رسول ميمڻ
نـاميـاري ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جو پـورو نالـو غلام رسول ولد محمد يعقوب ميمڻ آهي. هن 1 جنوري 1956ع تي سکر ۾ جنم ورتو. سندس پرائمريءَ کان ڪاليج تائين جي تعليم سکر شهر ۾ ئي ٿي. هن مئٽرڪ جو امتحان 1969ع ۾ پاس ڪيو. 1978ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس جو امتحان پاس ڪري، 1981ع ۾ شڪارپور جي مشهور راءِ بهادر اوڌو داس تاراچند سول اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو. 1982ع کان 1983ع تائين سکر سول اسپتال ۾ ساڳئي عهدي تي رهيو. 1983ع کان 1990ع تائين چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڊمانسٽريٽر رهيو. 1991ع ۾ لاهور مان ’ڊپلوما ان ڪلينيڪل پيٿالاجي ڪيائين، 1992ع ۾ موٽي اچي سول اسپتال سکر ۾ پيٿالاجسٽ ٿيو. 1998ع ۾ بيسڪ ميڊيڪل سائنسز انسٽيٽيوٽ GPMS ڪراچيءَ ۾ ’هسٽوپيٿالاجي‘ (Histopathology) ۾ ايم. فل لاءِ داخل ٿيو ۽ 2000ع ۾ هسٽوپيٿالاجيءَ ۾ ايم. فل ڪيائين. 2000ع کان ڪياماڙي اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڊپٽي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ رھيو.
رسـول ميـمـڻ کي نـنڍپـڻ کان وٺـي لکڻ پـڙهڻ سـان شـوق هـو. ادل سومري ۽ اياز گل سان گڏ ادب جي ميدان ۾ پير پاتائين. سندس پهريون شعر 1976ع ۾ نئين دنيا پبليڪيشن لاڙڪاڻي ۾ مشهور اديب رزاق مهر شايع ڪيو ۽ سندس پهرين ڪهاڻي ’مارو پبليڪيشن، حيدرآباد‘ ۾ ڇپي. رسول ميمڻ، ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ جلد پاڻ کي مڃائي ورتو ۽ نئين ٽهيءَ جي نمائنده ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. هن وقت تائين ســندس ڪهاڻين ۽ ناولن جا ڪــتاب: (1) ’امن جي نالي‘ (ڪھاڻيون: 1977ع)، (2) ’ڪـافـر ديــوتا‘ (1979ع)، (3) ’چـچـريل زندگين جا قافلا‘ (1981ع)، (4) ’ابابيل جي آخري اڏام‘ (علامتي ڪهاڻيون: 1993ع)، (5) ’فونو‘ (2010ع)، (6) سونو ڏند‘ (ڪهاڻيون: 2012ع) (7) ’حليمان‘ (ڪهاڻيون: 2013ع)، (8) ’قالو بلا‘ (ناول: 2013ع)، (9) ’نجومي‘ (ناول: 2014ع) (10) ’اوڻويھ عورتون‘ (ناول: 2017ع) ڇپيل آهن.. ان کانسواءِ هن جي شاعريءَ جو هڪ مجموعو ’اُوشا جي آشا‘ (1979ع) ۽ دنيا جي مشهور شخصيتن بابت ترجمو ٿيل هڪ ڪتاب ’ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن‘ (1988ع) پڻ ڇپيل آهن.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل