سڏڪا ٿيا سڏ سڏڪا ٿيا سڏ، ڪڙو ڇڳل ڪاڪ جو. گھَاڻي گھِير گھِٽيءَ ۾، هاريل منهنجا هَڏ، ڪڙو ڇڳل ڪاڪ جو. سوئي سَڏجي سِرُ، جنهن جي اَڏيءَ اَڏ، ڪڙو ڇڳل ڪاڪ جو. وَري اچو اَي وڻجارا، لَعلن ڪري لَڏَ، ڪڙو ڇڳل ڪاڪ جو.