باب پهريون
ننڍي هوندي ڪلاس ۾ پوئين بينچ تي ويهندو هيس ۽ ماستر جنهن جي رول جو نالو “مولا بخش” هيو. ان ماري منهنجا ٻئي هٿ سجائي ڇڏيا هيا. مون کان منهنجو دوست دلدار، جيڪو ڪڏهن اسڪول نه ويو، اڪثر پڇندو هيو، “جڏهن تون ايڏو ڪمزور آهين ته تنهنجا هٿ صحتمند ڇو آهن؟”
مان هٿن ڏي ڏسي ڏک مان چوندو هيس، “بس جنهن کي مولا بخشي.”
اهي اسٽيل جا پنج گلاس ڪڏهن ڏاڏو شڪارپور جي بازار مان خريد ڪري آيو هيو. ائين چمڪندا هيا ڄڻ چاندي. ڏاڏيءَ انهن جي وڏي سنڀال ڪئي هئي، ڇو جو اسٽيل جا ٿانءَ عام نه هيا. بازار جست، ٽامي ۽ پتل جي ٿانون سان ڀريل هوندي هئي. ماڻهو اڪثر اهي خريد ڪندا هيا ۽ انهن تي پنهنجن پيارن جا نانءُ لکرائيندا هيا. هر دوڪان تي هڪ اهڙو شخص هوندو هيو جيڪو پيرن وچ ۾ ٿانءُ ڦاسائي، سوئو رکي هٿوڙيءَ سان ڌڪ هڻي پيو نانءُ لکندو هيو. پر انهن پنجن اسٽيل جي گلاسن تي ڪو نانءُ لکيل نه هوندو هيو. پڪ سان ڏاڏي ان وقت نانءُ لکندڙ شخص کي چيو هوندو.
“هنن پنجن گلاس تي منهنجي پنجن پٽن جا نالا لک.”
ان شخص وراڻيو هوندو، “سائين نالا جست، ٽامي ۽ پتل جي ٿانوَن تي لکي سگهبا آهن. مان هنن پنجن اسٽيل جي گلاسن تي نالو نه ٿو لکي سگهان، ڇو جو اسٽيل پاڪستان جيان مضبوط آهي. انهن پنجن گلاسن تي چگهه ڪرڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي.”
ڏاڏا ضرور مايوس ٿي ڳوٺ موٽيو هوندو ۽ ان محسوس ڪيو هوندو ڄڻ ٻارن جي پيدائش کانپوءِ انهن جي ڇٺي نه ٿي آهي. اهي بي نانءُ هجن ۽ ڪمري ۾ لڳل تختن تي چڙهي پير لڙڪائي ويٺل هجن. ساڳي تختي تي انهن جي ڀرسان سکڻي ڪُني رکيل هوندي هئي.
جڏهن ڏاڏي وفات ڪئي ته اڃان شيشي جا گلاس مارڪيٽ ۾ عام نه هيا. فرانس ۽ انگلينڊ جا ٺهيل شيشي جا گلاس ملندا هيا، جيڪي تمام مهانگا هيا ۽ عام ماڻهوءَ جي پهچ کان پري هيا. اهي خانبهادرن، راءِ بهادرن ۽ اهڙن بهادرن جي بنگلن اندر اوڪ جي خوبصورت ڪارين ٽيبلن تي رکيل هوندا هيا جن بهادرن عزت، غيرت ۽ وطن دوستيءَ کي مات ڏني هجي. اهو انهن شيشي جي گلاسن جو ئي ڪم هيو جن شراب اوتي انگريزن جي اڃ اجهائي. انهن تي شباب جي آڱرين جا نشان هيا ۽ اهڙن چپن جا نشان جن ملڪ جو خون چوسيو.
