رسول ميمڻ ھڪ اھڙو ليکڪ آھي جنھن جون ڪھاڻيون ۽ ناول الڳ مقام رکندڙ آهن. هي ناول ”اسٽيل جا پنج گلاس“ سندن ٻين ناولن کان ڪجهه مختلف آهي، ڇو تہ هن ناول ۾ سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي جھڙوڪر تاريخ ڏنل آهي. ڪردارن ۽ انھن جي زندگين ۾ ٿيندڙ واقعا اصل ۾ تاريخ آهن. ناول جي اڻت اهڙي ڪئي وئي آهي جو سياست جھڙي خشڪ موضوع کي روزاني زندگيءَ جي وهنوار سان بيان ڪيو ويو آهي.
ناول
اسٽيل جا پنج گلاس
- 5.0/5.0
- 77
- 9
- 2 هفتا اڳ
- 3
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اسٽيل جا پنج گلاس“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جو لکيل ناول آھي.رسول ميمڻ ھڪ اھڙو ليکڪ آھي جنھن جون ڪھاڻيون ۽ ناول الڳ مقام رکندڙ آهن. هي ناول ”اسٽيل جا پنج گلاس“ سندن ٻين ناولن کان ڪجهه مختلف آهي، ڇو تہ هن ناول ۾ سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي جھڙوڪر تاريخ ڏنل آهي. ڪردارن ۽ انھن جي زندگين ۾ ٿيندڙ واقعا اصل ۾ تاريخ آهن. ناول جي اڻت اهڙي ڪئي وئي آهي جو سياست جھڙي خشڪ موضوع کي روزاني زندگيءَ جي وهنوار سان بيان ڪيو ويو آهي.
دنيا ۾ مختلف شھرن جي حوالي سان ناول لکيا ويا آهن جن ۾ انھن شھرن جي اوسر واري تاريخ بہ جھڙوڪر بيان ڪئي وئي آهي. هن ناول ۾ بہ سنڌ جي شھرن جي اوسر انتھائي سيبتي انداز سان بيان ڪئي وئي آهي.
هي ڪتاب 2017ع ۾ ماءِ پبليڪيشن، سکر پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين رسول ميمڻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، پر پاڻ اوچتو اسان کان وڇڙي موت سان ملاقات ڪيائون. مھربانيون خادم حسين جروار جون جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف رسول ميمڻ
- ڇپيو ويو 2017
- ڇپائيندڙ ماءِ پبليڪيشن، سکر
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 09/Apr/2022
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 9 ڀيرا