دَر، دَر دانهن دلال دَر، دَر دانهن دلال، هاڻي گھِٽيءَ هوڪڙا. مَٽيا مِٽيءَ مئخانه، ٿِيا سَوين سَال، هاڻي گھِٽيءَ هوڪڙا. مَٿان مَاٽا مَڌ جا، هيٺان ڪَنڌ ڪَلال، هاڻي گھِٽيءَ هوڪڙا. ڍَورن کائي ڍَو ڪَيا، پُسيل رت پَلال، هاڻي گھِٽيءَ هوڪڙا.