اُٺن پُٺيءَ پاکڙا اُٺن پُٺيءَ پاکڙا، ٿڪ کي ڪهڙو ٿانءُ. اڳيان رُڃ اَزل جي، ٿرين ٿوهي هَٿڙا، ٿڪ کي ڪهڙو ٿانءُ. پگھر سانوڻ سِج جو، مٽيءَ ڌوتا مَٿڙا، ٿڪ کي ڪهڙو ٿانءُ. لَڪُڻ ڦِيرائي لُڪ ۾، ڏورِن ويٺا ڏاکڙا. ٿڪ کي ڪهڙو ٿانءُ.