اُڏام
هئي هنج پکي حيوان،
ماري آيو آ منهن ڪارو
تاڻي تير ڪمان.
هت پويان پاڇا ڪتبن جا،
پيا قبرن تي ٿا ايئن ڪرن،
اڀ ۾ اٽڪيل اکڙين ۾،
جيئن ڪارا بادل پيا ترن.
هت اولهه جي ڪا اوجھ ڀري آ،
ان ۾ ڪيڏا چنڊ ٻُڏن-
اڄ سرءُ جي آنڌي آئي آ،
پر نه وڻن جا پن لُڏن.
ڪو نه ڪٿي ڪو سانت جو سهڪو،
دهشت جي نه دل جو ڌڙڪو،
ڪو ڳوڙهو ڳل لتاڙي پٽ تي،
ڪِري ڪري ڪو کڙڪو.
ڪو به نه آهي، ڪو به نه آهي،
ڪو به نه آهي ڪا نه،
ماري هي منهن ڪارو پوءِ
ڇڪي ڪيئن ڪمان.
ٿو ماٺ وڄائي مٺڙا جو،
سو ساڙيو مون آ ساز،
آءٌ ڪبوتر اڇو اڀ ۾،
پيو ڪيان پرواز.
آءٌ اُڏامان اڀ مٿان پيو،
مون کي ڳولڻ اوکو آ،
متان سمجھين اڀ اڪيلو،
تنهنجي نظر جو دوکو آ.
اڇو ڪبوتر اڀ اورانگھي،
جڏهن اُڏامي ويندو آ،
اوچائين تي هوندي ڀي،
پو ڪنهن کي نظر نه ايندو آ.
سو ماري ڪيئن پسندو پنهنجي
ايڏي انوکي آهه اُڏام،
ڪيڏو قد صنوبر جو پر،
چنڊ ڇُهي ڪيئن ان جي لام.