تن ڏينهن جست جا گلاس انڪري سٺا هيا جو ڏنگا، ڦڏا ۽ ميرا ته ٿيندا هيا پر انهن تي ڪٽ نه چڙهندي هئي. پتل ۽ ٽامي جا گلاس جيڪي اوائلي دور کان استعمال پئي ٿيندا آيا، ماڻهو انڪري پسند نه ڪندا هيا جو انهن تي ساول چڙهي ويندي هئي ۽ پاڻي پيئڻ سان ڪجهه اهڙي بوءِ ايندي هئي جيئن مٽ ۾ ڪو جيت مري ويو هجي.
هندستان کان آيل ماڻهن کي اهڙا پتل ۽ ٽامي جا ٿانوَ صفا نه وڻيا ڇو جو انهن تي چڙهيل ساول جو رنگ اسان جي پياري ملڪ جي جهنڊي جهڙو هيو. جنهن جهنڊي کي سينيمائن ۾ فلم ختم ٿيڻ کان پوءِ اهو چئي ڏيکاريو ويندو هيو ته “هاڻي توهان کي درخواست ٿي ڪجي ته قومي جهنڊي جي احترام ۾ اٿي بيهندا.”
ڪجهه ماڻهو بيهندا هيا ۽ ڪجهه اوٻاسيون ڏيندا، سينيما جو در کولي ٻاهر نڪري ويندا هيا. ڪڏهن وري سينيما ۾ خالي ڪرسين اڳيان پردي تي جهنڊو پيو لهرائيندو هيو. پوءِ حڪومت جهنڊي جي اهڙي توهين تي غور ڪيو ۽ فيصلو ڪيو ته جهنڊو فلم جي آخر ۾ نه پر شروع ۾ ڏيکارڻ گهرجي، جيئن ماڻهن لاءِ اهو ضروري ٿي پوي ته جهنڊي کي پردي تي لهرائيندي ڏسن ۽ اٿي بيهي قومي ترانو ٻڌن. ان صلاح تي عمل ڪيو ويو ۽ سينيمائن ۾ جهنڊو فلم شروع ٿيڻ کان اڳ ڏيکارجڻ لڳو. جهنڊي ڏيکارڻ کان اڳ ماڻهن کي اهو چيو ويو ته “هاڻي توهان قومي ترانو ٻڌندا. توهان تي لازم آهي ته ان جي احترام ۾ خاموش ۽ باادب بيهي رهو.”
اهڙي ترميم کانپوءِ به ماڻهو جيڪي شيرين ۽ فردوس اداڪارائن جو گوڏ ٻڌي رقص ڪرڻ ۽ وڏا ٽپا ڏيڻ جي آس کڻي سينيمائن ۾ داخل ٿيندا هيا، قومي تراني ڏسڻ وقت اڌ بيٺل ۽ اڌ ويٺل هوندا هيا. جيڪي بيٺل هوندا هيا، اهي قومي تراني ختم ٿيڻ کان اڳ ئي ويهي رهندا هيا. انهن جو جوش ۽ ولولو تڏهن جاڳندو هيو جڏهن اداڪارائون ٽپاڏينديون هيون ته کين ٻڌل گوڏ ٿلهن سترن کان مٿي اڏامي ويندي هئي.
