اَٽڪيل منهنجون اکيون اَٽڪيل منهنجون اکيون، هيءُ چانڊوڪيءَ ۾ ڪائي چکيا آ. ساز وڄائي ساهڙ ساري، سَڏيو نه پويان سکيون، هيءُ چانڊوڪيءَ ۾ ڪائي چکيا آ. چنڊُ نوائي آڱر ٻوڙي، چانڊوڪيءَ کي چَکيون، هيءُ چانڊوڪيءَ ۾ ڪائي چکيا آ.