دوري
جاڳي پيو هو من جو مور،
ڀڙڪي کائي پوءِ اُڏاميو،
هاءِ اسان جو من چڪور.
تارن ۾ سو ترندو ويو،
ايئن ڦَڙ ڦَڙ پرڙا ماري من،
سڀ ستارا سانت هيا ۽
ڪو نه چُريو ٿي ڪو ئي پن.
ايئن انڌيارن ۾ اُڏري اُڏري،
چندرما کي ويجھو پائي،
وڃي ڪريو هو اونڌي منهن
هو سڀ پنهنجا کنڀ کوهائي.
هن پنهنجا آلا نيڻ کڻي،
پوءِ سهڪي سهڪي سوچيو هو،
ڇا چنڊ رڳو ئي ڇائي آ،
هن انڌياري لئي لوچيو هو.
ٿي ڌرتيءَ تان ايئن چنڊ ڏٺو
جيئن سانوڻ ۾ ڪنهن مور ڪُٺو،
يا وسڪاري ۾ وري پيو هو
روئندي ڪنهن جو يار رُٺو.
هُت جھوني بڙ جي جھاڙين مان
پيو پورنماسي ايئن پَسي،
ڪارونجھر تي مور نچي ۽
سانوڻ جو جيئن مينهن وسي.
ايئن آڌيءَ ويلي چندرما،
جيئن اُڀ ۾ گينڊا گُل ڦُٽن،
ڇا چانڊوڪيءَ ۾ پت جھڙ هئي،
جيئن رمجھم پيلا پن ڇڻن.
ايئن ڏوران ڏوران چنڊ ڏسي،
ڇا من اسان جو هرکيو هو،
۽ چانڊوڪيءَ جي زُلفن تي،
پو هٿ اسان جو ترڪيو هو.
ايئن چندرما تي روئندي روئندي
ڏوران ٻيو هُن چنڊ ڏٺو،
هئي لارون لارون ماکيءَ ڌارا
هن جو ٿي ويو وات مٺو.
سو چنڊ نه هو سا ڌرتي هئي،
پئي چندرما تان ايئن ڏٺي،
ڪو چپڙا پنهنجا گول ڪري،
ڏي اُڀ کي آڌيءَ ويل مٺي.
ڇا ڪونئرا ڪونئرا بادل ها،
ڄڻ ململ جو ڪو گھونگھٽ هيو
ڪا ننگي چيلهه ڪلالڻ جي،
۽ ان تي مڌ جو مٽ هيو.
ڇا ڪرڻا ڪرڻا زُلف هيا ۽
مهڪيو تن جو موتيو هو،
يا اُجرو اُجرو کير مٿان،
ٿڻ کولي ڪنهن اوتيو هو.
ٿي ڌرتيءَ تان ايئن چنڊ ڏٺو،
جيئن ڪنهنجي ويهون سال وَهي،
ٿي ڌرتي چنڊ تان ايئن ڏٺي،
جيئن سونهن سموري هُوءَ هئي.
آ دوري ڪيڏي سونهن الا
ٿي ڪوڙ کي ڪيڏو روپ ڏئي،
آ ويجھو هر شيءِ واري واري
هير لڳڻ سان ڌوڙ اُڏي.