باب سترهون
هر ڪٽنب کي حڪومت پاران راشن ڪارڊ مليل هوندو هيو، جنهن ۾ ڄاڻايل ڀاتين جي حساب سان کنڊ خريد ڪري سگهبي هئي، ماڻهو ڳڙ جي مٺائي واپرائيندا هيا، جيڪا بي مزي هوندي هئي. ننڍي هوندي چانورن مٿان ڳڙ جي مٺائي ٻُرڪي کائيندو هيس ته لڳندو هيو چانورن ۾ مٺا پٿر پيل هجن. ڳڙ جي چانهه پيئڻ سان منهن ڪوڙو ٿي ويندو هيو. ماڻهو مٺاڻ گهٽ واپرائيندا هيا، نه هيا ڪسٽرڊ جيليون، نه پڊنگ نه دود دلاريون. مٺائي ڳڙ کي چوندا هيا. اڄڪلهه جي مٺائي جنهن ۾ گلاب جامن، امرتي، ميسو، چم چم يا ٻيون شيون شامل آهن عام نه هئي. عورتون شادين مرادين ۾ ڪاج ڏيکارڻ کانپوءِ ڳڙ جي مٺائي ورهائينديون هيون جيڪا رئي جي پاند ۾ ورتي ويندي هئي. جڏهن چوٿين درجي جو امتحان پاس ڪيو هيم ته استاد عبدالرزاق مٺائي کارائڻ لاءِ چيو هيو. سڀ ٻار گهران ڳڙ جي مٺائي کڻي آيا هيا. جيڪا استاد هڪ لفافي ۾ گڏ ڪري کڻي ويو هيو. سکيا ستابا ماڻهو نقطي يا لڏون ورهائيندا هيا، کيرڻي خاص ڏڻن تي پچندي هئي. ماڻهو شگر جا مريض هيا، يا نه، چئي نه ٿو سگهجي، پر پڪ سان شگر جو مرض نه هجڻ برابر هيو.
سکر جي سخت گرميءَ ۾ ڳڙ جو شربت تيار ڪري اسلام الدين واري آئيس فيڪٽري جي ميري برف جو ڳنڍو وجهي پيئندا هياسين ۽ اسٽيل جو گلاس ڀري ڏاڏيءَ کي به ڏيندا هياسين ته اها پي چوندي هئي، “اڙي ابا هيانءَ ئي ٺري پيو.”
شگر جي مرض کان اڄڪلهه لکيل پڙهيل ماڻهو مٺائي ائين کائيندا آهن جيئن ڪنهن وقت بادشاهه کائڻ کان اڳ کاڌو غلامن کان چيڪ ڪرائيندا هيا. غلام چونڊي ڀري کائيندا هيا ته متان زهر مليل نه هجي.
جڏهن شگر مليون لڳيون ته ڳنڍيريون مهانگيون ٿي ويون. بابو چوندو هيو، “پٽ ڳنڍيريون کاءُ ڏند مضبوط ٿيندئي.” بک هجي، جسم ۾ توانائي نه هجي ته ماڻهو کاڌو چٻاڙي نه سگهندو. کاڌي چٻاڙڻ لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو مسلسل کائيندو رهي. ڳنڍيرين کائڻ سان ڏند مضبوط ٿين، نه ٿين، پر شگر زندگي به آهي ته زهر به. گاڏي هلائڻ لاءِ پيٽرول ۽ ماڻهو هلائڻ لاءِ شگر جي ضرورت پوي ٿي. شگر حد کان وڌي وڃي ته بيماريءَ جي صورت ظاهر ٿئي ٿي.
جڏهن شگر مليون لڳيون ته راشن ڪارڊ ختم ٿي ويا. کنڊ بازار ۾ ملڻ لڳي. سن 1974ع ۾ چانڊڪا ۾ پڙهندو هيس. سکر کان لاڙڪاڻي ريل ڪار هلندي هئي. اها خوبصورت ريل ڀٽي صاحب طرفان تڪ جي ماڻهن لاءِ تحفو هئي. سکر کان لاڙڪاڻي تائين ٽڪيٽ چيڪر گاڏي ۾ نه ايندو هيو. سڀ بغير ٽڪيٽ هوندا هيا. اهو نعرو عام هيو ته “جيئي ڀٽو، ڀاڙو ڇٽو.”
اسان به ان ۾ سفر ڪندا هياسين، تن ڏينهن نئون ديرو شگر مل ٺهي رهي هئي جنهن ۾ چيني انجنيئر ڪم ڪندا هيا. هڪ دفعي اسان سان گڏ ٻه چيني انجنيئر سفر ڪري رهيا هيا. جون جو مهينو هيو، آسمان مان باهه پئي وسي. چينين “رڪ” پليٽ فارم تان هنداڻو ورتو. هنداڻو ڪٽي ٻه حصا ڪرايا. ريلي هلي ته انهن کائڻ شروع ڪيو. کائي پورو ڪيائون ته خالي اڌ ٽوپلي وانگر مٿي تي رکي ويهي رهيا. اسان شاگرد ٽهڪن ۾ اونڌا پيا هياسين، پر انهن کي ڪا پرواهه نه هئي، نئين ديري تائين مٿي تان اهي نه لاٿائون.
سنڌ ۾ اها شگر مل ٺهي ته ڇا پوءِ شگر ملين جو ميلو لڳي ويو. ريل جي پٽڙين سان شگر مليون ٺهڻ شروع ٿي ويون. ريل ۾ سفر ڪندي ڪا زهريلي بوءِ محسوس ٿيندي آهي ته سمجهي ويندا آهيون ڪا شگر مل اچڻ واري آهي.
ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ تائين ڪڏهن شگر جي کوٽ محسوس نه ٿي، پر ڦاسيءَ کانپوءِ وري شگر جي کوٽ ٿي وئي. ان جو سبب اهو هيو ته شهرن ۾ ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کانپوءِ ايڏي ته مٺائي ورهائي وئي جو وڌيڪ مٺائي ورهائڻ لاءِ شگر نه بچي.
ان ڳالهه کان ناراض ٿي ضيا آرڊر پاس ڪيو، “شگر جي کوٽ جو سبب ذخيرا اندوزي آهي. جيڪڏهن ڪنهن گودام مان شگر هٿ آئي ته ان جي مالڪ کي سر عام ڪوڙا هنيا ويندا.” ضيا اهڙو آرڊر مٺائي کائيندي، ٽشو پيپر سان هٿ اگهندي صحيح ڪيو.
سکر جي بازار ۾ کنڊ اڻ لڀ ٿي وئي. ماڻهن وري ڳڙ جي مٺائي استعمال ڪئي. انهن ڏينهن هڪ فلاسافر، جيڪو علامتي انداز ۾ ڳالهائيندو هيو. ضيا کي صلاح ڏني، “جيترو ظلم ڪندين، پير مضبوط ٿيندا.” ان علامتي انداز ۾ چيو، “جتنا گڙ ڊالو گي اتنا ميٺا هوگا.” مون اسٽيل جو گلاس کنيو. پاڻي ڀري ڳڙ وڌو، ڳڙ ڳري ويو، وري وڌو وري ڳري ويو. هر شيءِ جي حد هوندي آهي. پورو اسٽيل جو گلاس ڳڙ ٿي ويو. مون جهڙي صوفيءَ سمجهيو اسٽيل جو گلاس “رب... رب” ڪندو ڄڻ پاڻ رب ٿي ويو.
