پاريهر جا پير پاريهر جا پير، منهنجي رَت رَڱي ڇڏيا. پٿر پٿر آهه پُنهون، ڏونگر منهنجا ڏير، منهنجي رَت رَڱي ڇڏيا. جَل ۾ آڳ جلائي جڏهن، وِڄ وَٺي ٿي وير، منهنجي رَت رَڱي ڇڏيا. مَوکيءَ هنج سڀ متارا، ڍاپي ٿيا ڍيرَ، منهنجي رَت رَڱي ڇڏيا.