ڏاڏي وٽ اهڙا پتل جا گلاس به هيا جن تي ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ڇڏي ويل هندن جا نالا لکيل هيا. اهي هندو ان آسري گهر بند ڪري لڏي ويا هيا ته ٻن چئن مهينن ۾ حالتون ٺيڪ ٿي وينديون ۽ اهي موٽي اچي پنهنجن گهرن ۾ رهندا. اهي ڪجهه قيمتي شيون پاڻ سان گڏ کڻي ويا ۽ ٻيو فالتو سامان جنهن ۾ کٽون، بستر، ٿانوَ، وڏيون پيٽيون، ٻهارا، پوچيون ۽ ڀڳوان جون مورتيون ڇڏي تالا هڻي هليا ويا. مقامي ماڻهو لياقت علي خان جي قانون موجب انهن جي گهرن ۽ دوڪانن تي قبضو نه ڪري سگهيا پر ڪجهه اوباش ۽ چور قسم جا ماڻهو اهي تالا ڀڃي سڄو سامان ڪڍي ويا. شايد اها ڀڳوان جي مورتيءَ جي طاقت هئي جنهن کي ڪنهن چور چوري نه ڪيو، پر جڏهن اهي گهر مهاجرن حوالي ڪيا ويا ته انهن سڀ کان پهريون انتقام ڀڳوان جي مورتيءَ کان ورتو. انهن اهي ڀڃي گهر کان ٻاهر اڇلايون. انهن ثابت ڪيو ته صرف ماڻهو مسلمان نه هوندا آهن پر روڊ، رستا، عمارتون، باغ، اسپتالون، اسڪول، يتيم خانا ۽ پاڻيءَ جون سبيلون به اسلام قبول ڪنديون آهن ۽ پنهنجا نالا بدلائي مسلمان ٿينديون آهن.
ڏاڏي وٽ اهي پتل جا گلاس گهڻو عرصو موجود رهيا. انهن تي عجيب ۽ غريب نالا لکيل هوندا هيا. هڪ گلاس تي لکيل هيو ڦڙو مل، ٻئي تي لکيل هيو جهڙو مل. مان سمجهي ويس ته ڦڙو مل ضرور جهڙو مل جو پٽ هوندو. ڇو جو ڦڙو جهڙ مان ئي جنم وٺندو آهي. هڪ گلاس تي لکيل هيو “هوا ٻائي” اهڙو مسلمانن جهڙو نالو پڙهي مان حيران ٿي ويس. هڪ ڏينهن قرآن پڙهائيندڙ مولويءَ کي گلاس ڏيکاريندي چيم “سائين هيءُ آهي ته هندن جو پوءِ نالو مسلمان عورت جو ڇو لکيل آهي؟”
استاد گلاس کي هٿ نه لاٿو ۽ منهنجن هٿن کي سوري اکين اڳيان ڪري نالي پڙهڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ پوءِ نفرت مان جواب ڏنائين “ڇورا تون نه سڌرين، هيءَ هوا ٻائي آهي، جيڪا هندو عورت هئي. جيڪڏهن وڏي “ح” سان حوا ٻائي لکيل هجي ها ته پوءِ مسلمان ٿي پئي سگهي.”
استاد مونکي پري ڪيو ۽ وري چيو “اڇلاءِ ڪافرن جي گلاس کي پري، متان هن ۾ پاڻي پي وات خراب ڪيو ٿي. ان ساڳي وات سان قرآن ڪيئن پڙهندين؟”
مون اهو گلاس واپس تختي تي رکيو ۽ سوچيندو رهيس. سڄي “هه” جي هيرا ڦيري آهي. “ح” حبشي جيڪو ڪاري رنگ جو آهي. “هه” لکڻ سان اڇو ٿي پوندو. ڏاڏي جي وفات کانپوءِ ڏاڏي اداس رهندي هئي ۽ ڪمري ۾ رکيل انهن اسٽيل جي گلاسن ۾ ڏاڏي جو عڪس ڏسندي هئي. اهو اڇي پڳ پائي بيٺل هوندو هيو، سندس منهن تي اڇي ڏاڙهي ۽ لڙڪندڙ اڇيون مڇون هيون. ڏاڏو سدائين مرڪندو هيو، اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس مرڪ وڏين مڇين ۾ لڪيل هوندي هئي. اهو قدر آور مڙس هيو، جنهن ڪري گهر جي چائنٺ ٽپڻ وقت کيس مٿو ٽڪرائجڻ ڪري اڪثر ڌڪ لڳندا هيا، پوءِ وقت هن کي ڪمزور ۽ ڪٻو ڪري وڌو. ان جو فائدو اهو ٿيو جو ڏاڏو جڏهن گهر جي چائنٺ ٽپندو هيو ته کيس ڌڪ نه لڳندا هيا.
اسٽيل جا پنج گلاس جن جي تري ۾ انگلينڊ جو ٺپو لڳل هوندو هيو، ڏسي محسوس ٿيندو هيو، اهي انگريزن خاص اسان مسلمانن لاءِ ٺاهيا هيا. ان اسٽيل جي سيٽ کي ورهائي ائين الڳ ڪيو ويو هيو، جيئن جڳ گلاسن کانسواءِ ڪنهن ڪم جو نه هجي ۽ گلاس جڳ کانسواءِ نامڪمل هجن.
غريب غربي وٽ مهمانن کي پاڻي پيئارڻ لاءِ جست جا گلاس ئي هوندا هيا. جڏهن ته ڏاڏي مهمانن کي اسٽيل جي گلاسن ۾ پاڻي پيئاري حيران ڪري ڇڏيندي هئي، جڏهن ڏاڏو جيئرو هيو ۽ ان جا دوست ڳوٺن کان ڪهي ايندا هيا ته ٻاهر اڱڻ ۾ برمي وٽ کٽ تي ويهي تازي پاڻيءَ جا ڍڪ ڀري برمي جي مٺي پاڻيءَ جي تعريف نه ڪندا هيا پر گلاسن جي چمڪ ڏسي ڏاڏي کي چوندا هيا “پريا مڙس، گلاس چانديءَ جا آهن؟”
ڏاڏو لڙڪندڙ مڇن تي هٿ ڦيري جواب ڏيندو هيو “چانديءَ جو زمانو ويو، اهي اسٽيل جا آهن.”
پوءِ وقت بدليو. چين ۾ انقلاب آيو ته سڀ کان پهريون پاڪستان ان کي تسليم ڪيو. چين اهڙي اڳرائيءَ جو پاڪستان کي سٺو سلو ڏنو. هن کي سستا رانديڪا ٺاهي ڏنا ۽ بازارون چيني سامان سان سٿجي ويون. ائين پئي لڳو ڄڻ چين ۾ انقلاب کان اڳ بغاوت جي ڏينهن ۾ چيني انقلاب جي تياري ائين ڪري رهيا هيا جو لڪي توبون، بم گولا ۽ بندوقون ٺاهڻ بجاءِ رانديڪا، چينيءَ جا برتن، ريڊيا، ٽوپي ڏيڻ واريون سيون، ٽاچينيون، پيچ ڪش ۽ شيشي جو سامان ٺاهي رهيا هيا. ڇو جو انقلاب کانپوءِ هڪدم ايڏي وڏي مقدار ۾ سامان ٻاهرن ملڪن ڏانهن موڪلڻ حيرت انگيز هيو.
شڪارپور جي بازار به اهڙن ٿانوَن سان سٿجي وئي جيڪي چين جا ٺهيل هيا. اهي قيمت ۾ ايڏا گهٽ هيا جو غريب ماڻهو انهن کي آسانيءَ سان خريد ڪري پئي سگهيو.
انگلينڊ ۽ فرانس جا ٿانوَ جيڪي قيمتي ۽ خوبصورت هيا، انهن جو وڪرو وڏن ماڻهن تائين محدود رهيو.
امڙ جي نظر جڏهن چين جي ٺهيل اهڙن شيشن جي گلاسن تي پئي ته اهي ان کي اسٽيل جي گلاسن کان سهڻا ۽ صاف نظر آيا. ان هڪ دفعي بابي کي فرمائش ڪئي ته اهو شڪارپور جي بازار مان کيس اهڙا شيشي جا گلاس آڻي ڏي، ڇو جو اها ڪالهه جڏهن جاڙي ماءُ جي گهر وئي هئي ته کيس اتي نظر آيا هئا. جاڙي ماءُ هن کي ٻڌايو ته اهي ايڏا مهانگا نه آهن. ٻن روپين ۾ ڇهه گلاس آرام سان ملي ويندا.