ضيا جي آرڊر کانپوءِ به ڪٿان کنڊ ظاهر نه ٿي. ايجنسين جا ماڻهو گهرن، گهٽين، رستن روڊن، دوڪانن ۽ گودامن ۾ پيا “نُوس نُوس” ڪندا هيا. اهڙا ماڻهو کنڊ سنگهي ۽ آفيم چکي سڃاڻيندا هيا. انهن جي خاص تربيت هئي. چکڻ واريون شيون سنگهي ۽ سنگهڻ واريون شيون چکي سڃاڻندا هيا. انهن ۾ بي روزگار لوهرن جو ٽولو به شامل هيو جيڪي هٿوڙن سان لاوارث فوٽ پاٿين تي سمهيل ۽ الڳ ٿلڳ زال جي دهشت کان ڀڄي نڪتل سڃ ۾ رهندڙ ناراض ماڻهن جا مٿا ڦاڙي ماري وجهندا هيا. ضيا پاران شروع ڪيل ان “هٿوڙا مار تحريڪ” وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. ماڻهو خوف ۾ ورتل هوندا هيا، انهن جو ذهن ڪڏهن بغاوت طرف مائل نه ٿيو. ضيا اسلام نافذ ڪندي ملڪ جي سينيمائن ۾ فحش فلمن جي اجازت ڏني، جنهن ڪري عوام اگهاڙيون فلمون ڏسي موج ۾ اچي فوج کي دعائون ڏيندو هيو.
حڪومت ڪرڻ به هڪ آرٽ آهي، جادوگر وڏا آرٽسٽ آهن، ڪنهن کي اکين هوندي انڌو ڪرڻ فن جو عروج آهي. فن اهڙو ڌن آهي جيڪو ڪارو به آهي ته اڇو به، نشي سنگهائڻ بنا ڪنهن جو پيٽ چيري کاڌو چورائڻ وڏي حڪمت عملي آهي.
انهن ڏينهن ۾ جڏهن آمريڪا جي اسڪاءِ ليب خلا مان ڌرتيءَ تي ڪري رهي هئي ته سڀ کان وڌيڪ خوف پاڪستان تي ڇانيل هيو. ٽي ويءَ تي هر هر اعلان ٿي رهيا هيا، “اسڪاءِ ليب ڪرڻ واري آهي، ڪو به گهر کان ٻاهر نه نڪري، نه ته ڪنهن نٽ بلٽ جو نشانو ٿي ويندو.”
ماڻهو خوف کان گهرن ۾ بند رهيا، مان ان کٽ تي ويٺل هيس جنهن مٿان اسٽيل جا چار گلاس رکيل هيا. اوچتو ڪو ڪوئو ڪٿان ظاهر ٿيو، جيڪو مهمان ٿي آيل چاچي علي نواز جي ڪنڊ ۾ پيل لٺ تي چڙهي مٿي تختي تي هليو ويو ۽ ان هڪ اسٽيل جو گلاس ڪيرائي وڌو. گلاس کٽ تي پيل اونڌي ٿالهه تي اچي ڪريو. سڀني وٺي رڙيون ڪيون، “اسڪائي ليب... اسڪائي ليب.”
مون گلاس هٿ ۾ کنيو ۽ کين ڏيکاريندي چيو ته “اسٽيل جو گلاس آهي.” پوءِ مٿي اشارو ڪيو “باقي ٽي بچيا آهن.” چاچو علي نواز جيڪو چانهه ۾ پاپو ٻوڙي کائي رهيو هيو، ان گلاس ڏي ڏسي کيس دعائون ڏنيون.
“ابا الله بچائي ان گلاس کي، باقي اسٽيل جا گلاس اڄ ڪلهه شيشي جي گلاسن وانگر ڀڄندي دير ئي ڪونه ٿا ڪن.”
پوءِ چيو، “مون کي ان ۾ پاڻي ڀري ڏي.”
مون کيس صلاح ڏيندي چيو، “چاچا علي نواز چانهه مٿان پاڻي نه پيئبو آهي پر پاڻيءَ مٿان چانهه پيئبي آهي.”
چاچي علي نواز مٿي اشارو ڪندي چيو، “پٽ اسٽيل جو گلاس ڪريو آهي. اڃان اسڪائي ليب نه ڪري آهي. مان پاڻي پيئندس نه، گرڙي ڪندس، ڇو جو تسبيح پڙهڻي آهي. خدا اسڪاءِ ليب کان ملڪ کي بچائي، انڪري ته جيڪڏهن ملڪ تي ڪرندي ته ضرور اسان جي گهر تي ڪرندي.”
مان حيران ٿي ويس، اکيون ڦوٽاري سوال ڪيو.
