شاعري
اُوشا جي آشا
ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي رسول ميمڻ بنيادي طور ھڪ ڪھاڻيڪار آھي پر سندس شاعريءَ ۾ ڪيل اظھار بہ گهٽ ناھي.
- 5.0/5.0
- 2088
- 680
- 4 سال اڳ
- 0

سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اوشا جي آشا “ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي رسول ميمڻ بنيادي طور ھڪ ڪھاڻيڪار آھي پر سندس شاعريءَ ۾ ڪيل اظھار بہ گهٽ ناھي. ھو لکي ٿو:”مان جڏهن به ڪلا تي سوچيندو آهيان ته ڄڻ سر جي پاڻيءَ ۾، گلابي ڪنولن جي وچ مان ترندو، ان جي تري ۾ پيل ڳُجھين ولين ۾ پير وچڙائي ويهندو آهيان. مان اُهو سُٽ ڪڏهن به سُلجھائي نه سگھندس. ڪلا منهنجي نظرُن ۾ ڪارونڀار آهي، جنهن کي ڪڏهن به پار ڪري، پري کان انڊلٺ جيان وڪڙ کائي جھُڪيل آڪاش تائين پهچي نه ٿو سگھجي. ڪلا جو ڪارونڀار وسيع ۽ انيڪ گهرو آهي، جيڪو پاڻيءَ سان ته ڪنارن تائين ٽُٻ ڀريو بيٺو آهي، پر ان جو پاڻي چکي به نه ٿو سگھجي.“
ھي ڪتاب 1979ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سکر پاران ڇپايو ويو ھو. ٿورائتا آهيون سائين رسول ميمڻ جا جنھن ھي ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ رسول ميمڻ
- ڇپيو ويو 1979
- ڇپائيندڙ سنڌي ادبي سنگت سکر
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 20/May/2018
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 680 ڀيرا