بابو جنهن تازو فائنل پاس ڪري ماستري ورتي هئي، ان جي ڪُل پگهار پنجونجاهه روپيا هئي. اهو ڀريل جسم وارو پهلوان شخص هيو. جيڪو آکاڙي ۾ ورزش ڪندو هيو ۽ ڪنهن ملهه جي مقابلي ۾ ڪنهن کي چت ڪري ڇهه ست روپيا انعام ۾ حاصل ڪري وٺندو هيو. ان به سوچيو، زمانو ترقي يافته ٿي ويو آهي ڇو جو شيشي جا گلاس مارڪيٽ ۾ سستا ٿي ويا آهن. زماني سان قدم قدم ۾ ملائڻ لاءِ شيشي جي گلاسن ۾ پاڻي پيئڻ ضروري آهي.
اهو هڪ ڏينهن شڪارپور ويو. نعيم احمد شيخ جيڪو پهريون بازار ۾ پرڀو مل جي نالي سان سڃاتو ويندو هيو ۽ تازو مسلمان ٿيو هو، بابو ان جي دوڪان تي ويو جيڪو ڳاڙهي گوڏ ٻڌي اتي ويٺل هيو. بابي ان جي اهڙي حالت ڏسي پهريون سوچيو ته شايد ان ڳاڙهي گوڏ چين ۾ انقلاب جي خوشيءَ ۾ ٻڌي آهي، ڇو جو چين جي سامان اچڻ ڪري سندس ڪاروبار چمڪي پيو هيو. پر پوءِ جڏهن ان کيس ڳاڙهي گوڏ جي حقيقت ٻڌائي ته بابا “الحمدالله” چئي شيشي جا گلاس ان کان ئي وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سوچيو ته ڀلي اهو چار پئسا مارڪيٽ کان منافعو وڌيڪ وٺي پر هو ڪنهن ٻئي دوڪان تي نه ويندو.
هونئن ته نعيم احمد شيخ جي دوڪان ۾ هر رنگ جا گلاس هيا جن ۾ اڪثريت نيرن گلاسن جي هئي پر ان بابا کي ساوا گلاس خريدڻ جي صلاح ڏني ۽ چيو “سائو اسلامي رنگ آهي. ماستر صاحب انهن ۾ پاڻي پيئندين ته ڄڻ آب جم جم (زم زم) پيئندين.” مسلمان ته پنهنجيءَ جاءِ تي پر سنڌ ۾ شل نه ڪو واڻيو مسلمان ٿئي پوءِ مسلمانيءَ ۾ سڀني کان گوءِ کڻي ويندو. جڏهن ڏس ٻاتي آواز ۾ ويٺو قرآن پڙهندو. ننڍپڻ ۾ مونکي دينو دال وارو ياد آهي جيڪو تازو مسلمان ٿيو هيو. پنج وقت نماز پڙهندو هيو. ان کي اڇي ٽوپي ۽ منهن تي سونهاري هوندي هئي. بڙ جي هيٺان ويهي دال وڪڻندو هيو. ان وٽ دال وٺندڙ ماڻهن جي رش هوندي هئي. اهو هر گراهڪ کي ڪنول جي پن تي دال رکي ڏيندو هيو. جڏهن ديڳڙيءَ مان چمچي سان دال ڪڍي پن تي رکندو هيو ته هر چمچي ڀرڻ مهل وڏي آواز سان ڪلمي جو پهريون حصو پڙهندو هيو. هڪ دفعي “ڪڪي” نالي شخص جيڪو موليدي هيو. ان دينو کي چيو “دين محمد ڪلمو ته پورو پڙهه نه.”
دين محمد منجهي پيو ۽ جڏهن وري ڪلمي پڙهڻ جي ڪوشش ڪيائين ته هن کان اچار صحيح نه پئي نڪتو. ڪڪي مولوديءَ هن جو تلفظ صحيح ڪرڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي، پر آخر ۾ بيزار ٿي دال وٺي ويندي هن کي چيائين “ادا پوءِ ائين ئي هوندو.”