“اهو وري ڪيئن؟”
چاچي علي نواز ٿڌو ساهه کنيو ۽ چيو، “انڪري ته پٽ هن ملڪ جو نزلو اسان جي گهر تي ئي ڪرندو آهي.” اڃان ڳالهائي ئي رهيا هيا سون ته سوٽ نبي بخش خوش خبري کڻي آيو، “اسڪاءِ ليب هزارين ميل پري آسٽريليا ڀرسان سمنڊ ۾ ڪري آهي.”
اهڙي خبر ٻڌي مون کي خوشي ته ٿي پر افسوس به ٿيو انڪري ته پاڪستان ۾ ڪٻاڙين جو نقصان ٿيو هيو، جيڪڏهن اها اسڪاءِ ليب پاڪستان تي ڪري ها ته ڪٻاڙين جي عيد ٿي وڃي ها. ڇو جو پاڪستان جي تعمير ڪٻاڙڪي سامان سان ٿي رهي هئي.
چاچي علي نواز اهڙي خبر ٻڌڻ سان تسبيح ويڙهي کيسي ۾ وڌي ۽ چيو “ڪم نڪتو ڊکڻ وسريو.” هن وڏڙن کي قل بخشيا جن اسٽيل جا گلاس عطا ڪيا هيا ۽ پوءِ وضو ڪري گهمڻ هليو ويو، انڪري ته رستا کلي چڪا هيا. پاڪستان ٺهيو ئي ضيا جهڙن حڪمرانن لاءِ هيو. گهوڙا ڊڪندا آهن ته ويٺل جي... سڄاڻيندا آهن نه ته اٽون هڻي ڪيرائي وجهندا آهن. گهوڙي سواري فن آهي ڇو جو گهوڙي کي جنهن جي وڻي!
اسڪاءِ ليب جي خوف کان جڏهن چاچو علي نواز گهر ۾ لڪيل هيو ته کنڊ جي اڻاٺ ڪري ان ڳڙ واري چانهه پيتي هئي، جنهن سندس طبيعت ۾ اهڙو ته سڌارو آندو جو جنهن سان ملي رهيو هيو ڀاڪر پائي چمي ڏئي رهيو هيو پر “بجلي” کدڙي کي گهٽيءَ ۾ پريان ايندو ڏسي گهر ڀڄي ويو، ڇو جو سندس طبيعت ۾ سڌارو آيو هيو پر کدڙن لاءِ نه. هن کدڙي کي ڏسي گهر ۾ ائين پناهه ورتي جيئن اسڪاءِ ليب جي خوف کان پناهه ورتي هئي، چاچي علي نواز پوءِ اهو سبق پرايو ته “هر خوف جو سبب هڪ کدڙو هوندو آهي.”
سکر ۾ ڇاپا هڻندي نيٺ هڪ هنڌان کنڊ نڪتي، اها ڏيڍ ٻوري هئي جيڪا گهنٽا گهر وٽ مهراڻ سويٽ هائوس واري دوڪان ۾ لڪائي رکي هئي. ڇاپا هڻندڙ ٽيم کي اهڙو اطلاع “الادين تيليءَ” ڏنو هيو، جيڪو ڪڏهن ڏيئو ٻاري گهاڻي ۾ سرنهه پيهي تيل وڪڻندو هيو. پوءِ ملڪ ۾ مارشلا لڳي ته سندس ڏيئي مان “ديو” نڪري آيو، جنهن کيس صلاح ڏني ته “هو هاڻي سرنهه بدران گهاڻي ۾ کنڊ پيهي، ڳئونءَ جا ٻه قطرا ملائي شربت “روح النفس” تيار ڪري جنهن جي پيئڻ کانپوءِ ضيا هن تي مهربان ٿي کيس “ڳئون شالا” جو پروانو ڏيندو جنهن ۾ هو آسانيءَ سان ماڻهن جو واڙو کولي سگهندو.” الادين تيليءَ وٽ گودام ۾ اهڙو ڏيئو ٻرندو هيو جو کنڊ جون ٻوريون، لوڻ جون ٻوريون نظر اينديون هيون. ان ڇاپا مار ٽيم کي شربت “روح النفس” پياري دماغ تي قبضو ڪيو ۽ آڱر سان گهنٽا گهر واري مهراڻ سويٽ هائوس ڏانهن اشارو ڏنو. جڏهن ڇاپو لڳو ته سول ڊريس ۾ ڪجهه ماڻهو ان مٺائيءَ جي دوڪاندار کي سندس شگر ٽيسٽ ڪرائڻ جي بهاني سول اسپتال وٺي وڃڻ جو دولاب ڏئي ان خوليءَ ۾ وٺي ويا جتي ماڪوڙا گذريل گهڻن سالن کان مٺائي نه ملڻ ڪري پريشان گهمي رهيا هئا.
