رُڃ سان اُڃ اُجھائي رُڃ سان اُڃ اُجھائي، مِرگھ نه مرڻو آ. شايد پاڻيءَ پاڻ ٿو، ڇَال ڏئي ڇِرڪائي، مِرگھ نه مرڻو آ. وَاريءَ سُڪل وات ۾، پاڻيءَ ليئا پَائي، مِرگھ نه مرڻو آ. نِيٺ ته مَٽبي مُند، ويندي وڄ وَسائي، مِرگھ نه مرڻو آ.