڏهن مارڪيٽ مان ڏيڍ پاءُ ٻاڪرو گوشت وٺي گهر اچي رهيو هيس ته گهت هڻي هٿن مان کسي ويو هيو.
مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته هڪ ڏينهن مجبور ٿي اهي چار اسٽيل جا پراڻا گلاس ڏئي مون کي قائم ڪٻاڙيءَ کان هڪ نئون گلاس وٺڻو پوندو ۽ ان گلاس ۾ هر ڪو آزاديءَ سان پاڻي پي سگهندو.