انهن ڏينهن ماڻهو شگر ٽيسٽ نه ڪرائيندا هيا انڪري ته متان سندن شگر وڌيل اچي ۽ اهڙي رپورٽ ڏسي گرفتار نه ڪيو وڃي. پاڙي ۾ هڪ ڪاٺيا واڙي سيٺ جنهن جي گهر ۾ کنڊ ختم ٿي وئي هئي گهران پيشاب کڻي نڪتو ته حڪيم عارفين کان ٽيسٽ ڪرايان. حڪيم عارفين پهتل بندو هيو. رضا ڪارانه پيشاب ۾ شگر ٽيسٽ ڪندو هيو جيئن خبر پوي ته مارشلا گهڻا “پلس” آهي. ٿوري دير کانپوءِ مون ڏٺو ته اهو ڪاٺياواڙي مرڪندو پيشاب جي بوتل موٽائي کڻي پيو اچي. مون ان کان پڇيو، “ڇو سيٺ بوتل واپس ٿو کڻي وڃي.”
ڀرسان اچي چيائين، “ان ۾ شگر نڪتي آهي.”
مهراڻ سويٽ هائوس واري کي فوجي عدالت ۾ پيش ڪيائون، جن خاڪي ڪتاب کولي کيس ساڍن ستن ڦٽڪن جي سزا ٻڌائي، ڇو جو فوجي قانون موجب هڪ ٻوريءَ تي پنجن ڦٽڪن جي سزا هئي ۽ هن وٽان ڏيڍ ٻوري نڪتي هئي. حڪم ۾ اهو به لکيو ويو ته ان ذخيرا اندوز کي سکر جي اسٽيڊيم ۾ سرعام ڦٽڪا هنيا وڃن جيئن عوام سبق حاصل ڪري ته آخر ذخيرا اندوزيءَ لاءِ جڏهن ٻيون شيون به موجود آهن ته صرف کنڊ جي ذخيرا اندوزي ڇو؟”
اهو ڏينهن محشر جو ميدان هيو جڏهن مهراڻ سويٽ واري کي سرعام اسٽيڊيم ۾ ڦٽڪا لڳا. مان اسٽيل جو گلاس ۽ پاڻيءَ جي بوتل ساڻ کنئي، اهو سوچي ته صدمو صرف اسٽيل جو گلاس ئي برداشت ڪري سگهي ٿو باقي ويچارو شيشي جو گلاس ته ڦٽڪن تي رڙين کانپوءِ دل نه جهلي ذرا ذرا ٿي ويندو. جڏهن اسٽيڊيم پهتس ته پير پائڻ جي جاءِ نه هئي، هر طرف مٿا ئي مٿا نظر اچي رهيا هيا. اسٽيڊيم ۾ پيهه کان هيٺ ڇٻر ۾ گهمندڙ ماڪوڙن مٺاڻ کائڻ کان توبهه ڪري سوراخن ۾ پناهه ورتي هئي. اسٽيڊيم جي وچ تي هڪ ٽڪٽڪي رکيل هئي جنهن تي ماڻهن جون نظرون ٽڪيل هيون ته ڄاڻ ان سان ٻڌي مهراڻ سويٽ هائوس واري کي ڦٽڪا هنيائون. ٿوري دير گذري ته هڪ ايمبولينس ٽڪٽڪيءَ وٽ اچي بيٺي. ان مان هڪ نوجوان کي ٻاهر ڪڍيائون جنهن جو رنگ لڏونءَ وانگر هيڊو هيو. پوءِ خبر پئي ته ان جوان پوڙهي پيءُ کي بچائڻ لاءِ اٺ ڪلو مٺائي رشوت ۾ ڏئي عرض ڪيو هيو ته “پوڙهو شگر جو مريض آهي. اهو هڪ ڦٽڪي کانپوءِ خدا کي پيارو ٿي ويندو ۽ ساڍا ڇهه ڦٽڪا گواهي ڏيندا ته فوجي قانون تي عمل نه ٿيو آهي، ان ڪري پوڙهي کي ڇڏي سندس پٽ کي ٽڪٽڪيءَ تي چاڙهيو وڃي. لال بجهڪڙ جو ڳاڙهو ڪتاب کولي قانون ۾ گنجائش پيدا ڪئي وئي ته “ڦاهي ان کي ڏيو جنهن جي ڳچيءَ ۾ ڦاهو پورو اچي.” پوڙهي جي جان چٽي ۽ سندس وڏي پٽ کي ٽڪٽڪيءَ سان ٻڌائون. کيس سرعام سٿڻ لاهي ويهڪ واري جاءِ تي ململ جو ڪپڙو رکي سپاهيءَ کي اشارو ڏنائون. سپاهيءَ ڊگهو بيد جو ڦٽڪو هٿ ۾ جهلي به چار دفعا ان کي هوا ۾ زوڪٽ ڪرائي ويهڪ واري جاءِ تي ٺڪاءَ ڪرايس، نوجوان چپ هيو، هجوم مان آواز آيو.
“گهوڙا ڙي.”
وري ڦٽڪو هوا ۾ لهرائي ٺڪاءُ ڪرايس. نوجوان چپ هيو، هجوم مان آواز آيو.
“الله ڙي.”
جڏهن ست ڦٽڪا پورا ٿيا ۽ اڌ ڦٽڪو رهجي ويو. ماڻهن سمجهيو هاڻي خير آهي. اهو سهي ويندو. جڏهن سپاهيءَ هوا ۾ ڦٽڪو گهمائي هنيس ته سڀ چپ هيا. نوجوان رڙ ڪئي ۽ بيهوش ٿي ويو. کيس ٽڪٽڪيءَ تان لاهي ايمبولينس ۾ وڌائون. ايمبولنس سائرن وڄائندي هلي وئي. اهڙو منظر ڏسي هجوم ۾ موجود سڀ ماڻهو خوف ۾ وٺجي ويا. مون ڏٺو هڪ هنڌ ماڻهن جي وچ ۾ ان نوجوان جو پوڙهو پيءُ اهڙو منظر ڏسي بيهوش پيو هيو، سندس ننڍو پٽ رڙيون ڪري رهيو هيو، “بابي جي شگر گهٽجي وئي آهي، ڪنهن وٽ ٽافي يا چاڪليٽ هجي ته ڏي.”
ڪنهن ٽافي يا چاڪليٽ ته ڪونه ڏنس. مان اسٽيل جي گلاس ۾ پاڻي ڀري ان جي پٽ کي ڏنو. اسٽيل جو ڀريل گلاس پوڙهي جي چپن تي آندائون. ان اڌ پيتو، اڌ ڏاڙهيءَ کان وهي ويس، سهارو ڏئي اٿاريائونس، هڪ هڪڙي ٻانهن کي ورتس، ٻي ٻئيءَ ٻانهن کان، گهليندا وٺي ويس، اسٽيل جو گلاس ڇٻر تي ماڻهن جي پيرن هيٺان لتاڙجي ويو. مان کڻڻ لاءِ هر هيڏي پيو نوڙان ته ڪڏهن هوڏي. گلاس ويو قدمن ۾ رلندو ۽ ٺوڪرون کائي گاڏيءَ هيٺان آيل ڪنهن گلر جيان چيڀاٽبو ۽ چچربو. مان نيٺ وڃي هٿ وجهي کنيو ۽ گپ اگهندي چيو، “معاف ڪجانءِ پيارا اسٽيل جا گلاس، تنهنجي قسمت ئي اهڙي آهي.”